| 
                                
                                  
                                
                                اڄ
                                
                                
                                پڻ
                                
                                
                                اکڙين سڄڻ
                                
                                
                                پنهنجا
                                
                                
                                ساريا 
                                  
                                شَدن
                                
                                
                                سان 
                                
                                منهنجي
                                
                                
                                واقفيت ڪا
                                
                                
                                نئين
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                آهي. نڪي
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي اکين
                                
                                
                                مان 
                                
                                ڳڙندڙ نير
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                پهريون دفعو
                                
                                
                                ڏٺا
                                
                                
                                ۽ نه
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                ئي ڪا
                                
                                
                                نئين
                                
                                
                                آهي. اهائي
                                
                                
                                محبت جي
                                
                                
                                پراڻي ڪهاڻي جيڪا
                                
                                اهڙن
                                
                                
                                رسالن ۾ عام
                                
                                
                                جام 
                                
                                ڇپيل هوندي
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                جيڪي ڪتابن جي
                                
                                
                                دڪانن تان
                                
                                
                                اڻ 
                                
                                وڪيا
                                
                                
                                کڄي رديءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اگهه تي
                                
                                
                                جهونن پراڻن
                                
                                
                                ڪتابن
                                
                                
                                وارن دڪانن
                                
                                
                                تي پهچندا
                                
                                آهن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                ڪو
                                
                                
                                سودائي اتان هڪ
                                
                                
                                اڌ ڪاپي کڻي 
                                خريد 
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                آهي ۽ باقي
                                
                                
                                دال 
                                
                                ڇولي وارن
                                
                                
                                وٽ پاتل
                                
                                
                                جي پنن
                                
                                
                                بجاءِ
                                
                                
                                پترو
                                
                                
                                پترو ٿي هلندا
                                
                                آهن.
                                
                                
                                اهڙين
                                
                                ڪهاڻين
                                
                                ۾
                                
                                
                                اهوئي ته
                                
                                
                                هوندو آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هڪ ڇوڪرو،
                                
                                
                                هڪ ڇوڪريءَ کي پيار
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                آهي ۽ پوءِ
                                
                                
                                ڇوڪريءَ
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                مائٽ هنن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پيار 
                                
                                جي
                                
                                
                                راهه ۾ رڪاوٽن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                پهاڙ 
                                
                                آڻي
                                
                                
                                بيهاريندا
                                
                                
                                آهن
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ ٻئي محبت
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                وارا
                                
                                
                                پنهنجي پنهنجي
                                
                                
                                دل
                                
                                کان مجبور
                                
                                
                                ٿي.
                                
                                
                                نير
                                
                                
                                وهائڻ شروع
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏيندا
                                
                                آهن
                                
                                
                                يا
                                
                                خودڪشي
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏيندا
                                
                                آهن.
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                انهن ڪهاڻين ۾ غريبي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سرمائيداريءَ جو
                                
                                
                                چڪر
                                
                                ڏيکاريل
                                
                                
                                هوندو آهي
                                
                                
                                جنهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                غريب ڇوڪري کي امير
                                
                                ڇوڪري
                                
                                ٺڪرائي
                                
                                ڇڏيندي
                                
                                
                                آهي يا
                                
                                وري
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                هوندو آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                امير ڇوڪرو 
                                غريب
                                
                                
                                ڇوڪريءَ 
                                جي محبت جو ناجائز فائدو وٺي پنهنجون نفسياتي
                                
                                
                                خواهشون پوريون
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏيندو
                                
                                
                                آهي ۽ ويچاري
                                
                                ڇوڪري
                                
                                
                                نير هارڻ
                                
                                
                                ويهي رهندي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                اهي ڪهاڻيون ڪي نيون
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                آهن.
                                
                                
                                يوناني ديوتائن
                                
                                
                                جي قصن
                                
                                ۽
                                
                                
                                ويدن جي
                                
                                
                                ديو
                                
                                ڪٿائن
                                
                                کان وٺي
                                
                                
                                اڄڪلهه
                                
                                ڇپجندڙ
                                
                                ٻه
                                
                                
                                آنڪي رسالن
                                
                                
                                تائين اهي
                                
                                ڪهاڻيون
                                
                                
                                پٿاريون پيون
                                
                                
                                آهن.،جڏهن
                                
                                کان انسان لکڻ
                                
                                
                                پڙهڻ
                                
                                
                                جو فن
                                
                                
                                سکيو
                                
                                
                                آهي اهي
                                
                                
                                ڪهاڻيون لکيون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پڙهيون ويون
                                
                                
                                آهن
                                
                                
                                پر تنهن
                                
                                
                                هوندي به
                                
                                
                                انهن
                                
                                کي
                                
                                
                                ور ور
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                لکيو
                                
                                
                                پيو وڃي.
                                
                                
                                ور ور
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                پڙهيو پيو
                                
                                
                                وڃي. نه
                                
                                
                                لکڻ
                                
                                
                                وارا
                                
                                
                                ٿا
                                
                                کٽن
                                
                                
                                نه پڙهڻ
                                
                                
                                وارا. 
                                
                                سو
                                
                                
                                مون شَدن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پئي ڳالهه 
                                ڪئي. شَدن
                                
                                
                                منهنجو يار
                                
                                
                                آهي،
                                
                                کل
                                
                                
                                مک ۽ پيارو.
                                
                                
                                سدائين پيو
                                
                                
                                قرب
                                
                                
                                ونڊيندو آهي.
                                
                                
                                سدائين ٻيو وندرائيندو
                                
                                
                                پر 
                                ڪڏهن 
                                ڪڏهن وري
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                شَدن کي وندرائڻو
                                
                                
                                پوندو آهي.
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                خوش
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                هزار 
                                
                                حيلا
                                
                                هلائڻو
                                
                                
                                پوندو اٿم،
                                
                                
                                لک ترڪ
                                
                                
                                تال 
                                
                                ڪري،
                                
                                ناٽڪ
                                
                                
                                رچي،
                                
                                کلي،
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                نه 
                                ڪنهن ريت
                                
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                کلائڻو
                                
                                
                                پوندو
                                
                                اٿم
                                
                                ۽
                                
                                
                                انهيءَ پورهئي
                                
                                
                                ڪندي
                                
                                
                                پنهنجي دل
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                پنا
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                هزار 
                                
                                گاريون
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                وٺندو آهيان
                                
                                ۽ 
                                جيڪو پٽ پاراتو ايندو اٿم سو ڏئي وٺندو آهيان. دل 
                                جي باهه ڪڍڻ لاءِ ٻيو ماڻهو
                                
                                ڪري
                                
                                
                                به ڇا
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                سگهي؟ 
                                        
                                
                                اهڙا
                                
                                موقعا،
                                
                                
                                جڏهن مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                شدن
                                
                                کي
                                
                                
                                پرچائڻ لاءِ
                                
                                
                                اهي ناٽڪ
                                
                                
                                رچڻا
                                
                                
                                پوندا
                                
                                
                                آهن،
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ئي ايندا
                                
                                آهن.
                                
