|   
                                
                                
                                ٽه
                                
                                
                                واٽو 
                                  
                                        
                                
                                پيرسن 
                                
                                انسان
                                
                                نه
                                
                                
                                ڄاڻان 
                                ڪڏهن 
                                کان
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                ٽواٽي تي 
                                بيٺو هو. هر ايندڙ 
                                ويندڙ ڏانهن 
                                گهوري نهاريندو هو ۽
                                
                                وري
                                
                                پنهنجي
                                
                                خيالن
                                
                                
                                ۾
                                
                                مگن
                                
                                
                                ٿي
                                
                                ويندو
                                
                                هو.
                                
                                بک
                                
                                
                                ۽
                                
                                اڃ
                                
                                
                                کان بي نياز، 
                                مندن جي 
                                چڪرن کان بي 
                                خبر، وقت جي 
                                وهڪري کان 
                                ويڳاڻو 
                                پوڙهو اتي ئي 
                                بيٺو 
                                رهندو هو. گهٽ ۾
                                
                                گهٽ
                                
                                آءُ
                                
                                
                                کيس
                                
                                اتي
                                
                                ئي
                                
                                بيٺو
                                
                                
                                ڏسندو
                                
                                آيو
                                
                                هوس.
                                
                                منهنجو
                                
                                بانبڙا
                                
                                
                                پائيندي ابهم پڻو 
                                گذري 
                                ويو. 
                                ٺينگ 
                                ڏيندي ٻال اوستا
                                
                                
                                گذري 
                                
                                وئي. ڪر 
                                موڙيندي جواني آئي 
                                
                                ۽ 
                                
                                چوٽيءَ 
                                
                                تي نوڻ جا
                                
                                
                                وار
                                
                                ورائڻ
                                
                                لڳي.
                                
                                پر
                                
                                پوڙهو
                                
                                انسان اهوئي گهٽ 
                                جهليو 
                                بيٺو 
                                رهيو. آءُ هن کي 
                                تعجب مان 
                                ڏسندو 
                                
                                هوس ۽
                                
                                پنهنجي
                                
                                واٽ
                                
                                وهي
                                
                                ويندو
                                
                                هوس.
                                
                                هڪ
                                
                                رات
                                
                                جڏهن
                                
                                آسمان
                                
                                تي
                                
                                چوڏهين
                                
                                جو
                                
                                چنڊ
                                
                                چٽاڻو
                                
                                هو،
                                
                                جڏهن
                                
                                موسم
                                
                                اونهاري وارا
                                
                                
                                تَو 
                                ڇڏي 
                                
                                سياري 
                                
                                جي 
                                خنڪين کي ڳراٽڙي پائڻ لاءِ 
                                
                                وڌي رهي 
                                هئي، 
                                جڏهن 
                                سنجها
                                
                                
                                لاڪئون 
                                
                                ئي ماحول
                                
                                
                                ۾
                                
                                هلڪو
                                
                                هلڪو
                                
                                غبار
                                
                                حلول
                                
                                
                                ٿي
                                
                                ويو
                                
                                هو،
                                
                                آءُ
                                
                                لنگهندي
                                
                                لنگهندي
                                
                                پوڙهي
                                
                                وٽ
                                
                                بيهي
                                
                                رهيس.
                                
                                
                                ڪيتري
                                
                                دير
                                
                                آءُ
                                
                                پوڙهي
                                
                                جي
                                
                                منهن
                                
                                
                                ڏانهن نهاريندو 
                                رهيس ۽
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                ڪنڌ
                                
                                ورائي
                                
                                دور
                                
                                خلا
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڇانيل ڌنڌ ۾
                                
                                نهاريندو
                                
                                رهيس.
                                
                                مٿي
                                
                                آڪاس
                                
                                
                                ۾
                                
                                چوڏهينءَ
                                
                                جو
                                
                                چنڊ
                                
                                
                                ڌنڌ
                                
                                سان
                                
                                راند
                                
                                رچائي
                                
                                بيٺو
                                
                                هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                ائين
                                
                                پئي
                                
                                محسوس
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                ڪنهن 
                                
                                
                                جادونگريءَ 
                                ۾ 
                                
                                اچي 
                                بيٺو 
                                آهيان، جتي هر طرف اپسرائون 
                                
                                آسماني 
                                
                                سنگيت 
                                ڇيڙي، 
                                ڪو 
                                
                                مٺڙو 
                                سنگيت آلاپي 
                                رهيون آهن ۽
                                
                                انهي
                                
                                گيت
                                
                                جو
                                
                                ميٺاج
                                
                                امرت
                                
                                بنجي
                                
                                منهنجي
                                
                                روح
                                
                                
                                ۾
                                
                                اچي
                                
                                رهيو
                                
                                آهي.
                                
                                جيئن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                ننڍڙو
                                
                                
                                ٻالڪ 
                                جذبات 
                                کان
                                
                                بيتاب
                                
                                
                                ٿي
                                
                                پنهنجي
                                
                                پيءُ
                                
                                جي
                                
                                آڱر
                                
                                جهليندو
                                
                                آهي
                                
                                يا
                                
                                جيئن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                ٻڏندڙ
                                
                                ماڻهو
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                لڙهندي
                                
                                بنڊيءَ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                کڻي
                                
                                سيني
                                
                                سان
                                
                                لائيندو
                                
                                آهي،
                                
                                منهنجي
                                
                                من
                                
                                جي
                                
                                موج
                                
                                مون
                                
                                
                                کي
                                
                                مجبور
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏيو ۽
                                
                                مون
                                
                                پنهنجو
                                
                                هٿ
                                
                                وڌائي
                                
                                پوڙهي
                                
                                انسان جو هٿ 
                                پڪڙي 
                                ورتو. 
                                هٻڪي 
                                پيس، نه ته دل ته چيو پئي ته ان 
                                کي 
                                کڻي 
                                
                                هانءَ 
                                
                                سان
                                
                                لايان. ”بابا“ 
                                
                                مون بي اختيار
                                
                                پوڙهي
                                
                                
                                کي
                                
                                پڪاريو. 
                                        
                                ”جيءُ 
                                
                                بابا“
                                
                                پوڙهي
                                
                                ائي
                                
                                وراڻيو
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                ڏور
                                
                                خلائن
                                
                                مان
                                
                                
                                ڌوڪيندو
                                
                                منهنجي
                                
                                مدد
                                
                                
                                کي
                                
                                پهتو
                                
                                هجي. 
                                        
                                ”تون 
                                
                                هن ٽه واٽي تي 
                                ڪڏهن کان 
                                بيٺو 
                                آهين؟ ڇو 
                                بيٺو 
                                آهين؟ 
                                ڪنهن جو انتظار
                                
                                اٿئي؟“
                                
                                مون
                                
                                هڪ
                                
                                ئي
                                
                                ساهيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڳپل
                                
                                جيترا
                                
                                سوال پڇي 
                                ڪڍيا.
                                
