سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :19

’اياز‘ جي شاعريءَ اهو به واضح ڪيو آهي ته فن ۽ اسلوب، هيئت ۽ مواد، سڀ ’ثانوي درجو‘ رکن ٿا. اگر شاعر جو ’روح‘ سلامت آهي، شاعر ۾ ندرت بياني آهي، شاعر جي حسن آفرين ۽ ندرت آميز طبع ۾ صحتمند حرارت ۽ حدّت آهي، ته پوءِ کيس ماضيءَ جون پراڻيون روايتون يا پراڻيون هيئتون روڪي نٿيون سگهن. اهرو شاعر، ماضيءَ جي ضعيف ۽ بيرنگ ڪکن ۽ ڪانن کي ميڙي چونڊي، هڪ آشيانو بنائي سگهي ٿو، ۽ ان ۾ پنهنجي ’روحِ عصر‘ جي جانعالم کي، مَنڊ پڙهي، طوطو بنائي ويهاري سگهي ٿو.

’اياز‘ سنڌ جي جديد شاعريءَ جو پهريون شاعر آهي، جو فني حيثيت سان هيئت جي زوليده ۽ پيچيده اندازن ۽ معيارن کان آزاد ٿي شاعري ڪري چڪو آهي. سندس تقليد ۽ تتبع ۾ هزارين شاعر پيدا ٿيا، جن ۾ نو آموز به آهن، ۽ استاد به. پر کين نڪو ’اياز‘ جو فن حاصل ٿيو نه زبان، نه اندازِ بيان نه ندرتِ خيال، نه رنگيني نه خوش ادائگي، نه جوش نه مسرّت.

’اياز‘ جي اها حيثيت اگر اڪتسابي هجي ها ته پوءِ اسان جا ڪيئي شاعر، ذهن ۽ زبان جي تراش خراش ڪري، لفظن کي ميڙي چونڊي، ٽنب ٽاڻ ڪري، ڪو رنگ ڄمائين ها. اهو ان ڪري نه ٿي سگهيو آهي جو هنن ’اياز‘ جي فن جي ارتقا ۽ مسلسل واردات کي نه سمجهيو آهي. ’اياز‘ جي فني ارتقا ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان گذري آهي، اياز جي طبعي ۽ ذهني، فڪري ۽ ادبي ارتقا ڪهڙا ڪهڙا تلخ ۽ تند زمانا ڏٺا آهن، انهن کي مطالع ڪرڻ گهرجي ها. ان کان سواءِ، ڪي اهڙا قدر ۽ نعمتون به ٿين ٿيون، جي قَسام ازل جي طرفان ئي وديعت ڪيون وڃن ٿيون. ’اياز‘ وانگر گيت چوڻ ته سولو ٿيو، اياز وانگر دوهو چوڻ به چڱو، پر ’اياز‘ جي دل جو سوز و گداز ڪٿان اچي؟ ’اياز‘ جي دل ۾ آڳ جلي رهي آهي، ’اياز‘جي اندر ۾ جو ڀنڀٽ پيو ٻري اهو ڪٿان آڻجي؟ اياز   ذهني تقليد ته آسان آهي، پر ’شعوري ڪيفيات‘، ’ذهني هيجانات‘، ’قلبي جذبات‘ ۽ ’روحي واردات‘ کي ڪير ٿو نقل ڪري سگهي؟ اهوئي سبب آهي جو ’اياز‘ پنهنجي معاصر احباب ۾ ڪَرَ کنيو بيٺو آهي. سندس ’فني عظمت‘ جا جهنڊا سنڌي ادب ۽ شاعريءَ ۾ اوچي ڳاٽ ڦڙڪي رهيا آهن. اياز جي تقليد ۽ تتبع ۾ هند ۽ سنڌ جي گهڻن شاعرن، محض ’جدّت ۽ ترقيءَ‘ جي پويان لڳي، ’فني حقيقت‘ کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. انهن کي سستي شهرت به ملي آهي، پر ان سان گڏ، مور جي اهل ڪندي، پنهنجي اصلوڪي لوڏ به کاري وڌي اٿن. انهن جو نڪو فن سان رشتو قائم رهيو آهي، نڪو زندگيءَ جي زنده ۽ پائنده، روان ۽ دوان حقيقتن سان رابطو ۽ واسطو ئي قائم رکي سگهيا آهن. اهي ويچارا، ٽرڙ ڪانءُ وانگر، هوا ۾ معلق ته آهن، پر جامد ۽ ساڪت. ٽان- ٽان ته موجود، پر اهو سوز ۽ ساز، درد ۽ گداز ڪٿي؟ اها صداي رسته خيز ڪٿي؟ اها خلش ۽ تپش ڪٿي؟ اهو اضطراب ۽ التهاب ڪٿي؟ اها روشني ۽ گرمي ڪٿي؟ اها سرخوشي ۽ مستي ڪٿي؟ اها آس ۽ پياس ڪٿي؟ اها ريت ۽ پريت ڪٿي؟ اهو رنگ ۽ آهنگ ڪٿي؟ اسلوب جي نمائش، خيالات جي ندرت، لفطن جي مصنوعي ڀڃ- گهڙ، بندش جي مصنوعي آرائش، مواد جي اشتهار بازي ۽ زبان جي لوچ پوچ به چڱي، پر ”پلاسٽڪ جون پُتليون“ ڪٿي، ۽ ’اياز‘ جو زنده ۽ حسين پيڪرِ خيال ڪٿي‘! رقصان ته پلاسٽڪ جون پتليون به آهن، پر ’اياز‘ جي ’ذي روح پيڪرِ خيال‘ جو ’رقص ۽ وجد‘ ڪٿان اچي؟ ڪنهن نقال ’اياز‘ جي چال جي چوري به ڪئي آهي، ته پوءِ به اهو سر ۽ تال ڪٿان اچي، اها ’پائل جي جهنڪار‘ ڪٿان لڀي؟ اها لَي ڪٿان اچي، جا ’اياز‘ جي مترنم، متبسم، نغمه سنج ۽ مسرت انگيز پيڪرِ شعر و شاعري ۾ رقصان ۽ پيچان، غلطان ۽ حيران آهي!

’اياز‘ جي نقادن ۽ تابعين کي رڳو اهو عرض ڪندس ته ٻيلي، محض جدّت جي ديوتا تي تاريخي تسلسل کي ذبح ڪرڻ نه گهرجي. انسان جي فڪري ۽ شعوري حيات ۾ ’وقت‘ ۽ ان جي تقاضا کي وڏي اهميت حاصل آهي. وقت ۽ ماحول جي عظيم ۽ صحتمند قدرن مان ئي شاعر جو فن زندگي ۽ روشني ٿو حاصل ڪري، ۽ فڪر جي نزاڪت ۽ فن جي جزالت ٿو پيدا ڪري. ان کان سواءِ نڪو ’جديد‘ جو ڪو مفهوم آهي، نڪو ’قديم‘ جي ڪا تعريف ٿي ڪري سگهجي. ’وقت‘ کي نڪو انساني فڪر جو خانه زاد غلام سمجهڻ گهرجي، ۽ نڪو ان کي نظرانداز ڪري، فڪر کي پنهنجي ماحول کان غير متعلق ڪري، متشڪل ڪري ٿو سگهجي؛ پر وقت جو صحيح تصور ’زمان‘ ۽ ’مڪان‘ جي ’مجموعي وحدت‘ سان بنجي ٿو. اهوئي جديد سائنسي تجربو آهي. ان ’تسلسلِ حيات‘ کي ڀلي ’ماضي‘ ۽ ’حال‘ ۽ ’استقبال‘ به سڏجي، پر ’فن‘ جي تسلسل ۾ فرق نٿو اچي. هڪ حقيقت زمان ۽ مڪان جي متغير قدرن تي محيط ٿي رهي: تخليقي عمل جو ڦهلاءُ ذهن ۽ فڪر جي نون تجربن سان هرحال ۾ وابسته ٿو رهي، ۽ انساني شعور ۽ ان جي فني ارتقا جا مدارج، هڪ جهانِ تازه وانگر، هر آن بدلبا ٿا رهن. اهوئي ڪارڻ آهي جو فن زمان ۽ مڪان جي وسعتن ۽ گردشن کان بي نياز ته رهي ٿو، پر ماورا نه. ان ۾ حقيقي عظمت ۽ ارتقائي جدّت ان وقت ئي پيدا ٿئي ٿي، جڏهن ’ماحول‘ ۽ انساني سماجي تقاضائن جو شعور فنڪار جي ذهن ۾ رچي ٿا وڃن، ائين ئي فن، ماضيءَ جي صالح ۽ صحتمند روايت ۽ ذهنيت سان هم آغوش ٿي، ’انقلابي تجّدد‘ ۽ ’تخليقي توانائيءَ‘ کان اڪتساب ڪندي، وڌي به ٿو۽ ڦهلجي به ٿو: اهو فن ئي زندگيءَ جو فن ٿو بنجي.

