| 
                                        
                                
                                ها.
                                
                                
                                سو 
                                ڳالهه پئي
                                
                                
                                ڪيم
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مون پڙهائي
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                ڏني.
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                به ڇڏي ڏنم ڇو ته
                                
                                
                                بابو
                                
                                
                                خرچ پرڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                تيار ڪين هو.
                                
                                
                                نهايت 
                                ”نالائق“ هوس
                                
                                
                                ني.
                                
                                ڳڀي
                                
                                
                                جي 
                                ڳولا ڇا نٿي
                                
                                
                                ڪرائي؟
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                سڀ کان پهريون
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                ڌنڌو
                                
                                
                                اختيار ڪيو سو
                                
                                
                                بوٽ
                                
                                
                                پالش هو.
                                
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                مزو
                                
                                
                                هو انهيءَ
                                
                                
                                ڌنڌي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پر
                                
                                ڪمائي
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                هئي ۽ مون
                                
                                
                                چانهه جو
                                
                                
                                شوق
                                
                                
                                وڏائي 
                                ڇڏيو هو.
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                بابو
                                
                                
                                صاحب آڪڙجي،
                                
                                
                                بوٽ اڳتي وڌائي
                                
                                
                                پالش
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لاءِ چوندو هو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                آءُ انهيءَ
                                
                                
                                ڪچيءَ
                                
                                
                                ٽهيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                به
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                امارت جي
                                
                                
                                دهل
                                
                                
                                جو پور
                                
                                
                                تاڻي
                                
                                
                                ويندو هوس.
                                
                                
                                ٿئنڪ
                                
                                
                                يو
                                
                                
                                سر، اٽ
                                
                                
                                از
                                
                                
                                ويري 
                                ڪائينڊ آف
                                
                                
                                يو
                                
                                ٽو
                                
                                
                                هئو آرڊر
                                
                                
                                مي
                                
                                
                                وٿ دس
                                
                                
                                سروس. 
                                (Thank You sir, it is very kind of you to have 
                                honoured me with this service) 
                                
                                لڳندو هو.
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                انهيءَ جملي
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                چانهه ۽ 
                                ڪجهه بسڪوٽ
                                
                                
                                ملي
                                
                                
                                ويندا هئا.
                                
                                
                                اڄ
                                
                                
                                ايمانداريءَ سان
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چوان
                                
                                
                                ته جيڪڏهن
                                
                                
                                ٻيهر
                                
                                
                                ساڳي
                                
                                
                                زندگي جيئن
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                ملي ته
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                پنهنجي جيون
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اهو باب
                                
                                
                                اصل
                                
                                
                                نه واريان،
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                جيڪي ڪي انهي
                                
                                
                                دور
                                
                                ۾
                                
                                ڏٺم
                                
                                
                                سو وري
                                
                                
                                گهٽ
                                
                                ڏٺو
                                
                                
                                اٿم. اڳئين
                                
                                
                                زماني ۾ جڏهن
                                
                                
                                هندو
                                
                                
                                برهمڻ برهمچاري
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                گهاريندا هئا
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                تياڳ ۽ پاڻ 
                                
                                مارڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                کين
                                
                                
                                بکيا پنڻي
                                
                                
                                پوندي هئي.
                                
                                
                                بوٽ
                                
                                
                                پالش وارو
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                دور مون
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                اهڙو ئي
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                مان ۽ اپمان
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                چڪر مون
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                اهڙو هو،
                                
                                
                                جهڙو
                                
                                
                                شاستري دور
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                برهمڻ لاءِ
                                
                                
                                يا
                                
                                
                                يوناني ويراڳي 
                                (Stoics) 
                                
                                فلاسفرن لاءِ
                                
                                
                                هو.
                                 
                                        
                                
                                ٻن
                                
                                
                                مهينن بعد
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                هڪ 
                                ڪارخاني ۾ ليٿ
                                
                                
                                (لوهه
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                جنڊي 
                                ڪندڙ) مشين
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪم
                                
                                
                                سکيو_ تمام
                                
                                
                                سستائيءَ جو
                                
                                
                                زمانو هو
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                آءُ 120 رپيا
                                
                                
                                ڪمائي
                                
                                
                                وٺندو هوس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اڪيلو پاڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                خرچ 
                                ڪندو هوس. 
                                        
                                
                                ان
                                
                                
                                زماني جو
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                سهائو واقعو
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                بازاري عورت
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                ملاقات هئي،
                                
                                
                                جيڪا
                                
                                
                                اڃا تائين
                                
                                
                                منهنجي قدرن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                دروازو ٿي بيٺي
                                
                                
                                کڙڪائي_
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                آءُ اهڙو
                                
                                
                                ڪانئر
                                
                                
                                آهيان جو
                                
                                
                                اڃا
                                
                                
                                سوڌو ان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                جاءِ
                                
                                ڪانه
                                
                                ڏني
                                
                                
                                اٿم. ڇا 
                                ڪريان لوڪ
                                
                                
                                نندا
                                
                                کان
                                
                                ڏاڍو
                                
                                ٿو
                                
                                ڊڄان.
                                
                                
                                اها عورت
                                
                                
                                مونکي نيپيئر
                                
                                
                                روڊ
                                
                                
                                جي هڪ
                                
                                
                                ڪوٺيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ملي
                                
                                
                                هئي ۽ 
                                ڏاڍي سهڻي
                                
                                
                                هئي. 
                                        
                                
                                اهو
                                
                                
                                واقعو هن
                                
                                
                                طرح
                                
                                
                                پيش آيو،
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                جنهن 
                                ڪارخاني ۾ آءُ
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                هوس،
                                
                                
                                تنهن ۾ جيڪو
                                
                                
                                وڏو
                                
                                
                                مستري هو،
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                مون سان
                                
                                
                                نهايت مهربانيءَ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                پيش ايندو
                                
                                
                                هو
                                
                                ۽
                                
                                
                                جيڪو ڪم نه
                                
                                
                                ايندو هوم
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                سمجهائيندو هو.
                                