                                پوڙهو
                                
                                مرڪيو.
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                ازل
                                
                                
                                کان انهن سوالن کان آگاهه هو. ڄڻ جنم جنم ۾
                                
                                ماڻهو
                                
                                اچي
                                
                                هن
                                
                                
                                کان اهي سوال 
                                
                                پڇندا
                                
                                رهيا
                                
                                هئا. 
                                        
                                ”ٻڌندين؟“ 
                                
                                پوڙهي 
                                
                                ائين چيو ڄڻ 
                                چوندو هجي:
                                
                                
                                ”دم اٿئي ايترو؟“ 
                                        
                                ”ها
                                
                                بابا“ مون ائين وراڻيو ڄڻ 
                                چوندو هجان: ”هيڻو 
                                
                                اٿم هڏ، پر 
                                سٽون 
                                ڏسندين ماهه 
                                جون.“ 
                                        
                                ”چڱو 
                                ٻڌ.“ 
                                
                                پوڙهي 
                                
                                چوڻ 
                                شروع 
                                ڪيو.“ صديون اڳي جي ڳالهه آهي آءُ اڃا
                                
                                
                                ڳڀرو
                                
                                هوس.“
                                 
                                        
                                ”صديون 
                                
                                اڳي بابا!
                                
                                
                                تون صدين کان هن ٽه واٽي تي 
                                بيٺو 
                                آهين.“ مون کي 
                                رهيو نه ٿيو ۽
                                
                                رڙ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                پڇي
                                
                                ويٺس.
                                
                                
                                ”هاڻي ٻڌ ني!
                                
                                ائين وچ ۾
                                
                                
                                ٽوڪيندي
                                
                                ته
                                
                                
                                ڳالهه 
                                ڪيئن 
                                پوري 
                                ٿيندي. صديون اڳي کان نه آءُ ازل کان هن ٽه واٽي تي 
                                ٽليو 
                                آهيان. خضر 
                                پنهنجي ادبي 
                                زندگي مون کان بيک پني وٺي ويو هو. مون 
                                زندگيءَ جا
                                
                                
                                خزان
                                
                                مفت
                                
                                لٽايا
                                
                                
                                آهن پر مون وٽ اڃا
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                ڪمي ڪانه 
                                آهي. هن ٽه واٽي سان 
                                
                                روح
                                
                                
                                اٽڪي 
                                
                                پيو اٿم. 
                                تڏهن اتي 
                                بيٺو 
                                رهيو 
                                آهيان_ 
                                
                                ها_
                                
                                سو
                                
                                
                                ڳالهه پئي ڪيم ته صديون اڳي جي ڳالهه آهي ۽
                                
                                آءُ
                                
                                اڃا
                                
                                
                                ڳڀرو هوس پر ان 
                                ڏينهن 
                                
                                ارسطو ۽
                                
                                بقراط
                                
                                جي
                                
                                
                                ڳالهه اهڙي لڳم جو آءُ اتي ئي 
                                بيهي 
                                رهيو 
                                آهيان 
                                ۽ 
                                
                                وري ڪهن پار 
                                
                                پير ڪين 
                                ڀريو اٿم. ڳالهه ڪائي به ڪانه 
                                هئي. 
                                جيڪا
                                
                                
                                واٽ
                                
                                تون
                                
                                منهنجي
                                
                                
                                ڪنڌ
                                
                                پٺيان
                                
                                
                                ڏسين
                                
                                
                                ٿو
                                
                                اها
                                
                                
                                ماضيءَ مان 
                                
                                آئي 
                                آهي. اڳي آءُ 
                                جيڏانهن 
                                تيڏانهن 
                                گهمي 
                                سگهندو هوس ۽
                                
                                دل
                                
                                گهرندي
                                
                                هيم
                                
                                ته
                                
                                ماضيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                به
                                
                                پري
                                
                                پري
                                
                                
                                ڪهي
                                
                                ويندو
                                
                                هوس.
                                
                                ان
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                آءُ
                                
                                ائين
                                
                                ماضيءَ
                                
                                مان
                                
                                پسار
                                
                                
                                ڪندو
                                
                                هن
                                
                                
                                ٽه
                                
                                واٽي
                                
                                
                                کي
                                
                                اوڏو
                                
                                
                                ٿيس
                                
                                ته
                                
                                آڏو
                                
                                ارسطو
                                
                                
                                ۽
                                
                                بقراط
                                
                                ويندا
                                
                                نظر
                                
                                آيم.
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                ۾
                                
                                بحث
                                
                                
                                ڪري
                                
                                رهيا
                                
                                هئا. آءُ سڻائو ٿيس ته هنن جو ڳالهاءُ
                                
                                چٽو
                                
                                
                                ٻڌي
                                
                                سگهيس.
                                
                                آڏو
                                
                                جي
                                
                                
                                ٻه
                                
                                راهون
                                
                                
                                ڏسين
                                
                                
                                ٿو
                                
                                ارسطو
                                
                                انهن
                                
                                مان
                                
                                
                                کٻي
                                
                                هٿ
                                
                                واري
                                
                                راهه
                                
                                
                                کي
                                
                                صحيح
                                
                                
                                ۽
                                
                                سڌي
                                
                                راهه
                                
                                چئي
                                
                                رهيو
                                
                                هو.
                                
                                بقراط
                                
                                ارسطوءَ
                                
                                جي
                                
                                
                                ڳالهه کي غلط چئي سڄي هٿ واري راهه کي صحيح
                                
                                
                                ۽ 
                                
                                سڌي راهه چئي 
                                رهيو هو. هو 
                                ڪيتري دير هن ٽه واٽي جي وچ ۾
                                
                                بيهي
                                
                                تڪرار
                                
                                
                                ڪندا
                                
                                
                                رهيا. 
                                
                                ان 
                                
                                بعد ارسطو ساڄي هٿ واري
                                
                                راهه
                                
                                وٺي
                                
                                هليو
                                
                                ويو
                                
                                
                                ۽
                                
                                بقراط
                                
                                
                                کاٻي هٿ واري واهه 
                                نڪري 
                                ويو. ارسطو ۽
                                
                                بقراط
                                
                                پنهنجي
                                
                                پنهنجي
                                
                                راهه
                                
                                وٺي
                                
                                ويا
                                
                                هليا
                                
                                
                                پر آءُ هن ٽه واٽي تي 
                                بيهي 
                                رهيس ۽
                                
                                سوچڻ
                                
                                لڳس
                                
                                ته
                                
                                ارسطو
                                
                                سچ
                                
                                پئي
                                
                                چيو.
                                