                                
                                البت
                                
                                
                                سانوڻ رت
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                ڪارا
                                
                                
                                ڪارا
                                
                                
                                ڪڪر
                                
                                
                                چوڄ
                                
                                
                                مان 
                                
                                جهومندا
                                
                                آسمان
                                
                                
                                تي ڇائنجڻ لڳندا
                                
                                آهن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سنهي
                                
                                
                                بوند رچيل
                                
                                
                                ٿڌي
                                
                                
                                ٿڌي
                                
                                
                                هوا
                                
                                سون
                                
                                
                                سون
                                
                                ڪندي
                                
                                
                                هاسٽل جي
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪاهي
                                
                                
                                پوندي آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                شدن جون
                                
                                
                                اکيون
                                
                                
                                پڻ سڄڻ
                                
                                
                                ساري وهنديون
                                
                                
                                آهن.
                                
                                
                                اهڙي ويل
                                
                                
                                آءُ
                                
                                ڀل
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                به هجان
                                
                                
                                مون کي شدن
                                
                                
                                ياد 
                                
                                اچي
                                
                                
                                ويندو آهي:
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                هاسٽل واري
                                
                                
                                شدن وٽ
                                
                                
                                پهچڻ
                                
                                
                                جي 
                                ڪوشش 
                                ڪندو آهيان
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ کيس ريجهائڻ
                                
                                
                                پرچائڻ لاءِ
                                
                                
                                ناٽڪ شروع
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويندا
                                
                                آهن.
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                منهنجو پيارو
                                
                                
                                دوست آهي.
                                
                                
                                تڏهن
                                
                                
                                هن جو
                                
                                
                                سور
                                
                                
                                مون کان
                                
                                سٺو
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ٿيندو
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                ڪيتري
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ويس پر
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                جي پيار
                                
                                
                                بابت 
                                ڪجهه ڪين چيم،
                                
                                
                                نڪي
                                
                                
                                پنا
                                
                                
                                بابت 
                                ڪجهه چيم.
                                
                                
                                جنهن
                                
                                کي
                                
                                
                                ساري شدن
                                
                                
                                ڳوڙها
                                
                                ڳاڙيندو
                                
                                
                                آهي. ۽ جنهن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                پاراتا
                                
                                
                                ڏيندو
                                
                                
                                آهيان. اڳ
                                
                                ۾
                                
                                
                                ئي چئي
                                
                                
                                چڪو
                                
                                
                                آهيان 
                                
                                ته
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڪا
                                
                                نئين
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                آهي، بس
                                
                                
                                ٿورڙو
                                
                                
                                فرق
                                
                                
                                آهي_
                                
                                
                                 اصل ته
                                
                                
                                جيترو. خير
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڪيان. 
                                        
                                
                                شدن،
                                
                                
                                منهنجو يار،
                                
                                
                                پنهنجي پيءُ
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                هڪڙو ئي
                                
                                
                                پٽ
                                
                                
                                آهي. الله
                                
                                
                                جو ڏنو سڀڪجهه
                                
                                
                                اٿن.
                                
                                
                                هن جو
                                
                                
                                پيءُ
                                
                                
                                هڪ بيٺل
                                
                                
                                ماڻهو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اٺ 
                                ڪوهي ۾ هُن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مٽ 
                                ڪوبه 
                                ڪونهي ڪو. راڄ
                                
                                
                                برادريءَ جا
                                
                                سڀ 
                                
                                تڪرار شدن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پيءُ وٽ
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                فيصلي لاءِ
                                
                                
                                ايندا
                                
                                
                                آهن.
                                
                                
                                هو ماڻهو
                                
                                
                                به معتبر
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                
                                وس پڄئي
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                سان 
                                
                                انياءُ
                                
                                
                                نه
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                آهي. اهڙا
                                
                                ماڻهو
                                
                                ٿورا
                                
                                هوندا
                                
                                آهن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                جو پيءُ
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                مان 
                                
                                هڪڙو
                                
                                
                                آهي. سڀ
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                ساراهه 
                                ڪندو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                چڱو
                                
                                
                                چوندو آهي.
                                
                                
                                سرڪاري نوڪريءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هوندي به
                                
                                
                                هن
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                غريب جو
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                حق نه
                                
                                
                                ماريو ۽ سڀ
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                سان 
                                
                                پريت
                                
                                
                                جي واٽ
                                
                                
                                رکندو آيو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                شدن جو
                                
                                
                                پيءُ
                                
                                
                                شدن کي ڏاڍو پيار
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                آهي. پيءُ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پٽ
                                
                                
                                هڪڙو هجي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ان 
                                
                                سان 
                                ڪهڙو پيار
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سگهي ٿو، سو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سڀ ڪو سمجهي
                                
                                
                                سگهي
                                
                                ٿو.
                                
                                
                                شدن جو
                                
                                
                                پيءُ
                                
                                
                                ته وري
                                
                                
                                پٽ
                                
                                
                                جي سلسلي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                نهايت ئي
                                
                                
                                جذباتي ماڻهو
                                
                                
                                آهي. هڪ
                                
                                
                                لڱا
                                
                                شدن
                                
                                
                                ڪراچي
                                
                                
                                مان 
                                
                                گهر
                                
                                
                                پهتو ته
                                
                                
                                پيءُ
                                
                                کي
                                
                                ڏٺائين
                                
                                
                                ته پنهنجي
                                
                                
                                پيتي
                                
                                
                                مان 
                                
                                شدن
                                
                                
                                جي هڪ
                                
                                
                                ميري
                                
                                
                                قميص
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                
                                سنگهي رهيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                پيءُ کي ائي
                                
                                
                                پنهنجي قميص
                                
                                سگهندو
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                شدن
                                
                                کي
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                اچرج ٿيو ۽ هو
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                شرمائجي ويو.
                                