                                
                                گهڻا
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                مونکي اها
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                سمجهه ۾ ئي
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                ايندي هئي
                                
                                
                                ته
                                
                                ڇو
                                
                                
                                هو موڪل
                                
                                
                                ملندي ئي
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                ايندو هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                تڙ
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                لٽا مٽائي
                                
                                
                                اڪيلو 
                                ڪنهن طرف
                                
                                
                                هليو
                                
                                
                                ويندو هو.
                                
                                
                                نڪي
                                
                                
                                هو مونکي
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                سان هو،
                                
                                
                                نڪي
                                
                                
                                پنهنجي ننڍي
                                
                                
                                ڀاءُ
                                
                                
                                کي.
                                
                                
                                نيٺ
                                
                                
                                هڪ 
                                ڏينهن مون هن
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                پڇي
                                
                                ڪڍيو
                                
                                
                                ته آخر
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                اهڙي ريت
                                
                                
                                ڪيڏانهن هليو
                                
                                
                                ويندو آهي.
                                
                                
                                ”آءُ
                                
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                خراب
                                
                                
                                ماڻهو آهيان
                                
                                
                                لالا، آءُ
                                
                                
                                نيپئر روڊ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                ويندو آهيان“
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                وراڻيو. مونکي
                                
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                تعجب
                                
                                ٿيو،
                                
                                
                                پر مُنهن جي
                                
                                
                                پڪائي رکي
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                مانس : ”پوءِ استاد،
                                
                                
                                مونکي به
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                سان وٺي
                                
                                
                                هلندو ڪر ني.“
                                
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                نه آئڙي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                چيائين : ”نه نه،
                                
                                
                                سٺا
                                
                                ڇوڪرا
                                
                                ٿورئي
                                
                                
                                نيپئر روڊ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                ويندا آهن،
                                
                                
                                اتي
                                
                                
                                ته ڪنا ماڻهو
                                
                                
                                ويندا آهن.“
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ضد ڪري بيهي
                                
                                
                                رهيس
                                
                                
                                ته ويچارو
                                
                                
                                مستري مجبور
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو
                                
                                ۽
                                
                                
                                مونکي پاڻ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                وٺي آيو.
                                
                                
                                ان
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                پڄاڻا روز
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                استاد شاگرد
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                نيپئر روڊ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                وينداهئاسين. مون
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                نيپئر روڊ
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                عجائب گهر
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                يا سرڪس
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                جنهن ۾ 
                                ڀانت 
                                ڀانت جا
                                
                                
                                ماڻهو عجيب
                                
                                
                                حرڪتون 
                                ڪندا رهندا
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                چونو ۽ گلال
                                
                                
                                ٿڦيل
                                
                                
                                عورتون هيون،
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڪوڙين مرڪن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                مردن کي پاڻ
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                اچڻ
                                
                                
                                جي دعوت
                                
                                
                                ڏينديون
                                
                                
                                رهنديون هيون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                نفساني خواهش
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                ماريل شيطاني
                                
                                
                                شڪلين وارا
                                
                                
                                مرد
                                
                                
                                هئا. جيڪي
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                جي چوڌاري
                                
                                
                                ڦيريون
                                
                                
                                پائيندا رهندا
                                
                                
                                هئا،
                                
                                
                                مرڪون هيون،
                                
                                
                                کل
                                
                                
                                هئي،
                                
                                ٽهڪڙا
                                
                                
                                هئا، سڀ
                                
                                
                                کوکلا،
                                
                                
                                پورا، 
                                ڪوڙا ۽ ڪپت 
                                ڀريا. ڪو 
                                ڪنهن کي نه
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                چاهي، هڪ
                                
                                
                                ڌر
                                
                                
                                موهه
                                
                                
                                ماري هئي.
                                
                                
                                ٻي
                                
                                
                                ڌر
                                
                                
                                مايا
                                
                                
                                جي چڪر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هئي،
                                
                                
                                هڪ ڌر پيار
                                
                                
                                پئي
                                
                                ڳوليو،
                                
                                
                                پر اهڙي
                                
                                
                                هنڌ،
                                
                                
                                جتي ان
                                
                                
                                جي
                                
                                ڇايا
                                
                                
                                به نه
                                
                                
                                لڀي،
                                
                                ٻيءَ
                                
                                ڌر
                                
                                
                                مايا پئي
                                
                                
                                ڦولهي
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                خالي 
                                کيسن مان،
                                
                                
                                مونکي 
                                ٻنهي تي
                                
                                
                                ڪاوڙ
                                
                                
                                هئي
                                
                                
                                پر 
                                ٻنهي کي رحم
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                لائق پئي
                                
                                
                                سمجهيم. 
                                        
                                
                                استاد جڏهن
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                ڪوٺيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اندر
                                
                                
                                لنگهي ويندو
                                
                                
                                هو
                                
                                ۽ درپائجي ويندو هو ته آئون اڪيلو نيپئر روڊ تي گهمڻ شروع ڪندو 
                                هوس ۽
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ايئن اڪيلو
                                
                                
                                گهمندي مونکي
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                عورت نظر
                                
                                
                                آئي.
                                
                                
                                ان 
                                ڪوٺيءَ جي
                                
                                
                                سامهون بجليءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                هڪ 
                                ٿنڀو هو،
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ان کي ٽيڪ ڏئي بيهي
                                
                                
                                رهيس
                                
                                ۽
                                
                                
                                سوچڻ لڳڻ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                آخر هئڙي
                                
                                
                                سهڻي
                                
                                
                                عورت کي 
                                ڪهڙي ضرورت
                                
                                
                                آڻي
                                
                                
                                هن گند
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اڇلايو خير،
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                وقت
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                استاد موٽي
                                
                                
                                آيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ ان
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                گڏ گهر
                                
                                
                                موٽي
                                
                                
                                آيس. ٻئي 
                                ڏينهن استاد
                                
                                
                                اڃان
                                
                                
                                پنهنجي نوس
                                
                                
                                نوس
                                
                                
                                پوري ئي
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                آءُ موڪلائي
                                
                                
                                ڀڳس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                بجليءَ جي
                                
                                
                                ٿنڀي
                                
                                
                                سان
                                
                                ٽيڪ
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                بيهي رهيس.
                                
