سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :11

نهايت دلچسپ نڪتو هيءُ به آهي، ته ڪرمتي بلوچن مان به هڪ گروهه اهڙو آهي، جو صدين کان اُٺ ڌاريندو ۽ چاريندو آيو آهي ۽ هاڻي به انهن ماڻهن وٽ اُٺن جا وڳ آهن، ۽ هو ڏاچين جو کير به پين. پر اهي ڪڏهن به ’ڪرمتي- جَت‘ يا ’بلوچ- جَت‘ نه سڏيا ويا آهن، يا ڇو نه ٿا سڏيا وڃن؟ ڪرمتين جو اهو گروهه ٻين سڀني بلوچ پاڙڻ کان ڪرمتي- پاڙي کي اعلى مڃرائڻ لاءِ پورو زور ڏيندو؛ پر هيءُ به مڃڻ لاءِ تيار ٿيندو، ته سندن گروهه جي ماڻهن کي ڪي به ٻيا ”چوکي ذات وارا“ (جي پاڻ کي سمجهن ٿا) ڪڏهن به سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نه ٿيندا؛ جنهن ڪري اهي ميربحرن مان به شادي ڪندي ويرم ئي نه ڪن!

... وري هوڏانهن مذڪور دَبائي گروهه جا ماڻهو، جيڪي اُٺن ڌارڻ سان گڏ، سڀيئي مڇيءَ مارڻ جو ڪم به ڪن، ”ميربحرن“ سان اهڙي تعلق رکڻ لاءِ تيار نه آهي. پر هتي هيءُ به سوال آهي، ته انهن دَبائين کي ”جَت – ميربحر“ يا وري ”بلوچ ميربحر“ ڇو نه ٿو چيو وڃي؟ ڇا دَبائين جو اهو گروهه، اها ڳالهه برداشت به ڪري سگهي ٿو؟ اهي سڀ سوال مزيدار ۽ دلچسپ ٿي چڪا آهن، جن جي جوابن ڳولي لهڻ ۾ ”قومن ۽ ذاتين“ جو طالب العلم بي انت خوشي محسوس ڪري ٿو...!

جيڪڏهين اسين ائين چئون، ته سنڌ ۾ جَتن جا ٽي ڪِ چار يا پنج - ڇهه وڏا گروهه آهن ۽ اهي، لاڙ، وچولي اتر سنڌ ۾ رهن ٿا، ته اها ڳالهه قطعي غلط ٿيندي. حقيقت ۾، جَتن جي قوم ساري سنڌ ۾ پکڙيل آهي ۽ ان ”پکيڙ“ جي ڪري، جَت قوم کي اها آساني ٿي آهي، جو ان جا ڪيترائي ماڻهو- بلڪ پاڙن جا پاڙا، ڪيترين ئي حالتن هيٺ ۽ ڪيترن ئي ڄاتل سببن جي ڪري آهستي آهستي بلوچن جي ننڍن يا وڏن پاڙن سان ملي وڃڻ جي جدوجهد ڪري سگهيا آهن. جيتوڻيڪ، هينئن، هنن لاءِ پنهنجي ”جَت ذات“ مان چڙهي، ”بلوچ ذات وارا“ ٿيڻ ۾ ڪافي رنڊڪون به پئي رهيون آهن- پر، جيڪڏهن هو اهڙي هنڌ تي پهتا آهن، جتي هو بنهه نوان آهن- ۽ ساڳئي وقت هنن پنهنجن ٻين گروهن سان به تعلق ڇڏي ڏنو آهي، اتي هو بلاشبهه فائدو وٺي سگهيا آهن- ۽ ”بلوچ“ بنجي ويا آهن.

هجرت سان گڏ، ٻيون به ڪي اهم ڳالهيون آهن، جي ”گهٽ ذات“ مان چڙهي، ”اوچي ذات“ ۾ اچڻ لاءِ مددگار ثابت ٿين ٿيون. اول ته، جيڪڏهن ڪو گروهه پري وڃي، ذات مٽائي سگهيو آهي، ته پوءِ سندس اها ڪوشش جاري رهي ٿي، ته جنهن ”نئين ذات“ ۾، ان گروهه جا ماڻهو آيا آهن، سي ڪنهن به طرح، ان ذات وارن اصلوڪن ماڻهن سان هر لحاظ سان ڳنڍجي وڃن. سڀني ڳالهين مان ضروري ڳالهه مٽي مائٽي آهي- جا نه رڳو سڱن ڏيڻ، پر سڱن وٺڻ تي به ٻڌل رهي ٿي. ائين ڪرڻ سان، ذات مٽائيندڙ گروهه جي نئين- پر؛ ”پاڻ واري ذات کي، اصل ذات وارا نه رڳو تسليم ڪندا؛ بلڪ پنهنجي مائٽيءَ واري خيال کان، ان ٻئي گروهه جي لاءِ، پاڻ واري ذات کي، ٻين کان قبول ڪرائڻ جي لاءِ به زور لائيندا. هتي هڪ گروهه جي ذات مٽائڻ جي فائدي ۾ ٻه طاقتون ڪم ڪن ٿيون.

پر، سوال فقط هيءُ آهي ته، ڇا جَت ذات وارا ائين ڪري سگهيا آهن؟ ان هڪ سوال سان گڏ ٻيا به ٻه سوال اٿن ٿا- ۽ اهي هيءُ ته، جَت، بلوچ ٿيڻ ڇو ٿا گهرن؟ ۽ ٻيو ته، هنن جي نظر ۾ رڳو ’بلوچ ذات‘ ئي اوچي ڇو آهي؟

گڏيل روايتن مطابق، جَتن ۽ بلوچن جو هميشہ، پاڻ ۾ واسطو پئي رهيو آهي. بلوچ هميشہ، جتن کي پنهنجي هٿ هيٺ رکندا پئي آيا آهن. جنهنڪري، جت قوم جي ماڻهن، پنهنجو ڀلو ۽ بچاءُ، بلوچن جي هٿ هيٺ رهڻ ۾ پئي ڏٺو آهي، هڪ ڌُر جي لاڳيتي ’زور‘ ۽ ٻيءَ ڌُر تي لاڳيتي ’اثر‘ جي ڪري، نتيجو هيءُ پئي نڪتو آهي، جو ٻيءَ ڌُر- يعني جتن، پنهنجي سڀني مشڪلاتن جو حل ’بلوچ ذات‘ سان گڏ رهڻ ۾ ڏٺو- ممڪن آهي ته ان ڪري ئي ’بلوچ ذات‘ کي ”اوچي ذات“ ڪري مڃيائون. پنهنجي شخصيت ۽ حيثيت مڃرائڻ، انسان جي فطرت آهي. ان فطرت جي تحت، جت قوم، بلوچ قوم ۽ مدغم ٿي وڃڻ، يا گهٽ ۾ گهٽ، ”بلوچ ذات“ واري چوائڻ لاءِ، جدوجهد پئي ڪئي آهي.