                                
                                پڻس
                                
                                
                                هن کي آيل
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                سيني
                                
                                
                                سان 
                                
                                لاتو
                                
                                ۽
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                پيار 
                                
                                ڪيائينس. 
                                        
                                
                                پنا، 
                                
                                شدن
                                
                                
                                جي ڳوٺ جي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                معمولي هاريءَ
                                
                                
                                جي 
                                ڌيءُ آهي.
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                هارياڻين سئون
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                پڻ پوکن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                گاهه 
                                ڪندي يا
                                
                                وونئڻن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                چونڊ تي
                                
                                
                                ڦٽيون
                                
                                
                                چونڊيندي 
                                ڏسبي آهي.
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                جڏهن موڪلن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                ورندو آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                پوءِ ويچاري
                                
                                کي
                                
                                
                                ائين اُس
                                
                                ۾
                                
                                
                                گاهه 
                                ڪندي يا
                                
                                ڦٽيون
                                
                                
                                چونڊيندي پنا
                                
                                جي 
                                
                                ڪڍ چڪر
                                
                                
                                هڻڻا
                                
                                پوندا
                                
                                آهن.
                                
                                
                                هزار 
                                
                                بهانا، لک
                                
                                
                                اٽڪلون
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                ويچارو انهيءَ
                                
                                
                                چاري تان
                                
                                
                                چڪر هڻندو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                جيڪو انهيءَ
                                
                                ٻنيءَ
                                
                                
                                جي ٻني سان
                                
                                
                                لنگهندو آهي
                                
                                
                                جتي
                                
                                
                                پنا
                                
                                
                                هوندي
                                
                                آهي.
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                جي پيءُ
                                
                                
                                شدن
                                
                                کي
                                
                                
                                هزار 
                                
                                دفعا
                                
                                اُس
                                
                                ۾
                                
                                
                                رلڻ کان 
                                
                                جهليو
                                
                                
                                آهي، پر
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                جي دل
                                
                                
                                وس
                                
                                ۾
                                
                                
                                هجي ته
                                
                                
                                پيءُ
                                
                                
                                جي ڳالهه 
                                ٻڌي. 
                                ڏينهن اڌ
                                
                                
                                پاڻ 
                                
                                پلي
                                
                                ڇڏيندو
                                
                                
                                آهي ۽ پوءِ
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                اهي لاٽون
                                
                                
                                اهي چگهه.
                                
                                
                                وريو
                                
                                
                                پيو گهاٽ
                                
                                
                                گهڙيندو، وريو
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                چارا
                                
                                
                                ڪڇيندو. 
                                        
                                
                                اهي
                                
                                ڳالهيون
                                
                                
                                ته خير
                                
                                
                                اڄ به
                                
                                
                                هلنديون 
                                ٿيون اچن.
                                
                                ڀيري
                                
                                ڀيري
                                
                                
                                موڪل تي
                                
                                
                                وڃي 
                                
                                شدن
                                
                                
                                پنا
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                چؤڌاري ائين
                                
                                
                                چڪر هڻي
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                اچي،
                                
                                
                                جيئن پروانا
                                
                                
                                ڏيئي جي
                                
                                
                                لاٽ 
                                
                                تي
                                
                                ڦرندا
                                
                                آهن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ائين ئي
                                
                                
                                هلندي پئي
                                
                                
                                اچي.
                                
                                
                                انهيءَ قصي
                                
                                
                                جو ته
                                
                                
                                شايد 
                                ڪڏهن انت
                                
                                
                                ئي 
                                ڪونه ايندو. 
                                        
                                
                                اها
                                
                                
                                ڳالهه ته
                                
                                
                                اڳ ۾ ئي
                                
                                
                                چئي
                                
                                
                                آيو آهيان
                                
                                
                                ته شدن
                                
                                
                                پيءُ
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                هڪ ئي
                                
                                
                                پٽ
                                
                                
                                آهي ۽ سندس
                                
                                
                                پيءُ
                                
                                کيس
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                پيار 
                                
                                ڪندو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي پيءُ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اهو پيار
                                
                                
                                ئي هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سور جو
                                
                                
                                سبب
                                
                                
                                بڻيو آهي.
                                
                                
                                پنا
                                
                                سان
                                
                                
                                پريت
                                
                                
                                شدن لاءِ
                                
                                ڪا
                                
                                نئين
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                آهي. 
                                ڀريا
                                
                                
                                ست
                                
                                
                                سال 
                                
                                ته
                                
                                
                                مان 
                                
                                به
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                ٻڌندو
                                
                                
                                آيو آهيان
                                
                                ۽
                                
                                
                                سمجهان 
                                
                                ٿو ته
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                ستن سالن
                                
                                ۾
                                
                                
                                پنا
                                
                                
                                اها
                                
                                پنا
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                رهي هوندي
                                
                                
                                جنهن
                                
                                کي
                                
                                
                                شروع شروع
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                پيار 
                                
                                ڪيو هوندو.
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                پوءِ انهيءَ
                                
                                کي
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ڪيان
                                
                                
                                ته شدن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ريجهائڻ لاءِ
                                
                                
                                مون کي اڄ
                                
                                
                                به اهي
                                
                                
                                ناٽڪ 
                                ڪرڻا
                                
                                
                                ٿا
                                
                                پون،
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                ست سال
                                
                                
                                اڳ 
                                
                                ڪيا
                                
                                
                                هئم
                                
                                ۽
                                
                                
                                شدن جون
                                
                                
                                اکيون
                                
                                
                                اڄ 
                                
                                به
                                
                                
                                ائين ئي
                                
                                
                                نير
                                
                                ٿيون
                                
                                
                                هارَن جيئن
                                
                                
                                اڄ کان 
                                
                                ست
                                
                                
                                سال 
                                
                                اڳ هارينديون
                                
                                
                                هيون. 
                                        
                                
                                پنا
                                
                                جي
                                
                                
                                سونهن بابت
                                
                                
                                جيڪي ڪي شدن
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                ٻڌايو
                                
                                
                                آهي تنهن
                                
                                
                                مان 
                                
                                مون
                                
                                
                                اهوئي سمجهيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هو صحتمند
                                
                                
                                جسم جي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                جوان 
                                
                                ڇوڪري آهي.
                                
