| 
                                
                                ناوليٽ 
                                
                                اروڙ 
                                حفيظ
                                
                                
                                شيخ 
                                  
                                سکر،
                                
                                
                                25جون
                                
                                
                                1961ع 
                                پيارا.... 
                                        
                                
                                سڪ
                                
                                
                                سلام ۽ 
                                ڳراٽڙيون_ 
                                ڪالهه تنهنجو
                                
                                
                                خط
                                
                                
                                مليو اٿم.
                                
                                
                                اڄ
                                
                                
                                آچر آهي،
                                
                                
                                آفيسون بند
                                
                                
                                آهن
                                
                                
                                تنهن ڪري ڳڀي جي
                                
                                
                                ڳولا
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                پنڌ پُڇائڻا
                                
                                
                                پوندا اٿم.
                                
                                
                                تنهن
                                
                                کان
                                
                                
                                آجو آهيان. 
                                        
                                
                                جند
                                
                                
                                پيرن جي
                                
                                
                                مانڊن مٿان
                                
                                
                                جيڪا
                                
                                ڪوٺڙي
                                
                                ڪرائي
                                
                                
                                تي وٺي
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                پيو آهيان،
                                
                                
                                اُتان ويٺو
                                
                                
                                توکي
                                
                                
                                خط لکان.
                                
                                
                                سامهون سنڌوءَ
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڇوهه مان
                                
                                
                                ڇلڪاءَ
                                
                                
                                هڻندي، گجگوڙ
                                
                                
                                ڪندي
                                
                                
                                وهي
                                
                                
                                رهي آهي.
                                
                                
                                هفتو
                                
                                کن
                                
                                
                                اڳ مهراڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سڄي ماٿريءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                آڳاٽا مينهن
                                
                                
                                راڙا
                                
                                ڪري
                                
                                
                                وٺا آهن.
                                
                                
                                تڏهن
                                
                                
                                سنڌو پنهنجا
                                
                                
                                سَنڌا ڇڏي ڪچي ۾ 
                                ڪاهي پئي
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                تو
                                
                                
                                پنهنجي خط
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                حال
                                
                                
                                احوال پڇيا
                                
                                
                                آهن.
                                
                                ڪهڙا
                                
                                
                                حال احوال
                                
                                
                                ڏيانءِ؟
                                
                                
                                چندڙي جيڪلي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                چڪر جيان
                                
                                
                                هانءَ 
                                ڏاريندڙ رينگٽ
                                
                                
                                ڪني،
                                
                                
                                ڪرت
                                
                                
                                ڪار
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                نار ۾ نڪيل
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                
                                پئي رڙهي_
                                
                                
                                انهي
                                
                                
                                بابت 
                                ڪهڙو احوال
                                
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                سگهجي. 
                                        
                                
                                ٽيون
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                جمع
                                
                                
                                جو 
                                ڏينهن هو.
                                
                                
                                گهران سهي
                                
                                
                                سنڀري آفيس
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                چڪر هڻڻ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                خبرن
                                
                                
                                گڏ ڪرڻ لاءِ
                                
                                
                                نڪتس. شيشن
                                
                                
                                ڪورٽ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڪلڪٽر
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                آفيس مان
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                انجنيئري آفيس
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                ويس ته
                                
                                
                                ”گيان“
                                
                                
                                ملي
                                
                                
                                ويو_ 
                                ”گيان“ کي سڃاڻين
                                
                                
                                ني؟
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                پيارو ماڻهو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                کيس
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                الائجي ڇو مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڀٽ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                بيت ياد
                                
                                
                                ايندو آهي:    
                                
                                ”ڪنهن 
                                ڪنهن ماڻهوءَ
                                
                                
                                منجهه، اچي
                                
                                
                                بوءِ
                                
                                
                                بهار جي.“ 
                                        
                                
                                هوٽل
                                
                                
                                تي ويهي
                                
                                
                                چانهه پيئڻ
                                
                                
                                لڳاسين ته
                                
                                
                                چوڻ
                                
                                
                                لڳو 
                                ”يار هل
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اڄ اروڙ
                                
                                
                                هلون“ 
                                        
                                
                                ”ڇا
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                اروڙ ۾،“ مون
                                
                                
                                پڇيو. 
                                        
                                
                                ”تاريخ
                                
                                
                                کنڊر
                                
                                
                                آهن.
                                
                                
                                محمد بن
                                
                                
                                قاسم
                                
                                
                                جي 
                                ٺهرايل مسجد
                                
                                
                                آهي.
                                
                                ڪالڪا
                                
                                
                                جو مندر
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                
                                هاءُ تليءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ميدان آهي،
                                
                                
                                جتي
                                
                                ڏاهر
                                
                                
                                محمد بن
                                
                                
                                قاسم
                                
                                
                                سان سامهون
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                هيو.“ گيان
                                
                                
                                چيو.
                                
                                ”توکي
                                
                                
                                ته قبرون
                                
                                
                                کوٽي
                                
                                
                                پوڄڻ
                                
                                
                                سان پيار
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                گيان. جيئرا
                                
                                
                                جاڳندا محمد
                                
                                
                                بن
                                
                                
                                قاسم، 
                                ڏاهر ۽ چَچَ
                                
                                
                                گهٽيءَ گهٽيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                جيئڻ
                                
                                
                                مرڻ جي
                                
                                
                                جنگ
                                
                                ۾
                                
                                
                                جٽيا بيٺا
                                
                                
                                آهن.
                                
                                
                                انهن تي
                                
                                
                                نظر
                                
                                
                                ئي 
                                ڪانه ٿي پويئي“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                چيو. 
                                ”وري ويٺين
                                
                                
                                پنهنجو فلسفو
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                
                                ني.“
                                
                                
                                گيان چيو.
                                