ليڪن مزيدار نڪتو هيءُ آهي ته جَت ذات وارن، جنهن ٻيءَ ذات وارن سان ملي وڃڻ پئي چاهيو آهي، اهائي ذات، سندن لاءِ سخت رنڊڪ پئي ثابت ٿي آهي (جيتوڻيڪ جَتن جا ڪيترا پاڙا ۽ گروهه ذات مٽائڻ- ۽ بلوچ ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن.)؛ ڇو ته مذڪور جدوجهد جو رد عمل بلوچن ۾ به پئي پيدا ٿيو آهي. بلوچن، هڪ لحاظ کان، جَتن کي هٿ هيٺ رکڻ ۽ ٻئي لحاظ کان، انهن کي پري رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي آهي. نتيجي ۾، جَت ذات وارا، بلوچ قوم وارن کي سڱ ڏئي ته سگهيا آهن- پر وٺڻ ۾ انهن کي ڪا ڪاميابي نصيب نه ٿي آهي.

”مير جَت، جَتن جي ٻين سڀني پاڙن کان، پنهنجو پاڙو ”اوچو“ ٿو سمجهي- ۽ هن پاڙي وارا جَت، نڪي ٻين پاڙن وارن جتن ۽ نه ئي بلوچن کي سڱ ڏيڻ قبوليندا هئا. ليڪن، اڄ هيءُ پاڙو پنهنجا سڱ بلوچن ۾ ڏئي ٿو. جَتن جي هن وڏي پاڙي جا ڪيترائي گروهه آهن، جني مختلف هنڌن تي رهن ٿا. انهن مان ڪي گروهه ”رند بلوچ“ ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن. مير جتن جي هڪ گروهه وارن، جتن کان ٻاهر،ٻين گهٽ ذات وارن کي به سڱ ڏنا آهن- ۽ ائين هو ’مٿي چڙهڻ‘ جي عيوض، هيٺ لهي ويل ٿا ڏسجن. پر، ان گروهه جي ماڻهن ۾ اهڙو احساس، ضرور معلوم ٿيو. ان ئي پاڙي جا ڪي گروهه، اهڙين حالتن هيٺ آهن، جو في الحال، هو ”بلوچ“ ٿي نٿا سگهن.

ڏٺو ويو آهي، ته مير جتن کان سواءِ، ٻين سڀني جتن جي ٻولي”سرائڪي“ آهي. مير جتن جي ٻوليءَ کي ”جَتڪي- ٻولي“ چئجي ٿو. ائين چئي سگهجي ٿو ته اها ٻولي سرائڪي، سنڌي ۽ ڪوهستاني لهجي مان ٺهي آهي. هاڻوڪي سنڌيءَ جو منجهس ڪوڪو لفظ ملندو. ان جي ابتڙ، شاهه جي زماني واري سنڌيءَ جا چڱا لفظ منجهس موجود آهن. ٻيا به ڪي لفظ ان ۾ موجود آهن، جن لاءِ في الحال ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

ڪنهن قوم يا ڪنهن ذات جي سڃاڻپ ۾ ٻوليءَ کي به وڏو دخل آهي، جيتوڻيڪ اسان ڏٺو، ته ”مير جت“ به، ’جَت‘ ئي آهن، پر سندن ٻولي، ٻين سڀني جَتن جي ٻولي... ”سرائڪيءَ“ کان نرالي آهي، ليڪن، مير جتن جو هڪ اهڙو گروهه به آهي، جنهن پنهنجي ٻولي ”جَتڪي“ ڇڏي، سرائڪي اختيار ڪئي آهي. هتي به اسان کي هڪ دلچسپ نڪتو ملي ٿو. ”مير جَت“ سڀني جَتن مان اوچو پاڙو چيو ويو آهي؛ پر، سندن انوکيءَ ٻوليءَ کي وري ننديو پئي ويو آهي. ان جي برعڪس، جيڪي جَت سرائڪي ٻولي ڳالهائين ٿا، سي فخر ڪن ٿا. ان جو نتيجو هيءُ نڪتو آهي، جو مرڳو ”مير جَت“ پاڻ، ٻين سڀني جَتن کان وڌيڪ نندجڻ لڳا آهن. ڇا اهوئي سبب آهي، جنهن ڪري مذڪور گروهه، پنهنجي اصل ٻولي ڇڏي، سرائڪي اختيار ڪري، بلوچن جي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ گهرن ٿا؟

هن مطالعي مان اسان کي ڪيتريون ئي دلچسپ ڳالهيون معلوم ٿيون. مٿي ٻڌايو ويو آهي ته جَتن جا ڪي پاڙا ۽ مختلف پاڙن جا ڪي گروهه ”بلوچ“ ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. اسان اهو به ڏٺو، ته مير جَتن جا ڪي گروهه ”رند بلوچ“ بنجڻ ۾ سوڀ حاصل ڪري چڪا آهن.

... ”لِشاري“ اصل جت چيا وڃن ٿا ۽ اڄ به جَت آهن؛ پر هنن جَتن لاءِ، سندن ذات وارو نالو نهايت ئي مفيد ٿيو آهي ۽ هو ٻين پاڙن جي مقابلي ۾، آسانيءَ سان ”لاشاري بلوچ“ بنجي سگهن ٿا. ”پهوڙ“ به اصل جَت چيا ويا آهن؛ ليڪن اڄ هو مڪمل طرح بلوچ چوائين ٿا. پر، بلوچن سان باقاعدي ملي وڃڻ ۾، اڃا کين ڪي رنڊڪون درپيش آهن. اهڙيءَ طرح، ”سنجراڻي“، جَت ذات مان ”لغاري بلوچ“ ۽ ”ديناري جَت“، ”بُگٽي بلوچ“ بنجڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪا آهن.

