رڪن الدين شاهه ڄام تماچي:
·
فيروز تغلق کينس، نمبر 1 ۽ نمبر 2 جي بجاءِ (نمبر
3 ب) سان گڏي سنڌ جي تخت تي وهاري ويو.
767
هه ۾ انهن ٻنهي کي حڪومت ملي.
چند سالن بعد هن دهليءَ جي مرڪز کان منهن موڙ ڪئي،
ڀاءَ (الف 3) وانگر هي به ڌارئي تسلط جي سخت خلاف
هو.
فيروز تغلق، 7826هه کان اڳ، علاءُ الدين جوڻي کي
نمبر 4) دهليءَ مان شيخ جلال الدين جهانيان گشت
سميت موڪليو، ڄام جوڻي کينس دهليءَ موڪليو ۽ پاڻ
ٻيو دفعو سنڌ تي حاڪم ٿيو.
نمبر
(3 ب) عفيف وارو”پسر جام“ هجڻ گهرجي.(عفيف 247)
7- ٻيو دفعو:
791هه ۾ سلطان فيروز فوت ٿيو، غياث الدين تغلق تخت
تي ويهڻ کان پوءِ ڪجهه عرصي بعد کينس سنڌ واپس
ڪيو.
هو پنهنجي پٽ صلاح الدين (نمبر 6) سميت ٺٽي پهتو ۽
بقول صاحب تحفة الڪرام ”رسيد ند و جونه را
برانداختة وارث ملک گرديدند، اول پدر و بعده
پسر—“ (خطي 32
انهيءَ
ٻئي دفعي اچڻ ۽ حڪومت ڪرڻ جي سلسلي ۾ شيخ حماد
جماليءَ جي تصوف ۽ دعا جو واقعو مشهور آهي. جنهن
کي مٿي بيان ڪري آيا آهيون، شيخ حماد جماليءَ
دعائيه بيت چيا هئا، جن مان هڪ بيت ڊاڪٽر بلوچ
صاحب”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ ۾ ڏنو آهي،
حديقة الاوليا جي عبارت آهي:
”آن بزرگوار (شيخ حماد) کہ اين اخبار شنيد، از
غايت غيرت بجوشيد، و از اضطراب برخاست، و در هجره
معبد جولاني زد، و بيتي بزبان سندهي آغاز نمود کہ
دران اظهار شوق جام تماچي و طلب وي بود... الخ-“
جڏهن ڄام جوڻي اها حقيقت ٻڌي ته پاڻ آيو، ليڪن شيخ
ڏاهنس توجهه ڪو نه ڏنو، اهو بيت هي آهي:
جوڻو، مت اوڻو، ڄام تماچي آءُ!
سٻاجهي ٻاجهه پيئي، توسين ٺٽو راءُ!
ٻئي دفعي وارد ٿيڻ جو واقعو 92-793هه کان پوءِ جو
آهي، تخت تي ويهڻ بعد تماچيءَ شيخ جي خدمت ۾ وڏي
رقم پيش ڪئي، جنهن مان، شيخ مڪليءَ واري جامع مسجد
ٺهرائي.
اهوئي
ڄام تماچي آهي، جنهن جو نوريءَ سان نينهن ٿيو،
ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي هن محل ماڙيون اڏايون، جنهن
مان هڪ جا آثار اڄ به موجود آهن.
تحفة الڪرام جي مؤلف جو قول آهي ته تماچيءَ ۽
نوريءَ جون قبرون مڪليءَ تي شيخ حماد جي گنبذ جي
ويجهو مشهور ۽ معروف آهن. – ”قبور هردو، در مکلي
ميان مقصوري معلومه پائين گنبذ شيخ حماد جمالي
يادگار است-“(خطي 32)
8- سلطان صلاح الدين ڄام اُنڙ ثاني:
پيءُ (نمبر 6) سان گڏ دهليءَ کان آيو.
پيءُ جي فوت ٿيڻ بعد تخت تي ويٺو.
9- نمبر(9) ڏيڍ ڏينهن تخت تي ويٺو(طبقات اکبري
515/3) نمبر(10) چند مهينا رهيو. نمبر (11) پيءُ
کان پوءِ تخت نشين ٿيو. ڊاڪٽر بلوچ انهن ٽنهي جي
تخت نشينيءَ جو سال سنه 816هه متعين ڪيو آهي.
نمبر(9) کي طهارت خاني ۾ ڪٺو ويو.(تحفة الڪرام
خطي32)
10- نمبر(12) جو عزيز ۽ گماشتو هو ٽي ڏينهن نمبر
12)کان پوءِ تخت تي ويٺو(طبقات اکبري 516/3)
11- سڪندر شاهه(ثاني):
ڄام محمد عرف ڄام اُنڙ(ٽيون)
مولانا علاءُ الدين منگلوريءَ ڪتاب”الزيده“ لکي
سندس نالي تي معنون ڪيو.(اهو ڪتاب قاضي اختر مرحوم
جهونا ڳڙهيءَ وٽ هو، جنهن جي وفات بعد سنڌ
يونيورسٽيءَ جي ڪتب خاني ۾ محفوظ ٿيو.)
انهيءَ ڪتاب جي مقدمي ۾ هن، هن طرح نالو لکيو آهي:
__ ” الملک المعظم محمد المعروف اُنڙ بن فتح خان
بن صدرالدين بن طماچي بن جام ”انهيءَ شجري، ڊاڪٽر
نبي بخش کي شجري جي درستيءَ ۾ وڏي مدد ڏني
آهي.(معصومي سنڌي حاشيه، آرڪائيوز ڪميشن رپورٽ
1954)
انهيءَ جي بناءَ تي نمبر14-11-10-3 ب- 2 ب جا لقب
۽ نالا متعين ٿيا آهن.(معصومي اردو حواشي ص 462)
12_ سلطان صدرالدين شاهه:
ڄام سنجر عرف راوَ ڏنو:
ڄام تغلق (نمبر 12) جي زماني ۾ ڪڇ ۾ رهندو
هو.(تحفة الڪرام خطي 32) ” در زمان جام تغلق در
کہچ ميبود و به آنمردم و صلت کرده جميعتي گرد
آورده بخبر فوت سکندر (نمبر 14) در شهر رسيده..
عيان همورا بابالت گزيدند...
هن 25 ربيع الاول 866هه کان هڪ اڌ ڏينهن اڳ وفات
ڪئي ۽ مٿين تاريخ تي سلطان نظام الدين (نمبر 16)
تخت تي ويٺو.
13- سلطان نظام الدين (ثاني) ڄام نندو:
درياءَ خان دولهه(خان الاعظم مبارک خان) پنهنجي
مقبري جو احاطو سنه 895هه ۾ ٺهرايو، اوڀارين
دروازي جي ٻاهرين پاسي کان پيشانيءَ تي هيٺيون
ڪتبو آهي، جنهن ۾ ٺاهڻ جو سال موجود آهي:
” هذالمقام في زمان خان الاعظم ميان مبارک خان بن
سلطان نظام الدين شاهه سخي حبيب الله، آغاز بنياد
من جماد الاول سنه خمس و تعين و نما نمائته“ (ڏسو
ڪتبي جي تصوير)
انهيءَ
احاطي جي ڏکڻ واري دروازي جي ٻاهرينءَ پيشانيءَ
مٿان جيڪو ڪتبو آهي، سو هن ريت آهي:
”قال
النبي صلي الله عليه وسلم اذات حبرتم في الامور و
استعينو من اهل القبور، صدق يا رسول الله هٰذا
المقام باسر خان الاعظم مبارک خان بن سلطان نظام
الدين شاهه بن صدرالدين شاهه بن صلاح الدين شاهه
بن سلطان رڪن الدين شاهه. و هو المظفر علي مغلان
الهري
والقندهار. کتبه قطب الدين الدين بن محمود- احمد
بن درياءَ خان غفرالله له-“ (ڏسو تصوير ڪتبي جي)
انهيءَ ڪتبي مان نمبر 16-15-6-3- تائين نسب نامو
درست ٿئي ٿو.
انهيءَ جي تصديق ٻئي ڪتبي مان پڻ ٿئي ٿي، جيڪو ڄام
نظام الدين جي مقبري جي اُترين بند ٿيل دروازي جي
ٻاهرينءَ پيشانيءَ تي، اڪريل آهي. اهو ڪتبو ڄام
فيروز(نمبر 17) هڻايو، جنهن مان خود سندس لقب ۽
ڪنيت به معلوم ٿئي ٿي.
”هٰذا، مرقد آ ببناء القبة الرفيعة (المنيعة)
السطلان الاعظم و الخاقان الاعدل الاکرم، ناصرالحق
والد تيا والدين، ابوالفتح السطان فيروز شاه، علي
مرقد ابيهه السلطان صلاح الدين شاهه بن السلطان
رڪن الدين شاهه بن السلطان فيروز شاهه خلد الله
ملکہ و روح روح المدفونين فيها في تاريخ سنه خمس
عشر و تسعما ته الهجري.“
اهو ڪتبو سنه 915هه ۾ اُڪريل آهي، انهيءَ مان
(نمبر 3) جي والد يعني (نمبر1) جي تصديق ٿئي ٿي.
14_ ناصرالدين ابو الفتح سلطان فيروز شاهه:
شاهه بيگ 22 شعبان 928هه جو مئو، سندس پٽ شاهه حسن
ارغون، فيروز تي رمضان ۾ حملو ڪيو هوندو.
فيروز ٺٽو ڇڏي ڪڇ ويو، جتان 50 هزار لشڪر گڏ ڪري،
موٽي اچي مقابلو ڪيائين، ۽ آخري طرح شڪست کائي
گجرات هليو ويو.
سمن جي سلسلي جو هي آخري سلطان هو، جيڪو ڌارين جي
مدالت ۽ قبضي سبب سنڌ مان نڪتو جنهن کان پوءِ
مستقل طرح ارغونن ۽ انهن کان پوءِ ترخانن سنڌ مٿان
تسلط ڪيو.
