| 
                                  
                                
                                تاثر 
                                عبدالحق
                                
                                
                                عالماڻي 
                                عبدالقادر
                                
                                
                                صديقي 
                                
                                ۽ مدد
                                
                                
                                علي
                                
                                
                                سنڌي 
                                  
                                  
                                عبدالحق
                                
                                
                                عالماڻي 
                                  
                                
                                
                                پن
                                
                                
                                ٻوڙين
                                
                                
                                پاتال
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                پاهڻ
                                
                                
                                تارين
                                
                                
                                تو 
                                  
                                        
                                
                                اڄ
                                
                                کان
                                
                                ڏهاڪو
                                
                                کن
                                
                                
                                سال اڳ،
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                حفيظ شيخ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                مٿئين عنوان
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                لکيل 
                                ڪهاڻي پڙهي
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                الاجي ڇو انهيءَ
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                سندس 
                                ڪهاڻيءَ جي
                                
                                
                                پڇاڙيءَ واريون
                                
                                
                                سٽون
                                
                                
                                منهنجي ذهن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                نقش ٿي ويون
                                
                                
                                هيون. هو
                                
                                
                                لکي
                                
                                ٿو:
                                
                                
                                ”آئون
                                
                                
                                آهستي آهستي
                                
                                
                                انهيءَ قطار
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پويان وڃي
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                آهيان، پري
                                
                                
                                تمام
                                
                                
                                پري، 
                                ڪنهن نوران
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تلاش ۾؛ شايد
                                
                                
                                وري
                                
                                ٻين
                                
                                
                                پنن کي 
                                ٻڏندو ڏسڻ ۽ ٻين پهڻن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ترندو ڏسڻ لاءِ!“ 
                                        
                                
                                ماضي
                                
                                
                                جي جهروڪن
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                اڄ وري
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                لکيل اهي
                                
                                
                                سٽون
                                
                                
                                جيءَ ۾ جهاتيون
                                
                                
                                پائي
                                
                                
                                رهيون اٿم.
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                پيولڳيم، ڄڻ سندس
                                
                                
                                لکيل
                                
                                
                                لفظ حياتيءَ
                                
                                
                                جي ماڻ ۾ ڀرجي، ڪنهن اڻ ڏني اجهاڳ ساگر ۾ اوتجي 
                                ويا آهن. شايد ڪنهن ڪهاڻي جي 
                                
                                 تلاش
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                شايد
                                
                                
                                وري پنن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ٻڏندو
                                
                                
                                ڏسڻ
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پهڻن
                                
                                کي
                                
                                
                                ترندو ڏسڻ لاءِ،
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                هاڻي حياتي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                مومل کان رسي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                آهي. هو
                                
                                
                                سڀني
                                
                                
                                رشتن جون
                                
                                
                                حدون
                                
                                
                                اورانگي اهڙي
                                
                                
                                پار
                                
                                
                                هليو ويو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                جتي وقت
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڪائي
                                
                                
                                معنيٰ نه
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                جتي زندگي
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪو
                                
                                
                                به واسطو
                                
                                
                                ڪونهي.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                هڪ اهڙي
                                
                                
                                ماڳ
                                
                                ڀيڙو
                                
                                
                                وڃي ٿيو آهي،
                                
                                
                                جتي
                                
                                
                                نه مُرڪون
                                
                                
                                آهن،
                                
                                
                                نه ماڻان.
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                خوشي آهي،
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                غم. جذبن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                احساسن، امنگن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ارمانن کان خالي
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                اهڙو پولار،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                لاءِ سوچ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                هر روپ
                                
                                
                                ڪائي
                                
                                
                                معنيٰ نه
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                رکي.
                                
                                
                                ليڪن لڳي
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهيءَ 
                                
                                
                                اڻ
                                
                                ڏٺي
                                
                                ڏيهه
                                
                                کي
                                
                                
                                به، حفيظ
                                
                                
                                ڪائي
                                
                                
                                معنيٰ ضرور
                                
                                
                                ڏيندو،
                                
                                
                                هو
                                
                                ٽٽل
                                
                                
                                رشتن کي 
                                ڳنڍي 
                                ڄاڻي. هو
                                
                                
                                جذبن
                                
                                ۽
                                
                                
                                احساسن کي جنم
                                
                                
                                ڏيئي
                                
                                
                                ڄاڻي.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                فنڪار هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                تخليق سندس
                                
                                
                                عمل
                                
                                
                                هو، تنهنڪري
                                
                                
                                موت
                                
                                
                                سندس لاءِ
                                
                                
                                ڪائي
                                
                                
                                معنيٰ نٿو
                                
                                
                                رکي. 
                                        
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                هو زندگي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                لهرن تي
                                
                                
                                تڙڳندڙ هو،
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                هو وقت
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                پاڇولن ۾ مانجهاندي
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                ماڳ 
                                ڪندو هو،
                                
                                
                                تڏهن
                                
                                
                                آءُ به
                                
                                
                                سندس
                                
                                ڄاتل
                                
                                
                                سڃاتل مهانڊن
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                هوس. حفيظ
                                
                                
                                مائٽي ۾ مون
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ويجهو هو.
                                
                                
                                تنهنڪري سندس
                                
                                
                                جيون
                                
                                کي
                                
                                
                                قريب ڏسڻ جو
                                
                                
                                گهڻو
                                
                                
                                موقعو مليو
                                
                                
                                اٿم.
                                
                                
                                سندس شخصيت
                                
                                
                                مختلف نفسياتي
                                
                                
                                اثرن
                                
                                
                                هيٺ آيل
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                حقيقت ۾ هو
                                
                                
                                انساني روپ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                اهڙو پيوند
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                جنهن کي هڪ
                                
                                
                                سماج
                                
                                
                                مان 
                                ٿڏاري ٻئي سماج
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڳنڍيو
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                هو. سندس
                                
                                
                                والد
                                
                                
                                هندو عالم
                                
                                
                                خاندان مان
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                جنهن پنهنجي
                                
                                
                                سوچ
                                
                                ۽
                                
                                
                                فڪر، جذبن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                احساسن کي هڪ
                                
                                
                                نئين
                                
                                
                                تهذيب ۽ تمدن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                تبديل ڪرڻ چاهيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                نتيجي ۾ هو
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڪٽنب ۽ برادري
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                ڪٽجي،
                                
                                
                                لڳ
                                
                                
                                لاڳاپن کان 
                                ڇڄي، مٽن
                                
                                
                                مائٽن کان ڌار ٿي اهڙي
                                
                                
                                شخصيت ۾ تبديل
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                چڪو
                                
                                
                                هو، جنهن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پڇاڙي ۾ رڳو
                                
                                
                                محروميون ۽ مايوسيون
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                نصيب 
                                ٿيون هيون.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                انهيءَ ماحول
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                جنم
                                
                                
                                ورتو، جتي
                                
                                
                                اردو
                                
                                ٻولي
                                
                                ڳالهائي
                                
                                
                                ويندي هئي.
                                
