| 
                                
                                  
                                
                                
                                فقير
                                
                                
                                رمندا
                                
                                
                                رهن
                                
                                
                                ٿا 
                                  
                                        
                                
                                ڄائو
                                
                                
                                ته ڄڻ سورن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                سڌ هيس.... 
                                
                                
                                ڄمنديئي دانهن
                                
                                ڪيائين.
                                
                                
                                دائيءَ کڻي مرڪيو.
                                
                                
                                چي:
                                
                                
                                ”پٽ
                                
                                
                                آهي
                                
                                
                                پٽ“ ماڻس
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                سورن
                                
                                کان سڻي
                                
                                
                                هئي
                                
                                
                                تنهن هڪ
                                
                                
                                ڊگهو
                                
                                
                                ساهه 
                                کنيو!
                                
                                ڄڻ
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                دشمن تي
                                
                                
                                فتح
                                
                                حاصل
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                هجيس_
                                
                                ڌوپ
                                
                                ڌاپ ٿي ته
                                
                                
                                پڻس
                                
                                
                                پيهي آيو
                                
                                
                                لانڍيءَ ۾. دائيءَ
                                
                                
                                تنهن تي
                                
                                
                                مبارڪيون ورجايون.
                                
                                
                                ماڻس پڻس
                                
                                
                                ڏانهن
                                
                                
                                ائين نهاريو
                                
                                ڄڻ
                                
                                ڪوٽ
                                
                                کٽي
                                
                                ڏنو
                                
                                
                                هجيس. هو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                مرڪيو. سندس
                                
                                
                                اکيون
                                
                                
                                خوشيءَ کان 
                                
                                اڌ 
                                ٻوٽجي ويون.
                                
                                
                                پٽ
                                
                                ڄائو
                                
                                
                                هيس_
                                
                                پٽ_
                                
                                
                                ڪا
                                
                                معمولي
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                هئي. غريب
                                
                                
                                هيو
                                
                                
                                ته ڇا
                                
                                
                                ٿيو؟
                                
                                
                                پيريءَ لاءِ
                                
                                
                                سهارو مليس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پيڙهي وڌندس
                                
                                
                                سا
                                
                                جدا
                                
                                اميد
                                
                                
                                ٿيس.
                                
                                
                                مطلب
                                
                                
                                ته نينگر
                                
                                
                                جو
                                
                                ڄمڻ
                                
                                ڏاڍي
                                
                                
                                چاهه چوڄ
                                
                                
                                مان 
                                
                                ملهايو
                                
                                
                                ويو. ڇٽي، چاليهو
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                ته به
                                
                                
                                وت
                                
                                
                                آهر مائٽن
                                
                                
                                وسئون ڪين گهٽايو.
                                
                                
                                نالو رکيائونس
                                
                                ”فقير
                                
                                
                                محمد“ چار
                                
                                
                                اکر ڳالهائڻ سکيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                مائٽ 
                                ڪپڙن ۾ نه
                                
                                
                                پيا
                                
                                ماپن،
                                
                                
                                وري جو
                                
                                
                                ريڙهيون ڇڏي پيرين
                                
                                
                                بيٺو
                                
                                
                                ته خوشيءَ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ٽڙي
                                
                                
                                پيا. 
                                        
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                گذرندي ويرم
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                لڳي.
                                
                                
                                فقير سياڻو
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                ته اسڪول
                                
                                
                                موڪليائونس_
                                
                                پڻس
                                
                                
                                ويچارو پورهيو
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                جيڪي
                                
                                ڪمائيندو
                                
                                
                                هيو تنهن
                                
                                
                                مان 
                                
                                اٽو
                                
                                
                                لٽو ڪري باقي
                                
                                
                                سڀ هن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                خرچي هئي.
                                
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                اسڪول، تنهن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ماستر هڪڙو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                نينگر پنجاهه،
                                
                                
                                زميندار 
                                
                                جا
                                
                                
                                ٻار 
                                
                                ته
                                
                                
                                سڀ دادلا
                                
                                
                                ۽ چلولا،
                                
                                
                                ماستر صاحب
                                
                                
                                پاڻ 
                                
                                زميندار جي
                                
                                
                                ڇينڀ
                                
                                کان جند
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ڇڏائي
                                
                                
                                سگهندو هيو.
                                
                                
                                ماستر به
                                
                                
                                ڪاوڙ
                                
                                
                                لاهيندي هو
                                
                                
                                غريبن جي
                                
                                
                                ٻارن
                                
                                
                                تي_
                                
                                چئي
                                
                                
                                ”ڌڪ
                                
                                
                                هڻ
                                
                                ڌيءُ
                                
                                کي
                                
                                
                                ته نُنهن
                                
                                
                                سڌري“ اها
                                
                                
                                ڪَل ڪين ٿي پيس
                                
                                
                                ته
                                
                                ڌيءُ
                                
                                
                                جو 
                                ٻيڙو 
                                پئي ٻڏو_ پر پوءِ ڌيءُ پرايو ڌَن تنهن جي پچار ڪير 
                                ڪري_ غريباڻا ٻار جي
                                
                                انهيءَ
                                
                                
                                بيجا
                                
                                مار
                                
                                کان اسڪول
                                
                                
                                پئي ڇڏي ويا
                                
                                ته 
                                
                                ماستر
                                
                                
                                جي گهران
                                
                                ڇا
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                ويو. هن
                                
                                
                                غريب
                                
                                کي
                                
                                ڪم
                                
                                
                                پگهار 
                                
                                سان،
                                
                                
                                لٿي پٿي
                                
                                
                                زميندار 
                                
                                جي
                                
                                
                                مٺائيءَ سان.
                                