اِها آخري شڪست سال 935هه جي وچ ڌاري (ظفر الواله
138 طبقات ج 3 ص 211) کائي فيورز گجرات هليو ويو.
گجرات ۾ سلطان بهادر وٽ شوال 935هه ۾ پهتو. (مراته
سڪندري ص 240)
سلطان بهادر بن سلطان مظفر گجراتيءَ وٽ، مٽي
مائٽيءَ سبب فيورز پناهه ورتي، سلطان سندس وظيفو
ٻارنهن لک ٽنڪو مقرر ڪيو.(طبقات اکبري 211/3)
سنه 939هه ۾ فيروز پنهنجي نياڻي سلطان بهادر جي
نڪاح ۾ ڏني.
سلطان بهادر جي مدد سان فيروز، سنڌ تي وري حملي
ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو هو جو، همايون ۽ بهادر
جي درميان سال 942هه ۾ جنگ لڳي، بهادر شڪست کاڌي ۽
فيروز گرفتار ٿي پيو، همايون جي حڪم سان فيروز کي
شهيد ڪيو ويو. (طبقات ج 2 ص 35) اهڙيءَ طرح سنڌ جي
آزاد سلطنت جي اُميدن جو آخري چراغ، غريب الوطنيءَ
جي عالم ۾، هميشه لاءِ گل ٿي ويو.
فيروز ٻه دفعه تخت تي ويٺو. پهريون ڀيرو سال 914هه
۾ پيءُ جي وفات بعد. 917-919هه جي درميان کينس تخت
تان صلاح الدين بادشاهه بڻيو، اٺن مهينن بعد شاهه
بيگ جي مدد سان پرور لاهي صلاح الدين کي لاهي ٻيو
دفعو تخت حاصل ڪيو.(معصومي ص 78)
فيروز جي ٻن نياڻين ۽ هڪ پٽ جو پتو پوي ٿو. هڪ
نياڻي شيخ ابراهيم جي گهر واري هئي، ابراهيم سنه
928هه ۾ شاهه حسن جي ڪاهه ۾ شهيد ٿيو. (معصومي
142)- ٻي نياڻي 939هه ۾ سلطان بهادر گجراتيءَ کي
ڏنائين، (ظفر الواله 138) پٽن مان فقط هڪ پٽ جو
پتو پوي ٿو، جيڪو صلاح الدين سان هو ۽ جڏهن 927هه
۾ صلاح الدين پنهنجي پٽ هيبت خان سميت شهيد ٿيو،
ان وقت گرفتار ٿي شاهه حسن وٽ پيش ٿيو.(معصومي
312) بيگلر نامه ۾ صلاح الدين جي شهيد ٿيل پٽ جو
نالو فتح خان ڏنل آهي، ليڪن معصومي ۽ ٻين ماخذن ۾
ان جو نالو هيبت خان ڏيکاريل آهي. اسان جو قياس
آهي ته فيروز جي پٽ جو نالو فتح خان هو. معصوميءَ
جي عبارت آهي:
___ “....(صلاح الدين) ..... پسر خود را، هيبت خان
نام کہ داماد سلطان مظفر خان بود، برسمه مقدمه پيش
فرستاد....... پسر جام صلاح الدين...... نيز دؤران
ميان بقتل رسيد.“ (119) ... جام صلاح الدين ......
آخرکار بقتل رسيد.....“ (120)_
بيگلر نامه جي عبارت آهي_“..... در موضوع چالار
(چيلار)
کارزار واقع شد، و جام صلاح الدين بدست حميد
ساربان، و پسر جام مذکوره فتح خان از دست مير خوش
محمد بيگ لار مقتول گشتند. و چنان معلوم شده کہ
چون، سر جام مذکور و پسرش را، نزد نواب مرزا شاه
حسن آوردند، مهتر سنبل... عرض رسانيد... کہ سر پسر
فيروز، رانيز مقطوع ساخته باين دوسر، ضم کرده شود
... (17 خطي)
. فيروز جي ڪنيت ابوالفتح، انهيءَ پٽ فتح خان
جيڪري هئي. (ڏسو نوٽ نمبر 16)
. فيروز جي انهيءَ پٽ فتح خان لاءِ (نوٽ نمبر 16)
ڏسڻ کپي.
15_ صلاح الدين:
بقول مير معصوم_ ”نبيرهء جام سنجر“_ هيو. (76)
طبقات اڪبريءَ جو مصنف لکي ٿو__ ”از قرابتان جام
فيروز بود__“ (ج 3 ص 517)
نظام الدين جي وفات وقت گجرات ۾ هو، اتان سنڌ ۾
آيو. قياس جي بناءَ تي اندازو آهي ته، 17_919هه جي
درميان ڪنهن ڪنهن به سال ۾ هن فيرز کان سنڌ جو تخت
ڇڏائي ۽ اٺ مهينا پاڻ بادشاهات ڪئي (معصومي 78)
اهو اشارو انهيءَ فتح ڏانهن آهي، جيڪا درياءَ
خان دولهه ارغونن مٿان بقول فرشته سال سنه
895هه (طبقات اکبري ج 3 ص 517) ۾ حاصل ڪئي،
جنهن ۾ شاهه بيگ ارغون جو ڀاءُ سلطان محمد
مارجي ويو ۽ قنڌار ۽ هرات جي مغل لشڪر کي،
دسوا ڪندڙ شڪست آئي.
درياءَ خان سيويءَ تي ٻيهر قبضو ڪيو.
مير معصوم مقابلي جي جاءِ جو نالو ”جلوه گير“
لکيو آهي، اهو دراصل ”جلوگير“ آهي ۽ دره بولان
۾ بيبيءَ نانيءَ جو ويجهو آهي. درياءَ خان ڄام
نظام الدين جو منهن ٻوليو پٽ هو، تنهنڪري ڪتبي
۾ هن پاڻ کي نظام الدين جو پٽ ڄاڻايو آهي.
سلطان مظفر گجراتي سنه 917هه تخت تي ويٺو. صلاح
الدين جي سؤٽ، بي بي راڻي سندس گهر واري هئي. خيال
آهي ته سلطان مظفر، رمضان سنه 917هه ۾ تخت تي ويهڻ
بعد، ڪجهه وقت رکي کينس لشڪر ڏئي سنڌ اماڻيو
هوندو. زياده قرين قياس سال 918 جي آخر يا سنه
919هه جو شروع ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سلطان مظفر
تخت تي ويهڻ بعد، ضرور سال کن پنهنجي ملڪي معاملن
کي هڪ منهائتي ڪرڻ ۾ ورتو هوندو.
اٺن مهينن جي حڪومت بعد اتفاقي غلط فهميءَ سبب
خودبخود ٺٽو ڇڏي گجرات هليو ويو. (معصومي 78)
گجرات کان بقول ظفرالواله سنه 926هه ۾، سلطان مظفر
جي مدد سان (ص 138) موٽي اچي فيروز تي ڪاهه
ڪيائين. فيروز، شاهه بيگ ارغون کان ___جنهن کي
بابر قنڌار کان تڙيو هو مدد ورتي. شاهه بيگ جي پٽ
شاهه حسن ارغون ساڻس مقابلو ڪيو. معصوميءَ جي قول
مطابق سنه 927هه ۾ ۽ طبقات اڪبريءَ جي لکڻيءَ موجب
سنه 928هه ۾ جنگ ڪندي پهريون پٽس هيبت خان شهيد
ٿيو ۽ پوءِ پاڻ شهادت حاصل ڪيائين. (معصومي
76__78__119__طبقات 518/3__35/2)
پنجين تاريخ صفر جو شاهه حسن سيوهڻ پهتو. صلاح
الدين سان معرڪو آخر صفر يا شروع ربيع الاول ۾ ٿيو
هوندو. (معصومي 119__120) معصوميءَ جون وٽ مقابلو
لکيو آهي ۽ بيگلر نامه ۾ ڳوٺ چالار يا چيلار مرقوم
آهي. (خطي 17)
بيگلرنامه
هيبت خان ( معصومي 119) جو نالو فتح خان (معصومي
312) لکيو آهي، ليڪن اها سندس غلطي آهي. فتح خان
فيروز جو پٽ هو، جيڪو مقابلي وقت صلاح الدين سان
گڏ هوڳ ۽ گرفتار ٿي شاهه حسن وٽ پيش ٿيو. فيروز جي
ڪنيت ابوالفتح، انهيءَ پٽ جي ڪري هئي.
هيبت خان، سلطان مظفر خان گجراتيءَ جو نياڻو ۽
والي آسير عادل شاهه (905_ 926هه) فاروقيءَ جو
سنڍو هو. (معصومي 119_طبقات 210/3)
16_ بي بي راڻي:-
. بقول صاحب طبقات اڪبري ( 518/3) ۽ صاحب معصومي
(ص 76) صلاح الدين جي سؤٽ هئي. ظفروالواله جي
مئولف لکيو آهي ته ڄام فيروز جي سؤٽ هئي. (ص 137)
. معلوم ٿئي ٿو ته ڄام سنجر (نمبر 15) کي ٽي پٽ
هئا، جن مان هڪ نظام الدين ( نمبر 16) هو ۽ باقي
ٻن جو نالو ڪٿي ڄاڻايل ڪونه آهي. انهن مان هڪ جو
پٽ صلاح الدين ۽ ٻئي جي نياڻي بي بي راڻي هئي.