                                
                                جتي
                                
                                
                                رسمون ۽ رواج
                                
                                
                                حديثن جي
                                
                                
                                شرح
                                
                                ۾
                                
                                ٺهندا
                                
                                
                                هئا. جتي
                                
                                
                                فرض
                                
                                ۽
                                
                                
                                سنت، نفل
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                واجب
                                
                                
                                جي اصولن
                                
                                
                                تي
                                
                                ڪچڙن
                                
                                
                                ذهنن جي
                                
                                
                                پرورش 
                                ٿيندي هئي.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                اهڙو ماحول
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                جتي صرف
                                
                                
                                پابنديون ئي
                                
                                
                                پابنديون هيون.
                                
                                
                                زندگي سڏيو
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو،
                                
                                
                                چند انهن اصولن
                                
                                
                                کي،
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                
                                مڙهيل هئا
                                
                                
                                ٿاڦيل
                                
                                
                                هئا
                                
                                
                                انسانن مٿان.
                                
                                
                                ننڍي
                                
                                
                                هوندي ئي
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي ذهن
                                
                                
                                زندگي جي
                                
                                
                                انهي
                                
                                
                                جڙتو 
                                ڍانچي کي قبول
                                
                                
                                نه
                                
                                ڪيو.
                                
                                
                                هن جو
                                
                                
                                ذهن
                                
                                
                                ته 
                                ڪنهن به
                                
                                
                                پابندي جو
                                
                                
                                قائل
                                
                                
                                نه هو.
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                طبيعت انهيءَ
                                
                                
                                واچوڙي جيان
                                
                                
                                هئي،
                                
                                
                                جنهن ۾ آسپاس
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                شيون، 
                                ڇڪجي جذب
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                لاٽ
                                
                                
                                وانگر فضائن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اڏامن. هن
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                انهن حدبندين
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ٽوڙڻ
                                
                                
                                چاهيو، هن
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                زندگي جي
                                
                                
                                انهيءَ محدود
                                
                                
                                ڍانچي
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                نڪرڻ چاهيو
                                
                                
                                ته
                                
                                کيس
                                
                                
                                محرومي جو
                                
                                
                                احساس ٿيڻ لڳو.
                                
                                
                                شايد
                                
                                
                                سندس پهرين
                                
                                
                                محرومي اها
                                
                                
                                هئي،
                                
                                
                                جو سندس
                                
                                
                                پيءَ
                                
                                
                                جي محبت
                                
                                
                                وارو
                                
                                
                                حصو ونڊجي
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                ڀائرن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ملڻ
                                
                                
                                شروع ٿيو هو.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جڏهن پنهنجي
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                پيءَ کان اهڙو
                                
                                
                                عمل
                                
                                ٿيندي
                                
                                ڏٺو
                                
                                
                                ته سندس
                                
                                
                                حساس
                                
                                
                                ذهن اهڙي
                                
                                
                                ڳري
                                
                                
                                سزا
                                
                                کان
                                
                                ڏنڀجي
                                
                                
                                پيو هو.
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                محرومي جو
                                
                                
                                احساس هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                من ۾ مانڌاڻ
                                
                                
                                وجهي
                                
                                
                                ولوڙيندو رهيو.
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هن پنهنجي
                                
                                
                                شخصيت جي
                                
                                
                                چوڌاري اهڙو
                                
                                
                                ڄار
                                
                                
                                اڻڻ
                                
                                
                                شروع ڪيو هو،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                پناهه وٺي
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                پنهنجي تعمير
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهي. ڪچو ذهن
                                
                                
                                حالتن جي
                                
                                
                                گهاڻي ۾ پيڙجڻ
                                
                                
                                شروع
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو هو.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                گهر جي
                                
                                
                                ماحول کان 
                                ڇرڪڻ لڳو.
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                جي ذهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                سونهن جا
                                
                                
                                سپنا
                                
                                
                                هئا، جنهن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                من ۾ محبت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مهراڻ هو،
                                
                                
                                اتي
                                
                                
                                هن محسوس
                                
                                
                                ڪيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سندس روح
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                ريلا سڪندا
                                
                                
                                پيا
                                
                                
                                وڃن. سندس
                                
                                
                                ذهن
                                
                                
                                جون آرسيون
                                
                                
                                ڌنڌليون
                                
                                
                                ٿينديون
                                
                                
                                پيون
                                
                                
                                وڃن. تڏهن
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                پهريون 
                                ڀيرو پنهنجي
                                
                                
                                ماحول ۾ گهور
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                نهاريو هو.
                                
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                
                                ائين لڳو
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                اجنبي آهي.،
                                
                                
                                ڌاريو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                رشتا ۽ ناتا،
                                
                                
                                سيڻ
                                
                                ۽
                                
                                
                                سڄڻ سڀ
                                
                                
                                ٽٽي
                                
                                
                                چڪا
                                
                                
                                آهن. هو
                                
                                
                                ويڳاڻو ٿي ويو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                ويچارو ٿي پيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                انهيءَ وقت
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                ذهن آويءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پيل
                                
                                
                                زمين وانگر
                                
                                
                                سيڪاٽجي چڪو
                                
                                
                                هو.
                                
                                ڪا
                                
                                
                                تئونس هئي،
                                
                                
                                ڪا
                                
                                
                                اڃ
                                
                                
                                هئي، ڪا لوڇ
                                
                                
                                هئي،
                                
                                
                                جنهن سبب
                                
                                
                                انهيءَ آويءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پيل
                                
                                
                                زمين جهڙي
                                
                                
                                ذهن
                                
                                
                                تي خيالن
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                برساتون اوريڪون
                                
                                
                                بنجي
                                
                                ٽٽي
                                
                                
                                پيون، ويچار
                                
                                
                                وسي
                                
                                
                                وسي جهڪا
                                
                                
                                ٿيا،
                                
                                
                                پور
                                
                                
                                پچي جڏهن
                                
                                
                                راس
                                
                                ٿيا؛
                                
                                
                                تڏهن حفيظ
                                
                                
                                پنهنجي پاڻ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پائي
                                
                                
                                ورتو هو.
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هو رولاڪ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                هو، اجنبي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                هو، 
                                ڌاريو ٿي ويو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                پنهنجي ماحول
                                
                                
                                کان.
                                