دادو ضلعي جا ”ٻٻر“ پاڻ کي ”بلوچ“ ۽ حيدرآباد ضلعي جا ”ٻٻر“ پاڻ کي ”جمالي بلوچ“ چوائين ٿا. هوڏانهن قلات علائقي ۾ ”جت- ٻٻر“ موجود آهن. هنن وٽ اُٺن جا وڳ آهن. سندن زندگيءَ جو دارومدار اُٺن ڌارڻ ۽ چارڻ تي آهي. هو نه رڳو ڏاچين جو کير پين ٿا، پر وقت اُٺ جو گوشت به کائين ٿا. سندن گهرڙا ’تڏن‘ جا آهن، جي ’پيش‘ مان ٺاهين. تڏن وارن گهرڙن کي ”تڏاوان“ چئبو، پر هو ”ڪِڙي“ به چون. پَکا به ڪم آڻين. هو خانه بدوش آهن. انهن وٽ ’اُٺ ذات‘ لاءِ وڻندڙ ۽ مزيدار قصا، ڪهاڻيون ۽ روايتون آهن. هو اُٺ لاءِ ’بيوقوف‘ لفظ ڪم آڻيندڙ کي خود بيوقوف سمجهن ٿا. سندن ريتن ۽ رسمن ۾ ڪا خاص نئين ڳالهه نه آهي. سندن روايت مطابق، ”ٻٻر“ ذات جا اصل ”جَت“ آهن... ۽ اصل کان ئي اُٺ ڌاريندا ۽ چاريندا آيا آهن. ”ٻٻر“ سندن پاڙو آهي. هنن جَتن سان گڏ، هڪ ٻيو به گروهه آهي، جو ”ٻوراڻا“ جَت چوائي ٿو. هنن ٻنهي گروهن جا ماڻهو، جيتوڻيڪ خانه بدوش آهن، ته به جي پنهنجي گهرن کان پري هوندا، ته خانه بدوش نظر نه ايندا. رڻن پٽن ۽ جبلن ٽڪرن ۾ رهڻ جي باوجود، گفتگوءَ جا پڪا، بحث ۾ هوشيار ۽ پختا ۽ ڳالهين ۾ ڀَڙ آهن. زالن ۾ گهٽ فرق آيو آهي؛ تڏهن ٿورو به ’ڳهن‘ ۽ ڪپڙي لٽي ۾ فرق ايندو پيو وڃي. ڪوبه وقت مقرر ڪري نٿو سگهجي، ليڪن حالتن هيٺ، سندن زندگيءَ ۾ ضرور فرق ايندو.

هنن سڀني ڳالهين مان اهو مطلب نٿو ڪڍي سگهجي، ته ڪو اُٺَ ڌاريندڙ ۽ چاريندڙ جت، پنهنجي ان زندگيءَ مان ڪڪ آهن. هو پنهنجي ان ڌنڌي کي نهايت ئي عزيز ۽ عزت وارو سمجهن ٿا. شايد، ان جي خلاف ڪجهه ٻڌڻ به برداشت نه ڪن. سندن نظر ۾، اهي جُت قطعي بي سمجهه آهن، جن اُٺ وڪڻي پوک جو ڌنڌو اختيار ڪيو آهي. ساڳئي وقت، هو پوک جي ڌنڌي کي خراب به نٿا چون، بلڪ پسند ڪن ٿا. هو پوک ڪندا، پر اُٺ ڪڏهن به نه وڪڻندا. ليڪن حقيقت هيءَ آهي، ته پوک کانئن ”اُٺ“ کسي رهي آهي. ملڪ ۾ گهڻن واهن نڪرڻ ۽ عام آبپاشيءَ جي ڪري غيرآباد زمين... پَٽ ۽ جهنگ جهر ختم ٿيندا پيا وڃن. اڄ کان ٻارهن سال اڳ، اُٺ ڌاريندڙ ۽ چاريندڙ جَتُ، اڄ آبادگار آهي. سندس رهڻي ڪرڻي، هلت چلت، توڙي لباس به اهو نه رهيو آهي، جو ٻارهن سال اڳ هو. انهن ئي ڳالهين جي ڪري، سندن ريتن ۽ رسمن ۾ به ڪجهه نه ڪجهه، فرق ايندو پيو وڃي. ان ڪري ئي، ڊاڪٽر زيگرڊ ويسٽ فال چيو ته، ”سنڌ جي جَتن بابت پوري جاچ ڪرڻ جو وقت هيءُ آهي... ته به، مان ٻارهن سال دير سان پهتي آهيان.“

... ڪيئن به هجي، پر هنن عالمن، هن وقت مان پورو فائدو وٺي، سنڌ جي جَتن بابت تحقيق ۽ کوجنا مڪمل ڪئي آهي، ۽ هر پهلوءَ کان، جَتن جي زندگيءَ جي ڄاڻ، سندن ئي طرفان پيش ٿيندڙ ڪتاب مان حاصل ٿي سگهندي.

اهي عالم، 7-12-1961ع تي، هتان حيدرآباد کان لاهور روانا ٿي ويا؛ جتان هو، ساڳيءَ جاچ جي سلسلي ۾ هندوستان پهچندا ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ موٽي پنهنجي ملڪ جرمنيءَ ويندا.

محبوب علي چنه

سيوهڻ شريف

(نوٽ- هيءَ تقرير ’قلندر لعل شهباز ميموريل ڪميٽي‘ سيوهڻ پاران حضرت مخدوم سيد عثمان مروندي عرف لعل شهباز جي 708 ساله ورسيءَ تي مسٽر محبوب علي چنه پيش ڪئي. جا تاريخ ۾ سِيرَ جي شائقين لاءِ شايع ڪجي ٿي. گرامي)

حضرت لعل شهباز بلند پرواز جي ذڪر خير ڪرڻ کان اڳ هي واجب آهي ته اسان ان ملڪوتي مقام جو احوال ڏيون جتي سندس روح پُر فتوح ظاهري طرح هن ناسوتي دنيا کي ڇڏي راهه جاوداني اختيار ڪئي.