                                
                                ٽئين
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ساڳي ڪار ٿي. 
                                        
                                
                                اڳلي
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                اسان کي پگهار
                                
                                
                                ملي
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ ٻه 
                                ڪلاڪ موڪل
                                
                                
                                وٺي
                                
                                ڪارخاني
                                
                                
                                مان هليو
                                
                                
                                آيس.
                                
                                
                                گهر اچي
                                
                                
                                تڙ
                                
                                ڪيم،
                                
                                
                                لٽا مٽيم
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اڪيلو نيپئر
                                
                                
                                روڊ
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                روانو ٿي ويس.
                                
                                
                                ڊڄندو
                                
                                
                                ڊڄندو
                                
                                
                                نيٺ
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                در
                                
                                
                                وٽ پهتس.
                                
                                
                                در
                                
                                
                                جي چائنٺ
                                
                                
                                وٽ
                                
                                
                                هڪ پوڙهي
                                
                                
                                عورت
                                
                                
                                ويٺي هئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ٿورڙو
                                
                                
                                اندر
                                
                                
                                پرڀرو، هڪ
                                
                                
                                ڪرسيءَ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                هوءَ پاڻ
                                
                                
                                ويٺي
                                
                                
                                هئي. 
                                ”گهڻو وٺندينءَ؟“
                                
                                
                                هٻڪي
                                
                                
                                هٻڪي مون
                                
                                
                                نيٺ
                                
                                
                                پڇي 
                                ڪڍيو. 
                                ”هل“ پوڙهيءَ
                                
                                
                                ڏاڙهه
                                
                                
                                ڏني،
                                
                                
                                ”ڇڏيس
                                
                                
                                ته“
                                
                                
                                هن وچ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ٽپندي
                                
                                
                                چيو
                                
                                ”پنج
                                
                                
                                رپيا وٺندي
                                
                                
                                ساءِ.“ مونکي
                                
                                
                                چيائين. 
                                ”مان اڌ
                                
                                
                                ڪلاڪ
                                
                                
                                ويهندو ساءِ“
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                پنهنجي استاد
                                
                                
                                وارا
                                
                                
                                لفظ ورجائي
                                
                                
                                ڪڍيا.
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                
                                اڃان هاڻي
                                
                                
                                تڙ
                                
                                ڌڙ
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ويٺي هئي.
                                
                                
                                بازار به
                                
                                
                                اڃا
                                
                                
                                سرد هئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                گراهڪن جي
                                
                                
                                اچڻ
                                
                                ۾
                                
                                
                                اڃان دير
                                
                                
                                هئي
                                
                                ۽
                                
                                
                                شايد 
                                
                                
                                تنهن
                                
                                ڪري
                                
                                
                                هوءَ مڃي
                                
                                
                                ويئي. مون
                                
                                
                                پنج
                                
                                
                                رپيا ڪڍي پوڙهي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڏنا
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                چوڻ لڳي،
                                
                                
                                ”کير
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                پئسا.“ مون
                                
                                
                                پائلي ڪڍي هٿ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                رکيس. اندر
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                آءُ 
                                ڪرسيءَ تي
                                
                                
                                ويهي
                                
                                
                                رهيس ۽ در
                                
                                
                                وارجي ويو.“
                                
                                
                                چانهه تي
                                
                                
                                گهراءِ“ مون
                                
                                
                                چيو 
                                
                                هن
                                
                                
                                پوڙهيءَ کي چانهه
                                
                                
                                وٺي
                                
                                
                                اچڻ لاءِ
                                
                                
                                موڪليو. 
                                ”پوڙهي وئي
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                پيسٽريون، 
                                ڪيڪ، بسڪوٽ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                چانهه کڻي آئي.
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                
                                چانهه 
                                ٺاهڻ لڳي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                هن جو
                                
                                
                                منهن
                                
                                
                                تڪڻ لڳس.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                چانهه 
                                ٺاهي هڪڙو
                                
                                
                                ڪوپ
                                
                                
                                مونکي ڏنو ۽ هڪڙو
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                کنيائين.
                                
                                
                                مون هڪ
                                
                                
                                پيسٽري 
                                کنئين ته
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                به 
                                کنئين. سڀ
                                
                                
                                ملائي چانهه
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                رپيو خرچ
                                
                                
                                آيو،
                                
                                
                                سستائي جو
                                
                                
                                زمانو هو
                                
                                
                                ني. 
                                        
                                
                                چانهه پي
                                
                                
                                بس
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                سين ته
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                واچ 
                                ڏانهن 
                                ڏٺو. ويهه
                                
                                
                                منٽ
                                
                                
                                گذري ويا
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                مون وري
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي منهن
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                نهاريو..... اسان
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                اکيون مليون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                شرمائجي اکيون هيٺ
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ورتيون. مون
                                
                                
                                ٻيهر
                                
                                
                                اکيون مٿي
                                
                                
                                کنيون
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                وري اسان
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                نظرون مليون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                گهٻرائجي واچ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                وقت
                                
                                ڏسڻ
                                
                                
                                شروع ڪيو 
                                ..... 
                                باقي
                                
                                
                                رڳو
                                
                                
                                پنج منٽ
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                مون چئي
                                
                                
                                ڪڍيو
                                
                                
                                ”باقي
                                
                                
                                پنج
                                
                                
                                منٽ آهن.“
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                
                                شايد پنهنجي
                                
                                
                                پورن
                                
                                ۾
                                
                                
                                پئجي وئي
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                منهنجي آواز
                                
                                
                                ٻڌائين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ائين 
                                ”هون“ 
                                ڪيائين ڄڻ 
                                ڪوهن کان سڏ
                                
                                
                                ڏيندي
                                
                                
                                هجي.
                                