                                
                                هن
                                
                                کي
                                
                                
                                پڪ هئي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهيءَ جڙتو
                                
                                
                                ماحول ۾، جنهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جنم ورتو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                اتي زندگي
                                
                                
                                گهٽيل هوندي،
                                
                                
                                جذبن
                                
                                ۽
                                
                                
                                احساسن کي شريعت
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سائميءَ ۾ توريو
                                
                                
                                ويندو، جنهن
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                انسان فرشتو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                بنجي سگهي
                                
                                
                                ٿو،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                انسان نه!
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                ته انسان
                                
                                
                                بنجڻ
                                
                                ٿي
                                
                                
                                چاهيو، صرف
                                
                                
                                انسان؛ جذبن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                احساسن، ويچارن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                خيالن وارو
                                
                                
                                گوشت
                                
                                
                                پوشت جو
                                
                                
                                انسان. هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                زندگي سان
                                
                                
                                محبت
                                
                                
                                هئي، هُن
                                
                                
                                ڌرتي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پنهنجي سپنن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                سجائڻ ٿي گهريو؛
                                
                                
                                هُن
                                
                                
                                آسمان جي
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                پار، انهيءَ
                                
                                
                                دنيا
                                
                                
                                جي تمنا
                                
                                
                                نه
                                
                                ڪئي،
                                
                                
                                جنهن ۾ ساهن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سڳنڌ 
                                ڪانهي، جنهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                احساسن جي
                                
                                
                                اٿل
                                
                                
                                پٿل 
                                ڪانهي، جنهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                غم
                                
                                ۽
                                
                                
                                خوشي جو
                                
                                
                                تصور
                                
                                ڪونهي. 
                                        
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هو منزل
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تلاش ۾ اڳتي
                                
                                
                                نڪري
                                
                                
                                آيو هو.
                                
                                
                                واٽون ويهه
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويون. زندگي
                                
                                
                                حالتن جي
                                
                                
                                رولڙن ۾ ورهائجي
                                
                                
                                ويئي. اڻ
                                
                                
                                سونهان پنڌ.
                                
                                
                                وک،
                                
                                
                                وک تي
                                
                                
                                پراسرار پيچرا؛
                                
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                ته
                                
                                ڀربو
                                
                                
                                من جو
                                
                                
                                ماڻ!
                                
                                
                                انهيءَ بيوسي
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                لاچاري واري
                                
                                
                                دور
                                
                                ۾
                                
                                
                                حفيظ سنڌڙي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سيني ۾ منهن
                                
                                
                                لڪائي، پنهنجي
                                
                                
                                نسل
                                
                                کي
                                
                                
                                پرکي ورتو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                اها عظيم
                                
                                
                                تهذيب ۽ تمدن،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                
                                جون پاڙون
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي ابن
                                
                                
                                ڏاڏن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                جيءَ ۾ جڙيل
                                
                                
                                هيون، هو
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                جون واڳون
                                
                                
                                موڙي
                                
                                
                                اوڏاهن موٽي
                                
                                
                                ويو.
                                
                                
                                تڏهن حفيظ
                                
                                
                                سنڌڙي جي
                                
                                
                                سرزمين ۾ پنهنجي
                                
                                
                                سپنن
                                
                                کي
                                
                                
                                سچو 
                                ٿيندي محسوس
                                
                                
                                ڪيو.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                وري انهيءَ
                                
                                
                                تهذيب جو
                                
                                
                                اوڇڻ
                                
                                ڍڪي
                                
                                
                                هن 
                                ڌرتيءَ جي
                                
                                
                                وسندين ۾ 
                                ڪاهي پيو.
                                
                                
                                ڪئين
                                
                                
                                اڻٽيهون اونداهيون
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                مهراڻ جي
                                
                                
                                ڪنڌيءَ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                گذاري 
                                ڇڏيون. 
                                ڪنڌيءَ جهلي
                                
                                
                                ڪانهن
                                
                                
                                لهرن
                                
                                
                                سان لائون
                                
                                
                                لهندو رهيو،
                                
                                
                                چانڊوڪين جا
                                
                                
                                ڇونولا
                                
                                
                                ڇولين تان ڇلڪي هن جي منهن تي پوندا رهيا ساوڻ جا 
                                اوهيرا مهراڻ مٿان بالوٽجي،
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي آويءَ
                                
                                
                                پيل
                                
                                
                                ذهن کي 
                                ڪنهن پوک
                                
                                
                                پوکڻ
                                
                                
                                لاءِ تيار
                                
                                
                                ڪندا
                                
                                
                                رهيا. آخر
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جي اندر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ستل
                                
                                
                                فنڪار آرس
                                
                                
                                ڀڃي
                                
                                
                                اٿيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                وري هڪ
                                
                                
                                ڀيرو
                                
                                
                                ڌرتي
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                جو رشتو،
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                مڙيل ۽ 
                                ٿاڦيل رشتن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ريٽي
                                
                                
                                ويو، جن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جنم ورتو
                                
                                
                                هو.
                                
                                ڌرتي،
                                
                                
                                ماءُ جي
                                
                                
                                محبت
                                
                                
                                حفيظ کي زندگي
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                پيار ڪرڻ سيکاريو.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                حالتن جي
                                
                                
                                وهڪ
                                
                                ۾
                                
                                
                                لڙهندو رهيو،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                ساڳئي وقت
                                
                                
                                پنهنجي شخصيت
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تعمير به
                                
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                رهيو. هو
                                
                                
                                وڏي
                                
                                
                                جرئت ۽ مضبوط
                                
                                
                                ارادي جو
                                
                                
                                مالڪ
                                
                                
                                هو. هن
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                بنجڻ
                                
                                
                                لاءِ حاصل
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                جدوجهد 
                                ڪئي. بوٽ
                                