                                
                                هو
                                
                                ٿوري
                                
                                
                                دير ماٺ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو
                                
                                ۽
                                
                                
                                چيائين 
                                ”يار دل
                                
                                
                                چوي
                                
                                ٿي
                                
                                
                                جهٽ پل
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                هن 
                                ڳاهٽ جي
                                
                                
                                جياپي کان پري
                                
                                
                                ڀڄي
                                
                                
                                وڃان. 
                                ڪنهن اهڙي
                                
                                
                                هنڌ
                                
                                
                                وڃان جتي
                                
                                
                                ڪوئي
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                هجي. بس
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                همدرد دوست
                                
                                
                                هجي،
                                
                                
                                جنهن سان
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                وڻيم سو
                                
                                
                                ڳالهايان،
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                وڻيم سوچون.
                                
                                
                                هت
                                
                                
                                شهر ۾ ته
                                
                                
                                ڳالهائيندي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                پؤ ٿو 
                                ٿئي. 
                                ڀتين تي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                بدگماني ٿي پئي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                الائجي 
                                ڪنهن ويل
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ٻڌي
                                
                                
                                ڪنهين
                                
                                
                                ڪن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڀڻڪي
                                
                                
                                ڇڏينديون.“ 
                                        
                                
                                گيان
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                اٿل 
                                کائي پلٽي
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                هو. ڄڻ سندس
                                
                                
                                صبر
                                
                                
                                جو پيمانو
                                
                                
                                ٽمٽار
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ڇلڪي
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                هو. 
                                        
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ماڻهو، جڏهن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                پنهنجن ۾ ويڳاڻو
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پوي
                                
                                ۽
                                
                                
                                محض ويچارن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ويڇي ڪري ٻڙڪ 
                                ٻاهر ڪڍڻ کان رهجي
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                ته گيان
                                
                                
                                ڌيان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                مڌ اکين
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                نه 
                                ڇلڪندي ته
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ڪندي. 
                                        
                                
                                هي
                                
                                
                                پيڙا، پيڙا
                                
                                
                                اڪيلي گيان
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ورثو نه
                                
                                
                                آهي_
                                
                                
                                تون مان
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ٻيا
                                
                                
                                اڻميان منٺار
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                ساڃهه مڌ
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                سرڪيون ڀري ويٺا
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                انهيءَ چکيا
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                چڙهيا بيٺا
                                
                                
                                آهن
                                
                                ۽
                                
                                
                                پل پل
                                
                                
                                پڄري
                                
                                
                                رهيا آهن. 
                                        
                                
                                پنهنجي دک
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                گيان 
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                دک جو
                                
                                
                                اندازو ڪري مون
                                
                                
                                ماٺ
                                
                                
                                ميٺ ۾ هامي
                                
                                
                                ڀري.
                                
                                
                                هوٽل
                                
                                
                                مان نڪري
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                جي گهر
                                
                                
                                وياسين. چانهه
                                
                                
                                ٺاهڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سامان، ٻه شيشا
                                
                                
                                پاڻي
                                
                                
                                جا، 
                                ٿورڙا انب
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                کارڪون،
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                چار
                                
                                ڦلڪا
                                
                                ٿيلهي
                                
                                ۾
                                
                                
                                وجهي 
                                ٻاهر نڪتاسين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سائيڪلون 
                                ڪرائي تي
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                اروڙ
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                رخ 
                                ڪيوسين. 
                                        
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                جهڙاؤن هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                انهيءَ جَهڙ
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                گيان کي چرچ
                                
                                
                                ڏياري
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                پر 
                                ڪارو ڪڪر گهَٽ
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                بيٺو
                                
                                
                                هو جو
                                
                                
                                ساهه
                                
                                کڻڻ
                                
                                
                                به 
                                ڏکيو پئي
                                
                                
                                لڳو.
                                
                                
                                ويتر سائيڪلن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                پيڊل هڻندي
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                سهڪي
                                
                                
                                پيا هئاسين.
                                
                                
                                ڏيڍ
                                
                                
                                ڪلاڪ
                                
                                
                                پڄاڻا اروڙ
                                
                                
                                پهتاسين ته
                                
                                
                                پگهر
                                
                                
                                وڃي پيرن
                                
                                
                                جون
                                
                                کڙيون
                                
                                
                                سنڀاليون. 
                                        
                                
                                سائيڪل تان
                                
                                
                                لهي
                                
                                
                                گيان هڪ
                                
                                
                                وڏو
                                
                                
                                شوڪارو 
                                ڀريو ۽ چيائين : ”ابول!
                                
                                
                                ٿڪجي
                                
                                
                                پيا
                                
                                
                                سين“ 
                                        
                                
                                ”جهل
                                
                                
                                پير
                                
                                
                                ساجهر ئي
                                
                                
                                ٿڪجي
                                
                                
                                پئين.“ مون
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                چيڙائڻ لاءِ
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”تون
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ماڻهو ئي
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آهين.“ گيان
                                
                                
                                ڪروڌ
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                وراڻيو. 
                                        
                                
                                ”تڏهن
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                آهيان.“ مون
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                سوڙهو گهَٽيو. 
                                        
                                
                                ”تون
                                
                                
                                ته 
                                ..... 
                                
                                تون
                                
                                
                                ته.....“ گيان
                                
                                
                                هٻڪي
                                
                                
                                بيهي رهيو. 
                                        
                                
                                شايد
                                
                                کيس
                                
                                
                                مناسب لفظ
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                پئي جڙيو.
                                