                                
                                پورن جي
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                جهٽ پل
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                جهان ۾ هئي
                                
                                
                                سو
                                
                                ڄاڻڻ
                                
                                
                                لاءِ منهنجو
                                
                                
                                من
                                
                                
                                اڄ به
                                
                                
                                اڇلون 
                                ڏيندو آهي
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                دل جا
                                
                                
                                راز
                                
                                ڪير
                                
                                ڄاڻي.
                                
                                
                                جهٽ پل
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                خاموشي 
                                ڇائنجي وئي.
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                خيرپور بابت،
                                
                                
                                پنهنجي امڙ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڀينرن
                                
                                
                                بابت
                                
                                
                                سوچڻ لڳي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                هوس ته
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                جيڪڏهن مونکي
                                
                                
                                هت
                                
                                
                                ويٺل ڏسن ته
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                چون،
                                
                                
                                آخر پنج
                                
                                
                                منٽ
                                
                                
                                به گذري
                                
                                
                                ويا.
                                
                                
                                مون واچ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪانٽن
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                نهاريو ۽ اٿي
                                
                                
                                کڙو
                                
                                
                                ٿيس.
                                
                                
                                ”اڌ
                                
                                
                                ڪلاڪ
                                
                                
                                پورو
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو، هاڻي
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                وڃان 
                                ٿو.“ مون
                                
                                
                                هن
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                نهاري چيو.
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                ڄڻ
                                
                                ڪچيءَ
                                
                                
                                ننڊ مان
                                
                                
                                اٿي
                                
                                
                                هجي. چيائين : ”بس“
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                هڪ لفظ
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                ايترو ته
                                
                                
                                اينگهائي 
                                ڊگهو ڪري چيو،
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مونکي هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تعجب تي
                                
                                
                                تعجب
                                
                                
                                اچي ويو.
                                
                                
                                ”ها،
                                
                                
                                بس“
                                
                                
                                مون وراڻيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                در
                                
                                کوليو
                                
                                ۽ 
                                
                                
                                ٻاهر نڪري
                                
                                
                                آيس.
                                
                                
                                پويان پوڙهي
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                بُڙ
                                
                                
                                بُڙ ڪري رهي
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                مون 
                                ٻڌي، پر
                                
                                
                                سمجهي ڪين سگهيس
                                
                                
                                ته
                                
                                ڇا
                                
                                
                                چيائين. ٻئي 
                                ڏينهن آءُ
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                دير
                                
                                
                                سان پهتس.
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                وري به
                                
                                
                                اڌ
                                
                                ڪلاڪ
                                
                                
                                ويٺس. 
                                ٽئين 
                                ڏينهن به
                                
                                
                                ائين
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                سڀ ملائي
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                اڙهن رپيا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ٻارهن
                                
                                
                                آنا
                                
                                
                                خرچ 
                                ڪيا. چوٿين
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                کيسو
                                
                                
                                خالي
                                
                                
                                هو، سو
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                وڃي بجليءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                ٿنڀو
                                
                                
                                جهلي بيٺس.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                مونکي اشارو
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سڏ
                                
                                ڪيو.
                                
                                
                                پر مون
                                
                                
                                اتان
                                
                                
                                ئي ناڻي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                نايابيءَ جو
                                
                                
                                اعلان 
                                ڪيو. هن
                                
                                
                                ٻيهر
                                
                                
                                زور
                                
                                
                                سان هٿ
                                
                                
                                لوڏي
                                
                                
                                اشارو 
                                ڪيو. آءُ
                                
                                
                                لاچار ٿي وڌي
                                
                                
                                در
                                
                                ڀيڙو
                                
                                ٿيس.
                                
                                ”اچ
                                
                                
                                اندر اچ
                                
                                
                                ني.“
                                
                                
                                هن چيو.
                                
                                
                                ”نه
                                
                                
                                ڏوڪڙ
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                اٿم.“ مون
                                
                                
                                چيو.
                                
                                ”پوءِ
                                
                                ڇا
                                
                                
                                هي، تون
                                
                                
                                اندر
                                
                                
                                اچ.“ آءُ
                                
                                
                                اندر
                                
                                
                                هليو ويس.
                                
                                
                                در
                                
                                
                                بند ٿي ويو.
                                
                                
                                پوڙهي کي چانهه
                                
                                
                                آڻڻ
                                
                                
                                لاءِ موڪليو
                                
                                
                                ويو.
                                
                                
                                هوءَ وئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                چانهه کڻي آئي،
                                
                                
                                پر
                                
                                ڪيڪ
                                
                                
                                پيسٽريون ڪين آندائين.
                                
                                
                                ڇينڀ
                                
                                
                                مليس
                                
                                
                                ته وري
                                
                                
                                وئي
                                
                                ڪيڪ
                                
                                
                                پيسٽريون 
                                کڻڻ. 
                                        
                                
                                انهيءَ وچ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                مون کان منهنجي
                                
                                
                                ڌنڌي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                آمدنيءَ بابت
                                
                                
                                ٿوري
                                
                                
                                گهڻي
                                
                                
                                معلومات حاصل
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                اسان چپ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وياسين. 
                                ڪڏهن 
                                ڪڏهن هڪ
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ورتوسين، نه
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هوءَ پنهنجي
                                
                                
                                پورن
                                
                                ۾
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ پنهنجي
                                
                                
                                پورن
                                
                                ۾
                                
                                
                                پورو هوس.
                                