                                
                                پالش
                                
                                ڪيائين،
                                
                                
                                موٽر گئراجن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪم
                                
                                
                                ڪيائين،
                                
                                
                                ريڙهن تي
                                
                                
                                نارنگيون ۽ ناسپاتيون
                                
                                
                                وڪيائين، فٽ
                                
                                
                                پاٿن
                                
                                
                                تي راتيون
                                
                                
                                گذاريائين، ۽ پڙهندو
                                
                                
                                رهيو. هو
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                ڪاليجي
                                
                                
                                دور ۾ اچي
                                
                                
                                پهتو
                                
                                
                                هو، ته
                                
                                
                                هن
                                
                                ۾
                                
                                
                                ايتري جرئت
                                
                                
                                پيدا
                                
                                ٿي
                                
                                
                                سگهي هئي
                                
                                
                                جو،
                                
                                
                                هن نام
                                
                                
                                نهاد
                                
                                
                                سماج کان پنهنجي
                                
                                
                                جيئڻ
                                
                                
                                جو حق
                                
                                
                                ڦري
                                
                                
                                سگهي. انهيءَ
                                
                                
                                زماني ۾ هو
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڀائرن ۽ 
                                ڀينرن کان بلڪل
                                
                                
                                پري
                                
                                ٿي
                                
                                
                                چڪو هو؛
                                
                                
                                جيڪڏهن ملندو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                هو ته
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                اجنبي ٿي سندن
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                ويندو هو
                                
                                
                                اجنبي ٿي موٽي
                                
                                
                                ايندو هو.
                                
                                
                                هاڻي
                                
                                
                                هن کي 
                                ڪنهن جي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                پرواهه 
                                ڪانه هئي.
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جيئڻ جو ڍنگ سکي
                                
                                
                                ورتو
                                
                                
                                هو. حفيظ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                زندگي جو
                                
                                
                                ادبي
                                
                                
                                دور اتان
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                شروع 
                                ٿيو. هو
                                
                                
                                ڪراچي
                                
                                
                                جهڙي
                                
                                
                                اجهاڳ شهر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رهندي به
                                
                                
                                سنڌ
                                
                                
                                جي وسندين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                واهڻن 
                                ڏانهن نڪري
                                
                                
                                ايندو هو.
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                يار دوست
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سانگي سان
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رهي
                                
                                
                                پوندو هو.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڪهاڻين جا
                                
                                
                                ڪردار
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                ننڍڙن 
                                ڳوٺن ۽ واهڻن
                                
                                
                                مان
                                
                                ڳوليندوهو.
                                
                                
                                ائين ئي
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                زندگي جي
                                
                                
                                تاڃي
                                
                                
                                پيٽي کي اڻندو
                                
                                
                                رهيو. حياتي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                جانڊهه کي 
                                ڦيريندي، حالتن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                گهاڻي ۾ وهندي،
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                اڳڀرو 
                                ٿيندو رهيو.
                                
                                
                                سال
                                
                                
                                53-52 
                                
                                  جو
                                
                                
                                زمانو هو.
                                
                                
                                آئون
                                
                                
                                12 
                                
                                سالن
                                
                                
                                جي عمر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪراچي
                                
                                
                                پنهنجي 
                                ڀاءُ وٽ
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                رهيو هوس.
                                
                                
                                ميٺارام هاسٽل
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سامهون گهر
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                حفيظ تڏهن
                                
                                
                                هاسٽل ۾ رهندو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                هڪ 
                                ڀيري گهر
                                
                                
                                آيو،
                                
                                
                                رسالن جو
                                
                                
                                بنڊل
                                
                                
                                هٿ ۾ هوس.
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                چيائين:
                                
                                ”تون
                                
                                
                                شاگرد آهين
                                
                                
                                نه!
                                
                                
                                هان
                                
                                
                                هي وٺ
                                
                                
                                رسالو ۽ پڙهه.“
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                سندس هٿ
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                رسالو ورتو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ڏٺم
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                رسالي جي
                                
                                
                                مٿان
                                
                                
                                وڏن اکرن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ”شاگرد“
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                لفظ لکيل
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                آءُ ائين
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                رسالي ۾ 
                                ڇپيل تصويرن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                جاچڻ
                                
                                
                                لڳي ويو
                                
                                
                                هوس.
                                
                                
                                هڪڙي تصوير
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                منهنجون نظرون
                                
                                
                                ڄمي
                                
                                
                                ويون
                                
                                
                                هيون. تصوير
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                مائي
                                
                                
                                جي هئي.
                                
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                خوبصورت پئي
                                
                                
                                لڳي.
                                
                                
                                ساڙي اوڍيل،
                                
                                
                                پوري
                                
                                
                                پني هاٺي،
                                
                                
                                چيرايون هانءُ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پيهندڙ اکيون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مڻيادار مهانڊو.
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                تصوير ۾ گهوريندو
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                چيائين:
                                
                                ”اڙي
                                
                                ٻهراڙي
                                
                                
                                جا 
                                ڄٽوڙا سڃاڻين
                                
                                
                                ٿو
                                
                                
                                اها
                                
                                ڪير
                                
                                
                                آهي؟“ مون
                                
                                
                                تصوير جي
                                
                                
                                هيٺان نالو
                                
                                
                                پڙهندي چيو:
                                
                                
                                ”روشن مغل“
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جو منهن
                                
                                
                                ٽامڻي
                                
                                
                                هڻي
                                
                                
                                ويو هو.
                                
                                
                                مون
                                
                                ڏانهس
                                
                                
                                نهاريو، ته
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                لڳو ڄڻ هو
                                
                                
                                پنهنجي من
                                
                                
                                جو
                                
                                ڀيد
                                
                                
                                لڪائڻ لاءِ
                                
                                
                                چپن
                                
                                
                                تي اڻڀي
                                
                                
                                مرڪ
                                
                                
                                آڻي ويٺو
                                
                                
                                هو.
                                
                                ڀيڻس
                                
                                ڀر
                                
                                ۾
                                
                                
                                بيٺي هئي.
                                
                                
                                تنهن
                                
                                
                                ائين وياڪل
                                
                                
                                ڏسي
                                
                                
                                اردوءَ ۾ چيو؛
                                
                                
                                ”تون
                                
                                
                                چريو
                                
                                
                                آهين، مئلن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                به ڪي رشتا
                                
                                
                                ٿيندا
                                
                                
                                آهن.“ مون
                                
                                
                                نهاريو پئي.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي اکين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                آلاڻ
                                
                                
                                اچي ويئي
                                
                                
                                هئي.
                                