جيڪڏهن تاريخ جي روشنيءَ ۾ سيوهڻ جي گذشته ماضي ڏسبو ته پڌري پٽ ظاهر ٿيندو ته سنڌو تهذيب جي پراچين کنڊراتي طبقي بعد سيوهڻ جو درجو اچي ٿو- يعني سنڌ جي موجوده آباد شهرن ۾ سڀ کان قديم سيوهڻ آهي. هن شهر جو ذڪر فارسي قديم تاريخن خواه تذڪرن جي ڪتابن ۾ آيل آهي. جيئن تاريخ سنڌ جي قديم سرچشمي چچ نامه ۾ ڄاڻايل آهي ته راءِ سيهرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ تي چار حڪمران مقرر ٿيل هئا. انهن مان هڪ سيوستان جي ”قصبہ“ تي به حاڪم هو جنهن جي هٿ ۾ ٻُڌيہ، جَنگان، رونجهاڻ، ڪوه پايه ويندي مڪران جي حد تائين ملڪ هو (ص 22). تاريخ معصومي به ان حقيقت کي دهرايو آهي. تحفة الڪرام جي صاحب سيوستان جو ذڪر ان طرح ڪيو آهي؛ ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن. پنجين ولايت ۾ آهي. هڪ قديمي شهر سنڌ جي اولاد سهوارن جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو (سنڌ جي مشهور) ڇهن قلعن مان آهي. انهيءَ کان پوءِ ڪيئي دفعا مرمت ٿيو آهي. قديم الايام کان خلاصو تختگاهه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کان پوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو. شاهه بيگ اهو ڄام فيروز کان کسيو هو. مرزا شاهه حسن وري ٺٽي ۾ داخل ڪيو. جڏهن سنڌ جلال الدين محمد اڪبري بادشاهه جي درٻار جي گورنرن جي حڪم هيٺ آئي، تڏهن وري نئين سر علحده تختگاهه ٿيو. نواب خدا يار خان جي حڪومت جي ڏينهن کان وري اصلوڪي دستور موجب باقي سنڌ ۾ داخل آهي.

سندس جبل تي واهي جو چشمو عجائبات مان آهي. ڪيترائي مريض انهي مان غسل ڪرڻ ڪري شفاياب ٿيندا. سدائين ساڳيءَ طرح رهي ڀريل ٿو ۽ پاڻيءَ جي اچڻ جي جاءِ معلوم ڪانهي. مقرر ڏينهن تي هندو اتي پوڄا لاءِ اچي گڏ ٿيندا آهن.

ٻي يڪٿنڀي جاءِ آهي، جو جبل، هڪ وڏو صفحو هڪ ٿنڀ تي بيٺل آهي. عام اعتقاد موجب هي قدرتي ٺهيل آهي. ماڻهو سير لاءِ اتي ويندا آهن ۽ سندس ڇت تي چڙهي نظارو ڏسندا آهن. چون ٿا ته چئن يارن يعني مخدوم جلال جهانيان، شيخ عثمان مروندي، شيخ فريد ۽ شيخ بهاؤالدين اتي ويهي مراقبا ۽ چلا ڪڍيا آهن. هڪ ناليري جاءِ ۽ سڳورو مڪان آهي.“ (ص 248)

تاريخ دانن هن قديم شهر جا ڌار ڌار نالا ڏنا آهن. ڪن هن کي يوناني سڪندر جي زمانه جو سنڊيمنا، ڪن هن کي رامائڻ جي زمانه جو سيوستان، شروسان، سدوستان ۽ سادوستان سڏيو آهي. ”هندوستان جي قديم جاگرافيءَ“ جي صاحب مسٽر ڪننگهام ٻين تاريخ دانن سان متفق ٿيندي لکيو آهي ته ”هن سنڊيمنا شهر وٽ جابلو قومن جي بادشاهه سامبوس سڪندر جي سامهون هٿيار پيش ڪيا.“ (ص 264) هن سامبوس کي مسٽر جي- ڊبلو سمٿ پنهنجي گزيٽيئر ۾ ”شايد سمو“ سڏيو آهي. (ص 47)

”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ ۾ ڪاڪي ڀيرو مل وري لکيو آهي ته هي شهر راجا اشينر جي پٽ شبيءَ وسايو جنهنڪري هن کي شِبيسٿان يا شِوسٿان ڪري سڏيندا آهن. راجا اشينر رامايڻ جي زماني جيترو جهونو آهي، مگر دوراڪا پرساد شرما ان خيال جي مخالفت ڪندي لکيو آهي ته راجا اشينر جي پٽ شبيءَ هاڻوڪي سبيءَ جو شهر وسايو. وري هن شهر جي اپٽار ڪندي مسٽر شرما لکي ٿو ته هن جي انومان موجب جنهن وقت سڪندر کان پوءِ هندوستان تي اتر اولهه کان ڪاهون ٿيڻ شروع ٿيون، تنهن وقت اتر هندوستان جون، جنهن ۾ پراچين سنڌ جي اتر وارو ڀاڱو اچي ٿو وڃي، ڪيتريون کتري جاتيون هجرت ڪري ڏکڻ هندوستان ڏانهن روانيون ٿيون. مثلاً ملمان جي دلير مالون مالوا شهر، ڀٽنڊا جي ڀاٽين جيسلمير ۽ سبيءَ جي شوي کيترين سيوهڻ اچي وسايو ۽ وڌيڪ ڏيکاري ٿو ته سيوهڻ جو شهر اٽڪل ٻن اڍائي هزارن سالن جو جهونو آهي (سنڌ جو پراچين اتهاس، جلد 3، ص 161). جيڪڏهن ڪاڪي ڀيرومل جي ڀاونا تمام آڳاٽي آهي ته وري مسٽر پرساد جو پُور به حقيقت جي حد کان گهڻو گهٽ اهي. سڪندر (356-323 ق. م) جي ڪاهه کان اڳ سيوهڻ جو وجود هو، ان ڪري ائين آکڻ ته سڪندر کان پوءِ سيوهڻ وسيو سو حقيقت کان دور آهي. اول خير، بندو پنهنجي پياري وطن جي تحقيق جلد هٿ ۾ کڻندو جئن برهمڻ آباد جي تحقيق ٻن سالن کان وٺي ڪري رهيو آهي.