                                
                                وڏيون اکيون،
                                
                                ڊگهو
                                
                                
                                سنئون نڪ،
                                
                                
                                سنها
                                
                                چپ،
                                
                                
                                ڊگهي
                                
                                
                                ڳچي،
                                
                                
                                سنئون سنڌائتو
                                
                                
                                جسم ۽ اهڙيون
                                
                                
                                سڀ ڳالهيون جيڪي
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                وڻندڙ صورت
                                
                                
                                بابت سوچي
                                
                                
                                سگهجن 
                                ٿيون. ڪراچي ۾ صدر
                                
                                
                                گهمندي شدن
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                به 
                                ڪنهن سهڻي
                                
                                
                                عورت
                                
                                کي
                                
                                ڏسندو
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                ان جي
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                نه
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                وصف 
                                
                                کي پنا
                                
                                جي 
                                
                                ساڳي
                                
                                
                                وصف 
                                
                                سان مشابهت
                                
                                ڏيندو
                                
                                
                                آهي ۽ اهڙي
                                
                                
                                ريت منهنجي
                                
                                
                                ذهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                پنا جي
                                
                                
                                شڪل
                                
                                
                                جو هڪ
                                
                                
                                هلڪو
                                
                                
                                نقش قائم
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويندو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                سمجهان 
                                
                                ٿو هوءَ
                                
                                
                                پڪ
                                
                                ڏائڻ
                                
                                
                                هوندي جنهن
                                
                                
                                پنهنجي جادوءَ
                                
                                
                                جي زور
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                پاڻ 
                                
                                کي ايڏو
                                
                                
                                سهڻو بڻايو
                                
                                
                                آهي ۽ شدن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پريشان 
                                
                                ڪري ڇڏيو اٿس. 
                                        
                                
                                پر
                                
                                
                                انهيءَ سڄي
                                
                                
                                روڄ
                                
                                
                                راڙي، 
                                ڳوڙهن، نيرن،
                                
                                
                                لڙڪن، هنجن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سڏڪن
                                
                                جي 
                                
                                تر
                                
                                ۾
                                
                                ڪيڏي
                                
                                
                                نه مختصر
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                آهي؟ پنا
                                
                                بيوفا
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                آهي. شدن
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                قسم کڻي ٻڌايو ته
                                
                                
                                پنا
                                
                                هن
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                آهي ۽ 
                                ڪندي رهي
                                
                                
                                ٿي،
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                ڪابه عورت
                                
                                
                                محبت کان 
                                
                                مجبور
                                
                                ٿي
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهي ٿي. 
                                        
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ته بس
                                
                                
                                ايتري
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                جو پيءُ
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                امير ماڻهو
                                
                                
                                آهي، شدن
                                
                                
                                پاڻ 
                                
                                هڪ
                                
                                
                                پڙهيل 
                                ڳڙهيل ماڻهو 
                                آهي 
                                
                                ۽
                                
                                
                                پنا
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                غريب هاريءَ
                                
                                
                                جي جاهل
                                
                                ڌيءُ
                                
                                
                                آهي ۽ هاڻي
                                
                                
                                ته هڪ
                                
                                
                                غريب هاريءَ
                                
                                
                                سان 
                                
                                شادي
                                
                                
                                به ڪري چڪي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                هوءَ جُوءِ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                رئيس جي
                                
                                
                                نونهن
                                
                                ڪين
                                
                                ٿي،
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سگهي ۽ انهن
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                جو شدن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                احساس آهي.
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                پوءِ شدن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پنهنجي پيءُ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پيار 
                                
                                جو
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                قربانين جو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                احساس 
                                
                                آهي.
                                
                                
                                پنا
                                
                                
                                به
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                قربانيون 
                                ڪيون آهن،
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                جي پيءُ
                                
                                
                                به
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                قربانيون 
                                ڪيون آهن
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                وڌيڪ
                                
                                
                                مانُ لهڻو،
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                شدن نبيري
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                سگهيو آهي. 
                                        
                                
                                ۽
                                
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                وچ ۾ جڏهن
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                ڪارا
                                
                                
                                ڪارا
                                
                                
                                ڪڪر
                                
                                
                                آسمان 
                                
                                تي
                                
                                ڳاهٽ
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ڪري اچن،
                                
                                
                                جڏهن جڏهن
                                
                                
                                مينهن جي
                                
                                
                                هلڪي
                                
                                
                                هلڪي بوهر
                                
                                
                                واءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رچي
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وڃي 
                                
                                ته
                                
                                
                                شدن جا
                                
                                نيڻ
                                
                                
                                ڀنيو
                                
                                
                                پون.
                                
                                
                                پنا
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                جهيڻو جهيڻو
                                
                                
                                خاڪو جُهڙ
                                
                                
                                تي
                                
                                ڦرندو
                                
                                
                                شدن جي
                                
                                
                                اکين
                                
                                
                                آڏو اسريو
                                
                                
                                اچي ۽ شدن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اکين مان
                                
                                
                                نير ڇڻيو پون.
                                
                                
                                ان وقت
                                
                                
                                شدن
                                
                                
                                حال
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                بيحال
                                
                                
                                هوندو آهي،
                                
                                
                                ڪا
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                وڻندي اٿس.
                                
                                کيس
                                
                                
                                پنهنجي وجود
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                نفرت ٿي پوندي
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                پنهنجي پيءُ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پيار 
                                
                                لاءِ ڌڪار 
                                
                                پيدا
                                
                                
                                ٿي پوندي
                                
                                
                                اٿس.
                                
                                
                                هو پوري
                                
                                
                                ڪائنات کي ڌڪارڻ لڳندو
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن جون
                                
                                
                                اکيون
                                
                                
                                سڄڻ سارينديون
                                
                                
                                رهنديون آهن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                وڏي
                                
                                ڦڙ
                                
                                
                                جيان وسنديون
                                
                                
                                رهنديون آهن. 
                                  
                                ۽
                                
                                
                                مکڙي مرجهائجي
                                
                                
                                وئي 
                                  
                                        
                                
                                ها، 
                                
                                فرزانه
                                
                                
                                مري وئي
                                
                                
                                هئي...... هن
                                
                                
                                جي
                                
                                ڀاڻيجي
                                
                                
                                مري وئي
                                
                                
                                هئي. 
                                        
                                
                                سڄو
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                اسڪول ۾ ٻارن سان
                                
                                
                                مٿا
                                
                                
                                ڪٽ
                                
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                منجهند جو
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                وريو هو،
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪتاب کڻي ٻئي 
                                ڏينهن لاءِ
                                
                                
                                تياريون شروع
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏيون
                                
                                
                                هئائين. ٻانگي سانجهيءَ
                                
                                
                                جي نماز
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                ٻانگ
                                
                                ڏني،
                                
                                
                                ته هن
                                
                                
                                ويچاريو ته
                                
                                
                                جهٽ
                                
                                
                                پلڪ وڌيڪ
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                سمهي رهندو.
                                