                                ڀيڻس
                                
                                
                                سندس منهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                نهاري چيو:
                                
                                
                                ”اڙي
                                
                                
                                تون
                                
                                
                                ته سچ
                                
                                
                                پچ
                                
                                
                                بيوقوف آهين؛
                                
                                
                                حديث
                                
                                ۾
                                
                                
                                آهي ته
                                
                                
                                مئل
                                
                                
                                لاءِ ڏک ڪبو ته
                                
                                
                                انهيءَ جي
                                
                                
                                روح
                                
                                کي
                                
                                
                                تڪليف پهچندي.“
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                گونگو بنجي
                                
                                
                                ويو
                                
                                
                                هو، ڄڻ زبان
                                
                                
                                تارونءَ سان
                                
                                
                                چهٽي
                                
                                
                                پيئي هئس.
                                
                                
                                چپن
                                
                                
                                تو 
                                ڏکويل مُرڪ
                                
                                
                                وري
                                
                                
                                آئي هيس.
                                
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                نهاريندي روئڻهار
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                ٿيندي
                                
                                
                                چيو
                                
                                
                                هئائين:
                                
                                ”مئلن
                                
                                کي
                                
                                
                                نٿو ساري
                                
                                
                                سگهجي؟ جيئرن
                                
                                
                                سان
                                
                                ڪو
                                
                                
                                سانگو نٿو
                                
                                
                                رکي
                                
                                
                                سگهي؛ پوءِ
                                
                                
                                پيار
                                
                                ڇو
                                
                                
                                آهي، اُڪير
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                سڪ ڇو آهي،
                                
                                
                                اوسيئڙو ڇو آهي،
                                
                                
                                اهو
                                
                                
                                سڀ 
                                ڪجهه 
                                ڦرجي ڇو نٿو
                                
                                
                                وڃي،
                                
                                
                                لٽجي ڇو نٿو
                                
                                
                                وڃي؛
                                
                                
                                پابنديون، حد
                                
                                
                                بنديون 
                                ........ 
                                آخر 
                                ......... 
                                
                                آخر 
                                ......... 
                                
                                توهين ماڻهو
                                
                                
                                ميرا
                                
                                
                                من ۽ اجرا
                                
                                
                                چهرا
                                
                                کڻي،
                                
                                ڪيستائين
                                
                                
                                مذهب جو
                                
                                
                                ڪوڙهه
                                
                                
                                پکيڙيندا رهندا!“
                                
                                
                                ڀيڻس
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                چڙ لڳ
                                
                                
                                ويئي
                                
                                
                                هئي، تنهن
                                
                                
                                خار
                                
                                کائيندي
                                
                                
                                اردو ۾ چيو،
                                
                                
                                ”سالا
                                
                                
                                ڪميونسٽ
                                
                                
                                توهين وڏا
                                
                                
                                حرامي آهيو،
                                
                                
                                محشر
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                تو جهڙا
                                
                                
                                دوزخ
                                
                                
                                جو ڀارڻ 
                                ٿيندا، تون
                                
                                
                                اچين
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته اسان
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                گهر ۾ رحمت
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                فرشتا به
                                
                                
                                پير
                                
                                ڪونه
                                
                                ٿا
                                
                                
                                رکن.“ مون
                                
                                
                                ڏٺو
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                ته حفيظ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                منهن تي
                                
                                
                                هاڻي
                                
                                ڪو
                                
                                
                                به تاثر
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                هو اٿيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مرڪندي چوندي
                                
                                
                                ويو:
                                
                                
                                ”فرشتا
                                
                                
                                ضرور
                                
                                
                                ايند؛ پر
                                
                                
                                ڀاءُ
                                
                                
                                بنجي
                                
                                ڀيڻ
                                
                                
                                وٽ 
                                ڪونه ايندا.“
                                
                                
                                ڪيڏي
                                
                                
                                اجنبيت هئي،
                                
                                
                                ڪيڏي
                                
                                
                                ڌاريائپ
                                
                                
                                هئي
                                
                                
                                انهن رشتن
                                
                                
                                ۾.
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                انهيءَ وقت
                                
                                
                                ڄاتو
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                حفيظ واقعي
                                
                                
                                نرالي فطرت
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مالڪ آهي.
                                
                                
                                اڪيلو پنهنجي
                                
                                
                                من
                                
                                ۾،
                                
                                
                                ذهن ۾ ۽ هن
                                
                                
                                جڳ
                                
                                ۾.
                                
                                
                                انهيءَ دور
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                آءُ 
                                کانئس متاثر
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                هوس.
                                
                                
                                سندس 
                                ڪهاڻيون پڙهندوهوس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                چاهيندو هوس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                آءُ به
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                لفظ ميڙي
                                
                                
                                چونڊي لکڻ
                                
                                
                                لڳان. پوءِ
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                جي واري
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                امنگن ۽ ارمانن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                پيرا 
                                کڻندي؛ اسان
                                
                                
                                پنهنجي منهن
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                وياسين. ائين
                                
                                
                                ئي
                                
                                ڪک
                                
                                
                                پن جيان
                                
                                
                                حالتن جي
                                
                                
                                لهرن
                                
                                ۾
                                
                                
                                لڙهندي هڪ
                                
                                
                                اهڙي
                                
                                
                                روپ ۾ ملياسين،
                                
                                
                                جتي
                                
                                
                                هو به
                                
                                
                                ٽٽل
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                پنهنجي پاڻ
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                آءُ
                                
                                
                                به لُڪ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                لوساٽيل پن
                                
                                
                                جيان
                                
                                
                                حالتن جي
                                
                                
                                هوائن ۾ 
                                ٿڏجي رهيو
                                
                                
                                هوس.
                                
                                
                                سندس ڀيڻ جي
                                
                                
                                شادي
                                
                                
                                هئي. هو
                                
                                
                                اتي
                                
                                
                                آيو هو.
                                
                                
                                هيمشہ وانگر اجنبي
                                
                                
                                ٿي،
                                
                                
                                فرشتو نه
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                هڪ 
                                ڀاءُ بنجي.
                                
                                
                                نڪاح
                                
                                
                                مهل جڏهن
                                
                                
                                ڇوڪريءَ
                                
                                
                                طرفان وارثي
                                
                                
                                وارڻ
                                
                                
                                جو وقت
                                
                                
                                آيو
                                
                                
                                ته حفيظ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                نالو ورتائون.
                                