اسان جا ’نقاد بزرگ‘ چئي چڪا آهن ته ’اياز‘ وٽ فقط ’تعلي‘ ۽ ’خودستائي‘ آهي: اها ’احساس ڪمتريءَ‘ جي پيداوار آهي. ان جو ’فلسفه جمال‘ ’جنسيت‘ کان آزاد نه آهي. ان جو ’شعور‘ تصوف کان به متاثر ۽ مجروح آهي. منجهس ’فرائڊيت‘ به آهي، ترقي پسندانه رنگ سان جذباتي وابستگي به آهي، ۽ ’اضداد‘ جا عناصر به آهن؛ منجهس ’قديم روايات‘ به آهن، نه انهن سان ’بغاوت‘ به آهي؛ سندس ’نظريه حيات‘ به مبهم آهي، ۽ سندس شاعري مذهبي نقطه نظر سان گمراهانه به آهي: پر، ائين سڀڪجهه چوڻ کان پوءِ به، ائين ئي چوندا ته ”پر شاعر ’عظيم‘ آهي!“ ’اياز‘ بيشڪ رند آهي، ’جام بڪف‘. سندس جام آهي رقصان، سندس ڪلام آهي حسن آفرين ۽ ڪيف افزا، ۽ شاعر آهي عظيم!

’اياز‘ بيت ۽ دوهي کي به روايتي هيئت کان آزاد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سندس بيت ۾ قديم هيئت آهي، پر مواد ۾ ندرت ۽ جدت آهي. ترنم ۽ هم آهنگيءَ لاءِ هم قافيه لفطن جو انتخاب ’اياز‘ جي روشن طبع جو عظيم ڪارنامو آهي. اڄ تائين ’بيت‘ صوفيانه خيالات لاءِ تختهء مشق رهندو آيو آهي. اياز ان ۾ موجوده انسان جي ذهني ۽ ذوقي ڪيفيات ۽ محسوسات جي رنگ آڻڻ جا تجربا ڪيا آهن. ’اياز ’وائيءَ‘ سان قطعاً بغاوت ڪئي آهي. پنهنجي ٺيٺ سنڌي هيئت ۽ فن کي فارسي جي اوزان ۽ ارڪان ۾ چئي، ڪٿي ڪٿي غزل ۽ مستزاد جو اثر پيدا ڪيو اٿس. سندس اِهو تجربو، ڏسجي ته فني حيثيت سان ڪهڙي ٿو حيثيت اختيار ڪري.

’اياز‘ جا دوها پنهنجي فني حيثيت سان بيمثال آهن. سنڌي ته ڇا، هنديءَ جا دوها به سندس دوهن اڳيان مقابلي ۾ آڻي نٿا سگهجن. ماڻڪ اڳيان ڪَچَ جي ڪابه حيثيت ڪانه آهي!

نظم ۽ آزاد نظم ۾ اگرچ نغمگي ۽ ترنم ريزي موجود آهي، تاهم، دوهن ۽ بيتن جي مقابلي ۾، انهن ۾ نه فني حيثيت آهي، ته زوربياني، تنهن هوندي به، ’اياز‘ پنهنجي طبعي رنگينيءَ سان ان صنف کي به خوب چمڪايو آهي.

آزاد نظم هڪ اختلافي مسئلو آهي، پر ٿورن لفظن ۾ ائين چئجي ته آزاد نظم رڳو نثر وانگر بيرنگ ۽ بيڊنگ بندشن جو جوڙ نه آهي. البته شاعر جي ’طبعي رواني‘ گهرجي، جا سندس فڪري ڪيفيات کي حسين ۽ جميل طرز ۾ پلٽائي وجهي. ’اياز‘ جو آزاد نظم به حسين آهي. نه ان ۾ فني بي راهه روي آهي، نه گمراهي، نه ڪوتاهي، نه ڪَج ادائي.

’اياز‘ جو فڪري مواد به جامعيت رکي ٿو. اهو پنهنجي ’شعوري وحدت‘ جي ترجماني ڪندي، بيت ۽ دوهي، غزل ۽ وائي، ڪافيءَ ۽ غزل جا قالب اختيار ڪري ٿو. پر اهي جڏهن شعوري طور اختيار ڪيل نٿا ٿين، تڏهن سندس نظم ڪڏهن غزل نما آهن، ته ڪڏهن سندس غزل آهن گيت نما، ته ڪڏهن سندس گيت آهن نظم نما. اهل نظر جي نظر ته ڪلام جي معنويت تي رهي ٿي، تنهن ڪري ظواهر جا پيالا ڪهڙا به کڻي هجن. ’مَي‘ ته موجود آهي: ”نشهء مَي ڪو تعلق نهين پيماني سي!“

’اياز‘ پنهنجي ڪتاب جو ’پيش لفظ‘ پاڻ لکيو آهي، اها سندس زوراوري ضرور چئبي؛ اها سندس ’انانيت‘ به چئبي؛ تاهم سندس اها تحرير پنهنجيءَ جاءِ تي مستقل فني جائزو آهي، ۽ ان جي ’اشاراتي افاديت‘ به مسلم آهي. ناظرين ڪرام ان کي ضرور مطالع ڪن.

آخر ۾ ’اياز‘ جا چند لفظ نقل ٿو ڪريان، جي پنهنجي ڪتاب لاءِ پاڻ لکيا اٿس:

”هيءُ ڪتاب نه برگِ سبز آهي، نه تحفه درويش، ۽ نه هي بينوا لاءِ آهي. هي ڪوئل جي ڪوُڪ آهي: ڏسجي ته اها رات جي انڌاري ۾ گم ٿي وڃي ٿي، يا وقت جي هانوَ ۾ بڙڇي ٿي لڳي ٿي.“

آخر ۾ ”رائيٽرس گلڊ“ جي مدارالهام، جناب جميل الدين عالي‘ جي شڪريي کان سواءِ رهي ٿو سگهجي، جنهن صاحب سنڌي ادب جي خدمت جي سلسلي ۾ توجهه ڪيو آهي. اميد ته هو صاحب سنڌي ادب جي خدست لاءِ ’رائيٽرس گلڊ‘ جي سلسله تصنيفات و تاليفات ۾ سنڌي ادب کي اها جاءِ ڏيندو، جنهن جو هوءَ مستحق آهي.- غ. م. گ.