                                
                                گيان
                                
                                کي
                                
                                
                                منهنجي اڻٿڪ
                                
                                
                                هجڻ
                                
                                
                                تي هميشه
                                
                                
                                مٺيان لڳندي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                دل
                                
                                ۾
                                
                                ڪٿي
                                
                                ڪو
                                
                                
                                شڪست جو
                                
                                
                                احسان جاڳي
                                
                                
                                پوندو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                انهيءَ 
                                ڪاوڙ جا
                                
                                
                                ڇوهه_
                                
                                
                                ڇنڊڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڳالهوَ
                                
                                ڏئي
                                
                                ڪڍندو
                                
                                
                                اٿم. مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                انهيءَ سڄي
                                
                                
                                من
                                
                                
                                گهٽنا جي
                                
                                
                                ڄاڻ
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                تنهن ڪري 
                                ڳالهوَ 
                                کائڻ ۾ جيڪو
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                مزو ايندو
                                
                                
                                اٿم. 
                                        
                                
                                گيان
                                
                                
                                جي دل
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                شايد
                                
                                ڪي
                                
                                ٻه
                                
                                ٽي
                                
                                
                                گاريون تري
                                
                                
                                آيون
                                
                                
                                هيون، جن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                نيت نه
                                
                                
                                ڄاتو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جهٽ
                                
                                
                                پل من
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                من ۾ اُلجهندو
                                
                                
                                رهيو. 
                                        
                                
                                ”چئو
                                
                                
                                ني
                                
                                
                                مان ڇا آهيان.“
                                
                                
                                مون
                                
                                کيس گهٽ
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                ته مَر
                                
                                
                                وڌيڪ
                                
                                
                                چڙي. 
                                        
                                
                                ”تون
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مشين آهي 
                                ......“
                                
                                
                                هن
                                
                                ڪجهه
                                
                                ڦڪو
                                
                                ڦڪو
                                
                                ٿي
                                
                                
                                چيو، ڄڻ پاڻ
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                پاڻ کي انهن
                                
                                
                                لفظن
                                
                                
                                لاءِ ننديندو
                                
                                
                                هجي
                                
                                
                                جيڪي سندس
                                
                                
                                دل
                                
                                
                                تي تري
                                
                                
                                آيا
                                
                                
                                هئا. مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                تي رحم
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                ويو. ويچارو
                                
                                
                                پنهنجو من
                                
                                
                                ماري
                                
                                
                                مون سان
                                
                                
                                نيت
                                
                                
                                نڀائي رهيو
                                
                                
                                هو. 
                                        
                                
                                ”گهاڻي
                                
                                
                                جو
                                
                                ڏاند
                                
                                
                                يا پٺاڻڪو
                                
                                
                                گڏهه“ چوين
                                
                                
                                ها
                                
                                
                                ته بهتر
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                گيان!
                                
                                مشين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                بيجان 
                                ٿيندي آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ 
                                .... 
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ته 
                                ”پيئي کڻي پساهه
                                
                                
                                پسڻ
                                
                                ڪاڻ
                                
                                
                                پرينءَ جي“
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                جيئري جاڳندي
                                
                                
                                تصوير آهيان.“
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                چيو. ”ڇڏ يار 
                                .. 
                                
                                ويهه
                                
                                
                                ته ٿڪ پٽيون.“
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                سائيڪل پٽ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                ليٽائي پاڻ
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                پٿر تي
                                
                                
                                ويهندي چيو.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                به سائيڪل
                                
                                
                                پٽ
                                
                                
                                تي ليٽائي
                                
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                جي ڀر ۾ ويهڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                ورڻ جو
                                
                                
                                خيال
                                
                                
                                پئي ڪيم ته
                                
                                
                                نظر
                                
                                
                                وڃي سامهون
                                
                                
                                ميدان ۾ جيپ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پَٽن تي
                                
                                
                                پيئي_ الائجي
                                
                                
                                ڪير؟
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                اڌ
                                
                                
                                اڳ جيپ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                چڙهي ارڙو
                                
                                
                                گهمڻ
                                
                                
                                آيو هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جيپ
                                
                                
                                پسيل ميدان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڌڪ
                                
                                
                                ڌڪ
                                
                                
                                پٽن
                                
                                
                                جي گهم
                                
                                
                                گهم
                                
                                ڪاڪ
                                
                                ٺاهي
                                
                                
                                وئي هئي.
                                
                                
                                ور
                                
                                
                                وڪڙ پٽن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                سوچ ۾ پئجي
                                
                                
                                ويس.
                                
                                
                                منهنجي ذاتي
                                
                                
                                حياتيءَ جو
                                
                                
                                راهون به
                                
                                
                                اهڙيون ئي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                منجهيل هيون.
                                
                                
                                جهڙا
                                
                                
                                هُن بي
                                
                                
                                مقصد
                                
                                
                                هلايل جيپ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڦيٿن
                                
                                
                                جا نشان
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                گيان ڪا مهل
                                
                                
                                مونکي ائين
                                
                                
                                ماٺ
                                
                                
                                ميٺ ۾ بيٺل
                                
                                
                                ڏسندو
                                
                                
                                رهيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ ڄڻ پرولي
                                
                                
                                ڀڃي
                                
                                
                                ڪڍيائين. 
                                        
                                
                                وڏو
                                
                                ٿڌو
                                
                                
                                شوڪارو ڀري چيائين
                                
                                
                                ”هاءِ
                                
                                
                                حياتي 
                                ٿوهر جو
                                
                                
                                وڻ“،
                                
                                
                                مون ڄڻ ڇرڪ 
                                ڀريو. ڪنڌ ورائي
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                ڏٺم
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                چيم:  
                                
                                ”ڇو_ ڇا 
                                ٿيئي؟“ 
                                        
                                
                                ”ٿيو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪجهه
                                
                                ڪونه 
                                ... 
                                