. ظفرالواله جو قول آهي ته اها شادي سلطان مظفر
سان سنه 924هه ۾ ٿي (137) ليڪن قريني مان ظاهر ٿئي
ٿو ته (معصومي ص 76) اها شادي اڳ ٿيل هئي ۽ انهيءَ
مٽيءَ مائٽيءَ جي بناءَ تي، سلطان مظفر (17-
932هه) صلاح الدين کي سنڌ تي حملي ڪرڻ ۾ مدد ڏني (
18- 919هه) ممڪن آهي ته نظام الدين جي ٻن ڀائرن جو
اولاد خانداني تڪرار سبب نظام الدين جي وقت ۾
گجرات وڃي مقيم ٿيو هجي، ۽ اها شادي 917هه يا ان
کان به اڳ صلاح الدين، سلطان مظفر سان ڪرائي هجي.
نظام الدين جي وفات وقت (سنه 914هه) صلاح الدين
گجرات ۾ هو، جتان ڪاهه ڪري آيو.
. بي بي راڻي کي ڪمزوريءَ جي شڪايت هئي. سنه 930هه
۾ جڏهن سلطان مظفر، مهراسي مان شڪار ڪري موٽي رهيو
هو، تڏهن واٽ تي بي بيءَ رحلت ڪئي. سلطان مظفر
پنهنجي والدين جي ڀر ۾ کينس دفن ڪرايو. (ظفرالوالہ
ص 120)
. بي بي راڻيءَ سان سلطان جي ڏاڍي خاطري هئي.
سلطنت جي معاملن خواهه سلطان جي ذهن تي کينس ڪامل
قبضو هو. سندس پٽ سڪندر، حسن ۽ جمال ۾ يوسف ثاني
هو. ( ظفرالوالہ (134) پيءُ کان پوءِ ٻه مهينا ۽
ارڙهن ڏينهن تخت تي ويٺو. عمادالملک کينس شهيد
ڪرايو. گجراتي سلطانن ۾ هي پهريون شهيد هو. (مراة
سڪندري ص 215--- 216)
. بي بي رانيءَ جي سلسلي ۾ هيٺيون عبارتون پڙهڻ
ضروري آهن:- ”...دراثنائيء راه بي بي راڻي__ والده
سکندر خان شاهزاده__ که عمده حرم سلطان (مظفر) و
وزير و صاحب اختيار سرکار و ممالک سلطان و با خاص
و عام شفقت مادرانه مبذول ميداشت، و در فکر صايب و
متانت رائ يگانه آفاق بود، از اين عالم فاني سفر
کرده در خطيره والده سلطان که قريب کهمدرول واقع
است، بخاک سپردند،...... از فوت بي بي راڻي، سلطان
بسيار غم و الم رويداد، چنانچه چند روز از غايت غم
و اندوه بيماري کشيد...(مراة ص 177) .......اختيار
خانه و مهمات ملک و لشکر، همه بدست بي بي راني
بوده. و هفت هزار نوڪر علوفه خود را از سرڪار بي
بي بودند......(مراة 207)
بي بي راڻيءَ مان، سلطان مظفرثانيءَ
کي ٽي اولاد ٿيا: هڪ سڪندر جيڪو گجراتي سلسلي جو
اٺون نمبر سلطان ٿيو، جنهن کي مراة سڪندريءَ جي
قول مطابق (سلطان مظفر) ... درصدر حيات، وليعهد
خود کرده بود __ ( ص 207_ ص 209). هڪ نياڻي بي بي
عائشه جيڪا فتح خان بن سلطان فيروز سمي ( نمبر 17_
19) جي گهر ۾ هئي. ۽ ٻي نياڻي بي بي رُقيه اهليه
سلطان عادل شاهه فاروقي والي آسير و برهان پوءِ
(16_926هه)
. __ رقيه شايد وڏي هئي ۽ عائشه ننڍي،...”دو دختر
داشت اسمها راجي رقيه منکوحه عادل شاهه برهانپوري،
و ديگر راجي عائشه منکوحه فتح خان بادشاهه زاده
سندهه، سڪندر خان
و هردو دختر... از يک مادر بودند،
اسمها بي بي راني....“ (مراة سکندري 206_207)
. سلطان مظفر کي بي بي راڻيءَ کان سواءِ ٻه راجپوت
زالون لکم ٻائي ۽ راڄ ٻائي هيون. جن مان ڪنهن هڪ
جي نياڻي، هيبت خان بن صلاح الدين سمي ( نمبر 18)
جي گهر ۾ هئي.
. صلاح الدين پنهنجي پٽ هيبت خان سميت، فيروز جي
مقابلي ۾ وڙهندي شاهه حسن ارغون جي لشڪر هٿان
927هه ڌاري شهيد ٿيو. فيروز جو پٽ فتح خان، صلاح
الدين سان گڏ گجرات ۾ رهندو هو. مقابلي لاءِ صلاح
الدين سان گڏ سنڌ ۾ آيو، (119 معصومي) ۽ گرفتار
ٿي، شاهه حسن وٽ پيش ٿيو. ڀائنجي ٿو، انهيءَ شڪست
کان اڳ سلطان مظفر جي نياڻيءَ سان شادي ڪري چڪو
هو. بلڪه ممڪن آهي ته هيبت خان ۽ فتح خان جون
شاديون، مظفر جي نياڻين سان، سنه 927هه کان اڳ، هڪ
وقت ٿيون هجن.
فتح خان، شڪست کان پوءِ، غالباً پنهنجي پيءُ فيروز
وٽ رهيو. جڏهن 928هه ۾ فيروز، شاهه حسن ارغون هٿان
شڪت کائي ڪڇ روانو ٿيو، ان وقت فتح خان گجرات هليو
ويو. سندس سالو سلطان سڪندر 932هه ۾ جڏهن شهيد
ٿيو، ان وقت فتح خان گجرات ۾ هو. سڪندر جي شهادت
بعد سندس ڀاءُ محمود جڏهن تخت نشين ٿيو ته، جن ٽن
اميرن سندس بيعت نه ڪئي. انهن مان هڪ، فتح خان
هو__”...سه کس بيعت نکردند......ديگر مجلس سامي
فتح خان بدهو
شاهه زاده سندهه که نسبت بدامادئ، سلطان مظفر داشت
و خواهر حقيقي سلطان سڪندر درخانه او
بود......“(مراة 218)
. محمود کي معزول ڪري، بهادر خان تخت تي ويٺو.
هيڏنهن 935هه ۾ فيروز سنڌ مان آخري طرح شڪست کائي
نااميد ٿي، گجرات هليو ويو، جتي هن 939هه ۾ پنهنجي
نياڻيءَ جو سنڱ بهادر خان کي ڏنو.
سمن، گجراتي سلطانن ۽ فاروقي شاهن جي مٽي مائٽيءَ
کي واضح ڪرڻ لاءِ شامل ڪيل شجرو (الف) ڏسڻ گهرجي.
17- بي بي مغلي ۽ بي بي مرڪي:
. اهي ٻئي شاهزاديون، ڄام تغلق شاهه جوڻي (ثاني
نمبر 12) جون نياڻيون هيون.
. ڄام جوڻون ان وقت اندروني اختلافن سبب پريشان ۽
ٻاهرين مدد جو خواهان هو.
. مولانا محمد صديقي ملتاني، ڄام جوڻي جو پير هيو.
هن کينس مشورو ڏنو ته پنهنجون ٻئي نياڻيون گجرات ۾
پرڻائي- هڪ سلطان محمد سان ٻي قطب عالم جي فرزند
شاهه عالم سان.
. ڄام جوڻي پنهنجون ٻئي نياڻيون، ٻنهي پٽن، هرهڪ
ڄام خيرالدين ۽ ڄام صلاح الدين سميت، مولانا محمد
صديقيءَ جي ذريعي گجرات روانيون ڪيون.
. انهيءَ سنڱان بنديءَ مان کينس سياسي فائدو ۽
تقويت مدنظر هئي.
. گجرات پهچڻ تي بي بي مغليءَ جو سنڱ سلطان محمد
ورتو ڇاڪاڻ ته اها شهزادي حسين هئي، ۽ مرڪي شاهه
عالم جي نڪاح ۾ ڏني وئي.
. در حقيقت ڄام جوڻي، بي بي مغلي شاهه عالم جي
لاءِ ۽ بي بي مرڪي سلطان محمد لاءِ موڪلي هئي.
ليڪن اها ردو بدل سلطان محمد، ڄام جوڻي جي موڪليل
ماڻهن سان سازش ڪري، ڪئي. (مراة سڪندري ص 66)
امڪان آهي ته انهيءَ منصوبي ۾ خود مولانا محمد
صديقي به شامل هجي.
. بهرحال بي بي مغليءَ جو نڪاح سلطان محمد واليءِ
گجرات (نمبر 463- 855هه) سان پيو ۽ بي بي مرڪيءَ
جو عقد قطب عالم (790- 858هه) جي فرزند شاهه عالم
(817- 880هه) سان ٿيو.
اهي نڪاح 47- 848هه ۾ ٿيا هوندا، ڇاڪاڻ ته انهيءَ
بي بيءَ مان سلطان محمد کي، فتح خان نالي 849هه ۾
پٽ ڄائو، جيڪو اڳتي هلي سلطان محمود بيگڙهه جي
نالي سان گجرات جو ڌوم ڌام ۽ دڌڪي وارو بادشاهه
ٿيو. (مراة سڪندري ص 46ص 27 ص 28)
. بي بي مرڪيءَ مان شاهه عالم بخاريءَ کي ٽي اولاد
ٿيا: (1) بي بي امان (2) بي بي وچين (3) بيگ محمد
عرف شاهه ڀيکن، جيڪو پنهنجي زماني جو برگزيدو شخص
ٿيو.
. جڏهن سلطان محمد ( 20 محرم 855هه) فوت ٿيو، ان
وقت فتح خان صغير هو. مارجڻ جي خوف کان بي بي
مغلي، کينس کڻي اچي پنهنجي ڀيڻ وٽ، شاهه عالم جي
گهر ۾ رهي. (مراة سڪندري 64)
. بي بي مرڪيءَ 57-858هه ڌاري انتقال ڪيو، ۽ شاهه
عالم بي بي مغليءَ سان، غالباً فورن بعد نڪاح ثاني
ڪيو.