سنڌي زبان جا مسئلا

[جيڪڏهن سمجهداريءَ ۽ نيڪ نيتيءَ کان ڪم ورتووڃي، ته پاڪستان ۾ دراصل زبان جو ڪو مسئلو آهي ئي ڪونه! پر جن ملڪ کي پنهنجي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ ڪو بنيادي نقطه نظر (vision) هٿ نه ايندو اهي، يا ڪن غير معمولي سببن جي ڪري هو ان کي وساري يا ٽاري ڇڏيندا آهن، يا بدقسمتيءَ سان سندن ملڪي قيادت گمراهيءَ ۾ مبتلا ٿي ويندي آهي، ته پوءِ اهڙين حالتن ۾، ڪڏهن ڪڏهن رڳو ’ٿُڪ اڇلائڻ‘ به هڪ مسئلو بنجي ويندو آهي. نه صرف عالمي طرح طي ٿيل تعليمي، لساني ۽ انساني قدرن کي سامهون رکندي، بلڪ خود پاڪستان جي بنيادي اصول مطابق عمل ڪندي، هتي جي هر علاقائي قوميت کي پنهنجي تعليمي ۽ ثقافتي ترقيءَ جو هرڪو حق آهي. هن ملڪ جي سمورين تهذيبي وحدتن- سنڌ، پنجاب، سرحد، بلوچستان ۽ بنگال- جا سمورا قومي مسئلا، پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ ئي طي ڪيا ويا هئا، ۽ علاقائي تحفظ جي يقين تي، سنڌ اُهو پهريون صوبو هو، جنهن پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ، ظاهر سببن جي ڪري، هن نئين ملڪ لاءِ ڪوبه تعميري نقطه نظر مقرر نه ٿي سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ عوامي زندگيءَ جي هر تقاضا ڪنهن نه ڪنهن مسئلي جو روپ ڌارڻ لڳي، ۽ غلطڪار سياستدان ان کي ملڪي سالميت ۽ ملڪي وحدت وغيره جي دل- پرڀائيندڙ نالن سان اُڀاريندا، واقعي هڪ زبردست مسئلوبنائي چڪا. زبان جو مسئلو، ان طرح، سياسي مصلحتن جو پيدا ڪيل هڪ ’شاهڪار ڪارنامو‘ آهي.

سنڌي زبان جو سوال پاڪستان قائم ٿيڻ شرط ئي پيدا ٿيو، جڏهن ملڪ لاءِ ”قومي زبان“ جو ’مسئلو‘ کڙو ڪيو ويو. دراصل پاڪستان ۾ ’قومي زبان‘ بابت نه، بلڪ ’سرڪاري زبان‘ بابت سوچڻ کپندو هو؛ ڇو ته هتي جون سموريون علاقائي زبانون- بنگالي، سنڌي، پنجابي، پشتو، بروهي ۽ بلوچي-- پاڪستان جون ’قومي زبانون‘ آهن، جنهن کي جديد عمرانيات جا اصول تسليم ڪن ٿا. ’قومي زبان‘ ڪنهن قوميت جي زبان کي چئبوآهي؛ ۽ ’قوم‘ چئبو آهي انهيءَ مخصوص تهذيبي گروهه کي، جنهن کي پنهنجو مخصوص جاگرافيائي، تاريخي، روايتي ۽ ثقافتي پس منظر هجي، ۽ اُهو هڪ خاص زبان ڳالهائيندڙ هجي. ’قومي زبان‘ لاءِ، هڪ خاص علائقي جي مادري زبان هجڻ لازمي آهي. دنيا جون سموريون اُهي مادري زبانون جيڪي مٿئين علمي اصول سان مطابقت ٿيون رکن، اُهي هر هنڌ ’قومي زبان‘ طور تسليم ٿيل آهن. پر هتي انهيءَ سوال تي اُلٽيءَ طرح سوچيو ويو، جنهن جو لازمي نتيجو اهوئي نڪرڻو هو، جيڪو اڄ سڄي ملڪ م زبردست بي اطمينانيءَ جو باعث بنجي رهيو آهي. اڙدو زبان، جيڪا پاڪستان جي ڪنهن به علائقي جي مادري زبان نه آهي،ان کي ملڪ جي سرڪاري زبان طور رائج ڪرڻ، ۽ ٻين سمورين زبانن کي ’قومي زبان‘ قرار ڏيئي، انهن کي پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ سرڪاري زبان طور رائج رکڻ-- اهو ئي فقط واحد فيصلو ٿي سگهيو ٿي، جيڪو اصولي، علمي ۽ ملڪي لحاظ کان بهتر ۽ درست هو. پر هتي بنگالي ۽ اڙدو کي ته قومي زبانون قرار ڏنو ويو، ۽ قومي زبانن کي وري سرڪاري سرپرستيءَ ۾ آڻڻ کان به انڪار ڪيو ويو.

سنڌيءَ کي ’اولهه پاڪستان جي هڪ سرڪاري زبان‘ بنائڻ جي سلسلي ۾، سنڌ ۾ شروع کان ئي هڪ وڏي جدوجهد هلي چڪي آهي، جنهن کي 1957ع کان گهڻو زور حاصل ٿيو، جڏهن ”سنڌي ادبي سنگت“ پاران، سڀني علمي، ادبي ۽ عوامي حلقن جي تعاون سان، هڪ وسيع مهم جو آغاز ٿيو. سنڌيءَ جي انهيءَ مطالبي تي پنجاهه هزار شخصيتن جا دستخط حاصل ڪيا ويا، جن ۾ نه صرف سنڌ جي هر طبقي جي هستين، بلڪ بنگال، سرحد، بلوچستان، خود پنجاب ۽ اڙدو جي مايه ناز هستين جي تائيد موجود ڪئي ويئي. اڃا اهي ئي ڪارروايون هيون، ته ان وچ ۾ اسان جي تعليمي ماهرن هڪ حيرت انگيز ’مسئلو‘ ايجاد ڪري ورتو. سنڌيءَ جي ستن درجن کي گهٽائي پنج درجا ڪيا ويا، ۽ اڳتي لاءِ ملڪ جي تعليمي نظام ۾ سنڌيءَ جو چلتو صاف طرح بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيوويو. انهيءَ ’عقلمنديءَ‘ ۽ ’انصاف‘ جي پذيرائيءَ لاءِ، 1960ع، ۾ ”سنڌي زبان سوسائٽيء“ وجود ۾ آئي، جنهن جي معرفت هر انهيءَ حيلي سان، جيڪو ان وقت ممڪن هو، اختياريءَ وارن کي ٻڌايو ويو ته حڪومت جي قومي تعليمي ڪميشن جي سنڌيءَ بابت سفارش غلط، نقصانڪار، ناقابل عمل ۽ ناقابل برداشت آهي. ’سوسائٽيءَ‘ پاران هڪ مدلل ’ميمورنڊم‘ پڻ اختياريءَ وارن کي پهچايو ويو. سڄي ملڪ جي ادبي ۽ علمي جماعتن، اخبارن ۽ عوامي تنظيمن، زبردست احتجاج ڪيو. پر جتي نيڪ نيتيءَ جو وجود ثابت نه هوندو آهي، اتي اڳلي جي حجت ک ٻڌڻ جو ڪوبه مطلب مقرر ڪونه هوندو آهي، جيستائين ان کي پوريءَ قوّت سان نه پيش ڪيو وڃي. چنانچه، متواتر نظراندازيءَ بعد، هن وقت ملڪ جي هر طبقي کان زوردار آاوز اُٿاريو ويو آهي، ۽ جيڪڏهن ان کي جاري رکيو ويو ته ان جو نتيجو ضرور نڪرڻو آهي. پاڪستان جو سنڌي ڳالهائيندڙ عوام پنهنجيءَ زبان ۽ ادب جي مستقبل لاءِ فڪرمند ضرور آهي، پر مايوس هرگز نه آهي.