                                
                                عزت،
                                
                                
                                ذلت، شرافت،
                                
                                
                                ڪميڻائي،
                                
                                
                                انسانيت ۽ حيوانيت
                                
                                
                                بابت
                                
                                
                                جيڪي ڪي مون
                                
                                
                                خاموشيءَ جي
                                
                                
                                انهن
                                
                                ڳاڻ
                                
                                ڳڻين
                                
                                
                                گهڙين ۾ سوچيو،
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                منهنجي اخلاقيات
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                بنياد جو
                                
                                
                                ڳچ
                                
                                
                                بڻيو
                                
                                
                                آهي. آءُ
                                
                                
                                اٿڻ
                                
                                
                                لڳس ته
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                اڌ 
                                ڪلاڪ پورو
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                زور 
                                ڀريو ۽ اڌ
                                
                                
                                ڪلاڪ
                                
                                
                                پورو
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                ته هن
                                
                                
                                سڀاڻي اچڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                وعدو 
                                ڪرايو. مون
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                عورت کي رڳو
                                
                                
                                5 1 
                                
                                 رپيا
                                
                                
                                ڏنا
                                
                                
                                هئا
                                
                                ۽
                                
                                ٽي
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                چانهه پياري
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                پر هن
                                
                                
                                مونکي سڄو
                                
                                
                                ڊسمبر
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مهينو چانهه
                                
                                
                                پياري ۽ روزانو
                                
                                
                                اڌ
                                
                                ڪلاڪ
                                
                                
                                پاڻ وٽ
                                
                                
                                ويهاريو. آءُ
                                
                                
                                هاڻي
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                سوچيندو آهيان
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                جيڪو سڪون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                آنند
                                
                                
                                مونکي ان
                                
                                
                                اڀچاري عورت
                                
                                
                                وٽ
                                
                                
                                اهو اڌ
                                
                                
                                ڪلاڪ
                                
                                
                                روز
                                
                                
                                گذارڻ ۾ مليو،
                                
                                
                                سو
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                ديويءَ جي
                                
                                
                                مندر
                                
                                ۾
                                
                                
                                ويهڻ سان
                                
                                
                                به
                                
                                
                                نصيب ٿئي ها
                                
                                
                                ڇا؟
                                
                                
                                پاپ،
                                
                                
                                پُن، گناهه
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ثواب
                                
                                
                                جو سڄو
                                
                                
                                فلسفو اهڙن
                                
                                
                                واقعن سان
                                
                                
                                ٽڪرائجي
                                
                                
                                ائين
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                پوي جيئن
                                
                                
                                ڪاغذ
                                
                                
                                جي
                                
                                ٻيڙي
                                
                                ڇولين
                                
                                
                                جي 
                                ڇوهه ۾ تر
                                
                                
                                پيهي
                                
                                
                                ويندي آهي. 
                                        
                                
                                جنوريءَ ۾ مون
                                
                                
                                اوچتو 
                                ڪراچيءَ کي خيرباد
                                
                                
                                چيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                وري پوري
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                سال بعد
                                
                                
                                ڪراچي
                                
                                
                                اچڻ
                                
                                ٿيو،
                                
                                
                                نيپئر روڊ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪنڊ
                                
                                ڪنڊ
                                
                                ڪري
                                
                                
                                جاچيم پر
                                
                                
                                ”آديسي
                                
                                
                                اٿي
                                
                                
                                ويا“ هئا. 
                                        
                                
                                ان
                                
                                
                                بعد ستت
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ملٽريءَ ۾ 
                                ڀرتي ٿي ويس.
                                
                                
                                ملٽريءَ جو
                                
                                
                                نوڪريءَ مان
                                
                                
                                مکيه
                                
                                
                                فائدو اهو
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                پورو هند
                                
                                
                                و
                                
                                
                                پاڪ ڏسڻ نصيب
                                
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                ڀانت
                                
                                
                                ڀانت
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ماڻهن سان
                                
                                
                                مليس، انهن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                عقيدا، انهن
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                ريتون، انهن
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                خواهشون، انهن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                امنگ معلوم
                                
                                
                                ڪيم.
                                
                                
                                اتر
                                
                                
                                پرديش ۾ اهڙن
                                
                                
                                برهمڻ نما
                                
                                
                                مسلمانن سان
                                
                                
                                ملاقات ٿي جيڪي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڳئون
                                
                                کي
                                
                                ڪهڻ
                                
                                کان
                                
                                
                                بچائڻ لاءِ
                                
                                
                                ماڻهوءَ جو
                                
                                
                                خون
                                
                                ڪرڻ
                                
                                کان
                                
                                
                                نه رهندا
                                
                                
                                هئا
                                
                                ۽
                                
                                
                                اها 
                                ڳالهه هو
                                
                                
                                فخر
                                
                                
                                سان بيان
                                
                                
                                ڪندا
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                پشاور جي
                                
                                
                                اهڙن
                                
                                
                                هندن سان
                                
                                
                                ملاقات ٿي جيڪي
                                
                                
                                ڳائو
                                
                                
                                گوشت
                                
                                کائڻ
                                
                                
                                صحت جي
                                
                                
                                نشاني سمجهندا
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                اسان جي
                                
                                
                                سنڌ
                                
                                ۾
                                
                                
                                عام طور
                                
                                
                                هندو
                                
                                
                                دوست 
                                ڪنهن مسلمان
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                سِير
                                
                                
                                وجهرائي گوشت
                                
                                
                                واپرائيندا هئا،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                پنجاب جا
                                
                                
                                سک
                                
                                
                                جهٽڪي ڪرڻ بنان
                                
                                
                                گوشت
                                
                                کي
                                
                                
                                حرام سمجهندا
                                
                                
                                هئا. 
                                        
                                
                                ان
                                
                                کان
                                
                                
                                سواءِ اخلاقي
                                
                                
                                معيار جون
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                ڦيرون
                                
                                
                                گهيرون نگر
                                
                                
                                نگر
                                
                                
                                جي ڊگر ڊگر تي
                                
                                
                                ڀٽڪي
                                
                                
                                ڀٽڪي
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                معلوم 
                                ڪيون، تن
                                
                                
                                دماغ
                                
                                
                                جا پردا
                                
                                
                                ٽوڙي
                                
                                
                                ڇڏيا.
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                شيءَ کي 
                                ”الف“ 
                                ڪارو پيو
                                
                                
                                ڪوٺي،
                                
                                
                                تنهن
                                
                                
                                ساڳئي شيءَ
                                
                                
                                کي ”ب“
                                
                                
                                اڇو
                                
                                
                                پيو 
                                ڪوٺي. مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پنهنجا معيار
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                قدر
                                
                                
                                مقرر ڪرڻ ۾ هر
                                
                                
                                گهڙي
                                
                                ڏکيائين
                                
                                
                                پئي ٿي. روايتي
                                
                                
                                قدر
                                
                                
                                ته اڳيئي
                                
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                اڇلي
                                
                                
                                آيو هوس. 
                                        
                                
                                1947ع
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ملٽريءَ مان
                                
                                
                                موٽي
                                
                                
                                آيس. 
                                ڪجهه وقت
                                
                                
                                واپار ۾ قسمت
                                
                                
                                آزمائي 
                                ڪيم. دوائن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هڪ دڪان
                                
                                
                                تي
                                
                                ڪميشن
                                
                                
                                تي ڪم 
                                ڪندو هوس.
                                
