| 
                                
                                خاڪا
                                 
                                
                                تنوير عباسي 
                                
                                خديجه شيخ 
                                
                                  
                                
                                تنوير عباسي 
                                
                                حفيظ_ هڪ
                                
                                
                                ڳجهارت! 
                                
                                  
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                شيخ_ 
                                ڪٿان شروع
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                ختم
                                
                                ڪريان؟
                                
                                
                                نه هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ابتدا هئي
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                انتها_ ربانيءَ
                                
                                
                                سان1952ع
                                
                                ۾
                                
                                
                                دوستي شروع
                                
                                
                                ٿي.
                                
                                
                                ڦليليءَ
                                
                                
                                واري
                                
                                
                                گورنمينٽ 
                                ڪاليج ۾ انٽر
                                
                                
                                سائنس ۾ هئاسين.
                                
                                
                                رباني اڪثر
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جو ذڪر
                                
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                هئو.
                                
                                
                                دلچسپ 
                                ڳالهيون. انهي
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                عرصي ۾ هڪ
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                دفعا
                                
                                
                                مليو، جهڙو
                                
                                
                                رباني کان 
                                ٻڌم، اهڙو
                                
                                
                                ئي
                                
                                ڏٺم_
                                
                                
                                عجيب، بي
                                
                                
                                پرواهه، جيڪو
                                
                                
                                سوچيندو سو
                                
                                
                                چئي
                                
                                ڏيندو.
                                
                                ڇا
                                
                                
                                جو خيال
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                فلاڻو يا
                                
                                
                                فلاڻا دل
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪندا،
                                
                                
                                جهڙو
                                
                                
                                اندر تهڙو
                                
                                
                                ڀاهر،
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                لڳندو هئو،
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                سُرت جو
                                
                                
                                وهڪرو 
                                Stream of Consiousness 
                                
                                بنا
                                
                                ڪنهن 
                                Super Ego 
                                
                                جي سينسر
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                چٽو پڌرو
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                ڳالهائڻ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                نهٺو، نماڻو،
                                
                                
                                قربائتو، پيارا،
                                
                                
                                دلبر
                                
                                ۽
                                
                                
                                گهڻو ڪري شاٿي
                                
                                
                                (س
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ش
                                
                                
                                چوندو هئو)
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سڏيندو. ائين
                                
                                
                                ڳالهائيندو
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                پيارو 
                                ڀاءُ هجي.
                                
                                
                                هر
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                جو دلبر،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                جي اصول
                                
                                
                                جي
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                آئي ته
                                
                                
                                پيارا، دلبر
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                شاٿيءَ کان ٿي، الائي
                                
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                پهچندو. نه
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                منافقي، نه
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                مصلحت پسندي،
                                
                                
                                سڌي
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                سوٽي جي.
                                
                                
                                کُلئي
                                
                                
                                عام
                                
                                
                                چوندي هئو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مذهب رڳو
                                
                                
                                ملمعو آهي.
                                
                                
                                پڪو
                                
                                
                                مارڪسي هوندو
                                
                                
                                هئو
                                
                                ۽
                                
                                
                                پنهنجي ان
                                
                                
                                مسلڪ
                                
                                کي
                                
                                
                                نه لڪائيندو
                                
                                
                                هئو.
                                
                                
                                نه ٻين وانگر
                                
                                
                                رنگ
                                
                                
                                روپ 
                                ڏيئي اسلام
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مذهب
                                
                                
                                جي مطابق
                                
                                
                                ثابت
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                جي 
                                ڪوشش 
                                ڪندو هئو. 
                                        
                                
                                ننڍو
                                
                                
                                قد، سانورو
                                
                                
                                رنگ،
                                
                                
                                مضبوط هاٺي،
                                
                                
                                ننڍڙيون اکيون،
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                کلندو
                                
                                
                                هئو ته
                                
                                
                                اُهي
                                
                                
                                به 
                                ٻوٽجي وينديون
                                
                                
                                هيون. 
                                        
                                
                                هڪ
                                
                                
                                دفعي، شايد
                                
                                
                                سال 1956ع
                                
                                
                                هئو، هڪ
                                
                                
                                لفافو مليو.
                                
                                
                                ڪنڊ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                موم بتي
                                
                                
                                ڇاپيل
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                جي هيٺان
                                
                                
                                لکيل
                                
                                ”شعاع
                                
                                
                                لطيف“.
                                
                                اهو
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                تخلص هئو
                                
                                
                                انهن
                                
                                ڏينهن
                                
                                ۾_
                                
                                
                                خط اهڙو
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                پياري پرينءَ
                                
                                
                                لکيو
                                
                                
                                هجي. 
                                        
                                
                                سياري جي
                                
                                
                                سخت
                                
                                
                                سرد رات_
                                
                                
                                مان
                                
                                ڪرشنا
                                
                                
                                هال هير
                                
                                
                                آباد
                                
                                
                                جي 
                                کوليءَ ۾ سوَڙ
                                
                                
                                ويڙهيل سيڙهيل
                                
                                
                                ننڊ
                                
                                ۾
                                
                                
                                الوٽ، پنهنجي
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                گيت جا
                                
                                
                                ٻول
                                
                                
                                ٻڌان
                                
                                
                                ٿو:- 
                                        
                                
                                شبح
                                
                                
                                نه آهي
                                
                                
                                دور،
                                
                                
                                شاٿي 
                                        
                                
                                شبح
                                
                                
                                نه آهي
                                
                                
                                دور. 
                                        
                                
                                ڀانيان
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪو
                                
                                
                                خواب ٿو 
                                ڏسان، پر
                                
                                
                                اکيون کلي 
                                ٿيون وڃن.
                                
                                
                                سامهون حفيظ
                                
                                
                                نيلامي اوور
                                
                                
                                ڪوٽ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪالر
                                
                                کي
                                
                                
                                مٿي تي
                                
                                
                                ورائي، اسيڪيمو
                                
                                
                                وانگر ان
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                منهن 
                                ڪڍي، مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                منهنجي ئي
                                
                                
                                گيت
                                
                                
                                سان جاڳائي
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                شاٿي
                                
                                (ساٿي)
                                
                                
                                شبح 
                                (صبح) نه
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                دور. 
                                        
                                
                                اکيون مهٽي
                                
                                
                                اٿان
                                
                                ٿو_
                                
                                
                                هو چوي
                                
                                
                                ٿو.
                                
                                
                                ”اٿ_
                                
                                
                                اڄ
                                
                                
                                سڄو 
                                ڏينهن ڪم 
                                ڪرڻو آهي.
                                
                                
                                ”شاگرد“
                                
                                
                                جو
                                
                                ”سنڌ
                                
                                
                                نمبر“ ٿو 
                                ڪڍان. حيدرآباد
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ماڻهن سان
                                
                                
                                ملڻو
                                
                                
                                آهي. مواد
                                
                                
                                وٺڻو
                                
                                
                                آهي. انهن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                لسٽ 
                                ٺاهيون.“ 
                                        
                                
                                وقت
                                
                                ڏسان
                                
                                ٿو
                                
                                _
                                
                                
                                صبح جا
                                
                                
                                پنج
                                
                                ٿيا
                                
                                
                                آهن. سخت
                                
                                
                                سيءُ، چانهه
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                به آسرو
                                
                                
                                ڪونهي
                                
                                
                                ويهي
                                
                                
                                لسٽ 
                                ٺاهيون ٿا. چاليهن
                                
                                
                                ماڻهن جي
                                
                                
                                لسٽ_! 
                                        
                                
                                ”حفيظ_
                                
                                
                                هڪڙي
                                
                                ڏينهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                ايترن ماڻهن
                                
                                
                                سان
                                
                                ڪيئن
                                
                                
                                ملي سگهبو_
                                
                                
                                ؟“ 
                                        
                                
                                هو
                                
                                
                                سمجهائي ٿو _ فلاڻي
                                
                                
                                وٽ
                                
                                ڏهه
                                
                                
                                منٽ_ اتان
                                
                                
                                فلاڻي تائين
                                
                                
                                پنڌ
                                
                                ۾
                                
                                
                                پندرهن منٽ_
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                وٽ پنج
                                
                                
                                منٽ_
                                
                                
                                پوءِ پنڌ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هيترا منٽ 
                                ........ 
                                
                                ۽
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                هو مونکي
                                
                                
                                قائل
                                
                                ڪري
                                
                                ٿو
                                
                                
                                وڃي ته
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڏينهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                سڀني سان
                                
                                
                                ملي
                                
                                
                                وٺبو. 
                                        
                                
                                اڇو
                                
                                
                                صبح 
                                ٿيو، هڪ
                                
                                
                                هوٽل
                                
                                
                                تي چانهه
                                
                                
                                پي،
                                
                                
                                گرم ٿي اڳتي
                                
                                
                                وڌياسين. هير
                                
                                
                                آباد
                                
                                
                                جي جيل
                                
                                
                                روڊ
                                
                                (اڄڪلهه
                                
                                ڀرڳڙي
                                
                                
                                روڊ) تي
                                
                                
                                آياسين ته
                                
                                
                                تيرٿ
                                
                                
                                داس جو
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                آيو. چيائين
                                
                                
                                ”يار_
                                
                                
                                سئوٽ
                                
                                
                                وٽ 
                                ٿيندا هلون.“ 
                                        
                                
                                تيرٿداس جو
                                
                                
                                نالو
                                
                                
                                لسٽ ۾ نه
                                
                                
                                هئو.
                                
                                
                                هو حفيظ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سڳو سئوٽ
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                صوفي شاهه
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سچل
                                
                                کي
                                
                                
                                انگريزيءَ ۾ ترجمو
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                هئائين. حفيظ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                پيءُ 
                                ڊاڪٽر عبدالرسول
                                
                                
                                هندوءَ مان
                                
                                
                                مسلمان ٿيو هيو.
                                
