| 
                                  
                                
                                ۽ ٻيون لکڻيون 
                                  
                                  
                                  
                                 
                                
                                
                                پورٽريٽ 
                                اولڙا اولڙا زندگي اولڙا 
                                بيدل مسرور 
                                  
                                   
                                        
                                
                                ڪيتريءَ
                                
                                
                                دير
                                
                                کان
                                
                                ڪمري
                                
                                ۾
                                
                                
                                خاموشي 
                                ڇانيل هئي.
                                
                                
                                آخري
                                
                                ڀيري
                                
                                
                                هن وڏو
                                
                                
                                ٽهڪ
                                
                                
                                ڏنو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                جنهن جو
                                
                                
                                پڙلاءُ رکي
                                
                                
                                رکي
                                
                                
                                منهنجي ڪنن ۾ ٿي 
                                ٻُريو. هو
                                
                                
                                انلارجر جي
                                
                                
                                ڀرسان
                                
                                
                                لفافن مان
                                
                                
                                نيگيٽو ڪڍي 
                                ڏسندو ٿي ويو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ، 
                                ڪجهه 
                                ڳالهائڻ 
                                کانسواءِ اٿي
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ٻرندڙ
                                
                                
                                بلب
                                
                                
                                جو سئچ
                                
                                
                                آف
                                
                                ڪيائين.
                                
                                
                                ان ئي
                                
                                
                                گهڙيءَ گهگهه
                                
                                
                                اونداهي 
                                ڦهلجي وئي،
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                جيئن هن
                                
                                
                                جي
                                
                                ٽهڪ
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                خاموشي، اوندهه
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                منهنجو ساهه
                                
                                
                                ٻوساٽجڻ
                                
                                
                                لڳو،
                                
                                
                                ان اونداهه
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                به 
                                
                                مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                لڳو
                                
                                
                                ته هو
                                
                                
                                وڌي
                                
                                
                                وڃي انلارجر
                                
                                
                                جي
                                
                                ڀرسان
                                
                                
                                ويٺو، جنهن
                                
                                
                                احساس جي
                                
                                
                                پڪ
                                
                                
                                تڏهن ٿي، جڏهن
                                
                                
                                ڳاڙهي
                                
                                
                                رنگ
                                
                                
                                جي روشني،
                                
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                گهٽين ۾ شام
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                بيٺل دونهين
                                
                                
                                جيان، 
                                ڪمري جي
                                
                                
                                ڪاراڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                ڄمي
                                
                                
                                وئي. پني
                                
                                
                                ڦاڙڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                آواز ۽ منهنجي
                                
                                
                                من
                                
                                ۾
                                
                                
                                اُداسيءَ جو
                                
                                
                                اڀري
                                
                                
                                اچڻ. مون
                                
                                
                                وڏو
                                
                                
                                ساهه کڻي کيس چيو: 
                                        
                                
                                ”نيٺ
                                
                                
                                ايڏي
                                
                                
                                ساري تڪليف
                                
                                
                                پنهنجي سر
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                مان
                                
                                ڇا
                                
                                
                                حاصل؟“  
                                        
                                
                                چئي
                                
                                
                                ته ويٺس،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                مان ائين
                                
                                
                                چئي
                                
                                
                                .. .. 
                                
                                کانئس
                                
                                
                                ٺَاهوڪي
                                
                                
                                گار
                                
                                
                                جو انتظار
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لڳس.
                                
                                
                                هن جواب
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                ڏنو،
                                
                                
                                ماٺ
                                
                                
                                جي ماحول
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                انلارجر جو
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                اڀرندڙ 
                                کڙڪو ۽ مان
                                
                                
                                پنهنجي جواب
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                منتظر. 
                                        
                                
                                ”اڙي
                                
                                
                                توکي
                                
                                
                                خبر ناهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مان تصويرون
                                
                                
                                به
                                
                                ٺاهي
                                
                                ڄاڻان.“ 
                                        
                                
                                ”پر،
                                
                                
                                اهي
                                
                                ٻه
                                
                                
                                چار نيگيٽو
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                دڪان
                                
                                
                                تان به
                                
                                
                                صاف
                                
                                ڪرائي
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سگهئين.“ 
                                        
                                
                                ”ماٺ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ويهه 
                                .. .. 
                                
                                ۽ ....“ 
                                        
                                
                                ”۽
                                
                                
                                ڇا؟“ 
                                        
                                
                                ڀت
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                لڳل
                                
                                
                                تصوير مان
                                
                                
                                ٻُرندڙ
                                
                                
                                گيت
                                
                                
                                ويهي 
                                ٻڌ.“ 
                                        
                                
                                مان
                                
                                ڪاراڻ
                                
                                
                                مائل 
                                ڳاڙهي 
                                ڳوڙهي روشنيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                گهورڻ لڳس.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                انلارجر ۾ ڪا نيگيٽو
                                
                                
                                رکي،
                                
                                
                                ان جو
                                
                                
                                فوڪس
                                
                                ڪري
                                
                                
                                رهيو هو.
                                
                                
                                هن
                                
                                ڦاڙيل
                                
                                
                                اڇي 
                                ڪارڊ جو
                                
                                
                                ٽڪر
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                فوڪس تي
                                
                                
                                رکيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                اڇي روشنيءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                مدد سان
                                
                                
                                پازيٽو جي
                                
                                
                                نه
                                
                                ڏسجندڙ
                                
                                
                                اُڪر جو
                                
                                
                                يقين
                                
                                ڪري
                                
                                کيس
                                
                                ڊيولپر
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڌو 
                                .. .. 
                                مون
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                ٿورو
                                
                                
                                واندو ڏسي چيو: 
                                        
                                
                                ”منهنجو
                                
                                
                                مطلب
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                ويهي ڪا 
                                ڪچهري 
                                ڪريون.“ 
                                        
                                
                                ”ته
                                
                                
                                هي
                                
                                ڇا
                                
                                
                                .. .. .. 
                                