                                
                                اهو
                                
                                ڪم
                                
                                
                                انهيءَ 
                                ڏينهن ڇڏي 
                                ڏنم، جنهن
                                
                                
                                ڏينهن 35 رپين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                خريد
                                
                                ڪيل
                                
                                ڪوئنين
                                
                                
                                جو هڪ
                                
                                
                                پائونڊ وارو
                                
                                
                                دٻو
                                
                                
                                مون 135
                                
                                 رپين
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڪيو. 
                                        
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                حيدرآباد 
                                ٻاهران، 
                                ڪلهوڙن جي
                                
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                سيڌي
                                
                                
                                جو هڪ
                                
                                
                                دڪان
                                
                                کوليم،
                                
                                
                                سڄو 
                                ڏينهن اقبال
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                شعر پڙهندو هوس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                لوڻ
                                
                                
                                مرچ جون
                                
                                
                                پڙيون ٻڌي وڪڻندو
                                
                                
                                هوس.
                                
                                
                                اقبال انهن
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                متاثر ڪيو هو.
                                
                                
                                بيحد
                                
                                
                                شعر زبان
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                هئا ۽ 
                                ڳالهه 
                                ڳالهه تي
                                
                                
                                انهن
                                
                                کي
                                
                                
                                پيش 
                                ڪندو هوس.
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                پوءِ نتيجو
                                
                                
                                اهو
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                جو مون
                                
                                
                                اقبال کي پڙهڻ
                                
                                
                                صفا
                                
                                
                                بند ڪري 
                                ڇڏيو. اقبال
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                فلسفو نٽشيئت
                                
                                
                                جو
                                
                                ڀاءُ
                                
                                
                                آهي ۽ مون
                                
                                
                                جهڙن
                                
                                
                                ماڻهن لاءِ
                                
                                
                                بهتر
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                ان
                                
                                کان
                                
                                
                                پري رهن.
                                
                                
                                خوديءَ جي
                                
                                
                                انتها 
                                ڪانه آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                خدا بندي
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                رضا پڇندو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                ته بندو
                                
                                
                                هميشه بندگيءَ
                                
                                
                                واري
                                
                                
                                چال هلندو
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                
                                هٽلر نه
                                
                                
                                ته 
                                
                                رحيم
                                
                                
                                هنڱورو بنجڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تمنا 
                                ڪندو آهي.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                جلد محسوس
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ورتو
                                
                                
                                تهاهيه ٻئي مونکي
                                
                                
                                منظور ڪين آهن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اقبال پڙهڻ
                                
                                
                                بند
                                
                                ڪري
                                
                                ڇڏيم. 
                                        
                                
                                اتي
                                
                                
                                منهنجي زندگيءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                ٽيون
                                
                                
                                دور شروع
                                
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                موٽي خيرپور
                                
                                
                                پهتس. استاد
                                
                                
                                غلام
                                
                                
                                اصغر 
                                (جنهن بابت
                                
                                
                                اڳ
                                
                                
                                چئي آيو
                                
                                
                                آهيان ته
                                
                                
                                گريس
                                
                                
                                مارڪون 
                                ڪمائي انهيءَ
                                
                                
                                لسٽ
                                
                                ۾
                                
                                
                                شامل ٿي چڪو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                جنهن ۾ آءُ
                                
                                
                                عبادت جي
                                
                                
                                لائق
                                
                                
                                استادن کي ليکيندو
                                
                                
                                آهيان. ان
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                ناز هاءِ
                                
                                
                                اسڪول جو
                                
                                
                                پرنسيپال هو.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                دلاسو 
                                ڏنو، همت
                                
                                
                                ٻڌايائين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                پورا ويهه
                                
                                
                                منٽ
                                
                                
                                ويهي پڙهايائين.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                اسڪول ته
                                
                                
                                پنجين درجي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڇڏيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                پر سڌو
                                
                                
                                مئٽرڪ جي
                                
                                
                                امتحان ۾ ويٺس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پاس
                                
                                ٿيس. 
                                        
                                
                                ان 
                                
                                بعد
                                
                                
                                گورنمينٽ 
                                ڪاليج ۾ اچي
                                
                                
                                داخل
                                
                                ٿيس.
                                
                                
                                پوءِ سنڌ
                                
                                
                                مسلم
                                
                                ڪاليج
                                
                                ۾
                                
                                
                                هليو ويس.
                                
                                
                                جتان
                                
                                1958 ع
                                
                                ۾
                                
                                
                                بي اي
                                
                                
                                پاس
                                
                                ڪيم،
                                
                                
                                چئن سالن
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪورس
                                
                                
                                اٺن سالن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پورو
                                
                                ٿيو،
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ته اخباري
                                
                                
                                دنيا
                                
                                
                                سان پلاند
                                
                                
                                اٽڪيل هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                صحافت کي ڪو ازلي
                                
                                
                                پاراتو مليل
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                مختلف سنڌي
                                
                                
                                اخبارن ۾ ڪم 
                                ڪيم. نواءِ
                                
                                
                                سنڌ
                                
                                ۽
                                
                                
                                نئين سنڌ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڌيڪ
                                
                                ڦيرا
                                
                                
                                نصيب 
                                ٿيا. پنهجو
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                رسالو 
                                ”شاگرد“ 
                                ڪڍيم، پر
                                
                                
                                جوکائيءَ سبب
                                
                                
                                بند
                                
                                ڪرڻو
                                
                                
                                پيو. 
                                        
                                
                                جنوري 
                                1960ع ۾ انگريزي
                                
                                
                                صحافت 
                                ڏانهن رخ
                                
                                
                                ڪيم
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ايسوسئيٽيڊ پريس
                                
                                
                                آف
                                
                                
                                پاڪستان 
                                (A.P.P.) 
                                