                                
                                (تيرٿ
                                
                                
                                داس
                                
                                
                                سان ان
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                مائٽي هيس).
                                
                                
                                خيرپور ۾ سرڪاري
                                
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                هيو.
                                
                                ٻوليءَ
                                
                                ۽
                                
                                
                                مذهب جي
                                
                                
                                معاملي ۾ 
                                کُليل دل
                                
                                
                                رکندو هئو.
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                زال 
                                (حفيظ جي
                                
                                
                                ماءُ) 
                                ڪرستان هئي.
                                
                                
                                سندن
                                
                                
                                گهر جمهوريت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                گهر هئو.
                                
                                
                                پاڪستان جي
                                
                                
                                تحريڪ جي
                                
                                
                                زماني ۾ حفيظ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پيءُ سڀني
                                
                                
                                ٻارن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                زال
                                
                                کان
                                
                                
                                ووٽ وٺي
                                
                                
                                گهر
                                
                                ۾
                                
                                
                                اردو شرع
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                هئي. 
                                        
                                
                                تيرٿداس سان
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ٻولهه
                                
                                
                                ڪندي
                                
                                
                                صبوح
                                
                                
                                جا ڏهه ٿي ويا.
                                
                                
                                تصوف، ترقي
                                
                                
                                پسندي، مذهب،
                                
                                
                                سايست._ سڀني
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                بحث 
                                ٿيو. 
                                ٻاهر آياسين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مون حفيظ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                چيو
                                
                                ”هيءُ
                                
                                
                                ته لسٽ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                نه هيو.
                                
                                
                                باقي
                                
                                
                                رهيل 
                                ڪيئن پورا
                                
                                
                                ڪندين؟“ 
                                        
                                
                                چيائين 
                                ”ڪامريڊ حيدر
                                
                                
                                بخش
                                
                                
                                جتوئيءَ ڏي هلون
                                
                                
                                ٿا“ 
                                        
                                
                                ڪامريڊ
                                
                                
                                وٽ
                                
                                
                                وياسين ته
                                
                                
                                اٿڻ
                                
                                
                                تي دل
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                نه 
                                ڪري. منجهند
                                
                                
                                ڌاري
                                
                                
                                اتان
                                
                                
                                اٿياسين ۽ ائين
                                
                                
                                ٽيهن
                                
                                
                                ماڻهن جي
                                
                                
                                لسٽ
                                
                                
                                مان حفيظ
                                
                                
                                رڳو
                                
                                
                                پنجن ڇهن ماڻهن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                ملي سگهيو.
                                
                                
                                ”شاگرد“
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سنڌ نمبر
                                
                                
                                نڪري
                                
                                
                                نه سگهيو،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                هڪ عام
                                
                                
                                پرچو
                                
                                ۽
                                
                                
                                هڪ 
                                ”روشن نمبر،
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي ذوق
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                يادگار آهن.
                                
                                
                                روشن
                                
                                
                                مغل مرحوم
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                حفيظ کي جذباتي
                                
                                
                                لڳاءُ هيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                نمبر
                                
                                
                                ان جي
                                
                                
                                عقيدت ۾ 
                                ڪڍيو هئائين. 
                                        
                                
                                ”شاگرد“
                                
                                
                                رسالي لاءِ
                                
                                
                                چوندو هئو
                                
                                
                                ”يار_
                                
                                
                                تون،
                                
                                
                                مان، هيءُ
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                سڀ شاگرد
                                
                                
                                آهيون. سڄي
                                
                                
                                عمر
                                
                                
                                پرائيندا ۽ پڙهندا
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                رهون. اهو
                                
                                
                                رسالو هر
                                
                                
                                عمر
                                
                                
                                جي شاگرد
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                آهي.“ 
                                        
                                
                                ڪو
                                
                                
                                پڙهاڪو هئي،
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                به
                                
                                ڪتاب
                                
                                ڏيوس،
                                
                                
                                راتيون جاڳي،
                                
                                
                                گهوٽي پي
                                
                                
                                ويندو. افلاطون،
                                
                                
                                ارسطو، 
                                ڊارون، رسيل،
                                
                                
                                برنارڊ شا،
                                
                                
                                آسڪر
                                
                                
                                وائلڊ، اوهينري،
                                
                                
                                موپاسان، بالزاڪ،
                                
                                
                                هيمنگوي، 
                                ٽئگور_ هر
                                
                                
                                مشهور ليکڪ
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                هضم ڪيل هئو.
                                
                                
                                ڳالهائيندو
                                
                                
                                هئو
                                
                                
                                ته ڄڻ فلسفي
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                پر فلسفي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                قربائتو، پيار
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                سڃاڻپ هئو.
                                
                                
                                دوستن سان،
                                
                                
                                وطن
                                
                                
                                سان، علم
                                
                                
                                سان،
                                
                                
                                عام پيڙهيل
                                
                                
                                ماڻهن سان. 
                                        
                                
                                هڪ
                                
                                
                                دفعي ميٺارام
                                
                                
                                هاسٽل جي
                                
                                
                                ڪيئنٽين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                گهڙيس. 
                                ڏسان ته
                                
                                
                                سامهون 
                                ٽيبل تي
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                ويٺو آهي.
                                
                                
                                اڳيان چانهه
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪوپ،
                                
                                
                                سگريٽن جو
                                
                                
                                پاڪيٽ ۽ ماچيس
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                اٿس. 
                                ڪنهن نوٽ
                                
                                
                                بڪ
                                
                                
                                تي 
                                ڪجهه لکي
                                
                                
                                پيو.
                                
                                
                                مان سندس
                                
                                
                                آڏو
                                
                                ٿو
                                
                                
                                وڃي بيهان.
                                
                                
                                هو
                                
                                ڪنڌ
                                
                                کڻي
                                
                                
                                مون ڏي ڏسي ٿو ۽ وري
                                
                                
                                ڪنڌ
                                
                                
                                هيٺ
                                
                                ڪري
                                
                                
                                لکڻ ۾ مشغول
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                وڃي.
                                
                                
                                مان 
                                ڪرسي سيري
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                آڏو وهان
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                چوان
                                
                                ٿو.
                                
                                ”حفيظ
                                
                                
                                چانهه نه
                                
                                
                                پياريندي.؟“ 
                                        
                                
                                هو
                                
                                
                                قهر 
                                ڀريل نظرن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                مون ڏي ڏسي ٿو، 
                                ٺڪاءُ_ هڪ
                                
                                
                                زودار چماٽ
                                
                                
                                وها
                                
                                
                                ئي ٿو 
                                ڪڍي. وري
                                
                                
                                لکڻ
                                
                                ۾
                                
                                
                                مشغول ٿي ٿو وڃي.
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                قلم 
                                ٿڙڪڻ ٿو لڳي.
                                
                                
                                اکين
                                
                                ۾
                                
                                
                                لڙڪ اچي
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                وڃنس. کڻي مونکي
                                
                                
                                ڀاڪر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڀري
                                
                                
                                ٿو.
                                
                                
                                سڏڪا، اوڇنگارون،
                                
                                
                                مان
                                
                                کيس
                                
                                
                                پرچائڻ ۾ عاجز،
                                
                                
                                يار!
                                
                                
                                پرواهه ناهي،
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                دل ۾ نه
                                
                                
                                ڪيو_ 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                سڀني دوستن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                چوندو هئو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                جڏهن مان
                                
                                
                                لکندو يا
                                
                                
                                پڙهندو هجان
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مونکي 
                                ”ڊشٽرب“ نه
                                
                                
                                ڪريو. 
                                        
                                
                                تن
                                
                                ڏينهن
                                
                                ۾
                                
                                1956 
                                 _  1957 
                                ع ۾ حفيظ
                                
                                
                                ”نواءِ
                                
                                
                                سنڌ“
                                
                                ۾
                                
                                
                                رات جو
                                
                                
                                نيوز
                                
                                
                                ايڊيٽر هيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                رباني، نئين
                                
                                
                                سنڌ
                                
                                ۾.
                                
                                
                                مان 
                                ڪراچيءَ ويندو
                                
                                
                                هيس
                                
                                
                                ته ميٺارام
                                
                                
                                هاسٽل ۾ ربانيءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪمري
                                
                                ۾
                                
                                
                                رهندو هيس.
                                
                                
                                رات
                                
                                
                                جو دير
                                
                                
                                تائين 
                                ڪڏهن ربانيءَ،
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                وٽ ويندو
                                
                                
                                هيس
                                
                                ۽
                                
                                
                                جڏهن هڪ
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                بجي
                                
                                
                                رات جو
                                
                                
                                هو
                                
                                ڊيوٽي
                                
                                
                                مان واندا
                                
                                
                                ٿيندا
                                
                                
                                هئا
                                
                                
                                ته اچي
                                
                                
                                سمهي
                                
                                
                                پوندا هياسين. 
                                        
                                
                                گهڻا
                                
                                
                                دفعا ائين
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مان ۽ رباني
                                
                                
                                اڃا
                                
                                
                                هڪ ٻي بجي
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                سمهئون، ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                ۽
                                
                                ڪامريڊ
                                
                                
                                مرغوب اچي
                                
                                
                                در
                                
                                
                                تي مڪون
                                
                                
                                هڻن. 
                                        
                                
                                ”اٿو_
                                
                                
                                توهان سرمايه
                                
                                
                                دارن
                                
                                
                                وانگر آرام
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ڪريو.
                                
