سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :2

محترم سيد شاهه محمد شاهه جي واپسي

محترم سيد شاهه محمد شاهه، سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ، جو تعليم کاتي مان آيل هو، تنهن صاحب کي، تعليم کاتي جي طلب تي، سنڌي ادبي بورڊ جي خدمت کان سبڪدوش ڪيو ويو آهي. شاهه صاحب بورڊ جو هڪ سال سيڪريٽري ٿي ڪم ڪري چڪو آهي. سندس ڪيل خدمتن متعلق، ’بورڊ‘ پنهنجي هڪ ريزوليشن ۾ شڪريي جو اظهار ڪيو آهي. اسان جي دعا آهي ته هو صاحب جتي هجي، اتي پنهنجي ديس ۽ زبان ۽ ثقافت جو سچو خدمتگذار ثابت ٿئي.

جناب سيد ميران محمد شاهه جي مقرري

سيد شاهه محمد شاهه صاحب جي استعفا تي، بورڊ جي پاران، سنڌ جي مشهور اديب، شاعر، عالم ۽ بزرگ هستي، جناب سائين ميران محمد شاهه صاحب، ’بورڊ‘ جون واڳون سنڀاليون آهن، ۽ اعزازي سيڪريٽريءَ جي حيثيت سان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي. جناب شاهه صاحب جن برصغير پاڪ و هند جي چوٽيءَ جي سياستدانن ۽ برک قومي ليڊرن ۾ شمار ٿين ٿا. تحريڪ آزادي کان وٺي، مختلف سرڪاري ۽ قومي منصبن تي فائز رهندا آيا آهن. پاڻ سنڌ اسيمبليءَ جا مسلسل ڏهه سال اسپيڪر رهيا، ۽ سنڌ جا وزير به رهيا. سنڌي ادب ۽ ثقافت جي خدمت جي سلسلي ۾، سنڌي ادبي بورڊ جي اوائلي تشڪيل ۽ تعمير سندن مرهون منت آهي. ان کان سواءِ ڀٽ شاهه جي ثقافتي اجتماع جا باني مباني به پاڻ آهن. هن وقت لطيف يادگار ڪميٽيءَ جا چيئرمن آهن. پاڻ پاڪستان پاران اسپين ۾ سفير به رهي چڪا آهن. اسپين کان واپس اچڻ کان پوءِ ڪراچي امپرومينٽ ٽرسٽ جا چيئرمن مقرر ٿيا، ۽ ان کان پوءِ ائگريڪلچرل بئنڪ آف پاڪستان جا چيئرمن ٿيا.

شاهه صاحب جي علمي ۽ ثقافتي زندگيءَ لاءِ شاهه لطيف جا ساليانا ميلا، لطيف يادگار ڪائونسل، لطيف ثقافتي مرڪز، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، مدرسة البنات، حيدرآباد، سنڌي مرڪزي بورڊ (جو اڄ سنڌي ادبي بورڊ آهي)، هڪ تاريخي يادگار جي حيثيت رکن ٿا.

پنهنجي ادب ۽ ثقافت جي خدمت جي سلسلي ۾ ادبي بورڊ جي خدمت لاءِ اعزازي سيڪريٽري ٿي اچڻ، سندن مخلصانه ايثار جو ثبوت آهي. دعا آهي ته شال سندن وسيع تجربي مان نه فقط بورڊ مستفيد ٿئي، پر سنڌي ادب ۽ ثقافت کي به زندگي بخش رونق نصيب ٿئي.

سنڌي زبان جا مسئلا

سنڌي زبان پنهنجي علمي، ادبي ۽ لغوي سرمايي ۽ معيار جي حيثيت سان مغربي پاڪستان جي سڀني زبانن کان ممتاز ۽ منفرد آهي. سنڌيءَ جي مقابلي ۾ پنجابي، ملتاني، سرائڪي، پشتو، بلوچي ۽ گجراتي زبانون نڪي علمي آهن، نڪي فني. سنڌي زبان جا ڪيئي ادبي شاهڪار بين الاقوامي حيثيت حاصل ڪري چڪا آهن. ان سان گڏ، سنڌي زبان هڪ سؤ سالن کان سنڌي قوم لاءِ ذريعه تعليم رهندي آئي آهي.