                                
                                ڪهڙي
                                
                                
                                خبر
                                
                                
                                غريب کي ته
                                
                                
                                قوم
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ٿيندي
                                
                                
                                آهي
                                
                                ۽
                                
                                
                                ماستر کي معمار
                                
                                ڇو ٿا
                                
                                
                                چون.
                                
                                
                                فقير اسڪول
                                
                                ۾
                                
                                
                                ويو ته
                                
                                
                                ماستر سان
                                
                                
                                معاملو اٽڪيس.
                                
                                کجيءَ
                                
                                
                                جو چَهو
                                
                                
                                آڻڻو
                                
                                
                                به کيس پوندو
                                
                                
                                هيو
                                
                                ۽
                                
                                کائيندو
                                
                                
                                به پاڻ
                                
                                
                                هيو. ڏهه ويهه
                                
                                
                                غريباڻا
                                
                                
                                ٻار
                                
                                کڻي
                                
                                ٻيا
                                
                                به
                                
                                
                                ساڻ 
                                
                                هيس.
                                
                                
                                اٽو کائن 
                                ڪُوئا
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                به مار
                                
                                
                                پئي گابي
                                
                                
                                تي، ۽ جي
                                
                                
                                گابو کائي اٽو
                                
                                
                                ته به
                                
                                
                                گابي جي
                                
                                
                                کري
                                
                                
                                هئي.
                                
                                
                                اسڪول ۾ دل
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                لڳس ته
                                
                                
                                به
                                
                                
                                سبقن ۾ سائين
                                
                                
                                هيو_
                                
                                پڙهندو
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                هيو ڄڻ اڳ
                                
                                
                                پڙهيل هيس_
                                
                                
                                مار 
                                
                                ملندي
                                
                                
                                هيس ته
                                
                                
                                گهران 
                                
                                حساب نه
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                اچڻ
                                
                                
                                تي يا
                                
                                پَٽي
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                لکي اچڻ
                                
                                
                                تي. غريباڻو
                                
                                ٻار هيو،
                                
                                
                                اسڪول
                                
                                
                                مان 
                                
                                گهر
                                
                                
                                ويندو هيو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڍور
                                
                                
                                ورائڻ، چاري
                                
                                
                                وجهڻ سان
                                
                                
                                گڏ ٻيا
                                
                                
                                به
                                
                                
                                چار 
                                
                                ڪم 
                                ڪرڻا
                                
                                
                                پوندا
                                
                                
                                هيس.
                                
                                
                                پوءِ پٽي
                                
                                
                                لکي
                                
                                
                                ته 
                                ڪيئن، حساب ڪري ته
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                ويل؟
                                
                                
                                اسڪول ۾ دير
                                
                                
                                مدار 
                                
                                به
                                
                                
                                ويندو هيو.
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                ماستر کي ته
                                
                                
                                هي
                                
                                
                                گگدام 
                                
                                ڌيءُ ڌڻ ٿي لڳو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                سو هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ڌڪَ
                                
                                هڻي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                زميندار 
                                
                                جا
                                
                                
                                ٻار 
                                
                                سڌاريائين. 
                                        
                                
                                ائين
                                
                                
                                مار 
                                
                                موچڙن
                                
                                ۾
                                
                                
                                به پنج
                                
                                
                                درجا
                                
                                پڙهي
                                
                                
                                نڪتو، مائٽن
                                
                                ۾
                                
                                
                                مَرڪ نه
                                
                                
                                ڏٺائين
                                
                                
                                نه ته
                                
                                
                                شهر
                                
                                
                                وڃي 
                                
                                وڌيڪ
                                
                                
                                پڙهي ها.
                                
                                
                                ائين ئي
                                
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                رهڻ
                                
                                
                                لڳو. ساوَل
                                
                                
                                پئي سَئين
                                
                                
                                ٿيس.
                                
                                
                                لڱ
                                
                                مروڙ
                                
                                
                                به
                                
                                
                                چڱي ٿيل هيس.
                                
                                
                                چوندا
                                
                                
                                آهن
                                
                                
                                ته هوشيارپ
                                
                                ۽
                                
                                ڏنگائيءَ
                                
                                
                                جو اصل
                                
                                
                                ناتو 
                                ٿئي، سو
                                
                                
                                ڏنگو
                                
                                
                                به
                                
                                
                                گهٽ ڪين هيو.
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                باغ 
                                
                                مان انب
                                
                                
                                چورائيندو هيو
                                
                                
                                ته
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                واڙين ۾ ولين
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                مارو وجهندو
                                
                                
                                هو.
                                
                                ڀڃ
                                
                                
                                ڊاهه انهيءَ
                                
                                ٽهيءَ
                                
                                
                                جو مرڪ
                                
                                
                                ٿئي_
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                گسندو ڪين هيو.
                                
                                
                                سال 
                                
                                کن واندو
                                
                                
                                ويٺو ته
                                
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                تپائي ڏنائين. غريب
                                
                                
                                جو
                                
                                ٻار هيو
                                
                                
                                تنهن
                                
                                ڪري
                                
                                
                                جيڪو تيڪو
                                
                                
                                پيو
                                
                                ڇنڀيندو هيس.
                                