                                ۾ نوڪري
                                
                                
                                ڪيم.
                                
                                
                                آگسٽ
                                
                                ۾
                                
                                
                                خيرپور 
                                ڊويزنل 
                                ڪائونسل ڏيڍ سئو
                                
                                
                                رپيا
                                
                                
                                اسڪالر شپ
                                
                                
                                ڏني
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                صحافت ۾ ايم
                                
                                
                                اي
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لاءِ لاهور
                                
                                
                                هليو
                                
                                
                                ويس ۽ اڃان
                                
                                
                                سوڌو
                                
                                
                                جرنلزم 
                                ڊپارٽمينٽ، پنجاب
                                
                                
                                يونيورسٽي ۾ شاگرد
                                
                                
                                آهيان. تعليم
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هن دور
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪهاڻيون
                                
                                
                                لکڻ
                                
                                
                                ذري گهٽ
                                
                                
                                بند
                                
                                ڪري
                                
                                ڇڏيون
                                
                                
                                اٿم. ڇو ته
                                
                                
                                پڙهڻو تمام
                                
                                
                                گهڻو
                                
                                
                                پوندو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                لاهور جون
                                
                                
                                لئبريريون سڀ
                                
                                
                                يونيورسٽيءَ جي
                                
                                
                                آس
                                
                                
                                پاس ئي
                                
                                
                                آهن.
                                
                                
                                سماجي الجهنن 
                                (Sociological Confusion) 
                                
                                جي تدارڪ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                اڄڪلهه نيون
                                
                                
                                نيون
                                
                                
                                تجويزون پيش
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                رهيون آهن.
                                
                                
                                ڪيترا
                                
                                
                                مسئلا اهڙا
                                
                                
                                آهن
                                
                                
                                جيڪي اسان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پاڪستان ۾ درپيش
                                
                                
                                آهن
                                
                                ۽
                                
                                ڪي
                                
                                
                                اهڙا آهن،
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اڄ کان ڏهه پندرهن
                                
                                
                                سال
                                
                                
                                پوءِ پيش
                                
                                
                                ايندا. هڪ
                                
                                
                                صحافيءَ لاءِ
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                تي نظر
                                
                                
                                رکڻ
                                
                                
                                ضروري آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                انهن جي
                                
                                
                                اڀياس ڪرڻ جو
                                
                                
                                موقعو هٿان
                                
                                
                                نٿو
                                
                                
                                وڃائڻ گهران.
                                 
                                        
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                ڪاري
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                گهڻو اڳ
                                
                                
                                شروع
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                هئي. اسان
                                
                                
                                ڀائرن
                                
                                
                                ڀينرن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اهو طريقو
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                ته جيڪي
                                
                                
                                ڪهاڻيون
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                پڙهندا هئاسين
                                
                                
                                سي
                                
                                
                                رات جو
                                
                                
                                سمهڻ
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳ هڪ
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ٻڌائيندا
                                
                                
                                هئاسين. ائين
                                
                                
                                پراڻي زماني
                                
                                
                                وارو
                                
                                
                                قصو 
                                ٻڌائڻ جو
                                
                                
                                دستور هلندو
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                آيو. مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                سڀ
                                
                                کان
                                
                                
                                وڌيڪ 
                                ڪهاڻيون 
                                ٻڌائڻيون پونديون
                                
                                
                                هيون، ڇو ته
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                تمام گهڻا
                                
                                
                                رسالا پڙهندو
                                
                                
                                هوس.
                                
                                
                                اونهاري جي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                رات جو
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                آءُ سمهڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                وڃي پنهنجي
                                
                                
                                هنڌ
                                
                                
                                تي ليٽيس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                منهنجون ٻئي ننڍيون
                                
                                
                                ڀينر
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                منهنجي کٽ تي
                                
                                
                                ويٺيون ۽ 
                                ڪهاڻي 
                                ٻڌائڻ لاءِ
                                
                                
                                منٿ
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لڳيون. مون
                                
                                
                                گهڻو
                                
                                
                                ئي چيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مونکي 
                                ڪهاڻي 
                                ڪانه ٿي اچي،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                هو جنڙيون
                                
                                
                                مڃن.
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                بڻي_ نيٺ
                                
                                
                                مونکي هنن
                                
                                
                                جي
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                مڃڻي پئي
                                
                                
                                ۽  
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                شروع 
                                ڪيم. ياد
                                
                                
                                اٿم
                                
                                
                                ته ان
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مکيه 
                                ڪردار رميش
                                
                                
                                هو
                                
                                ۽
                                
                                
                                ان جو
                                
                                
                                پلاٽ
                                
                                
                                عام دکي
                                
                                
                                ڪهاڻين
                                
                                
                                جهڙو
                                
                                
                                هو. خير
                                
                                
                                مون
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                پوري ڪري 
                                ٻنهي 
                                ڀينرن کان سندن
                                
                                
                                راءِ
                                
                                
                                معلوم ڪئي ۽ جيڪي
                                
                                
                                ڪي
                                
                                
                                هنن
                                
                                
                                چيو تنهن
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                مون اهو
                                
                                
                                محسوس ڪيو ته : (1) منهنجي
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                پهرين اڻ
                                
                                
                                لکيل
                                
                                ڪهاڻيءَ
                                
                                کي
                                
                                
                                ان جي
                                
                                
                                ٻڌندڙ
                                
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                ڇوڪرين
                                
                                
                                نهايت پسند
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                هو. (2) ڪٿي به
                                
                                
                                اهڙو
                                
                                
                                هنڌ ڪين آيو
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                جو هنن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                چاهه ڀڄي پيو. (3) هن
                                