                                هيڏي
                                
                                
                                ساري ميدان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                اڪيلو بيٺو
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                پيو لڳين
                                
                                
                                جيئن
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                رڻ پٽ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ٿوهر
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪو
                                
                                
                                اڪيلو ٿڙ بيٺو
                                
                                
                                هجي
                                
                                ۽
                                
                                
                                اچرج مان
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                صحرا کي تڪيندو
                                
                                
                                هجي. 
                                        
                                
                                ”ها
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                مان 
                                ٿوهر جو
                                
                                
                                وڻ
                                
                                
                                آهيان. حياتيءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هن صحرا
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                قضا
                                
                                
                                سان ئي
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                قافلو لانگهائو
                                
                                
                                ٿيندو
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                ڪو
                                
                                
                                حاذق حڪيم
                                
                                
                                منهنجي گلن
                                
                                
                                ميڙڻ
                                
                                
                                لاءِ هٿ
                                
                                
                                ڊگهيريندو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                نه ته
                                
                                
                                رُت
                                
                                
                                رُت ۾ هي
                                
                                
                                ڳاڙها
                                
                                
                                پتر
                                
                                
                                اُس ۽ اُڃ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ميرانجها ٿي، 
                                ڇڻندا مرندا
                                
                                
                                رهندا آهن.“ 
                                        
                                
                                ”حياتي
                                
                                
                                اهڙي
                                
                                
                                دکي ڇو آهي“
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                آءُ
                                
                                
                                چپ رهيس.
                                
                                
                                سوچيم پئي
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪهڙو
                                
                                
                                جواب 
                                ڏيانس_ ”ڇو دُکي
                                
                                
                                آهي 
                                ... 
                                
                                چئو
                                
                                
                                ني،“ گيان
                                
                                
                                پنهنجو سوال
                                
                                
                                ورجايو. 
                                ”انهيءَ لاءِ
                                
                                
                                دُکي
                                
                                
                                آهي جو
                                
                                
                                تون
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ ٻئي 
                                ڪانئر آهيون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                شهر
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                اروڙ جي
                                
                                
                                کنڊرن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                پناهه 
                                ڳولي لڌي
                                
                                
                                اٿئون جي
                                
                                
                                تون
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ 
                                ڪانئر نه
                                
                                
                                هجون
                                
                                
                                ته هوند
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                مانڊاڻ مٽجي
                                
                                
                                پوي.
                                
                                
                                دک جا
                                
                                
                                ڇوهه
                                
                                
                                ڇڄي
                                
                                
                                پون
                                
                                ۽
                                
                                
                                هيءَ ڪاڪ جهڙي
                                
                                
                                منجهيل حياتي
                                
                                
                                سنئين سواٽي
                                
                                
                                راهه
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پوي.“ 
                                        
                                
                                ”آءُ
                                
                                
                                ڪيئن
                                
                                
                                ڪانئر
                                
                                
                                آهيان.“ گيان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پنهنجو اهو
                                
                                
                                عڪس
                                
                                
                                نه وڻيو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                جيڪو منهنجي
                                
                                
                                پيش
                                
                                ڪيل
                                
                                
                                آئيني ۾ ڏٺو هئائين.
                                
                                
                                ”تو
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                ته چيو
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                گيان ته
                                
                                
                                شهر
                                
                                ۾
                                
                                ڳالهائيندي
                                
                                ڀؤ
                                
                                ٿو
                                
                                ٿئي.
                                
                                ڪانئر
                                
                                
                                نه هجين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هوند پنهنجا
                                
                                
                                ويچار لڪائڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ضرورت ئي
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                محسوس 
                                ڪرين؟“ مون
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”تڏهن
                                
                                
                                تنهنجي مرضي
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                ته جيڪي
                                
                                
                                من
                                
                                ۾
                                
                                
                                اچيئون، سو
                                
                                
                                چئي
                                
                                ڏيون
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ ناناڻي
                                
                                
                                ڍوڍن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                وڃي وهئون 
                                .... 
                                
                                اهڙي
                                
                                
                                نهٺائپ هڪ
                                
                                
                                دفعو
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                هيم يار_
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                وري ورجائڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                همت 
                                ڪانه اٿم.“
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                پنهنجي جيل
                                
                                
                                ياترا جا
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ياد
                                
                                ڪندي
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”ڇو
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پيو؟“ مون
                                
                                
                                پڇيو. 
                                        
                                
                                ”ٿيو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                به 
                                ڪين. رڳو
                                
                                
                                سرڪاري مهمان
                                
                                
                                خاني
                                
                                
                                جي روٽيءَ
                                
                                
                                آنڊي
                                
                                ۾
                                
                                
                                جهير وجهي
                                
                                
                                ڇڏيا
                                
                                
                                آهن
                                
                                ۽
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                چوي ٿو ته
                                
                                
                                اهي
                                
                                
                                جهير جنم
                                
                                
                                جنم
                                
                                ۾
                                
                                
                                منهنجا ساٿي
                                
                                
                                رهندا، رک
                                
                                
                                جو
                                
                                کاڌو
                                
                                کائيندي
                                
                                کائيندي
                                
                                
                                جندڙي وهه
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پيئي
                                
                                
                                اٿم. اهو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                انعام انهن
                                
                                
                                چئن
                                
                                
                                جملن جو
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                الائجي 
                                ڪهڙيءَ 
                                ڪچهريءَ ۾ پاٻوهه
                                
                                
                                مان
                                
                                ڳالهائي
                                
                                
                                ويٺو هئس.
                                
