سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :8

اعتماد جوڳن سپاهين به جڏهن اها ترڪيب ٻڌي ته ڪنن تي کڻي هٿ رکيائون، ۽ ’توبهه! توبهه!‘ ڪندي، ان تي عمل ڪرڻ کان نابري واريائون. پر سردار جو پنهنجيءَ دل ۾ اڳي ئي پنهنجي دولت کي ٻيڻي ڪرڻ جو فيصلو ڪري چڪو هو، تنهن ڪنهن جي به ڳالهه نه ٻڌي، ۽ جڏهن ڏٺائين ته سپاهي اصل پڙ ڪڍي بيٺا آهن، تڏهن سڀني انڪار ڪرڻ وارن سپاهين کي انهيءَ دم گوليءَ سان اَڏائي ڇڏيائين. آخر ۾ هڪڙو سپاهي، جنهن جو نالو ”هيرو“ هو، تمام مشڪل سان سردار جي ترڪيب تي عمل ڪرڻ تي راضي ٿيو. سردار ان کي تمام گهڻيون اشرفيون انعام ڏنيون،  سندس اڳيون قرض معاف ڪري ڇڏيائين، سندس گروي ٿيل زمين به موٽائي ڏنائين، ۽ کانئس وعدو ورتائين ته هو سردار جي ڏسيل ترڪيب تي ضرور عمل ڪندو ۽ سڀاڻي صبح جو ئي ان جي پورائي ڪندو.

پر ٻئي ڏينهن ’صبح‘ ٿيو ئي ڪونه! ٻئي ڏينهن ماڻهو گهڻيءَ دير تائين سُتا رهيا، پر صبح ڪونه ٿيو. پوءِ هو جاڳي، اکيون مَلي، ’صبح‘ جو ويهي انتظار ڪرڻ لڳا. پر ائين پئي معلوم ٿيو ته اِها رات هاڻي سدائين رهندي، صبح ٿيندو ئي ڪونه. پوءِ ماڻهن پنهنجن بند گهرن جا در ۽ دريون کولي ڇڏيا، ۽ يڪٽِڪ آسمان ۾ اکيون وجهي ويهي ورهيا. اوڀر طرف وارن جبلن جي چوٽين ڏانهن نهاري نهاري سندن اکيون ٿڪي پئيون، جن جي پٺيان اڳي سج نڪرندو ۽ هو ۽ صبح ٿيندو هو. پر اڄ نڪو سج نڪتو، نڪو صبح ئي ٿيو. آسمان ۽ زمين تي رڳو ٻاٽ اونداهي ڇانيل هئي. ماڻهو تمام گهڻيءَ دير تائين صبح جو انتظار ڪندا رهيا. ڪنهن مهل، ماٿريءَ جي ماڻهن اوڀر طرف وارن جبلن جي پويان هڪڙي ميرانجهڙي ۽ تمام جهَڪي روشنيءَ جي لاٽ ڏٺي- ايتري جهڪي، جيئن اوندهه ۾ کڙ کٻيتي جو چمڪو. ان کان پوءِ جيڪو نظارو ماڻهن ڏٺو، تنهن سان ڪيترا ته غش ٿي ڪري پيا. ٻارڙا پنهنجين مائرن جي هنجن ۾ لڪي ويا. عورتون دانهون ڪري روئڻ لڳيون. ماٿريءَ جي ماڻهن ڏٺو ته اوڀر وارن جبلن وٽان جيڪو سج اڄ نڪتو آهي، تنهن جو منهن ڪارو آهي!- ڄڻ ته ڪنهن ان جي منهن تي ڪاراٺ ملي ڇڏي هئي. اڄ سج مان روشني نٿي آئي. روشني نٿي آئي، ته گرمي به نٿي آئي. هڪڙي ميرانجهڙي روشني سج مان چوڌاري گهيري جي نموني نڪري رهي هئي، جنهن سان ماٿريءَ جي هر شيءِ هلڪي ڌنڌ ۾ لپيٽيل هئي، ۽ ماڻهو ڏينهن جي وقت ۾ به ائين محسوس ڪرڻ لڳا، ڄڻ رات اڃا هلي پيئي، ۽ صبح ڪڏهين به ڪونه ٿيندو. گهڻا ماڻهو ته چريا ٿي ماٿريءَ ۾ ڊوڙڻ لڳا- ’قيامت اچي ويئي! قيامت اچي ويئي! ڀڄو، ڀڄو، قيامت اچي ويئي! گناهه بخشايو، قيامت اچي ويئي!‘

انهيءَ شور غل ۽ دانهن ڪُوڪ ۾ ٻه ڏينهن گذري ويا، ٻه راتيون گذري وئيون. ٻئي ڏينهن وري سج نڪتو، پر ڪارو. ٻئي ڏينهن به ماڻهن صبح جو انتظار ڪيو، پر صبح ڪونه آيو. ٽئين ڏينهن به انتظار ڪيائون. چوٿين ڏينهن سڀ ماڻهو سردار وٽ ويا، ۽ کيس مدد لاءِ التجا ڪيائون. سردار چيو: ”هيءُ خدائي قهر آهي! اوهان ڪئين ڀيرا منهنجي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي، هيءُ ان جو نتيجو آهي- هاڻي ڀل ته اهو لوڙهيو!“ ماڻهو ٻاڏائڻ لڳا: ”سردار، اسان تي قياس ڪر! اسين غريب، تنهنجا غلام آهيون- تون ڪا نه ڪا صورت ضرور ڪڍ.“