سيوهڻ آڳاٽي زماني کان وٺي سنڌ جي بچاءُ لاءِ هڪ دروازي جو ڪم ڏيندو رهيو آهي. اسلام کان اڳ به هي حال هو ته پوءِ ٻه ساڳيو. حضرت محمد بن قاسم جڏهن ديبل فتح ڪيو ته ان جو توجهه يڪدم سيوهڻ ڏانهن ڇڪيو. ان زماني ۾ بلاذري، الادريسي ۽ ابن حوقل جي نقشي مطابق سيوهڻ جو نالو ’سدوسان‘ هو. سومرن تي لاڙ کي وسايو مگر سمن سيوهڻ کي پنهنجي قبضي ۾ رکيو. جڏهن شاهه بيگ ارغون سمن جي آخرين تاجدار ڄام فيروز کان سنڌ جون واڳون ٿي ورتيون ته هن کي ٻي جنگ سيوهڻ جي ڪارزار تي وڙهڻي پئي؛ جنهن ۾ حضرت مخدوم بلاول ؒ سمن جي پاران برک حصو ورتو. شير شاهه سوريءَ کان شڪست کائي جڏهن بادشاهه همايون سنڌ ۾ آيو تڏهن هن سيوهڻ هٿ ڪرڻ جي سخت ڪوشش ڪئي، پر مرزا شاهه حسن ارغون جي امير مرزا عليک کان شڪست کائي ايران ڏانهن هليو ويو. ماثر الامراء ۾ لکيل آهي ته جڏهن اڪر اعظم جي عالم ۽ فاضل جرنيل مرزا عبدالرحيم خانخانان سنڌ تي حملو ڪيو ته به اُن صاحب سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ سيوهڻ جو رخ رکيو... جڏهن سنڌ پنهنجي خودمختياري قربان ڪئي ته سنڌونديءَ جي ساڄي ڪپ تي دائودپوٽن، ڪلهوڙن ۽ پنوهرن جون وڃايل طاقت کي حاصل ڪرڻ لاءِ جنگيون شروع ٿيون. ان وقت فاتح يارمحمد ڪلهوڙي خداآباد دادوءَ واري آباد ڪئي، جنهن سيوهڻ جي شهرت کي ڌڪ هنيو. ويتر ڪلهوڙن درياء جي ڪپ تي محمد آباد، الله آباد ۽ خداآباد هالن واري تعمير ڪيا ته ويچارو سيوهڻ سڏڪيون ڀرڻ لڳو! انگريزن جي راڄ بعد سيوهڻ مرڳو هڪ ننڍيءَ بستيءَ جي شڪل ورتي جئن ڊبليو. ڊبليو. هنٽر جي گزيٽيئر ص 225 مطابق 1872ع ۾ سيوهڻ جي آدمشماري چار هزار ٻه سؤ ڇهانوي آهي ۽ جَي. ڊبليو. سمٿ جي گزيٽيئر ص 47 مطابق 1911ع ۾ سيوهڻ جي آدمشماري چار هزار ست سؤ اُڻونجاهه آهي. هنٽر جي لکئي مطابق 1881ع ۾ سيوهڻ تعلقو سنڌ جي بهترين ڪڻڪ ۽ نير پيدا ڪندڙ تعلقن مان هڪ هو... جڏهن 28 نومبر 1635ع بعد ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ سنڌ سان واپار جو سرشتو شروع ڪيو ته به انهن جي لسٽن تي سيوهڻ جو نير ۽ ڪپڙو چڙهيل هئا. سيوهڻ جو نشانبر قدامت سان گڏ ان ۾ علم و فضيلت ۽ روحانيت جا ساگر سمايل هئا. هر هڪ تاريخي خواه ادبي ڪتاب ۾ سيوهڻ جي عالمن، فاضلن ۽ مشائخن جو ذڪر آهي. ويچاري مير علي شير قافع ٺٽويءَ هن ڏس ۾ چڱي خدمت بجا آندي آهي، الله سائين شال مرهيس... مقالات الشعراء ۽ تحفته الڪرام ۾ سيوهاڻي بزرگن جون باتيون بسيار ڪيون اٿس.

مگر واءِ قسمت! ڪمال ۽ زوال جو فلسفو سيوهڻ جي موجوده شڪسته حاليءَ مان عيان آهي... اهي جايون جتي هندن جي هندورن جو هُل هو، اتي هاڻي چٻري جي چوٻولي جو غُل آهي ۽ اهي هنڌ ’موئن جي دڙي‘ جي بي ثباتيءَ تي دلالت ڪري رهيا آهن- سبحان الله! بقول بنده- ”هر ڪنهن ڪمال کان پوءِ آخر زوال آهي“. اُن زوال جي زماني ۾ به هڪ انگريز مسٽر جي. ڊبليو. سمٿ هن حقيقت جو اظهار ڪيو آهي ته ”جيتوڻيڪ سيوهڻ پنهنجي شهرت وڃائي چڪو مگر 13 صديءَ جي وچ ڌاري هن مشهوريءَ جو ٻيو حق حاصل ڪيو جو هي اڪابر اولياءِ ڪرام مان هڪ بنام شيخ عثمان مروندي المعروف لعل شهباز جي مرقد جو مقام بنيو... هاڻي سيوهاڻين خواه ٻاهرين لاءِ محض هي ڪشش جو ثقل آهي.“

اچو ته هن سنڌ جي ولي ۽ واليءَ جي ذڪر خير مان ڪجهه برجهون ۽ پرايون، ڇو ته ڪيترن بزرگن فقط هن ڌڻي ڌوئل جي ذڪر خير کي افضل سمجهيو آهي، جيئن مرحوم منشي خداداد خان صاحب لب تاريخ ۾ لکيو آهي ته ”لب تاريخ سنڌ جي مولف سيوستان يا سيوان متعلق تمام گهٽ لکيو آهي... هن شهر ۾ ”قلندر“، جو سنڌ جو بادشاهه آهي، رونق افروز آهي، اُن جو ڪهڙو بيان ڪري ٿو سگهجي؟ هن موقعي تي هي ظاهر آهي ته ڪتاب جي ديباچه جي مناسبت ڪري هن (شهباز رح) جو احوال ڏجي“. ان بعد هن صاحب قلندر سائينءَ جو احوال ڏنو آهي. ٻين به ڪيترن سنڌ جي بزرگن خواه ٻاهرين لعل شهباز جي باري ۾ مدح سرائي ڪئي آهي. دور دراز جا دولهه، اڙانگا ڪشالا ڪري ڏونگر ڏوري، لعل سائينءَ جي زيارت بابرڪت لاءِ ايندا هئا. مقالات الشعراء مان ظاهر آهي ته شاهه رضائي سورت بندر تان سيڙهجي اچي سيوهڻ سهڙيو... ملا طيب سيار ته شهباز جي شان ۾ وڏو قصيدو چيو چيو آهي... ان مان نموني طور چند سٽون معنى سوڌو پيش ڪجن ٿيون:

صحنِ پاڪِ مرقد آن شاهِ دين،

در صفا رشڪِ گلستانِ ارم.

نااميد را بدرگاهش رسد،

هر زمان مڙدهء رفعِ الم.