                                
                                ڪيترا
                                
                                
                                سال 
                                
                                ائين 
                                سوچيندي 
                                گذري ويا
                                
                                
                                پر 
                                
                                آءُ 
                                ڪنهن 
                                نتيجي تي ڪين 
                                پهچي 
                                سگهيس. 
                                پوءِ مون کي خيال 
                                
                                آيو ته ارسطو ۽
                                
                                بقطرا
                                
                                جي
                                
                                هن
                                
                                تڪرار
                                
                                سان
                                
                                منهنجو
                                
                                
                                ڪهڙو
                                
                                واسطو
                                
                                
                                ۽
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ڇو ائين 
                                بيٺو آهيان 
                                .مون کي محسوس ٿيو ته آءُ اجايو 
                                بيٺو 
                                آهيان 
                                ۽ 
                                
                                هن 
                                بيهڻ مان 
                                ڪو 
                                
                                به لاڀ 
                                ڪين 
                                ٿيڻو 
                                
                                آهي. پر 
                                پوءِ مون کي خيال 
                                
                                آيو ته آخر هي ”لاڀ“ ڇا
                                
                                
                                آهي؟ 
                                
                                زيان
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                آهي؟ 
                                
                                هي به ته هڪ سوال 
                                
                                آهي ۽
                                
                                آءُ
                                
                                ان
                                
                                جو
                                
                                جواب
                                
                                به
                                
                                نه
                                
                                
                                ڳولي
                                
                                سگهيو
                                
                                آهيان.
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ڪو 
                                ٻيو 
                                
                                سوال
                                
                                جو
                                
                                جواب
                                
                                هٿ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                سگهيو
                                
                                هوندو؟
                                
                                مون
                                
                                سوچيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                پوءِ
                                
                                مون
                                
                                
                                کي
                                
                                خيال
                                
                                آيو
                                
                                ته:
                                
                                
                                آخر 
                                
                                هيءُ آءُ ڇا
                                
                                
                                سوچي 
                                
                                رهيو آهيان؟ آخر آءُ ڇو 
                                سوچيندو ٿو رهان؟ ۽
                                
                                جيڪڏهن
                                
                                آءُ
                                
                                نه
                                
                                سوچيان ها
                                
                                
                                ته 
                                ڇا
                                
                                
                                ڪريان ها؟ 
                                ۽ 
                                ڇا
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                ڪيان ها
                                
                                
                                سو 
                                
                                هن سوچ کان سٺو ٿئي ها؟ 
                                
                                وري مون 
                                سوچيو:
                                
                                هي
                                
                                
                                ”سٺو“
                                
                                
                                ڇاهي؟ 
                                ”خراب“ ڇاهي؟ 
                                ڪيترا
                                
                                
                                ته 
                                
                                سوال
                                
                                آهن
                                
                                منهنجي
                                
                                ذهن
                                
                                
                                ۾.
                                
                                
                                ڪير
                                
                                مون
                                
                                
                                کي
                                
                                سوالن
                                
                                جا
                                
                                جواب آڻي 
                                ڏيندو؟ صديون 
                                گذري 
                                ويون. مون کي هن ٽه واٽي تي 
                                بيٺي. سوالن جا
                                
                                
                                کيپ 
                                
                                جهنگلي 
                                
                                ولين وانگر مون کي 
                                وڪوڙي 
                                
                                جڪڙي ويا
                                
                                
                                ۽ 
                                
                                مون انهن کي 
                                ويڙهي 
                                سيڙهي هڙ ٺاهي کڻي 
                                پنهنجي مٿي تي 
                                رکيو. اڄ 
                                
                                تائين 
                                
                                هن ٽه واٽي تي 
                                بيٺو 
                                آهيان 
                                
                                ته شايد
                                
                                
                                ڪو
                                
                                اچي
                                
                                هي
                                
                                ويڙها
                                
                                سلجهائي ۽
                                
                                مون
                                
                                
                                کي
                                
                                هنن
                                
                                سوالن
                                
                                جا
                                
                                جواب 
                                ڏئي. اڃا
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                ڪين
                                
                                آيو
                                
                                آهي.
                                
                                پر
                                
                                مون
                                
                                اڃا
                                
                                
                                آس نه لاٿي 
                                آهي. 
                                هيءُ پاسي ۾
                                
                                مندر
                                
                                
                                ڏسين
                                
                                
                                ٿو.
                                
                                سومنهنجي
                                
                                
                                ڏسندي
                                
                                
                                ڏسندي
                                
                                
                                ٺهيو
                                
                                آهي.
                                
                                اڳي
                                
                                اتي
                                
                                وڻراهه
                                
                                هئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                مينهن
                                
                                پئي
                                
                                پاڻيءَ
                                
                                جون
                                
                                نيون
                                
                                سوسٽ
                                
                                
                                ڪنديون
                                
                                وهنديون
                                
                                رهنديون
                                
                                هيون.
                                
                                پريان
                                
                                جو
                                
                                قدرتي
                                
                                چشمي
                                
                                جي
                                
                                
                                ڪوسي
                                
                                پاڻي
                                
                                وارو
                                
                                تڙ
                                
                                
                                ٺهيل
                                
                                آهي.
                                
                                اهو
                                
                                اتي
                                
                                
                                ڪين
                                
                                هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                چشمي
                                
                                مان
                                
                                نڪتل
                                
                                پاڻي
                                
                                
                                ٽڪرن
                                
                                
                                ۽
                                
                                پٿرن
                                
                                سان
                                
                                
                                ٽڪرائجي 
                                جلترنگ ڳائيندو. 
                                
                                هڪ 
                                سنهي اڏ 
                                
                                جي شڪل ۾
                                
                                وهي
                                
                                وڃي
                                
                                ندي
                                
                                
                                ۾
                                
                                آبپشار
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ڪرندو
                                
                                هو.
                                
                                اپسرائون اتي اشنان 
                                ڪنديون ۽
                                
                                ديوتا
                                
                                دل
                                
                                لٽائيندا
                                
                                
                                هئا. 
                                        
                                
                                ان 
                                
                                بعد هن 
                                مندر جو باني هتي آيو ۽
                                
                                سِرَ
                                
                                سِرَ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                هن
                                
                                هي
                                
                                مندر
                                
                                
                                ٺاهيو. 
                                قدرتي 
                                وڻراهه، 
                                نديون، نالا
                                
                                
                                ۽ 
                                
                                چشما
                                
                                
                                سڀ 
                                
                                هن 
                                مندر جي بانيءَ 
                                پنهنجي رنگ ۾
                                
                                رنگي
                                
                                
                                ڇڏيا. 
                                