                                
                                ڪَڪ
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                واجهه واجهائيندو
                                
                                
                                هيو ته
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                پر
                                
                                ڪاڏي
                                
                                
                                منهن کڻي 
                                ڪري. ڳوٺ کان 
                                
                                ٻاهر گهٽ
                                
                                
                                نڪتو
                                
                                
                                هيو،.
                                
                                
                                تنهن ڪري پرديس
                                
                                
                                ويندي دليون
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                هنيائين. 
                                        
                                
                                درياه 
                                
                                پار ميلو
                                
                                
                                لڳو
                                
                                
                                ته هيءُ
                                
                                
                                به
                                
                                
                                اسهيو. پڻس
                                
                                
                                موڪل
                                
                                
                                ئي نه
                                
                                
                                پيو
                                
                                ڏئيس.
                                
                                
                                چئي ”ڇورا“
                                
                                
                                 رلي
                                
                                
                                ٿيندي
                                
                                
                                خراب، متان
                                
                                
                                ويو آهين“
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                منٿون ڪيائين تڏهن
                                
                                
                                وڃي 
                                
                                ڀاڙو ڀتو
                                
                                
                                بنيس، ميلو
                                
                                
                                موج
                                
                                ۾
                                
                                
                                هو ته
                                
                                
                                هيءُ
                                
                                
                                به اچي
                                
                                
                                رسيو. ڳوٺ مان
                                
                                
                                پهر ڪانه آئي
                                
                                
                                هيس سو
                                
                                
                                پنهنجي منهن
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                موج ملهايائين.
                                
                                
                                شڪل شبيهه
                                
                                
                                چڱي
                                
                                
                                هيس ٻيو عمر
                                
                                
                                هيس
                                
                                
                                البيلي، سڀ
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                پنهنجو 
                                ڪيَس. هن
                                
                                
                                سان
                                
                                
                                ويهه
                                
                                
                                هن سان
                                
                                ڳالهاءِ
                                
                                
                                مَڙئي پئي
                                
                                
                                وقت
                                
                                
                                هلايائين.
                                
                                ائين
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                قدردان 
                                
                                کي قدر
                                
                                
                                پيس
                                
                                
                                ته 
                                ڪوٺي حال
                                
                                
                                احوال 
                                
                                ورتائينس.
                                
                                
                                هيءُ ويچارو
                                
                                ڳوٺاڻا
                                
                                سو
                                
                                
                                ڇا
                                
                                
                                ڄاڻي دنيا
                                
                                جي 
                                
                                هير
                                
                                ڦير
                                
                                ۽
                                
                                
                                چال 
                                
                                چرتر.
                                
                                
                                سنئين سڌي
                                
                                
                                ڳالهه
                                
                                ڪري 
                                ٻڌايائين. هوڏانهن جنهن سان پلاند اٽڪيو هيس، سو، 
                                ڪوسيون ٿڌيون ڏسيو
                                
                                
                                ويٺو هو.
                                
                                
                                نينگر جي
                                
                                
                                سهڻي
                                
                                
                                شڪل ڏسي من
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                چور
                                
                                
                                جاڳيس. ريهي
                                
                                
                                ريبي
                                
                                
                                پاڻ 
                                
                                سان 
                                کنيائينس. ميلي
                                
                                
                                پڄاڻا
                                
                                
                                آڻي
                                
                                
                                حيدرآباد 
                                
                                کان 
                                
                                ڪڍيائينس. قدر
                                
                                
                                دانن وٽ
                                
                                
                                پهتو
                                
                                
                                ته ڇوڪر رنگ
                                
                                
                                ڪڍيا.
                                
                                
                                لٽا
                                
                                
                                وڳا
                                
                                
                                ٿيس ته
                                
                                
                                ڪڻڪڻو
                                
                                
                                رنگ
                                
                                
                                مٽجي گلابيءَ
                                
                                
                                جو ڏيٺ ڏيڻ
                                
                                لڳو.
                                
                                
                                اتي
                                
                                
                                پئي رهيو،
                                
                                
                                سانگي سان
                                
                                ڳوٺ
                                
                                
                                به ويندو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                مائٽن کي چيائين
                                
                                
                                ته نوڪري
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                اٿم
                                
                                
                                پر پوءِ
                                
                                
                                ماڻهن جي
                                
                                
                                وات 
                                
                                کي ڪير 
                                ٻنجو 
                                ڏئي. چوڻ
                                
                                
                                وارن چئي
                                
                                
                                ڏنو: 
                                
                                ”سائين.... فلاڻي
                                
                                
                                جووهاريل.... آهي“
                                
                                
                                پڻس
                                
                                ٻڌو
                                
                                
                                ته گوڏن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                هٿ هڻي
                                
                                
                                ويهي
                                
                                
                                رهيو. ائين
                                
                                
                                رهندي خيال
                                
                                
                                آيس ته
                                
                                
                                پڙهجي.
                                
                                دماغ
                                
                                
                                سٺو
                                
                                
                                هيس، فائينل
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                ويٺو
                                
                                
                                ته پاس
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو_
                                
                                قد 
                                
                                بت
                                
                                
                                مان 
                                
                                وڏو
                                
                                
                                پئي ڀاسيو نه
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انگريزي پڙهي
                                
                                
                                ها، 
                                
                                پر
                                
                                
                                پوءِ انهيءَ
                                
                                
                                تي ئي
                                
                                
                                راضي رهيو.
                                