تعليمي ڪميشن جون سفارشون نه صرف زبانن جي معاملي ۾، بلڪ ٻين به اڪيچار تعليمي معاملن ۾، ڪُلي طرح ناقص آهي-- جيئن شاگردن جي همه گير شڪايتن دواران ظاهر ٿي چڪو آهي. سڀ کان وڏي ڳالهه ته اُها ڪنهن به قسم جي بنيادي، قومي يا تعليمي نقطه نظر تي ٻڌل نه آهي، جيڪو پاڪستان جي آئنده تعمير لاءِ ڪي روشن دماغ نسل پيدا ڪري. تعليم جي معيار کي بلند ڪرڻ لاءِ، ان کي محدود ۽ مشڪل بنائڻ قطعاً غير ضروري آهي، بلڪ ان کي عام ۽ سستي بنائڻ، ۽ واضع بنيادن تي هلائڻ جي ضرورت آهي. چنانچه ملڪ جي تقاضا هيءَ آهي ته انهيءَ ’رپورٽ‘ کي يڪسر رد ڪري، هڪ نئين تعليمي ڪميشن بنائي وڃي، جنهن ۾ سڀني زبانن جي نمائنده تعليمي ماهرن کي شامل ڪيو وڃي.

جيتريقدر سنڌي زبان جو مسئلو آهي، هيءَ ڳالهه هر وقت ضروري رهندي ته اسين ان کي ”اولهه پاڪستان جي هڪ سرڪاري زبان“ تسليم ڪرايون، ورنه هن قسم جون نت نيون حالتون وري وري پيدا ٿينديون رهنديون، ۽ آخرڪار ڪنهن موقعي تي ان کي بچائڻ محال به ٿي پوندو. بنگالي ۽ اڙدو زبانن کي، بهرحال، اسين ملڪ جي قومي زبانن طور تسليم ڪري چڪا آهيون، ۽ ٻين سڀني علاقائي زبانن کي پنهنجي پنهنجي علائقي ۾ سرڪاري زبانون بنجڻ کپي.

سنڌي زبان جي حيثيت ۽ حقن بابت ايترو ته گهڻو لکيو ويو آهي، جو ڪيترن ئي هزارن جا ڪئين ضخيم ڪتاب تيار ٿي ويندا، بلڪ تازو، چند تاريخن اندر، ”تعليمي ڪميشن جي رپورٽ“ بابت جيڪو رد عمل سنڌي زبان سان متعلق آهي، اسين ان کي اخبارن جي حوالي سان پيش ڪري رهيا آهيون، جنهن ۾ اڙدو ۽ انگريزي اخبارون پڻ شامل آهن. - ش. ح.]

روزانه ”مهراڻ، ڪراچي.

”سنڌي زبان متعلق تقاضا درحقيقت انهيءَ وقت کان ڪئي پيئي وڃي، جڏهن تعليمي ڪميشن جون سفارشون پڌرون ٿيون ۽ حڪومت اهو فيصلو ڪيو ته سنڌي زبان بدران اڙدوءَ کي ذريعه تعليم بنايو وڃي. ڪميشن جي انهيءَ سفارش ۽ حڪومت جي انهيءَ فيصلي سنڌ علائقي اندر سخت تشويش پيدا ڪئي، جنهن جو اظهار سنڌ جي هر طبقه خيال جا ماڻهو ڪندا رهيا. اخبارون انهيءَ فيصلي کي غلط ۽ نامناسب سڏينديون رهيون؛ سنڌ جون علمي ۽ ادبي جماعتون انهيءَ فيصلي خلاف احتجاج بلند ڪنديون رهيون، شاگرد، استاد، شاگردن جا والدين ۽ بنيادي جمهوريتون انهيءَ فيصلي خلاف آواز اٿارينديون رهيون، سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن طرفان حڪومت جي انهيءَ فيصلي سان اختلاف جو اظهار ڪيو ويو؛ ۽ هينئر سنڌ خواهه بيرونِ سنڌ جا سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ماهر حڪومت جي انهيءَ فيصلي جي مذمت ڪري رهيا آهن. انهيءَ همه گير اختلاف ۽ احتجاج کان در حقيقت حڪومت کي متاثر ٿيڻ گهرجي ها، ليڪن ڏٺو ويندو ته حڪومت اڄ ڏينهن تائين سنڌ جي ڪابه دلجوئي ڪانه ڪئي آهي-- ڄڻ ته حڪومت جي ڪنن تائين ڪو آواز ئي ڪونه پهتو آهي، ۽ جيڪڏهن ڪو پهتو آهي ته اهو انسانن جو آواز نه آهي!

”سنڌ زبان جي باري ۾ جيڪي تقاضائون ڪيون ٿيون وڃن، سي ڪي اُڇاتريون گهُرون ڪين آهن، پر اهي معقوليت تي مبني آهي. سنڌي زبان سنسڪرت کان اڳ جي دور جي جهوني زبان آهي؛ ان کي پنهنجو رسم الخط ۽ پنهنجو گرامر آهي؛ اها صدين کان وٺي تعليمي زبان جي حيثيت ۾ رائج آهي، ۽ ويهن سالن کان وٺي ڊگريءَ جي ڪورس تائين ذريعه تعليم رهي آهي؛ ان ۾ اَٿاهه لٽريچر موجود آهي؛ اها دنيا جي ٻيءَ ڪنهن به ترقي يافته زبان کان، ڪنهن به صورت يا حيثيت ۾ گهٽ ڪانه آهي؛ ۽ ان ۾ اهي سموريون خوبيون ۽ صلاحيتون موجود آهن، جيڪي هڪ زنده ۽ اعليٰ تعليمي زبان ۾ موجود هئڻ گهرجن: اهڙيءَ حالت ۾، جيڪڏهن هن زبان کي تعلييم دائري مان خارج ڪيو وڃي ته اها سراسر زيادتي آهي.

”هن زبان کي تعليمي ڪميشن جي سفارشن ۽ حڪومت جي فيصلي سبب جيڪو مقام بخشيو ويو آهي، تنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي باشندن جي تباهي يقيني محسوس ڪئي وڃي ٿي. اڙدو زبان کي ٽئين درجي کان رائج ڪرڻ جي حالت ۾ سنڌي ٻارن جي ذهنن تي ٻيڻو بار پئجي ويندو، جنهن جو نتيجو سندن ذهني پستيءَ جي صورت ۾ نڪرندو. اڙدوءَ کي ذريعه تعليم بنائڻ سبب سنڌي ٻار نه ڪجهه سمجهي سگهندا، نه سمجهائي سگهندا؛ جنهنڪري هو چٽاڀيٽيءَ ۾ اڙدو مادري زبان وارن ٻارن سان مقابلو ڪري ڪونه سگهندا. جڏهن ته تعليم جي ترقيءَ جو بنياد چٽاڀيٽيءَ تي رکيو ويو آهي، تڏهن سنڌي ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رهجي ويندا. اعليٰ تعليم کان محروم ٿي وڃڻ جي حالت ۾، هو اعليٰ سرڪاري ملازمتن جا اهل رهي ڪونه سگهندا: اِها سندن اقتصادي تباهيءَ جي نشاني آهي. اقتصادي تباهيءَ سان گڏ، سنڌ جي باشندن جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي تباهي پڻ سنڌي زبان جي حيثيت کي ڪيرائڻ جو لازمي نتيجو رهندي. اڙدو زبان سان سڀني رعايتن جي وابستگيءَ سبب، سنڌي ٻارن کي مجبور ٿي سنڌي زبان جي تعليم ترڪ ڪرڻي پوندي. ان جو نتيجو اهو نڪرندو جو ايندڙ ويهن سالن کان پوءِ سنڌ زبان ۾ لکڻ پڙهڻ وارو ڪو مشڪل سان ملندو. ان ڪري، سنڌي زبان جو اڳيون سمورو لٽريچر وڃي ميوزم جي حوالي ٿيندو، ۽ وڌيڪ لٽريچر پيدا ٿي ڪونه سگهندو: سنڌي زبان جي اديبن، مصنفن ۽ ناشرن جو ذريعهء معاش ختم ٿي ويندو، سنڌ جون اخبارون بند ٿي وينديون، ۽ سنڌي زبان صرف غسلخاني ۽ بستري جي زبان وڃي رهندي-- جيئن اڄڪلهه پنجابي زبان آهي.