                                
                                اڃا
                                
                                
                                تون چوين
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪانئر
                                
                                
                                نه 
                                ٿيان ۽ جيڪي
                                
                                
                                من
                                
                                ۾
                                
                                
                                هجيم سو
                                
                                
                                واڪو
                                
                                ڪري
                                
                                
                                چئي 
                                ڏيان.“ گيان
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                پوري
                                
                                
                                آتم 
                                ڪهاڻي چئي
                                
                                
                                ڪڍي. 
                                        
                                
                                آءُ
                                
                                
                                گيان جي
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ٻُڌي
                                
                                
                                ٽٻي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پئجي
                                
                                
                                ويس. ڪال 
                                ڪوٺڙين جا
                                
                                
                                انيڪ
                                
                                
                                نظارا، جن
                                
                                
                                بابت
                                
                                
                                مون 
                                ڪتابن ۾ پڙهيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                منهنجي اکين
                                
                                
                                آڏو
                                
                                ڦري
                                
                                
                                ويا. مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                اهي
                                
                                
                                سَر 
                                ڦِريا به
                                
                                
                                ياد
                                
                                
                                آيا جن
                                
                                
                                سوليءَ کي سينگار
                                
                                
                                سمجهيو هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اُهي
                                
                                
                                مست به
                                
                                
                                ياد
                                
                                
                                آيا جن
                                
                                
                                وهه
                                
                                کي
                                
                                
                                امرت 
                                ڄاتو هو.
                                
                                
                                دل
                                
                                
                                تي هڪ
                                
                                
                                خيال
                                
                                
                                تري آيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                گيان کان پڇي
                                
                                
                                ڪڍيو : ”گيان!
                                
                                
                                سقراط بابت
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                پڙهيو اٿيئي؟“ 
                                        
                                
                                ”هاءُ“
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                جو آواز
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                گونجيو ڄڻ ڪو جهيڻو
                                
                                
                                پڙلاءُ هجي.
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                گيان
                                
                                ۽
                                
                                
                                منهنجي وچ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                صدين
                                
                                
                                جي وٿي
                                
                                
                                هجي
                                
                                ۽
                                
                                
                                گيان منهنجي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سقراط جي
                                
                                
                                وچ
                                
                                ۾
                                
                                
                                بيهي 
                                ڪنهن جي
                                
                                
                                آواز
                                
                                
                                جي وراڻي
                                
                                
                                ڏني
                                
                                
                                هجي.
                                
                                
                                مون ڪنڌ کڻي گيان
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                نهاريو، هو
                                
                                
                                دور
                                
                                
                                خلائن ۾ گهوري
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                هو. تليءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ميدان جي
                                
                                
                                پرئين سَري
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                پار
                                
                                
                                جتي آسمان
                                
                                
                                ڌرتيءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڌوڙ
                                
                                
                                جي سڳنڌ
                                
                                
                                جهٽڻ
                                
                                
                                لاءِ هيٽ
                                
                                
                                جُهڪي پيو
                                
                                
                                هو. 
                                        
                                
                                هو
                                
                                ڪيتري
                                
                                
                                دير ائين
                                
                                
                                خلا
                                
                                ۾
                                
                                
                                گهوريندو رهيو.
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                سندس منهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                تڪيندو رهيس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                
                                ان جي
                                
                                
                                سڌ
                                
                                ٻڌ
                                
                                
                                ئي 
                                ڪانه هئي.
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                منهن تي
                                
                                
                                عجب
                                
                                
                                عجب رنگ
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                آيا ۽ ويا.
                                
                                
                                جهٽ
                                
                                
                                پل هُن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اکين ۾ ڊپ ۽ دهشت
                                
                                
                                ديرو
                                
                                ڄمايو
                                
                                ۽
                                
                                
                                اهو رنگ
                                
                                
                                هٽيو
                                
                                
                                ته نهٺائي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                بي
                                
                                ڊپائي
                                
                                
                                جهلڪي پئي.
                                
                                
                                ٿوريءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي اکين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اچرج
                                
                                
                                بکڻ لڳو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                سندس اکيون
                                
                                
                                ٿڪجي
                                
                                
                                پيون. هلڪو
                                
                                
                                هلڪو
                                
                                
                                خمار انهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                جهلڪڻ لڳو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                اکيون 
                                ٻوٽي 
                                ڇڏيو. اسانجي
                                
                                
                                خاموشي اينگهه
                                
                                
                                کائي
                                
                                
                                وئي
                                
                                
                                ته گيان
                                
                                
                                اکيون پٽيون.
                                
                                
                                مون
                                
                                ڏانهن
                                
                                ڏٺائين.
                                
                                
                                هڪ اداس
                                
                                
                                مرڪ
                                
                                
                                مرڪيو ۽ چيائين : ”آءٌ سقراط
                                
                                
                                ته نه
                                
                                
                                آهيان يار“. 
                                        
                                
                                ”ٿي
                                
                                
                                پوين
                                
                                ڇا
                                
                                
                                بات آ“
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”تون
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                نٿو
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پوين“ گيان
                                
                                
                                جند
                                
                                ڇڏائڻ
                                
                                
                                لاءِ پڇيو. 
                                        
                                
                                ”آءُ
                                
                                
                                آهيان پر
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ڪانئرتا
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                چَٽ اچي
                                
                                
                                وئي
                                
                                
                                اٿم. هي
                                
                                
                                چٽ
                                
                                
                                لهندي، اصلي
                                
                                
                                رنگ
                                
                                
                                نکرندو ته
                                
                                
                                باک
                                
                                ڦٽيءَ
                                
                                
                                جيان شفق
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                رنگ 
                                ڇانئجي ويندا.“
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                وراڻيو. 
                                        
                                
                                ”اُهو
                                
                                
                                صبح
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ايندو؟“ گيان
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”جڏهن
                                
                                
                                تون
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءٌ ننگا
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                نڪرنداسين.“ مون
                                
                                
                                وراڻيو. 
                                        
                                
                                گيان
                                
                                
                                ماٺ ٿي ويو.
                                