                                
                                رهائي رسوخ
                                
                                
                                وارن سان
                                
                                
                                پئي رهيو
                                
                                
                                تن
                                
                                
                                تپيداريءَ جي
                                
                                
                                چونڊ
                                
                                ۾
                                
                                کڻائي
                                
                                ڇڏيس.
                                
                                
                                امتحان
                                
                                
                                ٿيا
                                
                                ته 
                                
                                سٺا
                                
                                نمبر
                                
                                
                                کنيائين.
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                وهيءَ کان 
                                
                                به
                                
                                
                                چڙهي هليو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                تڏهن مڙيئي
                                
                                
                                پوڙهيو ڪرڻ فرض
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پيو
                                
                                
                                هيس، تنهن
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                نوڪري 
                                ڪرڻي پيس.
                                
                                
                                تپيدار 
                                
                                وڃي 
                                ٿيو، اتي
                                
                                
                                جواني به
                                
                                
                                اچي
                                
                                ڦوهه
                                
                                ڀري
                                
                                
                                هيس، تڏهن
                                
                                
                                سريتيون سارڻ
                                
                                
                                لڳو. 
                                ڳڀرو وهيءَ
                                
                                
                                جا
                                
                                ساٿي
                                
                                ڇٽس.
                                
                                
                                هاڻي پنهنجي
                                
                                
                                پيرن
                                
                                
                                تي هيو.
                                
                                
                                سريتن جي
                                
                                
                                نوس
                                
                                
                                آهي بزار
                                
                                
                                جي چک.
                                
                                
                                لڳي
                                
                                
                                نه آهي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                پيو در
                                
                                
                                در
                                
                                
                                نُوسيندو. اڳين
                                
                                
                                هاڪَ هئيس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هاڻي هيءَ
                                
                                
                                نئين
                                
                                
                                هٿ ڪيائين. پاڻ
                                
                                
                                وٽيندو هيو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                موج ڪرائيندو هيو.
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ڪو
                                
                                
                                مختيارڪار 
                                
                                ڪاوڙجيس ته
                                
                                
                                جهٽ
                                
                                
                                هڪ نه
                                
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                گهر
                                
                                
                                رسائيندو هيس.
                                
                                
                                 ”پيءُ
                                
                                
                                دلالي 
                                ڪئي؟ آءُ
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                هنن موذين
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                اور
                                
                                کارائي
                                
                                
                                پيو ڪم ڪڍان“ آنڪيءَ
                                
                                
                                مان 
                                
                                اپت
                                
                                
                                جوڳ 
                                
                                هيس.
                                
                                
                                لڱن لٽا
                                
                                ريشمي
                                
                                
                                هجن
                                
                                
                                ته واهه
                                
                                
                                نه ته
                                
                                
                                وار 
                                
                                ڪانڊراجي
                                
                                
                                ويندو هيس.
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                پوءِ انهيءَ
                                
                                
                                چال 
                                
                                کي چلت
                                
                                
                                گهڻي؟ منهن
                                
                                
                                اڳ ۾ ئي
                                
                                
                                ڏرا
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                ويو هيس.
                                
                                
                                سڪي
                                
                                ڪنڊا
                                
                                
                                ٿي ويو
                                
                                
                                هو.
                                
                                
                                پر هوس
                                
                                
                                ڍر
                                
                                
                                ڏئي
                                
                                
                                تڏهن
                                
                                
                                ته ڳڻ ڳوت 
                                ٿئي. ورهيه
                                
                                
                                گذرندي ويرم
                                
                                
                                گهڻي؟ ڏهاڪو سال
                                
                                
                                ائين گذريا
                                
                                جو 
                                
                                ڪل ئي
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                پيئي. موج
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                مستيءَ جو
                                
                                
                                زمانو لنگهي
                                
                                
                                هليو. اڳيون
                                
                                
                                سرتيون هاڻي
                                
                                
                                پراڻيون ٿي ويون
                                
                                
                                هيون. پاڻي
                                
                                
                                ته عادت
                                
                                کان جک
                                
                                
                                ماري اٿندو
                                
                                
                                هو پر
                                
                                
                                سريتن ۾ هاڻي
                                
                                
                                اهو سلوڻ
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                جو آئي
                                
                                
                                ويل
                                
                                
                                مختيارڪارن سان
                                
                                
                                منهن 
                                ڏين. ننڍيون
                                
                                
                                نيٽيون نينگريون
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                انهيءَ واهه
                                
                                
                                وريل هيون
                                
                                
                                سي
                                
                                
                                هن کٽل مڙس
                                
                                
                                ڏي
                                
                                
                                ڪيئن
                                
                                
                                مڙن.
                                
                                
                                ناڻو بلاشڪ
                                
                                
                                گهڻو 
                                ڪجهه ڪري پر
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                ڪٿي. رشوت
                                
                                
                                کائڻ
                                
                                
                                جا
                                
                                
                                اڳ شروع
                                
                                
                                ڪئي
                                
                                
                                هئائين سا
                                
                                بند
                                
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ڪري
                                
                                
                                سگهيو. البت
                                
                                
                                اڳين رسائي
                                
                                
                                سا
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                رهي هيس،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                تنهن هوندي
                                
                                
                                به
                                
                                
                                پئي 
                                ڏينهن گهاريائين. 
                                        
                                
                                پِيري اچي
                                
                                
                                سڻائي ٿيس ته
                                
                                
                                گهر
                                
                                ٺاهڻ
                                
                                
                                ياد 
                                
                                آيس.
                                