”اِها تباهي صرف علاقائي اعتبار کان نه ، بلڪ ملڪي ۽ قومي لحاظ کان پڻ ناقابل برداشت آهي. سنڌ جو علم ۽ ادب، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌ جو تمدن، پاڪستان جي هڪ وڏي دولت آهن: اها دولت سنڌي زبان جي خاتمي سان فنا ٿي ويندي. ليڪن افسوس سان ظاهر ڪرڻو ٿو پوي ته صرف ڪن سياسي مصلحتن جي ڪري، انهيءَ دولت کي تباهه ڪرڻ کان به گريز نٿو ڪيو وڃي!

”سنڌ جا باشندا پاڪستان جا وفادار شهري آهن، ۽ کين پاڪستان ۾ زنده رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو اهڙوئي حق آهي، جهڙو ٻين شهرين کي. جيڪڏهن سندن زبان کي ههڙيءَ ريت فنا ڪيو ويو ته پوءِ آخر سنڌ جا باشندا ڪهڙيءَ ريت زنده رهي ۽ ترقي ڪري سگهندا؟ سنڌ جي علاقائي حدن کي اڳ ۾ ئي ختم ڪيو ويو آهي، سنڌ جي سياسي قوت کي اڳ ۾ ئي پامال ڪيو ويو آهي، ۽ سنڌ جي اقتصادي تباهيءَ جا سامان اڳ ۾ ئي مهيا ڪيا ويا آهن: هينئر جيڪڏهن سنڌي زبان کي به تباهه ڪيو ويو، ته ان مان مطلب اهوئي ڪڍيو ويندو ته سنڌي جي زندگيءَ جي آخري سهاري کي به ختم ڪيو ٿو وڃي!

”اسين حڪومت جي ڪارپردازن کان پڇون ٿا ته آخر اِهو ڪٿان جو انصاف آهي جو هڪ علائقي کي ڪمزور سمجهي، ان کي پيڙهيو ۽ نپوڙيو وڃي! سنڌ اوهان جو ڪهڙو گناهه ڪيو آهي؟ ڇا، سنڌ پهريون صوبو نه هو، جنهن پاڪستان جي حمايت ۾ ٺهراءُ بحال ڪيو؟ ڇا، سنڌ جو اهو علائقو نه آهي، جنهن هڪ سال تائين مرڪزي حڪومت جا اخراجات برداشت ڪيا؟ ڇا، سنڌ اهو علائقو نه آهي، جنهن مهاجرن کي ڇهن مهينن تائين پنهنجن گهرن ۾ رهايو؟ ڇا، اهڙيءَ حالت ۾ اِهو مناسب آهي ته سنڌ جي احسانن کي وساريو وڃي، ۽ هٿان سنڌ سان ڪِيسَ ڪيا وڃن؟

”اسين پاڪستان جي حاڪمن کي ٻڌائڻ ٿا گهرون ته سنڌ هنن کان ٻي ڪابه رعايت طلب نٿي ڪري: هوءَ صرف ايترو ٿي چاهي ته کيس زنده رهڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي، ۽ ان جي زبان، علم ادب ۽ ثقافت کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي.

”اسين پاڪستان جي حاڪمن کي چئلينج ٿا ڪريون ته جيڪڏهن کين سنڌ جون تقاضائون غلط ۽ نامناسب ٿيون نظر اچن، ته هو انهن جو حجت ۽ دليل سان جواب ڏين. اسان به سنڌ جي تقاضائن کي حجتن ۽ دليلن سان پيش ڪيو آهي، جن جو جواب حجت ۽ دليل سان ڏنو وڃي، ۽ نه ڏنڊي جي زور سان، جيئن سنڌي زبان جي باري ۾ ڏنو ويو آهي.

”اسين کين اهو به چئلينج ٿا ڏيون ته هو سنڌي زبان جي سوال کي عدالت جي اڳيان پيش ڪن، يا بين الاقوامي تعليمي ماهرن جي اڳيان آڻين، يا وري ڪنهن ثالث جي حوالي ڪن، ته پتو پئجي وڃي ته سنڌ جي تقاضا صحيح آهي يا حاڪمن جا نادري احڪام درست!“

[اربع، 3- آڪٽوبر، 1962]

روزانه ”نواءِ سنڌ“، ڪراچي.

”تعليمي ڪميشن جي سفارشن جي ضمن ۾ جڏهن ته سنڌي ادب ۽ سنڌي زبان جو موت پوشيده آهي، تڏهن سنڌ علائقي جا ماڻهو اهڙين ناپسنديده سفارشن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندا، ۽ نه وري ڪميشن جي ناقابل عمل سفارشن کي عملي جامي ڍڪائڻ جو موقعو ئي ملي سگهندو.

”تعليمي ڪميشن جي سفارشن ۾ سنڌي زبان سان ايڏو ته انڌير ڪيو ويو آهي جو ان کي انگريزي دورِ غلاميءَ ۾ جيڪا ادبي ۽ علمي حيثيت مليل هئي، سابه کانئس کسڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي.

”ڇهينءَ جماعت بعد سنڌي زبان جي ذريعه تعليم نه رهڻ جو لازمي نتيجو اهو نڪرندو جو تعليمي ڪميشن جي سفارشن مطابق جيڪي سنڌي ٻار پڙهندا، سي سنڌي زبان ۽ سنڌي ادب کان بلڪل ڪورا ۽ ناآشنا رهندا؛ ڇاڪاڻ ته پنجن يا ڇهن جماعتن تائين اڙدو سان گڏ سنڌي پڙهڻ سان ڪير به سنڌيءَ جو ڄاڻو ۽ اديب بنجي نه سگهندو، ۽ ڇهينءَ جماعت کان مٿي جڏهن ته اڙدو ئي اڙدو هلدني رهندي، تڏهن سنڌي شاگرد به اڙدو جا گرويدا بنجي ويندا، ۽ ايندڙ ڏهن سان کان پوءِ سنڌي ادب ۽ سنڌي صحافت جو چرچو ئي بند ٿي ويندو: انهيءَ ڪري ئي سنڌي حلقن ۾ سنڌي زبان بابت تعليمي ڪميشن کي ’خطرناڪ سازش‘ سڏيو وڃي ٿو، ۽ سنڌ علائقي جا ماڻهو همه گير بنياد تي تعليمي ڪميشن جي سفارشن خلاف اُٿي کڙا ٿيا آهن.... سنڌي زبان جي اڳينءَ پوزيشن ۽ اهميت کي به ختم ڪرڻ، سا هڪ اهڙي حرڪت آهي، جنهن کي سنڌ علائقي جو ڪوبه باشندو رضا ۽ خوشيءَ سان برداشت نه ڪري سگهندو!“

[اربع، 3- آڪٽوبر، 1962ع]

روزانه ”هلال پاڪستان“، حيدرآباد.

”تعليمي ڪميشن جي سفارشن ۾ سنڌي ٻوليءَ سان جيڪو نسورو ظلم ۽ زيادتي ڪئي ويئي آهي، سا سنڌي عوام کان ڳجهي ڪانهي. تعليمي سڌارن جي نالي ۾ سنڌي زبان جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ جيڪا سازش سٽي ويئي آهي، سا جيڪڏهن وقت سر ڪو قدم کڻي ناڪام نه بنائي ويئي، ته اها اڳتي سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي ادب ۽ ثقافت کي نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيندي.

”اِها ڪيتريقدر نه زيادتي آهي جو سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن کي ٽئين ڪلاس کان ئي اڙدو ۾ لازمي طور تعليم وٺڻ لاءِ مجبور ڪيو وڃي، جيڪي ان وقت ستن سالن جي ٽهيءَ کي مس پهتل هوندا ۽ کين پنهنجي مادري زبان ئي اڃا پوريءَ ريت لکڻ پڙهڻ ڪانه ايندي!