                                اپسرائن 
                                کي 
                                
                                هن 
                                پرلوڪ اماڻي ڇڏيو ۽
                                
                                ديوتا
                                
                                جي
                                
                                هن
                                
                                وڻراهه
                                
                                
                                ۾
                                
                                دل
                                
                                لٽائيندا
                                
                                
                                ويندا
                                
                                
                                هئا
                                
                                انهن
                                
                                
                                کي
                                
                                پٿر
                                
                                جو
                                
                                روپ
                                
                                
                                ڏئي،
                                
                                پنهنجي
                                
                                مندر
                                
                                
                                ۾
                                
                                بند
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏيائين. هزارين ماڻهو دور 
                                ديسن کان ڪهي 
                                مندر ايندا
                                
                                
                                هئا
                                
                                
                                ۽
                                
                                پٿر
                                
                                
                                ٿيل
                                
                                ديوتا
                                
                                اڳيان 
                                ڀيٽا
                                
                                رکندا
                                
                                هئا. 
                                مندر جو باني اها
                                
                                
                                سموري 
                                ڀيٽا
                                
                                گڏ
                                
                                
                                ڪندو
                                
                                هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                ان
                                
                                
                                کي
                                
                                يا
                                
                                پنهنجي
                                
                                
                                ڪتب
                                
                                آڻيندو
                                
                                هو
                                
                                يا
                                
                                مندر
                                
                                جي
                                
                                بنيادن
                                
                                مضبوط
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                ۾
                                
                                خرچ
                                
                                
                                ڪندوهو.
                                
                                ائين
                                
                                جيئن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                واپاري 
                                پنهنجي دڪان 
                                
                                جي ڪمائيءَ مان 
                                
                                هڪ حصو 
                                
                                پاڻ
                                
                                تي
                                
                                خرچ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ۽
                                
                                باقي
                                
                                پنهنجي
                                
                                دڪان
                                
                                
                                کي
                                
                                سينگارڻ
                                
                                
                                ۽
                                
                                سنوارڻ
                                
                                
                                ۾
                                
                                خرچ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏي. هڪ 
                                ڏينهن 
                                مندر جو 
                                پوڄاري 
                                مندر جي در تي آيو ته وڌي وڃي 
                                
                                اوڏو ٿيو مانس. مون 
                                پنهنجي سوالن جي هڙ مٿي تان 
                                
                                لاهي 
                                
                                هن جي 
                                پيرن وٽ 
                                رکي. 
                                پوءِ ان 
                                کي 
                                کولي 
                                کيس 
                                
                                پنهنجي 
                                
                                ويچارن 
                                
                                جا
                                
                                
                                ويڙها
                                
                                
                                ڏيکاريم.“ 
                                        
                                ”هنن 
                                
                                ويڙهن 
                                
                                مان
                                
                                هڪ
                                
                                اڌ
                                
                                سلجهائي
                                
                                
                                ڏينم،
                                
                                ته
                                
                                جيڪر
                                
                                
                                ڏاڍو 
                                ٿورائتو ٿيانءِ.“ 
                                 مون منٿ ڪيس 
                                مندر جي 
                                پوڄاري 
                                منهنجي وچارن جا
                                
                                
                                ويڙها
                                
                                
                                ڏسي،
                                
                                منتر
                                
                                جهپڻ
                                
                                شروع
                                
                                
                                ڪيا. پر شايد هن جي 
                                منترن ۾
                                
                                اثر
                                
                                
                                ڪين
                                
                                هو.
                                
                                شايد
                                
                                منهنجا
                                
                                ويڙها
                                
                                
                                اهڙا
                                
                                
                                هئا
                                
                                جو
                                
                                هن
                                
                                جو
                                
                                وس
                                
                                نه
                                
                                هلي
                                
                                سگهيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                ويڙها
                                
                                جيئن
                                
                                جو
                                
                                تيئن
                                
                                پيا
                                
                                رهيا. ان 
                                
                                بعد 
                                پوڄاري مون کي اپديش ڏيڻ 
                                شروع 
                                ڪيو. هن مون کي 
                                ديوتائن جو خوف ڏياريو. جنم جنم جا
                                
                                
                                چڪر 
                                
                                سمجهايا.
                                
                                
                                ڊوڙي
                                
                                وڃي
                                
                                شاستر
                                
                                
                                کڻي
                                
                                آيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                مون
                                
                                
                                کي
                                
                                پڙهي
                                
                                
                                ٻڌايائين پر مون تي ڪو به اثر ڪين 
                                ٿيو. ڀلا
                                
                                
                                جن 
                                
                                ديوتائن 
                                کي 
                                
                                مون 
                                پنهنجي پاسي 
                                بيهي 
                                کيڏندو 
                                ڏٺوهو، انهن کان آءُ 
                                ڪيئن پئي ڊڄي 
                                سگهيس ۽
                                
                                منهنجو
                                
                                هڪ
                                
                                جنم،
                                
                                جو
                                
                                هيترو
                                
                                
                                ڊگهو
                                
                                
                                ٿي
                                
                                پيو
                                
                                هو،
                                
                                سو
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ٻين
                                
                                جنمن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪهڙي
                                
                                دلچسپي
                                
                                وٺي
                                
                                سگهيس.
                                
                                پوڄاريءَ
                                
                                
                                ڪيتري
                                
                                دير
                                
                                تائين
                                
                                اپديش
                                
                                
                                ڏيڻ
                                
                                بعد
                                
                                به
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                ڏٺو
                                
                                ته
                                
                                مون
                                
                                تي
                                
                                
                                ڪو
                                
                                اثر
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ٿئي
                                
                                ته
                                
                                هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪاوڙ اچي وئي 
                                ”توتي 
                                ديوتائن جو ڏمر آهي تون 
                                ڪڏهن به صحيح
                                
                                
                                راهه 
                                
                                نه 
                                ڳولي 
                                سگهندين. 
                                آئيندي جوڻ ۾
                                
                                تون
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                هچاري
                                
                                پسون
                                
                                جي
                                
                                پيٽ
                                
                                مان
                                
                                جنم
                                
                                لهندين
                                
                                
                                ۽
                                
                                پوءِ
                                
                                هڪ
                                
                                هزار
                                
                                جنمن
                                
                                تائين
                                
                                
                                ڪشالا
                                
                                
                                ڀوڳي، 
                                
                                تون نيٺ مانس جي جوڻ 
                                لهندين، پر 
                                تڏهن به 
                                شودر جي گهر ۾
                                
                                جنم
                                
                                ملندءِ.
                                