                                پيا
                                
                                
                                .......“ 
                                        
                                
                                ”منهنجو
                                
                                
                                مطلب
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                گهڻي
                                
                                
                                وقت کان پوءِ
                                
                                
                                مليا
                                
                                
                                آهيون، ته
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ڳالهيون
                                
                                
                                ٻولهيون
                                
                                
                                ڪريون.“ 
                                        
                                
                                ”ڇا
                                
                                
                                ڳالهايان؟
                                
                                
                                ڪهڙيون
                                
                                
                                ڳالهيون
                                
                                
                                ڪريون؟
                                
                                
                                ڳالهائڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                موضوع ئي
                                
                                
                                ڪهڙا
                                
                                
                                آهن
                                
                                
                                پاڻ وٽ؟....
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                مون کي ته
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ڳالهائڻو
                                
                                
                                ئي
                                
                                ڪونهي.“ 
                                        
                                
                                ”ڇو.....؟“
                                
                                
                                مون
                                
                                کانئس
                                
                                
                                وضاحت لاءِ
                                
                                
                                پڇيو.“ 
                                        
                                
                                ”ڇاڪاڻ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                يارن کي يقين
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                مري ويو
                                
                                
                                آهي.“ 
                                        
                                
                                ”ڪير
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چوي؟“ 
                                        
                                
                                ”وڏو
                                
                                
                                ثبوت
                                
                                
                                ته مدد
                                
                                
                                علي
                                
                                
                                سنڌيءَ 
                                ”اڳتي قدم“
                                
                                
                                جو
                                
                                ”حفيظ
                                
                                
                                نمبر“ شايع
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڏنو
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                ”تنهنجو
                                
                                
                                مطلب
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                هنن
                                
                                
                                توکي مئل
                                
                                
                                سمجهي، حفيظ
                                
                                
                                نمبر
                                
                                
                                شايع ڪيو آهي.“ 
                                        
                                
                                ”ٻيو
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                ته.... هتي
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                اداري جو
                                
                                
                                نالو
                                
                                ٻڌاءِ،
                                
                                
                                جنهن 
                                ڪنهن جيئري
                                
                                
                                اديب
                                
                                
                                يا شاعر
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                نمبر 
                                ڪڍيو هجي.“ 
                                        
                                
                                ”ترس
                                
                                
                                ٿورو
                                
                                
                                غور
                                
                                ڪرڻ
                                
                                ڏي.“ 
                                        
                                
                                ”پئين
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                مُنجهي.“ 
                                        
                                
                                ”نه،
                                
                                
                                منهنجيو ناهيان......
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                دراصل تنهنجي
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                غور 
                                ڪري، جواب
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                ذهن تي
                                
                                
                                زور
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                رهيو آهيان،
                                
                                
                                پنهنجن جا
                                
                                
                                پرڪار آهن.
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                بقول
                                
                                
                                تنهنجي، پر
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                ياد ٿو اچي،
                                
                                
                                سنڌي
                                
                                
                                پبليڪيشن طرفان
                                
                                
                                شيخ
                                
                                
                                عبدالمجيد سنڌي،
                                
                                
                                غلام
                                
                                
                                مصطفيٰ شاه
                                
                                
                                وغيره ۽ برسات
                                
                                
                                وارن
                                
                                
                                شيخ اياز
                                
                                
                                نمبر
                                
                                ڪڍيو
                                
                                
                                آهي. سهڻي
                                
                                
                                طرفان امر
                                
                                
                                جليل
                                
                                ۽
                                
                                
                                نسيم کرل جا
                                
                                
                                نمبر
                                
                                
                                نڪتا آهن.“ 
                                        
                                
                                ”انهن
                                
                                
                                ٻن
                                
                                
                                مثالن سان
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                مون کي مطمئن
                                
                                
                                نٿو
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهين پيارا.....
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                ئي 
                                ٻڌاءِ، جيڪو
                                
                                
                                منهنجي 
                                ڪهاڻين جو
                                
                                
                                مجموعو، توکي
                                
                                
                                پنهنجي خيال
                                
                                
                                مطابق 
                                ڪڍڻو هو،
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                اسلم لغاريءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سنڌي اڪيڊميءَ
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ڇاپايو؟
                                
                                
                                چڱو
                                
                                
                                هل اڳتي،
                                
                                
                                ڇڏ
                                
                                
                                ان
                                
                                ڳالهه
                                
                                کي،
                                
                                
                                ان مجموعي
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                پهريان چار
                                
                                
                                ورق
                                
                                کولي
                                
                                ڏس،
                                
                                
                                ته توکي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                يقين اچي
                                
                                
                                ويندو، ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                مري ويو
                                
                                
                                آهي.“ 
                                        
                                
                                ”مان
                                
                                
                                تنهنجي 
                                ڳالهه کي مڃان
                                
                                
                                ٿو،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                اهي به
                                
                                
                                ”اڳتي
                                
                                
                                قدم“
                                
                                ۾
                                
                                
                                تنهنجي ئي
                                
                                
                                دوستن جي
                                
                                
                                لکيل
                                
                                
                                تاثرن تان
                                
                                
                                ورتل
                                
                                
                                آهن، پر
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                جي ابتڙ
                                
                                
                                منهنجو پنهنجو
                                
                                
                                خيال
                                
                                
                                اهو هو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مان تنوير
                                
                                
                                عباسيءَ کان تنهنجي
                                
                                
                                شخصيت، دوستي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ادبي
                                
                                
                                خدمت متعلق
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                لکرايان.“ 
                                        
                                
                                ”پوءِ
                                
                                
                                تنوير ڇا چيو؟“ 
                                        
                                
                                ”هن
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                ته مان
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                سان شايد
                                
                                
                                پورو
                                
                                
                                انصاف نه
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهان.“ 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                جو منهن
                                
                                
                                مون
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                هو، سندس
                                
                                
                                پويان 
                                ڳاڙهي روشنيءَ
                                
                                
                                شعاع
                                
                                
                                پئي 
                                ڪيو، تنهنڪري
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                سندس صورت
                                
                                
                                ڀاوَ
                                
                                
                                پرکي
                                
                                
                                نه سگهيس.
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                دير
                                
                                
                                جيئن جو
                                
                                
                                تيئن
                                
                                
                                ويٺو رهيو.
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هو مڙيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڪارين
                                
                                
                                ڪاپين
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڦولهڻ
                                
                                
                                لڳو.
                                