سردار مُرڪي چيو، ”فقط هڪڙي صورت آهي: اڳي رڳو رات جو بجلي خرچ ٿيندي هئي، هاڻي اوهان کي ڏينهن جو به بجلي استعمال ڪرڻي پوندي- نه صرف گهرن ۾، پر ٻنين ۾ به، ۽ چراگاهن ۽ ٻيلن ۾ به، جتي اوهين مال چاريو ٿا، ڪاٺيون ڪريو ٿا، ماکي ۽ کستوري گڏ ڪريو ٿا: هاڻي اوهان کي ڏينهن- رات بجلي واپرائڻي پوندي. ان لاءِ مون کي ٻي مشين به لڳائڻي پوندي ۽ منهنجو خرچ چؤڻو ٿي ويندو، تنهنڪري اوهان کي پوءِ ٽئڪس به چؤڻو ڏيڻو پوندو!“ ماڻهو ويچارا ڇا ڪن؟ مرندي جهُرندي، چؤڻو ٽئڪس قبول ڪيائون- انهيءَ اميد تي ته ممڪن آهي ته ڪڏهن نه ڪڏهن هن ڪاري سج بدران اُهوئي پراڻو، چمڪندڙ سج نڪري اچي، ته پوءِ هو ٽئڪس ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا.

ماڻهو هر روز صبح جو اُٿي اُنهيءَ سهڻي سج لاءِ آسمان ڏانهن واجهائيندا هئا، پر هر روز کين مايوسي ٿيندي هئي- هر روز ساڳيو ئي ڪارو سج اُڀرندو هو. اڀرندي طرف وارن جبلن کان نڪري، الهندي طرف وارن جبلن ۾ وڃي گم ٿيندو هو. جهڙو ڏينهن، تهڙي رات- اِها ئي ماڻهن جي هاڻي زندگي هئي- هڪڙي مسلسل ڪاري رات. روشني ڇا ٿيندي آهي، ڏينهن ڇا کي چئبو آهي، اُس ڪهڙيءَ ريت چمڪندي آهي، گل ڦل ڪيئن مشڪندا آهن، نديءَ جون لهرون ڪيئن روشنيءَ ۽ پاڇولن جي راند رهنديون آهن، اکين مان محبت ڪيئن جهاتيون پائيندي آهي، ڍنڍ ۾ سونن ڇلرن واريون مڇيون ڪيئن ڇلڪنديون ترنديون وينديون آهن،-- اِهي سڀ ڳالهيون ماٿريءَ جا ماڻهو ڀلجي ويا.

اهڙيءَ ريت ڳچ ڏينهن گذري ويا-- مهينا گذري ويا-- سال گذري ويا. ماٿريءَ تي هڪ خوفناڪ اُداسي ڇانئجي ويئي. هاڻي ڪوبه شخص کِلندو ڪونه هو. زالون گيت ڪونه ڳائينديون هيون. ٻارڙا رانديون ڪونه رهندا هئا. مرد پوکن ۾ رُڌا ئي رهندا هئا، پر پيداوار ڏينهون ڏينهن گهٽبي ويئي پوءِ گلن رنگ ڇڏي ڏنو. پوءِ ميون ۾ ميٺاج نه رهيو پوءِ گاهه جو رنگ ڪارو ٿي ويو، چانورن جو مزو مٽيءَ ۾ ملي ويو. پوءِ ٻار انڌا پيدا ٿيڻ لڳا-- ڇو ته جڏهن اکين کي روشني نه ملي ته اکين جي تارن جي ڪهڙي ضرورت جڏهن اکين جا تارا ڏسي نه سگهن ته محبت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت جڏهن ماڻهو محبت نه ڪري سگهي ته ڪنهن جو هٿ جهلي مرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت-- ۽ جڏهن ماڻهو ڪنهن جو هٿ جهلي مرڪي نه سگهي ته انسان چوائڻ جي ڪهڙي ضرورت! ٿورن ئي ڏينهن اندر ماٿريءَ جا ماڻهو، انسان مان وحشي بنجي پيا. چورين، ڦُرن، ڌاڙن، خونن ۽ اغوا جي ڏوهن ۾ اضافو ٿيندو ويو.

هيڏانهن ڏوهن ۾ اضافو ٿي رهيو هو، ۽ هوڏانهن تهخاني جي سونن انبارن ۾ اضافو ٿي رهيو هو. دولت، چئني طرفن کان ميڙجي سهيڙجي، اچي تهخانن ۾ گڏ ٿي رهي هئي. لالچ ۽ حرص سان انڌو سردار، اشرفين جون مُٺيون ڀري، نچائي ٽپائي، انهن کي ڪڻڪ جي ڍِڳين جيان تهخاني ۾ سٿيندو رهندو هو، ۽ انهن جو ڇڻڪاٽ ٻڌي پيو ٽڙندو ۽ ٽپا ڏيندو هو، بلڪ خوشيءَ وچان پاڳل بنجي، وحشين جهڙا ٽهڪ پيو ڏيندو هو. ان طرح، ڏينهن پٺيان ڏينهن گذرندا ويا- مهينن پٺيان مهينا گذرندا ويا- سالن پٺيان سال گذرندا ويا.

ٻڍڙو ”هيرو“ پنهنجي گهر ۾ پوين پساهن ۾ هو. هو ڪوڙهه جي مرض ۾ مري رهيو هو مرڻينگ حالت ۾، هن پنهنجي ستن سالن جي پٽ کي سڏي چيو: ”هيڏانهن هوڏانهن ڏسي ٻڌاءِ، پنهنجي گهر جي آسپاس ڪو ماڻهو ته ڪونه لڪو بيٺو آهي؟“

ستن سالن جي نينگر، گهر جي چئني پاسن جو چڪر هڻي، موٽي اچي چيو: ”نه، ڪوبه ماڻهو ڇيڻو ڪونه آهي.“

ٻڍي هيري چيو: ”آءُ مري رهيو آهيان. مون هڪڙو وڏو گناهه ڪيو آهي-“

پٽس چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.