                                پوءِ
                                
                                جيڪڏهن
                                
                                تو
                                
                                شاسترن
                                
                                جو
                                
                                بالڻ
                                
                                
                                ڪيو،
                                
                                ته
                                
                                نيٺ،
                                
                                چئن
                                
                                ئي
                                
                                جاتين
                                
                                جنم
                                
                                وٺڻ
                                
                                
                                کانپوءِ 
                                توکي 
                                مڪتي 
                                ملندي.“ 
                                مڪتي ڇا
                                
                                
                                هي؟ 
                                
                                ملي ته ڇا
                                
                                
                                ٿيندو؟ 
                                
                                نه ملي ته ڇا
                                
                                
                                ٿيندو؟ 
                                
                                انهن سوالن جا
                                
                                
                                جواب
                                
                                پوڄاري
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ڏنا
                                
                                
                                ۽
                                
                                آءُ
                                
                                مندر
                                
                                جي
                                
                                در
                                
                                تان
                                
                                هٽي
                                
                                آيس.
                                
                                گهڻا
                                
                                سال 
                                گذري ويا. 
                                
                                پوڄاريءَ 
                                
                                جو 
                                مندر 
                                پنهنجي 
                                عروج تي 
                                پهتو ۽
                                
                                موٽ
                                
                                
                                کاڌائين. 
                                مندر ۾
                                
                                
                                ڀيٽا
                                
                                
                                جي 
                                ڀيڙ، ڀائيوار
                                
                                پيدا
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏيا
                                
                                
                                ۽ 
                                
                                مندر جا
                                
                                
                                بنياد
                                
                                لڏڻ
                                
                                لڳا.
                                
                                ان
                                
                                وقت
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                اچي
                                
                                هن
                                
                                پاسي
                                
                                واري
                                
                                ديول
                                
                                جو
                                
                                بنياد
                                
                                رکيو.
                                
                                
                                ٻارنهن 
                                هٺيلا
                                
                                
                                نوجوان
                                
                                مندر
                                
                                
                                کي
                                
                                چؤڌاري
                                
                                
                                ڦري
                                
                                ويا.
                                
                                ديس
                                
                                ديس
                                
                                مان
                                
                                آيل
                                
                                پوڄارين
                                
                                
                                کي
                                
                                پنهنجي
                                
                                اڳواڻ جي ڪرامتن جا
                                
                                
                                احوال
                                
                                
                                ٻڌائڻ لڳا
                                
                                
                                ۽ 
                                
                                آهستي 
                                
                                آهستي 
                                
                                ديول جي 
                                پوئلڳن جو 
                                تعداد 
                                
                                وڌڻ 
                                لڳو. 
                                ديول سان 
                                
                                لڳ هڪ خانقاهه 
                                ٺهي 
                                ۽ 
                                
                                نوجوان
                                
                                راهب 
                                کير 
                                
                                جهڙو اڇو 
                                
                                لباس
                                
                                پائي،
                                
                                ديول
                                
                                
                                ۾
                                
                                شبد
                                
                                
                                ڳائڻ لڳا. 
                                
                                هُو 
                                نئون درس کڻي آيا
                                
                                
                                هئا.
                                
                                هر
                                
                                هڪ
                                
                                هنن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪن
                                
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                ٻڌندو
                                
                                هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                ديول
                                
                                
                                ۾
                                
                                داخل
                                
                                
                                ٿي
                                
                                ويندو
                                
                                هو.
                                
                                ديول
                                
                                جي
                                
                                راهين
                                
                                جي
                                
                                ساڃهه
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڏات جا
                                
                                
                                قصا
                                
                                چوڌاري ورڻ لڳا
                                
                                
                                ته 
                                
                                مون به کڻي وڃي 
                                
                                ديول جو در 
                                جهليو. راهين جون 
                                ٽوليون پاڻ 
                                ۾ 
                                ڳالهيون 
                                ڪنديون 
                                
                                لنگهي 
                                ٿي 
                                
                                ويون ۽
                                
                                مون
                                
                                
                                ڏانهن 
                                ڪنهن ڌيان 
                                ئي
                                
                                
                                ڪين 
                                پئي
                                
                                
                                ڏنو. 
                                سلا گذري ويا، مون کي ديول جي در تي بيٺي، پر ڪنهن 
                                ڌيان ڪين ڏنو_
                                
                                نيٺ
                                
                                
                                ٻن
                                
                                
                                ٽن
                                
                                صدين
                                
                                بعد،
                                
                                هڪ
                                
                                پوڙهي
                                
                                راهب
                                
                                
                                کي
                                
                                منهنجو
                                
                                خيال
                                
                                آيو.
                                
                                هو
                                
                                وڌي
                                
                                مون
                                
                                وٽ
                                
                                آيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                منهنجي
                                
                                ائين
                                
                                بيٺي
                                
                                رهڻ
                                
                                جو
                                
                                سبب
                                
                                پڇيائين. مون کيس ٻڌايو ته مون وٽ 
                                ويچارن ۽
                                
                                خيالن
                                
                                جا
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                منجهيل
                                
                                ويڙها
                                
                                آهن
                                
                                جن
                                
                                
                                کي
                                
                                آءُ
                                
                                سلجهائي
                                
                                
                                ڪين
                                
                                سگهيو
                                
                                آهيان
                                
                                
                                ۽
                                
                                آءُ
                                
                                ديول
                                
                                
                                ڏانهن آيو 
                                آهيان 
                                
                                ته ڪو 
                                منهنجي مدد 
                                ڪري. 
                                پوڙهوراهب 
                                منهنجي ڳالهه ٻڌي مرڪيو. پر 
                                پوءِ 
                                جڏهن مون 
                                پنهنجي 
                                ويچارن ۽
                                
                                خيالن
                                
                                جي
                                
                                هڙ
                                
                                
                                کولي
                                
                                هن
                                
                                جي
                                
                                اڳيان پٿاري، ته هن جي مرڪ 
                                ميٽجي 
                                وئي. هن جو 
                                منهن ڪاوڙ مان 
                                ڳاڙهو 
                                ٿي 
                                
                                ويو ۽
                                
                                هن
                                
                                منهنجي
                                
                                
                                ڳل
                                
                                تي
                                
                                چماٽ
                                
                                وهائي
                                
                                
                                ڪڍي.
                                
                                چوڻ
                                
                                لڳو:
                                
                                
                                ”نڪري 
                                
                                وڃ
                                
                                
                                هتان!
                                