                                
                                ڪهاڻيءَ
                                
                                
                                هنن
                                
                                
                                دماغ ۾ عام
                                
                                
                                روايتي 
                                (Sterio Type) 
                                قدرن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                باري ۾ ڪي سوال
                                
                                
                                اڀاري 
                                ڇڏيا هئا
                                
                                
                                جن
                                
                                
                                جا جواب
                                
                                
                                ڳولهڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هنن کي 
                                ڏاڍي اڻ
                                
                                
                                تڻ
                                
                                
                                هئي. اسين
                                
                                
                                ٽئي
                                
                                
                                ڀاءُ
                                
                                
                                ڀينر
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                رات گهڻي
                                
                                
                                دير
                                
                                
                                تائين انهن
                                
                                
                                اخلاقي قدرن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سماجي 
                                ٻنڌڻن جي
                                
                                
                                باري
                                
                                ۾
                                
                                ڳالهيون
                                
                                ڪندا
                                
                                
                                رهياسين. اهو
                                
                                
                                پهريون 
                                ڏينهن هو،
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                مون سوچيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                آءُ وڏو
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                ڪار
                                
                                
                                بڻبس. 
                                        
                                
                                ان
                                
                                
                                بعد آءُ
                                
                                
                                موقعو ملڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                ڪهاڻيون
                                
                                
                                لکندو رهيو
                                
                                
                                آهيان. منهنجي
                                
                                
                                ڪهاڻين
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مقصد رهئي
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                بنسبت سوال
                                
                                
                                اٿارڻ وڌيڪ
                                
                                
                                هوندو آهي.
                                
                                
                                آءُ
                                
                                ڪو
                                
                                
                                واعظ ڪين آهيان
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ويهي 
                                ڪهاڻين ۾ وعظ
                                
                                
                                ڪريان.
                                
                                
                                منهنجو مقصد
                                
                                
                                هوندو آهي
                                
                                
                                سوال
                                
                                
                                اٿارڻ، دماغ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                خواهش بيدار
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪهاڻيءَ
                                
                                ۾
                                
                                ڄاڻايل
                                
                                
                                مسئلو توجهه
                                
                                
                                لهڻي. جيڪڏهن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                ماڻهو منهجي
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                پڙهي
                                
                                
                                ائين چوي
                                
                                
                                ته : ”حفيظ خطرناڪ
                                
                                
                                نظرين جو
                                
                                
                                پرچارڪ آهي“
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اهو ائين
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                جيئن ڪو گهر
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                چلهه ۾ 
                                ٽانڊو ڏسي ۽ 
                                ٻاهر نڪري
                                
                                
                                ”باهه
                                
                                
                                ڙي
                                
                                
                                باهه“ جا
                                
                                
                                واڪا
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                شروع 
                                ڪري، اهڙن
                                
                                
                                ٻالن
                                
                                
                                پولن
                                
                                
                                يارن کي ڪير 
                                ڪهڙا ويڻ
                                
                                
                                ڏئي. 
                                        
                                
                                اخلاقيات جو
                                
                                
                                مسئلو هڪ
                                
                                
                                اهڙو
                                
                                
                                مسئلو آهي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                جنم جنم
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                تي قلم
                                
                                
                                کڄندو
                                
                                
                                ايندو..... سقراط
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                وٺي
                                
                                
                                برٽرنڊ رسل
                                
                                
                                تائين ان
                                
                                
                                مسئلي کي 
                                ڇيڙيندا آيا
                                
                                
                                آهن.
                                
                                
                                اڄ به
                                
                                
                                دنيا
                                
                                
                                جا فلاسفر
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                تي لکن
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                دنيا
                                
                                
                                جا 
                                ڪهاڻيڪار ان
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                روشني وجهن
                                
                                
                                ٿا.
                                
                                
                                روايت اخلاقيات
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پڙ ۾ هڪ
                                
                                
                                اهڙي
                                
                                ڪاني
                                
                                
                                مثل ليکبي
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                جنهن جو
                                
                                
                                سنگ
                                
                                ڪو
                                
                                
                                لُڻي ويو
                                
                                
                                هجي.
                                
                                
                                آءٌ پڻ
                                
                                
                                پنهنجي وت
                                
                                
                                آهر،
                                
                                
                                ان مسئلي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڇيڙيندو
                                
                                
                                آهيان. 
                                ڪڏهن اها
                                
                                
                                ڇيڙ
                                
                                
                                شوخ
                                
                                
                                هوندي آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                افسانو رڳو پنهنجي
                                
                                
                                يارن
                                
                                
                                جي حلقن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پڙهبو آهي.
                                
                                
                                البت
                                
                                
                                جڏهن جڏهن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                هلڪو
                                
                                
                                افسانو لکجي
                                
                                
                                ويندو آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اهو رسالن
                                
                                
                                حوالي ٿي ويندو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                انهيءَ ڪري ئي
                                
                                
                                منهنجا افسانا
                                
                                
                                رڳو
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڇپبا
                                
                                
                                آهن. ڇا ڪجي اسان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ديس ۾ اڃا
                                
                                
                                تائين ماڻهن
                                
                                
                                ڪاري
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪارو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اڇي
                                
                                کي
                                
                                
                                اڇو 
                                ڪوٺڻ يا
                                
                                
                                ٻڌڻ
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                سکيو آهي.
                                
                                
                                اڃان
                                
                                
                                تائين موهن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                دڙي جي
                                
                                
                                دؤر
                                
                                
                                واري بيل
                                
                                
                                گاڏي
                                
                                
                                اُهي ئي
                                
                                
                                چيلا
                                
                                ڪڇيندي
                                
                                ٿي
                                
                                
                                رهي، پر
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                اڃا نااُميد
                                
                                
                                نه
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                آهيان. جيئن
                                
                                
                                جيئن
                                
                                
                                پارو ولهه
                                
                                
                                بڻجي
                                
                                
                                پيو پوي،
                                
                                
                                تيئن
                                
                                
                                تيئن بهار
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ويجهڙائيءَ جو
                                
                                
                                يقين
                                
                                ٿو
                                
                                ٿيندو
                                
                                
                                وڃي. |