”هن ماٿريءَ تي جيڪا مصيبت آئي آهي، سا منهنجي آندل آهي- انهيءَ جو ڪارڻ آءٌ آهيان. آءٌ مري رهيو آهيان؛ پر انهيءَ مصيبت کي هاڻي تون ئي دور ڪري سگهين ٿو.“

پٽ چپ چاپ ٻڌي رهيو هو.

ٻڍي هيري کنگهي چيو: ”ٻڌ-- ڪن لائي ٻڌ. هن ماٿريءَ ۾ جيڪو ڪارو سج نڪرندو آهي، تنهن جو رنگ اڳي ڪارو ڪونه هو!“

ڇوڪر چيو: ”مون ته سدائين ڪارو ڏٺو آهي. ڇا، سج ڪنهن ٻئي رنگ جو به ٿيندو آهي؟“

ٻڍي چيو: ”اڳي اُن جو رنگ ڪارو ڪونه هو. مون هڪڙي ڏينهن صبح جو-“

”’صبح‘ ڇا کي چئبو آهي؟“ ننڍڙي نينگر پڇيو.

ٻڍو کنگهندي کنگهندي رڪجي ويو. سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا. هن سوچيو، ’آءٌ ڪيڏو نه ظالم آهيان! منهنجي ٻچي صبح نه ڏٺو آهي! هن رنگبرنگي پَرَن وارا پوپٽ نه ڏٺا آهن، سورج مکيءَ جو گل نه ڏٺو آهي! آءُ ڪيڏو نه ظالم آهيان!‘

”هيءُ جو ڪارو سج تون روز ڏسين ٿو، تنهن جي چهري تي مون هڪڙي ڏينهن ڪاراٺ هڻي ڇڏي هئي. مون، سردار جي چوڻ ۾ اچي، هڪڙي صبح جو، الهندن جبلن جي چوٽين پٺيان، انهيءَ سج کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي ورتو-- ۽ ان جي منهن تي ڪاراٺ هڻي ڇڏيم. منهنجي هٿن تي هيءُ جو ڪوڙهه ٿو ڏسين، سو انهيءَ غلطيءَ جو نتيجو آهي. مون چند سونين اشرفين خاطر سڄيءَ ماٿريءَ جي امن امان، خوشيءَ ۽ آسودگيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سج جي منهن کي ڪاراٺ مليندي مليندي، منهنجا ٻيئي هٿ سڙي ويا، ۽ منهنجيون ٻيئي اکيون به انڌيون ٿي وئيون. ماٿريءَ ۾ جيڪا تباهي آئي آهي، تنهن کي ڏسي مون ڪئين ڀيرا خيال ڪيو آهي ته وري به وڃي سج کي صاف ڪري اچان، ۽ ان جي منهن تان ڪاراٺ لاهي، ان کي وري اڳي جهڙو روشن ۽ چمڪندڙ بنايان. پر آءٌ انڌو آهيان! هاڻي اهو ڪم توکي ئي ڪرڻو پوندو.“

”مون اڪيلي کي؟“ نينگر پڇيو.

”ها، تو اڪيلي کي. ڏس-- منهنجي هنڌ هيٺان تارپين جي تيل جو ڏٻو پيو آهي. اهو مون سنڀالي رکي ڇڏيو آهي. سج جي چهري تي جيڪا ڪاراٺ مَليل آهي، سا هن ئي تيل سان لهندي. تون سڀاڻي صبح جو ئي اڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي هليو وڃج--“

”صبح ڪهڙي وقت ٿيندو آهي؟“ نينگر پڇيو.

”هاڻي ته مون کي به معلوم ناهي!“ هيري اُداسائيءَ سان چيو. ”بهتر ته ائين آهي ته هينئر ئي هيءُ تيل جو ڏٻو کڻي نڪري پئه. رات سڄي هلندو رهج. پوءِ جڏهن تون اُڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي پهچي وڃين، تڏهن ان جي پويان وڃي، سڀ کان مٿانهين هنڌ تي بيهي سج جو انتظار ڪج: ۽ جيئن ئي سج نڪري، ان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙي، تارپين جي تيل سان وهنجاري ڇڏجانءِ. پوءِ اُن جو چهرو صاف ٿي ويندو-- پوءِ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. اچي، هيءُ ٽوال به پاڻ وٽ رک-- انهيءَ سان سج جي منهن کي چڱيءَ طرح اگهي صاف ڪجانءِ-- متان ڪٿي ڪو داغ نه رهجي وڃي! سمجهيئه؟“