                                
                                هلي
                                
                                ڏسو
                                
                                
                                ته عوام
                                
                                
                                جي
                                
                                ڇا
                                
                                
                                حالت آهي.“ 
                                        
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                اسان سڀ
                                
                                
                                برنس
                                
                                
                                روڊ، فريئر
                                
                                
                                روڊ
                                
                                
                                جي فوٽ
                                
                                
                                پاٿن
                                
                                
                                تي ستل
                                
                                
                                ماڻهن کي 
                                ڏسندا به
                                
                                
                                ويندا هئاسين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مارڪسزم تي
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                ۽
                                
                                
                                مرغوب جا
                                
                                
                                ليڪچر به
                                
                                
                                ٻڌندا
                                
                                
                                هياسين. ڪي بي
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                به فوٽ
                                
                                
                                پاٿن
                                
                                
                                تي سمهندا
                                
                                
                                هئا
                                
                                
                                ته ڪي فلئٽن
                                
                                
                                وارا
                                
                                کليل
                                
                                
                                هوا جهٽڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                به فوٽ
                                
                                
                                پاٿن
                                
                                
                                تي اچي
                                
                                
                                سمهندا هئا.
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                چانڊوڪي رات
                                
                                
                                هوندي هئي
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪلفٽن
                                
                                
                                تائين پنڌ
                                
                                
                                هليا
                                
                                
                                ويندا هياسين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                موٽندي سبحان الله هوٽل
                                
                                
                                (جيڪا
                                
                                
                                لائيٽ هائوس
                                
                                
                                سئنيما جي
                                
                                
                                ڀر
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                هوندي هئي،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                رات 
                                کليل هوندي
                                
                                
                                هئي)
                                
                                
                                تي چانهه
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                اتان
                                
                                
                                پاوا به
                                
                                
                                کائيندا
                                
                                
                                هياسين. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي سگريٽ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                برانڊ منڍ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                پڇاڙيءَ تائين
                                
                                
                                ”ڪي_
                                
                                
                                ٽو“
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                صبح جو
                                
                                
                                چار
                                
                                
                                پاڪيٽ ”ڪي 
                                ٽوءَ“ جا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                ٽي
                                
                                
                                ماچيس وٺندو.
                                
                                
                                سڄو
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                لڳاتار سگريٽ
                                
                                
                                پيئندو. 
                                Chain 
                                smoking 
                                ڪندو. جڏهن
                                
                                
                                افسانو ”هز ماسٽرس
                                
                                
                                وائيس“ لکيائين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اسان جو
                                
                                
                                هڪڙو
                                
                                
                                مشهور شاعر
                                
                                
                                ڪاوڙجي
                                
                                
                                پيس.
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ته ان
                                
                                
                                افساني ۾ حفيظ
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                شاعر جي
                                
                                
                                ڪردار
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                لکيو هيو.
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                وري، حفيظ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                شعر لکيو: 
                                
                                ”ڪي
                                
                                
                                ٽو
                                
                                
                                آهي
                                
                                ڀيٽو
                                
                                
                                يار“ 
                                        
                                
                                پر
                                
                                
                                حفيظ انهن
                                
                                
                                ڳالهين
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اثر ئي
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                وٺندوهئو. 
                                        
                                
                                اڳي
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳرو_ اصول
                                
                                
                                جي
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                تي دوست،
                                
                                
                                يار،
                                
                                
                                مائٽ، وڏو
                                
                                
                                ننڍو
                                
                                
                                سڀ سان
                                
                                
                                اٽڪي
                                
                                
                                پوندو هيو.
                                
                                
                                پنهنجي جيون
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                ٻڌائيندو
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                پيءُ ماءُ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اصولن جي
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                پري
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                فوج ۾ 
                                ڀرتي 
                                ٿيو. نانگ
                                
                                
                                پور
                                
                                
                                جا نانگ
                                
                                
                                لتاڙيائين. 
                                کٽمٺڙن جو
                                
                                
                                دڪان
                                
                                ڪڍيائين.
                                
                                
                                بوٽ پالش
                                
                                
                                ڪيائين.
                                
                                
                                هن
                                
                                ”پنهنجي
                                
                                
                                زندگي“ گذاري.
                                
                                
                                پنهنجي آدرشن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اصولن آهر.
                                
                                
                                ڪي
                                
                                
                                ڪي
                                
                                
                                خطرناڪ ۽ عجب
                                
                                
                                جهڙا
                                
                                
                                تجربا به
                                
                                
                                ڪيائين،
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                هتي لکڻ
                                
                                
                                جهڙا
                                
                                
                                ناهن. 
                                        
                                
                                ميٺارام هاسٽل
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                گهر 
                                ڪجهه وِکن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                هيو. سندس
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                وارا کيس چورائي
                                
                                
                                موڪليندا هئا
                                
                                
                                ته
                                
                                ”ڪڏهن
                                
                                
                                ته گهر
                                
                                
                                ايندو ڪر ته
                                
                                
                                توکي
                                
                                ڏسون“
                                
                                
                                هو جواب
                                
                                
                                موڪليندو هين:
                                
                                
                                ”مان
                                
                                
                                اتان
                                
                                
                                روز لنگهان
                                
                                
                                ٿو،
                                
                                
                                توهان بالڪنيءَ
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                مونکي ڏسي سگهو
                                
                                
                                ٿا.“ 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                ۽
                                
                                
                                مرغوب، ٻئي اسانجي
                                
                                
                                ٽهيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                سائنسي سوچ،
                                
                                
                                روشن
                                
                                
                                خيالي، جدت،
                                
                                
                                انسان دوستيءَ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                طبقاتي شعور
                                
                                
                                پيدا
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                وارا هئا.
                                
                                
                                سنڌي
                                
                                
                                ادبي سنگت
                                
                                
                                جيڪا
                                
                                
                                سوچ جي
                                
                                
                                ڏياٽي
                                
                                
                                ٻاري،
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                جو 
                                ٻارڻ 
                                (Fuel)  
                                
                                هي
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                اسان جا
                                
                                
                                لاڏلا، لاکيڻا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                لاجواب دوست
                                
                                
                                هئا
                                
                                (جويو
                                
                                ۽
                                
                                
                                سوڀو اسان
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                وڏا
                                
                                
                                هئا). 
                                        
                                
                                هڪ
                                
                                
                                دفعي مان
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                رشيد
                                
                                ڀٽي
                                
                                
                                سندس 
                                ڪمري ۾ ويٺا
                                
                                
                                هياسين. هو
                                
                                
                                وهنجڻ نڪري
                                
                                
                                ويو.
                                
                                
                                موٽي آيو
                                
                                
                                ڪپڙا
                                
                                
                                پاتائين. هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                عادت هئي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                بش شرٽ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هڪڙي 
                                ٻانهن 
                                ڪمري ۾ پائيندو
                                
                                
                                هئو
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ هلندي،
                                
                                
                                دروازي کان 
                                ٻاهر نڪري
                                
                                
                                ٻي
                                
                                
                                ٻانهن
                                
                                
                                پائنيدو هيو.
                                
                                
                                اهڙي
                                
                                
                                تڪڙ 
                                ڪندو هئو
                                
                                
                                ٻاهر
                                
                                
                                وڃڻ
                                
                                
                                وقت. ان
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جيئن ئي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ٻانهن
                                
                                
                                پائي اسان
                                
                                
                                ڏي
                                
                                
                                منهن
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                ته رشيد
                                
                                
                                ڀٽيءَ
                                
                                
                                ڏٺو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سندس 
                                ڳچيءَ ۽ 
                                ڇاتيءَ تي
                                
                                
                                تمام
                                
                                
                                گهڻو پائوڊر
                                
                                
                                لڳل
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                رشيد
                                
                                کلندي
                                
                                
                                پڇيس 
                                ”اڙي حفيظ،
                                
                                
                                هي
                                
                                ڇا
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                اٿئي؟ ايڏو
                                
                                
                                پائوڊر ڇو لاتو
                                
                                
                                ٿي.؟“ 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                گهوري اسان
                                
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                ڏي
                                
                                
                                ڏٺو،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ٻي
                                
                                
                                ٻانهن
                                
                                
                                پائي
                                
                                
                                چيئين 
                                ”شاٿي 
                                (ساٿي)!
                                
                                ڇا
                                
                                ڪجي؟
                                
                                
                                بازار ۾ جو
                                
                                
                                جيئڻو آهي_
                                
                                
                                “
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ميٺارام هاسٽل
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪاٺ
                                
                                
                                جي فرش
                                
                                
                                تي
                                
                                ٺڪ
                                
                                ٺڪ
                                
                                ڪندو
                                
                                ٻاهر
                                
                                
                                نڪري ويو. 
                                        
                                
                                رشيد
                                
                                
                                پنهنجي روايتي
                                
                                
                                ٽهڪ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                چيو ”هن کي وري
                                
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                بازار ۾ ويهڻو
                                
                                
                                آهي“ 
                                        
                                
                                ته
                                
                                
                                حفيظ جون
                                
                                
                                ڪي
                                
                                
                                ڳالهيون
                                
                                
                                اهڙيون ته
                                
                                
                                عجيب
                                
                                ۽
                                
                                
                                پراسرار هونديون
                                
                                
                                هيون، جن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سمجهاڻي ملڻ
                                
                                
                                مشڪل
                                
                                
                                هئي. 
                                        
                                
                                محمد
                                
                                
                                ايوب 
                                کهڙي جو
                                
                                
                                پي_
                                
                                
                                اي 
                                ٿيو. مهيني
                                
                                
                                ٻن
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                نوڪري ڇڏي 
                                ڏنائين. پڇيوسونس
                                
                                
                                ”نوڪري
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ڇڏيئي؟“ 
                                        
                                
                                چيائي 
                                ”اشٽفا 
                                (استعيفا) 
                                ڏنم.“ 
                                        
                                
                                وري
                                
                                
                                چئونس 
                                ”ڀلا ڇو 
                                ڏنئي استعيفا؟“ 
                                        
                                
                                چي
                                
                                ”کهڙو
                                
                                
                                ناشتي ۾ ٻه بيدا
                                
                                
                                کائيندو
                                
                                
                                هو،
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون کي وري
                                
                                
                                رڳو
                                
                                
                                هڪ موڪليندو
                                
                                
                                هئو.“ 
                                        
                                
                                لياقت ميڊيڪل
                                
                                
                                ڪاليج
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                شاگرد هيس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سندس ماءُ
                                
                                
                                سيريس حالت
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                اسپتال ۾ داخل
                                
                                
                                ٿي.
                                