                                ٿوري
                                
                                
                                دير جي
                                
                                
                                خاموشيءَ 
                                کانپوءِ چوڻ
                                
                                
                                لڳو: 
                                        
                                
                                ”ڪنهن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مڌ 
                                ڀريو آواز
                                
                                
                                ٻڌين
                                
                                
                                پيو؟“ 
                                        
                                
                                ”اون
                                
                                
                                هون 
                                .. .. 
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                ته 
                                ڪجهه ٻڌڻ ۾ 
                                ڪونه ٿو اچي.“ 
                                        
                                
                                ”ڪن
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                ٻڌ 
                                .... 
                                
                                هوءَ
                                
                                ڳاوَ
                                
                                
                                ئي ٿي 
                                .. 
                                
                                ٻڌ ٻڌ 
                                .. .. 
                                هوءَ
                                
                                
                                ڳائي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پيارا. 
                                ڪجهه هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                به
                                
                                ٻڌ.“ 
                                        
                                
                                گهڙيءَ لاءِ
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                به ساهه
                                
                                
                                منجهائي 
                                ڪجهه ٻڌڻ جي
                                
                                
                                ڪوشش
                                
                                
                                ڪئي،
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                به چرپر
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                کانسواءِ
                                
                                
                                ڪنڌ
                                
                                
                                لاڙي
                                
                                
                                ويٺو رهيو،
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                واقعي ڪو سريلو
                                
                                
                                آواز
                                
                                ۽
                                
                                
                                سهڻا ٻول ٻڌي رهيو
                                
                                
                                هجي 
                                .. 
                                
                                جلد
                                
                                
                                ئي وڏو
                                
                                
                                ساهه
                                
                                کڻي
                                
                                
                                پنهنجي منهن
                                
                                
                                چوڻ
                                
                                
                                لڳو: 
                                        
                                
                                ”جڏهن
                                
                                
                                روح
                                
                                
                                جا ريلا
                                
                                
                                سڪي
                                
                                
                                ويندا آهن،
                                
                                
                                تڏهن؛ نه
                                
                                
                                تو
                                
                                
                                تي ميار
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                نه مون
                                
                                
                                تي.“
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                آواز
                                
                                ۾
                                
                                
                                درد جو
                                
                                
                                احساس هو. 
                                        
                                
                                ”ڇا
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                چوين؟“ 
                                        
                                
                                هن
                                
                                ڪو
                                
                                
                                جواب نه
                                
                                
                                ڏنو.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                به وڌيڪ
                                
                                
                                کانئس
                                
                                
                                پڇڻ
                                
                                
                                جي 
                                ڪوشش 
                                ڪانه 
                                
                                
                                ڪئي، ڇو ته
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                لڳو ٿي ته
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                ساڻس 
                                ڪجهه به
                                
                                
                                ڳالهائيندس،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                جواب ۾ روئي
                                
                                
                                پوندو ۽ مون
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                روئارڻ نٿي
                                
                                
                                چاهيو 
                                .. .. 
                                
                                ڪجه لمحن
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                زندگيءَ جا
                                
                                
                                آثار
                                
                                ڪنن
                                
                                
                                تائين رسيا
                                
                                
                                .. 
                                
                                هن
                                
                                ڪارين
                                
                                ڪاپين
                                
                                
                                مان هڪ
                                
                                
                                پازيٽو تصوير
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                
                                مون
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                وڌائيندي چيو: 
                                        
                                
                                ”هيءَ
                                
                                
                                تصوير 
                                ڏس.“ سندس
                                
                                
                                آواز
                                
                                
                                اڃا به
                                
                                
                                ڳورو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                مان اٿي
                                
                                
                                وٽس
                                
                                
                                ويس ۽ ان
                                
                                
                                ڳاڙهي
                                
                                
                                روشنيءَ ۾ تصوير
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                پڇيم: 
                                        
                                
                                ”ڪنهن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                آ؟“ 
                                        
                                
                                ”ماڻهين
                                
                                
                                جي.“
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                لهجي
                                
                                ۾
                                
                                
                                خار هئي. 
                                        
                                
                                ”پر
                                
                                
                                پيارا، منهنجي
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                ته مري
                                
                                
                                وئي
                                
                                
                                آ.“ 
                                        
                                
                                ”ته
                                
                                
                                مان
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چوانءِ ته
                                
                                
                                جيئري آ.“ 
                                        
                                
                                ”پر
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                نقش منهنجي
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                جا ته
                                
                                
                                ناهن.“ 
                                        
                                
                                ”سڃاڻ
                                
                                
                                نه 
                                .. ..“ 
                                        
                                
                                ”مان
                                
                                
                                نٿو
                                
                                
                                سڃاڻي سگهانس.“ 
                                        
                                
                                ”تنهنجي
                                
                                
                                پاڙي
                                
                                
                                جي 
                                ٿي.“ 
                                        
                                
                                ”مون
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                نه
                                
                                ڏٺي
                                
                                
                                آ.“ 
                                        
                                
                                ”ته
                                
                                
                                تو
                                
                                ڏٺو
                                
                                ڇا
                                
                                
                                هي؟“ 
                                        
                                
                                ”منهنجي
                                
                                
                                عمر
                                
                                
                                ئي ڇا هي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مان 
                                ڪجهه ڏسڻ جي
                                
                                
                                هام
                                
                                
                                هڻان.“ 
                                        
                                
                                ”هون..“
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                وڏو ساهه
                                
                                
                                کنيو،
                                
                                
                                مون
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                نهاري وري
                                
                                
                                چوڻ
                                
                                
                                لڳو:
                                
                                ”تصوير
                                
                                کي
                                
                                
                                پنهنجي ئي
                                
                                
                                هٿ
                                
                                ۾
                                
                                
                                رک 
                                .. .. 
                                
                                ۽ 
                                کانئس پڇ
                                
                                
                                .. .. 
                                
                                سڀ
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                اها تصوير
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                ئي 
                                ٻڌائيندي توکي؟“ 
                                        
                                
                                ”ها
                                
                                
                                پيارا .. .. جيئرن
                                
                                
                                جاڳندن ماڻهن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                وات سبيل
                                
                                
                                هوندا آهن،
                                
                                
                                اکيون هوندي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                منجهن ساڃاءِ
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                هوندي آهي،
                                
                                
                                پڙهيل 
                                ڪڙهيل ذهنن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                به تالا
                                
                                
                                لڳل
                                
                                
                                هوندا آهن 
                                .. .. 
                                