”جي ها-- آءٌ ائين ئي ڪندس.“

ستن سالن جو ٻالڪ پنهنجي مرڻينگ پيءُ کان موڪلائي نڪتو. تارپين جي تيل جو ڏٻو سندس هٿ ۾ هو. جهنگ ۾ رڇ کانئس پڇيو، ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ جواب ڏنو، ”آءٌ سج کي وهنجارڻ پيو وڃان!“ اِهو ٻڌي، رڇ به ساڻس گڏجي هليو. اڳتي ويا ته هڪڙو هرڻ ملين. ان ٻالڪ کان پڇيو ته ”تون ڪيڏانهن پيو وڃين؟“ ٻالڪ وراڻيو ته ”وڃان ٿو سج کي وهنجارڻ!“ تڏهن هرڻ به ان سان گڏجي هليو. اڳيان هڪڙو طوطو گڏين. هو ٻالڪ جي ڪلهي تي ويهي، ’ٽيون- ٽيون‘ ڪري پڇڻ لڳو ته ”ادا، هن ڏٻي ۾ ڪهڙي مٺائي کنئي اٿيئي؟“ ٻالڪ چيو، ”ميان، هيءَ مٺائي نه آهي، تارپين جو تيل آهي: آءٌ اِنهيءَ سان سج کي وهنجاريندس!“ اِهو ٻڌي، طوطو به ساڻس گڏجي هليو. ايتري ۾ باندر اچي نڪتو، ۽ پڇڻ لڳو ته ”اڙي ڇوڪر، هيءُ ڪُلهي تي ڪپڙو ڇا لاءِ کنيو اٿيئي؟ مون کي نه ڏين!“ ٻالڪ وراڻيو ته ”توکي ڪيئن ڏيندس، انهيءَ سان ته آءٌ سج جو منهن اگهندس-- ان جي چهري جي ڪاراٺ اُگهندس.“ پوءِ باندر به ساڻس گڏجي هلڻ لڳو. باندر ٽوال پنهنجي هٿ ۾ کنيو. طوطي پنهنجيءَ چهنب ۾ تارپين جو ڏٻو جهليو. رڇ ٻالڪ کي پنهنجيءَ پٺيءَ تي سوار ڪيو. رڇ ڏاڍو تکو هو. باندر ۽ هرڻ به وڏا وڏا ڇال هڻندا هليا. طوطو وري هوا ۾ تڪڙو اُڏامندو هليو. انهيءَ ڪري هي چارئي دوست جلدئي اڀرندي وارن جبلن جي چوٽيءَ تي پهچي ويا.

ٻالڪ، پنهنجي پيءُ جي چوڻ مطابق، اڀرندن جبلن جي پويان، سڀ کان مٿانهينءَ ٽڪريءَ تي بيهي سج جو انتظار ڪرڻ لڳو. سندس پاسن کان هرڻ، رڇ، طوطو ۽ باندر چپ چاپ بيٺا هئا.

ٻالڪ طوطي کي چيو ته ”تون ٿورو اڳڀرو اُڏامي وڃي ڏسي اچ ته سج اچي پيو يا نه.“ طوطو اُڏامي ويو، ۽ ٿوريءَ دير ۾ موٽي اچي چيائين، ”هشيار! اچي پيو ڪارو سج!“

جيئن ئي سج پهاڙ پٺيان ڪَني ڪڍي، ٻالڪ ان کي ٻنهي هٿن سان پڪڙڻ چاهيو. پر سج سندس هٿن منجهان ٿيڙ کائي، مٿي چڙهي ويو. ٻالڪ جا هٿ ان تائين پهچي نه سگهيا، پر سندس ننهنِ جا رهنڊڙا سج جي ڪاري چهري تي لڳي ويا هئا- ۽ جتي جتي رهنڊڙا لڳا هئا، اُتان اُتان ڪاراٺ رهڙجي ويئي هئي، ۽ نُور جون ڌارائون اُمالڪ زمين ڏانهن وهڻ لڳيون.

”سج اندران ڪارو نه آهي!“ ٻالڪ خوشيءَ وچان رڙ ڪئي. هن پنهنجون ٻئي ٻانهون سج ڏانهن وڌايون، پر سج سندس هٿن جي پهچ کان ٻاهر هو، ۽ اڃا به مٿي ٿي رهيو هو. ليڪن ٻالڪ جي دوستن ڏاڍيءَ سياڻپ کان ڪم ورتو.

ٽڪريءَ تي پهرين رڇ بيٺو-- رڇ جي مٿان هرڻ-- هرڻ جي مٿان باندر-- ۽ باندر جي مٿان ٻالڪ باندر سج جي گهير کي پنهنجي پڇ سان وٽ ڏيئي قابو ڪيو؛ پوءِ طوطي پنهنجيءَ چهنب سان تارپين جو ڏٻو کوليو، ۽ ٻالڪ ٽوال کڻي، تارپين جي تيل سان سج جي چهري کي اُگهڻ شروع ڪيو. جيئن جيئن هو سج جي چهري کي اُگهندو ويو، تيئن تيئن ان تان ڪاراٺ لهندي ويئي-- ۽ سج جي چهري تي مرڪ ڦهلجي ويئي.

پر اها ڪن ورهين جي پُراڻي ڪاراٺ هئي، سا تمام مشڪل سان ٿي لٿي. ٻالڪ جا هٿ هئا تمام ننڍڙا، ۽ وري سج کي هو گهڻي وقت تائين روڪي به نٿي سگهيا، سو ٻالڪ طوطي کي چيو ته هو ماٿريءَ ۾ وڃي سندس ساٿين کي خبر ڏئي ته هو سندس مدد لاءِ هڪدم هليا اچن-- ”فوراً، هن ڪم ۾ دير اصل نه ٿيڻ کپي!“

طوطو هوا سان ڳالهيون ڪندو، اُڏامندو، هيٺ ماٿري ۾ آيو، ۽ وڏي سڏ رڙيون ڪري چوڻ لڳو: ”ٻڌو، ٻڌو! مٿي، اُڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي، هڪڙو ٻالڪ سج کي وهنجاري رهيو آهي: جنهن کي اچڻو هجي، هڪدم مدد لاءِ اچي! جنهن کي روشني کپي، سو هڪدم مدد لاءِ نڪري اچي!“

”ڊم! ڊم! ڊم!“ طوطي هڪڙو دهل کڻي ڳچيءَ ۾ لڙڪايو، ۽ اُهو زور زور سان وڄائيندو، خوشيءَ منجهان رڙيون ڪندو، سڀني طرفن اُڏامندو رهيو. واقعي، ماڻهن ڏٺو ته اڀرندن جبلن وٽان روشني ڦٽي نڪتي آهي! سج اڃا ڪونه نڪتو هو، پر صبح ٿيو هو.

ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان رڙيون ڪرڻ لڳا. ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا، سڀني کان اڳيان، اُڀرندن جبلن ڏانهن ڊوڙڻ لڳا. انهن جي پويان جوان هئا، جوانن جي پويان وڏڙا، ۽ انهن جي پويان عورتون. سڀئي ماڻهو بالٽيون، ٽوال ۽ صابڻ هٿن ۾ کڻي، نڪري پيا. سڀني جي پٺ ۾ هو سردار، جيڪو بيوس ٿي دانهون ڪري رهيو هو-- ”نه وڃو! آءٌ چوان ٿو، ايڏانهن نه وڃو!“

پر هو بلڪل بيوس هو. اڄ ڪنهن به سندس ڳالهه کي نٿي ٻڌو-- ڪنهن به سندس حڪم جو خيال نٿي ڪيو-- ڪنهن کي به سندس ڌمڪين جي پرواهه ڪانه هئي.

ماڻهو ائين ته تيز ۽ تڪڙا پئي ويا، ڄڻ کين پَرين وارا پَرَ لڳي ويا هئا. هو اُنهيءَ گهڙيءَ جهنگ لتاڙي، اڀرندن جبلن جي چوٽيءَ تي اچي سهڙيا. هڪدم، سڀني گڏجي، سج کي وهنجاريو. ان جي بت کي چڱيءَ طرح مهٽي صاف ڪيو. ان جي منهن تي پائوڊر هنيو. ٻارڙا خوشيءَ منجهان تاڙيون وڄائي، نچڻ ۽ ٽپا ڏيڻ لڳا. عورتون جهومر هڻي، گيت ڳائڻ لڳيون.

جڏهن سج جو چهرو آرسيءَ جيان چمڪڻ لڳو، تڏهن باندر پنهنجي پڇ جو وٽ کوليو ۽ ٻالڪ سج کي مٿي هوا ۾ ائين اُڇل ڏني، جيئن ڦوڪڻي کي اُڏائبو آهي.

هاڻي جيڪو سج اڀرندن جبلن کان نڪتو، سو ڪارو نه هو، بلڪ اڳئين کان به خوبصورت ۽ چمڪندڙ ٿي پيو هو.

- هيٺ، ماٿريءَ ۾ نُور ڦهلجي ويو هو.

وڪٽر هيوگو                  

سنڌيڪار: غلام نبي ميمڻ

زندگيءَ جي آغوش ۾

رات هن جي جهوپڙيءَ ۾ ڏيئو ٽمڪي رهيو هو، ۽ ’جيني‘ جاڳي رهي هئي. هو اڃا واپس نه موٽيو هو. ٻارڙا پنهنجي پيءُ جو انتظار ڪري ڪري سمهي پيا هئا. مگر جينيءَ جي اکين کان ننڊ ڪوهين دور هئي. ٻاهر ڪارو سمنڊ بکئي ازدها وانگر ڦوڪون ڏيئي رهيو هو. ان جون لهرون پنهنجو مٿو ڪناري سان ٽڪرائي رهيون هيون. ۽ جينيءَ جو خاوند، پنهنجيءَ پراڻي ٻيڙيءَ ۾، اڃا تائين پري، سمنڊ ۾ خوفناڪ طوفاني لهرن جو مقابلو ڪري رهيو هو.

هو مهاڻو هو. موجن ڀرئي مهراڻ سان مقابلو ڪرڻ هن جو ڌنڌو هو. ٻارڙن جي پيٽ پالڻ خاطر هو هر روز مينهن واچ ۽ طوفان ۾ به پنهنجي ٻيڙي هلائيندو رهندو هو. سندس جيني پنهنجي جهرپڙيءَ ۾ ويٺي ڄار ۽ سڙهه جي مرمت ڪندي هئي، ٻارڙن کي نپائيندي ۽ پرچائيندي هئي، ۽ مڇي پچائيندي هئي. جڏهن پنجئي ٻار سمجهي پوندا هئا، تڏهن هوءَ پنهنجا هٿ آسمان طرف کڻندي هئي، ۽ پنهنجي خاوند جي سلامتيءَ خاطر دعا گهرندي هئي. هو به، وڌندڙ طوفاني موجن ۽ گهگهه اونداهيءَ جي گهيري ۾، پنهنجيءَ جينيءَ کي ياد ڪندو هو.

اڄ رات به هوءَ سندس انتظار ۾ جاڳي رهي هئي. ٻاهر تيز هوا سوساٽ ڪري رهي هئي. پٿرن سان ٽڪرندڙ موجن کيس ويتر ڊيڄاري رهيون هيون. هوءَ پنهنجي خيالن ۾ غلطان هئي. کيس پنهنجيءَ غربت جو خيال اچي رهيو هو. سندن ٻار سڄو سال ننگا گهمندا هئا. ڪڻڪ جي ماني ته کين اڄ ڏينهن تائين نصيب نه ٿي هئي. ٻاهر طوفان اڃا به تيز ٿيندو ٿي ويو. لهرون ڪناري تي مترڪا وسائي رهيون هيون. هوءَ ڏڪي ويئي. هن کان ڳوڙها ڳڙي پيا. هو اڃا تائين سمنڊ جي نامهربان گود ۾ هو.