(هن دين جي بادشاهه جي مقبره جو اڱڻ شريف پاڪائيءَ ۾ بهشتي باغ برابر آهي. سندس درگاهه ۾ نااُميدن کي هر وقت دردن جي دور ٿيڻ جي خوشخبري پهچي ٿي.)

تاريخن مان ظاهر آهي ته مخدوم بلال ۽ مخدوم جعفر جهڙا بزرگ به روحاني ڪچهريءَ لاءِ وٽن ايندا هئا.

نالو ۽ نسب: سندن نالو مبارڪ سيد عثمان هو ۽ سندس لقب شمس الدين لعل شهباز قلندر هو، مگر سندن شجرا ڌار ڌار تاريخن ۾ جدا جدا آهن الوحيد ”سنڌ آزاد نمبر“ جي اداري کين حضرت امام جعفر صادق رضه سان اٺينءَ پيڙهيءَ ۾ وڃي گڏيو آهي جو بالڪل درست نه آهي. ماثر الڪرام جي مصنف سيد مولانا مير غلام علي آزاد بلگرامي ڄاڻايو آهي ته ”سندن نسب شريف تيرهين واسطي سان حضرت امام جعفر صادق سان وڃي ملي ٿو“ لب تاريخ سنڌ، مطبوع سنڌي ادبي بورڊ مطابق مرحوم آزاد بلگرامي جو لکيو صحيح نظر اچي ٿو ته سندن واسطو تيرهينءَ پيڙهيءَ ۾ هيٺين طرح امام جعفر صادق رضه سان وڃي ملي ٿو: ”حضرت عثمان مروندي (ميمندي) عرف ”لعل شهباز قلندر“ بن (2) سيد ڪبير بن (3) سيد شمس الدين بن (4) سيد نور شاهه بن (5) سيد محمود شاهه بن (6) سيد احمد شاهه بن (7) سيد هادي بن (8) سيد مهدي بن (9) سيد منتخب بن (10) سيد غالب بن (11) سيد منصور بن (12) سيد اسماعيل بن (13) امام محمد جعفر صادق رضي الله تعالى عنہ“. تذڪره صوفيائي سنده اردو جي مرتب مولانا اعجازالحق قدوسيءَ جو لعل شهباز جو نسب سنڌ ادبي بورڊ جي لب تاريخ سنڌ جي قلمي نسخي تان ورتو آهي، ان ۾ هڪ ڪڙي سيد اسماعيل ۽ امام جعفر صادق جي وچ ۾ وڌايل آهي يعني ”سيد اسماعيل بن امام محمد بن امام جعفر صادقؓ، حضرت محمد جن جا نالا امام جعفر صادق جي اولاد ۾ ملن ٿا، مگر تحفة الڪرام قلندر لعل شهباز جي احوال جي شروعات هن طرح ڪئي آهي:

”شيخ عثمان مروندي عرف مخدوم لعل شهباز بن سيد ڪبير الدين محمد بن سيد صدرالدين امام صادق عليہ السلام جي فرزند امام اسماعيل جي اولاد مان آهي.“ هت وري سيد ڪبير سائين جي والد جو نالو غلط آيو آهي. شايد ترجمان يا ڇاپي جي غلطي آهي ڇو ته تحت الحاشيه جو مير علي شير قانع جي دسختطي نسخو ڏنل آهي ان ۾ سيد ڪبير بن سيد شمس الدين ڏيکاريل آهي. اسان جو ڳوٺاڻي جليل سيوهڻا لعل شهباز جي شجره مبارڪ جي بيان ۾ شجره جون ٻه ڪڙيون وڌايون آهن. يعني سيد منصور بعد ”سيد اسماعيل ثاني“ بن ”سيد محمد عريضي“ بن ”سيد اسماعيل عرج اڪبر“ بن ”امام جعفر صادق عليہ السلام.“

وطن: سندن آبا و اجداد جو وطن مالوف ”مروند“ هو جنهن کي لب تاريخ سنڌ جي صاحب ”ميمند“ افغانستان جي هرات پرڳڻي جي قريب ڄاڻايو آهي. مگر ماثر الڪرام جو صاحب ائين لکي ٿو ته ”مرند بفتح ميم و راءِ مهمله و سڪون نو و دال مهمله قريه است از قرائي تبريز“ يعني (مرند لفظ جو اچار ائين ڪبو: ’م‘ مٿان زبر ۽ ’ر‘ خالي ۽ نون تي جزم ۽ دال خالي. تبريز جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ آهي.) ماثر الڪرام واري ”تذڪره مشائخ سنڌ“ جي حوالي ۾ لکيو آهي ته ”حضرت مخدوم ”جي ڄمڻ ۽ پرورش جو مقام ”مرند“ آهي.“ شيخ محمد اڪرام آب ڪوثر جي مصنف وطن جي باري ۾ مواد هوبهو ماثر الڪرام تان ورتو آهي. ڏاڍو ڏک ٿيم جو ڏٺم ته هن برگزيده بزرگ جي سوانح حيات جي هر ڪڙيءَ ۾ ڪجهه نه ڪجهه اختلاف نظر اچي ٿو. الوحيد سنڌ آزاد نمبر جي اداري وري ائين لکيو ته: ”حضرت لعل شهباز آذربائيجان (آرسينا) پرڳڻي جي هڪ ڳوٺ ”مرند“ ۾ تولد ٿيو.“ آخر بنده تحقيق شروع ڪئي ۽ ان نتجيي تي پهتو ته حضرت لعل شهباز ”مرندي“ آهي ۽ نه ”مروندي“ جئن عام طرح مشهور آهي. ٻن انگريزي ڪتابن ”ايران- ماضي ۽ حال، از ڊونالڊ- اين ولبر“ ۽ ”افغانستان- از فريز رٽٽلر“ جي مطالعي مان معلوم ٿيو ته هرات کان اتر ۾ ڪُشڪ نالي شهر آهي جتي روس ۽ افغانستان جون حدون اچي ملن ٿيون. ان کان به اتر 160 ميل خشڪ جابلو ملڪ ۽ بيابان جي وچ ۾ هڪ وڻندڙ خيابان بنام ”مروِ“ (Merv) آهي جو عربن جي ڏينهن ۾ خراسان جي اڳوڻي گاديءَ جو هنڌ هو اتي سڪندر جي وقت جا کنڊرات پسجن ٿا. هي شهر علم، عرفان ۽ آسودگيءَ جو مرڪز رهيو آهي. سلجوقين جي ڏينهن ۾ هن ۾ يونيورسٽي هئي- ڪيترن ئي سياسي حڪمرانن جي طمع جو لقمو رهيو. هاڻي روس جي حدود اندر آهي- آذربائجان جي گاديءَ جي هنڌ تبريز آهي. هي تهذيب، علم، عرفان، قدامت ۽ سير و تفريح جو سينٽر رهيو آهي. ان جي مضافات ۾ سياحن کي مراغہ،”مرند“ ۽ ريزايہ جا شهر ملن ٿا. مرند جو شهر تبريز جي اتر اولهه ۾ چاليهه ميلن جي فاصلي تي واقع آهي. هاڻي جيڪڏهن افغانستان جي سابق شهر ’مرو‘ وٺون ته اهو ’مَرو‘ آهي ۽ نه ”مروند“ جئن عام طرح مشهور آهي ان ڪري آذربائجان پرڳڻي جي شهر ”مرند“ کي لعل شباز جو مولد سمجهبو.