                                
                                ڏاڍي Graceful 
                                
                                عورت
                                
                                
                                هئي. حفيظ
                                
                                
                                ٻڌايو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هوءَ 
                                ڪرستان هئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                نرس
                                
                                
                                هئي. پاڻ
                                
                                
                                اڪثر
                                
                                
                                سندس بستري
                                
                                
                                ڀرسان
                                
                                
                                هوندو هئو.
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                به ٻه ٽي چڪر
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                هيس.
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڪئنٽين
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڃي 
                                ڪچهري 
                                ڪندا هياسين.
                                
                                
                                آخر
                                
                                
                                هڪ 
                                ڏينهن هوءَ
                                
                                
                                گذاري ويئي.
                                
                                
                                ان
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                وارو حفيظ
                                
                                
                                مون
                                
                                کان
                                
                                
                                نه وسرندو_
                                
                                
                                اڏول، بهادر،
                                
                                
                                غير
                                
                                
                                جذباتي حفيظ_
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                لڳو ڄڻ هو
                                
                                
                                جهرندڙ جيءَ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                سنڀالي رهيو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                همت سان
                                
                                
                                مُنهن 
                                ڏنائين. دفن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                وقت تائين
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                ساڻس گڏ
                                
                                
                                هيس
                                
                                .ائين
                                
                                
                                پئي لڳو
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                کي
                                
                                ڪو
                                
                                
                                جهوٻو ئي
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آيو آهي. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                لاهور هليو
                                
                                
                                ويو.
                                
                                
                                صحافت ۾ ايم
                                
                                
                                اي
                                
                                ڪرڻ.
                                
                                
                                اتي اي
                                
                                
                                پي
                                
                                
                                پي ۾ نوڪري
                                
                                
                                به
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                هئو ته
                                
                                
                                يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                هئو. مان
                                
                                
                                پاڪستان رائيٽرس
                                
                                
                                گلڊ
                                
                                
                                جي ميٽنگ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                لاءِ ويس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ساڻس مليس.
                                
                                
                                لاهور جون
                                
                                
                                گهٽيون اڌ
                                
                                
                                رات
                                
                                
                                تائين رلياسين،
                                
                                
                                جيئن
                                
                                ڪراچيءَ
                                
                                ۽
                                
                                
                                حيدرآباد جون
                                
                                
                                گهٽيون رلندا
                                
                                
                                هياسين. 
                                        
                                
                                پاڻ
                                
                                ٻڌايائين
                                
                                
                                ته يونيورسٽي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اولهه پاڪستان
                                
                                
                                هاءِ
                                
                                ڪورٽ
                                
                                (تن
                                
                                ڏينهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                ون يونٽ
                                
                                
                                هئو)
                                
                                
                                جي جسٽس
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪنهن
                                
                                ڌيءُ
                                
                                
                                سان پيار
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                اٿس. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                سڄي عمر
                                
                                
                                پيار
                                
                                
                                جو پياسو
                                
                                
                                رهيو. مائٽن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پيار جو،
                                
                                
                                دوستن جي
                                
                                
                                پيار
                                
                                
                                جو، محبوبن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پيار جو.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                وٽ پيار
                                
                                
                                کانسواءِ
                                
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                وکر نه
                                
                                
                                هئو.
                                
                                
                                هن سڀني
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                بي
                                
                                
                                انداز پيار 
                                
                                
                                ڏنو. دوست،
                                
                                
                                يار،
                                
                                
                                ملڪ وطن،
                                
                                
                                ڌرتي،
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                جا ماڻهو،
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                انسانيت، اهو
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جو خواب
                                
                                
                                هئو
                                
                                
                                اهو هن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                آدرش هئو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هن دنيا
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                نفرت
                                
                                
                                جو انت
                                
                                
                                اچي.
                                
                                
                                پيار ئي
                                
                                
                                پيار
                                
                                
                                هجي. امن
                                
                                
                                آشتي، سک،
                                
                                
                                شانتي_ سڄي
                                
                                
                                انسان ذات
                                
                                
                                سک
                                
                                
                                سلامتيءَ امن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                محبت
                                
                                
                                سان هن
                                
                                
                                ڌرتيءَ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                جنت
                                
                                
                                بنائي. 
                                        1964-63 
                                ع
                                
                                
                                ڌاري
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                خيرپور آيس.
                                
                                
                                انهيءَ ئي
                                
                                
                                عرصي
                                
                                ۾
                                
                                
                                نئون 
                                کاتو 
                                ”خانداني منصوبه
                                
                                
                                بندي“ شروع
                                
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                ٻڌم
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                حفيظ ان
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ضلعي آفيسر
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                خيرپور آيو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                خوشي 
                                ٿيم. پڇندو
                                
                                
                                وتان، حفيظ
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ايندو. نيٺ
                                
                                
                                خبر
                                
                                
                                پيم ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                اچي ويو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                ڏاڍي
                                
                                ڪاوڙ
                                
                                
                                لڳم جو
                                
                                
                                پڪ
                                
                                
                                هيم ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                سڌو مون
                                
                                
                                وٽ
                                
                                
                                ايندو. هڪ
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                پڇندو وتان:
                                
                                
                                ”ڪٿي
                                
                                
                                آهي؟“ 
                                ”ڪٿي ٿو رهي“
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                خبر
                                
                                
                                نه چار.
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                فعي دڳ
                                
                                
                                ويندي 
                                ڏسان ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                ٽانگي
                                
                                
                                تي چڙهيو
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                وڃي.
                                
                                
                                پري کان هٿ
                                
                                
                                لوڏي
                                
                                ”هيلو،
                                
                                
                                هيلو“ 
                                ڪيائين، 
                                ٽانگو بيهاري
                                
                                
                                مليو
                                
                                
                                به نه_
                                
                                
                                نيٺ
                                
                                
                                پڇي پڇائي
                                
                                
                                ڳولهي
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                هٿ 
                                ڪيومانس. 
                                        
                                
                                ٻڌايائون
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                رهي ئي
                                
                                
                                آفيس
                                
                                ۾
                                
                                ٿو.
                                
                                
                                هڪ 
                                ڏينهن آفيس
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                پهتو مانس.
                                
                                
                                سخت
                                
                                
                                گرمي هجي.
                                
                                
                                ڏسان
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هيءُ همراهه،
                                
                                
                                گنجيءَ ۽ پئنٽ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اچ
                                
                                
                                وڃ ڪري ليڪچر
                                
                                
                                پيو
                                
                                ڏئي.
                                
                                
                                سندس بش
                                
                                
                                شرٽ
                                
                                ڪرسيءَ
                                
                                
                                تي پيل
                                
                                
                                هئي
                                
                                ۽
                                
                                
                                سندس زيردست
                                
                                
                                فئملي پلاننگ
                                
                                
                                آفيسر با
                                
                                
                                ادب
                                
                                
                                بيٺا 
                                ٻڌن. مونکي
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                گهٻرائجي ويو.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                سندس زيردستن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ٻاهر
                                
                                
                                وڃڻ
                                
                                
                                جو اشارو
                                
                                
                                ڪيو.
                                
                                
                                در
                                
                                
                                اندران بند
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                حجت
                                
                                
                                واري 
                                کيڪار ۽ ڏي وٺ
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                سين.
                                
                                
                                چيائين 
                                ”يار_ 
                                ڏاڍو ڪم ۾ آهيان،
                                
                                
                                اڃا
                                
                                
                                سيٽ نه
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                آهيان 
                                .. 
                                جلدي
                                
                                
                                تو
                                
                                
                                وٽ ايندس.“ 
                                        
                                
                                ٻن
                                
                                
                                ٽن
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                کانپوءِ،
                                
                                
                                ٽاڪ
                                
                                
                                منجهند جو
                                
                                
                                ٽين
                                
                                
                                بجي،
                                
                                ڪانوَ
                                
                                
                                جي اک
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                نڪري، ته
                                
                                
                                گهنٽي وڳي.
                                
                                
                                ٻاهر
                                
                                
                                نڪران ته
                                
                                
                                حفيظ. چيومانس
                                
                                
                                ”هيءُ
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                مليو هيوئي
                                
                                
                                اچڻ
                                
                                
                                لاءِ.؟“ 
                                        
                                
                                اندر
                                
                                
                                آيو. چيائين
                                
                                
                                ”چانهه
                                
                                
                                پيئندس.“ ان
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                مان مسواڙي
                                
                                
                                جاءِ
                                
                                ۾
                                
                                
                                رهندو هيس،
                                
                                
                                جنهنجو 
                                6x6 
                                جو 
                                
                                بورچيخانو
                                
                                کوري
                                
                                
                                وانگر تپندو
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                وري جو
                                
                                
                                گاسليٽ جو
                                
                                
                                چلهو
                                
                                ٻرندو
                                
                                
                                هيو ته
                                
                                
                                دوزخ
                                
                                
                                جهڙو ٿي ويندو
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                قمر پگهر
                                
                                
                                ڳاڙيندي
                                
                                
                                چانهه 
                                ٺاهي آئي.
                                
                                
                                اڃا
                                
                                
                                چانهن پيتيسين،
                                
                                
                                ته
                                
                                ٻيهر
                                
                                
                                گهنٽي وڳي،
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                ماڻهو وزٽ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                وٺڻ آيو
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                سندس زال
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                گردي
                                
                                
                                جو سور
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                مون حفيظ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                چيو
                                
                                ”هل
                                
                                
                                ته مريض
                                
                                
                                به
                                
                                ڏسون
                                
                                ۽
                                
                                ڪچهري
                                
                                
                                به 
                                ڪندا هلون.“ 
                                        
                                
                                مريض
                                
                                ٽانگو
                                
                                
                                آندو هيو.
                                