                                
                                ڇا
                                
                                توکي
                                
                                خبر
                                
                                نه
                                
                                آهي
                                
                                ته
                                
                                جنت
                                
                                مان
                                
                                آدم
                                
                                
                                کي
                                
                                رڳو
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڪڍيو
                                
                                ويو
                                
                                هو
                                
                                جو،
                                
                                هن
                                
                                ساڃهه
                                
                                جي
                                
                                وڻ
                                
                                جو
                                
                                
                                ڦل
                                
                                پٽي
                                
                                
                                کاڌو هو. تون اڄ 
                                
                                وري انهيءَ وڻ جي ڦر جي 
                                ڳولا ۾
                                
                                هت
                                
                                آيو
                                
                                آهين!
                                
                                
                                تو 
                                
                                لاءِ
                                
                                جنت
                                
                                جا
                                
                                دروازا
                                
                                
                                هميشه 
                                
                                جي لاءِ 
                                
                                بند 
                                آهن. 
                                تنهنجي هنن 
                                سڀني سوالن جا
                                
                                
                                جواب
                                
                                توکي
                                
                                رڳو
                                
                                تڏهن
                                
                                ئي
                                
                                ملي
                                
                                سگهندا.
                                
                                جڏهن
                                
                                تون
                                
                                ساڃهه
                                
                                جي
                                
                                وڻ
                                
                                مان
                                
                                
                                ڦر
                                
                                پٽي
                                
                                
                                کائين. 
                                ڪيڏي نه ناپاڪ 
                                
                                سَڌ رکي اٿئي!
                                
                                
                                ڀڄ هتان 
                                ڀڄي 
                                
                                وڃ،
                                
                                ته
                                
                                جيئن
                                
                                خدا
                                
                                جا
                                
                                
                                نيڪ 
                                بندا
                                
                                
                                تو 
                                کان
                                
                                متاثر
                                
                                نه
                                
                                
                                ٿين.“
                                
                                
                                ۽
                                
                                ائين
                                
                                چئي
                                
                                هن
                                
                                منهنجي
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                ڳل
                                
                                ته
                                
                                به
                                
                                هڪ
                                
                                چماٽ
                                
                                وهائي
                                
                                
                                ڪڍي.
                                
                                آءُ
                                
                                ديول
                                
                                جي
                                
                                در
                                
                                تان
                                
                                هٽي
                                
                                آيس
                                
                                
                                ۽
                                
                                ايندي
                                
                                ايندي
                                
                                مون
                                
                                
                                کي
                                
                                خيال
                                
                                آيو
                                
                                ته،
                                
                                ديول
                                
                                جي
                                
                                اڳواڻ 
                                عيسيٰ چيو هو:
                                
                                
                                ”ٻيا
                                
                                
                                توکي 
                                
                                چون ٿا
                                
                                
                                ته 
                                
                                سِرَ جي موٽ ۾
                                
                                سِرَ
                                
                                وهائجانءِ. پر مان 
                                
                                توکي چوان 
                                ٿو 
                                
                                ته 
                                جيڪڏهن ڪو 
                                تنهنجي ڳل تي ٿڦ وهائي ته تون 
                                پنهنجي ٻيو ڳل به وڌائي 
                                سندس آڏو پيش ڪجان. 
                                جيئن هو 
                                پنهنجي ظلم جي باهه ۾
                                
                                
                                ڀسم
                                
                                
                                ٿي
                                
                                وڃي.“ 
                                        
                                
                                ان 
                                
                                بعد 
                                ڪيرتيون صديون آءُ ائين ئي 
                                بيٺو 
                                رهيس. راهب 
                                
                                پنهنجي 
                                
                                راهباڻيه 
                                ڪ 
                                
                                هٽي هلائيندا
                                
                                
                                رهيا.
                                
                                
                                ۽
                                
                                مندر
                                
                                جو
                                
                                پوڄاري
                                
                                پنهنجي
                                
                                پٿر
                                
                                جي
                                
                                مورتن
                                
                                مان
                                
                                مايا
                                
                                
                                ٺاهيندو 
                                رهيو. آءُ ور ور ڪري هنن ڏانهن مدد لاءِ 
                                
                                واجهائيندو 
                                
                                هوس پر هو 
                                منهن تي 
                                لعنتاڻو 
                                ڪندا
                                
                                
                                لنگهي 
                                
                                ويندا
                                
                                هئا.
                                
                                اهڙن
                                
                                جي
                                
                                لعنتاڻي
                                
                                
                                کي
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ڪيئن
                                
                                ليکيان.
                                
                                جن
                                
                                جو
                                
                                
                                ڪمال ۽
                                
                                زوال
                                
                                منهنجي
                                
                                اکين
                                
                                
                                ڏٺو
                                
                                هجي.
                                
                                ديول
                                
                                به
                                
                                پنهنجي
                                
                                عروج
                                
                                تي
                                
                                پهتي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                کير
                                
                                جهڙو
                                
                                اڇو
                                
                                لبادو
                                
                                داغدار ٿيڻ 
                                شروع ٿي 
                                ويو. بارها
                                
                                
                                خانقاهه 
                                
                                جي 
                                ڪنهن بند 
                                ڪمري مان 
                                
                                نڪرندڙ 
                                
                                راهپ 
                                
                                جي 
                                چهري تي مون گناهه جا
                                
                                
                                عڪس 
                                ڏٺا
                                
                                
                                ۽
                                
                                گهڻن
                                
                                گهڻن
                                
                                سالن
                                
                                
                                کانپوءِ ته اها
                                
                                
                                حالت 
                                ٿي 
                                
                                جو اوچتو ئي اوچتو رات 
                                
                                جي 
                                وڳڙي ۾، 
                                ڪنهن ڪنڊ مان 
                                
                                هڪ لڱ 
                                ڪانڊارجڻ 
                                
                                جهڙي دانهن 
                                نڪرندي هئي ۽
                                
                                پوءِ
                                
                                جهيڻن
                                
                                سڏڪن
                                
                                
                                ۾
                                
                                بدلجي
                                
                                ماٺ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                ويندي
                                
                                هئي.
                                
                                صبح
                                
                                
                                جو خانقاهه 
                                
                                جي انهيءَ ڪنڊ مان 
                                
                                هڪ الهڙ راهبه 
                                پنهنجي 
                                لٽيل ننگ جو ماتم 
                                ڪندي 
                                غلسخاني ۾
                                
                                هلي
                                
                                وئي
                                
                                هئي.
                                
                                
                                ۽
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                ئي
                                
                                زماني
                                
                                جي
                                
                                
                                ڳالهه آهي جو 
                                ڪنهن صحرا
                                
                                
                                نورد 
                                
                                آڻي، هن 
                                مسجد جو 
                                بنياد 
                                
                                رکيو. 
                                