                                ڪئين
                                
                                
                                هزارين انسان
                                
                                
                                منهنجي 
                                ڪهاڻيءَ 
                                ”فقير رمندا
                                
                                
                                رهن
                                
                                ٿا“
                                
                                
                                جي فقير
                                
                                
                                جيان
                                
                                ڄمندا
                                
                                
                                آهن ۽ هڪ
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                فوٽ
                                
                                
                                پاٿ تي
                                
                                
                                مئل
                                
                                
                                نظر ايندا
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                اهي پنهنجي
                                
                                
                                جيئري 
                                ڪجهه به
                                
                                
                                ٻڌائي
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                سگهندا آهن 
                                .. .. 
                                
                                اهڙا
                                
                                
                                انسان مرڻ
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                ڪهاڻيون
                                
                                
                                بڻجي
                                
                                
                                ويندا آهن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                ماڻهو 
                                ڳالهائڻ چاهيندا
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                جيڪي 
                                ڪجهه ڪرڻ چاهيندا
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                انهن سان
                                
                                
                                جيڪا
                                
                                
                                جُٺ هيءَ
                                
                                
                                ماحول ڪري ٿو، تنهن
                                
                                
                                جي
                                
                                ڄاڻ
                                
                                ڪنهن
                                
                                کي
                                
                                
                                ناهي 
                                ڇا؟“ 
                                        
                                
                                ”پر
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                هن تصوير
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                پڇان؟“ 
                                        
                                
                                ”ڀُوڪ،
                                
                                
                                پهرين ته
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                پڇينس ته
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                آهين 
                                ڪير.“ 
                                        
                                
                                ”مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪا
                                
                                
                                عورت ٿي لڳي 
                                .. .. 
                                
                                جنهن
                                
                                کي
                                
                                
                                نظر جي
                                
                                
                                عينڪ
                                
                                
                                پئي آهي.“ 
                                        
                                
                                ”هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                عينڪ جي
                                
                                
                                شيشن
                                
                                
                                مان هن
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                واجهائيندڙ نگاهون
                                
                                
                                نٿو
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                سگهين ته،
                                
                                
                                ڏي
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                واپس.“ هن
                                
                                
                                مون
                                
                                کان
                                
                                
                                تصوير کسي ورتي. 
                                        
                                
                                ”پوءِ
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                ٻڌاءِ
                                
                                
                                ته سهي
                                
                                
                                آهي
                                
                                ڪير؟“ 
                                        
                                
                                ”دل
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                چوي ٿي ته
                                
                                
                                لک
                                
                                
                                سئو گاريون
                                
                                
                                ڏيانءِ،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                هٿ ۾ جهليل
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                عظيم عورت
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تصوير جي
                                
                                
                                احترام کان 
                                ڪجهه نٿو
                                
                                
                                چوانءِ. وڃ،
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                هوڏانهن ويهه.“
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي لهجي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                چڙ
                                
                                
                                هئي، بيزاري
                                
                                
                                هئي 
                                .. .. 
                                
                                مان
                                
                                
                                اٿيم ۽ کيس چيم: 
                                        
                                
                                ”بتي
                                
                                
                                ٻاريان؟“ 
                                        
                                
                                ”تنگ
                                
                                
                                نه
                                
                                ڪر
                                
                                
                                پيارا.“ 
                                        
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ساڳي
                                
                                
                                خاموشي 
                                ڇانئجي وئي.
                                
                                
                                تصوير هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هٿ ۾ هئي.
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                منٽن
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                هو پنهنجي
                                
                                
                                منهن
                                
                                ڀڻڪڻ
                                
                                
                                لڳو. 
                                        
                                
                                ”هيءَ
                                
                                
                                روشن
                                
                                
                                آهي پيارا
                                
                                
                                .. ..“ هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                آواز ۾ سڏڪا
                                
                                
                                شامل
                                
                                
                                هئا، ”هن ۽ منهنجو
                                
                                
                                گهڻي
                                
                                
                                ئي 
                                ڪڙيون ۽ مٺيون
                                
                                
                                ڳالهيون
                                
                                
                                مشهور آهن 
                                .. 
                                
                                “
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                لمحي لاءِ
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                چپ ٿي ويو 
                                .. 
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                چوڻ لڳو:
                                
                                
                                ”هڪ
                                
                                
                                ڀيري
                                
                                
                                عبدالحق عالماڻيءَ
                                
                                
                                منهنجي اکين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                آلاڻ
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                پنهنجي اکين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                به
                                
                                
                                چرپر محسوس
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                هئي
                                
                                
                                پر منهنجي
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                چوڻ
                                
                                
                                لڳي 
                                .. 
                                اڙي
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                ته سچ
                                
                                
                                پچ
                                
                                
                                بيوقوف آهين،
                                
                                
                                حديث
                                
                                ۾
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                مئل لاءِ ڏک ڪبو ته
                                
                                
                                انهيءَ جي
                                
                                
                                روح
                                
                                کي
                                
                                
                                تڪليف پهچندي.
                                
                                
                                تڏهن 
                                .. 
                                
                                تڏهن
                                
                                
                                ئي شايد
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                ائين چيو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                ته مئلن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                نٿو
                                
                                
                                وساري سگهجي.
                                
                                
                                جيئرن سان
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                سانگو نٿو
                                
                                
                                رکي
                                
                                
                                سگهجي 
                                .. 
                                پوءِ
                                
                                
                                به
                                
                                
                                پيار ڇو آهي؟
                                
                                
                                اڪير
                                
                                ڇو
                                
                                
                                آهي؟ اوسيئڙو
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                آهي؟
                                
                                
                                اهو سڀ
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ڦر
                                
                                
                                جي
                                
                                ڇو
                                
                                ڪونه
                                
                                ٿو
                                
                                
                                وڃي؟ لٽجي
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                نه
                                
                                ٿو
                                
                                
                                وڃي؟ پابنديون 
                                .. 
                                
                                حد
                                
                                
                                بنديون، آخر
                                
                                
                                توهان ماڻهو 
                                .. .. 
                                