                                ڀانيائين ته
                                
                                
                                شادي ڪري
                                
                                پر 
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                سنڱ
                                
                                ڪي
                                
                                
                                سٿرا
                                
                                
                                ڪين
                                
                                
                                ملن.
                                
                                
                                نيٺ جيڪو
                                
                                
                                ڌيءُ
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                
                                ڏيندو
                                
                                
                                سو
                                
                                
                                چار 
                                
                                ويچار به
                                
                                
                                ويچاريندو. مڙئي
                                
                                
                                چؤ
                                
                                
                                چوان 
                                
                                ڪرائي نيٺ
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                سنڱ
                                
                                هٿ 
                                
                                ڪيائين، 
                                ڏوڪڙ ڇا
                                
                                
                                نٿو
                                
                                ڪري.
                                
                                ڇوڪريءَ جي
                                
                                
                                ماءُ
                                
                                
                                ڀانيو
                                
                                
                                ته 
                                ڌيڻم تپيدار
                                
                                
                                جي گهر
                                
                                
                                ويندي، ٻه ڳهه ڳٺا
                                
                                
                                ٿيندس
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پينگهن لڏندي.
                                
                                
                                گهر
                                
                                ٺاهڻ
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                قرض
                                
                                
                                پٽيو هئائين
                                
                                
                                سو پئسي
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                تنگي گهڻي
                                
                                
                                ٿي
                                
                                
                                پيئي
                                
                                
                                هيس. هٿ
                                
                                
                                ڇوٽ
                                
                                
                                هيس سو
                                
                                
                                پئسو
                                
                                
                                مختصر 
                                
                                بچايو
                                
                                
                                هئائين. مارو
                                
                                
                                رکيائين رشوت
                                
                                
                                تي.
                                
                                
                                چوڌاري رڙ
                                
                                
                                مچرائي ڏنائين ۽ نيٺ
                                
                                
                                اهو
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                جنهن کان 
                                
                                اڄ 
                                ڏينهن سوڌو
                                
                                
                                بچيل
                                
                                
                                هيو، رشوت
                                
                                
                                جي
                                
                                ڪيس
                                
                                ۾
                                
                                ڦاٿو
                                
                                
                                نوڪريءَ تان
                                
                                
                                لاهي ڇڏيائونس ۽ ڪيس هلڻ
                                
                                
                                لڳس.
                                
                                
                                هي هيو
                                
                                
                                سريتن تي
                                
                                
                                هِريل ڀانيائين ته
                                
                                
                                زال 
                                
                                کان 
                                
                                به
                                
                                
                                ساڳي مدد
                                
                                
                                ملندي. نئين
                                
                                
                                ويس
                                
                                
                                رسائي رکڻ،
                                
                                
                                هوءَ
                                
                                
                                اٻوجهه ڇا
                                
                                
                                ڄاڻي
                                
                                
                                انهن انڌيرن
                                
                                
                                مان.
                                
                                
                                دانگيءَ مونهن
                                
                                
                                اچي
                                
                                
                                گهر ويهي
                                
                                
                                رهي،
                                
                                
                                اهي چوچلا
                                
                                ۽
                                
                                
                                چلو لايون
                                
                                
                                جن سان
                                
                                
                                سريتون سرنين
                                
                                
                                سي
                                
                                
                                هن کي ڪٿي ٿي آيا_
                                
                                ٻه
                                
                                
                                سال 
                                
                                ڪيس هليو
                                
                                
                                تنهن
                                
                                ۾
                                
                                
                                گهر جي
                                
                                
                                ڪوڏي
                                
                                
                                ڪوڏي
                                
                                
                                ڦوڪي
                                
                                
                                ڇڏيائين
                                
                                
                                پر وريو
                                
                                
                                ڪجهه
                                
                                
                                به
                                
                                ڪين.
                                
                                
                                فتوا
                                
                                
                                مليس
                                
                                
                                ته ”ست سال
                                
                                ٽيپ“_
                                
                                
                                جيل
                                
                                ۾
                                
                                
                                اندر گهڙيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                نيڻن مان
                                
                                
                                نير جاري
                                
                                
                                هيس. قيدين
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                پٺ
                                
                                
                                هجي ته
                                
                                
                                جيل
                                
                                ۾
                                
                                
                                به جنت
                                
                                
                                پسن.
                                
                                
                                پر پٺ
                                
                                
                                نه
                                
                                
                                هجين ته
                                
                                
                                اتي
                                
                                
                                 به پاهه ٿين. هي مڙس جيل ۾ گهڙيو ته الله ڌاران 
                                آسرو ڪين هيس، ٻئي ڏينهن کان 
                                وارڊن
                                
                                
                                جي 
                                ڏنڊڪين سان
                                
                                
                                واسطو پيس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ساندهه ست
                                
                                
                                سال 
                                
                                سهندو
                                
                                
                                آيو. انهن
                                
                                
                                ستن سالن
                                
                                ۾
                                
                                
                                ورلي ڪا
                                
                                
                                مُرڪ
                                
                                
                                منهن تي
                                
                                
                                آيس،
                                
                                
                                نه ته
                                
                                
                                ٿيو
                                
                                
                                ڀلو.
                                