                                
                                ڪافي
                                
                                
                                ماڻهو ويٺا
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                جڏهن هُن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                سڏ
                                
                                ڪيائون،
                                
                                
                                ته هن
                                
                                
                                اتان
                                
                                
                                ئي جواب
                                
                                
                                ڏنو: 
                                
                                ”مان اها
                                
                                
                                ذميداري نٿو
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                سگهان، منهنجو
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                واسطو 
                                ڪونهي.“ مولوي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                منهن ۾ مڪروح
                                
                                
                                گهنج
                                
                                
                                پئجي يويا
                                
                                
                                هئا،
                                
                                
                                ويٺلن ۾ حيرت
                                
                                
                                وڌي
                                
                                
                                ويئي هئي.
                                
                                
                                مون
                                
                                ڏٺو
                                
                                
                                پئي ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي منهن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                اها ئي
                                
                                
                                معصوميت 
                                ڇانيل هئي،
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                ئي مرڪ،
                                
                                
                                جنهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                هزارين زخم
                                
                                
                                پوشيده هئا.
                                
                                
                                اتي
                                
                                
                                ويٺلن مان
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                چيو:
                                
                                
                                ”بابا! 
                                
                                مڙيئي
                                
                                
                                رسم آهي،
                                
                                
                                نڪاح
                                
                                
                                جي فارم
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                خانو 
                                ڀرڻو آهي.“ 
                                        
                                
                                مون
                                
                                
                                محسوس ڪيو ته
                                
                                
                                انهيءَ وير
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي من
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                جذبن
                                
                                
                                جو مانڌاڻ
                                
                                
                                متل
                                
                                
                                هو. هو
                                
                                
                                وڌيڪ
                                
                                
                                جذباتي ٿي ويو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                هٻڪندي چيو
                                
                                
                                هئائين:
                                
                                ”مون
                                
                                ڪڏهن
                                
                                ڀيڻن
                                
                                
                                جي سار
                                
                                
                                ئي
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                لڌي آهي،
                                
                                
                                مون
                                
                                
                                هنن لاءِ
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                به
                                
                                
                                نه ڪيو آهي،
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                مون کي 
                                ڪهڙو حق
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                جو آءُ
                                
                                
                                سندن
                                
                                
                                وارث بنجان.“
                                
                                
                                مون
                                
                                ڏٺو
                                
                                
                                پئي ته
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جون اکيون
                                
                                
                                آليون ٿي پيون
                                
                                
                                هيون. 
                                ڀاءُ ڀيڻ جو
                                
                                
                                رشتو
                                
                                
                                سٽ 
                                ڏيئي سندس
                                
                                
                                هانو
                                
                                ۾
                                
                                
                                لهي ويو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                هن چاهيو
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ته
                                
                                ڀيڻ
                                
                                کي
                                
                                ڳراٽڙي
                                
                                ڏيئي
                                
                                
                                روئي پوي؛
                                
                                
                                انهيءَ مقدس
                                
                                
                                رشتي
                                
                                
                                جي اوٽ
                                
                                
                                ۾،
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                جي وچ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                قائم
                                
                                
                                هو، پر
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                انهن 
                                ڪوڙين ريتن
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                رسمن
                                
                                کي
                                
                                
                                نڀائي نٿي
                                
                                
                                سگهيو. هن
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                رواجن سان
                                
                                
                                بغاوت ڪئي هئي،
                                
                                
                                تنهن
                                
                                ڪري
                                
                                
                                من جي
                                
                                
                                سچائي کي ماڻهن
                                
                                
                                سامهون آڻي
                                
                                
                                ڇڏيائين.
                                
                                
                                جيءَ
                                
                                ۾
                                
                                
                                جهري پيو،
                                
                                
                                اندر
                                
                                
                                اڌ ٿي پيس،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                سماج جي
                                
                                
                                انهيءَ نام
                                
                                
                                نهاد
                                
                                ۽
                                
                                
                                هٿ 
                                ٺوڪي ذميداري
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                قبول
                                
                                ڪونه
                                
                                ڪيائين.
                                
                                
                                پوءِ انهيءَ
                                
                                
                                رسم
                                
                                کي
                                
                                
                                سندس مامي
                                
                                
                                پورو
                                
                                ڪيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                هو اٿي
                                
                                
                                ٻاهر
                                
                                
                                هليو
                                
                                
                                ويو هو،
                                
                                
                                شايد
                                
                                
                                لڙڪن کي لڪائڻ
                                
                                
                                لاءِ، زخمي
                                
                                
                                مُرڪ
                                
                                کي
                                
                                
                                چهڪ ڏيڻ لاءِ 
                                ...... 
                                        
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                ياد آهي
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                پاڻ پرڻيو
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                ته 
                                ڪنهن کي به
                                
                                
                                خبر
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                هئي. نه
                                
                                
                                ڀيڻن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ٻڌايائين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                وري سنگت
                                
                                
                                ساٿ
                                
                                کي.
                                
                                
                                سندس شادي
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                نه شرنايون
                                
                                
                                وڳيون، نه
                                
                                
                                ڪوئي
                                
                                
                                ڳيچ
                                
                                
                                ڳاتا
                                
                                
                                ويا.
                                
                                
                                پنهنجي ارمانن
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                موڙ پاڻ
                                
                                
                                سينگاريا هئائين،
                                
                                
                                پنهنجي تمنائن
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪاڄ
                                
                                
                                پاڻ ڪيو هئائين.
                                
                                
                                پنهنجي آٿت
                                
                                
                                پاڻ
                                
                                
                                بنيو هو.
                                
                                
                                ڀيڻن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                لکيائين ته،
                                
                                
                                ”مون
                                
                                
                                شادي
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                آهي.“ کين اعتبار
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                نه پيو
                                
                                
                                اچي.
                                