”سنڌيءَ جي پرائمري تعليم لاءِ هن وقت تيرهن هزار سنڌي ماستر موجود اهن، تن کي ڪهڙيءَ طرح اڙدو ماستر بنايو ويندو؟ ڇا، انهن کي پندرهن ڏينهن جو ڪورس ڪرائي، اهڙو قابل بنائي سگهجي ٿو جو هو اڙدو ۾ تعليمي ڏيئي سگهن؟ ست سال پنهنجي مادري زبان ۾ تعليم وٺي، فائنل پاس ڪرڻ کان پوءِ، هو مس انهيءَ جي قابل ٿين ٿا جو سنڌي ٻارن کي پرائمري تعليم ڏيئي سگهن. جڏهن پنهنجيءَ مادري زبان ۾ به ايڏو عرصو تعليم وٺڻ کان پوءِ مس هو پرائمري استاد جي عهدي تي رکيا ٿا وڃن، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته پندرهن ڏينهن جي ڪورس پڙهڻ بعد کين اڙدو جي تعليم ڏيڻ لاءِ رکيو وڃي! لازمي آهي ته اهي سنڌي پرائمري استاد اڙدو جي تعليم پوريءَ طرح نه ڏيڻ جي پاداش ۾ ڪڍيا ويندا-- ۽ اهڙيءَ طرح انهن جو مستقبل ڪنهن به صورت ۾ محفوظ ڪونه رهندو.

”ٽئين کان پنجين درجي تائين، ٽي سال، سنڌيءَ سان گڏوگڏ اڙدوءَ ۾ لازمي تعليم وٺڻ بعد، ڇهين درجي ۾ سنڌي ٻارن کي سنڌي تعليم ڏيڻ بلڪل بند ڪري، مٿن زوريءَ اڙدو ۾ ئي تعليم وٺن جو شرط رکڻ ڪيتريقدر نه ظلم آهي! هو اڃا انهيءَ قابل ئي نه ٿيا هوندا جو ٻين انهن ٻارن سان چٽاڀيٽي ڪري سگهن، جن جي مادري زبان اڙدو آهي، يا جن شروع کان وٺي پنج ئي سال اڙدوءَ ۾ تعليم ورتي هوندي. ظاهر آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ ٻار تعليم ۾ پٺتي پئجي ويندا-- ۽ اهڙيءَ طرح انهن جو مستقبل ڪنهن به صورت ۾ محفوظ نه رهندو.

”سنڌيءَ جي بجاءِ اڙدوءَ ۾ تعليم وٺڻ کان پوءِ به هيءَ اميد رکجي ته اهي نونهال، وڏا ٿي، سنڌي ادب ۽ ثقافت جا اَبا بنبا، ۽ اهڙيءَ طرح اِهي اعلان ڪيا وڃن ته سنڌي ادب ۽ ثقافت جي حفاظت جي پوري پوري ضمانت ڏني ويئي آهي، سا ڳالهه سراسر مضحڪه خيز ۽ سنڌي زبان سان هڪ قسم جي چٿر ۽ ٺٺولي ڪرڻ آهي! جڏهن سنڌيءَ جا نوان اديب ۽ ڄاڻو ئي نه نڪرندا، ته پوءِ سنڌي ادب کي ترقي ۽ زور وٺائڻ لاءِ قائم ڪيل، ”سنڌي ادبي بورڊ“ يا ٻيا اهڙا ادبي ادارا ڪيئن سلامت رهي سگهندا؟ اهي ادارا، وڌ ۾ وڌ، انهن سنڌي اديبن جي حياتيءَ تائين قائم رهندا، جيڪي هن وقت زنده آهن، ۽ ان بعد اهي ٺپ ٿي ويندا؛ ڇاڪاڻ ته نه هوندو ڪو سنڌي ڳالهائيندڙ، ۽ نه رهندي سنڌي ادبي ادارن جي ڪا ضرورت.

”... سنڌ جا رهندڙ سنڌي پنهنجي مادري ٻوليءَ جي تحفظ، ۽ پنهنجي ۽ پنهنجن ايندڙ سنڌي نسلن جي مستقبل کي بچائڻ لاءِ جيڪي مطالبا ڪري رهيا آهن، اهي بلڪل حق ۽ انصاف تي مبني آهن، جن کي صوبائيت يا علاقائيت يا ٻيو ڪو سياسي يا امتيازي رنگ ڏيڻ سراسر احمقپائي ۽ شرارت آهي.“

[اربع، 3- آڪٽوبر، 1962ع]

روزانه ”عبرت“، حيدرآباد.

”ڊگري ڪورس کي بدلائي ٻه سال ڪرڻ، فيون گهٽائڻ، ’يونيورسٽي آرڊيننس‘ واپس وٺڻ، ۽ ذريعه تعليم مادري زبان کي تسليم ڪرڻ، وغيره-- اِهي بعض اِهڙا اهڙا اهم مطالبا آهن، جن متعلق شاگرد ’ڪميشن‘ جي سفارشن شايع ٿيڻ واري وقت کان اعتراض ۽ احتجاج ڪندا رهيا آهن. افسوس جو انهن مطالبن ڏانهن پورو توجهه نه ڏنو ويو، ۽ شاگردن کي پنهنجن مطالبن مڃائڻ لاءِ هڙتالون ۽ مظاهرا ڪرڻا پيا، جن جا بعض شهرن ۾ ناخوشگوار نتيجا نڪتا آهن.

”... ذريعه تعليم جو سوال خاص طور تي اهم آهي. هن فيصلي سبب سنڌي شاگردن ۾ زبردست پريشاني پيدا ٿي آهي. اهي شاگرد ائين محسوس ڪرڻ لڳا آهن ته سندن تعليمي مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي، ۽ هو ٻين جي مقابلي ۾ صرف اِن ڪري پوئتي پئجي ويندا جو اصل مضمون پرهڻ بدران، هو زبان تي عبور حاصل ڪرڻ ۾ ئي رهجي ويندا.

”سنڌ ۾ واقعي ذريعه تعليم وارو فيصلو سراسر غلط آهي. خبر نه آهي ته تعليمي ڪميشن کي اهڙو خيال ڇو آيو ته ننڍڙن ۽ ڪَچن ذهنن تي غير مادري زبان کي مسلط ڪيو وڃي، ۽ سندن قدرتي صلاحيتن تي ايترو بار وڌو وڃي جو هو اُڀرڻ کان اڳ شَل ٿي پون!

”وڌيڪ حيرت ان جي آهي ته ذريعه تعليم جي اهڙي سفارش آهي، جنهن جي سڀ کان زياده مخالفت ٿي آهي. سنڌ مان منفق طور تي انهيءَ سفارش جي مخالفت ٿيندي رهي آهي.

سنڌ وارا پنهنجي اها شڪايت اعليٰ اختياريءَ وارن تائين به پهچائي چڪا آهن. مگر ڏسجي پيو ته ان تي اڃا پورو توجهه نه ڏنو ويو آهي.

”جڏهن ته ڪميشن جي سفارشن چوطرف ناراضگي پيدا ڪئي آهي، ۽ حڪومت به ڊگري ڪورس متعلق مطالبو منظور ڪري چڪي آهي، تڏهن بهتر ٿيندو ته باقي مطالبن تي به فوري طور تي غور ڪيو وڃي، ۽ اهڙا فيصلا ڪيا وڃن، جي شاگردن کي مطمئن ڪري سگهن، ۽ ملڪ ۾ تعليم به ترقي ڪري سگهي، جنهن جي بعض حيرت انگيز سفارشن اُلٽو تعليم کي سخت نقصان پهچايو آهي.“

[اربع، 3- آڪٽوبر، 1962ع]

روزانه ”خادم وطن“، حيدرآباد.