                                
                                اڳين
                                
                                
                                رات 
                                
                                به،
                                
                                
                                هو گهڻي
                                
                                
                                تائين جاڳيو
                                
                                
                                هو. ۽ ائين
                                
                                ڪندي
                                
                                
                                ماڻهوءَ اچي
                                
                                کيس
                                
                                ٻڌايو
                                
                                
                                ته سندس
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                جهولي خالي
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پئي آهي.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                اٿيو، ۽ پنهنجي
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                گهر ماتم
                                
                                ۾
                                
                                
                                شريڪ ٿي ويو.
                                
                                
                                پاڻ 
                                
                                وهيڻي
                                
                                
                                مشين جيان،
                                
                                
                                هن اهو
                                
                                
                                سڀ 
                                ڪجهه 
                                ڪيو. هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                چهري تي
                                
                                
                                نه
                                
                                ڏک
                                
                                
                                هو، نه
                                
                                
                                خوشي 
                                .. 
                                
                                رنج،
                                
                                
                                نه مسرت.
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                پٿر جي
                                
                                
                                مورتيءَ جيان،
                                
                                
                                هو اچي
                                
                                ٻين
                                
                                
                                سئون ويهي
                                
                                
                                رهيو. ننڊ
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                اکين ۾ ڀري پئي
                                
                                
                                هئي.
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن کي ائين
                                
                                
                                پئي محسوس
                                
                                ٿيو،
                                
                                ڄڻ
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                ازلي ننڊ
                                
                                
                                مان 
                                
                                ڪنهن ڀوت يا
                                
                                ڪنهن
                                
                                ڀٽڪيل
                                
                                
                                روح
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                ور
                                
                                
                                ور ڪري 
                                ڌونڌاڙي اٿاري
                                
                                ٿي
                                
                                ڇڏيو.
                                
                                
                                اڌ 
                                
                                ننڊ
                                
                                ۽
                                
                                
                                اڌ 
                                
                                جاڳ جي
                                
                                
                                انهيءَ
                                
                                ڪيفيت
                                
                                ۾،
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                دماغ 
                                
                                ۾ عجيب
                                
                                
                                عجيب
                                
                                
                                خيال 
                                
                                اسرندا
                                
                                رهيا،
                                
                                ۽
                                
                                
                                هو سوچيندو
                                
                                
                                رهيو. 
                                        
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                
                                ياد 
                                
                                آيو 
                                .. 
                                
                                فرزانه جڏهن
                                
                                
                                پيدا
                                
                                
                                ٿي هئي،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هن پنهنجي
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                مبارڪون 
                                ڏنيون هيون،
                                
                                
                                اٽلو
                                
                                کيس
                                
                                
                                چيو هئائين:
                                
                                
                                ”هي
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ڪيئي، ادي!“
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي ڀيڻ 
                                کلندي وراڻيو
                                
                                
                                هو: 
                                ”اهو ته زندگيءَ جو مرڪ آهي“ ۽ پوءِ هن هڪ ڦڪي مرڪ 
                                مرڪي چيو هو!”ادي!
                                
                                گل 
                                
                                کنڊائڻ ته
                                
                                
                                بيشڪ
                                
                                
                                باغبانن جو
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                پر انهيءَ
                                
                                
                                جو 
                                ڪهڙو علاج
                                
                                ڪجي،
                                
                                
                                جو گلستان
                                
                                ۾
                                
                                
                                سرءُ جون
                                
                                
                                چؤماسي هوائون
                                
                                
                                ويل وهايون
                                
                                
                                ويٺيون آهن!“
                                
                                
                                هن
                                
                                ڀيڻ
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                به ڪين سمجهيو،
                                
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                ڪاوڙ
                                
                                
                                اچي وئي،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                چيو ”جک ماريا
                                
                                اٿيئي.“
                                
                                
                                پر 
                                ڀيڻس اڃا
                                
                                به
                                
                                
                                مرڪندي رهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پنهنجي لاڏلي
                                
                                
                                سڪي لڌي
                                
                                
                                پهريٺيءَ فرزانه
                                
                                کي
                                
                                
                                لوڏيندي رهي.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                هڪ ٿڌو ساهه
                                
                                ڀريو
                                
                                ۽
                                
                                
                                گهر کان 
                                
                                ٻاهر نڪري
                                
                                
                                ويو.
                                
                                
                                انهيءَ ڳالهه کي گهڻا
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                گذري ويا
                                
                                هئا،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اڄ فرزانه
                                
                                
                                جي مرڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                هن کي اها
                                
                                ياد
                                
                                
                                اچي وئي
                                
                                
                                هئي. 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                جي خيالن
                                
                                
                                جو سلسلو
                                
                                
                                اتان 
                                ٿڙي، وڃي
                                
                                
                                ان 
                                
                                ڏينهن جي
                                
                                
                                نظاري سان
                                
                                
                                اٽڪيو، جنهن
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ننڍڙي فرزانه
                                
                                کي
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                لاعلاج 
                                
                                چئي
                                
                                
                                موٽائي موڪليو
                                
                                
                                هو؛
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سندس ڀيڻ جي
                                
                                
                                گهر
                                
                                ۾
                                
                                
                                سانت ديرو
                                
                                
                                ڄمائي
                                
                                
                                ويٺي هئي.
                                
                                
                                انهيءَ
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                به هو
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                رات 
                                
                                ڪم 
                                ڪندو رهيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                ۽
                                
                                
                                صبح
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                جڏهن هو
                                
                                
                                اسڪول
                                
                                
                                وڃڻ 
                                
                                لاءِ سنڀري
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                هو ته
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                ڀيڻس
                                
                                
                                سڏرايو 
                                هو
                                
                                ۽
                                
                                
                                اتي وڃي
                                
                                
                                هن ڏٺو ته
                                
                                
                                ننڌڙي فرزانه
                                
                                
                                پوين پساهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                پئي هئي.
                                
                                
                                پاسي ۾ سندس
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                ويٺي
                                
                                
                                هئي. 
                                ڀيڻس هڪ
                                
                                
                                دفعو
                                
                                
                                اکيون کڻي هن
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                نهاريو، ۽ وري
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڌيءُ ڏانهن نهارڻ
                                
                                
                                لڳي وئي.
                                