ولادت: ”حيات نامه قلندري“ جي صاحب ڪنهن شاعر جا چند هيٺيان شعر پيش ڪيا آهن جن مان لعل سائين جي عمر، سن ولادت ۽ وفات نڪرن ٿا:

بجو تاريخ شمس الدين عثمان، بدرڪن رنج، از فلڪ ڪرامت

      /358 هه

سن عمرش ولي الله،وقاتش،

112

سروش غيب مي گويد ”برحمت“

560 هه

ان مطابق سندن ولادت 538 هه ۾ ڏيکاري ويئي آهي. لب تاريخ سنڌ واري وري 583 هه بمطابق 1187ع ڏيکاري آهي (ص 7). تذڪره صوفيائي سنڌ جي صاحب تولد جي تاريخ ته لب تاريخ سنڌ تان ورتي آهي مگر انگ اکر غلط ڏيکاريا اٿس يعني 573 هه بمطابق 1177ع (ص 199) تحفة الڪرام وارو تولد جي تاريخ ڏيڻ کان خاموش آهي.

ننڍپڻ: قادر جي قدرت جو اڃا هن دنيا ۾ نه آيا هئا ته پنهنجي والد بزرگوار کي، جو مجرد هو، خواب ۾ چيائون ته ”مون کي ٻاهر آڻيو“. سندن والد صاحب کين جواب ڏنو ته ”بهشت مان ٻاهر اچڻ افضل آهي؟“ وري پيءُ کي عرض ڪيائين ته ”دنيا ۾ ظهور ٿيڻ پڻ احسن آهي.“ هيءَ روايت ”لب تاريخ سنڌ“ (ص 7) تي آيل آهي. آخر سيد ڪبيرالدين کي ”سيد سلطان شاهه“، جو ان وقت مرند جو حاڪم هو، تنهن پنهنجي دختر نيڪ اختر جو سڱ ڏنو جنهن مان لاهوتي لعل سيد عثمان پيدا ٿيو.

پاڻ ڄمندي ڄام هئا، ننڍي هوندي ئي سندن دائي ۽ والده هن ڏاتاري ڏات جون گهڻيئي ڪرامتون ڏٺيون... جڏهن سندن عمر ستن ورهين تي پهتي ته کين سڄو قرآن شريف ياد هو.. پوءِ ته کين اچي ويراڳ لڳو. رب سائين جي قدرت جي ڪرشمن ۾ محو ٿي ويا، تان جو گهر موٽڻ جي وائي نه واريائون. هڪ روايت موجب سندن والده ماجده پنهنجي پياري جگر جي هجر جي جهوراڻي ۾ هن دنيا کان رخصت باب ٿي. سندن والد بزرگوار به هن دولابي دنيا کان دور ٿي وڃي ڪربلا معلى ۾ مقيم ٿيو. اتي هن کي سندس دلبند مليو.

جواني: قراني حڪم سيروافي الارض ڌرتي ۾ سير ڪريو، تي باعمل رهيا ۽ ايران، عراق حجاز جا مقدس مقامات سڀ ڏٺائون.