. مراة سڪندريءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته، سلطان محمود
بيگڙو ان وقت ڏهن سالن جو هو( ص 65) انهيءَ ڪري
شاديءَ جو سال 858هه قرين قياس ٿي سگهي ٿو.
. بي بي مرڪيءَ کي احمد آباد جي ڀرسان، ڄام جوڻي
جي مقبري ۾ دفن ڪيو ويو. بعد ۾ سندس پٽ شاهه ڀيکن
به اتي دفن ٿيو. ان وقت تائين بخاري سيدن جو جدا
قبرستان ڪونه هو.
. جڏهن ڄام جوڻي پنهنجون نياڻيون ۽ شاهزاده گجرات
موڪليا، ان وقت شاهزادن پٺٽي موٽڻ جي بجاءِ اتي
مستقل قيام ڪيو ۽ سندن رهڻ لاءِ ” مَلڪ ڪوٽ“
جي نالي سان ڪوٽ ڪڍرائي، رهڻ لاءِ محل اڏيا ويا.
. جڏهن ڄام جوڻون فوت ٿيو ته، سندس لاش سنڌ مان
کڻي اتي وڃي دفن ڪيائون. سندس مقبرو سندس نالي
پٺيان مشهور آهي.
. بي بي مرڪي ۽ شاهه ڀيکن به ساڳي مقبري ۾ دفن
ٿيا. انهيءَ سلسلي ۾ مراة احمديءَ جو صاحب لکي
ٿو.”____ و جام (جونه) نيکو انجام در آنجا بنياد
قلعه نهاد که . ملک گوٽ، اشتهار داشت ... و بر طبق
و صيت ( قبر) جام مذبور، پايان شيخ ( محمد صديقي
سهروردي ملتاني) بفاصله چند ذرع واقع است. و قبر
بي بي مرکي پهلوي، پدر جانب غرب. چون مقبره. سادات
بخاري در آن وقت مقرر نه شده بود، بنا بر آن حضرت
شاهه بهيکن قدس سره طرف شرق پهلويء جام مذکور، جد
مادري خود، مدفون شدند___“ (مراته احمدي ص 32 و
تاريخ اولياءِ گجرات ابو ظفر ندوي ص 74 ص 75)
. اهو ڪوٽ قطب پور جي قريب پراڻي اساول ۾، سابرمتي
درياه جي ڪناري تي ٺاهيو ويو( مراة احمدي ص 32).
ساڳي ڪتاب ۾ آهي ته احمد آباد جي ڏکڻ ۾ درياه ڀڪ
تي آهي:
”___مزار فائض الانوار ايشان ( شاهه ڀيڪڻ) و بي بي
مرکي والده، ايشان، درمقبرهء جام جونا جد مادري
آنحضرت، برکنار جوئبار سابر جانب جنوبي بلده (احمد
آباد) واقع است. سال ولادت و رحلت (شاهه ڀيڪن)
واضح نگشته، اما روز عرس ايشان، چهاردهم ماهه رجب
است، که سکنهءِ اين جا، رفته بفاتحه و استفتاح
ميبردازند___“ (ص 26 و تاريخ اولياءِ گجرات ابو
ظفر ص 57 ص 58)
. بي بي مغليءَ جي مڙس سلطان، محمد جي فوت ( 20
محرم 855هه) ٿيڻ بعد، پهريون قطب الدين (4) تخت تي
ويٺو، جنهن بي بي مغليءَ جي پٽ فتح خان (محمود
بيگڙه) کي مارائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، ليڪن شاهه
عالم جي پناهه ۾ هجڻ سبب ڪامياب ٿي ڪونه سگهيو.
قطب الدين جي وفات ( 823هه) بعد سلطان محمد جو
ڀاءُ سلطان داؤد (5) تخت نشين ٿيو. جنهن کي ساڳي
سال گجراتي اميرن تخت تان لاهي بي بي مغليءَ جي پٽ
فتح خان کي شاهه عالم جي گهر مان آڻي 17 رجب 863هه
جو
تخت تي ويهاريو.
. مٿي ڏنل واقعن جي تائيد ۾ هيٺيون عبارتون آهن:
”___ مولانا محمد صديقي سهروردي قدس سرهه___ در
رساله _ ده حکايت _ و _ شرايف محموديه __ آورده
اند که، مولد شريف ايشان ملتان است، در نواحي تهته
و در لاهور هم تشريف داشته اند...... جام جونه که
او و پدر او، مريد و مستفيد در خدمت شريف بوده،
فرمودند:- بقايائ رسوم جاهيليت از اتباع شمام
حمولنمي گردد، اگر ازين ملک عزم ملک گجرات نمائيد.
چنانچه عَم شما فتح خان صبيهءِ خود را بحضرت قبيهء
(قطب عالم گجراتي) منسوب کرده بود، شما نيز نسبت
بنت خويش کنيد، نفع حال و ماٰل باشد.
چون آن سعادت مند، گاهي سر از فرمان ايشان نه
پيچيده بود، سمعن و طاعتاً قبول نمود، پسران خود
جام خيرالدين و جام صلاح الدين در خدمت خلف ارشد
حضرت شيخ، موسوم شيخ عبدالله، گذاشتہ باد و صبيه
در رکاب ايشان، متوجهه گجرات شد. بخاطر عاطر شيخ
بود که، دختر اجمل، بي بي مغلي بحباله نکاح حضرت
شاهيه (شاهه عالم بن قطب عالم) اختصاص يابد. اما
بکمال سعي پادشاهزاده سلطان محمد و مشورت امرا و
وزرا نظر بر کثرت شوکت و زر و خواهش اينکه، بدين
وسيله آسيبي بملک موروثي اونرسد و هدايه که لازم
بود معاف کرد، و بعقد نکاح سلطان محمد بن سلطان
احمد دادند، و سلطان محمود از و بوجود آمد.
و صبيه دوم موسوم بي بي مرگي بحضرت شاهيه منسوب
شدند. و ازيشان، حضرت شاهه بهيکن و دو دختر متولد
شدند. چون ميل خاطر حضرت شاهيہ طرف بي بي مغلي
بود، ايشان نيز حسب فرموده حضرت قطبيہ، بعد از
ارتحال سلطان محمد و همشيره خود، بشرف ازدواج حضرت
شاهيہ، مباهي شده. و سلطان محمود در زيرسايه گران
مايه تربيت يافته... ... مفصل اين مجمل در مراة
سکندري مندرج است.
حضرت شيخ، بخدمت حضرت شاهيہ رسيده استيناس يافتند،
اقتباس انوار نمودند و خلافت بيت الاصل و اجازت
گرفتند. و بقرب قطب پور در اساول کهنه بر دريائي
سابر توطن اختيار کردند.
و جام نيکو انجام در آن جا بنياد قلعه نهاد که. __
ملک گوٽ __
اشتهار داشت. و مزار شيخ همانجا
برکنار دريايء مذکوراست. و برطبق وصيت، قبر جام
مذکور پايان شيخ بفاصله چند ذرع (!) واقع است.
و قبر بي بي مرکي پهلويء پدر جانب غرب است. چون
مقبرهء سادات بخاري در آنوقت مقرر نه شده بود، بنا
بر آن حضرت شاهه بهيکن.... .... طرف شرق، پهلوئي
جام مذبور جد مادريء خود مدفون شدند. و رحلت شيخ
چهاردهم شهر ذي قعده( 879هه) روئداده. اولاد و
احفاد ايشان در ملتان و گجرات باقيست.
انهيءَ عبارت جو ترجمو محبوب ذي المنن تذڪرهء
اوليايء دکن (ج 2 ص 924) ۾ آهي. جنهن ۾ هيٺيان
فقره خاص آهن. __ جام جونه آپکا مريد و معتقد تها،
اوربني اعمام کي تنازع کي وجهه سي پريشان و و
پراگنده رهتا تها. آپني (يعني مولانا محمد ني ) اس
سي کها که اگر آپ .... ... منسوب کرين تو آپکي لئي
مفيد هو گا____ مراة احمديءَ جو ترجمو ابو ظفر
ندويءَ اردوءَ ۾ ڪيو آهي. جنهن ۾ آهي ته: __ حسب
ارشاد، اپني دونون لڙکيون کولي کر گجرات آيا. __
يعني پاڻ ڄام جوڻو نياڻين کي وٺي گجرات آيو ( ص
74) مولانا محمد سهرورديءَ جي وفات جو مهينو ترجمه
۾ بجاءِ ذي القعده جي ذي الحجه لکيل آهي. ابو ظفر
لکي ٿو ته __ شيخ نورالدين ۽ سندس اولاد مولانا جي
خاندان مان آهن، ۽ علم ۽ تقويٰ ۾ مشهور آهن.
(75 مطبوعه حمايت الاسلام پريس لاهور ( 1933ع).
مراة سڪندريءَ ۾ انهن شادين جو مذڪور هن ريت آهي:-
”__ بي بي مرکي زوجه شاهه عالم پناه، رخت اقامت
ازين سر اي فاني بجهان جاوداني کشيد، شاهه عالم
پناه بي بي مغلي را اعلام فرمودند که: تا خواهر
شما در حيات بود، نسبت محرميت بما داشتيد، الحال
لايق آنست که شما از بر ايء خود منزل علاحده
اختيار کنيد. ازين سخن بغايت حزين خاطر گشت، و با
جام فيروز کہ عم او بود، گفت: کہ اول پدرو مادر
مرا بخدمتگاري حضرت شاهه قرار داده بودند. سلطان
محمد مراز رويء تحڪم در جاله نکاح خود در آورد. __
و آن چنا بود که: جام جونه پادشاهه سند دو دختر
داشت، بي بي مغلي و بي بي مرگي نام. بي بي مرگي را
سلطان محمد خواستگاري کرده بودند، و بي بي مغلي را
بحضرت شاهه عالم پناه چون سلطان محمد آوازه جمال
بي بي مغلي را شنيده، پيشوا يان جام را پارهء بزرو
و پارهء بزر راضي باين ساخت که: بي بي مغلي را
بسلطان دهد و بي بي مرگي را بشاهه عالم پناه. چون
اين خبر بشاه رسيد قصه وار اين حقيقت را بعرض قطب
الاقطاب.... رسانيدند. آنحضرت فرمودند:”ٻئي تسان
دي نصيب هون.“.يعني اي فرزند! نصيب شما در هر دو
مقدر است.