علائقائي زبانن جي اشاعت ۽ ارتقا جي سلسلي ۾ گورنمينٽ جي پاليسي هميشہ معتدل ۽ متوسط رهندي آئي آهي. گورنمينٽ ڪڏهن به غير قانوني طور زبانن جي علائقائي ترقيءَ جي راهه ۾ سدباب نه ٿي آهي. گورنمينٽ، پنهنجي هڙئون وڙئون، مختلف ادارن کي گرانٽ به ڏيندي آئي آهي. ان مان ثابت آهي ته گورنمينٽ جو مطمح نظر تعميري آهي. مگر افسوس اهو آهي ته تعليمي ڪميشن جي رپورٽ، جا هڪ خاص مقصد کي مدنظر رکي بنائي ويئي هئي، ان جي مرتب ڪرڻ وارن، حقائق ۽ حالت، بين الاقوامي لساني مسائل ۽ تعليمي قدرن جي خلاف قدم کڻي، پوري پاڪستان ۾ هڪ ذهني اشتعال ۽ فڪري بغاوت پيدا ڪري ڇڏي آهي. باالخصوص، سنڌي زبان جي مسائل کان بيرخيءَ ۽ تجاهل جي جيتري به مذمت ڪجي، اها ٿوري آهي.

مارشل لا هٽڻ کان پوءِ، ان سلسلي ۾ احتجاج بلند ڪندي، اخبارن ايڊيٽوريل لکيا آهن، عالمن ۽ اديبن اپيلون شايع ڪيون آهن، ملڪ جي محب وطن مهندارن تشويش جو اظهار ڪيو آهي، مختلف هنڌن تي، انفرادي ۽ اجتماعي طور، علمي ۽ ادبي اجتماعن ۾ اهڙا ريزوليشن پاس ڪيا ويا آهن، مگر افسوس اهو آهي ته اهڙين متفقه ۽ همه گير گذارشن تي ڪوبه توجهه نه ڏنو ويو آهي.

ممڪن آهي ته سنڌ جي لساني ۽ تعليمي مسئلن کي خواهه مخواهه سياسي رنگ ڏنو وڃي. اسان جي پرزور گذارش آهي ته لسانيات جو تعلق فڪري ارتقا، ذهني پرورش ۽ علمي شعور سان آهي، ۽ اهو هڪ بين الاقوامي تعليمي مسئلو آهي. دنيا جي تعليمي ماهرن جو متفقه طور فيصلو اهو آهي ته ذريعه تعليم فقط مادري زبان ئي هئڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ ’يونيسڪو‘ جي رپورٽ کي وڏي اهميت حاصل آهي، جنهن ۾ اهو ظاهر ڪيل آهي ته ’مادري زبان‘ کي ئي ذريعه تعليم قرار ڏيڻ گهرجي.

’سنڌ‘ جي جغرافيائي حدود کي اگر انتظامي امور جي ماتحت نظرانداز ڪيو ويو آهي، ته پوءِ اهو مسئلو به پنهنجيءَ جاءِ تي نهايت اهم ۽ توجهه طلب آهي؛ ڇو ته ائين ڪري، بين الاقوامي قومي نظريات جي تشڪيل ۽ تعمير جي اصولن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

اڄڪلهه قومن ۽ صوبن جي تشڪيل تهذيبي، لساني ۽ ادبي قدرن تي ٿي رهي آهي. ’قوم‘ جو مفهوم ملڪ جي مخصوص جغرافيائي حدود سان وابسته بيان ڪيو وڃي ٿو. لساني ۽ تعليمي مسئلن کي نظرانداز ڪرڻ جو ته ڪوبه جواز پيدا ٿي نٿو سگهي، ۽ انتظامي امور جي آڙ ۾ آئينده نسلن جي ذهني ۽ فڪري ارتقا کي پنهنجي مادري زبان جي وسيلن ۽ رابطن کان محروم ڪرڻ سراسر غير علمي ۽ غير عملي فيصلو آهي، جنهن کي دنيا جو اجتماعي شعور ڪڏهن به برداشت نٿو ڪري سگهي- ۽ نڪو پاڪستان جي جمهوري قدرن ۾ ان جو جواز موجود آهي.

ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ جي سلسلي ۾ نهايت اهم قدم اهو آهي ته ’مادري زبان‘ کي ئي ’ذريعه تعليم‘ قرار ڏنو وڃي، ۽ پاڪستان جي سڀني زبانن کي پنهنجي پنهنجي تهذيبي ۽ تمدني، ثقافتي ۽ علمي حدود اندر فروغ ۽ نشو و نما جا ذريعا مهيا ڪري ڏيڻ گهرجن.

پاڪستان مختلف تهذيبي ۽ تمدني، تاريخي ۽ ثقافتي قدرن جو اجتماعي آمجگاهه آهي. ان ۾ بنگالي، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو تهذيبون موجود آهن. انهن جي زبان، ادب ۽ ثقافت جا جداگانه قدر ۽ معيار آهن. انهن سڀني کي پنهنجي مخصوص ماحول ۾، مخصوص روايات ۽ تهذيبي روابط جي ماتحت نشو و نما حاصل ڪرڻي آهي. اها بالڪل غلط ڳالهه آهي ته سڀني تهذيبن کي ٽوڙي ۽ مروڙي، ڪا هڪ ”وحداني تهذيب“ بنائي سگهجي ٿي، يا سڀني زبانن کي ختم ڪرڻ ڪا ”واحد زبان“ پيدا ڪري سگهجي ٿي. تهذيبون ۽ زبانون، ڪڏهن به ڪميشن جي رپورٽن ۽ سفارشن تي وجود پذير نٿيون ٿين: ان کي علم الاقوام جا ماهر ۽ لسانيت جا عالم چڱيءَ طرح سمجهي سگهن ٿا. انسان جي صدين جي ارتقا ۽ تمدني جهد کان پوءِ وڃي ڪا زبان ٿي بنجي. افسوس اهو آهي ته تعليمي ڪميشن جي مؤلفن حقائق کان عَمداّ ۽ ارادتاً بيتوجهي ڪئي آهي، ۽ بين الاقوامي لساني ۽ تعليمي قدرن کي اورانگهيو آهي، ۽ انسان جي تاريخي ارتقا کي يڪسر نظرانداز ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾، سنڌي زبان جي عالمن ۽ اديبن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن، ڪميشن جي رپورٽ تي سخت تشويش جو اظهار ڪيو آهي، ۽ پنهنجي متفقه طور پيش ڪيل احتجاج ۾ ڄاڻايو آهي ته

-         ڇهين درجي کان سنڌ زبان کي ذريعه تعليم قرار نه ڏيڻ سان سنڌي زبان جو مستقبل خطري کان هرگز خالي نه آهي.

-         ٽئين درجي کان لازمي طور اڙدو کي ذريعه تعليم قرار ڏيڻ، تعليمي اصول جي خلاف آهي. انهيءَ عمر ۽ تعليم واري شاگرد کي اڃا پنهنجي مادري زبان ۾ به لکڻ پڙهڻ نٿو اچي.

-         تيرهن هزار سنڌي پرائمري ماسترن کي اڙدو ماسترن ۾ تبديل ڪري سگهڻ ناممڪن آهي.

-         ڇهين ڪلاس کان سنڌي ذريعه تعليم کي ختم ڪرڻ ۽ اڙدوءَ کي لازمي قرار ڏيڻ سان سنڌي شاگرد اڙدودان شاگردن کان، مقابلتاً، تعليمي لحاظ سان پست ٿي ويندا، ۽ ملڪ جو ذهني ۽ تعليمي توازن بگڙي پوندو.

-         سنڌي زبان کي تعليمي درسگاهن کان خارجه ڪرڻ سان، زبان ادبي معيار کان لازمي طور ڪِري پوندي، ۽ فقط ڳالهائڻ ٻولائڻ تائين محدود رهجي ويندي. ان سلسلي ۾ موجوده سرڪاري امداد سان هلندڙ ادبي ادارن، جهڙوڪ سنڌي ادبي بورڊ يا ٻين اهڙن ادارن کي سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ جي ضمانت ڏيڻ مضحڪه خيز آهي، ۽ اهي فقط ڳالهيون آهن.

-          تعليمي ڪميشن جون سفارشون تعليمي نفسيات جي خلاف آهن، ۽ محض سياسي اختلافن کي ترجيح ڏيئي، زبان جي بنيادي مسئلن کان اغماض ڪيو ويو آهي.