                                
                                اسين
                                
                                ٻيئي
                                
                                
                                هڪ ٻئي جي
                                
                                
                                ڀر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                خاموش ويهي
                                
                                
                                رهياسين، ڄڻ مَنَهن
                                
                                
                                جا
                                
                                ٻه
                                
                                ٿنڀا
                                
                                
                                هجون هڪ
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ويجها، هڪ
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                ويڳاڻا، پنهنجي
                                
                                
                                پنهنجي دنيا
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                مگن.
                                
                                
                                الائي 
                                ڪيتري ويل
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                ماٺ ۾ گذري.
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                طرف ماٺ
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                آءٌ ماٺ
                                
                                
                                هئس.
                                
                                
                                گيان مَاٺ
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                تليءَ جو
                                
                                
                                ميدان ماٺ
                                
                                
                                هو.
                                
                                ڊٺل
                                
                                
                                مندر ماٺ
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                محمد بن
                                
                                
                                قاسم
                                
                                
                                جي 
                                ٺهرايل مسجد
                                
                                
                                ماٺ
                                
                                
                                هئي. ۽ دور
                                
                                
                                گفا
                                
                                ۾
                                
                                
                                ويٺل 
                                ڪالڪا ديوي
                                
                                
                                ماٺ
                                
                                
                                هئي. 
                                ڪارو ڪڪر راڙا
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                جهٽ
                                
                                
                                پل لاءِ
                                
                                
                                چُپ
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو هو.
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                طرف سڪوت
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                مڪمل سڪوت،
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                موت
                                
                                
                                هر شيءَ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                پنهنجو پاڇو
                                
                                
                                وجهي
                                
                                ڇڏيو
                                
                                
                                هو ۽ سڄي
                                
                                
                                ڪائنات
                                
                                
                                سمهي
                                
                                
                                پئي هئي. 
                                        
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                جيئن پيمانو
                                
                                
                                ڀرجي
                                
                                
                                ڇلڪي
                                
                                
                                پئي.
                                
                                
                                آسمان جي
                                
                                
                                صبر
                                
                                
                                جو پيمانو
                                
                                
                                ڀرجي
                                
                                
                                آيو
                                
                                ۽
                                
                                ڇم
                                
                                ڇم
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                مينهن ائين
                                
                                
                                ساز
                                
                                
                                وڄائيندو آيو،
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                ان
                                
                                ڊگهي
                                
                                
                                ماٺ جا
                                
                                
                                ويچارا 
                                ڪڍندو هجي.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                اڳيان وڌي
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                سائيڪل ۾ هٿ
                                
                                
                                وڌو.
                                
                                
                                مينهن ريلا
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                وسڻ
                                
                                
                                لڳو هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                جا لٽا
                                
                                
                                پُسندا پئي
                                
                                
                                ويا.
                                
                                کٽيءَ
                                
                                
                                جي بِل
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مون کي به
                                
                                
                                خيال
                                
                                
                                هو، پر
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                هڪ وڳي
                                
                                
                                جي
                                
                                ڌورائي
                                
                                
                                اڳ ۾ ئي
                                
                                
                                واري
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                هئي. گيان
                                
                                
                                پنهنجا لٽا
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                ڌوئيندو
                                
                                
                                آهي. هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                سڀاڻي جي
                                
                                
                                پورهئي جو
                                
                                
                                الڪو
                                
                                
                                هو. 
                                        
                                
                                ڊوڙي
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                پنهنجي سائيڪل
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هٿ
                                
                                
                                وڌائين ۽ 
                                ڪُرڪندي چيائين،
                                
                                
                                ”هل
                                
                                
                                ڀلا“ 
                                        
                                
                                اسين
                                
                                
                                جتي بيٺا
                                
                                
                                هئاسين، اتان
                                
                                
                                ڊٺل
                                
                                
                                مندر
                                
                                
                                جيڪو ڪو ويجهڙو
                                
                                
                                ،
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                انهيءَ مندر
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                وک
                                
                                
                                وڌائي ته
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                منهنجي پٺيان
                                
                                
                                هلڻ
                                
                                
                                لڳو. مندر
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ويجها اچي
                                
                                
                                ٿياسين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                منهنجو پير
                                
                                
                                ترڪي
                                
                                
                                ويو. سائيڪل
                                
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                ڏنم
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                سنڀالڻ جي
                                
                                
                                ڪوشش
                                
                                
                                ڪندي
                                
                                
                                تري
                                
                                
                                وڃي پٽ
                                
                                
                                تي
                                
                                کوڙيم.
                                
                                
                                اٿڻ لڳس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هڪ ننڍڙي
                                
                                
                                جهنگلي 
                                ٻوٽيءَ تي
                                
                                
                                نظر
                                
                                
                                پيم، 
                                ٻوٽيءَ ۾ هڪ
                                
                                
                                پيارو پيارو
                                
                                
                                گل
                                
                                ڦٽيو
                                
                                
                                بيٺو هو.
                                
                                
                                گپ
                                
                                
                                مان هٿ
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                گل
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڌم ۽ سنئون
                                
                                
                                ٿيندي
                                
                                
                                گيان
                                
                                کي
                                
                                
                                چيم، ”ڏس مون
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                لڌو
                                
                                
                                آهي؟“ 
                                        
                                
                                ”ڇا
                                
                                
                                لڌو
                                
                                
                                اٿئي؟ مون
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سمجهيو ته
                                
                                
                                تو
                                
                                ڌڪو
                                
                                کاڌو
                                
                                
                                آهي.“ گيان
                                
                                
                                وراڻيو. 
                                        
                                
                                ”ڌڪو
                                
                                
                                ته
                                
                                کاڌو
                                
                                
                                هوم، پر
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هي گل
                                
                                
                                لڌو
                                
                                
                                اٿم.“ مون
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”ڏسان“
                                
                                
                                چئي
                                
                                
                                گيان ويجهو
                                
                                
                                وڌي
                                
                                
                                اچي گل
                                
                                
                                ورتو. 
                                        
                                
                                ”مدن
                                
                                
                                مست 
                                .... 
                                