                                شروع 
                                شروع ۾
                                
                                جڏهن
                                
                                هيءَ
                                
                                مسجد
                                
                                
                                ٺهي،
                                
                                ته
                                
                                ان
                                
                                جون
                                
                                
                                ڀتيون
                                
                                
                                ڪچي
                                
                                اوڏڪي
                                
                                مٽيءَ
                                
                                مان
                                
                                
                                ٺهيون
                                
                                هيون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڇت ۾
                                
                                
                                کجيءَ
                                
                                جون
                                
                                
                                ڪامون پيل 
                                هيس. پر 
                                پوءِ 
                                آهستي 
                                آهستي 
                                ڪچيون 
                                ڀتيون 
                                بدلجي سنگ 
                                مرمر جون ٿي 
                                پيون ۽
                                
                                
                                کجيءَ
                                
                                جي
                                
                                
                                ڪامن بجاءِ 
                                
                                اوچا
                                
                                
                                قبا
                                
                                اچي
                                
                                ويا.
                                
                                پاسي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ٺهيل 
                                ٻانگي واري مناري جي جاءِ تي رڳو هڪ ڪچي دڪي هوندي 
                                هئي ته جئين مٿڀرو ٿي
                                
                                سولو
                                
                                
                                ٻانگ ڏئي 
                                سگهي. هاڻي ته 
                                ڏسين ٿو 
                                هيءُ منارو 
                                آسمان 
                                
                                سان
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ڳالهيون 
                                ڪري. 
                                مسجد اڃا
                                
                                اوج
                                
                                تي
                                
                                هئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                نمازين
                                
                                جي
                                
                                پيهه
                                
                                لکي
                                
                                پئي
                                
                                هوندي
                                
                                هئي،
                                
                                جڏهن
                                
                                آءُ
                                
                                پنهنجي
                                
                                هڙ
                                
                                
                                کڻي
                                
                                مسجد
                                
                                جي
                                
                                در
                                
                                تي
                                
                                وڃي
                                
                                بيٺس_
                                
                                سالن
                                
                                جي
                                
                                انتظار بعد مون کي واعظ سان 
                                
                                ملڻ حاصل 
                                ٿيو. 
                                
                                مون 
                                پنهنجي هڙ 
                                کولي کيس 
                                پنهنجي 
                                ويچارن جا
                                
                                
                                منجهيل 
                                
                                ويڙها
                                
                                
                                ڏيکاريا. 
                                
                                هو ڳپل تائين 
                                منهنجي 
                                منهن ۾
                                
                                تڪيندو
                                
                                رهيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                پوءِ
                                
                                چيائين:
                                
                                هي
                                
                                ويڙها
                                
                                وڃي 
                                ڪنهن 
                                سمنڊ ۾
                                
                                
                                ڦٽي
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏ، ڇو ته هي 
                                تنهنجي 
                                گمراهيءَ جو باعث آهن ۽
                                
                                هنن
                                
                                جي
                                
                                هوندي
                                
                                تون
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                به
                                
                                صحيح
                                
                                
                                ۽
                                
                                سڌي
                                
                                راهه
                                
                                نه
                                
                                
                                ڳولي
                                
                                سگهندين.“ 
                                        
                                
                                تنهن تي مون چيو:
                                
                                
                                ”هيءُ 
                                وچڙيل 
                                ويڙها
                                
                                
                                ته 
                                
                                پوءِ به ائين ئي 
                                رهندا
                                
                                
                                ۽ 
                                
                                سمنڊ ۾، جو خدا
                                
                                
                                جي 
                                
                                بي انداز
                                
                                مخلوقاق
                                
                                آهي،
                                
                                اها
                                
                                
                                به ته انهن سان 
                                
                                لهه وچڙ ۾
                                
                                ايندي
                                
                                رهندي.
                                
                                آءُ
                                
                                پنهنجو
                                
                                بار
                                
                                لاهي
                                
                                
                                ٻين
                                
                                جي
                                
                                
                                ڪلهن
                                
                                تي
                                
                                
                                ڪيئن
                                
                                رکي
                                
                                
                                ڇڏيان؟ تون چوين ٿو ته 
                                پوءِ آءُ هنن کي اڇلي ڇڏڻ لاءِ 
                                
                                تيار
                                
                                آهيان،
                                
                                پر
                                
                                
                                ڀلائي ڪري اهڙي جاءِ 
                                ڏسيم 
                                
                                جتي هي 
                                ڪنهن ٻئي جي مٿي جو بار 
                                
                                نه ٿين!“
                                
                                واعظ
                                
                                وائڙو
                                
                                
                                ٿي
                                
                                ويو،
                                
                                گهڻي
                                
                                گهڻي
                                
                                تائين
                                
                                اهڙي
                                
                                جاءِ
                                
                                بابت
                                
                                سوچيندو
                                
                                رهيو،
                                
                                جتي
                                
                                انهن
                                
                                ويڙهيو
                                
                                
                                ٿيل
                                
                                ويچارن
                                
                                
                                کي
                                
                                اڇلائي ڇڏجي ۽
                                
                                خدا
                                
                                جي
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                به 
                                مخلوق انهن سان 
                                
                                لهه وچڙ ۾
                                
                                نه
                                
                                اچي.
                                
                                پر
                                
                                هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                به جاءِ 
                                
                                سمجهي 
                                ڪانه 
                                
                                آئي ۽
                                
                                هو
                                
                                ماٺ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                ويو. 
                                        
                                
                                سالن 
                                
                                جا
                                
                                
                                سال
                                
                                آءُ
                                
                                مسجد
                                
                                جا
                                
                                مٽڪا
                                
                                
                                ڀريندو 
                                رهيس. نيٺ هڪ 
                                ڏينهن تنگ اچي مون واعظ سان 
                                
                                زور 
                                ڀريو ته 
                                منهنجي 
                                رهنمائي ڪر. يا
                                
                                
                                هي 
                                
                                منجيل 
                                
                                ويچار
                                
                                سلجهائي
                                
                                
                                ڏي،
                                
                                يا
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                اهڙي جاءِ 
                                ڏس، 
                                
                                جتي هنن کي اڇلائي اچان 
                                ۽ 
                                
                                هي 
                                ڪنهن ٻئي جي مٿي جو بار 
                                
                                نه 
                                بنجن. واعظ ڏاڍو ڪاوڙجي 
                                ويو، هن مون کي 
                                مسجد مان 
                                
                                تڙائي 
                                ڪڍيو 
                                ۽ 
                                
                                چيائين 
                                
                                ته خدا
                                
                                
                                اهڙن 
                                کي 
                                ڪڏهن 
                                
                                به معاف 
                                
                                نه 
                                ڪندو، 
                                جيڪي اهڙا
                                
                                
                                ويچار
                                
                                
                                کنيو
                                
                                پيا
                                
                                هلن.
                                