                                
                                ٽانگي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                چڙهياسين ته
                                
                                
                                مريض
                                
                                
                                چيو ته
                                
                                
                                ”ڊاڪٽر
                                
                                
                                صاحب
                                
                                
                                معاف 
                                ڪجو. غلط
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                تي اوهان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                تڪليف ڏني اٿم.“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                وراڻيس ته
                                
                                
                                ”پرواهه
                                
                                
                                ناهي، مريض
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                تڪليف جو
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                نه 
                                ٿيندو آهي.“ 
                                         
                                        
                                
                                ان
                                
                                
                                تي حفيظ
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                تي 
                                ڪاوڙجي ويو.
                                
                                
                                صفا
                                
                                ٻار
                                
                                
                                وانگر_ چي
                                
                                
                                ”مونکي
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                وقت اچڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                دڙڪا 
                                ڏنئي ۽ هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ائين
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چوين.“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                ائين سمجهايس،
                                
                                
                                جيئن
                                
                                ٻار
                                
                                کي
                                
                                
                                سمجهائجي_ 
                                ”يار، هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                تڪليف آهي.
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                انسانيت جي
                                
                                
                                تقاضا آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                مدد
                                
                                ڪجي.
                                
                                
                                توکي ته
                                
                                
                                ڪا Emergency 
                                
                                نه
                                
                                
                                هئي.“ مس
                                
                                
                                مس
                                
                                
                                وڃي پرتو. 
                                        
                                
                                هڪ
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                فون 
                                ڪيائين، سڀاڻي
                                
                                
                                نيرن
                                
                                
                                تو وٽ
                                
                                
                                ڪندس. 
                                        
                                
                                قمر
                                
                                
                                قرب ۽ سڪ
                                
                                
                                وچان
                                
                                
                                الائي ڇا ڇا تيار
                                
                                
                                ڪيو.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                آيو. ميز
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                ناشتو لڳو.
                                
                                
                                چيائين چانهه
                                
                                
                                ڏيو. 
                                        
                                
                                ”اڙي
                                
                                
                                پهرين 
                                ڪجهه 
                                کاءُ ته
                                
                                
                                سهي.“ 
                                        
                                
                                ضد
                                
                                ڪري
                                
                                
                                پهرين چانهه
                                
                                
                                ٺهرايائين_
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                پليٽ مان
                                
                                
                                آمليٽ 
                                کڻي، مانيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ويڙهي رول 
                                (Roll) 
                                
                                ٺاهي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                چڪ هڻي،
                                
                                
                                مٿان
                                
                                
                                چانهه جو
                                
                                
                                ڍڪ
                                
                                
                                ڀريائين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ايئن
                                
                                
                                منٽن ۾ اهو
                                
                                
                                رول
                                
                                ۽
                                
                                
                                چانهه جو
                                
                                
                                ڪپ
                                
                                
                                ختم
                                
                                ڪري
                                
                                
                                اٿيو ۽ چيائين
                                
                                
                                ”يار
                                
                                
                                آفيس
                                
                                کي
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                دير ٿي 
                                ٿئي.“ 
                                         
                                        
                                
                                ”اڙي
                                
                                
                                حفيظ، هيءُ
                                
                                
                                ته
                                
                                کاءُ“
                                
                                
                                مون چيو
                                 
                                        
                                
                                ”ادا
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                سڀ مون
                                
                                
                                توهان لاءِ
                                
                                
                                ٺاهيو
                                
                                
                                آهي.“ قمر
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                پر
                                
                                
                                حفيظ ڪٿي ٿو مڃي.
                                
                                
                                چي
                                
                                ”مان
                                
                                
                                بورجوا نه
                                
                                
                                آهيان. مون
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                کاڌو
                                
                                
                                آهي 
                                ڪافي آهي.“ 
                                        
                                
                                فئملي پلاننگ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                مشن 
                                Misson 
                                
                                ڪري ورتو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                چوندو رهيو.
                                
                                
                                رجعت
                                
                                
                                پسند ۽ ملُن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                منهن ڏيڻ جو
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                بهترين پليٽ
                                
                                
                                فارم
                                
                                
                                آهي. ڳوٺ ڳوٺ ۾ ويو.
                                
                                
                                پنهنجي اسٽاف
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                نظرياتي طور
                                
                                
                                تيار
                                
                                ڪيائين. 
                                        
                                
                                خيرپور ۾ رهندي،
                                
                                
                                انهيءَ 
                                کاتي ۾ ڪم 
                                ڪندڙ هڪ
                                
                                
                                آفيسرياڻي سان
                                
                                
                                ڏيٺ
                                
                                
                                ويٺ
                                
                                ٿيس.
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                وڌي وڃي
                                
                                
                                دوستيءَ تي
                                
                                
                                پهتي. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                کي
                                
                                
                                سدائين تنهائي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                احساس رهيو.
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                ذرو
                                
                                
                                به قرب
                                
                                
                                ڏيندو
                                
                                
                                هيس
                                
                                
                                ته. سندس
                                
                                
                                دل
                                
                                ڀِڄي
                                
                                
                                پوندي هئي.
                                
                                
                                اکيون آليون
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وينديون هيس.
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                تان 
                                ٻلهار ويندو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                هن سڄي
                                
                                
                                حياتي پيار
                                
                                
                                ڏنو،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                سڄي عمر
                                
                                
                                پيار
                                
                                
                                جو پياسو
                                
                                
                                رهيو. پيءُ
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                جي پيار
                                
                                
                                جو،
                                
                                ڀائرن
                                
                                
                                جي پيار
                                
                                
                                جو،
                                
                                ٿورو
                                
                                
                                گهڻو پيار
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هن کي مليو،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                دوستن وٽان
                                
                                
                                مليو. مرغوب
                                
                                
                                بخاريءَ وٽان،
                                
                                
                                رشيد
                                
                                ڀٽي
                                
                                
                                وٽان، رباني
                                
                                
                                وٽان، جمال
                                
                                
                                رند
                                
                                
                                وٽان، سليم
                                
                                
                                خواجي وٽان،
                                
                                
                                حميد
                                
                                
                                سنڌي وٽان،
                                
                                
                                شيام
                                
                                ڪمار
                                
                                
                                وٽان_ انهن
                                
                                
                                دوستن وٽ
                                
                                
                                اچي.
                                
                                
                                هو پاڻ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                هلڪو
                                
                                
                                محسوس 
                                ڪندو هو.
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                دوست ۾ مان
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                کي
                                
                                
                                به 
                                ڳڻيان ٿو.
                                 
                                        
                                
                                ٻڌايائين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سندس لاهور
                                
                                
                                وارو
                                
                                
                                رومانس 
                                ڪامياب ٿي ويو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                جسٽس جي
                                
                                
                                ڌيءُ،
                                
                                
                                جيڪا
                                
                                
                                سندس هم
                                
                                
                                ڪلاس
                                
                                
                                هئي،
                                
                                
                                ان ٻئي 
                                ڪنهن سان
                                
                                
                                شادي
                                
                                ڪرڻ
                                
                                کان
                                
                                
                                انڪار ڪري 
                                ڇڏيو آهي.
                                
                                
                                شاديءَ جي
                                
                                
                                تاريخ مقرر
                                
                                
                                ٿي.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                تيار ٿي لاهور
                                
                                
                                ويو.
                                
                                (اسان
                                
                                کي
                                
                                
                                نه وٺي
                                
                                
                                ويو.
                                
                                ڇو؟
                                
                                
                                ان جي
                                
                                
                                خبر
                                
                                
                                اڳتي پوندي)
                                
                                
                                چئي
                                
                                
                                ويو ته
                                
                                
                                فلاڻي تاريخ
                                
                                
                                فلاڻي گاڏيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪنوار
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                گڏ موٽندس.“ 
                                        
                                
                                ان
                                
                                
                                تاريخ تي
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                اسٽاف وارا
                                
                                
                                گلن
                                
                                
                                جا هار
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                خيرپور اسٽيشن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                بيٺا. مون
                                
                                
                                کين
                                
                                
                                چئي
                                
                                ڇڏيو
                                
                                
                                هئو ته
                                
                                
                                جيئن
                                
                                
                                ئي حفيظ
                                
                                
                                پهچي
                                
                                
                                ته مونکي
                                
                                
                                فون
                                
                                ڪجو.
                                
                                
                                مان انتظار
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ويٺو
                                
                                
                                آهيان. اسٽيشن
                                
                                
                                فون
                                
                                ڪيم.
                                
                                
                                چيائون 
                                ”گاڏي آئي
                                
                                
                                به_
                                
                                
                                هلي به
                                
                                
                                ويئي.
                                 
                                        
                                
                                سندس
                                
                                
                                آفيس فون
                                
                                
                                ڪيم.
                                
                                
                                جواب
                                
                                
                                مليو 
                                ”گاڏي مان
                                
                                
                                صاحب
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                لٿو.“ 
                                        
                                
                                ٻن
                                
                                
                                ٽن
                                
                                
                                ڪلاڪن
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                فون
                                
                                
                                آئي:
                                
                                ”حفيظ
                                
                                
                                صاحب پهچي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهي، توهان
                                
                                
                                اچو.“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                پڇيو 
                                ”ڪيئن پهتو.؟“ 
                                        
                                
                                هجواب مليو
                                
                                
                                ”روهڙي
                                
                                
                                اسٽيشن تي
                                
                                
                                لٿو
                                
                                
                                هو.“ 
                                        
                                
                                مان
                                
                                
                                عجب ۾ 
                                بد دعائون گهرندو
                                
                                
                                ويس
                                
                                
                                ته الائي
                                
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                سبب
                                
                                
                                هو روهڙيءَ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                لهي پيو.
                                
                                
                                پهچي
                                
                                ڏسان
                                
                                
                                ته حفيظ
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اڪيلو بند
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                پڇيومانس 
                                ”حفيظ هيءُ
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ٿيو؟
                                
                                
                                ڪنوار
                                
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                آهي.؟“ 
                                        
                                
                                چيائين 
                                ”يار، منهنجي
                                
                                
                                دل
                                
                                
                                نه مڃيو.
                                
