|   
                                
                                خط 
                                ماءُ ڏانهن ۽ ٻيا 
                                حفيظ شيخ 
                                  
                                  
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                ڏانهن 
                                  
                                
                                ڪراچي، 
                                مورخه 
                                ..... 
                                مٺڙي
                                
                                
                                امڙ. 
                                        
                                
                                تنهنجو 
                                ڪارڊ مليو 
                                .. 
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                خوشي
                                
                                ٿيم.
                                
                                
                                توکي خط
                                
                                
                                لکرائي موڪلڻ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                تڪليف 
                                ٿيندي هوندي.
                                
                                
                                ڪهڙو
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                سٺو ٿئي ها
                                
                                
                                جيڪڏهن تون
                                
                                
                                پڙهيل هجين
                                
                                
                                ها.
                                
                                
                                پوءِ جيڪر
                                
                                
                                تون
                                
                                کي
                                
                                
                                منهنجو احوال
                                
                                
                                پڙهائڻ ۽ پنهنجي
                                
                                
                                احوال لکائي
                                
                                
                                موڪلڻ لاءِ
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                منٿون ڪين 
                                ڪڍڻيون پون
                                
                                
                                ها.
                                
                                
                                خير 
                                ڌڻيءَ 
                                ڪندو ته
                                
                                
                                زيبو
                                
                                ۽
                                
                                
                                حسنا پڙهي
                                
                                
                                پونديون ۽ تنهنجي
                                
                                
                                تڪليف گهٽ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پوندي. 
                                        
                                
                                امڙ
                                
                                
                                جيجي، تو
                                
                                
                                پڇيو
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                آئينده لاءِ
                                
                                
                                ڪهڙو
                                
                                
                                فيصلو ڪيو آهي.
                                
                                
                                توکي
                                
                                
                                بيشڪ اڻ
                                
                                
                                تڻ
                                
                                
                                هوندي. آءُ
                                
                                
                                تنهنجي جگر
                                
                                
                                جو
                                
                                ٽڪرو
                                
                                
                                جو 
                                ٿيس. پر
                                
                                
                                ٻڌ
                                
                                
                                جيجي، جيڪي
                                
                                
                                خيال
                                
                                ۾
                                
                                
                                اٿم سو
                                
                                
                                سڀ
                                
                                
                                توکي 
                                ٻڌايان ٿو. هنيانءَ
                                
                                
                                جهلج، امان،
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                نه ٿئي ته
                                
                                
                                ڪنبي
                                
                                
                                وڃين. هت
                                
                                
                                آئي
                                
                                ڀريا
                                
                                ٻه
                                
                                
                                مهينا ٿيا اٿم.
                                
                                
                                انهن
                                
                                ٻن
                                
                                
                                مهينن ۾ هڪ
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                اڻ تڻ،
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                خيال ۽ هڪ
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                فڪر منهنجي
                                
                                
                                دماغ
                                
                                ۾
                                
                                
                                سمايل رهيو
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                
                                اهو خيال
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                آءُ
                                
                                ڇا
                                
                                ڪيان،
                                
                                
                                مونکي ڇا بنجڻ
                                
                                
                                گهرجي ۽ 
                                ڪيئن؟ 
                                        
                                
                                دل
                                
                                
                                چيو ته
                                
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                ٿيان،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                خيال وري
                                
                                
                                انجنيئري جو
                                
                                
                                آيو.
                                
                                ڪليڪٽري،
                                
                                
                                مختيارڪاري، صوبيدار،
                                
                                
                                واپار، چوريون،
                                
                                
                                ڌاڙا،
                                
                                
                                فريب، جوا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                فقيري سڀ
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                هڪ ڪري دماغ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                داخل
                                
                                ٿيا
                                
                                ۽
                                
                                
                                نڪري ويا.
                                
                                
                                سڄا
                                
                                
                                سارا ٻه مهينا
                                
                                
                                سوچيندو رهيو
                                
                                
                                آهيان. 
                                        
                                
                                انهيءَ وچ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                گذريل 
                                ڏينهن جون
                                
                                
                                يادگيريون به
                                
                                
                                اينديون رهيون.
                                
                                
                                پنهنجو ننڍڙو
                                
                                
                                گهر
                                
                                ۽
                                
                                
                                ان ۾ رهندڙ
                                
                                
                                زيبو
                                
                                
                                حسنا ۽ تون
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ياد آئين.
                                
                                
                                بابي
                                
                                
                                جي جيئري
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                زمانو به
                                
                                
                                ياد
                                
                                
                                آيو. تنهنجي
                                
                                
                                حالت ۽ ڏکن 
                                ڏاکڙن تي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ويچار 
                                ڪيم. تنهنجي
                                
                                
                                آسن
                                
                                
                                اميدن ۽ تمنائن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                به غور
                                
                                
                                ڪيم
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                تنهنجي پورهئي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ساريم. اهي
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                آءُ بيمار
                                
                                
                                هيس
                                
                                ۽
                                
                                
                                تون سڄي
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                رات منهنجي
                                
                                
                                سيرانديءَ کان ويهي
                                
                                
                                گونگيون هنجون
                                
                                
                                هاريندي هئينءَ،
                                
                                
                                سي
                                
                                
                                ياد آيا.
                                
                                
                                بابي
                                
                                
                                جي توسان
                                
                                
                                بي
                                
                                
                                جا روش
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ياد آئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                خيال به
                                
                                
                                آيم
                                
                                
                                ته بابي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                روش سهڻ
                                
                                
                                رڳو
                                
                                
                                تنهنجو ئي
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                هيو.
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                هوند اصل
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهي
                                
                                
                                ها. سندس
                                
                                
                                نشو
                                
                                ڪري
                                
                                
                                گهر اچڻ
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                گارگند، مارڪٽ،
                                
                                
                                سڀ
                                
                                
                                ياد آيا. 
                                        
                                
                                لولين 
                                ڏيندي تون
                                
                                
                                دعائون گهرندي
                                
                                
                                هئينءَ، مون
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                منهنجي 
                                ڀينرن لاءِ.....
                                