القصه چون حضرت شاهه عالم پناهه ميل خاطر بي بي
مغلي بر اين وجهه يافت ......... بي بي مغلي را در
نکاح خود در آوردند. بي بي مغلي عاشق وار و کنيزک
کردار کمر خدمت بسته، شب و روز ساعي حصول رضايء
آنحضرت ميبود...“(ص 67 تا 71).
18- ڄام فيروز عم بي بي مغلي:-
. مراة سڪندري ۾ بي بي مغليءَ جي احوال هيٺ آهي
ته: شاهه عالم سان نڪاح ثاني ڪرڻ وقت هُن پنهنجي
چاچي ڄام فيروز کان پڇيو:-” __ با جام فيروز که
عَمّ او بود گفت که: اول پدر و مادر مرا بخدمتگاري
حضرت شاهه ( عالم) قرار داده بودند. سلطان محمد
مرا از رويء تحکم در جالهء نکاح خود در آورد__“(ص
77 مطبوعه 1831ع ص 22 مطبوعه 1890ع 38 انگريزي
ترجمه فضل الله 89 برودا 1961ع)،
انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿو ته صدرالدين ڄام سڪندر
شاهه اول (نمبر10) سمي کي ڄام فتح خان(نمبر 11) ۽
ڄام تغلق جوڻي (نمبر 12) کان سواءِ، ٽيون پٽ به
هو(؟) جنهن جو پٽ مٿي ذڪر ڪيل ڄام فيروز هو.
19- دختر ڄام فتح خان- ڄام خيرالدين- ڄام صلاح
الدين:-
. جئين مٿي پڙهي آياسين، ڄام جوڻي (نمبر 12) کان
اڳ سندس چاچو (؟ڀاءُ) ڄام فتح خان (نمبر 11) سيد
قطب عالم کي پنهنجي نياڻي ڏئي مثال پيدا ڪري چڪو
هو. مراة احمديءَ ۾ عَم شما فتح خان __
لکيو ويو آهي. مطبوعه نسخن ۾ ڪتابت ۽ ڇاپي جون
گهڻيون ئي غلطيون آهن. ممڪن آهي ته فتح خان بجاءِ
(عَمَّ) جي _ ”برادر شما فتح خان“ __ هجي. ڇاڪاڻ
ته فتح خان، ڄام جوڻي جو ڀاءُ هو، جيڪو نسب نامه ۾
نمبر يارهون آهي.
. اهو پڻ ٿي سگهي ٿو ته ڄام فتح خان ( نمبر 11) نه
هجي بلڪ صدرالدين ڄام سڪندر شاهه اول (نمبر 10) کي
ڄام ڪرن (نمبر 9) سان گڏ ٻيو ڀاءُ فتح خان نالي
هجي، جنهن پنهنجي نياڻي شاهه قطب عالم کي ڏيئي
مثال پيدا ڪيو.
. انهيءَ بي بيءَ (بنت ڄام فتح خان) جي نالي جي،
خبر پئجي نه سگهي. شاهه قطب عالم جي گهر وارن ۾ هڪ
کي ”ڄامزادي“ لکيو ويو آهي. جنهن مان شاهه مؤصوف
کي ٻه نياڻيون ٿيون. بي بي فردوس ۽ بي بي شاهه
مريم. قوي امڪان آهي ته اها ”ڄام زادي“ ڄام فتح
خان (نمبر 11) جي نياڻي هجي. (تذڪرهءِ مخدوم
جهانيان از سخاوت ميرزا ص 126 بحواله مناقب برهاني
ص 88)
. ڄام تغلق (نمبر 12) جي ٻن پٽن هر هڪ ڄام
خيرالدين ۽ ڄام صلاح الدين جو پتو مراة سڪندري ۽
مراة احمدي جي مٿين حوالن مان پيو، ورنه ٻيو ڪو به
ذريعو ڪونه هيو.
20- بنت بهرام خان پادشاهزاده سندهه:-
. سلطان بهادر کان پوءِ، گجرات جي تخت تي سلطان
محمود (نمبر 12) بن لطيف خان بن سلطان مظفر ثاني (
نمبر7) تخت نشين ( سنه 943هه) ٿيو.
. انهيءَ سلطان محمود جي والده، بهرام خان سنڌيءَ
(؟) جي نياڻي هئي. جنهن لاءِ مراة سڪندريءَ جو
صاحب لکي ٿو ته:- ”__ درسنه ثلث و اربعين و
تسعماية سلطان محمود بر تخت سلطنت گجرات جلوس
فرمود. و در آن وقت عمر شريفش بسن يازده رسيده بود
والده سلطان، بنت بهرام خان بادشاهزاده سند بود__
از نسل تميم انصاري رضي لله عنه __ (299 طبع 1831ع
و برودا ايڊيشن 1961ع ص 329).
21- فتح خان بن سلطان نظام الدين و ميان تاج
الدين همشيره فتح خان:-
. مڪليءَ تي، ڄام نظام الدين واريءَ ايراضيءَ ۾ هڪ
مقبرو آهي، جنهن ۾ اندر اولهه طرف کان محراب جي
ساڄي پاسي واريءَ ديوار ۾ پٿر جو هڪ ڪتبو سال
878هه جو لڳل آهي جنهن جي عبارت آهي_
(1)
... ... ... ... ... ... ... ... ... ... ...
(2)
... ... هذا المقام للراجي الي (رحمته الله) تعليٰ
تمهيدا العمارت باءمر تاج الدنيا و
(3)
الدين ميان تاج الدين همشيره ميان فتح خان
(الف) بن سلطان نظام الدين شاهه خلد
(ب)
ملکه و سلطانه في سنه ثمان و سبعين و ثمان مائة
(ج) در ماه ربيع الاول روز پنجشنبہ
___ . مٿئين ڪتبي مان معلوم ٿئي ٿو ته فيروز (17)
کان علاوه به سلطان نظام الدين (16) کي فتح خان
نالي هڪ پٽ هو.
___ . اهو فتح خان، فيروز کان وڏو هو ۽ سال 878هه
۾، جنهن وقت تاج الدين اهو مقبرو جوڙائي ڪتبو
هنيون، جيئرو هو.
__ . ڄام فيروز پنهنجي پٽ فتح خان (نمبر 14) جو
نالو پنهنجي انهيءَ فوت ٿيل وڏي ڀاءُ جي نالي
پٺيان رکيو ٿو ڀائنجي.
___ . تاج الدين پاڻ کي ڪتبي ۾ همشير فتح خان
ڄاڻايو آهي.
___ . همشير يا همشيره فارسيءَ ۾ کيرپياڪ (ماٽيلي)
ڀاءُ کي چئبو آهي يعني رضاعي ڀاءُ. هڪ ماءُ جو کير
پيتل هجي ۽ پيءُ جدا هجن.
(Steingass-Faster-Brother)
. ٿي سگهي ٿو ته تاج الدين جي والد جي انتقال بعد،
ڄام نظام الدين سندس والده سان شادي ڪئي هجي.
___ . اهو به ممڪن ٿي سگهي ٿو ته تاج الدين جي
والده سان نظام الدين سندس والده جو نڪاح نه ٿيل
هجي بلڪه، فتح خان انهيءَ مائيءَ جو فقط کير پيتو
هجي.
___ . تاج الدين جو والد چونڪه غير معروف هوندو،
تنهن ڪري ان جو نالو ڪو نه ڄاڻايائين. نظام الدين
جو پٽ لکي ڪونه ٿي سگهيو. تنهن ڪري وقت جي شاهزادي
سان همشيريءَ واري نسبت کي، هن پنهنجي اهميت جو
بنياد بڻايو ٿو ڏسجي.
___ . مقبرو سرن جي چؤديواريءَ سان ٺهيل آهي ۽
مٿانس گنبذ به سرن جو هيو. جنهن جو وچ ڪري پيو
آهي.
2- ملک راڄ پال:
ساڳيءَ نظام الدين واريءَ ايراضيءَ ۾ هڪ ٻيو مقبرو
آهي، جنهن تي هيٺين عبارت جو ڪتبو آهي:
(1)
هَذَالمقال الراجي الي رحمة الله تعليٰ ملک راج
بال بن.
(2)
ملک انر بن ملک راهو بن ملک رايدهن بن ملک راهو بن
فيروز.
(3)
شاهه سلطان. اللهم بَرد مضجعہ و نور قبره و انس
وحشہ.
___. اها پڙهڻي محڪمه آثار قديمه وارن جي آهي ۽
سندن قول مطابق مقبرو، جنهن تي اهو ڪتبو آهي،
نائين صديءَ جي آخري چوٿائيءَ جو جڙيل ڏسڻ ۾ اچي
ٿو.
انهيءَ ڪتبي جي عبارت مان نتيجو نڪري ٿو ته، ملڪ
راڄ پال سلطان فيروزشاهه ڄام انڙ اول (نمبر 1__
37_753هه) جي اولاد مان هو، فيروز شاهه کي
صدرالدين ڄام بانبنيه ثاني 53_768هه (نمبر 2 _
الف) ۽ رڪن الدين شاهه ڄام تماچي (نمبر 3 الف ۽ 5)
کان علاوه، ٽيون پٽ ملک راهو هو، جنهن جي اولاد،
ملک جو اعزازي لقب اختيار ڪيو.