                                
                                هاڻي
                                
                                
                                هيئن ڪر، منهنجو
                                
                                
                                هڪڙو
                                
                                ڪم
                                
                                ڪر.“ 
                                        
                                
                                پڇيم
                                
                                ”ڪهڙو؟“ 
                                        
                                
                                چيائين 
                                ”فلاڻي 
                                (جيڪا آفيسرياڻي
                                
                                
                                ساڻس
                                
                                
                                گڏ ڪم 
                                ڪندي هئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ويجهائپ ٿي هيس)
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                منهنجي شاديءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                چور_ 
                                ڀاڀي 
                                (قمر) کي چئو
                                
                                
                                ته
                                
                                کيس
                                
                                
                                مڃائي.“ 
                                        
                                
                                مان
                                
                                
                                حفيظ تي
                                
                                
                                ڪاوڙجي
                                
                                
                                ويس.
                                
                                ”تون
                                
                                
                                هڪ 
                                ڇوڪريءَ کي ڇڏي آيو
                                
                                
                                آهين. سڀاڻي
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                هن سان
                                
                                
                                ڳالهيون
                                
                                
                                هلايان، 
                                ڪهڙي پڪ
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                ته سڀاڻي
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                ان سان
                                
                                
                                نڀاهيندين. حفيظ
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                بي اعتبارو
                                
                                
                                آهين. مان
                                
                                
                                ان
                                
                                ڳالهه جي
                                
                                
                                وچ ۾ نه
                                
                                
                                ايندس.“ 
                                        
                                
                                پر
                                
                                
                                حفيظ جو
                                
                                
                                رويو
                                
                                
                                هڪ ضدي
                                
                                
                                ٻار
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                هو. صفا
                                
                                
                                معصوم ۽ ضدي
                                
                                
                                ٻار
                                
                                
                                وارو، جيڪو
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                رانديڪي مان
                                
                                
                                وچرجي وڃي،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                نئين
                                
                                
                                رانديڪي لاءِ
                                
                                
                                انگل
                                
                                ڪري.
                                
                                
                                مون ته
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                انگل نه
                                
                                
                                مڃيو، پر
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                هڻي وڃي
                                
                                
                                هنڌ ڪيائين. ان
                                
                                
                                ڇوڪري
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                تعلقات وڌائيندي
                                
                                
                                تمام
                                
                                
                                ويجهو اچي
                                
                                
                                ويو. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي پرسنلٽي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                هئي، 
                                ڳالهائڻ جو
                                
                                
                                پيارو انداز،
                                
                                
                                نرم،
                                
                                
                                مکڻ جهڙو
                                
                                
                                لهجو، سڌو
                                
                                
                                سنئون، نه
                                
                                
                                رک
                                
                                
                                رکاءُ، نه
                                
                                
                                ٺاهه
                                
                                
                                ٺوهه،
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                مصلحت پسندي_
                                
                                
                                ڇوڪريءَ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پسند
                                
                                
                                اچي ويو. 
                                        
                                
                                مان
                                
                                
                                ان معاملي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                غير
                                
                                
                                جانبدار رهيس.
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                مون سندس
                                
                                
                                همت
                                
                                
                                افزائي ڪئي ۽ نه
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                همت شڪني. 
                                        
                                
                                هڪ
                                
                                
                                رات جو
                                
                                
                                نوين
                                
                                
                                بجي 
                                ڌاري فون
                                
                                
                                آئي.
                                
                                ”حفيظ
                                
                                
                                جو خطرناڪ
                                
                                
                                ايڪسيڊنٽ ٿيو آهي.
                                
                                
                                ڇوڪري
                                
                                
                                به
                                
                                
                                گڏ هيس.
                                
                                
                                راڻي
                                
                                
                                پور اسپتال
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                فرسٽ
                                
                                
                                ايڊ وٺي
                                
                                
                                خيرپور روانا
                                
                                
                                ٿيڻ
                                
                                
                                وارا
                                
                                
                                آهن. اوهان
                                
                                
                                خيرپور سول
                                
                                
                                اسپتال ۾ بندوبست
                                
                                
                                ڪيو.“ 
                                        
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                ته حفيظ
                                
                                
                                ان
                                
                                ڇوڪريءَ
                                
                                کي
                                
                                
                                ساڻ 
                                ڪري، جيپ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                راڻي
                                
                                
                                پور وٽان
                                
                                
                                روهڙي 
                                ڪئنال جي
                                
                                
                                ٽاپ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                گهمڻ ويو
                                
                                
                                هئو.
                                
                                
                                گاڏي پاڻ
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                هلايائين. 
                                        
                                
                                اوچتو گاڏي
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                قبضي مان
                                
                                
                                نڪري
                                
                                
                                ويئي ۽ وڃي
                                
                                
                                وڻ
                                
                                
                                سان 
                                ٽڪري. ٻئي ڄڻا هيٺ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                پيا
                                
                                ۽
                                
                                
                                بيهوش ٿي ويا.
                                
                                
                                رتورت ٿي ويا.
                                
                                
                                ڪئنال
                                
                                
                                ڦاٽڪ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                رات جو
                                
                                
                                ٽرئفڪ
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                هوندي آهي،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                قسمت سانگي
                                
                                
                                مخدوم محمد
                                
                                
                                زمان
                                
                                
                                طالب الموليٰ
                                
                                
                                ٿوري
                                
                                
                                وقت
                                
                                کان
                                
                                
                                پوءِ اتان
                                
                                
                                لنگهيو، جيڪو
                                
                                
                                ڀر
                                
                                
                                واري
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                مان مريدن
                                
                                
                                وٽان
                                
                                ٿي
                                
                                
                                موٽيو. ائڪسيڊنٽ
                                
                                
                                ٿيل
                                
                                
                                ڏسي،
                                
                                
                                ڪهل
                                
                                
                                وچان
                                
                                
                                هنن 
                                ٻنهي کي پنهنجي
                                
                                
                                ڪار
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                راڻيپور اسپتال
                                
                                
                                پهچايائين. 
                                        
                                
                                خيرپور سول
                                
                                
                                اسپتال جي
                                
                                
                                در
                                
                                
                                تي، 
                                ڏاڍي اتاولائيءَ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پريشانيءَ وچان
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                انتظار 
                                ڪيوسين. سرجن
                                
                                
                                هاليپوٽي آپريشن
                                
                                
                                ٿئيٽر
                                
                                
                                تيار
                                
                                ڪرائي
                                
                                ڇڏيو
                                
                                
                                هيو. 
                                        
                                
                                رات
                                
                                
                                جو 
                                ڏهين 
                                ڌاران ايمبولينس
                                
                                
                                آئي.
                                
                                
                                وارڊ بواءِ
                                
                                
                                اسٽريچر کڻي ايمبولينس
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                دروازي تي
                                
                                
                                آندو، ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                اندران ئي
                                
                                
                                رڙ
                                
                                ڪئي. 
                                        No_ I can still walk Sling 
                                
                                نه_مان اڃان
                                
                                
                                پنڌ
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهان ٿو. 
                                        
                                
                                منهنجو ساهه
                                
                                
                                سامت
                                
                                ۾
                                
                                
                                آيو. حفيظ
                                
                                
                                منڊ
                                
                                ڪائيندو
                                
                                
                                هيٺ لٿو.
                                
                                
                                مٿي
                                
                                کي
                                
                                
                                پٽي 
                                ٻڌل، هڪ
                                
                                
                                ٻانهن
                                
                                
                                سلنگ
                                
                                ۾.
                                
                                
                                مون وڌي
                                
                                
                                ڳراٽڙي
                                
                                
                                پاتس، چمي
                                
                                
                                ڏنس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                سهارو ڏنو مانس.
                                
                                
                                چيائين 
                                ”يار_ پرنس
                                
                                
                                علي
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وڃان ها.“ 
                                        
                                
                                (اڳئين
                                
                                
                                آغا
                                
                                
                                خان جو
                                
                                
                                پٽ
                                
                                
                                پرنس علي
                                
                                
                                خان
                                
                                
                                هڪ حسين
                                
                                
                                ڇوڪريءَ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                گڏ ڪار جي
                                
                                
                                حادثي ۾ فوت
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                هيو.) 
                                ڇوڪريءَ کي اسٽريچر
                                
                                
                                تي
                                
                                کنيو
                                
                                
                                ويو. خوش
                                
                                
                                قسمتيءَ سان
                                
                                
                                معمولي زخم
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                حفيظ کي 
                                ڪجهه 
                                ٽاڪا لڳا.
                                
                                
                                ٻانهن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                فرئڪچر جو
                                
                                
                                پلستر 
                                ٿيو. 
                                ڇوڪريءَ جي
                                
                                
                                ملم
                                
                                
                                پٽي ٿي. حفيظ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                آرام
                                
                                
                                جي انجيڪشن
                                
                                
                                هنئي
                                
                                
                                وئي ۽ مان
                                
                                
                                تيستائين حفيظ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                بستري وٽ
                                
                                
                                ويٺو
                                
                                
                                هيس جيستائين
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                ننڊ
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ويئي. 
                                        
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                خير
                                
                                
                                جو گذريو.
                                
                                
                                ٽيئن
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                سج
                                
                                
                                اڀرئي کان اڳ
                                
                                
                                فون
                                
                                
                                جي گهنٽي
                                
                                
                                وڳي.
                                
                                
                                ان وقت
                                
                                
                                ننڊ
                                
                                
                                مان اٿڻ
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                لاءِ سدائين
                                
                                
                                مسئلو رهندو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                مون کي فون
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                واري
                                
                                
                                تي 
                                ڪاڙو آئي.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                قمر کي چيو
                                
                                
                                ”ڏس
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪير
                                
                                
                                آهي؟“ قمر
                                
                                
                                فون
                                
                                
                                رسيوِ ڪئي ۽ 
                                ٻڌايائين ته
                                
                                
                                ”حفيظ
                                
                                
                                آهي“ 
                                        
                                
                                مان
                                
                                ڊڄي
                                
                                
                                ويس_ شل
                                
                                
                                خير
                                
                                
                                هجي_ حفيظ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                متان
                                
                                ڪا 
                                Complication 
                                
                                نه ٿي 
                                
                                
                                هجي.
                                