                                ميرا
                                
                                
                                من ۽ اُجرا
                                
                                
                                چهرا
                                
                                کڻي
                                
                                ڪيستائين
                                
                                
                                مذهب جي
                                
                                
                                نالي
                                
                                ۾
                                
                                ڪوڙ
                                
                                
                                پکيڙيندا رهندا؟
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                ياد آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                منهنجي ڀيڻ چڙي
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                هو:
                                
                                ”سالا
                                
                                ڪميونسٽ،
                                
                                
                                توهان وڏا
                                
                                
                                حرامي آهيو،
                                
                                
                                روز
                                
                                
                                محشر ۾ تو
                                
                                
                                جهڙا
                                
                                
                                دوزخ جو
                                
                                
                                ٻارڻ
                                
                                
                                ٿيندا.
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                اچين ٿو ته
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                جي گهر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رحمت
                                
                                
                                جا فرشتا
                                
                                
                                به
                                
                                
                                پير 
                                ڪونه ٿا رکن.“
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                ان ڀيڻ جي
                                
                                
                                گهران نڪري
                                
                                
                                وڃڻ
                                
                                
                                مناسب سمجهيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ويندي مون
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                هو ته
                                
                                
                                ”فرشتا
                                
                                
                                ضرور
                                
                                
                                ايندا تنهنجي
                                
                                
                                گهر
                                
                                ۾،
                                
                                
                                پر 
                                ڀاءُ بڻجي
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                ايندا.“ ائين
                                
                                
                                چئي
                                
                                
                                هو چپ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو،
                                
                                
                                بي سبب
                                
                                
                                ڪارين
                                
                                
                                ڪاپين
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                هيٺ
                                
                                
                                مٿي ڪرڻ لڳو،
                                
                                
                                چوڻ
                                
                                
                                لڳو 
                                ”مون پنهنجي
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                خديجه کي پنهنجي
                                
                                
                                زندگي سنوارڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                حق ۾ آزادي
                                
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                هئي،
                                
                                
                                جنهن جو
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڪهاڻيءَ 
                                ”ساگر جي
                                
                                
                                لهرن
                                
                                
                                تي“ ۾ ذڪر
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                پر تو
                                
                                
                                ٻڌو
                                
                                
                                نه 
                                .. 
                                
                                ڀيڻون
                                
                                
                                پنهنجي گهرن
                                
                                
                                تڙن
                                
                                
                                واريون ٿي وڃڻ
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                ڀائرن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪيئن
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                بيوقوف ۽ گهٽ
                                
                                
                                سمجهڻ 
                                ٿيون لڳن.
                                
                                
                                ڏوهه
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                جو به
                                
                                
                                ناهي. دراصل
                                
                                
                                عبدالغفور انصاري
                                
                                
                                صحيح
                                
                                
                                چوندو هو،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                يار، اسان
                                
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                قسم
                                
                                
                                جا اديب
                                
                                
                                آهيون، جو
                                
                                
                                پنهنجي گهر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                اديب
                                
                                
                                پيدا نٿا
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهون ته
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هن سموري
                                
                                
                                قوم
                                
                                کي
                                
                                
                                پنهنجي تخيل
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                بدلائڻ جا
                                
                                
                                اجايا خواب
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ڏسندا
                                
                                
                                وتون 
                                .. .. 
                                
                                ڏس
                                
                                
                                ڪيڏو
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                زهريلو سچ
                                
                                
                                اٿس 
                                .. .. 
                                
                                اهي
                                
                                
                                اٿئي اسان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پنهنجي ماءُ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پٽيان، 
                                ڄڻيل اولاد
                                
                                
                                جو هڪ ٻئي سان
                                
                                
                                رشتو
                                
                                ۽
                                
                                
                                اُن جي
                                
                                
                                اُبتڙ، هيءَ
                                
                                
                                روشن، منهنجي
                                
                                
                                وات
                                
                                
                                چيل 
                                ڀيڻ، جنهن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مون سان
                                
                                
                                واقعي مثالي
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                وارو
                                
                                
                                پيار هو،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                هي دنيا
                                
                                
                                وارا
                                
                                
                                .. 
                                
                                جن
                                
                                
                                اجايا سجايا
                                
                                
                                بهتان، روشن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                لاءِ گهڙيا
                                
                                
                                هئا،
                                
                                
                                پر مون
                                
                                
                                ڪڏنهن
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                به اثر
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                ورتو. تو
                                
                                
                                منهنجي 
                                ”آخري باب“
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                پڙهي
                                
                                
                                آ؟“ 
                                        
                                
                                ”ها
                                
                                
                                .. 
                                
                                اها 
                                1955ع
                                
                                ۾
                                
                                ”ماهنامي
                                
                                
                                شاگرد“ تان
                                
                                
                                اتاري به
                                
                                
                                رکي
                                
                                
                                آهي.“ 
                                        
                                
                                ”اهو
                                
                                
                                رسالو 
                                ڪٿان مليهءِ؟“ 
                                        
                                
                                ”رشيد
                                
                                
                                ڀٽيءَ
                                
                                
                                وٽان.“ 
                                        
                                
                                ”يار،
                                
                                
                                هڪڙو
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                دوست اٿئي،
                                
                                
                                شيام
                                
                                ڪمار،
                                
                                
                                ان وٽ
                                
                                
                                منهنجو 
                                ڪجهه اهڙو
                                
                                
                                مواد
                                
                                
                                رکيو اٿئي،
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                
                                مون وٽ
                                
                                
                                به
                                
                                ڪونهي،
                                
                                
                                اهو 
                                ڪيئن به
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                هٿ
                                
                                ڪر.“ 
                                        
                                
                                ”مون
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                لاءِ شيام
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                به عرض
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                هو
                                
                                ۽
                                
                                ٻه
                                
                                ٽي
                                
                                ڀيرا
                                
                                
                                وٽس رشيد
                                
                                
                                ڀٽي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                وٺي ويس،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                هن رڳو
                                
                                
                                ڳالهيون
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                لنوائي 
                                ڇڏيو.“ 
                                        
                                
                                ”يار،
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                وٽ منهنجون
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                اڻ
                                