                                
                                ملاقات 
                                
                                لاءِ به
                                
                                
                                ستن
                                
                                
                                سالن ۾ ڪو 
                                ڪونه آيس.
                                
                                
                                زالهنس به
                                
                                
                                شايد وڃي
                                
                                ڪو
                                
                                ٻيو
                                
                                
                                منهن مٿو
                                
                                
                                ڪيو.
                                
                                
                                ست
                                
                                
                                سال 
                                
                                پورا
                                
                                
                                ڪري جيل
                                
                                
                                مان 
                                
                                نڪتو
                                
                                
                                ته ائين
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويو هيو
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                جهور
                                
                                ڪراڙو
                                
                                
                                هجي. 
                                ڏکيائيءَ جا
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                سالن سنوان
                                
                                ٿين
                                
                                ۽
                                
                                
                                غم جنهن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                نانءُ سو
                                
                                
                                جند
                                
                                
                                جهوري وجهي. 
                                        
                                
                                جيل
                                
                                
                                جو ڦاٽڪ ٽپي هن
                                
                                
                                واٽ 
                                
                                کڻي وَرتي.
                                
                                
                                هيڏو
                                
                                
                                سارو جهان
                                
                                
                                آڏو هيس
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                واهه ڪين پئي
                                
                                
                                سجهيس. سڏ
                                
                                
                                پنڌ
                                
                                ڪري
                                
                                
                                واٽ 
                                
                                لڳ
                                
                                
                                بيٺل هڪ
                                
                                
                                وڻ
                                
                                
                                هيٺ ليٽي
                                
                                
                                پيو.
                                
                                
                                واءِ
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                لڳي سهائي
                                
                                
                                سو سمهي
                                
                                
                                رهيو. ڄڻ ستن
                                
                                
                                سالن جو
                                
                                
                                اوجاڳو هيس.
                                
                                
                                ڪا
                                
                                مهل
                                
                                
                                سمهيو رهيو.
                                
                                
                                اٿيو
                                
                                
                                ته پيٽ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                بک
                                
                                کان وڪڙ
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                پيس. ڪاهي پيو
                                
                                
                                شهر
                                
                                ۾،
                                
                                ڏُٻرو
                                
                                
                                سنهڙو ۽ مرڻينگ
                                
                                
                                شهر
                                
                                
                                جي گهٽين
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                چڪر هنيائين
                                
                                ڄڻ
                                
                                ڪو
                                
                                ٿڪل
                                
                                
                                تارون پاڻيءَ
                                
                                ۾
                                
                                ٻڌڻ
                                
                                کان اڳ
                                
                                
                                پڇاڙيءَ جا
                                
                                هٿ 
                                
                                هڻندو
                                
                                
                                هجي. سڙڪ
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                اڪريو ته
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                موٽر مٿان
                                
                                
                                چڙهي ويس.
                                
                                
                                اها
                                
                                اڳين
                                
                                ڦڙتي
                                
                                ڪٿي
                                
                                
                                هيس جو
                                
                                
                                ڇانگ
                                
                                
                                هڻي واٽ
                                
                                
                                مٽي ها،
                                
                                
                                ويچاري جي
                                
                                
                                ڄنگهه
                                
                                
                                چيڀاٽجَي
                                
                                
                                وئي. اکين
                                
                                
                                مان 
                                
                                آب
                                
                                
                                به ڪين اڪليس.
                                
                                ڄن
                                
                                ڄاڻ هيس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اهو ڪي به
                                
                                
                                ٿيندو،
                                
                                
                                موٽر
                                
                                
                                واري موٽر
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                اسپتال 
                                
                                پهچايس.
                                
                                ڊپ،
                                
                                
                                سور ۽ بک
                                
                                
                                کان
                                
                                
                                بيهوش ٿي ويو
                                
                                
                                هو،
                                
                                
                                اسپتال 
                                
                                ۾ ڊاڪٽرن مٿا
                                
                                مونا
                                
                                هڻي
                                
                                
                                هوش
                                
                                ۾
                                
                                
                                آندس. ٻه مهينا
                                
                                اسپتال
                                
                                ۾
                                
                                
                                پيو هو.
                                
                                
                                ڄنگهه
                                
                                
                                سڄي
                                
                                
                                تي پلستر
                                
                                
                                چاڙهي ڇڏيو هيائونس.
                                
                                ٻن
                                
                                
                                مهينن پڄاڻا
                                
                                
                                ڊاڪٽر اسپتال مان
                                
                                
                                جواب 
                                
                                ڏنس. جهڙي
                                
                                
                                تهڙي
                                
                                
                                ماني جيڪا
                                
                                اسپتال
                                
                                ۾
                                
                                
                                ملندي هيس
                                
                                
                                سا
                                
                                به
                                
                                
                                ڇٽس.
                                
                                
                                لٺِ
                                
                                کڻي
                                
                                
                                لنگڙائيندو اسپتال ٻاهران 
                                
                                اچي
                                
                                
                                ويٺو. 
                                ڪنهن راهه
                                
                                
                                ويندي کي رحم
                                
                                
                                پيو ته
                                
                                
                                چار 
                                
                                ڏوڪڙ ان
                                
                                ٽيِن
                                
                                
                                جي دٻي
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                اڇلَائي
                                
                                
                                ويندو هو،
                                
                                
                                جيڪو
                                
                                
                                سندس اڳيان رکيو
                                
                                
                                هوندو هو.
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                اهڙن رحم
                                
                                
                                وارن جي
                                
                                
                                ڪوتاهي
                                
                                ٿيندي
                                
                                
                                هئي ته
                                
                                
                                ويچارو لنگهڻ
                                
                                
                                ڪڍي
                                
                                
                                ويلا
                                
                                
                                ٽاريندو هو. 
                                        
                                
                                ائين
                                
                                
                                راهه تي
                                
                                
                                ويٺي
                                
                                
                                هو لنگهندڙن
                                
                                
                                جي
                                
                                
                                خوشحاليءَ کي ڏسي پنهنجا
                                
                                گذريل
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                ياد 
                                
                                ڪندو هيو.
                                