-                     تعليمي ڪميشن جون سفارشون انگريزن جي سؤساله تعليمي دور ۽ ان کان به اڳ رائج ٿيل تعليمي نظام جي بلڪل اُبتڙ آهن.

-                     تعليمي ڪميشن جون سفارشون، اولهه پاڪستان جي سڀني زبانن جي مقابلي ۾، سنڌيءَ جي علاقائي حيثيت جي خلاف آهن.

انهن اهم نُڪتن ۽ نتيجن جي روشنيءَ ۾، اسان جو پرزور رايو آهي ته ڪميشن جي سفارشن جو دوباره جائزو ورتو وڃي، ۽ سنڌي زبان جي ادب ۽ تعليم کي فروغ ڏيڻ جي سلسلي ۾، حقائق کي مدنظر رکي، ايندڙ نسل جي ذهني ۽ فڪري تشڪيل لاءِ تعميري قدم کنيو وڃي: اڙدوءَ کي ڇهين درجي کان اعلى ثانوي سطح تائين، تاريخ ۽ جاگرافيءَ وانگر، ڀلي هڪ لازمي مضمون مقرر ڪيو وڃي. اميد ته موجوده حڪومت ان متعلق ڪو حقيقت پسندانه قدم کڻندي. - غ. م. گ. 

• ڏُونگر نه ڏوري، سِڪڻ جون سَڌون ڪري،

ويٺِي گَهرِ گهوري، مٿان پرينءَ جِندڙو!

• سُوريتيون نه مِڙن، تان تان ڀَنڻ نه ٿئي،

بيون هُونئن ئي هٿ هڻن، روئنديون روئڻ واريون!

• پِٽيندي سائِي، جنهن کي سُورَ بَڌايم سَندرو،

ٻي هرڪائي، هڻندي هَٿَ مَيارَ جا!

(لطيف ؒ)

1

بيت

ارجن ’سڪايل‘، قمر شهباز، اسد الله ’بيخود‘، نياز علي شاهه ’محسن‘، سليم ڳاڙهوي.

دوها: قمر شهباز.

ڪافيون

خواجه غلام فريد، ا. ح. جئسنگهاڻي، ’سام‘، رشيد لاشاري، مير محمد ’ميرل‘، جويو، شاهنواز ’عارف المولا‘، عبدالله ’خواب‘، حافظ محمد احسن، حسين بخش ’خادم‘، عبدالجبار ’شام‘.

وائي:

احمد خان ’آصف‘.

گيت

نياز همايوني، گوورڌن محبوباڻي، ڪمل ’پياسي‘، بشير مورياڻي، قيوم ’طراز‘.

نظم

شيخ اياز، ا. ح. جئسنگهاڻي، ’سام‘، عبدالڪريم ’گدائي‘، نياز همايوني، محمد خان ’غني‘، ڪمل ’پياسي‘، نياز علي شاهه ’محسن‘، عبدالله ’خواب‘، شعبان ’بخت‘.

آزاد نظم

امداد حسيني، قمر شهباز.

نيون طرزون

’مجبور‘ واسواڻي، نعيم دريشاڻي.

غزل

حيدر بخش جتوئي، کيئلداس ’فاني‘، امداد حسيني، ’محبوب‘ سروري، نياز علي شاهه ’محسن‘، علي محمد ’مجروعح’، نارائڻ ’شيام‘، سليم ڳاڙهوي، احسن الهاشمي، جان محمد ’فدا‘، رشيد ’ارشد‘، آنچل، ذوالفقار راشدي.

قطعا

احسن الهاشمي، امدادي حسيني، سليم ڳاڙهو،ي نياز علي شاهه ’محسن‘، ’محبوب‘ سروري، ’سوز‘ ٽکڙائي، ’ماعر‘ نوآبادي

رباعيون

امداد حسيني، نياز علي شاهه ’محسن‘.