                                اڙي
                                
                                
                                هي ته،
                                
                                
                                مدن
                                
                                
                                مست آهي“ 
                                        
                                
                                ”اهو
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ٿيندو
                                
                                
                                آهي.“ مون
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”هون! 
                                
                                گل
                                
                                ٿيندو
                                
                                
                                آهي_ توکي
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                به خبر
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آهي. هي
                                
                                
                                گل
                                
                                
                                مدن مست
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                هن کي 
                                ”مدن مست“
                                
                                
                                چوندا آهن“ 
                                        
                                
                                ”ڇو
                                
                                
                                چوندا اٿس.“
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                پڇيو، 
                                ڀانيم ته
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                چوندو 
                                ”مون کي 
                                ڪهڙي خبر
                                
                                
                                ڀلا
                                
                                
                                تون
                                
                                ٻڌاءِ. 
                                        
                                
                                ”مُبوءِ“
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                علو
                                
                                ڇو
                                
                                ٿا
                                
                                ڪوٺن.
                                
                                
                                بڪو ڇو نه
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ڪوٺن
                                
                                
                                حالانڪه هو
                                
                                
                                بڪواس به
                                
                                
                                جام
                                
                                ٿو
                                
                                ڪري.
                                
                                ۽
                                
                                
                                تني کي تنو
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ڪوٺن،
                                
                                
                                ڪُوئو
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                نه
                                
                                ٿا
                                
                                ڪوٺن،
                                
                                
                                حالانڪه هيتري
                                
                                
                                حياتيءَ ۾ هن
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                نه پر
                                
                                
                                هزار
                                
                                
                                هريڙ لڌي
                                
                                
                                هوندي.“ 
                                        
                                
                                ائين
                                
                                ڪين
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                گيان اٽلو
                                
                                
                                اچرج
                                
                                
                                مان مون
                                
                                
                                ڏي
                                
                                
                                نهاريو ۽ چيائين.
                                
                                
                                ”تو
                                
                                
                                مدن
                                
                                
                                مست جي
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                ٻڌي
                                
                                
                                آهي
                                
                                ڇا؟“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                چيو 
                                ”نه.... ڇو ڪا روماني
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                آهي
                                
                                ڇا؟“. 
                                        
                                
                                ”ها“
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”ٻڌاءِ
                                
                                
                                ڀلا“
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”ٻڌايانءِ
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                پهريائين 
                                ڦلڪو 
                                کانوان_“ گيان
                                
                                
                                چيو. 
                                        
                                
                                ”روماني
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                پيت
                                
                                ۾
                                
                                
                                اٿيئي ته
                                
                                
                                به
                                
                                
                                بک پيو
                                
                                
                                محسوس 
                                ڪرين.“ مون
                                
                                
                                گيان
                                
                                کي
                                
                                ڇيڙيو.
                                 
                                        
                                
                                ”ڍَوَ
                                
                                
                                بنا
                                
                                ڍوليا
                                
                                ڪانهي
                                
                                
                                ساڃهه سونهن
                                
                                
                                جي_“
                                
                                
                                گيان وراڻيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڦلڪو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                کارڪون
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                
                                کائڻ
                                
                                
                                ويهي
                                
                                
                                رهيو. مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                کل
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                ويئي ۽ هٿ
                                
                                
                                وڌائي پنهنجو
                                
                                
                                ڦلڪو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                انب
                                
                                ڪڍي
                                
                                
                                پيٽ پوڄا
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                لڳي
                                
                                
                                ويس. 
                                        
                                
                                ڦلڪن،
                                
                                
                                انبن 
                                
                                
                                ۽ 
                                کارڪن سان
                                
                                
                                نياءُ 
                                ڪندي آءُ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                گيان
                                
                                
                                بک ۾ بصرن
                                
                                
                                کائڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                فلسفي تي
                                
                                
                                ڳالهائيندا
                                
                                
                                رهياسين. ٻئي انهيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هم
                                
                                
                                راءِ هئاسين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                بک ۾ بصر
                                
                                
                                مٺا
                                
                                
                                لڳندا آهن. 
                                        
                                
                                ماني
                                
                                کائي
                                
                                
                                واندا 
                                ٿياسين ته
                                
                                
                                گيان
                                
                                کنڊر
                                
                                
                                جي پٽ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                ئي آهلي
                                
                                
                                پيو.
                                
                                
                                مون پٽ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                چوڌاري نظر
                                
                                
                                ڦيرائي،
                                
                                
                                پٽ
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                به سنئون
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                هو_
                                
                                
                                پر پوءِ
                                
                                
                                ٽپهري
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ننڊ اکڙو
                                
                                
                                وٺندو پئي
                                
                                
                                ويو.
                                
                                
                                آءُ به
                                
                                
                                چڱيرڙي جاءِ
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                آهلي
                                
                                
                                پيس. دُکيل
                                
                                
                                سگريٽ منهنجي
                                
                                
                                آڱرين ۾ هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هلڪيون هلڪيون
                                
                                
                                ڦوڪون
                                
                                
                                هڻي
                                
                                
                                پئي وات
                                
                                
                                ڪڙو
                                
                                
                                ڪيم.
                                