                                
                                رستي
                                
                                
                                تان 
                                
                                لنگهندڙن
                                
                                
                                جي حال
                                
                                
                                تي 
                                ٽيڪا
                                
                                
                                ٽپڻي
                                
                                
                                به
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                هيو:
                                
                                ”چريءَ
                                
                                
                                جو پٽ
                                
                                
                                هلي
                                
                                
                                ته 
                                ڪيئن ٿو آڪڙجي،
                                
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                سدائين ائين
                                
                                
                                رهندو“_
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                پنهنجي چپن
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                ڀڻڪڻ 
                                لڳندو هيو_ ڪڏهن ڪنهن کي موٽرڪار ۾ ويٺل ڏسندو هيو 
                                ته وري ڀڻڪ 
                                
                                شروع
                                
                                ٿي
                                
                                
                                ويندي هئي:
                                
                                
                                ”ڏس
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                موٽر ۾ آڪڙيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                ويٺو آهي،
                                
                                
                                ڀلا
                                
                                يار!
                                
                                
                                ڪڏهن
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اسان 
                                
                                جا
                                
                                به
                                
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                هيا
                                
                                پر
                                
                                
                                هت
                                
                                ٽڪاءُ 
                                ڪنهن 
                                کي؟“ 
                                        
                                
                                ”چار
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                چاهه جا
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                گهم،
                                
                                ڪنارا
                                
                                واهه
                                
                                
                                جا.“ 
                                        
                                
                                چار 
                                
                                ڏينهن اسان به
                                
                                
                                لئي
                                
                                ڪئي،
                                
                                
                                پر هاڻي
                                
                                
                                ته......... 
                                        
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هو ڄڻ 
                                ڪنهن خيال
                                
                                ۾
                                
                                
                                پئجي ويندو
                                
                                
                                هيو
                                
                                ڄڻ
                                
                                
                                سوچيندو هيو
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهيءَ ردوبدل
                                
                                
                                جو
                                
                                ڪارڻ
                                
                                ڇا
                                
                                
                                آهي؟
                                
                                
                                اها
                                
                                
                                ڦرمار
                                
                                
                                جي ميڙ
                                
                                
                                ميڙان، ان
                                
                                
                                بعد ساڳي
                                
                                
                                سڃائي 
                                ڪيئن ٿي 
                                ٿئي؟ 
                                ڪيئن انسان پنهنجي
                                
                                
                                زندگي اجائي
                                
                                
                                آڪڙ صدقي
                                
                                
                                وڃائي ڇڏي ۽ ڇو؟ ويچارو
                                
                                
                                تپيدار 
                                
                                رهيو
                                
                                
                                هيو ۽ پڙهيو
                                
                                
                                رڳو
                                
                                
                                فائنل تائين
                                
                                
                                هيو. سماج
                                
                                
                                جي بناوت
                                
                                ۽
                                
                                
                                ان 
                                
                                ۾ جيڪا
                                
                                جنگ
                                
                                
                                پئي
                                
                                
                                هلي سا
                                
                                هو 
                                
                                سمجهي
                                
                                ڪين
                                
                                
                                پئي سگهيو،
                                
                                
                                پر
                                
                                
                                محسوس ضرور
                                
                                
                                پئي
                                
                                ڪيائين.
                                
                                
                                هن کي اها
                                
                                خبر
                                
                                
                                ڪانه
                                
                                
                                هئي ته
                                
                                
                                اسان پئسي
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                ايڏي
                                
                                
                                اهميت ڇو 
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ڏيون.
                                
                                
                                پئسي
                                
                                
                                وارن جو
                                
                                
                                ايترو
                                
                                
                                بيجا
                                
                                
                                مانُ
                                
                                ڇو ٿا
                                
                                
                                ڪيون
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                پاڻ 
                                
                                پئسي
                                
                                
                                ميڙڻ لاءِ
                                
                                
                                ايترا
                                
                                
                                نيچ
                                
                                ڇو ٿا
                                
                                
                                ٿيون؟
                                
                                
                                نڪي
                                
                                
                                وري هن
                                
                                
                                کي
                                
                                
                                اهائي
                                
                                
                                خبر هئي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                انهيءَ انڌڪار جو
                                
                                
                                علاج 
                                
                                ڇا
                                
                                
                                آهي؟
                                
                                
                                پر هو
                                
                                
                                انهن
                                
                                
                                سڀني بابت
                                
                                
                                سوچيندي ضرور
                                
                                
                                رهيو
                                
                                
                                هو. ائين
                                
                                
                                جيئن ڪو ننڍڙو
                                
                                
                                ٻار
                                
                                
                                پنهنجي نئين
                                
                                
                                ڪتاب
                                
                                کي
                                
                                
                                اٿلائيندو پٿلائيندو
                                
                                
                                هجي ۽ 
                                ڪجهه نه
                                
                                
                                سمجهي ور
                                
                                
                                ور
                                
                                ڪري
                                
                                
                                رکي ڇڏيندو هجي. 
                                        