23- ڄام بابنيهه (2/الف) ڄام تماچي (3/الف) ڄام
جوڻو(4):
هن سلسلي ۾ حاشيه نمبر (4_5_6_7) ذهن ۾ رکي هيٺيون
اضافو پڙهڻ گهرجي.
___ . ضياء برني تاريخ جي خاتمي ۾، چنگيزي مغلن جي
حملي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: مغلن جا حملا جيڪي هنن،
فيروزشاهه جي سرحد ۾ ٽپي ڪيا، جن ۾ گجرات ۽ ملتان
جي حدن اندر انتشار پيدا ٿيو، اهي ناڪام ٿيا. انهن
۾ هنن پنهنجو نقصان ڪرائي، هر بار هزيمت کاڌي.(ص
601)
. عين الملک ماهرو، جيڪو فيروز شاهه جي ابتدائي
دؤر ۾ ملتان جو گورنر هو، گجرات جي گورنر ڏانهن هڪ
خط لکي ٿو، جنهن مان ظاهر آهي ته، مذڪوره حملن ۾
ٺٽي جا حڪمران، ڄام جوڻو (4) ۽ ڄام بابنيهه (2
الف) پڻ مغلن سان شريڪ هئا.
___ . جڏهن مغل پنهنجن حملن ۾ ناڪام ٿيا، ان وقت
ٻنهي ڄامن، شيخ الاسلام صدرالدين ملتاني (متوفي
بعد از 766هه) ۽ شيخ جلال الدين جهانيان جهان گشت
کي وچ ۾ آڻي، مرڪزي حڪومت سان صلح صفائي ڪئي.
___ . انهيءَ سلسلي ۾ عين الملک ماهروءَ جي هيٺ
ڏنل خطن ۾ خط نمبر ( 8 ۽ 46) پڙهڻ گهرجن.
___ . منشات ماهرو جي روشنيءَ ۾ ڊاڪٽر رياض
الاسلام نتيجو ڪڍيو آهي ته اِهي واقعا 762هه _
1360ع تا 764هه _ 1325ع ۾ وقوع پذير ٿيا.
حقيقت ڪينءَ آهي، ليڪن واقعات جي هڪ صورت هيٺين
ريت به آهي.
فيروز شاهه، 765_766هه ڌاري دهليءَ کان روانو ٿي،
اجوڌن، بکر ۽ سيوهڻ جي رستي کان اچي، پنجن هزارن
ڪشت جي ٻيڙي سان ٺٽي، تي پهريون حملو ڪيو. جنهن ۾
شڪست کائي ڪڇ جي رڻ مان سخت جاني تباهي سهند و
گجرات پهتو. (عفيف 145_149)
___ . 767 ۾ گجرات کان وڏين تيارين بعد فيروز،
ٻيهر موٽي اچي، ٺٽي مٿان دوباري ڪاهه ڪئي.
. انهيءَ ڪاهه هلندي مخدوم جهانيان کي اُچ مان
گهرايو ويو، جنهن اچي ٻنهي ڌرين ۾ صلح ڪيو. مخدوم
جهانيان جي اچڻ جو ذڪر ملفوظات ۾ هن طرح آيو آهي:
”__ ايشان در تته که بار دوم سلطان مرحوم فيروز
شاهه بقصد بانبهينه و جام رفتند، حضرت
مخدوم قطب عالم نيز برائي آوردن جام بانبهينه
رسيده اند، تا اصلاح دهند، زيراچه، کرت اول که
سلطان مذڪور مرحوم قصد تهته، کرده بودند، خيلي
خرابي مسلمانان شده بود
مخدوم جهانيان جي ٻي ملفوظات”سراج الهدايه“ ۾ ساڳي
ڳالهه ڪرامتن جي رنگ آميزيءَ سان هن ريت آئي آهي:
”__حکايت: اندرانچہ سلطان سلاطين فيروز شاهه در
تهته برفت، از هردو جانب مرد مان گفتند: اسلام روئ
خرابي آورد!. ليکن دست شفاعت بر (؟) سيد جلال
الدين آورده ايم، اصلاح (به) برکت خاندان رسول
(صلي الله عليہ وآلہ وسلم) خواهدشد.
شب جمعه ميان شب قطب العالم از نماز تهجد فارغ
شدند، فرمود(ند): دستارشيخ رکن الدين بياريد!__
آوردند _ درسر بستند، مناجات کرد (ند):
خداوندا!__جام بهمن (بابنيهه) بربادشاهه دهلي
برسان!_ آواز از غيب شنيدند! مادعاءِ ترا قبول
کرديم! بغير مشقت، ما ايشان را بر بادشاهه دهلي
آريم!
بامدادشد، اين کيفيت بر سلطان فيروزشاهه، ارکان
دولت او گفتند، و جمله لشڪر شادان گشتند.
وقت چاشت ندا آمد که: جام خدمتي برفيروز شاهه آمد.
بعضي ارکان دولت گفتند: بزرگ بهمن (بابنيهه) است،
چون او نيابد اصلاح نيست!
باز شب سيدالسادات مشغول شدند، ناگاهه ميان شب
گفتند: کسي از آن بهمن (بابنيهه) اينجاست! سيد
قاسم بيدار بود، گفت: نيست! فرمودند: تو بيا و هفت
بار بگو بهمن بيا! سيد قاسم بر حکم اشارت
سيدالسادات گفت.
بامداد شد. دوازدهم ماه ربيع الاآخر بهمن(بابنيهه)
با متعلقان خود آمد و درپائي عمادالملک افتاد. و
وي وقتي خوب، سلطان فيروزشاهه را ملاقات کنانيد.
___ . مٿين ٻنهي عبارتن جي انداز مان ظاهر آهي ته
:
(1)
پهرين دفعي ناڪام ٿي وڃڻ بعد، جڏهن فيروز وڏيون
تياريون ڪري ٻيهر موٽي آيو، ان وقت پڻ پنهنجي
مڙسيءَ تي سنڌين مٿان سڌي سئين فتح حاصل ڪري ڪو نه
سگهيو.
(2)
جاني نقصان ڪافي کان زياده ٿيو، جنهن مان صاف
معلوم ٿئي ٿو ته، سنڌين جوانمرديءَ سان مقابلو
ڪيو، پاڻ به مئا ۽ ڌارين کي به خوب ماريائون، سندن
دفاعي تنديءَ ۽ توانائيءَ ۾ رتيءَ ماتر فرق ڪونه
آيو.
(3)
پهرينءَ فارسي عبارت جي ٽڪري __ نيز برائ آوردن
جام و بابنيهه رسيده اند __ يا پوئين اقتباس ۾
جيڪي جهاڙ ڦوڪ جا ڪاڍا بيان ڪيا ويا آهن، اهي
ڏيکارين ٿا ته، سنڌين تي سڌي فتح حاصل ٿيندي نه
ڏسي، مجبوريءَ ۽ معذوريءَ وچان فيروز شاهه، مخدوم
جهانيان کي اُچ مان گهرايو.
(4)
هُن بزرگ سڌو اچي شاهي لشڪر گاهه ۾ مصلو وڇايو، ۽
جن کي هندي حمله آور جون گوليون نيچو نوائي نه
سگهيون، انهن کي زير ڪرڻ لاءِ، دعا، تهجد، ۽
مناجات جا تير تفنگ استعمال ڪيا ويا.
(5)
آخر الله سائينءَ ٻڌي ورتي __ خداوندا! جام بهمن
بر بادشاهه دهلي برسان! __ ما دعاءِ ترا قبول
کرديم! بغير مشقت ما ايشان را بر بادشاهه دهلي
آريم!__
(6)
جڏهن مخدوم جي طرفان نويد ملي، ان وقت __ جمله
لشڪر شادان شدند __ يعني مس وڃي شاهي لشڪر جي پڙ
مرده چهرن تي، انهيءَ مزدي رونق آندي. ٿڪل ۽ چڪنا
چور جسمن ۾ نئون روح پيدا ٿيو، مسين وڃي سندن جان
۾ جان آئي.
(7)
مطلب ته مسلمانن جي هڪ آزاد مملڪت کي تهه و بالا
ڪرڻ لاءِ، محمد تعلق جي دؤر ۾ جيڪو منصوبو سٽيو
ويو هو، سو اهڙيءَ ريت ٽينءَ لشڪر ڪشيءَ بعد،
فيروز جي دؤر ۾ مخدوم جي ”ڪرامتن“ سبب ”شاهي فتح و
نصرت“ جي صورت ۾ مڪمل ٿيو ۽ ميان مظهر ڪڙي جي قول
مطابق، انهيءَ”جهاد“ ۾ فيروزشاهه ”معجزو“
ڪري ڏيکاريو.
___. سنڌي حڪمرانن، تدبر ۽ دانشمنديءَ کان ڪم
ورتو. وقت جي تقاضا ۽ مصلحت ان ۾ هئي ته هو فيروز
سان ٺاهه ڪري، سنڌ جي مسلمان کي ناحق جي خونريزيءَ
کان بچائي وٺن ۽ هندي مسلمانن جي رتوڇاڻ ۾ وڌيڪ هٿ
نه رنڱين، جيڪي محض فيروز جي حرض ۽ هٺ جي پورائي
لاءِ، پنهنجا اهل عيال ڇڏي، زوريءَ برٿي ٿي، سڄي
هندستان جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪشالا ڪڍندا ڌوڙ اڏائيندا،
هتي پهتا هئا. آخر ڪهڙي ضرورت هئي جو مسلمانن جو
رت، ناحق ۾ وهائي عاقبت لاءِ ابدي خساري ۽ خجالت
جو ڪارڻ پيدا ڪن. ٺاهه ٿيو!
(1)
نالي ماتر کين دهليءَ جي بالادستي تسليم ڪرڻي پئي.
۽ نشان طور سنڌ جي خزاني مان ڪجهه ٽڪا مرڪز کي هر
سال ڏيڻن پيا.
(2)
سنڌ جي حڪومت بدستور سندن خاندان ۾ رهي.