”سنڌي زبان جي اڳوڻي حيثيت کي سرڪاري طور برقرار رکڻ لاءِ سنڌ جي سياسي رهنمائن، تعليمي ماهرن، اديبن ۽ ’سنڌي ادبي بورڊ‘ جي ميمبرن جو تازو مطالبو، سنڌ جي عوام جي جذبات ۽ احساسات جي ترجماني ڪرڻ سان گڏ، سنڌي عوام جي هن کان اڳي ڪيل مطالبن کي به دهرائي ٿو. اِهي مطالبا سنڌي عوام انهيءَ وقت کان وٺي پئي ڪيا آهن، جڏهن مارشل لائي حڪومت تعليمي سڌارن جي مقصد سان تعليمي ڪميشن قائم ڪئي، ۽ ان ڪميشن ۾ سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت جي نقطه نظر پيش ڪرڻ ۽ سنڌ عوام جي نمائندگيءَ جي حق ادا ڪرڻ وارو ڪوبه سنڌي ميمبر ڪونه هو. نتيجو اهو نڪتو جو تعليمي ڪميشن، سنڌ جي جداگانه حالات تان نظرون هٽائي، سنڌي زبان جي اڳوڻي تعليمي حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي زبان جي ترقيءَ جا سڀيئي دروازا بند ڪري ڇڏيا، حالانڪ سنڌي زبان جي اعلى تعليمي حيثيت جي مدنظر، ان سان همدردانه ۽ منصفانه رويو اختيار ڪيو وڃي ها.

”جيڪڏهن تعليمي ڪميشن، تعليمي زبان جي متعلق تعليمي جذبات سان ۽ تعليمي اصولن کي سامهون رکي، انصاف جي تارازيءَ ۾ توري ڪي سفارشون ڪري ها ته سنڌي زبان جو حق تلف نه ٿي سگهي ها. تعليمي ڪميشن سنڌي زبان جي تعليمي حيثيت لاءِ حڪومت جي سياسي پاليسيءَ کي ترجيح ڏني، پر تعليمي نفسيات ۽ لسانيات جي مشهور بين الاقوامي اصولن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. تعلمي ڪميشن بين الاقوامي تعليمي ماهرن جي انهن راين کي به نظرانداز ڪري ڇڏيو، جن ۾ چيل آهي ته تعليم جو آسان ذريعو مادري زبان آهي. تعليمي ڪميشن هي به نه سوچيو ته اولهه پاڪستان جي هن ترقي يافته زبان جي هڪ صديءَ کان هلندڙ تعليمي ۽ سرڪاري حيثيت جي خاتمي سان، هڪ ڪروڙ کان زياده ماڻهو متاثر ٿيندا ۽ اها زبان بلڪل ختم ٿي ويندي. انهيءَ مان ظاهر آهي ته تعليمي ڪميشن سنڌي زبان کي دانسته ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جا ڳالهه ناقابل برداشت آهي.“

[خميس، 4- آڪٽوبر، 1962ع]

روزانه ”بشارت“، حيدرآباد (اڙدو).

”زبان جي مسئلي کي جيستائين سائسني [علمي] نقطه نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪبي، تيستائين صحيح موقف اختيار نٿو ڪير سگهجي. تنهن کان سواءِ اهو به ضروري آهي ته اسان جي اڳيان آهي اصول هجن، جن جي وسيلي قومي يڪجهتيءَ ۽ قومي اتحاد جي مقصدن کي حاصل ڪري سگهجي. انهيءَ سلسلي ۾ سڀ کان اول جيڪا ڳالهه اسان کي چوڻي آهي، سا هيءَ آهي ته ڪنهن به علائقي جي ماڻهن تي ڪابه مخصوص زبان زوريءَ مڙهي نٿي سگهجي. ٻي ڳالهه، ته هر زبان جو اهو حق آهي ته ان کي ترقيءَ جا هڪجهڙا موقعا حاصل هجن. اولهه پاڪستان جي صورتحال هيءَ آهي ته هن صوبي جي مختلف علائقن-- پنجاب، بلوچستان، سرحد ۽ سنڌ- ۾ الڳ الڳ زبانون موجود آهن. انهن زبانن جو پنهنجو ادب آهي، هڪ ثقافتي ورثو آهي، ۽ انهن علائقن جون مخصوص تهذيبي ۽ ثقافتي روايتون آهن. ان سان گڏ، هيءَ ڳالهه به صحيح آهي ته سڄي اولهه پاڪستان ۾ اڙدو زبان ڳالهائي ۽ سمجهي وڃي ٿي. انهيءَ حقيقت کي نظر ۾ رکندي، ائين ئي چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن سنڌي زبان کي سنڌ ۾ تعليمي ذريعي جي حيثيت سان ختم ڪري ڇڏيو ويو ۽ رڳو اڙدو کي ذريعه تعليم بنايو ويو، ته سنڌي زبان ۽ ثقافت کي نقصان رسندو. ازان سواءِ، انهن ٻارن لاءِ هيءَ ڳالهه بي انتها وقت طلب ٿيندي جو هو مادري زبان بدران هڪ ڌاريءَ زبان ۾ تعليم حاصل ڪن. انهيءَ سفارش کي نافذ ڪرڻ جو هڪڙو اثر هي به ٿيندو جو قومي اتفاق کي نقصان پهچندو، ۽ سنڌين ۾ دشمنيءَ جو رويو پيدا ٿيندو، جيڪو خود اڙدو زبان لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿيندو.

”سنڌي ۽ اڙدو-- ٻنهي زبانن جي واڌاري ۽ قومي اتفاق ۽ اتحاد لاءِ ضروري آهي ته ابتدائي درجن تائين تعليم مادري زبان ۾ ڏني وڃي؛ ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي درجن ۾ به تعليم ته مادري زبان ۾ ئي ڏني وڃي، پر جن ٻارن جي مادري زبان سنڌي آهي، انهن لاءِ اڙدو، ۽ اڙدو ڳالهائيندڙ ٻارن لاءِ سنڌي زبان جي تعليم لازمي ٺهرائي وڃي؛ اعليٰ تعليم لاءِ البت قومي زبان کي سڄي صوبي ۾ تعليمي ذريعو بنائڻ کپي. ان طرح، مختلف قوميتن کي موقعو ملندو ته هو پنهنجي پنهنجي زبان ۽ ثقافت کي وڌائي ۽ ويجهائي سگهن، ۽باهمي اعتماد جي فضا ۾ قومي اتفاق جا بنياد پڻ مستحڪم ٿيندا... دنيا جي انهن سڀني ترقي يافته ملڪن ۾ جتي هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون، تعليم مادري زبان ذريعي ئي ڏني ويندي آهي-- ۽ قومي زبان جي سکيا به لازمي هوندي آهي. اِهوئي طريقو اسان کي به اختيار ڪرڻ کپي.“

[جمع، 5- آڪٽوبر، 1962ع]

 

روزانه ”اِنڊس ٽائيمس“، حيدرآباد (انگريزي).

”سنڌ علائقي ۾ سنڌيءَ ذريعي صرف پنجين درجي تائين پڙهائڻ جو خيال سچ پچ ته ڏاڍو عجيب آهي. نه رڳو ايترو، پنجين درجي کان پوءِ سنڌي هڪ لازمي مضمون طور به ڪانه رهندي! سنڌي هڪ تمام ترقي يافته ۽ شاندار ادبي روايتون رکندڙ زبان آهي. جيڪا ثقافتي صورتحال هن علائقي کي ٻين کان ممتاز ٿي بنائي، تنهنجو سنڌي زبان هڪ جُز، بلڪ بنياد آهي. هن علائقي جي اسڪولن ۾ هڪ صديءَ کان وڌيڪ مدت کان وٺي سنڌيءَ ذريعي تعليم ڏني پئي ويئي آهي، ۽ انگريزن کان اڳ اها مڪتبن ۾ ذريعي تعليم هئي. ڪنهن به معيار کي نظر ۾ رکندي، هيءَ زبان مٿين درجن ۾ ذريعه تعيلم بنجي سگهي ٿي، ۽ بنجڻ کپي.