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                هڪڙي نگاهه
                                
                                
                                مان 
                                
                                هن
                                
                                
                                ائين محسوس
                                
                                ڪيو.
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                دفتر
                                
                                
                                داستانن جا
                                
                                ٻڌائي
                                
                                ڪڍيا
                                
                                هئا.
                                
                                
                                هن محسوس
                                
                                ڪيو،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هن
                                
                                جي 
                                
                                ڀيڻ چئي
                                
                                
                                رهي
                                
                                
                                آهي:
                                
                                ”ڏس!
                                
                                
                                منهنجي ننڍڙي
                                
                                
                                معصوم 
                                ڌيءُ پوين
                                
                                
                                پساهن ۾ پئي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                تنهنجي لاپرواهيءَ
                                
                                ڪري
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                اها
                                
                                حالت
                                
                                ٿي
                                
                                
                                آهي. 
                                ڪهڙو نه
                                
                                
                                چڱو
                                
                                ٿئي
                                
                                
                                ها، 
                                
                                جيڏهن
                                
                                
                                تون انهيءَ
                                
                                کٽل
                                
                                کاتي
                                
                                ۾
                                
                                
                                هٿ نه
                                
                                
                                وجهي، سرڪاري
                                
                                
                                نوڪريءَ ۾ 
                                ڳنڍيو اچين
                                
                                
                                ها. 
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هوند توکي
                                
                                
                                ايتري
                                
                                
                                فرصت 
                                
                                هجي
                                
                                
                                ها، 
                                
                                جو
                                
                                
                                تون هن
                                
                                
                                معصوم جي
                                
                                
                                علاج 
                                
                                لاءِ به
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                وقت
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                
                                سگهين ها.
                                
                                
                                شايد هفتو
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                هفتا
                                
                                موڪل
                                
                                
                                وٺي،
                                
                                
                                باقاعدي هن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                علاج 
                                
                                ڪرائي وٺين
                                
                                
                                ها!“ 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                سوچيو_
                                
                                هن 
                                
                                جي
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                ائين ئي
                                
                                
                                سوچيندي هوندي:
                                
                                
                                ويچاريءَ کي سرڪاري
                                
                                
                                نوڪري ۽ سندس
                                
                                
                                موجوده ڪرت جي
                                
                                
                                فرق
                                
                                
                                جي ڄاڻ 
                                
                                جو
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                آهي!
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                ڄاڻ 
                                ئي ڪانه آهي ته لک پابنديون هوندي به، هو جنهن 
                                اسڪول ۾ ڪري رهيو
                                
                                
                                آهي، تنهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                روزانو 
                                ڪوڙئين ٻارن جي
                                
                                
                                ذهني
                                
                                
                                تربيت ڪرڻ جي
                                
                                
                                ڪوشش
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                آهي. ويچاري
                                
                                ڀيڻس
                                
                                کي
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                خبر
                                
                                
                                ته جيڪڏهن
                                
                                
                                هو
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن جهڙا
                                
                                ٻيا
                                
                                سر
                                
                                
                                ڦريا، 
                                پنهنجي رت ست جي قرباني ڏئي، اسڪولن ۾ هٿ نه 
                                اٽڪائن ته ڪائنات تي
                                
                                انڌوڪار
                                
                                ڇانئجي
                                
                                
                                وڃي .. 
                                هزار هٽلر
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مسوليني پيدا
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وڃن، ۽ 
                                ڌرتيءَ کي دوزخ
                                
                                
                                بڻائي ڇڏن. هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پنهنجي ڀيڻ جي
                                
                                
                                سادگيءَ تي
                                
                                
                                رحم 
                                
                                اچي
                                
                                
                                ويو. ۽ سندس
                                
                                
                                خيالن جو
                                
                                
                                سلسلو ٽٽي پيو. 
                                        
                                
                                سامهون سندس
                                
                                
                                ڀيڻيوو
                                
                                
                                ويٺو
                                
                                هو.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڀيڻوئي جي
                                
                                
                                اداس چهري
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                نظر 
                                ڪئي. هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ياد 
                                
                                آيو
                                
                                
                                ته هن
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڀيڻوئي سان
                                
                                
                                به ٻارن پيدا
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                جي مسئلي
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                بحث 
                                
                                ڪيو هو.
                                
                                
                                ايترو
                                
                                ڇو،
                                
                                
                                هن ته
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڀيڻوئي سان
                                
                                
                                دنيا جي
                                
                                
                                انيڪ
                                
                                
                                مسئلن تي
                                
                                
                                بحث 
                                
                                ڪيو هو.
                                
                                
                                ڪائنات ۽ ڪائنات 
                                
                                کان 
                                
                                ٻاهر وارين
                                
                                
                                شين کي به
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪين
                                
                                ڇڏيو
                                
                                
                                هئائين، ۽ نتيجو 
                                ........! 
                                
                                هن
                                
                                
                                جي خيالن
                                
                                
                                جو سلسلو
                                
                                
                                ٿوريءَ
                                
                                
                                دير
                                
                                
                                لاءِ، اڳتي
                                
                                
                                وڌڻ کان 
                                
                                رڪجي
                                
                                
                                ويو. نتيجو
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ته نه
                                
                                
                                نڪتو
                                
                                
                                هو. ٻه چار
                                
                                
                                دفعا، 
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                اصولي بحث
                                
                                
                                تي هن
                                
                                
                                جو
                                
                                ڀيڻويو
                                
                                
                                هن سان
                                
                                
                                وڙهي چڪو
                                
                                
                                هو،
                                
                                ۽
                                
                                
                                وري 
                                ڪجهه وقت
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                پوءِ ساڳيا
                                
                                لاٽون
                                
                                
                                ساڳيا
                                
                                
                                چگهه 
                                .. 
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                فرزانه پيدا
                                
                                ٿي
                                
                                
                                هئي. هن
                                
                                
                                جو
                                
                                ڀيڻويو،
                                
                                
                                فرزانه جي
                                
                                
                                پيدا
                                
                                
                                ٿيڻ تي
                                
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                خوش ٿيو هو.
                                