                                ڇپيل
                                
                                ڪهاڻيون
                                
                                
                                اٿئي، هڪڙي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مون کي ياد
                                
                                
                                آهي،
                                
                                ”زرينه“
                                
                                
                                جي عنوان
                                
                                
                                سان
                                
                                ۽
                                
                                
                                هڪ اڌ،
                                
                                
                                اڌ
                                
                                ۾
                                
                                ڇڏيل
                                
                                
                                ناول به
                                
                                
                                وٽس
                                
                                
                                آهي.“   
                                        
                                
                                ”زرينه
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                مون
                                
                                کانئس
                                
                                
                                ورتي آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ٻي
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                به ڏني هئائين،
                                
                                
                                جيڪا
                                
                                
                                به مون
                                
                                
                                وٽ
                                
                                
                                موجود آهي،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                جو عنوان
                                
                                
                                آهي
                                
                                ”اڄ
                                
                                
                                پڻ اکڙين
                                
                                
                                سڄڻ
                                
                                
                                پنهنجا ساريا.“ 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                غور مان
                                
                                
                                مونکي پئي
                                
                                
                                ٻڌو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                ائين لڳو،
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                اڃا 
                                ڪجهه چوڻو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                مون ذهن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                زور ڏنو ته
                                
                                
                                ياد
                                
                                
                                آيو، تڏهن
                                
                                
                                مون
                                
                                کيس
                                
                                
                                چيو:
                                
                                ”رشيد
                                
                                ڀٽيءَ
                                
                                
                                پئي 
                                ٻڌايو، ته
                                
                                
                                هڪڙي
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                هن 
                                ”نواءِ سنڌ“
                                
                                
                                جي
                                
                                ”سنڌ
                                
                                
                                نمبر“ ۾ شايع
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                هئي،
                                
                                
                                تنهن 
                                ڪهاڻي جي
                                
                                
                                مون
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                تلاش ڪئي آهي،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                اخبار جو
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                پرچو 
                                ڪٿان به
                                
                                
                                هٿ
                                
                                
                                نٿو اچي.
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                به
                                
                                ڪجهه
                                
                                ڪهاڻين
                                
                                
                                لاءِ رشيد
                                
                                
                                ڀٽي
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                پئي 
                                ٻڌايو، ته
                                
                                
                                تنهنجون ٻه ٽي 
                                ٻيون به
                                
                                
                                گم
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويل 
                                ڪهاڻيون آهن.“ 
                                        
                                
                                ”ڪهڙي
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                ٿي
                                
                                
                                چيائين؟“ 
                                        
                                
                                دراصل تنهنجي
                                
                                
                                گڏ
                                
                                ڪيل
                                
                                
                                لکڻين کي ڏسڻ 
                                کانپوءِ ئي
                                
                                
                                هن
                                
                                ڪجهه
                                
                                ڪهاڻين
                                
                                
                                جا نالا
                                
                                
                                ورتا، جن
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                هڪڙي ته
                                
                                
                                ”عيد
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                رات“ هئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ٻي
                                
                                
                                آهي
                                
                                ”زمانا،“. 
                                        
                                
                                اهي
                                
                                ٻئي
                                
                                ڪهاڻيون
                                
                                
                                ته مون
                                
                                
                                وٽ
                                
                                
                                به 
                                ڪينهن 
                                .. 
                                اڃا
                                
                                
                                هڪڙي
                                
                                ٻي
                                
                                ڌماڪيدار
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                ”اوستو
                                
                                
                                جاڙو“ به
                                
                                
                                گم
                                
                                
                                آهي. مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ياد
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                حميد سنڌيءَ
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                روح
                                
                                
                                رهاڻ لاءِ
                                
                                
                                موڪلي هئي.“ 
                                        
                                
                                ”پر
                                
                                
                                حميد
                                
                                
                                ته چوي
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                تو اها
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                موڪلڻ لاءِ
                                
                                
                                لکي
                                
                                
                                هئي پر
                                
                                
                                موڪلي 
                                ڪانه هئي.“ 
                                        
                                
                                الائي يار،
                                
                                
                                گهڻو
                                
                                
                                وقت گذري
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهي. وري
                                
                                
                                به
                                
                                
                                تون حميد
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                پڇي
                                
                                
                                ته 
                                ڏسجان 
                                .. 
                                ها 
                                
                                .. 
                                
                                يار
                                
                                ٻڌ
                                
                                
                                ته.“ 
                                        
                                
                                ”چئه“. 
                                        
                                
                                ”تون
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                واري آخري
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                جلدي
                                
                                ڇاپي
                                
                                ڇڏي.“ 
                                        
                                
                                ”ڪيئن؟“ 
                                        
                                
                                ”تن
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                سليم چني
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                هو ته
                                
                                
                                ان
                                
                                ۾
                                
                                
                                عبدالحق عالماڻيءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪهاڻيءَ
                                
                                ”ٽڪاڻا
                                
                                ۽
                                
                                ٽول“
                                
                                
                                جو 
                                ٿورو ريفرنس
                                
                                
                                طور
                                
                                ٽڪرو
                                
                                
                                شامل ڪبو ۽ پوءِ
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                جو ڪو عنوان
                                
                                
                                سوچي
                                
                                
                                لکبو.“ 
                                        
                                
                                ”پر
                                
                                
                                سائين جن
                                
                                
                                به
                                
                                
                                اهڙو ته
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ٽُٻ
                                
                                
                                ڏنو
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                في الحال
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سڀني کي يقين
                                
                                
                                ئي
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                پيو ته،
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                واقعي مري
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهين.“ 
                                        
                                
                                ڳاڙهي
                                
                                
                                روشني اصل
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي وجود
                                
                                
                                کانسواءِ
                                
                                
                                جسم
                                
                                
                                جي 
                                ڪنهن به
                                
                                
                                حصي
                                
                                کي
                                
                                
                                خاص ڪري منهن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                اجاگر نٿي
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                محسوس ٿي ڪيو ته
                                
                                
                                منهنجي ان
                                
                                
                                جملي
                                
                                
                                تي سندس
                                
                                
                                چهري
                                
                                
                                تي ڪو نه
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                تاثر
                                
                                
                                ضرور هو.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                مون 
                                ڏانهن ئي
                                
                                
                                نهاري رهيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                مون کي ائين
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                لڳو
                                
                                
                                ته سندس
                                
                                
                                منهن
                                
                                
                                تي لازوال
                                
                                
                                مرڪ
                                
                                
                                هئي، ڄڻ هن
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                مانڊاڻ 
                                ڄاڻي واڻي
                                