                                
                                ٻيو
                                
                                الائجي ڇا
                                
                                
                                ڇا
                                
                                چيو.
                                
                                واعظ
                                
                                
                                کي
                                
                                عرصو
                                
                                به
                                
                                گهڻو
                                
                                گذري
                                
                                ويو
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                سو سائين کي چوان، ائين 
                                پنهنجي 
                                منجهيل 
                                ويچارن ۽
                                
                                خيالن
                                
                                جا
                                
                                ويڙها
                                
                                
                                کڻي. آءُ وري اچي هي ٽه واٽو 
                                جهلي 
                                بيهي 
                                رهيو 
                                آهيان. هاڻي البت 
                                ڪجهه وقت کان اهو سو ٿيو 
                                آهي، جو ڪو سر 
                                ڦريو ڪاڏهون نه ڪاڏهون 
                                ڀٽڪندو هت اچي 
                                نڪرندو آهي، 
                                
                                جهٽ پل لاءِ 
                                
                                پنهنجي 
                                
                                خوشيءَ 
                                
                                سان
                                
                                هي
                                
                                بار
                                
                                
                                کڻي
                                
                                پنهنجي
                                
                                مٿي
                                
                                تي
                                
                                رکندو
                                
                                آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                ويڙها
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                سلجهائڻ
                                
                                جي
                                
                                
                                ڪوشش
                                
                                
                                ڪندو
                                
                                آهي.
                                
                                پر
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                وقت
                                
                                
                                کانپوءِ، هو 
                                پنهنجي ماڳ 
                                ڏانهن 
                                
                                منهن 
                                ڪندو آهي ۽
                                
                                آءُ
                                
                                پنهنجو
                                
                                بار
                                
                                
                                کڻي
                                
                                بيهي
                                
                                رهندو
                                
                                آهيان.
                                
                                واري
                                
                                
                                ڦيري
                                
                                سان
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                ڪو
                                
                                ويهڙو
                                
                                
                                کڻي
                                
                                سلجهائڻ
                                
                                شروع
                                
                                
                                ڪندو
                                
                                آهي.“
                                
                                پوڙهو
                                
                                
                                ڳالهه ڪري ماٺ 
                                ٿي 
                                
                                ويو. مون هٿ 
                                ڊگهيري کانئس هڙ وٺي 
                                پنهنجي مٿي تي رکي ۽
                                
                                هڪڙي
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                سلجهائڻ
                                
                                بيهي
                                
                                رهيس. 
                                        
                                
                                پوڙهي 
                                
                                سان
                                
                                گڏ
                                
                                آءُ
                                
                                به
                                
                                هن
                                
                                
                                ٽه
                                
                                واٽي
                                
                                تي
                                
                                بيهي
                                
                                رهيو
                                
                                آهيان.
                                
                                
                                ڪيستائين 
                                بيهندس؟ سو به هڪ سوال 
                                
                                آهي، 
                                جيڪوويڙهو 
                                بڻجي هن هڙ ۾
                                
                                شامل
                                
                                
                                ٿي
                                
                                ويو
                                
                                آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                زندگيءَ
                                
                                جي
                                
                                راهه
                                
                                
                                ۾،
                                
                                چپي
                                
                                چپي
                                
                                تي
                                
                                انسان کي هڪ ٽه واٽو سامهون ٿو 
                                پوي. آءُ الائجي 
                                ڪيترا
                                
                                
                                ٽه 
                                
                                واٽا
                                
                                اورانگهي
                                
                                آيو
                                
                                آهيان،
                                
                                پر
                                
                                هر
                                
                                بار
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                نئون
                                
                                
                                ٽه
                                
                                واٽو
                                
                                آڏو
                                
                                اچي
                                
                                ويندو
                                
                                اٿم
                                
                                ته
                                
                                مون
                                
                                
                                کي
                                
                                ايئن
                                
                                محسوس
                                
                                
                                ٿيندو
                                
                                آهي،
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                آءُ
                                
                                اڃا
                                
                                
                                ساڳي هنڌ 
                                بيٺو 
                                آهيان 
                                ۽ 
                                
                                ساڳي 
                                ڳالهه 
                                
                                نبيرڻي 
                                
                                اٿم_ 
                                
                                ايترو نه بلڪ هاڻي ته اهو به محسوس 
                                ٿيندو اٿم ته هر ٽه واٽي تي هڪ ازلي 
                                وجود 
                                بيٺل آهي ۽
                                
                                المهرا افراد
                                
                                ابتا
                                
                                
                                آڏا
                                
                                
                                فيصلا
                                
                                
                                ڪندا، ڪانه ڪا
                                
                                
                                واهه 
                                
                                چونڊي 
                                
                                وهيو وڃن. ائين 
                                جيئن ارسطو ۽
                                
                                بقراط
                                
                                پنهنجي
                                
                                پنهنجي
                                
                                واهه
                                
                                وهي
                                
                                ويا.
                                
                                پر
                                
                                هو
                                
                                ازلي
                                
                                وجود
                                
                                جيئن
                                
                                جو
                                
                                تيئن
                                
                                هن
                                
                                
                                ٽه
                                
                                واٽي
                                
                                جو
                                
                                گهٽ
                                
                                جهليو
                                
                                بيٺو
                                
                                آهي. 
                                        
                                ۽ 
                                
                                ائين ئي 
                                جڏهن حياتيءَ جي هڻ هڻان 
                                
                                آڻي هڪ 
                                نئين ٽه 
                                واٽي تي 
                                بيهاريم ۽
                                
                                ساندهه
                                
                                
                                ٽي
                                
                                چار
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                صبح
                                
                                
                                سانجهي 
                                سوچڻ کانپوءِ به 
                                ڪنهن فيصلي ته ڪين 
                                پهچي 
                                سگهيس، ته هڪ رات 
                                
                                خواب
                                
                                
                                ڏٺم.
                                
                                جيڪي
                                
                                خواب
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڏٺم
                                
                                سو
                                
                                
                                ڪهاڻي ڪري اوهان
                                
                                آڏو
                                
                                رکيو
                                
                                اٿم.
                                
                                ممڪن
                                
                                آهي
                                
                                اوهان مان 
                                ڪو 
                                
                                سوالن 
                                
                                جي 
                                ويڙهن جي هڙ مان 
                                
                                هڪڙو 
                                سلجهائي وٺي ۽
                                
                                پوءِ
                                
                                هوريان
                                
                                هوريان
                                
                                سڀ
                                
                                سلهجي
                                
                                پون. |