                                
                                مون قمر
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                فون
                                
                                
                                وٺي اڃا
                                
                                
                                ”هيلو“
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                حفيظ شروع
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو. 
                                        
                                
                                ”هاليپوٽي
                                
                                
                                (سول
                                
                                
                                سرجن) کي چوينس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                خيرات ڏئي کسي نه
                                
                                
                                وٺبي
                                
                                
                                آهي.“ 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جو اهو
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                طريقو هئو.
                                
                                
                                هو
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڳجهارت
                                
                                
                                وانگر وچ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                شروع
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                هئو، مان
                                
                                
                                وائڙو ٿي ويس.
                                
                                
                                ”ڇا
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                هالپوٽو، 
                                ڪاڏي حفيظ،
                                
                                
                                ڪاٿئون
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                خيرات.؟“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                ڳالهه
                                
                                کي
                                
                                
                                سمجهڻ لاءِ
                                
                                
                                پڇيس. 
                                ”حفيظ ڇا ٿو چوين.؟“ 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                ٻڌايو
                                
                                
                                ته 
                                ”هاليپوٽو 
                                ڪالهه چيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مونکي ۽ 
                                ڇوڪريءَ کي ساڳئي
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رکندو پر
                                
                                
                                رات
                                
                                
                                مونکي ۽ 
                                ڇوڪري کي 
                                ڊسچارج ڪري 
                                ڇڏيو اٿائين.
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                رات نه
                                
                                
                                مونکي 
                                ڪنهن 
                                Attend 
                                
                                ڪيو نه
                                
                                
                                هن
                                
                                کي.
                                
                                
                                اسان سڄي
                                
                                
                                رات
                                
                                
                                بنا علاج
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پيا آهيون.“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                سڄي 
                                ڳالهه سمجهه
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آئي، پر
                                
                                
                                ايترو سو
                                
                                
                                سمجهي ته
                                
                                
                                هنن
                                
                                ٻٰهي
                                
                                کي
                                
                                
                                رات 
                                Medical Aid 
                                نه
                                
                                
                                ملي
                                
                                
                                آهي. ان
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                تي
                                
                                ڏاڍي
                                
                                ڪاوڙ
                                
                                
                                لڳم. جلدي
                                
                                
                                جلدي
                                
                                
                                تيار ٿي سول
                                
                                
                                اسپتال پهتس.
                                
                                
                                اڃا
                                
                                
                                اسپتال کلڻ جو
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                نه ٿيو هيو.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                انتظار 
                                ڪيو. ٺيڪ 
                                ٽائيم تي
                                
                                
                                سول
                                
                                
                                سرجن 
                                ڊاڪٽر هاليپوٽو
                                
                                
                                آيو.
                                
                                
                                هميشه وانگر
                                
                                
                                مرڪندي قرب
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                مليو. مان
                                
                                
                                ڪاوڙ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هيس.
                                
                                
                                يڪدم طبي
                                
                                
                                اخلاق 
                                Medical Ethics 
                                تي
                                
                                
                                ليڪچر شروع
                                
                                
                                ڪيم
                                
                                
                                ته”
                                
                                
                                مريض 
                                ڪهڙو به
                                
                                
                                بدمعاش هجي،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                ان جي
                                
                                
                                تڪليف کي گهٽ
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                فرض آهي.“
                                
                                
                                (انهن
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                طبي
                                
                                
                                اخلاق جو
                                
                                
                                وڏو
                                
                                
                                مان هئو).
                                
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                هاليپوٽو منهنجي
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                لڪيچر دوران
                                
                                
                                کلندو
                                
                                
                                رهيو. جڏهن
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                بس ڪئي ته
                                
                                
                                ٽهڪ
                                
                                
                                ڏيئي
                                
                                
                                چيائين 
                                ”ڊاڪٽر_ 
                                ڊاڪٽر، منهنجي
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ته
                                
                                ٻڌ_
                                
                                ڪاوڙ
                                
                                
                                پوءِ 
                                ڪر.“ 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                گهنٽي وڄائي،
                                
                                
                                پٽيوالي کي سڏ
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                چيائين ته
                                
                                
                                ”ڊاڪٽر
                                
                                
                                عباس
                                
                                
                                گهمري کي سڏ
                                
                                
                                ڪر.“ 
                                        
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                عباس
                                
                                
                                گهمرو به
                                
                                
                                منهنجو دوست
                                
                                
                                هيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                ان اسپتال
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                آر
                                
                                
                                ايم او
                                
                                
                                هيو.
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                گهمرو آيو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                هاليپوٽي چيس
                                
                                
                                ته
                                
                                ”ڊاڪٽر
                                
                                
                                تنوير 
                                ڪاوڙيو ويٺو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                کيس
                                
                                
                                حفيظ جي
                                
                                
                                رات
                                
                                
                                واري سڄي
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ٻڌاءِ
                                
                                
                                ته
                                
                                ڇا
                                
                                ٿيو.“ 
                                        
                                
                                عباس
                                
                                
                                گهمري 
                                ٻڌايو ته
                                
                                
                                ”حفيظ
                                
                                
                                ضد
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                ته مونکي
                                
                                
                                ڇوڪريءَ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                گڏ ساڳئي
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رکو.
                                
                                
                                اصل پنهنجي
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                پنهنجي پلنگ
                                
                                
                                کڻائي
                                
                                
                                آڻي
                                
                                ڇوڪريءَ
                                
                                
                                جي 
                                ڪمري ۾ رکايائين.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                گهڻو سمجهايو
                                
                                
                                مانس
                                
                                
                                پر نه
                                
                                
                                مڙيو. ان
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                مون اهو
                                
                                
                                جوکو
                                
                                
                                نه 
                                کنيو ته
                                
                                
                                ٻن
                                
                                
                                اڻ
                                
                                
                                پرڻيل مرد
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                عورت
                                
                                کي
                                
                                
                                ساڳئي 
                                ڪمري ۾ رکان.“ 
                                        
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                هاليپوٽي چيو
                                
                                
                                ”ڊاڪٽر،
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                هنن کي 
                                اهو چيو
                                
                                
                                هئو
                                
                                
                                ته 
                                ڪمرو توهان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                جي 
                                ڀرسان 
                                ڏيندس. اهو
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                چيو هئو
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                ته توهان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ساڳئي 
                                ڪمري ۾ رکندس.
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سڀاڻي ڪو اسان
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                درخواست ڪري ته
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                هنن کي ساڳئي
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رکيو
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                اسانجي ته
                                
                                
                                نوڪري ئي
                                
                                
                                هلي
                                
                                
                                وڃي.“ 
                                        
                                
                                نيٺ
                                
                                
                                حفيظ ۽ مون
                                
                                
                                فيصلو اهو
                                
                                
                                ڪيو،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هو ٻئي اسپتال
                                
                                
                                ڇڏين،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                گهر ۾ سندن
                                
                                
                                علاج
                                
                                ڪندس. 
                                        
                                
                                نيٺ
                                
                                
                                حفيظ ۽ مون
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                فيصلو 
                                ڪيو، ته
                                
                                
                                هو
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                اسپتال 
                                ڇڏين، ۽ مان
                                
                                
                                گهر
                                
                                ۾
                                
                                
                                سندن علاج
                                
                                
                                ڪندس. 
                                        
                                
                                انهيءَ 
                                
                                
                                دوران
                                
                                
                                حفيظ ۽ ان
                                
                                
                                ڇوڪريءَ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                گڏ فوٽا
                                
                                
                                ڪڍايا.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                کي
                                
                                
                                مٿي تي
                                
                                
                                پٽي
                                
                                ٻڌل.
                                
                                ٻانهن
                                
                                
                                سلنگ ۾ پيل
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڇوڪري
                                
                                
                                ڀرسان
                                
                                
                                بيٺل. هڪ
                                
                                
                                دوست
                                
                                
                                آرٽسٽ کان حفيظ
                                
                                
                                اهي
                                
                                
                                وڏيءَ سائيز
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پينٽ
                                
                                ڪرائي،
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڪمري ۾ لڳائي
                                
                                
                                ڇڏيائين. 
                                        
                                
                                خيرپور جو
                                
                                
                                شهر
                                
                                
                                ننڍو، هوءِ
                                
                                
                                هوءِ
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويئي. ائڪسيڊنٽ،
                                
                                
                                اسپتال وارو
                                
                                
                                واقعو، 
                                ڪمري ۾ فوٽا،
                                
                                
                                نيٺ
                                
                                ڇوڪريءَ
                                
                                
                                جي مائٽن
                                
                                
                                ڇوڪري
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                نوڪري 
                                ڇڏرائي، کيس 
                                ڪنهن گمنام
                                
                                
                                جاءِ
                                
                                
                                تي موڪلي
                                
                                
                                ڇڏيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اسانجو يار
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                درد فراق
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                گيت 
                                ڳائيندو رهيو. 
                                        
                                
                                خيرپور مان
                                
                                
                                بهاولپور بدلي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو.
                                
                                
                                وري حفيظ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                حياتي ويران
                                
                                
                                رڻ
                                
                                
                                پٽ ٿي ويئي.
                                
                                
                                رومان جا
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                رنگ نکريا
                                
                                
                                هئا،
                                
                                
                                اهي مٽجي
                                
                                
                                ويا. 
                                        
                                
                                بهاولپور ۾ وري
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                انهي بي
                                
                                
                                رنگي
                                
                                
                                حياتيءَ ۾ رنگ
                                
                                
                                ڀرڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪوشش
                                
                                ڪئي.
                                