                                
                                چوندي هئينءَ
                                
                                
                                ته
                                
                                ”لال
                                
                                
                                وڏو 
                                ٿيندو ته
                                
                                
                                ڪلڪٽر
                                
                                
                                ٿيندو
                                
                                
                                پوءِ 
                                ..... 
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                تنهنجي هوائي
                                
                                
                                قلعن
                                
                                
                                جي 
                                ڊگهي زنجير
                                
                                
                                جڙي
                                
                                
                                ايندي هئي.
                                
                                
                                بنگلا، محل
                                
                                
                                ماڙيون، 
                                ڪاريون موٽرون،
                                
                                
                                نوڪر
                                
                                ۽
                                
                                ٻانهيون،
                                
                                
                                سڀ انهيءَ
                                
                                
                                زنجير ۾ 
                                ڪڙين مثل
                                
                                
                                جڙجي
                                
                                
                                ويندا هئا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                انهيءَ زنجير
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                کان
                                
                                
                                به پيارو
                                
                                
                                سمجهندي هئينءَ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پڪ
                                
                                
                                اڄ به
                                
                                
                                سمجهندي آهين.
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                امڙ،
                                
                                
                                تنهنجون انيڪ
                                
                                
                                اميدون اکين
                                
                                
                                آڏو
                                
                                
                                اسري آيون.
                                
                                
                                مگر
                                
                                
                                مان سوچيندو
                                
                                
                                رهيس..... 
                                        
                                
                                سوچيم ته
                                
                                
                                صوبيدار 
                                ٿيان، پوليس
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                نوڪري ملندم
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ماڻهن تي
                                
                                
                                رعب
                                
                                ٿيندو.
                                
                                
                                دشمنن کي دهشت
                                
                                
                                ٿيندي،
                                
                                
                                پگهار سٺي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اپت
                                
                                
                                جهجهي 
                                ٿيندم. شادي
                                
                                
                                ڪندس،
                                
                                
                                گهر
                                
                                ٺاهيندس
                                
                                ۽
                                
                                
                                سکيو ستابو
                                
                                
                                رهندس. مگر
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                خيال آيو.
                                
                                
                                انهيءَ 
                                ڏينهن جڏهن
                                
                                
                                پوليس وارن
                                
                                
                                چاچي
                                
                                
                                خان محمد
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                گهر جي
                                
                                
                                تلاشي ورتي
                                
                                
                                هئي،
                                
                                
                                چاچيءَ زينب
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                دڙڪا
                                
                                ڏنا
                                
                                
                                هيائون ۽ چاچي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ٻڌي
                                
                                
                                ويا
                                
                                
                                هئا. پوءِ
                                
                                
                                بابو
                                
                                
                                قرض پني
                                
                                
                                50
                                
                                
                                رپيا
                                
                                ڏيئي
                                
                                کيس
                                
                                ڇڏائي
                                
                                
                                آيو هو. 
                                        
                                
                                ڪهڙو
                                
                                
                                ڏوهه
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                هئائين؟ اهو
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                نه ته
                                
                                
                                مختيار ڪار جي
                                
                                
                                بيجا
                                
                                
                                روش جي
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ڪيائين
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                انهيءَ ۾ ڪوڙ ته
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                مختيارڪار هيو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ته رشو تخور،
                                
                                
                                ظالم
                                
                                ۽
                                
                                ڊوهي. 
                                        
                                
                                امڙ
                                
                                
                                انهن 
                                ڳالهين کي ويچاريندي
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                نيٺ انهيءَ
                                
                                
                                فيصلي تي
                                
                                
                                پهتس
                                
                                
                                ته آءُ
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                صوبيدار بنجان،
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                مختيارڪار ۽ نه
                                
                                
                                ڪليڪٽر،
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                جيڪڏهن آءُ
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                مان ڪو به
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                بڻيس ته
                                
                                
                                مونکي به
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                ئي 
                                ڪرڻو پوندي
                                
                                
                                جيئن
                                
                                
                                هو پيا
                                
                                
                                ڪن.
                                
                                
                                تون
                                
                                ڳوٺ
                                
                                ۾
                                
                                
                                رهي پئي
                                
                                
                                آهين. رشوت
                                
                                
                                رياڪاريءَ جي
                                
                                
                                انهيءَ لنبي
                                
                                
                                ڏور
                                
                                
                                کي،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                هزار ور
                                
                                
                                وڪڙ
                                
                                
                                آهن، مشڪل
                                
                                
                                سمجهي سگهندينءَ
                                
                                
                                اعتبار ڪر. سچ
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چوان. انهن
                                
                                
                                نوڪرين سان
                                
                                
                                رشوت
                                
                                
                                جو اصل
                                
                                
                                ناتو
                                
                                
                                آهي. نه
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                پوءِ نوڪري
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سلامتيءَ اصل
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                رهي.
                                
                                
                                هروڀرو جو
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                ايمانداريءَ تي
                                
                                
                                لهي
                                
                                
                                پيريءَ ويل
                                
                                
                                پينشن وٺڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                اهو 
                                ڏوڪڙ ڪين جڙيس
                                
                                
                                جو
                                
                                ٻچا
                                
                                
                                سکيا 
                                ڪري. سندم
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                دوست آهي
                                
                                
                                ”رند“
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                پڻ انهيءَ
                                
                                
                                کاتي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                نوڪري 
                                ڪندو آهي.
                                
                                
                                جنهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                مختيارڪار ڪم 
                                ڪندا آهن.
                                
                                
                                چوندو آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                ”جيڪو
                                
                                
                                ماڻهو اسانجي
                                
                                
                                کاتي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رهي
                                
                                
                                رشوت نٿو
                                
                                
                                وٺي
                                
                                
                                تنهن کي 
                                ڦاسيءَ تي
                                
                                
                                چاڙهڻ گهرجي،
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                رشوت اسانجي
                                
                                
                                کاتي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                دستور آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                
                                دستور کي 
                                ڀڃندو سو
                                
                                
                                باغي
                                
                                
                                چئبو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                انهيءَ لاءِ
                                
                                
                                سڀني
                                
                                
                                ملڪن ۾ ساڳي
                                
                                
                                سزا
                                
                                
                                آهي، يعني
                                
                                
                                موت.“ 
                                        
                                
                                اتان
                                
                                
                                خيال مٽيو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڊاڪٽري
                                
                                ۽
                                
                                
                                انجينئري دماغ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڦرڻ
                                
                                
                                لڳيون پر
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                نيٺ انهيءَ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                به ساڳي
                                
                                
                                فيصلي تي
                                
                                
                                پهتس. اتي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ساڳي رشوتخوريءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                بازار گرم
                                
                                
                                لڳي
                                
                                
                                پيئي آهي.
                                
                                
                                تنهنڪري منهنجو
                                
                                
                                وڃڻ
                                
                                
                                عبث. 
                                        
                                
                                تنگ
                                
                                
                                اچي مون
                                
                                
                                سوچيو ته
                                
                                
                                وڃي
                                
                                ٿو
                                
                                ڪو
                                
                                
                                چور 
                                ڌاڙيل بڻجان.
                                
                                
                                ڌاڙا
                                
                                
                                هڻندس ۽ گذر
                                
                                
                                ڪندس.
                                
                                
                                اميرن کان کسي غريبن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڏيندس.
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                جون دعائون
                                
                                
                                ملنديون ته
                                
                                
                                سڀ
                                
                                ٺيڪ
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وينديون. مگر
                                
                                
                                اتفاق اهڙو
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اهي 
                                ڳالهيون اڃان
                                
                                
                                دماغ
                                
                                ۾
                                
                                
                                ئي هيون
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اخبار ۾ هڪ
                                
                                
                                عجيب
                                
                                
                                احوال پڙهيم.
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                ريت هئي
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                سوناري وٽ
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                زميندار پنهنجا
                                
                                
                                ڳهه
                                
                                
                                ڳٺا
                                
                                
                                نوان
                                
                                ڪرائڻ
                                
                                
                                لاءِ رکي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                هيو. 
                                ڪنهن بدمعاش
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                پيئي خبر،
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                وڃي سانجهي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ان سوناري
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                دڪان تي
                                
                                
                                سهڙيو. هن
                                
                                
                                غريب
                                
                                کان
                                
                                
                                مال ته
                                
                                
                                ڦريائين
                                
                                
                                پر
                                
                                کيس
                                
                                ڦٽي
                                
                                
                                به وڌائين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                غريب
                                
                                ٻه
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                اسپتال ۾ 
                                ڦٿڪي 
                                ڦٿڪي مري
                                
                                
                                ويو.
                                
                                
                                سوچڻ لڳس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                آخر 
                                ڪيئن خبر
                                
                                
                                پوي
                                
                                
                                ته 
                                ڪنهن وٽ
                                
                                
                                ڪيتري
                                
                                
                                ناحق
                                
                                
                                جي مايا
                                
                                
                                آهي.
                                
                                ڌاڙي
                                
                                
                                هڻندي به
                                
                                
                                اصل
                                
                                
                                خبر ڪين پوندي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                تنهن
                                
                                کانسواءِ
                                
                                
                                پنهنجي جيئڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سامان ڪرڻ لاءِ
                                
                                
                                ڪنهنجي
                                
                                
                                جان
                                
                                
                                وٺڻ...... 
                                ڪهڙو نه
                                
                                
                                خراب
                                
                                ڪم
                                
                                
                                آهي ۽ اهڙي
                                
                                
                                طرح
                                
                                ٻيون
                                
                                
                                انيڪ اوڻايون
                                
                                
                                پسي
                                
                                
                                انهيءَ 
                                ڌنڌي کان به
                                
                                
                                دل
                                
                                ڌڌڪو
                                
                                کاڌو. 
                                        
                                
                                رهي
                                
                                
                                فقيري سا
                                
                                
                                گهڻو
                                
                                
                                وقت دماغ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                گهرڪري ويٺي.
                                
                                
                                فقيري تي
                                
                                
                                ڪيترا
                                
                                
                                ڀيرا
                                
                                
                                ڪتاب
                                
                                
                                به
                                
                                
                                پڙهيم. مگر
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                حالت ۾ لاڳاپا
                                
                                
                                لاهڻ
                                
                                
                                ضروري هيا.
                                
                                
                                سوچڻ
                                
                                
                                ويٺس ته
                                
                                
                                جيڪڏهن لاڳاپا
                                
                                
                                لاهڻا ئي
                                
                                
                                آهن
                                
                                
                                ته پوءِ
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                اهڙو ڪو ڪم ڪجي جو
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                جي لکن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                لک ماڻهو
                                
                                
                                مصيبتن ۾ پيا
                                
                                
                                ڳاهه
                                
                                
                                ٿين
                                
                                
                                تن
                                
                                کي
                                
                                
                                آجي ڪرڻ جو
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                سامان 
                                ٿئي. پنهنجي
                                
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                خواهه هتان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ماڻهن جي
                                
                                
                                رهڻي
                                
                                ڪرڻي.
                                
                                
                                انهن جي
                                
                                
                                سماجي جوڙجڪ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                انهيءَ اندر
                                
                                
                                رکيل
                                
                                
                                اوڻاين تي
                                
                                
                                غور
                                
                                ڪيم
                                
                                ۽
                                
                                
                                نيٺ 
                                ....... 
                                        
                                
                                مٺي
                                
                                
                                امڙ، آءُ
                                
                                
                                انهيءَ فيصلي
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                پهتس ته
                                
                                
                                مونکي 
                                ڪميونسٽ ٿيڻ گهرجي. 
                                        
                                
                                تو
                                
                                
                                پڪ پڇندينءَ
                                
                                
                                ڇو؟،
                                
                                
                                ٻڌ،
                                
                                
                                اسانجي هن
                                
                                
                                موجوده سماج
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                غريب ۽ امير
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ورڃ رکي ويئي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                اوچ ۽ نيچ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                فرق
                                
                                
                                رکيو ويو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                اهو دراصل
                                
                                
                                اسانجي سڀني
                                
                                
                                مصيبتن جو
                                
                                
                                ڪارڻ
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                اسانجا 
                                ڊاڪٽر توڙي
                                
                                
                                فوجدار، 
                                ڪلارڪ توڙي
                                
                                
                                ڪاروارا
                                
                                
                                سڀ
                                
                                
                                مجبور آهن
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                رشوت وٺن،
                                
                                
                                ظلم
                                
                                ڪن
                                
                                ۽
                                
                                
                                بيداد نگري
                                
                                
                                مچائن ڇو ته
                                
                                
                                سندن
                                
                                
                                مٿان غربت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مهيب ڀوت هردم
                                
                                
                                سوار
                                
                                ٿو
                                
                                
                                رهي. هو
                                
                                
                                هميشه انهيءَ
                                
                                
                                ڀوت
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                بچائڻ جي
                                
                                
                                ڪوشش
                                
                                
                                ڪن
                                
                                
                                ٿا.
                                
                                
                                لک
                                
                                
                                نه پر
                                
                                
                                ڪروڙ
                                
                                
                                ميڙي
                                
                                
                                به هنن
                                
                                
                                جو
                                
                                ڀڀ
                                
                                
                                نٿو 
                                ڀرجي، ڇو ته
                                
                                
                                غربت
                                
                                
                                جو ڀوت سندن
                                
                                
                                پويان ايترو
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                تکو لڳو
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                جيترو تکو هو
                                
                                
                                انهيءَ کان ڀڄڻ جي
                                
                                
                                ڪوشش
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ڪن.
                                
                                
                                هو
                                
                                ڄاڻن
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ته 
                                ڪروڙ کٽڻ جي
                                
                                
                                شيءِ
                                
                                
                                آهن ۽ کٽي ويندا:
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                تنهن هوندي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                هو 
                                ڪوشش 
                                ڪندا ٿا اچن. 
                                        
                                
                                ويچارا هاريل
                                
                                
                                جواري..... 
                                ڄاڻن ٿا ته
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                جوا آهي.
                                
                                
                                ڄاڻن
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهيءَ ميڙ
                                
                                
                                ميڙان مان
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ورندو، تنهن
                                
                                
                                هوندي به
                                
                                
                                ميڙ
                                
                                
                                ميڙان کان مڙن
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ٿا.
                                
                                
                                ظلم
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ميڙن ٿا، ناحق
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ميڙن
                                
                                ٿا
                                
                                ۽
                                
                                
                                ميڙيندا رهن
                                
                                
                                ٿا.
                                
                                
                                جيئن
                                
                                ڪو
                                
                                
                                هاريل جواري
                                
                                
                                جوا
                                
                                
                                مان اٿڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سڌ ئي
                                
                                
                                نه
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                هجي. هجڻ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ائين 
                                کپندو هو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اسان 
                                
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                ميڙ ميڙان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                اهڙي
                                
                                
                                روش اختيار
                                
                                
                                ڪيون
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اسان کي ميڙڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ضرورت ئي
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                پوي، جيئن
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                انهيءَ مايا
                                
                                
                                کانسواءِ
                                
                                
                                به
                                
                                
                                پاڻ کي سکيا،
                                
                                
                                سلامت ۽ آسودا
                                
                                
                                سمجهون، مگر
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                نه آهي. 
                                        
                                
                                البته ائين
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ضرور
                                
                                
                                سگهي ٿو. رڳو
                                
                                
                                جيڪڏهن اسين
                                
                                
                                سڀ
                                
                                
                                گڏجي هر
                                
                                
                                ٻار
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پالنا ۽ هر
                                
                                
                                پوڙهي جي
                                
                                
                                سار
                                
                                
                                سنڀال جي
                                
                                
                                ذميواري پاڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                کڻون،
                                
                                
                                ته ائين
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پوندو. پوءِ
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                رشوت
                                
                                
                                خوريءَ جي
                                
                                
                                ضرورت 
                                ڪانه پوندي.
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                ڪنهن
                                
                                کي
                                
                                ڦر
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                جي ضرورت
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                پوندي؛ ڇو ته
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                پڪ
                                
                                
                                هوندي ته
                                
                                
                                سندس
                                
                                ٻارن
                                
                                
                                جي نگهداشت
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                هيڏو سارو
                                
                                
                                سماج
                                
                                
                                ويٺو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                پيريءَ جي
                                
                                
                                لٺ
                                
                                
                                بنجڻ لاءِ
                                
                                
                                پوري
                                
                                
                                قوم تيار
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                پوءِ هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                لٽ
                                
                                
                                مچائي مايا
                                
                                
                                ميڙڻ
                                
                                
                                جي ضرورت
                                
                                
                                به
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                رهندي؛ ڇو ته
                                
                                
                                آخر
                                
                                
                                به ته
                                
                                
                                مايا
                                
                                
                                اسين انهيءَ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                طلبيندا آهيون
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهيءَ سان،
                                
                                
                                سک،
                                
                                
                                سهنجائي ۽ سلامتي
                                
                                
                                خريد
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهون. 
                                        
                                
                                پر
                                
                                
                                اهو ڪير 
                                ڪري؟ هيڏن
                                
                                
                                سارن
                                
                                ٻارن
                                
                                
                                جي نگهداشت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ذمو ڪير 
                                کڻي؟ ڪير هيترن
                                
                                
                                پوڙهن جي
                                
                                
                                پيريءَ جو
                                
                                
                                سهارو بڻجي؟
                                
                                
                                موجوده سماج
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهيءَ لائق
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                انهيءَ سماج
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                بدلائڻو پوندو،
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                رواجن، دستورن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                خيالات ۾ 
                                ڦيرو آڻڻو
                                
                                
                                پوندو. انهيءَ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                جيئن گهٽ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                گهٽ
                                
                                
                                آئنده انسان
                                
                                
                                انسان بڻجي
                                
                                
                                سگهي. 
                                        
                                
                                ۽
                                
                                
                                جيجل، مون
                                
                                
                                ارادو ڪيو آهي،
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                آءُ انهيءَ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                جيئندس. انهيءَ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                مرندس. پوءِ
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                مونکي تنهنجي
                                
                                
                                تمنائن جي
                                
                                
                                قرباني 
                                ڏيڻي پوي.
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                مونکي معصوم
                                
                                
                                زيبو
                                
                                ۽
                                
                                
                                حسنا کي بک
                                
                                
                                وگهي
                                
                                
                                مرندو 
                                ڏسڻو پوي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                مونکي سڄي
                                
                                
                                عمر
                                
                                
                                دک، درد،
                                
                                
                                مصيبت، تڪليف،
                                
                                
                                غم
                                
                                ۽
                                
                                
                                غربت ۾ گهارڻي
                                
                                
                                پوي. 
                                        
                                
                                منهنجي امڙ،
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پڄيئي ته
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                نيڪ ڪم 
                                ڪارڻ ٿڃ بخشج
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                ته به
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                مالڪ وٽ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                آءُ ڳاٽ کڻي چوندس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مون جيجل
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                جي تمنائن
                                
                                
                                جي
                                
                                ڀيٽا
                                
                                
                                هن سماج
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                قدمن ۾ رکي
                                
                                
                                هئي
                                
                                
                                پر 
                                ......... 
                                  
                                تنهنجو
                                
                                
                                لال 
                                  
                                  
                                  
                                
                                ڪڏهن 
                                ڪڏهن منهنجي
                                
                                
                                دل
                                
                                ۾
                                
                                
                                خيال ايندو
                                
                                
                                آ 
                                جيجي
                                
                                
                                زينت
                                
                                
                                عبدالله چنا 
                                ڏانهن 
                                  
                                        
                                
                                جيجي: 
                                        
                                
                                خَط
                                
                                
                                مليو 
                                .. 
                                مهرباني،
                                
                                
                                افساني جي
                                
                                
                                فرمائش عجيب
                                
                                
                                لڳي.
                                
                                ڳپل
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                آهن. مون
                                
                                
                                افسانو ڪين لکيو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                ايترين افسانن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                پلاٽ دماغ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رجهي
                                
                                
                                رهيا آهن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                مان هڪ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڇانٽي
                                
                                
                                ڌار
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهان. اڻ ميا
                                
                                
                                انسان روزاني
                                
                                
                                زندگيءَ ۾ 
                                ڪلهي گس
                                
                                
                                پيا
                                
                                ڪنم.
                                
                                
                                انهن جون
                                
                                
                                پنهنجون پنهنجون
                                
                                
                                ڪهاڻيون جندڙيون آهن، پنهنجا سک سور اٿن ۽ پنهنجون 
                                پنهنجون ڪهاڻيون اٿن.
                                
                                
                                سڀني
                                
                                
                                تي گڏي
                                
                                
                                نظر
                                
                                ٿو
                                
                                
                                وجهان ته
                                
                                
                                ائين
                                
                                ٿو
                                
                                
                                محسوس ٿئي ته
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                لنبي 
                                ڪهاڻي آهي 
                                .. 
                                
                                جيڪا
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                منجهيل سڳي
                                
                                
                                جيان
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ويڙهو ٿي پئي
                                
                                
                                آهي:
                                
                                
                                يا
                                
                                ڪو
                                
                                ڊگهو
                                
                                
                                وار 
                                ڪينئون آهي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                انساني هانوَ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڦٽ
                                
                                ۾
                                
                                
                                گهنڊيون هنيون
                                
                                
                                ويٺو
                                
                                
                                آهي ۽ پيو
                                
                                
                                ان
                                
                                کي
                                
                                ڪوري.
                                
                                ڪيئن
                                
                                
                                انهيءَ سڳي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                سلجهايان، 
                                ڪيئن اهو
                                
                                
                                چڪندو ڦٽ 
                                ڇٽايان. سو
                                
                                
                                واجهائيندي ورهيه
                                
                                
                                گذري
                                
                                
                                ويا آهن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون
                                
                                ڪجهه
                                
                                ڪين
                                
                                
                                لکيو آهي.
                                
                                
                                ڪنو
                                
                                
                                چڙهيو رکيو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                اڀامي، خبر
                                
                                
                                پوندي ته
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                نڪري 
                                .. 
                                
                                يا
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ائين چئجي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                جهڙ ته
                                
                                
                                ٺهيو
                                
                                
                                بيٺو
                                
                                
                                آهي، بس،
                                
                                
                                گهٽ
                                
                                ڇٽي
                                
                                
                                ته خبر
                                
                                
                                پوي
                                
                                
                                ته ڇا 
                                ٿيندو. 
                                        
                                
                                بهرحال مارويءَ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ته لکڻو
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                آهي. افسانن
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                ٻڌائي
                                
                                
                                چڪو آهيان
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                گهٽ ۾ گهٽجي
                                
                                
                                بيٺا
                                
                                
                                آهن. بس،
                                
                                
                                افسانن جهڙيون
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                چار
                                
                                
                                حقيقتون لکي
                                
                                
                                چڙهان ته
                                
                                
                                لک
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                وري ساڳيو
                                
                                
                                سوال
                                
                                
                                دماغ تي
                                
                                
                                اسري
                                
                                
                                آيو آهي:
                                
                                
                                ڪٿان
                                
                                
                                شروع
                                
                                ڪيان؟
                                
                                
                                خير. 
                                        
                                
                                ڀيڻم
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هڪ ساهيڙي
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                نالو اٿس
                                
                                
                                نورجهان سڌي سنواٽي
                                
                                
                                وچولي درجي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پڙهيل 
                                ڳڙهيل 
                                ڇوڪري آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڀيڻم
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سڪ ڪري اسانجي
                                
                                
                                گهر
                                
                                ڀيرو
                                
                                ڀريندي
                                
                                
                                رهندي آهي.
                                
                                
                                پڙهيل 
                                ڳڙهيل چئي
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                وڃائي 
                                ڇڏيم. ڇو ته
                                
                                
                                انهيءَ مان
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪو
                                
                                
                                پتو نه
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                پوندو ته
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                ڪيترو
                                
                                
                                پڙهيل آهي.
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                به چئي
                                
                                
                                سگهجي ٿو ته
                                
                                
                                خير
                                
                                
                                سان ميٽرڪ
                                
                                
                                پاس
                                
                                
                                هوندي. خير.
                                
                                
                                تت
                                
                                کڻي
                                
                                ڏيان
                                
                                
                                ته نوريءَ
                                
                                
                                بي
                                
                                
                                ايس سي
                                
                                
                                امتحان پاس
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                
                                اڄڪلهه ايم
                                
                                
                                ايس
                                
                                
                                سي پئي
                                
                                
                                پڙهي، تنهن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                گڏ هوءَ
                                
                                
                                ڇوڪرين
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                هڪ اسڪول
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ماستري به
                                
                                
                                پئي
                                
                                ڪري.
                                
                                
                                عمر هوندس
                                
                                
                                اها
                                
                                ٽيويهه
                                
                                ڪي
                                
                                
                                چوويهه سال
                                
                                
                                يا
                                
                                
                                سال ٻه هيڏي
                                
                                
                                هوڏي. اسانجي
                                
                                
                                سنڌي
                                
                                
                                حساب موجب
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هوءَ ٽهي چڙهي
                                
                                
                                هلي
                                
                                
                                آهي يا
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                لفظن
                                
                                ۾
                                
                                
                                اڌڙ ٿي هلي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                خير، اهڙو
                                
                                
                                احساس نوريءَ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڏٺي
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ٿيندو
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                انهيءَ 
                                ٽهيءَ جون
                                
                                
                                پرڻيل 
                                ڳريل 
                                ڇوڪريون جيڪي
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                سڃاڻان سي
                                
                                
                                سڀ
                                
                                ٻه
                                
                                ٻه
                                
                                ٽي
                                
                                ٽي
                                
                                ٻار
                                
                                ڄڻي
                                
                                
                                انهيءَ حال
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                پهتيون آهن
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪراڙيون
                                
                                
                                پيون لڳن.
                                
                                
                                نوريءَ جي
                                
                                
                                حالت
                                
                                ۾
                                
                                
                                ائين ڪين آهي.
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                
                                چڱي کل 
                                مک آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ايندي آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                جهٽ پل
                                
                                
                                چهچٽو مچي
                                
                                
                                ويندو آهي.
                                
                                
                                پر 
                                ..... 
                                
                                پر
                                
                                
                                انهيءَ کل 
                                مک چهري
                                
                                
                                اوٽ
                                
                                ۾
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                آءُ 
                                ڪجهه ڏسي وٺندو
                                
                                
                                آهيان ۽ منجهي
                                
                                
                                پوندو آهيان
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اهو ڇا آهي.
                                
                                
                                کلندي
                                
                                
                                کلندي
                                
                                
                                نوريءَ جي
                                
                                
                                اکين
                                
                                ۾
                                
                                
                                جهيڻيون جهيڻيون
                                
                                
                                گلابي ليڪون
                                
                                
                                اسري
                                
                                
                                اينديون آهن.
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                اکيون ڀني پونديون
                                
                                
                                آهن
                                
                                ۽
                                
                                کل
                                
                                ۾
                                
                                ٻهڪيل
                                
                                
                                منهن 
                                ڏسندي 
                                ڪومائجڻ شروع
                                
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                وسامي اجهامي
                                
                                
                                ويندو آهي. ائين
                                
                                
                                جيئن
                                
                                ڪنهن
                                
                                ڀٽڪيل
                                
                                
                                راهيءَ کي منزل
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                پهچي پنهنجي
                                
                                
                                ڀل
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                احساس ٿيو هجي،
                                
                                
                                جيئن
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                رڃ رليل
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                سڃ
                                
                                
                                پڙ پوي.
                                 
                                        
                                
                                نوري
                                
                                
                                گريجوئيٽ آهي.
                                
                                
                                عزت
                                
                                
                                سان آب
                                
                                
                                داڻو
                                
                                
                                پئي 
                                ڪمائي، 
                                ڪنهن جي ڪاڻ 
                                ڪانه ٿي ڪڍڻ پويس.
                                
                                
                                زندگيءَ جا
                                
                                
                                چوويهه سال
                                
                                
                                گذري
                                
                                
                                ويا اٿس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                باقي
                                
                                
                                بابت اهو
                                
                                
                                چڱي
                                
                                
                                پر چئي
                                
                                
                                سگهجي ٿو ته
                                
                                
                                سک
                                
                                
                                سانت سان
                                
                                
                                گذري
                                
                                
                                ويندي. پر
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                
                                ته ائين
                                
                                
                                پئي
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                گهاري ڄڻ چوندي
                                
                                
                                هجي: 
                                        
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                آ
                                
                                
                                منهنجي منزل
                                
                                
                                سائين، ڪٿي آ
                                
                                
                                منهنجو ماڳ 
                                ..... 
                                        
                                
                                ڀُلي
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                آ ڀاڳ سائين،
                                
                                
                                ڀلي
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                آ 
                                ڀاڳ. 
                                        
                                
                                نوري
                                
                                
                                منهنجي هڪ
                                
                                
                                افساني جو
                                
                                
                                ڪردار
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                آءُ 
                                ڪڏهن نه
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                سندس
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                لکندس. 
                                        
                                
                                ۽
                                
                                
                                اديءَ جي
                                
                                
                                ٻي
                                
                                
                                ساهيڙيءَ جو
                                
                                
                                نالو
                                
                                
                                آهي شميم.
                                
                                
                                اسان
                                
                                کيس
                                
                                
                                شمي 
                                ڪوٺيندا آهيون.
                                
                                
                                هيءَ
                                
                                
                                به گريجوئيٽ
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                نهايت سلڇڻي
                                
                                
                                سٻاجهي، چوکي
                                
                                
                                وڏي
                                
                                
                                گهراڻي جي
                                
                                
                                ڇوڪري
                                
                                
                                آهي.
                                
                                کيس
                                
                                ڏاج
                                
                                ۾
                                
                                ڏيڻ
                                
                                
                                لاءِ پڻس
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                بنگلو 
                                ٺهرايو آهي.
                                
                                
                                در
                                
                                
                                تي موٽر
                                
                                
                                اٿن
                                
                                ۽
                                
                                
                                گهر ۾ نوڪرياڻي
                                
                                
                                ماني
                                
                                ڪندي
                                
                                
                                اٿن. شمي
                                
                                
                                پنجويهه ٽپي هلي
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                
                                اڃا شادي
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                اٿس.
                                
                                
                                سندس پيءُ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                خيال آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                ڇوڪرو
                                
                                
                                گهٽ ۾ گهٽ
                                
                                
                                اهڙو
                                
                                
                                هجڻ گهرجي
                                
                                
                                جو
                                
                                ڇهه ست
                                
                                
                                سئو رپيا
                                
                                
                                مهينو 
                                ڪمائيندو هجي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                نوڪري پڪي
                                
                                
                                هجيس. مون
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڏينهن
                                
                                کلندي
                                
                                
                                شميءَ کي چيو: 
                                        
                                
                                ”اسان
                                
                                
                                ڪاليج
                                
                                
                                جي
                                
                                ڇوڪرن
                                
                                
                                فيصلو ڪيو آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                پاڻ مان
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                چونڊي انهن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                آچار وجهنداسين.
                                
                                
                                سال ڇهه ماهيءَ
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                آچار رجهندو
                                
                                
                                ته 
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                تنهنجي پيءُ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پسند جا
                                
                                
                                ڇوڪرا
                                
                                
                                نڪري
                                
                                
                                ايندا ۽ پوءِ
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                انهن جون
                                
                                
                                درخواستون تنهنجي
                                
                                
                                پيءُ
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                موڪلي 
                                ڏينداسين. 
                                        
                                
                                شمي
                                
                                
                                انهيءَ تي
                                
                                
                                مرڪي
                                
                                
                                پر انهيءَ
                                
                                
                                مرڪ
                                
                                ۾
                                
                                
                                اهو سوز
                                
                                
                                سمايل هو
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                منهنجي قلم
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                طاقت 
                                ڪانه آهي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اکرن ۾ ڇٽي آڇيان.
                                
                                
                                شميءَ جي
                                
                                
                                سوز
                                
                                ڀري
                                
                                
                                مرڪ منهنجي
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                افساني جو
                                
                                
                                مواد
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سگهي ٿي. پر
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                اها 
                                ڪهاڻي 
                                ڪڏهن لکڻ
                                
                                
                                شروع
                                
                                ڪندس؟ 
                                        
                                
                                اجهو
                                
                                
                                پاسي ۾ منير
                                
                                
                                ويٺو
                                
                                
                                اٿم. ميونسپل
                                
                                
                                ڪارپوريشن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪلارڪ
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                اردوءَ ۾ افسانا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڊراما
                                
                                
                                لکندو آهي.
                                
                                
                                بي
                                
                                
                                اي پاس
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                اٿس
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون سنئون
                                
                                
                                انگريزي ادب
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ايم
                                
                                
                                اي ۽ تنهن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                گڏ وڪالت
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                پڙهي. هن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سيني ۾ ايترا
                                
                                
                                سور
                                
                                
                                آهن جو
                                
                                
                                جيڪا
                                
                                
                                به 
                                ڳالهه 
                                ڪندو آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ائين لڳندو
                                
                                
                                آهي
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                پوري جڳ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                جڳائي، پنهنجا
                                
                                
                                ڇوهه
                                
                                
                                ڇنڊڻ
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چاهي. سندس
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                جنوني انداز
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                افسانن ۽ 
                                ڊرامن ۾ به
                                
                                
                                جهليڪون 
                                ڏيندو آهي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                اهي افسانا
                                
                                
                                پڙهي
                                
                                کيس
                                
                                
                                نعري بازيءَ جو
                                
                                
                                مهڻو
                                
                                ڏيندا
                                
                                
                                آهيون ۽ پوءِ
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                چوندو آهي: 
                                
                                هي
                                
                                
                                نعري بازي آهي 
                                .... 
                                
                                اڙي
                                
                                
                                هيءَ ته
                                
                                
                                منهنجي دلجي
                                
                                
                                دانهن آهي.“
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                سوچيندو آهيان 
                                .. 
                                
                                دلين
                                
                                ۾
                                
                                
                                رکيل دونهان
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                دٻيل
                                
                                
                                دانهون جڏهن
                                
                                
                                نڪرن
                                
                                ٿيون
                                
                                
                                ته چيٽ
                                
                                
                                ڪوڪ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                انداز 
                                کنيو اچن.
                                
                                
                                ڪيڏو
                                
                                
                                مظلوم آ
                                
                                
                                انسان 
                                .. 
                                
                                ڪڇي ته
                                
                                
                                ڪافر،
                                
                                
                                ماٺ
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ته منڪر. 
                                        
                                
                                هڪ
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                دوست اٿو
                                
                                
                                لطيف 
                                .. 
                                
                                سراپا سور،
                                
                                
                                ڪٽوري
                                
                                
                                جهڙيون اکيون،
                                
                                
                                جرڪنديون ته
                                
                                
                                وڄ،
                                
                                
                                وسنديون ته
                                
                                
                                مينهن، لطيف
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                رهڻي 
                                ڪهڻي ائين
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                جو 
                                ڳالهه 
                                ڳالهه تي
                                
                                
                                افسانو، ادا
                                
                                
                                ادا
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                جڙيو پوي.
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                انهيءَ 
                                ڪافر بابت
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                لکي
                                
                                
                                به سگهندس
                                
                                
                                يا
                                
                                ڪين.
                                
                                
                                سو چئي
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                سگهان. هن
                                
                                
                                ظالم
                                
                                
                                جي دل
                                
                                
                                اهڙي
                                
                                ٽانڪئي
                                
                                
                                آهي جو
                                
                                
                                اظهار به
                                
                                
                                جهير
                                
                                
                                وجهيو 
                                ڇڏيس. 
                                        
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                ويٺو سوچيان
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هي سڀ
                                
                                
                                ڪير
                                
                                
                                آهن؟
                                
                                
                                نوري، شمي،
                                
                                
                                منير، لطيف
                                
                                
                                سڀ
                                
                                ڪير
                                
                                
                                آهن؟ 
                                ڪيڏانهن پيا
                                
                                
                                وڃن.
                                
                                ڇا
                                
                                ٿا
                                
                                
                                چاهن. نوريءَ
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                ايتري تعليم
                                
                                
                                حاصل
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                آهي سو
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                لاءِ. شميءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                بنگلو 
                                ٺهرايو آهي
                                
                                
                                سو
                                
                                ڇا
                                
                                
                                لاءِ، منير
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                دانهون چيٽون
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ٿيون
                                
                                
                                نڪرن، لطيف
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                اکيون سدائين
                                
                                
                                سانوڻ ڇو 
                                ٿيون سارن،
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                سڀ ڪير آهن،
                                
                                
                                ڪٿان
                                
                                
                                آيا
                                
                                
                                آهن، منزل
                                
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                اٿن،
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                واهه ويندا؟ 
                                        
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                منهنجي دل
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                خيال
                                
                                
                                ايندو آ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ازل جي
                                
                                
                                انگور جي 
                                
                                رس
                                
                                
                                پيان، نشن ۾ جهومي
                                
                                
                                اٿان، پاڻ
                                
                                
                                لڏان، جهان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                لوڏيان، پير
                                
                                
                                مغان
                                
                                کان
                                
                                
                                پيمانو کسي پري
                                
                                
                                اڇلائي 
                                ڇڏيان. مٽ
                                
                                
                                اوتيان، پيٽيان،
                                
                                
                                پيان
                                
                                ۽
                                
                                
                                پياريان. جڳ
                                
                                
                                جهان
                                
                                کي
                                
                                
                                پياريان ۽ پورو
                                
                                
                                جهان
                                
                                
                                جهومي اٿي.
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                هڪ تي
                                
                                
                                ازلي
                                
                                
                                خمار 
                                ڇانئجي وڃي.
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                منهن تي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                مرڪ اچي
                                
                                
                                وڃي.
                                
                                
                                منير جون
                                
                                
                                چٽيون، لطيف
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اکين جون
                                
                                
                                وڄون، نوريءَ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                شميءَ جون
                                
                                
                                خاموش آهون
                                
                                
                                ختم
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وڃن. 
                                        
                                
                                هي
                                
                                
                                سڀ 
                                ڪڏهن 
                                ٿيندو؟ 
                                        
                                
                                اها
                                
                                
                                به هڪ
                                
                                
                                ڪهاڻي
                                
                                
                                ٿيندي .... 
                                
                                        مان
                                لکندس، 
                                ضرور لکندس...... |