بيعت ۽ سياحت: ان پيغمبري سياحت کيس آسمان جي اوچاين ۽ زمين جي تهن تائين پهچايو.. ماثر الڪرام جي صاحب جي لکيت موجب ’جڏهن پاڻ سن بلوغت تي پهتا ته بابا ابراهيم، جو شيخ جمال مجرد جو مريد هو، جي خدمت ۾ حاضر ٿي مريد ٿيو ۽ هڪ سال تائين ان جي خدمت ۾ رهيو... ان بعد خلافت جو خرقو حاصل ڪري هندوستان جو رخ رکيائون ۽ شيخ فريد گنج شڪرؒ ۽ شيخ بهاؤالدين زڪريا ؒ جي صحبت مان فيضياب ٿيا. شيخ صدرالدين عارف بن بهاؤالدين زڪريا ؒ سان به اڪثر صحبت رهندي هين... تاريخ فيروز شاهي جي صاحب ضياء برني لکيو آهي ته ”جڏهن حضرت لعل شهباز ملتان آيو ته خان شهيد يعني محمد قاآن بن بلبن معرفت ۽ اعتقاد جي بناء تي نياز ۽ عقيدت جا شرط بجا آندا. هن گهڻي ڪوشش ڪئي ته هي صاحب ملتان ۾ توقف ڪري. ان لاءِ هڪ خانقاه به جوڙايائين، مگر لعل سائين اتي ترسڻ لاءِ رضامند نه ٿيو، ڇو ته هڪ روايت آهي ته سندن مرشد جي حڪم مطابق کين سيوستان جي ظلمت ڪده کي روشن ڪرڻو هو... هڪ دفعي خان شهيد حضرت صدرالدين عارف سهروردي ۽ حضرت شيخ عثمان شهباز مرنديءَ کي مجلس لاءِ گهرايو ۽ عربي غزل ويهي آلاپيائون... سڀئي بزرگ ۽ جماعت سماع ۾ مصروف هئا ته خان شهيد هٿ ٻڌي بيٺو هو ۽ زار زار پئي رنائين. تحفة الڪرام موجب پاڻ ملتان ۾ 662 هه بمطابق 1264ع ۾ آيا... هئا هتي هڪ نڪتو واضح ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو ته جيڪڏهن لعل سائين جي وفات 650 هه بمطابق 1622ع ۾ ليکجي ته پوءِ سندس قيام ملتان ۾ 662 هه = 1264ع ٿي نٿو سگهي. ان ڪري تحفة الڪرام يا ٻين تاريخن سندن تاريخ وفات 662 هه بعد 683 هه ڄاڻائي آهي. تحفة الڪرام ۽ لب تاريخ ڄانايو آهي ته پاڻ شيخ بهاؤ الدين ملتاني ولادت 565 هه) شيخ فريد الدين شڪر گنج پاڪپتني (ولادت 584 هه) ۽ شيخ جلال جهانيان ’اوچ والہ‘ (ولادت 707 هه) جي صحبت ۾ هندو و سنڌ جا گهڻا طرف گهميا... ان ڪري هن چئن يارن جي دلڪش دوستي کي ”هندوستان جا چار يار“ ڪري سڏجي ٿو... هت هڪ ٻيو نڪتو وضاحت طلب آهي. سڀ تاريخون ان ڳالهه تي متفق آهن ته حضرت سيد جلال الدين بخاري مخدوم جهانيان جهان گشت جي والدت سن 707 هه بمطابق 137ع ۾ ٿي جڏهن لعل سائين ٻنهي روايتن موجب هن جهان ۾ نه هئا. ان ڪري سندن چوٿون بار سيد جلال الدين بخاري مخدوم جهانيان نه هو، پر سندس ڏاڏو سيد جلال الدين منير شاهه مير سرخ بخاري هو جنهن اُچ شريف اچي 642 هه بمطابق 1044ع ۾ وسايو. (آب ڪوثر ص 309). باقي خزينة الاصفيا ص 58 ۽ بزم صوفيه ص 407 تي آيل آهي ته ”سلطان محمد تغلق جي عهد ۾ سيد جلال مخدوم جهانيان شيخ الاسلام هو ۽ سنڌ جي مٿان به هو، ان ڪري سيوستان ۽ ان جي پسگردائي ان لاءِ مخصوص هئي. ان حساب سان مخدوم جهانيان لعل شهباز سان مماتي بعد روحاني ڪچهريون ڪيون هونديون. باقي خواجه فريد گنج شڪر جو سيوستان ۾ اچڻ خود سندس تصنيف راحت القلوب (ص 17) ۽ بزم صوفيه (ص 129) مان ظاهر آهي. جنهن مطابق ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن پاڻ سيوستان جي سير و سياحت ۾ مصروف هئا، تڏهن شيخ اوحد الدين ڪرمانيءَ سان سندن ملاقات ٿي. سيوستان جي ٻئي هڪ بزرگ جو ذڪر ڪري فرمايائون ته پاڻ ان بزرگ کي ڏٺائون ته بيٺو آهي ۽ الله سائين جو ذڪر ڪري رهيو آهي. مان ان وٽ بيهي رهيس. هڪ ڏينهن ان کي هوش آيو ته فرمايائين ته الله تعالى جنهن کي سعادت ابدي عطا ڪندو آهي ته ان جي لاءِ ذڪر جو دروازو کولي ڇڏيندو آهي ۽ هو شخص سمهندي، جاڳندي اٿندي ويهندي ذڪر ۾ رهي ٿو ۽ سواءِ قضاء حاجت جي تمام وقت ذڪر ڪرڻ گهرجي.

سيوهڻ ۾ ورود: هندستان اچڻ کان پوءِ سندن مرشد جو اهو حڪم هو ته پاڻ اچي سيوستان ۾ منزل انداز ٿين ۽ خلق خدا جي رهبري ڪن. مگر تحفة الڪرام جي صاحب وري ائين به لکيو آهي ته شاهه شمس بوعلي قلندر (ولادت 605 هه) وٽن آيو... ان چيس ته هندستان ۾ اڳ ئي ٽي سؤ قلندر آهن، بهتر آهي ته توهان وري سنڌ ڏانهن تشريف فرما ٿي وڃو... انهيءَ اشاري تي سيوستان ۾ اچي رهڻ گهريائين... جيڪڏهن ٻنهي قلندرن جي ولادتن جي تاريخن کي ڏسبو ته اها حقيقت پڌري پٽ ظاهر ٿيندي ته حضرت بوعلي قلندر پانيپتي قلندر لعل شهباز سيوهاڻي کان گهڻو ننڍو آهي... سيوستان طرف اچڻ بابت لب تاريخ سنڌ جي صاحب ائين لکيو آهي ته ”آخرڪار گهڻي سياحت بعد سيوستان (سيوان) شهر ۾ اچي رونق بخش ٿيا“... هڪ شاعر سندن ورود ”نمود آفتاب دين“ مان ڪڍيو آهي، جو ابجد جي حساب مطابق سال 644 هه مطابق 1246ع ٿئي ٿو“؛ (ص 8) مگر تاريخ جي روشنيءَ ۾ هي سال قبول ڪرڻ درست نه آهي ڇو ته بلبن جو دور حڪومت 265-1287ع آهي... ان ڪري تحفة الڪرام جو ملتان ۾ اچڻ جو سال 662=1264ع صحيح پيو لڳي. اها حقيقت آهي ته بلبن ناصرالدين محمود جي ڏينهن ۾ به ذري گهٽ بادشاهه هو... ناصرالدين جو دور حڪومت 1246= 1265ع آهي. مگر لعل شهباز جو سيوهڻ ۾ ورود ناصرالدين جي دور حڪومت جي شروعات ليکجي ۽ ملتان ۾ توقف ان کان به اڳ، سو ناممڪن آهي... ڇو ته خان شهيد ملتان ۽ سنڌ جي گورنريءَ جون واڳون پنهنجي والد بلبن جي ڏينهن ۾ ورتيون هونديون يا کڻي ناصرالدين جي ڏينهن ۾ ۽ نه هن کان اڳ. ان حساب سندن سالِ وفات به اهو ليکبو جو تحفة الڪرام ڏنو آهي ۽ نه لب تاريخ وارو.


* a) Donald. N. Wilber - Iran, - past and present PP, 6, 7, and 197.

  b) Fraser Tytler, Sir Ken, Lt. Col. Afghanistan PP. 157-336.

(1)  سب مورخ ۽ محقق بابا ابراهيم کي ”ڪربلائي“ لکن ٿا. سندن ”ڪربلائي“ هجڻ، سڪونت جي ڪري بيان ڪيو ويو آهي. لهٰذا ان ڪري ئي سندن شيعه هجڻ لاءِ اشتباه پيدا ٿيو آهي، ورنه حضرت بابا ابراهيم ڪربلائي مذهباً سني، ۽ مشرباً شيخ الطريقت آهي، ۽ خوت لعل شهباز به قلندر ۽ صوفي المشرب لکيو ويو آهي. (گرامي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com