طوفاني رات ۾، هو اڪيلو پُرشور لهرن ۾ ڀٽڪي رهيو هو. اڃا سندس ٻار به بلڪل ننڍا هئا. اهي پنهنجي پيءُ جي ڪم ۾ هٿ وٺائي نه سگهندا هئا. هن سوچيو ته جيڪڏهن اهي وڏا هجن ها ته اڄ جيڪر پنهنجي پيءُ جي مدد ڪرڻ لاءِ ضرور پهچن ها.

مگر هي ڪيتريقدر نه عجيب خيال هو. سڀان جيڪڏهن هي ٻار وڏا ٿي پنهنجي پيءُ سان گڏ طوفان ۾ گهيريل هوندا، ته سندن ماءُ اهوئي سوچيندي ته ’ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو منهنجا ٻچڙا هن وقت اڃا ننڍا ئي هجن ها!‘

جينيءَ چادر ويڙهي، ڏيو کڻي، هن جي راهه تڪڻ لاءِ ٻاهر نڪري آئي. ٻاهر سخت برسات وسي رهي هئي، ۽ سمنڊ تي ڀيانڪ تاريڪي ڇانيل هئي. ڀرواريءَ جهوپڙيءَ ۾ ڪابه روشني وغيره نظر نٿي آئي.

جينيءَ هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، ته سندس نظر وڃي هڪڙيءَ ڪِريل جهوپڙيءَ تي پيئي. ان جو دروازو ڀڄي پيو هو، ۽ اندر باهه يا ڪنهن ٻيءَ روشنائيءَ جو نالو نشان به ڪونه هو. جيني سوچڻ لڳي ته هن ويچاريءَ بيوهه ٻڍيءَ جو الاجي ڪهڙو حال ٿيو هوندو!

هوءَ سڌي ان جهوپڙيءَ ڏانهن ويئي. اندر وڃي ڏٺائين ته سڄو فرش پاڻيءَ ۾ ٻڏو پيو هو، ۽ ڪنڊ ۾ ڪا ڊيڄاريندڙ شيءِ اونڌي ٿي پئي هئي.

اهو ويچاريءَ پوڙهيءَ جو لاش هو. ان جا وار ڇت مان ڪِريل گندڪچري مان ٻاهر نڪتل هئا، ۽ ان جون بي نور اکيون آسمان طرف کُتل هيون. هيءَ پوڙهي به ڪڏهن صحتمند ۽ مسرور ماءُ هئي، مگر هينئر دکي انسانيت مجسمو هئي. دنيا سان ايتري ڊگهي عرصي جي جنگ جوٽڻ ڪري، ٿڪ سبب، شڪست کائي سمهي رهي هئي. مئل ماءُ جي ڀر ۾ هڪڙي ڀڳل ٽٽل کوٽلي تي به ٻار، هڪ ڇوڪرو ۽ ٻي ڇوڪري ستا پيا هئا، ۽ ننڊ ۾ مشڪي رهيا هئا. سندن ماءُ پنهنجي چادر به لاهي سندن ئي مٿان وجهي ڇڏي هئي، ۽ پاڻ ٿڌ وگهي سيءَ ۾ سُڪي دم ڏنو هئائين. ٻاهر زور شور سان مينهن وسي رهيو هو، ۽ آسمان ڏمريل شينهن وانگر گجگوڙ ڪري رهيو هو.

ڇت مان هڪڙو قطرو پوڙهيءَ جي منهن تي اچي ڪريو، ۽ ڳوڙهن جيان وهي هليو ويو.

جيني پنهنجي چادر ۾ ڪا شيءِ لڪائي اتان ٻاهر نڪتي، ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي، پنهنجي جهوپڙيءَ ڏانهن هلي آئي. سندس ٽنگون ڏڪي رهيون هيون. هن پردي جي پٺيان ويهي رهي. هن جي دل جي پريشاني سندس منهن مان بکي رهي هئي. هوءَ سوچڻ  لڳي هو ويچارو ڇا  چڍوندو. هو ته اڳ ۾ ئي مشڪلاتن ۽ تڪليفن ۾ آهي، کيس پنجن ٻارن جو پيٽ پالڻو ٿو پوي. هاڻي ته آءٌ مٿس ٻيڻو بار وجهي رهي آهيان!، وري هوءَ پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويئي. کيس پنهنجي آسپاس جو به سڌ سماءُ نه رهيو، اوچتو ڪنهن مهل دروازو کليو، سندس مڇي ماريندڙ مڙس پنهنجو پسيل ڄار کڻي اندر آيو. هو مشڪي رهيو هو. کيس ڏسي، جيني ٽپ ڏيئي اٿي کڙي ٿي، ۽ پنهنجا رخسار سندس آلن ڪلهن سان گسائڻ لڳي.

سگريءَ جي ويجهو ويندي ملاح چيو، ”آءٌ صحيح سلامت اچي ويو آهيان، جيني!“ ۽ هن پنهنجو اطمينان بخش چهرو باهه جي ويجهو ڪيو.

”سمنڊ تي سخت طوفان هو؛ انهيءَ ڪري هڪڙي مڇي به مون کي هٿ نه آئي، بلڪ هڪ دفعي ته آءٌ ئي ٻڏي وڃان ها.“

جيني پريشان نظر اچي رهي هئي.