                                
                                منڊيو هو،
                                
                                
                                جيئن
                                
                                ڪو
                                
                                
                                اداڪار اسٽيج
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                هزارن 
                                ڏسندڙن جي
                                
                                
                                اڳيان پنهنجي
                                
                                
                                ڪردار
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                زبردست پرفارمنس
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                پڄاڻيءَ جو
                                
                                
                                منظر
                                
                                
                                ايڏي ته
                                
                                
                                سچائيءَ سان
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                جو
                                
                                ڏسندڙ
                                
                                
                                پڻ ان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پڄاڻيءَ جي
                                
                                
                                تاثر
                                
                                کي
                                
                                
                                سچو ۽ صحيح
                                
                                
                                سمجهي ڏک جو
                                
                                
                                اظهار 
                                ڪري، ۽ پوءِ
                                
                                
                                پردو
                                
                                ڪري
                                
                                
                                پوي ۽ اهو
                                
                                
                                پنهنجي پڄاڻيءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                رول، ڪري ويل
                                
                                
                                اداڪار اٿي
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڊرامي جي
                                
                                
                                باقي
                                
                                ٽيم
                                
                                
                                سان وڃي
                                
                                
                                ملي
                                
                                ۽
                                
                                
                                پنهنجي پرفارمنس
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                دل ئي
                                
                                
                                دل
                                
                                ۾
                                
                                
                                مرڪندو رهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                لڳو ته
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                به پنهنجي
                                
                                
                                انجام ڏسڻ لاءِ
                                
                                
                                اهڙو
                                
                                
                                ناٽڪ رچايو
                                
                                
                                هجي
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون کي پڪ
                                
                                
                                هئي
                                
                                
                                ته مرڪي
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                هو. 
                                ڇاڪاڻ ته
                                
                                
                                هن
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                به نٿي
                                
                                
                                ڳالهايو
                                
                                
                                يا
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سگهيو ٿي هو
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                سوچي
                                
                                
                                رهيو هجي.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                هڪ پل
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                سوچي
                                
                                
                                ورتو هوندو.
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                هن ڪو نه
                                
                                
                                ٻڌايو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                منتظر هئس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هو ڪو جواب
                                
                                
                                ڏيندو؛
                                
                                
                                پر
                                
                                ٿوري
                                
                                
                                دير کان پوءِ
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ٻي
                                
                                
                                تصوير 
                                ٺاهڻ لڳو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ٺاهي
                                
                                
                                ان
                                
                                کي
                                
                                ڊيولپر
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڌائين. 
                                ڊيولپر ۾ تيار
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويل
                                
                                
                                تصوير کڻي مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڏيکاريندي
                                
                                
                                چوڻ
                                
                                
                                لڳو: 
                                        
                                
                                هيءَ
                                
                                
                                به روشن
                                
                                
                                اٿئي.“ 
                                        
                                
                                ڳاڙهاڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڌنڌ
                                
                                ۾
                                
                                
                                مون تصوير
                                
                                
                                ڏٺي،
                                
                                
                                مرڪندڙ مک
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اکين
                                
                                ۾
                                
                                
                                مستقبل لاءِ
                                
                                
                                امنگن جا
                                
                                
                                اهڃاڻ، آلي
                                
                                
                                تصوير تان
                                
                                
                                پاڻيءَ جا
                                
                                
                                ڦڙا
                                
                                
                                پئي
                                
                                ڳڙيا
                                
                                
                                .. .. 
                                
                                هو
                                
                                
                                تصوير 
                                ڏانهن ڏسي چوڻ
                                
                                
                                لڳو: 
                                        
                                
                                ”آخري
                                
                                
                                ڀيري
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                
                                جڏهن بيمار
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                اسپتال داخل
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                هئي
                                
                                
                                ته آءُ
                                
                                
                                هميشه سندس
                                
                                
                                آرام
                                
                                
                                جو خيال
                                
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                سندس
                                
                                ڪمري
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڃڻ کان 
                                ڪيٻائيندو هئس،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                جڏهن به
                                
                                
                                ويندو هئس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اکين ئي
                                
                                
                                اکين
                                
                                ۾
                                
                                
                                هڪٻئي تي
                                
                                
                                پنهنجي پنهنجي
                                
                                
                                مجبوري ظاهر
                                
                                
                                ڪير
                                
                                
                                ڇڏيندا
                                
                                
                                هئاسين.“ هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                آواز ۾ گنڀيرتا
                                
                                
                                هئي.
                                
                                ٿورو
                                
                                
                                ترسي هن
                                
                                
                                وري
                                
                                ڳالهائڻ
                                
                                
                                شروع ڪيو 
                                .. .. 
                                
                                ”هڪ 
                                ڏينهن اسپتال
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                روشن
                                
                                کي
                                
                                ڏسڻ
                                
                                
                                لاءِ ويس،
                                
                                
                                روشن
                                
                                
                                جي مونجهه
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                خيال 
                                ڪري، اسحاق
                                
                                
                                ڪمري
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                دريءَ تان
                                
                                
                                پردو
                                
                                
                                هٽائي 
                                ڇڏيو هو 
                                .. .. 
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ورانڊي ۾ ئي
                                
                                
                                هئس
                                
                                
                                ته سامهون
                                
                                
                                روشن
                                
                                
                                ليٽيل نظر
                                
                                
                                آيم،
                                
                                
                                هن مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                ورتو
                                
                                
                                هو ۽ در
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                اکيون وجهيو
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                رهي. آءُ
                                
                                
                                ويجهو پهتس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اسان جون
                                
                                
                                اکيون مليون،
                                
                                
                                گهڙيءَ پل
                                
                                
                                لاءِ، پوءِ
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                هن
                                
                                ٿڪجي
                                
                                
                                اکيون هٺ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ورتيون.“ 
                                        
                                
                                حفيظ، مون
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                تصوير ورتي.
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                نهار ان
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                وجهي چوڻ
                                
                                
                                لڳو:
                                
                                
                                ”ساڳي
                                
                                
                                روشن، جنهنجي
                                
                                
                                ٿڪل
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جهڪيل نگاهن
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                مون گهڻي
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                محسوس ڪري ورتو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                اڄ به
                                