                                ٻڌوسين
                                
                                
                                ته اتي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                ليڊي هيلٿ
                                
                                
                                وزٽر
                                
                                
                                سان شادي
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                اٿائين. 
                                        
                                
                                اسان
                                
                                
                                سڀ دوست
                                
                                
                                خوش
                                
                                ٿياسين.
                                
                                
                                نيٺ ته
                                
                                
                                هيءُ
                                
                                
                                ازل کان رولاڪ
                                
                                
                                روح
                                
                                ٿانيڪو
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                گهر ٻار وارو
                                
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                بي ترتيب
                                
                                
                                زندگيءَ ۾، 
                                ٽئگور جي
                                
                                
                                شعر
                                
                                
                                موجب ڪا عورت
                                
                                
                                داخل
                                
                                ٿي.
                                
                                
                                ان ۾ موسيقي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ترتيب 
                                (rythm) 
                                آڻيندي.
                                
                                
                                سندس
                                
                                ٿڪل
                                
                                
                                مانڊي ۽ 
                                ڀٽڪندڙ روح
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                سڪون، 
                                ڪجهه آرام
                                
                                
                                ملندو. 
                                        
                                
                                هڪ
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                صاحب خان
                                
                                
                                چانڊئي جي
                                
                                
                                فون
                                
                                
                                آئي. صاحب
                                
                                
                                خان
                                
                                
                                چانڊيو انهن
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                خيرپور ۾ ضلعي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                فئملي پلاننگ
                                
                                
                                آفيسر هئو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                ۽
                                
                                
                                منهنجو گڏيل
                                
                                
                                دوست
                                
                                
                                هيو. چيائين
                                
                                
                                ”يار_
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                گذاري ويو.“ 
                                        
                                
                                ”نه
                                
                                
                                نه“
                                
                                
                                مون چيو. 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                چيو 
                                ”نه_ پڪ
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                ته گذاري
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهي. ٻن ٽن 
                                ڪلاڪن ۾ سندس
                                
                                
                                لاش
                                
                                
                                اچڻ وارو
                                
                                
                                آهي.“ 
                                        
                                
                                مان
                                
                                
                                قمر کي ساڻ
                                
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                سڌو
                                
                                
                                سندس ممتاز
                                
                                
                                ڪالونيءَ
                                
                                
                                واري
                                
                                
                                بنگلي تي
                                
                                
                                پهتس، جتي
                                
                                
                                لاش
                                
                                
                                اچڻ وارو
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                اتي 
                                کانئس تفصيل
                                
                                
                                پڇيم. 
                                ٻڌايائين رات
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                زال
                                
                                
                                مڙس شيام
                                
                                
                                ڪمار
                                
                                
                                وٽ
                                
                                
                                هيا. رات
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                دير سان
                                
                                
                                انهن
                                
                                کان
                                
                                
                                موڪلائي، پنهنجي
                                
                                
                                ٻٻرلوءِ
                                
                                
                                واري
                                
                                
                                زمين تي
                                
                                
                                ويا
                                
                                ۽
                                
                                
                                اتي اڏايل
                                
                                
                                جهوپڙي ۾ رهيا.
                                
                                
                                صبوح
                                
                                
                                جو مسز
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                شيام وٽ
                                
                                
                                آئي
                                
                                ۽
                                
                                
                                چيائين ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                کي
                                
                                
                                الائي ڇا ٿي ويو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                هلي 
                                ڏسو. 
                                        
                                
                                شيام
                                
                                ٽانگو
                                
                                ڪري
                                
                                
                                مسز حفيظ
                                
                                
                                سان
                                
                                ٻٻرلوءِ
                                
                                
                                واريءَ جهوپڙيءَ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                پهتو. اتي
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                نه پر
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جو لاش
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                هئو. 
                                ٻٻرلوءِ جي
                                
                                
                                زمين
                                
                                ۽
                                
                                
                                ان تي
                                
                                
                                ٺهيل
                                
                                
                                جهوپڙي جي
                                
                                
                                ذڪر
                                
                                
                                سان مان
                                
                                
                                يادن
                                
                                
                                جي شهر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                موٽي
                                
                                
                                ويس. حفيظ
                                
                                
                                چوندو هيو
                                
                                
                                ”ٻٻرلوءِ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                منهنجي زمين
                                
                                
                                آهي.
                                
                                (ٽي
                                
                                
                                چار ايڪڙ
                                
                                
                                زمين
                                
                                
                                هيس.) اتي
                                
                                
                                انسانيت جي
                                
                                
                                خدمت
                                
                                
                                جو مرڪز
                                
                                
                                ٺاهينداسين.
                                
                                
                                توهان سڀ
                                
                                
                                اتي
                                
                                
                                هلي رهجو.
                                
                                
                                تنوير، تون
                                
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                ٿيندين.
                                
                                
                                توکي
                                
                                
                                هڪ ايمبولينس
                                
                                
                                وٺي
                                
                                ڏينداسين.
                                
                                
                                جنهن ۾ غريبن
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                مفت دوائون هونديون.
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                به سڏ
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                ته تون
                                
                                
                                هليو
                                
                                
                                وڃجان ۽ رباني،
                                
                                
                                تون
                                
                                ۽
                                
                                
                                مان هُر
                                
                                
                                ڪاهي
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                زمين کي آباد
                                
                                
                                ڪنداسين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                جي اپت
                                
                                
                                تحريڪ جي
                                
                                
                                حوالي 
                                ڪنداسين. 
                                        
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                آمريڪي 
                                ڪائو بوائز 
                                (Cow Boys) 
                                
                                جي
                                
                                
                                فلم ڏسي ايندو
                                
                                
                                هيو
                                
                                
                                ته چوندو
                                
                                
                                هيو
                                
                                ”ٻٻرلوءِ
                                
                                
                                واريءَ زمين
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                نئي
                                
                                
                                پاسي ڀت 
                                ڏيارينداسين ۽ ان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                گهوڙا پالينداسين،
                                
                                
                                فيلٽ
                                
                                
                                هئٽ پائي،
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                گهوڙن تي
                                
                                
                                چڙهي، انهن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڊوڙائينداسين.“ 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                اهو سڀ
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                سگيهو. رڳو
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                زمين تي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                جهوپڙي 
                                ٺاهي سگهيو،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                ۾
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                وڃي رهندو
                                
                                
                                هيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                پنهنجي خوابن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تعبير ۾ نوان
                                
                                
                                خواب
                                
                                ڏسندو
                                
                                
                                هيو. 
                                        
                                
                                ايمبولينس. آئي.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                آيو. پنهون
                                
                                
                                خان
                                
                                (حفيظ
                                
                                
                                جو 
                                ڀيڻيوي) کان فون
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                پڇيو هيم
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                حفيظ کي هن
                                
                                
                                مٽيءَ ۾ ملائجي،
                                
                                
                                يا
                                
                                
                                حيدرآباد موڪلجي.
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                چيائين 
                                ”حيدرآباد موڪليو“. 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                مسز حفيظ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                پڇيو
                                
                                ”حفيظ
                                
                                
                                جا 
                                ڀائر چون
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هن کي حيدرآباد
                                
                                
                                موڪليو. جي
                                
                                
                                اوهان جي
                                
                                
                                اجازت هجي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هن کي حيدرآباد
                                
                                
                                موڪليون.“ هن
                                
                                
                                اجازت 
                                ڏني. 
                                        
                                
                                جنازي نماز
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                ايمبولينس حيدرآباد
                                
                                
                                رواني ٿي. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جو لاش
                                
                                
                                ايمبولينس ۾ هئو،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                حفيظ ته
                                
                                
                                منهنجي دل
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هئو. 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                جيڪو 
                                ڪجهه لکيو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                اهو ايمانداريءَ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                اڃا به
                                
                                
                                گهڻيون 
                                ڳالهيون ڍڪي ويو
                                
                                
                                آهيان، ڇو ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                ايترو ته
                                
                                
                                کليل
                                
                                
                                هئو،
                                
                                
                                جو ان
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                سڀ 
                                ڳالهيون ظاهر
                                
                                
                                ڪجن
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                وڏو 
                                ٿرٿلو مچي
                                
                                
                                وڃي.
                                
                                
                                ان ڪري مان
                                
                                
                                هيءُ
                                
                                ڪجهه
                                
                                ڳالهيون
                                
                                
                                ان ڪري 
                                کوليون آهن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                حفيظ 
                                ڪجهه به
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                لڪائيندو هيو.
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                ڪجهه
                                
                                ٿورو
                                
                                
                                مون لڪايو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                ان لاءِ
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                مونکي معاف
                                
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                مون ۾ ايڏي
                                
                                
                                همت
                                
                                ۽
                                
                                
                                ايڏي طاقت
                                
                                
                                ناهي، جيڪا
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                ۾
                                
                                
                                هئي. 
                                        
                                
                                ايمبولينس حفيظ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وئي
                                
                                ۽
                                
                                
                                مونکي حفيظ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                لکيل هڪ
                                
                                
                                جملو
                                
                                
                                دل تي
                                
                                
                                تري
                                
                                
                                آيو. 
                                        
                                
                                ”جڏهن
                                
                                
                                روح
                                
                                
                                جا ريلا
                                
                                
                                سُڪي
                                
                                
                                وڃن، ته!
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                توتي ميار،
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                مون تي
                                
                                
                                ميار.“ 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي تربت
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                به حفيظ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اهو ئي
                                
                                
                                جملو
                                
                                
                                لکيل آهي. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي حياتي
                                
                                
                                به
                                
                                ڳجهارت
                                
                                
                                هئي، ته
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جو موت
                                
                                
                                به
                                
                                ڳجهارت،
                                
                                
                                پر ان
                                
                                
                                ڳجهارت
                                
                                
                                جي
                                
                                ڀڃڻي
                                
                                
                                رڳو هڪ
                                
                                
                                هئي___ پيار. |