”تاريخ جا واقعا اهڙن ڪردارن سان ڀريا پيا آهن، جن پنهنجي لاءِ عظيم الشان ڪارناما پيدا ڪري، انهن تي کيڏي، انهن کي ادا ڪيو آهي. ساڳئي وقت، تاريخ ۾ اهڙا پڻ ڪيئي ڪارناما نظر اچن ٿا، جن کي ادا ڪرڻ لاءِ ڪوبه ڪردار نه ملي سگهيو آهي. خبر ناهي ڇو، منهنجي تخيل ۾ هميشه اِها ڳالهه رهي آهي ته زمين جي جنهن حصي ۾ اسين گذاري رهيا آهيون، اُتي اهڙا ئي ڪارناما بي مقصد ڀٽڪي رهيا آهن، ۽ ڪردار جي تلاش ۾ سرگردان آهن. اهي ڪارناما، زمين جي هن وسيع ٽُڪري ۾، جو اسان جي چوگرد پکڙيل آهي، گهڻي ڀٽڪڻ کان پوءِ، هڪ هنڌ اچي ويهي رهيا آهن. اهي صحرا نورد ڪارناما، خراب ۽ خسته حالت ۾، اسان جي سرحد تي ويهڻ کان پوءِ، اسان کي اشارو ڪري رهيا آهن ته ’تيار ٿي اُهو ڪم سرانجام ڪريو، جنهن کي پوري ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪوبه ڪونه آهي‘!“

[”فلسفه انقلاب“: جمال عبدالناصر]

بيت

ارجن ڊيٽارام، ’سڪايل‘

سنڌڙيءَ جي سار

اُڏري منهنجي ملڪ تان، ڪانگلَ، آڻين ڪَرَ،

منهنجي جانبَ جُوءِ جي، آڻين ڪاش خبر،

صدقي تنهنجي نانءَ تان، هيڪر ۽ ٻيهر،

پيارلَ تنهنجا پَرَ، سون برابر توريان.

 

پکي آيا پار کان، پنهنجو ديس ڇڏي،

پختا رهندا ڪينڪي، آکيرو ته اَڏي،

ويندا نيٺ لڏي، ملڪي پنهنجي ملڪ تي.

 

هر هر آيم خواب، سدائين ساڻيهه جو،

ڪانگ اُڏايم ڪيترا، مليم ڪين جواب،

آزي آهه الله کي، ٿئي حق حساب،

ڪُسي ٿيس ڪباب، ڌاران پسڻ ديس جي.

 

ديسين ڪنا ڌار، جيڪي گهاريم ڏينهن،

منٽُ برابر ماهه جي، سال برابر ڏينهن،

اوڻهين نه ته به ويهن، ويندس دلبر ديس ڏي.

 

مٺي منهنجي ملڪ جي مورت آئِي من،

پهچان پنهنجي پار ڏي، اهڙا ڏينهن اچن،

هجر جي آڙاهه ۾، گهايس گهاوَ گهڻن،

تات تنهين جي تن، جن سان ڳجهيون ڳالهڙيون.

 

پرديسي ڪهڙا پرين، ملان ملڪين ساڻ،

راتيان ڏينهان تات سا، تن ۾ آهي تاڻ،

سوگهي رکيم ساهه ۾، سڪ سدائين ساڻ،

ڪريان روح رهاڻ، رازق راضي جي ٿئي.

 

ڌاريا ڌاريا ئي رهيا، ويٺا وجهن ڌڪ،

پنهنجا پنهنجا ئي ٿيا، سڏن منجهان سڪ،

مجنون آهيان ملڪ جو، ڇا جِي ڪريان لِڪ،

سِڪ ۾ آهي ڇِڪ، ڏاهن ڏَسيو ڏيهه کي.

 

صوفي پنهنجي سنڌ جا، وري به آيم ياد،

ڏاتر رکندو ڏيهه جا، اوتارا آباد،

سڻي شاهه لطيف کي، دلڙي ٿيندي شاد،

فلڪ کي فرياد، ڪندس درد فراق جو.

 

ڇڏي دلبر ديس کي، روئن ڏينهان رات،

سنڌي سارِن سنڌ کي لنوَنِ اِهائي لات،

لائي باد بدن کي، برهه سندي بات،

لعلؤن لعل لطيف جي، وائي اٿن وات،

تن ۾ اٿن تات، ته موٽون هيڪر ماڳ تي.

اڄ پڻ پيئي اوچتو، پنهنجي سنڌ جي سار،

تري آيم دل تي، آهيان جن کان ڌار،

ڳوڙها ڳاڙيم ڪيترا، ياد ڪندي ڪي يار،

در ديواريون ديس جون، وڻن سندا ڏار،

وڃي تند تنوار، پيئي تِنِ جي تَنَ ۾.