                                
                                ها، 
                                
                                سندس
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                به خوش
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                هئي.
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن کي ياد
                                
                                
                                آيو ته
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي ڀيڻ هڪ
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                هو:
                                
                                ”هاڻي
                                
                                
                                آءُ به
                                
                                
                                پنهنجي ساهرن
                                
                                
                                وٽ ڳاٽ 
                                
                                کڻي سگهنديس.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                روز روز،
                                
                                
                                منهنجي مڙس
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ٻي
                                
                                
                                شادي ڪرڻ جي
                                
                                
                                صلاح
                                
                                
                                پيا
                                
                                
                                ڏيندا
                                
                                
                                هئا.“ هن
                                
                                
                                سوچيو، شايد
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                ڀيڻوئي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                اهڙي ئي
                                
                                
                                قسم
                                
                                
                                جو خيال
                                
                                
                                دماغ 
                                
                                ۾ هوندو 
                                .. 
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                فرزانه پيدا
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ته يارهن
                                
                                
                                مهينن جي
                                
                                
                                اندر
                                
                                
                                اندر، هن
                                
                                
                                پنهنجي پيءُ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                سلهه جا
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                جيوڙا
                                
                                
                                اڌارا
                                
                                ورتا
                                
                                
                                .. 
                                کيس
                                
                                
                                به سلهه
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پئي،
                                
                                ۽
                                
                                ڏينهن
                                
                                ٻن
                                
                                ۾
                                
                                
                                اهو بخار
                                
                                
                                فرزانه جي
                                
                                
                                دماغ 
                                
                                تي
                                
                                
                                چڙهي ويو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                سرسام 
                                
                                ٿي پيو.
                                
                                
                                ڪراچيءَ
                                
                                
                                جي بهترين
                                
                                
                                اسپتال 
                                
                                ۾ فرزانه
                                
                                کي
                                
                                
                                داخل ڪيو ويو،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                پنجن 
                                ڏينهن ۾ ڊاڪٽر جواب
                                
                                ڏئي،
                                
                                
                                اڌ 
                                
                                مئل
                                
                                
                                فرزانه کي گهر
                                
                                
                                موٽائي موڪليو. 
                                        
                                
                                ها، 
                                
                                فرزانه
                                
                                
                                جو سرد
                                
                                
                                ٿيل
                                
                                
                                جسم
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                آڏو
                                
                                
                                پيو هو.
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                تنهن
                                
                                
                                جي پاسي
                                
                                ۾
                                
                                
                                گلن جي
                                
                                
                                اها
                                
                                چادر
                                
                                
                                پيل هئي،
                                
                                
                                جيڪا
                                
                                
                                ڪريا
                                
                                
                                ڪرم
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                وارن، فرزانه
                                
                                
                                جي قبر
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                وجهڻ لاءِ
                                
                                
                                آندي هئي.
                                
                                
                                گل
                                
                                
                                اڌو گابرا
                                
                                مرجهايل
                                
                                
                                هئا
                                
                                
                                ۽ هن
                                
                                
                                ويچارو:
                                
                                فرزانه
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هڪ گل
                                
                                
                                هئي،
                                
                                
                                پر مرجهائجي
                                
                                
                                وئي 
                                .. 
                                شايد،
                                
                                
                                موسم
                                
                                کان اڳ
                                
                                
                                مرجهائجي وئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي دماغ
                                
                                ۾
                                
                                
                                اهو خيال
                                
                                
                                هٿوڙا
                                
                                بڻجي
                                
                                
                                وڄڻ
                                
                                
                                لڳو ته
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                ماحول ۾. گل
                                
                                
                                ٽڙڻ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳ 
                                
                                ئي
                                
                                
                                مرجهائجي ٿا
                                
                                
                                وڃن. 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                جو خيالن
                                
                                
                                جو سلسلو
                                
                                
                                گلن
                                
                                
                                تان، گلستان
                                
                                
                                تان 
                                
                                ٽپندو، انهن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                راڳ 
                                
                                آلاپيندڙ
                                
                                
                                شاعرن جي
                                
                                
                                گيتن
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڃي 
                                
                                اٽڪيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                هڪڙو گيت
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي ذهن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                تري آيو: 
                                
                                ”گل ٽڙن ٿا
                                
                                
                                چنڊ
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چهڪي، 
                                
                                ڇا
                                
                                
                                بابت سندءِ
                                
                                
                                بات 
                                
                                آ
                                
                                
                                پيارا!“ 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                سوچيو 
                                .. 
                                هي 
                                
                                شاعر
                                
                                ڪهڙو
                                
                                
                                نه مورک
                                
                                
                                آهي؛
                                
                                هن 
                                
                                گلن
                                
                                
                                جي ٽڙڻ 
                                کنڊڻ جي
                                
                                
                                رخ
                                
                                کي
                                
                                
                                ئي ڏٺو آهي؛
                                
                                
                                تصوير جو
                                
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                رخ
                                
                                
                                هن کان 
                                
                                بلڪل
                                
                                
                                ئي لڪل
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                آهي. گل
                                
                                
                                ٽڙن
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ... 
                                
                                ها
                                
                                
                                ها
                                
                                ... گل
                                
                                
                                ٽڙن
                                
                                
                                ٿا،
                                
                                
                                پر مرجهائجي
                                
                                ٿا
                                
                                وڃن 
                                .. 
                                
                                مفت،
                                
                                
                                بيڪار، اجايو!
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                شاعر کي انهيءَ
                                
                                
                                جو احساس ئي
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                سوچيو 
                                .. 
                                هي 
                                
                                جهان به
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هڪ گلستان
                                
                                
                                آهي 
                                ... 
                                
                                ۽ گل؟ 
                                ........ 
                                
                                ها، 
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                
                                ياد 
                                
                                آيو:
                                
                                
                                دوستن سان
                                
                                
                                بحث 
                                
                                ڪندي، هن
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                لڱا
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                هو ته
                                
                                
                                جهان 
                                
                                جا
                                
                                فنڪار،
                                
                                
                                اديب شاعر
                                
                                
                                هن گلستان
                                
                                ۾
                                
                                
                                اهڙا
                                
                                
                                گل
                                
                                
                                آهن، جن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                سڳنڌ
                                
                                
                                به آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سونهن به.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي نظر
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                وڃي 
                                
                                فرزانه
                                
                                
                                جي سرد
                                
                                
                                پيلي
                                
                                
                                چهري تي
                                
                                
                                پيئي
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن سوچيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هي سڀ
                                
                                
                                شاعر به
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                فرزانه جيان
                                
                                
                                موت جي
                                
                                
                                گود
                                
                                ۾
                                
                                
                                پئجي رهندا.
                                