                                
                                خيال
                                
                                
                                آيم : هِرئي کان پوءِ
                                
                                
                                ماڻهوءَ کي 
                                ڪڙاڻ 
                                ڪهڙي نه
                                
                                
                                وڻي
                                
                                ٿي.“
                                
                                
                                گيان پنهجي
                                
                                
                                خيالن ۾ گم
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                رکي رکي
                                
                                
                                مدن
                                
                                
                                مست جي
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ياد
                                
                                
                                پيس ته
                                
                                
                                پاسو
                                
                                
                                ورائي مون
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                مُنهن 
                                ڪيائين ۽ چيائين:  
                                        
                                
                                ”ٻڌ
                                
                                
                                ڀلا_
                                
                                
                                مدن
                                
                                
                                مست جي
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                ٻڌايانءِ!“ 
                                        
                                
                                ”ٻڌاءِ“
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                پاسو ورائي
                                
                                
                                منهن
                                
                                کڻي
                                
                                ڏانهن
                                
                                ڪيو.
                                
                                
                                گيان 
                                ڪهاڻي شروع
                                
                                
                                ڪئي. 
                                        
                                
                                ”مدن
                                
                                
                                مست
                                
                                
                                جي 
                                ڪهاڻي سنڌ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تواريخ سان
                                
                                
                                ڳنڍي
                                
                                
                                پيئي
                                
                                
                                آهي. چون
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مدن نالي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                هاري اروڙ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڀر
                                
                                ۾
                                
                                
                                درياهه جي
                                
                                
                                ڪپ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                هڪ ننڍڙي
                                
                                
                                ڳوٺڙي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رهندو هو.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي ڪرت هئي
                                
                                
                                پوک
                                
                                ۽
                                
                                
                                هوپنهنجي پورهئي
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                جيڪي ڪي 
                                ڪمائيندو هو.
                                
                                
                                تنهن
                                
                                
                                سان سرڪاري
                                
                                
                                ڍل
                                
                                
                                ڏن
                                
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                باقي
                                
                                
                                جيڪي بچندو
                                
                                
                                هئس
                                
                                
                                سو پنهنجي
                                
                                
                                پوڙهي پيءُ
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                جي پيرن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                رکندو هو. 
                                        
                                
                                مدن
                                
                                
                                جي پيءُ
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                کي
                                
                                ”مدن“
                                
                                
                                جي وهانءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                آس هئي.
                                
                                
                                پڇا
                                
                                ڳاڇا
                                
                                ڪري
                                
                                
                                نيٺ هنن
                                
                                
                                مدن
                                
                                
                                لاءِ هڪ
                                
                                
                                وني
                                
                                
                                هٿ ڪئي ۽ ”شڀ سمو“
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                سڳن
                                
                                
                                ساٺ ڪري 
                                ڪنوار گهر
                                
                                
                                وٺي
                                
                                
                                آيا. 
                                        
                                
                                مدن
                                
                                
                                وني وٺي
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                آيو ته
                                
                                
                                چوڌاري چوٻول
                                
                                
                                مچي
                                
                                
                                ويو. 
                                ڪلاونتي مدن
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪنوار
                                
                                
                                گودڙيءَ ۾ لڪل
                                
                                
                                لعل
                                
                                
                                هئي. هڪ
                                
                                
                                اڌ
                                
                                
                                واري جا
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                نظر 
                                ڪلاونتيءَ تي
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                سا نظر
                                
                                
                                ميري
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پيئي. مدن
                                
                                
                                جنهن
                                
                                ڳوٺ
                                
                                ۾
                                
                                
                                رهندو هو
                                
                                
                                اُن
                                
                                
                                جي مکيءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                من سڀ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳ
                                
                                ۾
                                
                                
                                ميرو ٿي پيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                مدن پنهنجيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                مگن
                                
                                
                                انهن 
                                ڳالهين کان بي
                                
                                
                                خبر
                                
                                
                                رهيو. هوڏانهن
                                
                                
                                مُکي
                                
                                
                                ويل اويل
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                طرف پئي
                                
                                
                                مدن
                                
                                کي
                                
                                
                                راڄ پات
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                نالي راڄ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪمن
                                
                                ۾
                                
                                
                                وهايو ٻئي طرف
                                
                                
                                واري
                                
                                ڦيري
                                
                                
                                پئي 
                                ڪلاونتيءَ کي ريجهائڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪوشش
                                
                                ڪئي.
                                
                                
                                مُکيءَ جون
                                
                                
                                اهي
                                
                                
                                اٽڪلون سٽڪلون
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                
                                سو مدن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڪلاونتيءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پيار کي تَو
                                
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                جرڪائينديون رهيون.
                                
                                
                                مدن
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                جو پورهيو
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                ورندو هو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪلاونتي
                                
                                
                                سندس راهه
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                نيڻ
                                
                                
                                وڇائي 
                                ڇڏيندي هئي. 
                                        
                                
                                انهيءَ ئي
                                
                                
                                سمي
                                
                                
                                جيئن سانوڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪارو
                                
                                ڪڪر
                                
                                
                                آسمان جي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڪنڊ
                                
                                ۾
                                
                                
                                ظاهر ٿي جهٽ
                                
                                
                                پل
                                
                                ۾
                                
                                
                                سڄي سنسار
                                
                                
                                تي
                                
                                ڇائنجي
                                
                                
                                ويندو 
                                
                                آهي تيئن
                                
                                
                                محمد
                                
                                
                                بن قاسم
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                لشڪر ديبل
                                
                                
                                بندر
                                
                                
                                تي ظاهر
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مهينن جا
                                
                                
                                پنڌ
                                
                                ڏينهن
                                
                                ۾
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                اچي اروڙ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪڙڪيو. |