 

صبر آيم ڪينڪي، چِت جا چِڪن چاڪَ،

ڌارين سندي ديس ۾، گهاريون ڪيئن بيباڪَ،

منهنجي دلبر ديس جي، هنڌين ماڳين هاڪَ،

ڌارين سندي ڌاڪَ، من مڃيندو ڪينڪي.

 

ڪنڌي تنهن درياءَ جي، ’سنڌو‘ جنهن جون نانءُ،

’سِڌُوجَن‘ جي ڳوٺ ۾، ٿيم ٺڪاڻو ٿانءُ،

پرزو ايندم پار کان، لنوي ويٺو ڪانءُ،

ڏاها، ڏسيو ڏانءُ، ڏسان پنهنجي ڏيهه کي.

 

وڇوڙي وٿاڻ جي، ڇڏيا وڄائي طاق،

اکين اڳيان ٿي ڦِري، اباڻي اوطاق،

مولا، منجهه فراق، گهاوَ گهڻيرا ٿي پيا.

 

ڄڻي سڳي مايَڙي، پالي ڌرتي ماءُ،

ٻنهي منجهان ٿو ملي، ساڳيو ساڳيو ساءُ،

ڀُومي ڀُلجون ڪينڪي، ڀَلي ته ڀُلجون ڀاءُ،

گهرو ٿيندو گهاءُ، جلاوطن جي جيءَ ۾.

 

آس نه لاهيان آسرو، الله ڀي آهي،

ڪچيون ڀتيون ڪوٽ جون، ڇڏيندو ڊاهي،

آگي الک جي اڳيان، دير ڀلا ڇاهي،

لحظي ۾ لاهي، ڇڏي درد فراق جا!

قمر شهباز

ڪانگو جا او ڪارڙا! مَتان ٿين ملول،

محنت تنهنجو ماڳ آ، محبت رکج مُول،

اُلفت جنهن اُصول، سو مَريو ڀي اَمر رهي.

 

رڱي ڇڏيئه رت سان، ڪوٽ ڪڙا ۽ ڪِيرَ،

ظلمت جا زنجير، روڪيندا ڇا روح کي!

 

قيدي آهي ڪوٽ ۾، اَزل کان انسان،

اُلفت ۽ اِيمان، ڏکيو لڀي ڏيهه ۾.

اسدالله شاهه ’بيخود‘ حسيني

ڪاملَ، ڪرين ٿو ڪيئن، هيڻيءَ سان هيڏيون،

مِٺا، هن مسڪين کي، جُٺ ڪنديون جيڏيون،

خبر اٿئي کاڻيُن جي، ته ڪنديون هو ڪيڏيون،

ڪي طعنن سان تُنِيديون، ڪي هڻنديون ڀري ڀيڏيون،

مون رهي وڃايون رانديون، تو کٽيون جي کيڏيون،

جيڏو جانب تون آهين، اٿم اميدون ايڏيون،

هجن ڪاوڙيون ڪيڏيون، ته به ڪجي بخش

 ’بيخود‘ کي.

 

ڏسُڪي ڏينهن اُڀاريم، روئي ڪيم رات،

تنهنجي وِرهه وِهاٽيو، سور ڏني سڪرات،

مِٺا، هن مهجور کي، محبت ڪيو مات،

’بيخود‘ تنهنجي بات، ڪندو ويو قرب مان.

 

مِٺا، هن مهجور سان، متان مَٽين منهن،

توکي تنهنجو سُنهن، رهي ڪر رهاڻيون.

 

مِٺا، هن مهجور سان، متان منهن مَٽين،

ريجهي رات رُليءَ سان، ڪاملَ ڪا ڪَٽين،

لاڳاپو لَٽين، متان اي منهنجا پرين!

 

متان اي منهنجا پرين، ڪرين ڏوٺ ڏمر،

ساجنَ تنهنجيءَ سڪ جو، سانڍي کنيم سمر،

اکين مان اداس ۾، جام وهي ٿو جر،

آهين تون ازل کان، ’بيخود‘ سندو ڀر،

وَرَ تون سگهو ور، نه ته مري وينديس مفت ۾.