وري هن يڪدم پڇيو، ”تون ڇا پيئي ڪرين؟“

”مان؟“ جينيءَ مشڪل سان چيو،“ مون ته ڪجهه به ڪونه پئي ڪيو. بس، اهو ئي سبڻ ٽاڪڻ، پاڻي جا ڌڌڪا ٻڌي، مون کي ڏاڍو ڊپ پئي ٿيو!“

ملاح چيو، ”ها، اڄڪلهه موسم ڏاڍي خراب آهي. خير _“

وري جينيءَ پنهنجي ڏوهه قبول ڪرڻ واري لهجي ۾ چوڻ شروع ڪيو، ”اسان جي پاڙيسرڻ مري ويئي آهي، ويچاريءَ کي ٻه ننڍڙا پيارا ٻارڙا آهن، ڇوڪرو ته بانبڙا ڏيئي هلي ٿو، پر ڇوڪري ٻاتڙين ٻاتڙيون ڳالهيون ڪري ٿي. ويچاري پوڙهي ڏاڍي غريب هئي!“

ملاح سوچ ۾ پئجي ويو. هن پنهنجي ٽوپي لاهي کڻي گوڏن تي رکي، وري پنهنجو مٿو کنهي چوڻ لڳو، ”پر ڇا ڪجي _ اسان کي اڳ ۾ ئي پنج ٻار آهن، پوءِ ته ست ٿي پوندا، هاڻي به ته ڪيترا ئي ويلا بک تي ويهڻو ٿو پوي، اسين ڀلا ڇا ڪريون، اهو سڀڪجهه خدا جي طرفان آهي، اهي ڳالهيون تنهنجي منهنجي سوچڻ جون نه آهن. اهڙا پيارا ننڍا ٻار! وڃ، جيني، انهن کي کڻي، اچ، جيڪڏهن هو جاڳي پيا ته پنهنجي مئل ماءُ کي ڏسي ڊڄي ويندا. اسين انهن کي پالينداسين. اهي اسان جي ٻارن جا ڀاءُ _ ڀيڻ ٿي رهندا، جڏهن خدا ڏسندو ته اسين انهن ٻين ٻارن کي پاليون ٿا ته هو اسان کي وڌيڪ مڇيون ڏيندوَ! مون کي ڇا هي، مان ته پاڻيءَ ڍڪ پي به زنده رهي سگهان ٿو. مان پهرين کان ٻيڻي محنت ڪندس، بس، هاڻي ئي وڃ ۽ کين کڻي اچ!“

”پر تون وري ڇو سوچ ۾ پئجي ويئن؟ ڇا، توکي منهنجي ڳالهه نه وڻي؟ تون ته منهنجي هر ڳالهه مڃندي آهين، جيني!“

جينيءَ آهستگيءَ سان پردو هٽائي ڇڏيو، ۽ پردي پٺيان پيل کٽ ڏانهن اشارو ڪري چوڻ لڳي:

”هيڏانهن نهاريو!“

ننڍڙا ٻه ٻار، ننڊ ۾ مشڪي رهيا هئا.

ايوان ڪينڪر                 

سنڌيڪار: شمشير الحيدري

هيءَ ڪهاڻي ڪهڙي!

سمهڻ کان اڳ، ٻارڙا پاڻ ۾ طرح طرح جون مزيدار ڳالهون ڪندا رهندا هئا. اها سندن هر رات جي کيتي هئي، چُلهه جي پاسي ۾ ويهي، جيڪي ايندو هون سو پيا چوندا هئا ۽ ٻڌندا هئا؛ ڳالهين ڪندي ٿڪندا ئي ڪين هئا، اڃا شام جي لهندڙ روشني پنهنجين ننڊاکرين اکين سان درين اندر ليئو پائيندي هئي ته ڪئين خاموش پاڇولا، ٻارڙن لاءِ نيت نيون ڪهاڻيون کڻي، هوريان هوريان، هر ڪنهن پاسي کان نروار ٿيڻ لڳندا هئا.

ٻارڙن جي ذهن ۾ جيڪي به ڳالهيون اينديون هيون، سي هڪٻئي سان بيان ڪندا هئا. پر سندن ذهنن ۾ سدائين خوشگوار ڪهاڻين جا خاڪا اُڀرندا هئا. ڪهاڻيون، جن ۾ روشني ۽ حرارت شامل هوندي هئي، جن مان محبت ۽ اميد بکندي هئي. ٻارڙن لاءِ مستقبل جو سمورو مطلب هو، ڊگهيون ۽ مزيدار موڪلون. ڪرسمس کان پوءِ ۽ اِيسٽر کان اڳ، نه ڪو روزو هو ۽ نه فاقي جي تڪليف، تمام پري، ڪنهن هنڌ، گلن ڦلن جي سونهري پڙدي جي پويان، سموري زندگي موج مزي ۾ چهڪندي رهندي هئي؛ ۽ روشني، اوندهه جي هڪڙي دائري کان ٻئي دائري اندر گشت ڪندي محسوس ٿيندي هئي. لفظ سر گوشين جيان ادا ٿيندا هئا، ۽ اڌورا سمجهه ۾ ايندا هئا، ڪنهن به ڪهاڻيءَ جو مُنهن مٿو ڪونه هوندو هو؛ نه ڪو اسلوب هوندو هو؛ ۽ نه اها ڪهاڻي ڪٿي ختم ٿيندي هئي. ڪنهن ڪنهن وقت ته چار ئي ٻارڙا هڪ ئي وقت ڳالهائڻ لڳندا هئا، پر ڪوبه ٻئي جي ڳالهه ۾ خلل ڪونه وجهندو هو، ٻارڙا هڪڙي مَلڪوُتي سوجهري کي پيا گهوريندا هئا، انهيءَ سوجهري جي پڙدي تي هرڪو لفظ سادو ۽ سچو هوندو هو. هر ڪهاڻيءَ جو چهرو ٽڙيل ۽ ڳالهائيندو نظر ايندو هو؛ ۽ هرڪا سادي حڪايت شاندار نتيجي تي ختم ٿيندي هئي.