                                
                                آخر 
                                ڪجهه 
                                ڏينهن 
                                کانپوءِ اڌ
                                
                                
                                رات
                                
                                
                                جو 
                                ڀيڻن جي
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                اچي پڌاريو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                سڀئي حيران
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويا
                                
                                
                                هئا. ايتري
                                
                                
                                قدر
                                
                                
                                جو چيائونس
                                
                                
                                ته:
                                
                                ”تون
                                
                                
                                غير عورت
                                
                                
                                سان 
                                
                                گڏ
                                
                                
                                آڌيءَ جو
                                
                                
                                هتي
                                
                                ڇو
                                
                                
                                آيو آهين.“
                                
                                
                                زندگي جون
                                
                                
                                اهي
                                
                                ڄاتل
                                
                                
                                سڃاتل حقيقتون
                                
                                
                                هن
                                
                                کان
                                
                                
                                لڪل 
                                ڪونه هيون،
                                
                                
                                تنهن
                                
                                ڪري
                                
                                
                                انهن 
                                ڳالهين تي
                                
                                
                                کيس
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                عجب نه
                                
                                
                                لڳو
                                
                                
                                هو. شادي
                                
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                هيڪاري حياتي
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                وڌيڪ پيار
                                
                                
                                ڪرڻ
                                
                                
                                لڳي
                                
                                
                                ويو هو.
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                آءُ جڏهن
                                
                                
                                به
                                
                                
                                ساڻس مليس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هن کي حياتي
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                ايڏو پيار
                                
                                
                                ڪندي
                                
                                
                                ڏٺم،
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مون کي پاڻ
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                جک ايندا
                                
                                
                                هئا.
                                
                                
                                سوچيندو هوس
                                
                                
                                ته:
                                
                                
                                ”ڪيڏو
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                حوصلي ۽ همت
                                
                                
                                وارو
                                
                                
                                آهي هي
                                
                                
                                انسان؛ جو
                                
                                
                                حياتي جو
                                
                                
                                وهه
                                
                                
                                پي به
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                جندڙي سان
                                
                                
                                ڀرپور
                                
                                
                                پيار
                                
                                ٿو
                                
                                ڪري.“
                                
                                
                                پر چوڻي
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                ته موت
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ملاقات اوچتي
                                
                                
                                ٿيندي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                سو شايد
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جي خوشي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                خدا کي راس
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                آئي هئي،
                                
                                
                                هن
                                
                                
                                اڃا لڙڪن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                مرڪن
                                
                                
                                سان 
                                ڌوئڻ ئي
                                
                                
                                مس
                                
                                
                                شروع ڪيو هو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                سندس زندگي
                                
                                
                                جي
                                
                                ڏيئي
                                
                                
                                جي وٽ
                                
                                
                                اجهمڻ تي 
                                
                                اچي 
                                
                                بيٺي
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                انهيءَ 
                                ڏينهن آءُ
                                
                                
                                شام
                                
                                
                                جو 
                                ڪاليج ۾ هوس.
                                
                                
                                مون
                                
                                کي
                                
                                
                                ياد آهي
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                شام 
                                ڏاڍي ويڳاڻي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويئي
                                
                                
                                هئي مون
                                
                                
                                لاءِ. 
                                ڇوڪرن کي به
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                پاڙهيو هوم.
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                اسٽاف روم
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ويٺو
                                
                                
                                هوس، ذهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ماضي
                                
                                ۽
                                
                                
                                حال جون
                                
                                
                                سرحدون 
                                ٽڪرنديون 
                                ٽٽنديون پئي
                                
                                
                                ويون، پوءِ
                                
                                
                                ويڳاڻو ٿي گهر
                                
                                
                                موٽي
                                
                                
                                ويو هوس.
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                اچڻ سان
                                
                                
                                امان
                                
                                ٻڌايو
                                
                                
                                ته“ 
                                ”نياز همايوني
                                
                                
                                نياپو 
                                ڏيئي ويو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                ته حفيظ
                                
                                
                                گذاري ويو
                                
                                
                                آهي،
                                
                                
                                تنهن ڪري لطيف
                                
                                
                                آباد
                                
                                
                                سندس ڀيڻ جي
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                پهچي وڃ.“
                                
                                
                                اهو
                                
                                ٻڌڻ
                                
                                
                                سان منهنجي
                                
                                
                                خالي
                                
                                
                                ذهن کي 
                                ڀنواٽيون اچي
                                
                                
                                ويون
                                
                                
                                هيون. اعتبار
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                نه اچيم
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                حفيظ ائين
                                
                                
                                اوچتو، بي
                                
                                
                                مندائتو منهن
                                
                                
                                موڙي
                                
                                
                                ويندو. آئون
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                جي در
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                موٽي پيس
                                
                                
                                .وکن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ونگ
                                
                                
                                پئجي ويا
                                
                                
                                هئا.
                                
                                ”حفيظ
                                
                                
                                مري ويو
                                
                                
                                آهي؟“ ذهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                جواب 
                                ڪونه هو.
                                
                                
                                ”هميشه
                                
                                
                                وانگر اجنبي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                هليو
                                
                                
                                ويو؟....“ ائين
                                
                                
                                سوچڻ
                                
                                
                                سان به
                                
                                
                                من
                                
                                ۾
                                
                                ڪي
                                
                                
                                جذبا نٿا
                                
                                
                                اڀرن. ”ها!
                                
                                هن 
                                
                                کي ائين
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                مرڻ 
                                کپندو هو
                                
                                
                                اوچتو، بي
                                
                                
                                وقتو، اڻ
                                
                                
                                مندائتو“ مونکي
                                
                                
                                من
                                
                                
                                جي مونجهه
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                جواب ملي
                                
                                
                                يويو
                                
                                
                                هو. حفيظ
                                
                                
                                سان
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                رهائي، جو
                                
                                
                                هو
                                
                                ڪنهن
                                
                                کان
                                
                                
                                موڪلائي ها.
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                واقعي 
                                ٿڪجي پيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                اندر جا
                                
                                
                                گهاءُ لڪائي
                                
                                
                                سالن
                                
                                
                                تائين مرڪندو
                                
                                
                                رهيو
                                
                                ۽
                                
                                
                                جڏهن وري
                                
                                
                                جندڙي جي
                                
                                
                                جوڀن
                                
                                ۾
                                
                                
                                آيو ته
                                
                                
                                سڀ
                                
                                ڪجهه
                                
                                کانئس
                                
                                ڦرجي
                                
                                
                                ويو؛ آئون
                                
                                
                                اهي
                                
                                
                                پُور پچائيندو
                                
                                
                                ڪانڌين
                                
                                
                                ڀيڙو
                                
                                
                                اچي
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                هوس. اتي
                                
                                
                                نياز
                                
                                
                                همايوني حميد
                                
                                
                                سنڌي
                                
                                ۽
                                
                                
                                غلام رباني
                                
                                
                                مليا. اڃان
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                جو مڙهه
                                
                                
                                خيرپور مان
                                
                                
                                کڄي
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                آيو
                                
                                
                                هو، تنهن
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                حميد
                                
                                ۽
                                
                                
                                رباني صبح
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                جنازي سان
                                
                                
                                شريڪ
                                
                                ٿيڻ
                                
                                
                                لاءِ چئي
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                هليا ويا.
                                