 

نئون ناهيان نينهن ۾، آءٌ پراڻو پازي،

ڪن عاشق چيو ’اسد‘ کي، ڪن ڪنيارو ’قاضي‘،

ڪي ٿا چون، کڻي ويو ’بيخود‘ سڀ بازي،

پر منهنجي آهه اصل کان، اڳيان تو آزي،

هاڻ ترت ڪر تازي، ڪا عنايت عليل تي.

 

عنايت عليل تي، تو ري ڪير ڪري،

غيرن کان غريب کي، رکج پِرَ پري،

پوءِ جِيئي جي مري، ته به ’بيخود‘ بِلي تنهنجي.

 

’بيخود‘ بلي تنهنجي، ازل کان آهي،

محبَ متان مسڪين تان، ڇڏين هٿ لاهي،

متان مون کي سڀڪو، پوءِ سُوٽن سان ساهي،

جاني! جهڙوئي آهي، تهڙوئي توکي پرتو.

 

’بيخود‘ بلي تنهنجي، ٻي واهر نڪو وس،

لوڪ ته لوڌي ڪڍيو، تون نه ڪجئين ڪا بس،

ڦوڙائي ڦَٽي وڌو، گوندر نِيو گس،

يا هٿ رکي هيڻيءَ تي، ڪر ڪا رهاڻ رس،

نه ته ڪو ٻيو ڏَس، تو جهڙو جهان ۾.

 

تو جهڙو جهان ۾، هجي ته ٻڌائيج،

تو کي قسم تنهنجو، لالڻَ نه لڪائيج،

نه ته نَئي نڀائيج، ناتو هن نڌر سان.

 

تو جهڙو جهان ۾، ڪڏهن ڪو ٿيندو!

جو ڳولڻ لئه ويندو، سو موٽي ايندو ماڳ تي.

 

تو جهڙو جهان ۾، جڏهن جاني! ناهي،

ڇڏي ڪيڏانهن ڪاهي، ’بيخود‘ تنهنجي ڀر کي.

توکان توکي ٿو گهران، ڪونه گهرجن مال،

’بيخود‘ جا برهه ۾، ههڙا ٿيا حال،

جهوري جيءُ جڏو ڪيو، جهوريءَ ۽ جنجال،

سڄڻ تو سوال، ڪڏهن موٽايو ڪونه ڪو.

 

توکان توکي ٿو گهران، شاهه‘ نه گهرجي شان،

تنهنجي نالي سڏجان، مون لئه اِهو مان،

تو ريءَ ائين ٿو رهان، جئن جسم هجي بيجان،

يا ڪر اچڻ جو اعلان، يا موڪل ڏي ته مري وڃان.

 

توکان توکي ٿو گهران، نازَ ڀريا نُوري!

جُڳائي نه جڏيءَ سان، داتا! هيءَ دوري،

يا پرت رکج پوري، يا موڪل ڏي ته مري وڃان.

 

تو کان توکي ٿو گهران، منهنجا پريان پيارا،

ڪهڙي ڏوهه ڪُٺل سان، ڪيئه ڪنارا،

توکان سوا تنهنجن جا، چُڪيا سڀ چارا،

يا ڪر ورڻ جا وارا، يا موڪل ڏي ته مري وڃان.

نياز علي شاهه ’محسن‘

جانبَ تو نه جُڳاءِ، جيئن ٿو نِت جاڙون ڪرين،

محبت کي منهنجا پرين، لالڻَ ڪين لڄاءِ،

عُشاقن جي آهَ کان، پنهنجو پاڻ بچاءِ،

مِٺڙو ٿي ڳالهاءِ، ’محسن‘ هن مسڪين سان.

 

مون ۾ آئِي ’مون‘، ته ’مون‘ ئي مون کي ماريو،

مون جو ’مون‘ کي ماريو، ته ’مون‘ مان ٿي پئين ’تون‘،

تون ئي آهين تون، ’محسن‘ ناهي ڪو ٻيو.

سليم ڳاڙهوي

پرين تو سان پيار، آهي روز ازل کان،

منهنجي من جي ملڪ جو، سائين تون سردار،

وڻ وڻ سان ويٺي ڪريان، تنهنجي پرت پچار،

دلبر توکان ڌار، ڏاڍا ڏينهن ڏکيا ڏٺم.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com