(3)
ملڪ کي مصيبت مان بچائڻ خاطر، کين پاڻ مٿان تڪليف
سهڻي پئي. ٻئي ڄام ترڪ وطن جي صعوبت سر تي سهي،
دهليءَ وڃي مقيم ٿيا. جتي اوتري ئي رقم دهليءَ جي
خزاني مان خرچ ڪندا رهيا، جتري سنڌ مان خراج طور
پهچائي وئي ٿي.
___ . اهو جيڪي ڪجهه ٿيو، سو مصلحت خاطر ۽ وقت
ٽارڻ لاءِ. ڌارين جي بالادستي بطيب خاطر قبول ٿيل
ڪا نه هئي. غيرت مند قوم ۽ استقلال پسند ملڪ، آخر
ڪيستائين اهو چُٽو، پنهنجي دامن تي لائي سگهيو
ٿي؟.
راءِ تاچيءَ ستت ئي آزاديءَ جو اعلان ڪيو.
___ . سنڌين کي سڌيءَ طرح زير ڪرڻ جي همت، ساري
ڪونه سگهيو__ فيروز، ڄام جوڻي کي اُماڻيو ۽ مخدوم
جهانيان کي به ساڻس گڏي موڪليائين:- جيڪو ان وقت
دهليءَ ۾ شاهي مهمان هو ۽ دهليءَ جي بادشاهت سان،
سندس دنيوي دوستيءَ جا گهرا ۽ گهاٽا تعلق هئا.
___. اڳ به مخدوم وچ ۾ پيو هو ۽ هاڻي به وچ ۾ پوڻ
جو ڪم کائنس ورتو ويو.
___. سنڌي نيڪ دل، نيڪ نيت ۽ پير فقير کي ضرر رسان
حد تاءِ مڃيندڙ آهن. چنانچه مخدوم ٺٽي پهچي
نامعلوم عهدو پيمان تي، ڄام تماچيءَ کي ساڻ ڪري
دهليءَ روانو ٿيو. ڄام جوڻو سندس بجاءِ سنڌ جي
حڪمرانيءَ تي فائز ٿيو.
___. ٺٽي مان ڄام تماچيءَ جي نڪري وڃڻ جو واقعو،
سال 772هه جي رجب مهيني ۾ ٿيو.(جنوري 1371ع)،
چنانچه” سراج الهدايه“ ۾ آهي ته :
” __ باز گشتن سيدالسادات، (مخدوم جهانيان) از مهم
تته، درسمت حضرت دارالملک دهلي، درماه رجب اثنان و
سبعين و سبعمائة __ “
767هه کان 772هه تائين، ڇهه سال کن، سنڌ جي
سرداري، پهريون دفعو ڄام تماچيءَ جي حوالي رهي.
772هه کان وٺي فيروز شاهه جي وفات (791هه) کان
چند سال پوءِ تائين ڄام جوڻي اها ٻئي دفعي جي
حڪومت ماڻي. ان بعد غياث الدين جي دہر ۾ ڄام
تماچيءَ موٽي اچي واڳون ورتيون. جنهن دوباريءَ آمد
جي سلسلي ۾، حماد جماليءَ جي دعا وارو واقعو مشهور
آهي.
منشات ماهرو جا متعلقه خط:
. هن هيٺ ”منشات ماهرو“ مان عين الملک عين
الدين عبدالله بن ماهروءَ جا اُهي خط
ڏجن ٿا، جن جو تعلق فيروز شاهه تغلق، ڄام بابنيهه،
ڄام جوڻي ۽ ڄام تماچيءَ جي دؤر سان آهي. خطن جي
پوري عبارت ڏني ويئي آهي، جيئن ضرورت جي وقت اصحاب
تحقيق کي خط جي سموري مطلب مان آگاهي حاصل ٿئي.
___ . هرهڪ خط جي فارسي متن مٿان، چند سٽن ۾ خط جو
حاصل مطلب سنڌيءَ ۾ ڏنو وڃي ٿو.
خط نمبر (1):
هي فيروز شاهه جو فرمان آهي، جنهنجي ذريعي هن
پنهنجي پٽ ناصرالدين فتح خان(
کي سنڌ جو ملڪ سپرد ڪندي، سنڌ جي باشندن کي اطاعت
جي هدايت ۽ فتح خان کي انصاف ۽ عدل ڪرڻ جي تلقين
ڪئي آهي.
_____________
اين منشور بجهت تفويض اقليم سند بر مجلس عالي خان
اعظم و خاقان معظم همايون فتح خان __ لا زال
عالين و علي الکرام والين __ صادر شده.
الله اعلي وحمده اولي. چون مالک الملک تعليٰ و
تقدس که منشور جلال او بتوقيع __ توتي الملک من
تشاءِ __ موشح و محلي و فرمان واجب المتثال او
بطفراءِ غراء __ بيده ملکوت کل شيء __ مزين و مجلي
است، تاج جهان باني بر فرق همايون مانهاد، وتيغ
کشور ستاني که مؤيد بتائيد آسماني ست، به قبضهء
اقتدار ما داد، و ما را از جميع مکنونات و جمهور
موجودات برگزيد، و رقم __ السلطان ظل الله باوي
الِه کل ملهوف __ بر صفحات روزگار ماکشيد، و بصفت
نصفت و سيرت معدلت موفق گردانيد، بر اي ايتمار او
امر ما، ندايء __ اطيعو الله و اطيعوا الرسول و
اولي الامر منکم __ بگوش هوش عالميان رسانيد. و
مورد انصاف مارا از شائبهء جور و اعتساف مصفي کرد،
و قصيدهء دولت مارا بشاهه بيت کرن مقفي گردانيد،
تا براي استدامت اين کرم مرفور و استقامت اين نعم
نامحصور زبان بحليهء حمد محلي مي داريم، شکر حق و
حق شکر که از قوت بشري بيرون و از طاقت انساني
افرون است، بقدر استطاعت بجا مي آريم و بر وعدء __
لئن شکر تم لاء زيد نکم __ و ميعاد __ الشاکر
يستحق المزيد __ ازدياد نعم را منتظر و مترقب مي
باشيم. و بر صحائف حسن نيت و صفائح نقاء طويت نقش
__ الشففہ علي خلق الله __ مي نگاريم و چنان مي
خواهيم از کافهء رعايا وا عامء برايا که درظل ظليل
رافت ما آسوده، و اهل بغي و فساد و ظلم و عناد
بپائمال دمار ستوه گردند. تا مطيع و عاصي و اذ ناب
و نواصي و داني وقاصي بر حسب کردار برسنت کر دار
جز اي اعمال خود يابند __ ان احسنتم احسنتم لا
نفسکم و اِن اساتهم فلها __ بدين موجب، رغبت نيکو
کاران بر اطاعت و فرمان برداري و مطاوعت نيکوکاري
مي افزايد، و بد کرداران را، از پاس سياست
پادشاهانا ما، اعتبار انتباه و اندحار و انزجار
حاصل مي آيد. و چون اين قوانين که ممهد ارکان
جهانداري و موکه بنيان شهرياريست استمرار يابد.
بلاد و امصار و قري بتضاعقف عمارت پذيرد و جهان
نضارت و طراوت روضهء رضوان گيرد. و همه همت
پادشاهانه و نهمت خسروانهء ما، بران مقصود و مصروف
ست که، در اقطار و انحاءِ و اکناف و ارجاءِ صيت
عدل و احسان ما، شايع و مستفيض شود.
الحق چهرهء اين مراد جز به آئينهء معاونت فرزندان
شايسته __ که سرمايهء لطف الهي و واسطهء عقد
پادشاهي اند __ جمال ننمايد. بر سوابق اين مقدمات
اقليم ولايت سند که اعظم بلادست بفرزندي که
__ اکرمو اولاد کم __ و نور حدقهء پادشاهي و نور
حديقهء شاهنشاهي و درهء تاج سلطنت و غره جبهه
مملکت و ساعه ملک و ملت و بازويء دين و دولت، اعني
ناصرالحق والدين المويد من السماءِ المظفر علي
صفوف الاعداء اعظم همايون فتح خان لا زال عالياً و
علي الکرام والياً __ مفوض فرموديم. و زمام حل و
عقد و عزل و نصب و قبض و بسط و منع و اعطاء بقبضهء
شهامت و بنان حزامت او سپرديم. و بر سبيل تذکار
وصيت مي فرمائيم تا: در عنفوان شباب و ريعان عيش
اسباب و غلواي سلطنت و تائيد مملکت چون در کمال
قدرت خود نظر کند، از عجزي که مستلزم به نيت
انساني ست ياد گيرد، و خوف و خشيت باري جل و علي
نصب عين خود دارد، و تقويٰ و پرهيزگاري و حسن
معامله و نيکو کاري، شعار ايام دولت و دثار اعوام
حشمت خود سازد. و امارت دنيا که دولت فاني است، در
آن حسن عمل چنان پيش گيرد که بد آن وسيلت بنعيم
ملک جاوداني که __ واذا راءيت ثم راءيت نعيما و
ملکا کبيرا __ صفت اوست برسد، و قلم تقدير بر
منشور نهاد او توقيع __ اهل المعروف في الدنيا اهل
المعروف في الاآخرة کشد. و در تعمير بلاد و ترفيه
عباد و اعانت در بارهء عموم رعاياي خراج گزار و
عنايت بجمهور بر اياي فرمان بردار، بذل مجهود و
مصروف دارد، و دقيقهء از دقايق اين کار فرونگذارد.