                                
                                نياز
                                
                                ۽
                                
                                
                                مون پاٿاري
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                رات گذارڻ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                ارادو 
                                ڪيو. نياز
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                حفيظ گهڻو
                                
                                
                                گهاريو هو.
                                
                                
                                نياز
                                
                                
                                به ائين
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                پنهنجي پر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                الڳ
                                
                                ٿلڳ
                                
                                
                                آهي، پنهنجن
                                
                                
                                کان،
                                
                                
                                سيڻن
                                
                                کان
                                
                                
                                سڄڻن 
                                کان، هن
                                
                                
                                مولائي به
                                
                                
                                حالتن سان
                                
                                
                                چڱا
                                
                                ڏورڻا
                                
                                ڏنا
                                
                                
                                آهن، حفيظ جيان
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                من ۾ به
                                
                                
                                سچائي جي
                                
                                
                                جوت
                                
                                
                                آهي، مونکي
                                
                                
                                لڳي
                                
                                ٿو
                                
                                
                                ته حفيظ
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                ساٿارين ۾ نياز
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                فقط اهڙو
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                جنهن جي
                                
                                
                                سڪ،
                                
                                
                                اڪير ۽ تانگهه
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                لاءِ ڪا به
                                
                                
                                بناوٽ نه
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                آڌي تائين
                                
                                
                                آئون
                                
                                ۽
                                
                                
                                نياز 
                                ڳالهيون 
                                ڪندا رهياسين.
                                
                                
                                حفيظ
                                
                                
                                متعلق؛ اسان
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                چيائون ته
                                
                                
                                قرآن
                                
                                
                                آڻي 
                                ڏيئون، ته
                                
                                
                                ختمو
                                
                                
                                ويهي 
                                ڪڍو. نياز
                                
                                
                                جواب
                                
                                
                                موڪليو ته:
                                
                                
                                ”اسان
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                ته اسانجي
                                
                                
                                يار
                                
                                
                                جون يادون
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                مقدس آهن،
                                
                                
                                اسان
                                
                                
                                لاءِ اهو
                                
                                
                                دور
                                
                                
                                ئي گهڻو
                                
                                
                                آهي“
                                
                                
                                پوءِ حفيظ
                                
                                
                                جون
                                
                                
                                يادون هيون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                اسين
                                
                                
                                هئاسين. وڳر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڪونج
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                رُليءَ روهه
                                
                                
                                ساري
                                
                                ڪڻڪ
                                
                                
                                به 
                                ڪاني ڪئي هئي.
                                
                                
                                اڌ
                                
                                
                                رات ايمبولينس
                                
                                
                                در
                                
                                
                                تي اچي
                                
                                
                                بيٺي
                                
                                
                                هئي، اسين
                                
                                
                                وڌي
                                
                                
                                آياسين. مڙهه
                                
                                
                                هٿن
                                
                                
                                سان سيري
                                
                                
                                ٻاهر
                                
                                
                                ڪيوسين.
                                
                                
                                ڪفن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ويڙهيل حفيظ
                                
                                
                                اگهور ننڊ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ستل
                                
                                
                                هو، سندس
                                
                                
                                سيراندي کان قرآن
                                
                                
                                رکيل
                                
                                
                                هو. مونکي
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                محسوس ٿيو ته،
                                
                                
                                جن
                                
                                
                                حد بندين
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پابندين کي حفيظ
                                
                                
                                جيئري 
                                ٽوڙي 
                                ڇڏيو ۽ آڻ
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                مڃي، سي
                                
                                
                                اڄ
                                
                                
                                سندس سيرانديءَ
                                
                                
                                هيون ۽ هو
                                
                                
                                اڄ
                                
                                ڪڇي
                                
                                
                                به نٿي
                                
                                
                                سگهيو، لڇي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                نٿي سگهيو
                                
                                
                                ڪيڏي
                                
                                
                                بي
                                
                                
                                معنيٰ آهي
                                
                                
                                حياتي جي
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                روايت، جو
                                
                                
                                مرڻ
                                
                                کانپوءِ
                                
                                
                                مڙهي ٿي وڃي.
                                
                                
                                نياز
                                
                                
                                چيو ته
                                
                                
                                لاش
                                
                                
                                وٽ سڄي
                                
                                
                                رات
                                
                                
                                پاڻ ويهنداسين.
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                
                                سڀ هليا
                                
                                
                                ويا
                                
                                ۽
                                
                                
                                باقي اسين
                                
                                
                                ٻه
                                
                                
                                وڃي
                                
                                
                                بچياسين. اهو
                                
                                
                                منظر
                                
                                ڪيڏو
                                
                                
                                نه عجيب
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                جو حفيظ
                                
                                
                                اسان
                                
                                ٻنهي
                                
                                
                                جي موجودگيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                خاموش ستو
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                هو. انهيءَ
                                
                                
                                واردات کي لفظن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                نٿو
                                
                                
                                آڻي سگهان.
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                نياز اٿيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                آهستي ڪري ڪفن 
                                کوليائين. حفيظ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                مهانڊو اسان
                                
                                
                                اڳيان هو،
                                
                                
                                اکيون پوريل
                                
                                
                                منهن
                                
                                
                                تي معصوميت
                                
                                
                                ڇانيل؛
                                
                                
                                چپن
                                
                                
                                تي اها
                                
                                
                                ئي
                                
                                
                                اڻ پوري يمرڪ،
                                
                                
                                گهڙيون، گذري
                                
                                
                                ويون
                                
                                
                                ائين 
                                ڏسندي، پوريل
                                
                                
                                اکيون ائين
                                
                                
                                بند
                                
                                
                                رهيون، اڻ
                                
                                
                                پوري
                                
                                
                                مرڪ اتي
                                
                                
                                ئي
                                
                                ڄمي
                                
                                
                                ويئي، مون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                نياز
                                
                                
                                بي وسيءَ
                                
                                
                                مان
                                
                                
                                هڪ ٻئي 
                                ڏانهن نهاريو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                اسان جا
                                
                                
                                لڙڪ
                                
                                
                                حفيظ جي
                                
                                
                                ڪفن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڳڙي
                                
                                
                                پيا
                                
                                
                                هئا. |