                                
                                ائين
                                
                                ٿو
                                
                                
                                لڳيم ته
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                چوندي هجي،
                                
                                
                                ”ادا
                                
                                
                                ڏسين
                                
                                
                                ٿو،
                                
                                
                                مان
                                
                                ڪيترو
                                
                                
                                لُڇي پڇي
                                
                                
                                آهيان، 
                                ڪيترو نه
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                پتوڙيو اٿم،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                هي 
                                ڪمبخت موت
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                نهوڙي نيڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                ضد ڪيو بيٺو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                ڏس
                                
                                
                                مون چيو
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ٿي،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مون ۾ طاقت
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                زندگيءَ جي
                                
                                
                                اجوڳ
                                
                                
                                پورهئي منهنجو
                                
                                
                                اندر
                                
                                ڪوري
                                
                                ڇڏيو
                                
                                
                                آهي، مان
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                عمر گهاڻي
                                
                                
                                جي
                                
                                ڏاند
                                
                                
                                جيان 
                                ڳهندي رهي
                                
                                
                                آهيان ۽ ڏس، اڄ
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                مان مس
                                
                                
                                مس
                                
                                
                                انهيءَ لائق
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                آهيان، جو
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                جهڙن لاءِ
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهان ته
                                
                                
                                موت
                                
                                
                                منهنجي چانئٺ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                بيٺو در
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                کڙڪائي.
                                
                                
                                ڏس،
                                
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                
                                روڪڻ لاءِ
                                
                                
                                مون
                                
                                ڪيڏا
                                
                                
                                نه وس
                                
                                
                                ڪيا
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                پر هي
                                
                                
                                ڪمبخت
                                
                                
                                پڻ
                                
                                
                                اميرن جو
                                
                                
                                ساٿي
                                
                                ٿو
                                
                                
                                نظر اچي.
                                
                                
                                پورهيت پورهيا
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سنئين ڳاٽ مس
                                
                                
                                ٿئي،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هي اچي
                                
                                
                                هٿ
                                
                                
                                وجهندس. ڏس، تون
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                ڏس
                                
                                ۽
                                
                                ٻين
                                
                                کي
                                
                                ٻڌائجان.
                                
                                
                                انهن کي 
                                ٻڌائجان، جيڪي
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                وانگر سمجهن
                                
                                
                                ٿا،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                پهرين پاڻ
                                
                                
                                سنوين پيرين
                                
                                
                                ٿيو،
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                ئي 
                                ڪجهه ڪري سگهبو.
                                
                                
                                ادا،
                                
                                
                                انهن کي چئجانءِ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اها اڻ
                                
                                
                                ٿيڻي
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                جيسين هو
                                
                                
                                سنوين پيرين
                                
                                
                                ٿيندا،
                                
                                
                                تيسين سندن
                                
                                
                                اندر
                                
                                ڪورجي
                                
                                
                                ويندو 
                                .. 
                                تيسين
                                
                                
                                موت
                                
                                
                                اچي در
                                
                                
                                کڙڪائيندن.
                                
                                
                                تيسين فنا
                                
                                
                                اچي
                                
                                ڀاڪر
                                
                                ۾
                                
                                ڀريندن.
                                
                                
                                غريبن لاءِ
                                
                                
                                اميرن جي
                                
                                
                                دنيا
                                
                                ۾
                                
                                ڪابه جاءِ
                                
                                ڪانهي،
                                
                                
                                اميري غريبي
                                
                                
                                انسانيت جا
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                فرقا
                                
                                
                                آهن، ٻه مذهب
                                
                                
                                آهن،
                                
                                ٻه
                                
                                
                                طبقا آهن.
                                
                                
                                ادا،
                                
                                
                                تون انهن
                                
                                
                                منهنجي نوجوان
                                
                                
                                ڀائرن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڀينرن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                چئجانءِ، جيڪي
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                وانگر پاڻ
                                
                                
                                پتوڙي رهيا
                                
                                
                                آهن.
                                
                                
                                ها، کين چئجانءِ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سُنهري سپنا
                                
                                
                                بڻائڻ ڇڏي 
                                ڏين.“ 
                                        
                                
                                ڳالهائيندي
                                
                                
                                ڳالهائين
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                آواز 
                                ڳورو ٿي ويو.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                سندس اکين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                چتائي 
                                ڏٺو، سندس
                                
                                
                                سدا
                                
                                
                                مُرڪندڙ اکين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڳوڙها
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                جرڪيا. مون
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                رئارڻ نٿي
                                
                                
                                چاهيو، تڏهن
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                چيم:
                                
                                
                                ”روئين
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ڇا؟“ 
                                        
                                
                                ”هي
                                
                                
                                لڙڪ
                                
                                
                                هميشه اکين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                لڙي
                                
                                
                                ايندا آهن.“
                                
                                
                                اکين
                                
                                
                                تي هٿ
                                
                                
                                ڦيرائيندي،
                                
                                
                                بردباريءَ سان
                                
                                
                                چوڻ
                                
                                
                                لڳو:
                                
                                ”هي
                                
                                ڳوڙها
                                
                                
                                اکين ۾ ئي
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                اٽڪي
                                
                                
                                پون، ڳلن تي
                                
                                
                                ڳڙن
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                ٿا،
                                
                                
                                انهن
                                
                                ڳوڙن
                                
                                کي
                                
                                
                                پي وڃڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                ڏانءَ
                                
                                
                                به اچي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                اٿم. مان
                                
                                
                                نؤد
                                
                                
                                آهيان پيارا،
                                
                                
                                بابي
                                
                                
                                جي مرڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                به مون
                                
                                
                                نير
                                
                                
                                نه هاريا
                                
                                
                                هئا،
                                
                                
                                پر هيءَ
                                
                                
                                روشن، هميشه
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                اداس اداس
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڇڏيندي
                                
                                
                                آهي.“ هن
                                
                                
                                تصوير کي ساڳي
                                
                                
                                پاٽ
                                
                                ۾
                                
                                
                                ترندي ڇڏي 
                                ڏنو، نيگيٽو
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                وچ مان
                                
                                
                                هڪڙي
                                
                                
                                پازيٽو تصوير
                                
                                
                                ڪڍي،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مون 
                                ڏانهس هٿ
                                
                                
                                وڌائي پڇيو: |