و اقتناي تقوي و نيکوکاري و ادخار ثناي جميل و
پرهيزگاري زاد معني داند. و آثار __ التعظيم لا
مرالله هي الشفتة علي خلق الله __ کي اخلاق عالم
ازان روشن و گيتي از انوار آن مزين گردد، از مساعي
مشکوره ظاهر گرداند. وسّر معنيء __ کلکم راع و
کلکم مسئول عن رعية __ بگوش هوش خود و امراي ولايت
که بجناب عالي نسبت فرزندي دا رند، امروز فرود
خواند تا فردا از تبعهء ندامت و عتبهء ملامت مصنون
مانده، عدل و احسان و فضل و امتنان، که نيکنامي
دنيا بدان منوط و رستگاريء آخرت بدان مربوط است،
فرض عين و عين فرض شمرد. چه مر ولاة را هيچ عبادتي
ستوده تر، از عدل و احسان، و هيچ سيرتي پسندينده
تر، از فضل و احسان نيست. زيرا که نصب اصحاب امت
براي آنست که فوائد و عوائد مساعي جميل ايشان، به
همگنان از وضيع و شريف و قوي و ضعيف برسد. و اين
نوع تعذري تمام دارد و بي واسطهء اين خصال حميده
دست ندهد. چنانچه درباب رعايت رهايا اندرز فرموده،
هم در بارهء طبقات حشم و طوائف خدم که حماة جنح
ملک و ملت و حفظهء بيضهء دين و دولت اند، زيادت
وصيت مي فرمائيم، که ذات ملک بدين دوپاي قويم و
مستقيم است __ لا ملک الاّبالعسکر
ولاّعسکرالاّبالمال ولا مال الابالرعية و لا رعية
اِلا بالعدل و السياسة __. و تکريم اولاد رسول و
تفخيم احفاد بتول، که از سادات عادات، عادات سادات
است، سعادت عظميٰ و دولت کبريٰ تصور کند. و اين
ذريعه را بر اي شفاعت سيدالبشر و شفيع روز محشر،
سبب قوي و موجبي منجي داند، و نقش مودت ايشان
بنگار __ الاالمودة في القربيٰ __ بر صفح حسن نيت
و صحيفه نقاي طويت نگارد، و آن را سعادت دارين
پندارد. و چنان بايد که علماءِ که و ورثهء انبياءِ
و حملهء علوم انبيا و امناي خدا و اصفياي مصطفيٰ
اند، بعين عنايت و فرط رعايت او ملحوظ و محفوظ
باشند. و به خاک پاي مشائخ و صلحاءِ که، اقطاب دين
و اوتاد زمين و اصحاب عزيمت و اربابِ طريقت اند، و
از عالمِ ناسوت بملک لاهوت ترقي نموده، و از
مقاسات مجاهده بانس مشاهده رسيده تبرک نمايد. و در
ترفيه حال و تطبيب مال و توسيع ارزاق هريک ازين
طبقه کرام، که بهترين انام اند، انفاق تيسر و توفر
فرمايد. و تفضيل اهل غزو و جهاد که فضليت ايشان به
فحواي __ فضل الله المجاهدين با الموالهم و انفهم
علي القاعدين درجة __ معلوم و مقرر و مفهوم و مصور
است، برسنت الٰهي به تقديم برساند. و اعطاي ارزاق
مقاتلان و ذراريء ايشان، که در بيت خراج اهل و
انصار جميع طبقات را به تيخ جهان کشاي کفيل اند، و
ديار اسلام به حمايت اينان محمي و مصئون و ثغور، و
اماکن بعيده به پاس ايشان مامون ست، اهم داند. چه
تيره شب حوادث صبح مراد از تجلي انوار تيغ اينان
يافت. و را اي را بر شجاعت مقدم داند، شعر.
الراي قبل شجاعة الشجعان هو اول وهي المحل
الثاني
و اگر خصم چيره راي به مهاونه پيش آيد، تقبل آن
بقول __ و ان جنحو اللسلم فا جنح لها __ کند. و
درين، خود را تهاون و اذلال نداند. و بذل و اعطاءِ
وجود و سخا بر مقتضاي بيت:
نه بذلي، که طوفان بر آرد زمال نه صرفي، که تنگي
درآرد به حال از صرفهء تفريط و افراط اجتناب
نمايد. وسوي منهج __ خيرالامور او ساطها __ گرايد.
قال عزمن قائل __ والذين اذا انفقوا لم يسرفوا ولم
يقتروا و کان بين ذلک قواما __ و ترجيح موازين جمع
بر مقادير خرج مصلحت داند، تا کار ملک بر او آسان
شود. و اگر چيزي ذخيره کند به نيت نوائب و انتظام
جمهور روا باشد. و درحلم و عفو که طريقه ستودهء
انبياءِ ست، باقصي الغاية وا ابعد النهاية بکو شد،
تا در زمرهء __ والکا ظمين الغيظ و العافين عن
الناس __ پيشوا و انگشت نما گردد. امّا بر نهجي که
جهت صلابت فامرعي نماند. کما قال الله تعليٰ:- ولا
تاخذ کم بهما راءفة في دين الله __ و کما قال
الشاعر:
لا خير في حلم اذا لم يکن لہ بوادر يحمي صفوة ان
يکدرا و در حد فرمان سياست، از هوا جس نفساني و
نزغات شيطاني، محترز و مجتنب باشد. و جان آدمي که
درثمين و علق مرضيه است، و جز از درياي ايجاد و
تکوين حضرت رب العالمين بيرون نيايد، از هلک و تلف
مصئون و محروس شناسد. و در زمان فوران سخط و غضب،
چيزي که تلافي و عوض آن، در زمان رضا از حيز قدرت
بشري و امکان طاقتِ انساني بيرون باشد، نه شتابد.
و باز با اين همه طائقه که به بغي و طغيان و تمرد
و عصبان تمادي نمايند، در قمع و قلع ايشان صلاحِ
دين و دولت، و خير ملک و ملت تصور کند. و در کسر
قوت و منعت ايشان بر مقتضاي آنکه __ بيت:
مخالفان تو، موران بدند، مار شدند بر آور از سر
موران مار گشت دمار مده زمار نشان، پيش روزگار
مبرکه ازدها شود، از روزگار، آخر مار مبادرت
نمايد. و اگر مجرمي جاني و مذنبي خاطي به امهال و
اعتذار و اذ يال اسغفار تشبث و تمسک کند، بر حسب
آنکه __ بيت:
چون به گنه معترف آيد کسي عفو نکو ترز سياست بسي
امان و عفو خود را، بر قبضهء زمام شرع نگاهبان و
پاسبانِ ايشان دارد. و زمام کار ديوان و وزارت بر
دست کفاة و زراء که به رزانت راي مشهور و متانت
عقل مشکل کشاي مذکور و به امانت مشار اليه و به
ديانت متفق عليه باشند، به سپارد، تا عروس مراد از
آئينه مطلوب جمال نمايد. چه جمع اموال به ادخار
نيکنامي بي واسطهء محاسن تدبير کفاة وزراءِ که به
حليهء امانت و کفايت محليٰ و نيز در ديانت و صيانت
متجلي باشند، دست ندهد. مع ذلک، چون بدين جمله نصب
فرموده باشد استطلاع احوال ايشان در ذمه همت واجب
ولازم داند، تا از هر که امانت و کفايت و صيانت
احوال بي خيانت و پرورشِ رعايا وصيت نيکنامي محسوس
و مکشوف شود، او را به مزيت انعام محظوظ و به وفور
عواطف و مکارم و فرط عوارف و مراحم محفوف دارد، و
عنان عنايت بر صوب او معطوف گرداند، و از طبقہ که
خيانت و مداهنت و تخريب بلاد و تعذيب عباد معاينه
افتد، در صرف و عزل آن تاني جائز ندارد، و بر
اندازه جرايم ايشان تبکيت و تعيرک نمايد، تا
همگنان بر منهج راست کاري و سداد وجاده کوتاه دستي
و رشاد به رغبت استقامت کنند و از خيانت و عدوان
به سوي امانت و انابت گرايند. و دهاقين بزرگران را
که جملهء ارزاق بني آدم ان برقضيهء__ التموا الرزق
من خبايا الارض__ از بدکار و ستيز کارمتغلبه محفوظ
دارد، و به اصحاب ديوان خود به فرمايد: تا مال
معامله به حسن مجامله به وقت بستانند، و مي
فرمائيم تا در امورِ عظام که در حيز مثيت باشد، با
خردمندان کار ديده و در خورِ عواقبِ اُمور به
تجارت ايام رسيده مشورت کند، و ابن را به مقتضاي__
و شاور هم في الامر فا ذا عزمت فتو کل علي الله_
مبار تصور فرمايد. بيت:
هر که، در واقعات، با عقلا نکند مشورت به
صدق و سداد
گرچه رايش، و خور بود روشن نه نمايد رهش به
سوي مراد
وطائفهء را که درموقف خدمت، به حسن اخلاص و
عبوديت قيام نمايند، به عين رافت و نظر شفقت مرموق
دارد، و مکافات خدمتِ ايشان را از لطف فرو نگذارد.
و به آنان که به خدمتي استمرار نمايند و از اصرار
به سوي اعتذار نه گرايند به تبعية و معية با خود
نه گرداند. چه در نهادِ ملک هيچ چيزي قادح تر ازين
نيست، که بکي در نيک خدمتي قيام ورزد و او از
لطائف مرحمت محروم ماند. و ديگري در بد خدمتي مصر
و مستبد باشد و تدارک آن بدو نه رسد__ بيت:
هر کجا داغ با يدش فرمود چون تو مرهم نهي،
ندارد سود
سيد امراء و کبراء و رايان و راجگان و مقدمان و
ساير سکان اقليم سنده
آنکه: برين مرحمت که در باب ايشان مبذول فرموديم،
و اين اقطاع را به ايالت آن فرزند مخصوص
گردانيديم، شفقت کمال دانند، و بدين موجب به دعاء
دولت قاهره__ تبت الله ارکانها و مهد بنيانها__
ثبات نمابند_ و مثال اين فرزند را ممائل فرمان ما
دانند، تا به اجمال و ارضا مخصوص گردند. به مثبت
الله تعاليٰ و عونہ.
|