ٻارن جا مهانڊا پاڻ ۾ ايتريقدر مشابهت رکندڙ هئا جو شام جي جهَڪيءَ روشنيءَ ۾ سڀ کان ننڍي نينگر، ’ٽون ڪڪ‘، جي صورت سڀ کان وڏي نينگر، ’لوزيڪا‘، کان الڳ سڃاڻڻ ۾ ڪانه ايندي هئي، چئن جا مينهن ڏٻرا ۽ ٻالا ڀولا هئا، اکيون البت وڏيون هين، جيڪي هردم پوريءَ ريت کليل رهنديون هيون.

پوءِ، تنهن ڏينهن شام جو هيئن ٿيو جو هڪڙي اڻڄاتل شيءِ هڪڙي نامعلوم هنڌان اُڀري، ۽ انهيءَ روشني جي ملوڪتي دائري اندر پيهي آئي، انهيءَ اڻڄاتل شيءِ ٻارڙن جي موڪلن وارين بيفڪر گهڙين، ڪهاڻين ۽ حڪايتن، سڀني کي نهايت بيدرديءَ سان چڪنا چوُر ڪري ڇڏيو. ٽپال رستي خبر آئي هئي ته سندن پيءَ اٽلي ۾ ’مارجي ويو‘ ٻارڙن جي نگاهن اندر هڪڙو عجيب نموني جو انداهو پاڇولو اُڀريو، جيڪو سندن سمجهه کان مٿي هو، تمام قداور ۽ وڏو ويڪرو پاڇولو اڳيان ٻيٺو رهيو. نه ان جو ڪو چهرو هو، نه اکيون، نه وات ڪجهه به ڪونه هو، وري اُهو ڪٿان آيو هو، تنهن جو به ڪو پتو ڪونه هو، ديول جي رونق مان، گهٽين جي گوڙ گهمسان مان آيو هو؟ نه. چُلهه جي ڀر پاسي، شام جي لهندڙ سج جي حرارت مان به نه، ڪهاڻين مان به نه! دل کي آُن مان ڪابه خوشي ڪانه ٿي، ته وري اها ڪا اهڙي شيءِ هئي، جنهن تي ڪو رنج ڪيو وڃي. اهو ته رڳو هڪڙو پاڇولو هو، ۽ بيجان هو، کيس ته اکيون به ڪين هيون. سندن نگاهن مان اِهو ڀيد کُلي سگهي ها ته اهو پاڇولو ڪيڏيءَ مهل ۽ ڪهڙي هنڌان اُڀري نڪتو هو. نڪو کيس وات هو جو ڳالهائي سگهي ها ۽ پنهنجو ڀيد پاڻ کولي ها. ٻارڙن جو تخيل، انهيءَ ڊپ جهڙي پاڇولي اڳيان ڪنڌ جهڪائي، چپ چاپ ۽ هيسيل، ائين بيٺو هو، ڄڻ ڪنهن پربت جيڏي ڀت اڳيان بيٺو هو. معصوم تخيل، هوريان هوريان وڌندي، اچي ڀِت جي ويجهو پهتو، ۽ حيرت وچان گم سم، انهيءَ کي تڪيندو رهيو.

ننڍڙو ’ٽون ڪڪ‘، جو پنهنجن خيالن ۾ گم هو، يڪايڪ پڇڻ لڳو: ”پر هو ايندو ڪڏهن؟“

’لوزيڪا‘ کيس ڪاوڙ وچان ٺونٺ هڻي ڪڍي: ”جڏهن هو مارجي ويو ته پوءِ ڀلا واپس ڪيئن ايندو؟“

وري به ماٺ ڇائنجي ويئي. ٻارڙا انهيءَ ڀوائتيءَ ڀِت اڳيان بيٺا رهيا، ان کان پري هو ڪجهه به ڏسي نٿي سگهيا.

اوچتو ’ميٽيڪا‘ جنهن جي عمر اٽڪل ست سال هئي، چوڻ لڳو: ”آءُ جنگ ۾ لڙائي ڪرڻ ويندس!“ هن اها ڳالهه اهڙي نموني چئي، ڄڻ ته کيس ئي اصل ڳالهه جو سَڳ هٿ آيو هو، ظاهر آهي، ان کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿي چئي سگهيو.

چئن ورهين جي ”ٽون ڪڪ“، ٻُڏل آواز ۾، ملائمت سان چيو: ”تون تمام ننڍو آهين!“

’ملڪا‘، جيڪو مڙني ۾ ضعيف هو ۽ پنهنجي ماءُ جي وڏيءَ شال ۾ ويڙهيو، ڪنهن مسافر جي ڳٺڙيءَ جان پئي ڏٺو، سو ڪنهن ڏورانهين هنڌان، ڇاپولن جي پويان، پنهنجي سنهڙي ۽ ملائم آواز ۾ چوڻ لڳو: ”ڀلا جنگ ڪيئن ٿيندي آهي؟ ميٽيڪا، اِهو ته ٻڌاءِ! آءٌ اها ڪهاڻي ضرور ٻڌندس!“

تڏهن ميٽيڪا وضاحت ڪئي: ”اهو هيئن آهي ته جنگ ائين ٿيندي آهي جو ماڻهو هڪٻئي کي ڇُرا هڻندا آهن؛ ۽ تلوار سان هڪٻئي کي وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندا اهن؛ ۽ بندوق جون گوليون هڻندا آهن. پوءِ جيترو مارجي، اوترو چڱو، ڪابه روