| 
                                
                                هڪڙي
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                هاسٽل ۾ حفيظ
                                
                                
                                وٽ
                                
                                
                                ويس ته،
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ويٺي
                                
                                
                                لکيائين، مون
                                
                                
                                چيو،
                                
                                ”ڇا
                                
                                ٿو
                                
                                
                                لکين؟“ چيائين
                                
                                
                                ته
                                
                                ”افسانو.“
                                
                                
                                جڏهن حيدرآباد
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                ته، هڪ
                                
                                
                                دفعي
                                
                                
                                سندس غير
                                
                                
                                حاضريءَ ۾ سندس
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                نوٽ بڪ
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                پڙهڻ
                                
                                
                                ويٺس، جنهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪي
                                
                                
                                جنسي
                                
                                
                                افسانا لکيا
                                
                                
                                هئائين. اها
                                
                                
                                ڳاله
                                
                                
                                ياد
                                
                                
                                هئم، سو،
                                
                                
                                پڇيومانس ته،
                                
                                
                                ”ڇا
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                لاءِ؟“ 
                                        
                                
                                چيائين ته،
                                
                                
                                ”ڪراچيءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سنڌي ادبي
                                
                                
                                سنگت
                                
                                
                                افسانن جي
                                
                                
                                چٽا
                                
                                ڀيٽي
                                
                                ڪرائي
                                
                                
                                آهي، انهيءَ
                                
                                
                                لاءِ.“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                چيو:
                                
                                ”مان
                                
                                
                                به لکان؟“ 
                                        
                                
                                ”چيائين
                                
                                
                                ته،
                                
                                ”ڀلي
                                
                                
                                لک.“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                افسانو لکي
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                ڏنو.
                                
                                
                                سنڌي
                                
                                
                                ادبي سنگت
                                
                                
                                ڪراچيءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سيڪريٽري هو
                                
                                
                                عبدالغفور انصاري،
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جج
                                
                                
                                هئا:
                                
                                بيگم
                                
                                
                                عبدا الله چنا،
                                
                                
                                پير
                                
                                
                                سائين حسام
                                
                                
                                الدين شاهه 
                                
                                راشدي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مرحوم عثمان
                                
                                
                                علي
                                
                                
                                انصاري. 
                                        
                                
                                ڏهن
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                عبدالغفور انصاري
                                
                                
                                مليو
                                
                                ۽
                                
                                
                                چيائين ته
                                
                                
                                پهرين ستن
                                
                                
                                سٺن
                                
                                
                                افسانن ۾ تنهنجو
                                
                                
                                افسانو آيوآهي.
                                
                                
                                اهو
                                
                                ٻڌي
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                خوش 
                                ٿيس. رزلٽ
                                
                                
                                نڪتي
                                
                                
                                ته منهنجي
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                افساني کي پهريون
                                
                                
                                نمبر
                                
                                
                                مليو. اها
                                
                                
                                خبر
                                
                                ٻڌم
                                
                                
                                ته 
                                ڏاڏو ڏک 
                                ٿيو. احساس
                                
                                
                                ٿيم
                                
                                
                                ته،
                                
                                ”سنڌ
                                
                                ۾
                                
                                
                                اهڙي ته
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                اوندهه آهي،
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                نوجوان ماڻهو
                                
                                
                                زندگي ۾ پهريون
                                
                                
                                پهريون افسانو
                                
                                
                                لکي،
                                
                                
                                ته انهيءَ
                                
                                
                                ڪچيءَ
                                
                                
                                ڦڪيءَ
                                
                                
                                تحرير کي ئي
                                
                                
                                پهريون نمبر
                                
                                
                                قرار
                                
                                ڏجي!“ 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                کي
                                
                                
                                انعام 
                                ڪونه مليو،
                                
                                
                                پر،
                                
                                
                                سندس جمال
                                
                                
                                ابڙي
                                
                                ۽
                                
                                
                                منهنجا انهيءَ
                                
                                
                                موقعي تي
                                
                                
                                لکيل
                                
                                
                                افسانا مهراڻ
                                
                                
                                رسالي ۾، سائين
                                
                                
                                جويي
                                
                                
                                صاحب شايع
                                
                                
                                ڪيا،
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                تڏهن مهراڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ايڊيٽر به
                                
                                
                                هوندو هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                بورڊر جو
                                
                                
                                سيڪريٽري پڻ. 
                                        
                                
                                هاڻي، ادبي
                                
                                
                                ڳالهين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                منهنجي دلچسپي
                                
                                
                                وڌي.
                                
                                
                                سنڌي ادبي
                                
                                
                                سنگت
                                
                                ڪراچيءَ
                                
                                
                                جي هفتيوار
                                
                                
                                نشستن ۾ باقاعدگيءَ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                وڃڻ لڳس،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                جا مک
                                
                                
                                ميمبر هئا:
                                
                                
                                نور
                                
                                
                                الدين سرڪي،
                                
                                
                                اياز
                                
                                
                                قادري ۽ دادا
                                
                                
                                موتيرام، حفيظ
                                
                                
                                کين
                                
                                
                                سنڌي
                                
                                
                                ادبي سنگت
                                
                                
                                جي
                                
                                ”ٽمورتي“
                                
                                ڪوٺيندو
                                
                                
                                هو. 
                                        
                                
                                سينيئر ميمبرن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                احسان بدوي
                                
                                
                                ڇٽو
                                
                                
                                پاٽو
                                
                                
                                ادبي سنگت
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                گڏجاڻين ۾ ايندو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                عبدالغفور انصاريءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                دلچسپي گهٽجي
                                
                                
                                وئي
                                
                                
                                هئي. سوڀو
                                
                                
                                لاڙڪاڻي رهندو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                سو آيو
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آئي جهڙو.
                                
                                
                                جويو
                                
                                
                                صاحب گاهي
                                
                                
                                ماهي
                                
                                ڀيرو
                                
                                ڀرينديو
                                
                                
                                رهندو هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                هر
                                
                                ڪو
                                
                                
                                سندس وڏو
                                
                                
                                احترام 
                                ڪندو هو.
                                
                                
                                حفيظ، مان
                                
                                
                                رشيد
                                
                                ڀٽي،
                                
                                
                                رشيد آخوند،
                                
                                
                                حسين
                                
                                
                                عادل 
                                کتري به
                                
                                
                                سرگرم 
                                ڪارڪن هئاسون،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                اسان جو
                                
                                
                                درجو
                                
                                ”جونيئر“
                                
                                
                                هو، ستت
                                
                                
                                تاج
                                
                                
                                بلوچ به
                                
                                
                                شريڪ
                                
                                ٿيو. 
                                        
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                عرصي
                                
                                کان
                                
                                
                                پوءِ اياز
                                
                                
                                قادري سنگت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سيڪريٽري ٿيو ۽ ميٽنگون
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                جاءِ تي،
                                
                                
                                4_ ڌني
                                
                                
                                رام
                                
                                
                                بلڊنگ تي
                                
                                
                                ٿيڻ
                                
                                
                                لڳيون. انهن
                                
                                
                                ميٽنگن ۾ ادبي
                                
                                
                                ميٽنگون ته
                                
                                
                                خير
                                
                                
                                خوبيءَ سان
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وينديون هيون.
                                
                                
                                پر،
                                
                                
                                انتظامي ۽ 
                                ڪاروباري ميٽنگ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جا مزا
                                
                                
                                هوندا هئا.
                                
                                
                                تقريباً هر
                                
                                
                                ائٽم
                                
                                
                                تي اختلاف
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                واڪ
                                
                                
                                آئوٽ. 
                                        
                                
                                خواجه سليم
                                
                                
                                اهڙن
                                
                                ڪن
                                
                                
                                موقعن تي
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                واڪ آئوٽ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ساٿ
                                
                                ڏيندو
                                
                                
                                هو. منهنجي
                                
                                
                                راءِ
                                
                                
                                موجب سليم
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                ساڻس 
                                ٻٽيهه دليون
                                
                                
                                هيون. حفيظ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                مضمون لکڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                حق کيس ئي
                                
                                
                                جڳائي ٿو. 
                                        
                                
                                خواجه سليم
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                جمال
                                
                                
                                رند سان
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جا لڳ
                                
                                
                                لاڳاپا غالباً
                                
                                
                                خيرپور رياست
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پس منظر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                حفيظ ۽ خواجه
                                
                                
                                سليم
                                
                                
                                ته خيرپور
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                هئا. پر،
                                
                                
                                جمال
                                
                                
                                رند رڳو
                                
                                
                                ناز
                                
                                
                                هاءِ اسڪول
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پڙهيو هو. 
                                 1963-1963ع
                                
                                ڌاران،
                                
                                
                                حفيظ سنڌ
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                وڻ ڇڏي لاهور
                                
                                
                                هليو
                                
                                
                                ويو هو.
                                
                                
                                منهنجو اتي
                                
                                
                                وڃڻ
                                
                                ٿيو،
                                
                                
                                ته ساڻس
                                
                                
                                ملاقات ڪيم 
                                A.P.P. 
                                جي
                                
                                
                                آفيس
                                
                                ۾
                                
                                
                                نوڪري 
                                ڪندو هو.
                                
                                
                                ان
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳ 
                                ڪنهن زماني
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                خانبهادر 
                                کهڙي جو
                                
                                
                                پرسنل 
                                ڪلارڪ به
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                پر پگهار
                                
                                
                                طئي
                                
                                ڪرڻ
                                
                                کانپوءِ
                                
                                کيس
                                
                                
                                هڪ ئي
                                
                                
                                شرط
                                
                                
                                وڌو هئائين
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                خانبهادر قبول
                                
                                
                                ڪيو  
                                
                                هو ته:
                                
                                
                                ”نيرن
                                
                                
                                تي
                                
                                ڪڪڙ
                                
                                
                                جا ٻه آنا
                                
                                
                                کائيندس،
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                ملندو، ته
                                
                                
                                نوڪري ڇڏي ويندس.“ 
                                        
                                
                                اها
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                اسان کي خانبهادر
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اخبار 
                                ”نوائي سنڌ“
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ايڊيٽر، مولوي
                                
                                
                                عبدالغفور سيتائيءَ
                                
                                
                                ٻڌائي،
                                
                                
                                مولوي ستائيءَ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                سان 
                                ڪچهري ڪرڻ ۾ 
                                ڏاڍو مزو
                                
                                
                                ايندو هو.
                                
                                
                                ساڻس
                                
                                
                                چرچا گهٻا
                                
                                
                                ڪندوهو.
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                نيوز ايڊيٽر
                                
                                
                                غلام
                                
                                
                                قادر لاکير
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                رونشو لڳندو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                سي ۽ مقبول
                                
                                
                                سومرو هيڪاري
                                
                                
                                محفل
                                
                                کي
                                
                                
                                مچائيندا هئا.
                                
                                
                                مقبول سومرو
                                
                                
                                لاکير سان
                                
                                
                                گڏ
                                
                                ”نوائي
                                
                                
                                سنڌ ۾ سب
                                
                                
                                ايڊيٽر هوندو
                                
                                
                                هو. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                اڃا 
                                ڪراچيءَ ۾ هو
                                
                                
                                ته
                                
                                ”ون
                                
                                
                                يونٽ“ 
                                ٺهيو، جنهن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                حفيظ هڪڙو
                                
                                
                                طنزيه افسانو
                                
                                
                                لکيو. ان
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مرڪزي خيال هو،
                                
                                
                                ”اچو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                گهر گڏيون.“
                                
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                سٺو
                                
                                
                                افسانو لکيو
                                
                                
                                هئائين. پر،
                                
                                
                                ون
                                
                                
                                يونٽ جي
                                
                                
                                خلاف
                                
                                
                                تحريڪ ۾ ايڏو
                                
                                
                                حصو
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                ورتائين. البت،
                                
                                
                                سنڌي
                                
                                ٻوليءَ
                                
                                کي
                                
                                
                                سرڪاري درجو
                                
                                
                                ڏيارڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تحريڪ ۾ تمام
                                
                                
                                سرگرم رهيو.
                                
                                
                                پاڪستان چوڪ
                                
                                
                                تي،
                                
                                
                                جو ميٺارام
                                
                                
                                هاسٽل جي
                                
                                
                                ويجهو هو،
                                
                                
                                ڀتين
                                
                                
                                تي،
                                
                                
                                سنڌي 
                                ٻوليءَ جي
                                
                                
                                حمايت ۾ لوهي
                                
                                
                                پليٽن سان
                                
                                
                                نعرا
                                
                                ڇاپڻ
                                
                                ۾
                                
                                ڪمال
                                
                                ڪري
                                
                                ڇڏيائين!
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                هاڻي چٽي
                                
                                
                                يادگيري 
                                ڪانهي، پر
                                
                                
                                انهيءَ ڪم ۾ مرغوب
                                
                                
                                بخاري سندس
                                
                                
                                ٻانهن
                                
                                
                                ٻيلي
                                
                                
                                هو.
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                شايد منصور
                                
                                
                                عباسي، حفيظ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                يارن ۾ هڪڙو
                                
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                نوجوان به
                                
                                
                                آيو_
                                
                                
                                قادر 
                                
                                
                                صديقي.
                                
                                
                                پر، ستت
                                
                                
                                قادر
                                
                                
                                ساڻس چرچا
                                
                                
                                گهٻا
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لڳو. سو،
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                ياري ٿڌي ٿي ويئي. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                لاهور واريءَ 
                                A.P.P. 
                                
                                جي
                                
                                
                                نوڪري جي
                                
                                
                                سلسلي ۾ ئي
                                
                                
                                سکر
                                
                                
                                بدلي ٿي آيو.
                                
                                
                                سن
                                
                                ۽
                                
                                
                                سال هاڻي
                                
                                
                                ياد
                                
                                ڪونهن،
                                
                                
                                ان کان اڳ
                                
                                
                                شيخ
                                
                                
                                اياز کي ادبي
                                
                                
                                ناتي
                                
                                ڪري
                                
                                ڏاڍا
                                
                                
                                پيار 
                                ڀريا خط
                                
                                
                                لکندو هو:
                                
                                
                                ”مُبَنَ
                                
                                
                                يارَ.“ مبن
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                سندس مطلب
                                
                                
                                مبارڪ هو،
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                شيخ اياز
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اصلوڪو نالو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                پر، سکر
                                
                                
                                آيو
                                
                                
                                ته 
                                ٻنهي جي
                                
                                
                                دوستي هلي
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                سگهي. حفيظ
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                خلاف طنزيه
                                
                                
                                افسانو لکيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ايازوري هجو
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                شعر لکيا. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                غالباً پوئين
                                
                                
                                نوڪري 
                                Population planning 
                                يا
                                
                                
                                اهڙي
                                
                                ڪنهن
                                
                                کاتي
                                
                                ۾
                                
                                ڪئي
                                
                                ۽
                                
                                
                                ان سلسلي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                عرصو
                                
                                
                                رحيم يار
                                
                                
                                خان
                                
                                ۾
                                
                                
                                به رهيو.
                                
                                
                                هڪڙي
                                
                                
                                مائي جا
                                
                                
                                انهيءَ 
                                کاتي ۾ غالباً
                                
                                
                                ملازم هئي،
                                
                                
                                تنهن
                                
                                
                                سان (يا سندس
                                
                                
                                همشيره) سان
                                
                                
                                شادي
                                
                                ڪيائين،
                                
                                
                                پوءِ بدلي
                                
                                
                                ڪرايائين.
                                
                                
                                سکر
                                
                                
                                جي 
                                ٻاهران بئراج
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پاسي ۾، نهايت
                                
                                
                                زرخيز ٻه ٽي جريب
                                
                                
                                مائيٽاڻي زمين
                                
                                
                                ورثي
                                
                                ۾
                                
                                
                                ملي هئس.
                                
                                
                                انهيءَ تي
                                
                                
                                جهوپڙي اڏيائين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                منجهس رهڻ
                                
                                
                                لڳو.
                                
                                
                                صبح جو
                                
                                
                                سرڪاري گاڏي
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                آفيس
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ويندي هئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                شام
                                
                                
                                جو موٽائي
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ايندي هئي.
                                
                                
                                ٻڪرين
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                هڪ ڌڻ ورتو
                                
                                
                                هئائين، جو
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                صلاح
                                
                                ڏنس
                                
                                
                                ته ٻڪر ڦر گهڻا
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ڏئي.
                                
                                
                                ماڻهو ڌڻ 
                                ڌاري ته
                                
                                
                                جيڪر
                                
                                
                                الاهي پئسا
                                
                                
                                ڪمائي.
                                
                                
                                اهي
                                
                                
                                پئسا ته
                                
                                
                                ڪمايائين
                                
                                
                                الائي 
                                ڪونه، پر
                                
                                
                                ڪنڊ
                                
                                
                                پاسي، خير
                                
                                
                                و
                                
                                
                                عافيت سان،
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                پئي گذاريائين،
                                
                                
                                دنيا
                                
                                کي
                                
                                
                                پاڻ به
                                
                                
                                وساري 
                                ڇڏيائين ۽ دنيا
                                
                                
                                به
                                
                                کيس
                                
                                
                                وساري 
                                ڇڏيو. 
                                        
                                
                                هڪ
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                مان حيدرآباد
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                سنڌي
                                
                                
                                ادبي بورڊ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                آفيس ۾ ويٺو
                                
                                
                                هئس،
                                
                                
                                ته حفيظ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                مائٽن جي
                                
                                
                                گهران فون
                                
                                
                                آئي
                                
                                
                                ته، 
                                ”جلدي اچ.“
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                رڪشا تي
                                
                                
                                چڙهيس ۽ لطيف
                                
                                
                                آباد
                                
                                ۾
                                
                                ٻڌايل
                                
                                
                                ايڊريس تي
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                پهتس. چيائين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                حفيظ گذاري
                                
                                
                                ويو.
                                
                                
                                سندس لاش
                                
                                
                                سکر
                                
                                
                                مان کڻي آيا
                                
                                
                                آهن.
                                
                                
                                جڏهن اندر
                                
                                
                                ويس
                                
                                
                                ته کٽ تي
                                
                                
                                اڇيءَ چادر
                                
                                
                                سان
                                
                                ڍڪيل
                                
                                
                                هڪ لاش
                                
                                
                                نظر
                                
                                
                                آيو، جنهن
                                
                                
                                جي
                                
                                ڀرسان
                                
                                ڪي
                                
                                
                                زالون روئي
                                
                                
                                رهيون هيون. 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                حفيظ جا
                                
                                
                                ڪي
                                
                                
                                دوست
                                
                                
                                گڏ 
                                ڪيا. اُميدن
                                
                                
                                ڀرئي
                                
                                
                                قبرستان ۾ هڪ
                                
                                
                                هنڌ
                                
                                
                                قبر 
                                کوٽيسون. 
                                ڪچيون سرون
                                
                                
                                هٿ
                                
                                ڪيون
                                
                                
                                سون. حفيظ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                لاش سندس
                                
                                
                                مائٽن جي
                                
                                
                                گهران کڻي آياسون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                دفن
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                قبر جي
                                
                                
                                لنباوت 
                                ڪئيسون. 
                                        
                                
                                هاڻي
                                
                                
                                انهيءَ 
                                ڳالهه کي ورهيه
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                آيا آهن.
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                قبر جو
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                نشان
                                
                                
                                به بچيو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                يا نه،
                                
                                
                                سا
                                
                                
                                خبر مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪانهي.
                                
                                
                                ڪيئي
                                
                                
                                ڀيرا
                                
                                
                                اميدن 
                                ڀرئي جي
                                
                                
                                قبرستان وٽان
                                
                                
                                منهنجو لطيف
                                
                                
                                آباد
                                
                                
                                اچڻ وڃڻ
                                
                                
                                ٿيو.
                                
                                
                                پر،
                                
                                
                                قبر تي
                                
                                
                                حاضريءَ جي
                                
                                
                                توفيق 
                                ڪانه ٿي. هڪ
                                
                                
                                ڀيري
                                
                                
                                ويس.
                                
                                ڳوليم،
                                
                                
                                پر قبر
                                
                                
                                هٿ
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                آئي. جڏهن
                                
                                
                                قبرستان مان
                                
                                
                                موٽيس ته
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ياد آئي،
                                
                                
                                جا
                                
                                ڳوٺن
                                
                                ۾
                                
                                ٻڌي
                                
                                
                                هئم، ته
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                سڪندر بادشاهه
                                
                                
                                مري
                                
                                
                                ويو، ته
                                
                                
                                ماڻس
                                
                                
                                پنڊيءَ ۾ ڪڻڪ جون
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                مانيون ۽ لوٽي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                کير
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                قبرستان ويئي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڳوڙهن
                                
                                
                                ڀريل
                                
                                
                                اکين
                                
                                
                                سان، پٽ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                سڪ
                                
                                
                                مان سڏ
                                
                                
                                ڪيائين”او،
                                
                                
                                ابا،
                                
                                
                                سڪندر؟“ 
                                        
                                
                                قبرستان مان
                                
                                
                                آواز
                                
                                
                                آيس ته،
                                
                                
                                ”مائي،
                                
                                
                                تون
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                سڪندر کي سڏين
                                
                                
                                ٿي؟_
                                
                                
                                هِتِ
                                
                                
                                ته 
                                ڪيئي سڪندرَ
                                
                                
                                پُوريا پيا
                                
                                
                                آهن 
                                .............“ 
                                        
                                
                                سڪندر کي هڪ
                                
                                
                                چٽو
                                
                                
                                پٽو مقصد
                                
                                
                                اکين
                                
                                
                                اڳيان هو،
                                
                                
                                ته
                                
                                کيس
                                
                                
                                زندگيءَ مان
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                گهرجي؟ هن
                                
                                
                                روءِ
                                
                                
                                زمين جو
                                
                                
                                بادشاهه ٿيڻ ٿي گهريو.
                                
                                
                                انهيءَ مقصد
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                ڪيئي
                                
                                
                                ملڪ فتح
                                
                                
                                به
                                
                                ڪيائين.
                                
                                
                                دنيا جي
                                
                                
                                عظيم
                                
                                
                                فاتحن ۾ سندس
                                
                                
                                نالو
                                
                                
                                اڄ به
                                
                                
                                ڳائجي
                                
                                
                                ٿو.
                                
                                
                                پر،
                                
                                
                                دنيا جو
                                
                                
                                ڪاروبار
                                
                                
                                سڪندر 
                                کانسواءِ به
                                
                                
                                هلي
                                
                                
                                رهيوآهي. ان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                سڪندر جي
                                
                                
                                موجود نه
                                
                                
                                هئڻ
                                
                                ڪري
                                
                                ڪابه
                                
                                ڪمي
                                
                                
                                يا کوٽ محسوس
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                شايد ان
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                سياڻي سعديءَ
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                آهي ته:
                                
                                
                                خليفا ايندا
                                
                                
                                ويندا، دجلو
                                
                                
                                درياءَ وهندو
                                
                                
                                رهندو.“ 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                غريب کي، سڪندر
                                
                                
                                جهڙو
                                
                                ڪو
                                
                                
                                به سوداءِ
                                
                                
                                مٿي
                                
                                ۾
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                هو. شايد،
                                
                                
                                ماڻهو جو
                                
                                
                                مقدر
                                
                                
                                سندس حالتون
                                
                                
                                به
                                
                                
                                مقرر ڪن 
                                ٿيون. غريب
                                
                                
                                جو
                                
                                ٻار
                                
                                
                                هو ۽ سڄي
                                
                                
                                عمر
                                
                                
                                غريب ماڻهو
                                
                                
                                وانگر گذاريائين
                                
                                
                                ”صبح
                                
                                
                                کرنا
                                
                                
                                شام
                                
                                کا
                                
                                
                                لانا هئه
                                
                                
                                جوئي
                                
                                
                                شير کا“ 
                                جو محارو
                                
                                
                                مٿس
                                
                                
                                صادق هو. 
                                        
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                زماني ۾ پنهنجي
                                
                                
                                لکڻين جو
                                
                                
                                ڪتاب
                                
                                
                                ڇپائڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                شوق هئس.
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                اهو به
                                
                                
                                ياد
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                رهيس. ون
                                
                                
                                يونٽ
                                
                                
                                جي خلاف
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                دوست، ڪي گهڻو
                                
                                
                                ڪي
                                
                                
                                ٿورو،
                                
                                
                                جدوجهد ۾ شريڪ
                                
                                
                                رهيا، پر،
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جو ڪٿي به
                                
                                
                                ڏس
                                
                                
                                پتو
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                هو. جڏهن
                                
                                
                                ڪراچيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                سان ميٺارام
                                
                                
                                هاسٽل ۾ گڏ
                                
                                
                                رهندو هو
                                
                                
                                ته،
                                
                                
                                چوندو هو
                                
                                
                                ته”
                                
                                
                                هڪ گهر
                                
                                
                                ٺهرائيندس،
                                
                                
                                جو
                                
                                ڦيٿن
                                
                                
                                تي بيٺل
                                
                                
                                هوندو. ان
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                چڙهي سڄي
                                
                                
                                دنيا
                                
                                
                                گهمندس.“ مون
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                ته گهڻو
                                
                                
                                کائيندو؟“
                                
                                
                                چيائين ته،
                                
                                
                                ”مٿس
                                
                                
                                اسي
                                
                                
                                لک رپيا
                                
                                
                                خرچ
                                
                                
                                ايندو.“ 
                                        
                                
                                پوين
                                
                                ڏينهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                ته اُهي
                                
                                
                                خواب
                                
                                
                                لهڻ به
                                
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                ڏنائين.
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                دفعي مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                هيائين ته
                                
                                
                                ”توکي
                                
                                
                                خبر
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                ويڙهه ۾ ڪير سوڀارو
                                
                                
                                ٿيندو
                                
                                
                                آهي؟“ مون
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                ته، 
                                ”نه“.
                                
                                چيائين
                                
                                
                                ته،
                                
                                ”اهو
                                
                                
                                جيڪو گهڻي
                                
                                
                                مار
                                
                                کائي
                                
                                
                                سگهي.“ 
                                        
                                
                                پر،
                                
                                
                                حفيظ جي
                                
                                
                                مار
                                
                                کائي
                                
                                
                                ايڏو ته
                                
                                
                                ٿجڪي
                                
                                
                                پيو،
                                
                                
                                جو دنيا
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                ڌار
                                
                                
                                ٿي،
                                
                                
                                گوشه
                                
                                
                                نشين ٿي ويو.
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                مون کي چيو
                                
                                
                                هئائين ته”هم
                                
                                
                                خيال
                                
                                
                                دوست گڏ
                                
                                
                                ڪريون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مٺڻ
                                
                                ڪوٽ
                                
                                کان
                                
                                
                                هلي لاٽ
                                
                                
                                پئون. درياءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                ڌار
                                
                                
                                تي ترندا،
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                سنڌ پار
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                هلي،
                                
                                
                                سمنڊ تي
                                
                                
                                پهچون.“ 
                                        
                                
                                اڄ
                                
                                
                                مان جڏهن
                                
                                
                                پوئتي نگاهه
                                
                                
                                ڪريان
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته،
                                
                                
                                ائين 
                                ڀايان ٿو ته
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                زماني کيس ستائي،
                                
                                
                                نستو
                                
                                ڪري
                                
                                
                                وڌو، تڏهن
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                وقت جي
                                
                                
                                ڌار
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                رڳو لڙهندو
                                
                                
                                رهيو، تان
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سندس لڱن
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                ساهه ڇڏي ويو.
                                
                                
                                خالي
                                
                                
                                جسم لاهور
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                رحيم
                                
                                
                                يار خان
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                لڙڪندو سکر
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                لڙهندو، حيدرآباد
                                
                                
                                پهتو. 
                                        
                                
                                دجلو
                                
                                
                                درياءَ بهرحال،
                                
                                
                                اڳي
                                
                                
                                وانگر، هر
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                بي
                                
                                
                                نياز وهندو
                                
                                
                                رهي.
                                
                                
                                سدائين ائين
                                
                                
                                وهندو رهيو
                                
                                
                                آهي. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                منهن مهانڊي
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪو
                                
                                
                                ايڏو وجيـﮧ
                                
                                
                                شخص
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                هو. پر،
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                فوٽو 
                                ڪڍائيندو هو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                پيارو لڳندو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                شايد ان
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سندس اندر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                
                                انسان هو،
                                
                                
                                سو
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                سهڻو هو.
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                اهو انسان
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                جي من
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ٻيائي
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                هوندي آهي،
                                
                                
                                تنهن
                                
                                
                                جو اندر
                                
                                
                                چوڏهينءَ جو
                                
                                
                                چنڊ
                                
                                کان
                                
                                
                                گهڻو سهڻو
                                
                                
                                هوندو آهي.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                جو مَدو
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                منافق 
                                ڪونه هو.
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                اندر ۾ سو
                                
                                
                                ٻاهر
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                به دنيا
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                وک
                                
                                
                                وک تي
                                
                                
                                بيوفائيءَ جي
                                
                                
                                بوءِ
                                
                                
                                آيس، ته
                                
                                
                                ماٺڙي 
                                ڪري، اکيون
                                
                                
                                ٻوٽي
                                
                                
                                ڇڏيائين.
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                هي جهان
                                
                                
                                ڇڏيائين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                پورن پنجاهه
                                
                                
                                ورهين جو
                                
                                
                                به
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                هو. 
                                        
                                
                                سنڌ
                                
                                
                                جي شهزادي
                                
                                
                                شاعر، هزهائينس
                                
                                
                                مير
                                
                                
                                عبدالحسين سانگيءَ،
                                
                                
                                سنڌ
                                
                                
                                جي اهِل
                                
                                
                                دل
                                
                                
                                انسانن جي
                                
                                
                                ياد
                                
                                ۾
                                
                                
                                هڪ غزل
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                آهي، جنهن
                                
                                
                                جا
                                
                                ڪي
                                
                                
                                دلاويز شعر
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                آهن: 
                                  
                                  
                                اڃا
                                
                                
                                هاڻ
                                
                                
                                هتي ها
                                
                                
                                يارَ
                                
                                
                                پرين 
                                دلبند
                                
                                
                                سڄڻ
                                
                                
                                دلدارَ پرين 
                                غمخوار
                                
                                
                                مِٺا
                                
                                
                                منٺارَ پرين 
                                جي
                                
                                
                                پيچ
                                
                                
                                پيارلَ پائي
                                
                                
                                ويا 
                                  
                                جن
                                
                                
                                هر
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                ساڻ رهائي
                                
                                
                                ڪئي 
                                تن
                                
                                
                                پنهنجي پاڻ
                                
                                
                                رهائي ڪئي 
                                جن
                                
                                
                                سهڻن
                                
                                
                                سان سچائي
                                
                                
                                ڪئي 
                                سي
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                سان
                                
                                ڪين
                                
                                
                                وڃائي ويا 
                                  
                                
                                ٿو نينهن
                                
                                
                                منجهان نروار
                                
                                
                                چوان 
                                سي
                                
                                
                                عاشق
                                
                                
                                آءُ سردارَ
                                
                                
                                چوان 
                                سي
                                
                                
                                پيارا پنهنجا
                                
                                
                                يارَ
                                
                                
                                چوان 
                                جي
                                
                                
                                سانگهي پاڻ
                                
                                
                                سڏائي ويا. 
                                  
                                  
                                نياز
                                
                                
                                همايوني 
                                پکي
                                
                                
                                سڀ
                                
                                
                                نه هنج 
                                        
                                
                                چوندا آهن
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مرڻ 
                                کانپوءِ ماڻهوءَ
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                ماڻهوءَ جو
                                
                                
                                قدر
                                
                                ٿئي
                                
                                ٿو.
                                
                                ”اسان
                                
                                
                                جو يار“
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                به ائين
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                هيو. جيئري
                                
                                
                                ان
                                
                                کي
                                
                                ڪنهن
                                
                                ڪون سڃاتو،
                                
                                
                                جڏهن مئو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هر 
                                ڪنهن کي ڪَل پئجي
                                
                                
                                وئي:
                                
                                
                                مرڻا
                                
                                
                                اڳي جي
                                
                                
                                مُئا، سي
                                
                                
                                مري
                                
                                ٿيا
                                
                                
                                نه مات_
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                مرڻ تي
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                لکيو: 
                                        
                                
                                اسان
                                
                                
                                هڪ بهترين
                                
                                
                                ساٿي
                                
                                
                                وڃائي ويٺا
                                
                                
                                آهيون. 
                                جوڳيئڙا
                                
                                
                                جهان
                                
                                ۾،
                                
                                
                                نوري ڪي ناري، 
                                
                                ٻري جن
                                
                                
                                ٻاري،
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                نه جيئندي
                                
                                
                                اُن
                                
                                
                                ري. 
                                
                                ”هڪ معصوم
                                
                                
                                فطرت
                                
                                
                                انسان جي
                                
                                
                                موت
                                
                                
                                تي جيترو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ماتم 
                                ڪجي، 
                                ٿورو آهي،
                                
                                
                                ائين
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                سان دل
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                بار نه
                                
                                
                                هَلڪو ٿئي ٿو، پر
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                ماڻهوءَ جي
                                
                                
                                ڪميءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                احساس زائل
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                نٿو
                                
                                
                                سگهي 
                                (جنهن جي
                                
                                
                                ماڻهپي ۾ ڪو به
                                
                                
                                شڪ
                                
                                
                                نه هجي)
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                شيخ اسان
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                وڇڙي
                                
                                
                                ويو، پر
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                جون 
                                ڳالهيون سدائين
                                
                                
                                ياد
                                
                                
                                رهنديون. هو
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                انسان دوست
                                
                                
                                اديب، زنده
                                
                                
                                دل
                                
                                
                                دانشور ۽ بهترين
                                
                                
                                ساٿي
                                
                                
                                هيو. هيل
                                
                                
                                تائين موت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                معاملو اسان
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                اجنبي پئي
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                هو. هاڻ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ائين پيو
                                
                                
                                محسوس 
                                ٿئي، ڄڻ پنهنجي
                                
                                
                                زندگي به
                                
                                
                                زيان
                                
                                ٿيندي
                                
                                
                                پئي وڃي.
                                
                                
                                شال
                                
                                
                                اسان جي
                                
                                
                                درد
                                
                                
                                مند دلين
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                آٿت
                                
                                
                                نصيب ٿئي!!“
                                
                                (روزانه
                                
                                
                                عربت حيدآباد 
                                71
                                
                                
                                 نومبر1971ع) 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                جي موت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اهم غم
                                
                                
                                ڪيترا
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                مونکي گهائيندو
                                
                                
                                رهيو. مهينن
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                آغا
                                
                                
                                سليم وٽ
                                
                                
                                سندس
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                نڪتي ته
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                اوڇنگارن ۾ پئجي
                                
                                
                                ويس.
                                
                                
                                دوستن جيئن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                دلداريون 
                                ڏنيون تيئن
                                
                                
                                اندر
                                
                                ۾
                                
                                
                                وڍ پوندا
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويا:
                                
                                
                                ”آيل! 
                                
                                ائين
                                
                                
                                نه 
                                ڀانءُ، ڪ آءُ
                                
                                
                                جيئندي اُن
                                
                                
                                ري. 
                                        
                                
                                اسان
                                
                                
                                جي قوم
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                مرده
                                
                                
                                پرست ليکيو
                                
                                
                                وڃي
                                
                                ٿو،
                                
                                
                                ليڪن اهو
                                
                                
                                ڪوبه
                                
                                
                                نٿو
                                
                                
                                سوچي ته
                                
                                
                                آخر
                                
                                
                                ان جو
                                
                                
                                ڪارڻ
                                
                                
                                ڪهڙو
                                
                                
                                آهي؟
                                
                                
                                اصل ۾ اسان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                جيئرن جي
                                
                                
                                مهر
                                
                                
                                محبت مان
                                
                                
                                مايوس ٿيڻ 
                                کانپوءِ، اُهي
                                
                                
                                مئا
                                
                                
                                ماڻهوسارڻا ٿا پون
                                
                                
                                جن
                                
                                
                                جون محبت
                                
                                
                                ڀريون
                                
                                
                                وفائون 
                                ڪڏهن به
                                
                                
                                وسارڻ جوڳيون
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                هونديون آهن.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                شيخ انهن
                                
                                
                                ماڻهن مان
                                
                                
                                هيو،
                                
                                
                                جن کي واقعي
                                
                                
                                ماڻهو چئجي
                                
                                
                                ٿو.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                هيري 
                                ڪڻيءَ وانگر
                                
                                
                                اندر
                                
                                ٻاهر
                                
                                
                                رهڪ پئي
                                
                                
                                رهيو. هن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ ايترو
                                
                                
                                فرق
                                
                                
                                نه هيو،
                                
                                
                                جيترو اصول
                                
                                
                                پرستيءَ جي
                                
                                
                                دعويدارن جي
                                
                                
                                چئي
                                
                                ۽
                                
                                ڪئي
                                
                                ۾
                                
                                
                                هوندو آهي. 
                                
                                هڪ
                                
                                
                                دفعي
                                
                                
                                مون کيس 
                                ٽوڪيندي چئي
                                
                                
                                ڏنو: 
                                
                                ”توکي هر
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                پڌري پٽ
                                
                                
                                ڦهڪائڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                لڄ به
                                
                                
                                نٿي
                                
                                
                                اچي؟“ هڪدم
                                
                                
                                چيائين:
                                
                                ”لڄ
                                
                                
                                تڏهن اچڻ
                                
                                
                                کپي
                                
                                
                                پيارا!
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                منهنجي چوڻ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                تفاوت هجي.“ 
                                        
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                بي 
                                ڊپائي 
                                ڏاڍي ڏکي لڳندي
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                هڪڙي 
                                ڏينهن 
                                ڪنهن 
                                ڪچهريءَ ۾ ويٺا
                                
                                
                                هجون، جتي
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                مايون موجود
                                
                                
                                هيون. 
                                ڳالهيون 
                                ڪندي هڪ
                                
                                
                                همراهه ڀر ۾ ويٺل
                                
                                
                                مائي
                                
                                کي
                                
                                ٿو
                                
                                
                                چئي:
                                
                                ”تون
                                
                                
                                منهنجي ڀيڻ آهين“
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                سٽ ڏئي 
                                ٻانهن کان جهلي
                                
                                
                                چيس:
                                
                                
                                ”اها
                                
                                
                                ڀاڙيائي
                                
                                
                                ڇڏ،
                                
                                
                                پرائي 
                                ڄائي 
                                ڪنهن جي
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                نٿي
                                
                                
                                سگهي. تون
                                
                                
                                وڏو
                                
                                
                                بزدل آهين
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                انهي پاڪ
                                
                                
                                رشتي
                                
                                
                                مان پنهنجي
                                
                                
                                جنسي
                                
                                
                                جذبي جي
                                
                                
                                تسڪين ٿو چاهين.
                                
                                
                                توکي
                                
                                
                                خبر ناهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                جاگيرداري نظام
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                وبا اسان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ورثي
                                
                                ۾
                                
                                ڏئي
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                آهي.“ اهو
                                
                                
                                ٻڌي
                                
                                
                                همراهه جا
                                
                                
                                وڻ
                                
                                
                                وڄي ويا
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مائي
                                
                                
                                ويچاري وٽ
                                
                                
                                کائيندي
                                
                                
                                رهجي
                                
                                
                                وئي. 
                                        
                                
                                هوڏانهن حفيظ
                                
                                
                                اها
                                
                                ڏک
                                
                                
                                پئي ڏني ڄڻ هڪ
                                
                                
                                ئي
                                
                                ڌڪ
                                
                                
                                سان جوڙي
                                
                                
                                ڦاڙهن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ليٽائي رکي
                                
                                
                                هيائين. 
                                ٻاهر نڪتاسين
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                رستي ۾ مون
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                کي
                                
                                
                                گهٽ وڌ
                                
                                
                                ڳالهيو،
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                ماٺڙي ڪري سڀ
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ٻڌندو
                                
                                
                                رهيو. اڃا
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                بس ڪئي ته
                                
                                
                                ڌوڙيا
                                
                                
                                لائي
                                
                                ڏنائين:
                                
                                
                                ”مان
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                به
                                
                                
                                رياڪاري، رواداري
                                
                                
                                برداشت ڪرڻ وارو
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آهيان، هن
                                
                                
                                گيديءَ جيڪا 
                                .... 
                                
                                مرائي سا
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                گوارا نه
                                
                                
                                ڪئي،
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                اربع خطا
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پئي.
                                
                                
                                ماڻهو دنيا
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                دوکو 
                                ڏيندا ٿا رهن
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                ياريءَ باشيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                به
                                
                                
                                اهي 
                                ..... 
                                پيون
                                
                                
                                هلن.“ 
                                        
                                
                                هن
                                
                                
                                جا اهي
                                
                                
                                ڪارناما
                                
                                
                                رڳو
                                
                                
                                ايستائين 
                                ڪونه هيا.
                                
                                
                                پنهنجيءَ تي
                                
                                
                                اچڻ
                                
                                کان
                                
                                
                                پوءِ وڏ
                                
                                
                                وڏيرن کي بدست
                                
                                
                                سُريون 
                                ٻڌائي 
                                ڇڏيندو هيو.
                                
                                
                                اتفاق سان
                                
                                
                                ايوب
                                
                                کهڙي
                                
                                
                                وٽ کيس ڪا نوڪري
                                
                                
                                ملي.
                                
                                ڪنهن
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                نيرن تي
                                
                                
                                اچي
                                
                                ڪروڌ
                                
                                ڪيائين
                                
                                
                                ته 
                                ”مون کي به
                                
                                
                                روز
                                
                                ٻه
                                
                                
                                آنا 
                                (بيدا) 
                                کپن. ٻي صوت
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                نيرن
                                
                                
                                ته رهي
                                
                                
                                پنهنجي ماڳ،
                                
                                
                                نوڪري به
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                ڪندس.
                                
                                
                                بورچي سمجهايس:
                                
                                
                                خانبهادر 
                                کهڙو خير
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                پاڻ به
                                
                                
                                هڪڙي
                                
                                
                                آني تي
                                
                                
                                گذر
                                
                                
                                پيو 
                                ڪري، تون
                                
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                باغ
                                
                                
                                جي موري
                                
                                
                                آهين
                                
                                
                                جو ايڏا
                                
                                
                                انگل
                                
                                
                                پيو 
                                ڪرين.“ 
                                        
                                
                                اُتي
                                
                                
                                ئي چئي
                                
                                
                                ڏنائين:
                                
                                
                                ”ته
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                مون غريب
                                
                                
                                وارو
                                
                                
                                آنو به
                                
                                
                                وڃي
                                
                                کيس
                                
                                ڏيو
                                
                                
                                ته 
                                کائي خوش
                                
                                
                                ٿئي.“
                                
                                
                                آخر
                                
                                
                                انهيءَ آڙ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                استعيفا ڏئي 
                                ڇڏيائين. 
                                        
                                
                                هي
                                
                                
                                هيا اسان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                چرئي 
                                کرئي حفيظ
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                ارڪان. ٻي پاسي
                                
                                
                                حالت
                                
                                
                                اها آهي
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪيترا
                                
                                
                                سياڻا، سڄا،
                                
                                
                                قوم
                                
                                
                                جي 
                                ڪنهن 
                                ڄائيءَ کي نياڻي
                                
                                
                                ڪوٺي
                                
                                
                                پرپٺ
                                
                                
                                مٿس 
                                ”مٺڙي“ جو
                                
                                
                                نالو
                                
                                ڌري
                                
                                
                                جنسي علت
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پورائي 
                                ڪندا رهن
                                
                                
                                ٿا.
                                
                                
                                ڪي
                                
                                
                                ڏاها
                                
                                
                                ڏائڻ
                                
                                
                                وري
                                
                                ڊراڪولا
                                
                                
                                وانگي 
                                ڊرامائي انداز
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پنهنجون پرايون
                                
                                
                                ڇوريون
                                
                                
                                کاري،
                                
                                
                                پنهنجي منهن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                دانگي گهمائيندا
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                وتن.
                                
                                
                                سنڌ جا
                                
                                
                                راڻا
                                
                                ٻڌا
                                
                                
                                هياسين، راوڻ
                                
                                
                                اجهو
                                
                                
                                هاڻ 
                                ڏسڻا پيا. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                ترقي پسند
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                هن رجعت
                                
                                
                                پرست
                                
                                
                                طبقي جي
                                
                                
                                حڪومت جي
                                
                                
                                ملازمت ته
                                
                                
                                برابر 
                                ڪئي، ليڪن
                                
                                
                                نوڪري پڪي
                                
                                
                                ڪرائڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                پاڻ کي اهڙو
                                
                                
                                ننگو
                                
                                
                                يا نانگو
                                
                                
                                نه
                                
                                ڪيائين
                                
                                
                                جو سنڌي
                                
                                
                                ٻوليءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سڄڻ سڏائي،
                                
                                
                                پڇاڙي ۾ وڃي
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                جي موت
                                
                                
                                واري
                                
                                
                                عهدنامي تي
                                
                                
                                پنهنجي بي ضميريءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                مُهر هڻي،
                                
                                
                                قوم
                                
                                
                                سان ڪچو ۽ 
                                ڪوڙو ثابت
                                
                                
                                ٿئي
                                
                                
                                ها.
                                
                                
                                پاڻ فيملي
                                
                                
                                پلاننگ جو
                                
                                
                                اهم
                                
                                
                                آفيسر هو،
                                
                                
                                ڄم
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                روڪ وجهڻ
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                جيڪي سرڪاري
                                
                                
                                حيلا
                                
                                
                                وسيلا هئا،
                                
                                
                                تن
                                
                                
                                جي پوائواري
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                بيشڪ 
                                ڪندو رهيو
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                سنڌ جي
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                قومي، تعليمي
                                
                                
                                اداري تي
                                
                                
                                ڌاڪو
                                
                                
                                ڄمائي
                                
                                
                                قوم
                                
                                
                                جي نئين
                                
                                
                                پراڻي نسل
                                
                                
                                سان
                                
                                ڪو
                                
                                
                                ازلي وير
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                پاڙيائين. حفيظ
                                
                                
                                مذهب
                                
                                
                                جو باغي
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                مونکي ان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                بغاوت تي
                                
                                
                                فخر
                                
                                
                                آهي، 
                                ڇاڪاڻ ته
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                بغاوت ۾ به
                                
                                
                                صداقت هئي.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                منافقن وانگي
                                
                                
                                بنا
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                وضوءَ جي
                                
                                
                                نمائشي نمازون
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                پڙهيون، نه
                                
                                
                                دين
                                
                                ڌڊرم
                                
                                
                                خلاف بدشد
                                
                                
                                ڳالهائي،
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                اچڻ تي
                                
                                
                                دين
                                
                                
                                پرستن اڳيان
                                
                                
                                گوڏا
                                
                                کوڙي
                                
                                
                                گند 
                                ڪيائين ته
                                
                                
                                مون
                                
                                ڪالهه
                                
                                
                                تائين جيڪا
                                
                                
                                جک
                                
                                
                                ماري، تنهن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                تو بهه هتائب
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                چڪو
                                
                                
                                آهيان. مون
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                يرحم ڪيو وڃي،
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                آدي بنيادي
                                
                                
                                مسلمان ۽ 
                                ٻچڙيوال آهيان.
                                
                                
                                رڳو
                                
                                
                                مسيت 
                                ٺهرائڻ جي
                                
                                
                                مهلت
                                
                                
                                ملي. 
                                        
                                
                                آءُ
                                
                                
                                پڇان ٿو ته
                                
                                
                                اهڙن
                                
                                
                                چوبازن کان حفيظ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ماڻهپي 
                                ڀريو مڙهه
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                ڪين
                                
                                
                                جهڙو ليکجڻ
                                
                                
                                کپي؟
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                به ناهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                حفيظ هروڀرو
                                
                                
                                ستي
                                
                                
                                جتي هيو.
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                جي عقيدت
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                قبر تي
                                
                                
                                قبو
                                
                                
                                اڏايو وڃي.
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                اڪثر چوندو
                                
                                
                                هيو
                                
                                
                                ته اسان
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                انڌي ۽ اڌيڪي
                                
                                
                                جاگيرداري، سرمايه
                                
                                
                                داري
                                
                                
                                نظام ۾ 
                                ڄاوا نپنا
                                
                                
                                آهيون، تنهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پرهيزگاري ۽ پاڪبازي
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                معنيٰ نٿي
                                
                                
                                رکي.
                                
                                
                                توئي ته
                                
                                
                                شاهه
                                
                                
                                لطيف جو
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                بيت 
                                ٻڌايو هو: 
                                پيو
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                پاتار، سوڪينءَ
                                
                                
                                پسڻ
                                
                                کان
                                
                                
                                پالهو رهي، 
                                سالڪ
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                سيکار، ڪو پاند
                                
                                
                                انهيءَ پار
                                
                                
                                جو. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                هن جهان
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪيئي
                                
                                
                                ڪبيرا
                                
                                
                                گناهه ڪيا هوندا.
                                
                                
                                هر
                                
                                
                                گناهه 
                                ڀيري پاڻ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                بيوس
                                
                                ڀانيو
                                
                                
                                هوندائين ته
                                
                                
                                به
                                
                                
                                هن جو
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                تي ايڏو
                                
                                
                                وس
                                
                                
                                ضرور هيو،
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                به قوم
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ضمير
                                
                                
                                جي 
                                ڪنهن جرم
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                جرئت نه
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                هوندائين. اها
                                
                                
                                شاهدي خدا
                                
                                
                                لڳ
                                
                                
                                آءُ به
                                
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                سگهان ٿو. 
                                        
                                
                                منهنجي ساڻس
                                
                                
                                سنگت
                                
                                0 5 9 1ع
                                
                                کان
                                
                                
                                شروع ٿي. شڪارپور
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                بشير
                                
                                
                                مورياڻي اسان
                                
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ملاقات 
                                ڪرائي. سکر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                شيام
                                
                                ۽
                                
                                
                                مقبول صديقيءَ
                                
                                
                                اسان
                                
                                کي
                                
                                
                                پاڻ ۾ ويڙهايو،
                                
                                
                                ڪراچيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ربانيءَ ۽ رشيد
                                
                                
                                ڀٽي
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                جي ياري
                                
                                
                                ڪي
                                
                                
                                ڪرائي،
                                
                                
                                حيدرآباد ۾ حميد
                                
                                
                                سنڌي
                                
                                ۽
                                
                                
                                جمال رند
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                جا رقيب
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پيا،
                                
                                
                                ائين گهارين
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                پار پوندي
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                جي دوستي
                                
                                
                                گهاٽي ٿي وئي. 
                                        
                                
                                عبدالحق عالماڻي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                خاندان سان
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي مٽي
                                
                                
                                مائٽي هئي.
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                رشتي
                                
                                کان
                                
                                
                                وڌيڪ ادبي
                                
                                
                                ناتي
                                
                                ۾
                                
                                
                                هڪ ٻئي سان
                                
                                
                                ڳنڍيا
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                آيا.
                                
                                
                                دنياداري حفيظ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                ڪا
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                هئي. وڏن
                                
                                
                                ماڻهن کي سلاماليڪم
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                حد تائين
                                
                                
                                دوست
                                
                                ڪري
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ليکيائين. غريبن
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                هر حالت
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                خلوص وقف
                                
                                
                                هيو،
                                
                                
                                انهي اعتماد
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                ته اهي
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                انسان کي خدا
                                
                                
                                تائين رسائڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ريت 
                                ڄاڻن ٿا. 
                                        
                                
                                نيڪي
                                
                                
                                بديءَ جي
                                
                                
                                ڳولا
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                عجيب غريب
                                
                                
                                ماڻهن سان
                                
                                
                                لاڳاپو رکندو
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                آيو،
                                
                                
                                هڪ پاسي
                                
                                
                                چڱ
                                
                                
                                چڱيرن سان
                                
                                
                                سنگت
                                
                                
                                ته ٻي پاسي
                                
                                
                                ميرن
                                
                                
                                مندن سان
                                
                                
                                به
                                
                                
                                سندس رستو
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                خيرپور ۾ تنوير
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                ياري جدا
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                موالين سان
                                
                                
                                به
                                
                                
                                چوبازي. سانگهڙ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                سليمان سان
                                
                                
                                به
                                
                                
                                سنمک ته
                                
                                
                                هڪڙي
                                
                                
                                جُٽِ جهان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سان به
                                
                                
                                جُٽ 
                                .. 
                                
                                مونکي ته
                                
                                
                                ان
                                
                                
                                ماڻهوءَ جا
                                
                                
                                پنهنجي خرچ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                ورتل خيراتي
                                
                                
                                ڪتاب
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                اهڙيون 
                                ڪتڙيون جاڳيون
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                تهه سياري
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                به
                                
                                ڪمرو
                                
                                ڇڏي
                                
                                
                                ورانڊي ۾ وڃي
                                
                                
                                جبل
                                
                                
                                جيڏي رات
                                
                                
                                گذاريم. جيڪب
                                
                                
                                آباد
                                
                                ۾
                                
                                ڊاڪٽر
                                
                                
                                انور به
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جو يار
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هڪ نامي
                                
                                
                                گرامي 
                                ڌاڙيل به
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                دوست. اهڙيءَ
                                
                                
                                طرح
                                
                                
                                حيدرآباد ۾ به
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                حال ته
                                
                                
                                ڪراچيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ساڳيا 
                                ڪرتوت_ رحيم
                                
                                
                                يار
                                
                                
                                خان ۾ ته
                                
                                
                                اهڙا
                                
                                ڪم
                                
                                ڪري
                                
                                ڇڏيائين
                                
                                
                                جو وڃي
                                
                                
                                ٿا
                                
                                
                                خير! 
                                        
                                
                                اي
                                
                                
                                پي پي
                                
                                
                                وارو
                                
                                
                                زماني ۾ هي
                                
                                
                                لاهور جي
                                
                                
                                سنت
                                
                                
                                نگر ۾ رهندو
                                
                                
                                هجي.
                                
                                
                                مان اتي
                                
                                
                                ويم
                                
                                
                                ته پهرين
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                عبدالحق عالماڻي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                وڏي 
                                ڀاءُ حسن
                                
                                
                                عالماڻي سان
                                
                                
                                ملائڻ وٺي
                                
                                
                                ويو،
                                
                                
                                جو تڏهن
                                
                                
                                واپڊا ۾ هيو.
                                
                                
                                عالماڻي صاحب سان
                                
                                
                                ملي
                                
                                
                                سندس علم،
                                
                                
                                مطالعي ۽ سهڻي
                                
                                
                                سڀاءُ جي
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                سرهائي 
                                ٿيم. اوپري
                                
                                
                                ماحول ۾ اهي
                                
                                
                                پنهنجائپ واريون
                                
                                
                                گهڙيون 
                                ڏاڍيون سٺيون
                                
                                
                                گذريون. مونکي
                                
                                
                                پاڪستان رائٽرز
                                
                                
                                گلڊ
                                
                                
                                جي ميٽنگ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                شريڪ
                                
                                ٿيڻو
                                
                                
                                هيو. اتان
                                
                                
                                واندو ٿيس ته
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                حفيظ جي
                                
                                
                                حوالي. اول
                                
                                
                                ڪن
                                
                                
                                اديبن سان
                                
                                
                                ملايائين، 
                                ڏاڍي خوشي
                                
                                
                                ٿي.
                                
                                
                                ٻي
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                انارڪلي جي
                                
                                
                                مقبري 
                                ڏانهن وٺي
                                
                                
                                هليو، جيڪو
                                
                                
                                سنت
                                
                                
                                نگر جي
                                
                                
                                ڀر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هيو.
                                
                                
                                واٽ تي
                                
                                
                                هڪڙو
                                
                                
                                چرسي مليس.
                                
                                
                                مونکي چيائين
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جو آواز
                                
                                
                                اهڙو
                                
                                
                                سريلو آهي
                                
                                
                                جو
                                
                                ٻڌندين
                                
                                
                                ته سهگل
                                
                                
                                وسري
                                
                                
                                ويندءِ. 
                                ٿورو وزم
                                
                                
                                هڻي
                                
                                
                                مچي ته
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                مزو 
                                ڏسجانءِ. هن
                                
                                
                                بي
                                
                                
                                سُري بادشاهه
                                
                                
                                پهريون 
                                کٽراڳ شروع
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مون حفيظ
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                نهاري نڪ
                                
                                
                                ڇنڊيو،
                                
                                
                                احفيط پنجابيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                تي زور
                                
                                
                                ڀريو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اهو نه
                                
                                
                                فلاڻو گانو
                                
                                
                                ٻڌاءِ.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                اڃا فلاڻي
                                
                                
                                گائي
                                
                                
                                لاءِ ريلوي
                                
                                
                                ڦاٽڪ
                                
                                
                                جيڏو
                                
                                
                                وات 
                                کوليو ته
                                
                                
                                پريان بئنچ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                ويٺل ٻه 
                                آيائون 
                                ٻارن جا
                                
                                
                                گاڏڙا گهلي
                                
                                
                                وٺي
                                
                                ڀڳيون_
                                
                                
                                حفيظ گاني
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اهڙو
                                
                                
                                چور، ڄڻ چؤ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هالن جي
                                
                                
                                هندوري ۾ پيو
                                
                                
                                لڏي! 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                پنهنجي حياتيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                عارضي عيش
                                
                                
                                به
                                
                                ڪيا
                                
                                
                                ته حقيقي
                                
                                
                                ڏک
                                
                                
                                به
                                
                                ڏٺائين.
                                
                                
                                جيڪي کيس انسان
                                
                                
                                دوستي، اصول
                                
                                
                                پرستيءَ ۽ ترقي
                                
                                
                                پرستيءَ جي
                                
                                
                                دعويدارن کان مليا.
                                
                                
                                هنن
                                
                                
                                هٿ 
                                ٺوڪين ادبي
                                
                                
                                وڏيرن، پراون
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                پڄڻ جي
                                
                                
                                ڀيڻي
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                وٺي
                                
                                
                                ته پنهنجن
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                وير
                                
                                
                                وٺي _ 
                                ڪيترن کي حفيظ
                                
                                
                                شيخ
                                
                                
                                بڻائي 
                                ڇڏيائون. پڇاڙيءَ
                                
                                
                                کين
                                
                                
                                هر
                                
                                ڪا
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                آڏو آئي.
                                
                                
                                تڏهن
                                
                                
                                به اڳي
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳرا_ حفيظ
                                
                                
                                جو
                                
                                ڏوهه
                                
                                
                                سندس سادگي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                سچائي هئي.
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                جي مخالفن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                بوءِ
                                
                                
                                بڻس به
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سُجهي. ليڪن
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                انهن گهاون
                                
                                
                                هوندي به
                                
                                
                                يارن
                                
                                
                                سان يار
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                گهاريندو هيو. 
                                        
                                
                                پوئين زندگيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                ڏاڍو
                                
                                
                                پئسو ميڙيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مون کيس اڳين
                                
                                
                                زندگيءَ واريون
                                
                                
                                ڳالهيون
                                
                                
                                ياد
                                
                                ڏياريون.
                                
                                
                                اسان رٿيو
                                
                                
                                هيوسين ته
                                
                                
                                پئجسي اچڻ
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                زمين
                                
                                
                                جو 
                                ٽڪرو خريد
                                
                                
                                ڪري،
                                
                                
                                فارم
                                
                                کولي
                                
                                
                                ان کي آشرم
                                
                                
                                طور
                                
                                
                                هلائينداسين. ان
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                سکر جي
                                
                                
                                ٻاهران
                                
                                
                                پيل
                                
                                
                                پنهنجي زمين
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                آبادي شروع
                                
                                
                                ڪرايائين،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                اها جاءِ
                                
                                
                                مناسب نه
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                عبدالحق عالماڻي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ارادو هيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                حيدرآباد جي
                                
                                
                                ڀرپاسي
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                مناسب هنڌ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                ان جو
                                
                                
                                بنياد رکيووڃي
                                
                                
                                جيئن
                                
                                
                                اچ وڃ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                آب
                                
                                
                                هوا جي
                                
                                
                                سهولت جي
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ماڻهن کي ڪا 
                                ڏکيائي نه
                                
                                
                                ٿئي. 
                                        
                                
                                اسان
                                
                                
                                سوچ ڪئي هئي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهيءَ آشرم
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                صبح جو روزانو شاهه
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪلام
                                
                                
                                تي درس
                                
                                
                                ڏيڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                انتظام ڪيو ويندو.
                                
                                
                                منجهند جو
                                
                                
                                ننڍيون وڏيون
                                
                                
                                علمي
                                
                                
                                ادبي 
                                ڪچهريون ته
                                
                                
                                رات
                                
                                
                                جو لکڻ
                                
                                
                                پڙهڻ
                                
                                
                                جو ڪم هلندو
                                
                                
                                رهندو. مهيني
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ٻه
                                
                                
                                دفعا راڳ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                پروگرام ۽ سال
                                
                                
                                ڇهين
                                
                                
                                مهيني وڏي
                                
                                
                                پيماني تي
                                
                                
                                ڪانفرنسون
                                
                                
                                ڪوٺايون
                                
                                
                                وينديون. ساڳي
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                ماڻهن کي پنهنجي
                                
                                
                                روزگار جي
                                
                                
                                پورائي لاءِ
                                
                                
                                ڪڪڙين،
                                
                                
                                مڇين
                                
                                ۽
                                
                                
                                چوپائي مال
                                
                                
                                پالڻ
                                
                                
                                جي تربيت
                                
                                
                                ڏياري
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                هنڌن
                                
                                
                                تي آشرم
                                
                                
                                کولائڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                همٿايو ويندو. 
                                        
                                
                                ان
                                
                                
                                خير جي
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                اسان 
                                ٽنهي جون
                                
                                
                                ڪوششون
                                
                                
                                جاري
                                
                                
                                رهنديون آيون.
                                
                                
                                ڪيترن
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                دوستن کي به
                                
                                
                                هم
                                
                                
                                خيال بنائي
                                
                                
                                ڇڏيوسين،
                                
                                
                                جن
                                
                                کان
                                
                                
                                مختلف قسمن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                مدد جو
                                
                                
                                آسرو
                                
                                
                                ملندو رهيو.
                                
                                
                                انهي
                                
                                
                                طريقي سان
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                عملي طرح
                                
                                
                                ماڻهن ۾ ذهني
                                
                                
                                بيداري ۽ خود
                                
                                
                                اعتمادي پيدا
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                چاهي. اسان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پوري
                                
                                ڄاڻ
                                
                                
                                هئي ته
                                
                                
                                پنهنجي ماڻهن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                اڳتي
                                
                                
                                آڻڻ لاءِ
                                
                                
                                اهڙيون ئي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                تدبيرون 
                                ڪارگر ٿي سگهن
                                
                                
                                ٿيون.
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                جا ماڻهو
                                
                                
                                محض
                                
                                
                                ان ڪري پٺتي
                                
                                
                                پيل
                                
                                
                                آهن جو
                                
                                
                                انهن
                                
                                کي
                                
                                ڪيترن
                                
                                
                                لوڀين 
                                ٺوڳين سياسي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ذاتي
                                
                                
                                مفاد جو
                                
                                
                                شڪار
                                
                                
                                بڻائي پنهنجا
                                
                                
                                مطلب
                                
                                
                                پورا 
                                ڪري، ڪين جهڙو
                                
                                
                                بنائي 
                                ڇڏيو آهي. 
                                        
                                
                                جيتري قدر
                                
                                
                                شاهه
                                
                                
                                جي شاعري
                                
                                
                                سمجهڻ جو
                                
                                
                                تعلق
                                
                                
                                آهي، هيل
                                
                                
                                تائين ان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ماڻهن جي
                                
                                
                                ذهن
                                
                                
                                تائين پهچائڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                خاص 
                                ڪوشش ٿيل 
                                ڪانه 
                                ڏسي، ان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                باقاعدي درس
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                صورت ۾ رائج
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                رٿا هئي،
                                
                                
                                جيئن
                                
                                
                                ماڻهن ۾ خودشناسيءَ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مادو پيدا
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سگهي_ انهيءَ
                                
                                
                                اصول
                                
                                
                                مطابق اسان
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                گهڻو 
                                ڪجهه سوچيو
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                پر قدرت
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                منظور هيو.
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                اڃا محنتون
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                کوئڙي
                                
                                
                                ٺاهيون
                                
                                
                                پيا
                                
                                
                                ته 
                                ڪنهن نه
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                ڌڪي
                                
                                
                                ٿاٻي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اها
                                
                                کوڙي
                                
                                ڊهي
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پئي ۽ اسان
                                
                                
                                جيستائين ڪا ٻي ڳڻ 
                                ڪريون، تنهن
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                اڳ
                                
                                ڪانه
                                
                                ڪا
                                
                                
                                مصيبت آڏو
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                آئي.
                                
                                
                                آخرڪار اهڙي
                                
                                
                                هوا 
                                
                                گهلي
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                سڀ 
                                ڪجهه ڍير ٿي ويو. 
                                        
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                سان ملاقات
                                
                                
                                اهڙي
                                
                                
                                نموني ٿي جو،
                                
                                
                                الائي ڇو دل
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                پئي وسهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اسان 
                                ٻيهر 
                                ڪونه ملي
                                
                                
                                سگهنداسون. هو
                                
                                
                                اُٿڻ
                                
                                
                                تي آءُ
                                
                                
                                ويهارڻ تي.
                                
                                
                                خيرپور پري
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آهي. ترس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سهي_ ايڏن
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                آيو
                                
                                
                                آهين، تڏهين
                                
                                
                                به
                                
                                
                                تڪڙ.! هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پنهنجي اُڻ
                                
                                
                                تُڻ،
                                
                                
                                مون 
                                
                                
                                کي پنهنجي
                                
                                
                                اوراکورا: 
                                        
                                
                                دم
                                
                                
                                آخر است
                                
                                
                                عفي
                                
                                
                                به رخش
                                
                                
                                نظاره اي
                                
                                
                                ڪُن 
                                        
                                
                                ڪ
                                
                                
                                اميد
                                
                                
                                باز گشتن،
                                
                                
                                ڪس
                                
                                
                                ازين
                                
                                
                                سفرد ندارد 
                                        
                                
                                ”پڇاڙيءَ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                گهڙي آهي
                                
                                
                                يار
                                
                                
                                جو منهن
                                
                                
                                ڏسڻو اٿئي ڏسي
                                
                                
                                وٺ.
                                
                                ڇو
                                
                                
                                ته هي
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                سفر تي
                                
                                
                                وڃڻ
                                
                                
                                وارو آهي،
                                
                                
                                اتان
                                
                                
                                واپس اچڻ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اميد ئي
                                
                                
                                ڪانهي.“ 
                                
                                3 نومبر
                                
                                
                                1971ع
                                
                                
                                تي منهنجي
                                
                                
                                آفيس
                                
                                
                                آيو، ميري
                                
                                
                                سٿڻ،
                                
                                
                                ميري بشرٽ،
                                
                                
                                ڏاڙهي
                                
                                
                                وڌيل_ اچڻ
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                پاڻي جو
                                
                                
                                گلاس
                                
                                
                                گهريائين. پنج
                                
                                
                                منٽ
                                
                                
                                مس گذريا
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اُٿيو، ٻي گهٽيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ربانيءَ جي
                                
                                
                                آفيس
                                
                                
                                هجي، مٿي
                                
                                
                                چڙهي
                                
                                
                                ربانيءَ کي سڏ
                                
                                
                                ڪيائين.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                دريءَ کان منهن
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                منٽ
                                
                                
                                ويهڻ لاءِ
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                چار منٽ
                                
                                
                                به
                                
                                
                                نه ٿيا ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                هلڻ جي
                                
                                
                                ڪئي.
                                
                                
                                ٻئي
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                پاڻ واري
                                
                                
                                آفيس
                                
                                
                                جي هيٺان
                                
                                
                                بيهي
                                
                                ڳالهائڻ
                                
                                
                                لڳاسين، ڇا 
                                ڳالهايوسين؟ اها
                                
                                
                                ڪَل
                                
                                
                                ڪال
                                
                                
                                ڪريم
                                
                                
                                کي.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                کي
                                
                                ڳل
                                
                                
                                تي چمي
                                
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                رستي
                                
                                
                                جي پرينءَ
                                
                                
                                ڀر
                                
                                
                                بيٺل
                                
                                
                                سرڪاري جيپ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                چڙهي، پوئين
                                
                                
                                سلام
                                
                                
                                سان ويندو
                                
                                
                                رهيو. 
                                
                                (اٺين
                                
                                ڏينهن
                                
                                9نومبر
                                
                                
                                1971ع)
                                
                                
                                منجهند جو
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                ستو پيو
                                
                                
                                هيس
                                
                                
                                ته رباني
                                
                                
                                آيو.
                                
                                
                                اڃا مون
                                
                                
                                منهن
                                
                                
                                ئي نه
                                
                                
                                ڌوتو
                                
                                
                                ته،
                                
                                
                                حفيظ جي
                                
                                
                                موت
                                
                                
                                جي خبر
                                
                                
                                ٻڌايائين،
                                
                                
                                منهنجا ته
                                
                                
                                ڇيهه
                                
                                
                                ئي
                                
                                ڇڄي
                                
                                
                                پيا. رباني
                                
                                
                                دير
                                
                                
                                تائين ويهي
                                
                                
                                هليو ويو ته
                                
                                
                                عبدالحق عالماڻي
                                
                                
                                آيو،
                                
                                ٻنهي
                                
                                کي
                                
                                
                                خبر هئي
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪهڙو
                                
                                ڪلور
                                
                                ٿي
                                
                                
                                چڪو آهي.
                                
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                پاسي
                                
                                ڳوڙهن
                                
                                ڀريون
                                
                                ڳالهيون،
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                پاسي حفيظ
                                
                                
                                شيخ،
                                
                                
                                اخبارن لاءِ
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جو فوٽو
                                
                                
                                ڳولڻ
                                
                                
                                لڳس
                                
                                
                                ته، سندس
                                
                                
                                پراڻو خط
                                
                                
                                هٿ
                                
                                
                                آيو، جو71جنوريءَ
                                
                                
                                1959 
                                
                                ع
                                
                                
                                تي مونکي
                                
                                
                                لکيو
                                
                                
                                هيائين: 
                                        
                                
                                پيارا! 
                                        
                                
                                تو
                                
                                
                                چوٿاڙ پنو
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ٿلها
                                
                                
                                ٿلها
                                
                                
                                چار
                                
                                
                                اکر لکي
                                
                                
                                موڪليا آهن.
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                چئوڻو پنو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                چئوڻو ئي
                                
                                
                                احوال پيو
                                
                                
                                موڪليانءِ، ڀلا هي
                                
                                
                                به
                                
                                ڪي
                                
                                
                                خط آهن،
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                تون ۽ اسان
                                
                                
                                هڪ
                                
                                ٻي
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                پيا لکون؟ 
                                        
                                
                                روح
                                
                                
                                جا نارا
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                ٺري
                                
                                
                                برف ٿيو وڃن
                                
                                
                                ته،
                                
                                
                                وهڪ بيهجيو
                                
                                
                                وڃي،
                                
                                
                                نه ميار
                                
                                
                                توتي
                                
                                
                                نه ميار
                                
                                
                                مونتي! 
                                        
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                توسان اوح
                                
                                
                                رهاڻ
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                تي دل
                                
                                
                                ٿيندي
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                پر ڇا 
                                ڪجي؟ تون
                                
                                
                                پڻ مون جئين
                                
                                
                                موڊ
                                
                                
                                نه موڊ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                قائل. سو
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                تون سرچين
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                مان پرچان_
                                
                                
                                خط
                                
                                
                                لکندو رهندو
                                
                                
                                ڪر.
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                نه
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                هانءُ ريلو
                                
                                
                                ڏيندو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                وهي پونداسين،
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                اٿنداسين. 
                                تنهنجو
                                
                                
                                حفيظ 
                                
                                8 
                                 ڌني
                                
                                
                                رام
                                
                                
                                بلڊنگ رام
                                
                                
                                باغ
                                
                                
                                روڊ 
                                ڪراچي. 
                                حفيظ
                                
                                
                                وسارڻ جهڙو
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                هيو،
                                
                                
                                اسان ان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                وساري ويٺاسين.
                                
                                
                                نئين ٽهيءَ سان
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هن جي
                                
                                
                                ايتري ڏيٺ ويٺ
                                
                                
                                هئي
                                
                                ڪانه.
                                
                                
                                اسان مان
                                
                                
                                به
                                
                                
                                رڳو عبدالحق
                                
                                
                                عالماڻي حفيظ
                                
                                
                                تي
                                
                                ٿورو
                                
                                
                                گهڻو لکي
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                تان ميار
                                
                                
                                لاهي
                                
                                
                                ويو. ويجهڙائيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                بيدل
                                
                                
                                مسرور به
                                
                                
                                چڱو
                                
                                
                                پاڻ ملهايو،
                                
                                
                                باقي
                                
                                
                                اسان مان
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                عذر
                                
                                
                                خواهيءَ جا
                                
                                
                                چار
                                
                                
                                اکر چئي
                                
                                
                                چپ
                                
                                ڪري
                                
                                
                                ويهي رهياسين. |