”هن علائقي ۾ اڙدو کي ذريعه تعليم بنائڻ جي علمي دشوارين ڏانهن اسين اڳي ئي ڌيان ڇڪائي چڪا آهيون. جيڪي تيرهن هزار پرائمري ماستر هن وقت اسڪولن ۾ نوڪري پيا ڪن، ۽ جيڪي صرف سنڌيءَ ۾ ئي لکي، پڙهي ۽ سيکاري ٿا سگهن، تن جو آخر ڪهڙو تدارڪ ٿيندو؟ انهن مان هيءَ توقع رکڻ ته هو مختصر وقفن جي چند رفريشر ڪورسن ذريعي هاڻي اڙدو سکندا ۽ اُن ۾ مهارت حاصل ڪندا، سا هڪ نامعقول ڳالهه آهي. مادري زبان ذريعي تعليم ڏيڻ جا فائدا ٿا شمار ڪجن، ته قومي زبان ذريعي تعليم ڏيڻ جي حق ۾ استعمال ٿيندڙ سمورا دليل بي مطلب آهن. ان لاءِ ڪوبه سبب ڪونهي ته سنڌيءَ کي ثانوي تعليم جي سطح تي ڇو نه ذريعه تعليم بنايو وڃي. قومي زبان [اڙدو] جي تقاضائن جي پورائيءَ لاءِ، ان کي پرائمري تعليم جي مٿين درجن کان لازمي مضمون طور مقرر ڪرڻ بلڪل ڪافي ٿيندو؛ ۽ شهرن ۾ جتي اڙدو ڳالهائيندڙ شاگردن جو تعداد گهڻو آهي، اتي کين سندن مادري زبان ذريعي تعليم ڏيڻ لاءِ مناسب سهولتون مهيا ڪري سگهجن ٿيون.“

[اربع، 3- آڪٽوبر، 1962ع]

روزانه ”ڊان“، ڪراچي (انگريزي).

”ملڪ جي تعليمي نظام ۾ سنڌي زبان کي نظرانداز ڪري، بنا سوچ ويچار ان جي حيثيت کي ڪيرائي ڇڏڻ خلاف اُڀرندڙ جوش ۽ غصي تي، هن هفتي ۾، عام راءِ جي معتبر نمائندن جي بيانن ڪافي روشني وڌي آهي. سنڌي زبان لاءِ هيءَ دعوا ڪئي وڃي ٿي ته اها تازن تعليمي سڌارن جي نفاذ (تعليمي سال 1961-62ع) کان اڳ، اڍائي سؤ سالن کان وڌيڪ عرصي تائين ابتدائي ۽ ثانوي سطح تي تعليمي ذريعو، گذريل نوي سالن کان اعليٰ ثانوي سطح تي تعليمي ذريعو، ۽ گذريل ويهن سالن کان بي. اي. تائين امتحاني ذريعو رهندي آئي آهي. نئين تعليمي سرشتي ۾، جيڪو 1964-65ع واري تعليمي سالن کان مڪمل طرح عمل هيٺ اچڻو آهي، سنڌي زبان فقط پنجين درجي تائين ذريعه تعليم هوندي، ۽ ان کان مٿي اڙدو کي سنڌيءَ جي جڳهه تي آندو ويندو: ان طرح، سنڌي ٻارن لاءِ نين تعليمي حالتن کي ذهني طور قبول ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو بنجي پوندو.

”هڪڙي بيان ۾ دليل طور هيءُ اشارو ڏنو ويو آهي ته سنڌي ٻارن کي ابتدائي ٽئين درجي ۾ اڙدو جي تعليم لازمي طرح شروع ڪرائڻ، جڏهن هو ستن سالن جي ڪَچڙيءَ ڄمار ۾ اڃا پنهنجي مادري زبان ۾ به لکي پڙهي سگهڻ جي لائق ڪونه هوندا، سو هڪ طرف سنڌ جي موجوده تعليم حالتن ۾ سراسر ناقابل عمل آهي، ۽ ٻئي طرف تعليمي نفسيات جي لحاظ کان غلط آهي. سنڌ ۾ هن وقت ٻارهن هزارن کان مٿي سنڌي پرائمري ماستر آهن، جيڪي اٽڪل ڏهن هزارن سنڌي پرائمري اسڪولن کي هلائي رهيا آهن. نه انهن جي جاين تي اڙدو ماستر آڻي سگهجن ٿا، ۽ نه وري انهن کي نئين سر پڙهائي، قابل بنائي، ڪامياب اڙدو ماستر بنائي ٿو سگهجي. اِن باري ۾ هيءَ ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ کپي ته ذريعه تعليم کي اڙدو ۾ بدلائڻ جي سفارش ڪرڻ واريءَ تعليمي ڪميشن خود به-- بنا ڪنهن تفصيلي طريقي بيان ڪرڻ جي-- انهيءَ تبديليءَ لاءِ استادن ۽ شگردن جي موزون تياريءَ طرف ڌيان ڇڪايو آهي. پر بجاءِ ڪنهن باضابطه ۽ ڪارگر انتظام جي، عبوري دور ۾-- تعليمي سال 1961-62ع کان 1964-65ع تائين-- ٽئين، چوٿين ۽ پنجين درجي وارن سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن کي اڙدوءَ جي اڌوگابري تعليمي سنڌي ڳالهائيندڙ استادن ذريعي ڏني وڃي ٿي، جن جي لياقت انهيءَ ڪم لاءِ، ڪن حالتن ۾، اولهه پاڪستان جي تعليم کاتي جو هڪڙو پندرهن ڏينهن جو رفريشر ڪورس آهي.

”سنڌيءَ جي هڪ اعليٰ ترقي يافته علاقائي زبان هجڻ واريءَ جائز دعوا، ۽ ان جي بنا روڪ ترقيءَ لاءِ ڏنل خاطرين کي الڳ رکندي (خود تعليمي ڪميشن به سڀني علاقائي زبانن کي ترقي وٺائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي)، خالص تعليمي نقطه نگاهه کان، موجوده انتظام بلاشڪ غير اطمينان بخش آهي، تعليمي نظام ۾ موجود رڪاوٽن کي دور ڪرڻ بجاءِ، اُٻهرائيءَ سان، سنڌيءَ کي ذريعه تعليم طور ختم ڪري ڇڏڻ جو قدم سنڌي ڳالهائيندڙ ٻارن کي سخت نقصانڪار حالت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو، سا ڳالهه صاف ظاهر آهي. هن حالت ۾، تعليم جي نئينءَ تنظيم وارين ٻين حالتن جيان، اهم ڳالهه هيءَ نه آهي ته رڳو قابل داد مقصدن کي ئي پيش ڪجي يا بنيادي اصولن کي سنجيدگيءَ سان بيان ڪري ڇڏڻ تي قناعت محسوس ڪجي، پر هن ڳالهه جي خاطري ڪرڻ لازمي اهي ته زير ويچار تعليمي تبديلين جي مقصدن ۽ انهن ڏانهن رهبري ڪندر طريقن جي احساس پيدا ڪرڻ لاءِ گهربل تياري ۽ اسباب مڪمل طرح مهيا ڪيا وڃن. هتي ته خود مقصد ۽ طريقا ئي هڪ وڏي حصي لاءِ اعتراض جو باعث بنجي پيا آهن، جن تي انهن جو برو اثر پيو آهي، تڏهن، اٻهرائيءَ سان تبديليءَ کي زور وٺائڻ بجاءِ، اختياريءَ وارن طرفان ان جي ڪن ابتدائي طريقن جي باريڪ ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ۾ ڪوبه حرج ڪونه ٿيندو.“

[جمع، 5- آڪٽوبر، 1962ع]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com