                                
                                پنهنجي ڀر ۾ ويٺل
                                
                                
                                ٻين
                                
                                
                                فقيرن بابت
                                
                                
                                به هو
                                
                                
                                دل
                                
                                ۾
                                
                                ڳڻ
                                
                                ڳوت
                                
                                ڪندو
                                
                                
                                هو پر
                                
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                نتيجي تي
                                
                                
                                پهچي
                                
                                ڪين
                                
                                
                                سگهندو هو
                                
                                
                                ۽
                                
                                
                                ٿڪجي
                                
                                
                                پوڻ
                                
                                
                                تي کيس ننڊ
                                
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ويندي هئي.
                                
                                
                                ڪير
                                
                                
                                هيا
                                
                                اهي
                                
                                
                                فقير؟ 
                                ڪيئن بکاري
                                
                                
                                بڻيا؟ 
                                
                                شايد
                                
                                ڪنهن
                                
                                
                                امير جا
                                
                                ٻار هجن
                                
                                
                                يا
                                
                                شايد
                                
                                
                                خانداني بکاري
                                
                                
                                هجن!
                                
                                مگر
                                
                                
                                هئا
                                
                                ماڻهو!
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                رستن تي
                                
                                
                                ڪتن
                                
                                
                                جيان 
                                
                                گراهه
                                
                                
                                گراهه لاءِ
                                
                                
                                سڪڻ ۽ هر
                                
                                
                                هڪ
                                
                                
                                اڳيان 
                                
                                ڍوڍي ٽڪر لاءِ
                                
                                
                                ليلائڻ، ماڻهپي
                                
                                
                                لاءِ
                                
                                
                                ڇو
                                
                                
                                شرم جوڳو
                                
                                
                                نه
                                
                                ٿيو؟
                                
                                ٻيا
                                
                                ماڻهو
                                
                                
                                انهيءَ تي
                                
                                
                                لڄَ
                                
                                ڪين
                                
                                کائن.
                                
                                ڇو؟
                                
                                
                                اهي ۽ اهڙا
                                
                                
                                ٻيا
                                
                                
                                انيڪ
                                
                                
                                خيال 
                                
                                سندس
                                
                                
                                دماغ 
                                
                                ۾ ايندا
                                
                                ته
                                
                                
                                هئا
                                
                                پر
                                
                                
                                هو
                                
                                
                                ويچارو 
                                ڪنهن نتيجي
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                پهچي
                                
                                ڪين
                                
                                
                                پئي سگهيو. 
                                        
                                
                                ۽
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                هڪڙي 
                                ڏينهن هن
                                
                                
                                اها
                                
                                واٽ
                                
                                کڻي
                                
                                
                                ورتي جتان
                                
                                ڪوئي
                                
                                ڪين
                                
                                
                                وريو. هن
                                
                                
                                جو
                                
                                
                                وات 
                                
                                پٽيو
                                
                                
                                پيو هو.
                                
                                
                                مکين
                                
                                
                                جو ميڙ
                                
                                
                                سندس
                                
                                
                                وات 
                                
                                جي
                                
                                ڪنوتين
                                
                                
                                مان 
                                
                                رَسندڙ، رطوبتن
                                
                                
                                تي
                                
                                
                                اچي مڙيو
                                
                                
                                هو.
                                
                                ڳپل
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                چڙهئي به
                                
                                
                                جڏهن
                                
                                ڪين
                                
                                
                                اٿيو ته
                                
                                
                                ڀر
                                
                                
                                واري فقير
                                
                                
                                ڌونداڙي
                                
                                ڏٺس،
                                
                                
                                پر هجي
                                
                                
                                ته
                                
                                
                                اٿي! 
                                        
                                
                                پوليس آئي.
                                
                                
                                لاوارث لاش
                                
                                
                                جي لسٽ
                                
                                
                                ۾
                                
                                
                                داخل ڪري کڻائي وئي.
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                جيئن ٻين گمنام
                                
                                
                                فقيرن جي
                                
                                
                                لاشن کي کڻائي ويندي
                                
                                
                                آهي.
                                
                                
                                هن کي 
                                کنيون پئي
                                
                                
                                ويا
                                
                                ته
                                
                                
                                سندس
                                
                                ڀر
                                
                                
                                وارو فقير
                                
                                
                                پاڻ 
                                
                                بابت
                                
                                
                                ويچارڻ لڳو.
                                
                                
                                پوءِ
                                
                                
                                اهو به
                                
                                
                                هڪڙي
                                
                                
                                رات 
                                
                                سمهيو
                                
                                
                                ته صبح
                                
                                جو
                                
                                
                                ڪونه
                                
                                
                                اٿيو.
                                
                                
                                پوءِ وري
                                
                                
                                هڪڙي
                                
                                ٻئي
                                
                                ڏينهن
                                
                                
                                هڪڙو ٻيو ۽ پوءِ
                                
                                
                                ٻيو_
                                
                                
                                ائين
                                
                                
                                فقير رمندا
                                
                                رهيا،
                                
                                
                                رمندا
                                
                                
                                رهن
                                
                                ٿا
                                
                                
                                ۽ رمندا
                                
                                رهندا،
                                
                                
                                جيسين 
                                ........... |