                                
                                هي محبت
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                گيت،
                                
                                
                                هن سوچيو،
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                به جڙندا
                                
                                هلندا،
                                
                                
                                جڳ ڳائيندو هلندو،
                                
                                
                                چريا
                                
                                چاهه
                                
                                ڪندا
                                
                                رهندا
                                
                                
                                .. 
                                
                                چند 
                                ڏينهن لاءِ
                                
                                ۽
                                
                                
                                وري موت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سرد 
                                
                                
                                هٿ 
                                ......... 
                                        
                                
                                هو
                                
                                
                                موت ۽ حيات جي
                                
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                ويچار 
                                
                                وگيان ۾ 
                                کوئجي ويو.
                                
                                
                                اڪيچار 
                                
                                ويچار هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ذهن ۾ اسرندا
                                
                                رهيا.
                                
                                
                                جيڪڏهن ڪائنات 
                                
                                ۾ وڌيڪ
                                
                                
                                گل
                                
                                
                                اسرڻ ئي
                                
                                
                                بند
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وڃن، ته
                                
                                
                                سنسار 
                                
                                جي
                                
                                
                                سونهن جو
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ٿيندو؟ هن
                                
                                
                                سوچيو. ”جڳ
                                
                                ۾
                                
                                
                                جوت قائم
                                
                                
                                رکڻ لاءِ
                                
                                ڪي
                                
                                ڏيا
                                
                                ته
                                
                                
                                جرڪندائي رهندا...
                                
                                
                                پر“
                                
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                
                                خيال 
                                
                                آيو:
                                
                                
                                گهٽ
                                
                                ۾
                                
                                
                                گهٽ 
                                ڏيئن لاءِ
                                
                                
                                ماحول ته
                                
                                
                                اهڙو
                                
                                
                                هجي، جتي
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                طوفانن جي
                                
                                
                                لپيٽ
                                
                                ۾
                                
                                
                                نه اچي
                                
                                
                                سگهن 
                                .. 
                                جتي
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                جي اجهامڻ
                                
                                کي
                                
                                
                                ازلي قانون
                                
                                
                                نه سمجهي
                                
                                
                                سگهجي. ۽ 
                                ڏيئن، شمعن،
                                
                                
                                شاعرن تان
                                
                                ٽپندو
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                خيالن جو
                                
                                
                                سلسلو وري
                                
                                
                                وڃي 
                                
                                گلستانن
                                
                                ۽
                                
                                
                                گلن تي
                                
                                
                                بيٺو. هن
                                
                                
                                سوچيو 
                                .. 
                                
                                ڇا
                                
                                
                                اهڙو
                                
                                
                                ماحول پيدا
                                
                                نٿو
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهجي، جتي
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ڪيتري
                                
                                
                                به
                                
                                ٿوري
                                
                                
                                تعداد 
                                
                                ۾ گل
                                
                                
                                پوکجن، پر
                                
                                
                                اهڙا
                                
                                پوکجن،
                                
                                
                                جوموسم جي
                                
                                
                                حالتن
                                
                                
                                جو مقابلو
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهن، ۽ بهار
                                
                                
                                ماڻڻ کان 
                                
                                اڳ نه
                                
                                
                                ڪومائجي
                                
                                
                                سگهن؟ اهو
                                
                                
                                سوال 
                                
                                هن
                                
                                
                                جي دماغ
                                
                                ۾
                                
                                ڪيتري
                                
                                
                                دير وڄندو
                                
                                
                                رهيو، ۽ هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                دل چيو:
                                
                                
                                جيڪر
                                
                                
                                جڳ کي جاڳ
                                
                                ڏئي،
                                
                                
                                انهيءَ سوال
                                
                                
                                جو جواب
                                
                                
                                پڇي 
                                
                                ڪڍي. هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                خيال 
                                
                                آيو 
                                .. 
                                
                                جهنگ
                                
                                ۽
                                
                                
                                گلستانن ۾، انيڪ
                                
                                
                                گل ٽڙن ٿا؛
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪل
                                
                                
                                به
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                پوي ۽ هو
                                
                                
                                مرجهايو وڃن.
                                
                                
                                شايد، هن
                                
                                
                                سوچيو، انسان اڃا
                                
                                تائين
                                
                                
                                اوجهڙ ۾ اٽڪيو
                                
                                
                                پيو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                گلستانن لاءِ
                                
                                
                                زرخيز زمين
                                
                                
                                هموار 
                                
                                نه
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سگهي آهي.
                                
                                
                                ڪيستائين
                                
                                
                                ائين بيراهه
                                
                                
                                زندگي هلندي
                                
                                
                                هلندي؟ 
                                ڪيسين گل
                                
                                
                                ٽڙڻ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳ 
                                
                                مرجهائجي
                                
                                
                                ويندا،
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي خيالن
                                
                                
                                جو سلسلو
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                پنهنجي وطن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                شاعرن جي
                                
                                
                                گيتن
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                لڙي ويو.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي خشڪ
                                
                                
                                چپن
                                
                                
                                تي هڪ
                                
                                
                                ڪڙي
                                
                                
                                مُرڪ
                                
                                
                                تري آئي،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي دل
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                ته جيڪر
                                
                                
                                سڀني
                                
                                
                                شاعرن 
                                
                                
                                کي گڏ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                چوي:
                                
                                
                                ”ڳايو،
                                
                                ڳايو:
                                
                                
                                گل
                                
                                ٽڙن
                                
                                ٿا، چنڊ
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چهڪي 
                                .. 
                                
                                ها، 
                                
                                چنڊ
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چهڪي، گل
                                
                                
                                ٽڙن
                                
                                
                                ٿا!“
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                دل
                                
                                
                                چيو ته
                                
                                
                                جيڪر
                                
                                
                                جهنگ مان
                                
                                
                                وڃي، سڀ
                                
                                
                                ڇڻيل
                                
                                
                                گل 
                                کڻي، جيڪي
                                
                                
                                پٽ
                                
                                
                                تي پئي،
                                
                                
                                سڙي
                                
                                ڀاڻ ٿي ويا
                                
                                آهن،
                                
                                
                                ميڙي
                                
                                
                                انهن شاعرن
                                
                                
                                جي مٿان
                                
                                
                                وسڪارا
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                اُڇلي،
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ وڏا
                                
                                وڏا
                                
                                ٽهڪ
                                
                                
                                هڻي چوي:
                                
                                
                                ”ڳَايو!
                                
                                
                                گل
                                
                                ٽڙن
                                
                                ٿا
                                
                                ... گل
                                
                                
                                ٽڙن
                                
                                
                                ٿا.....“ |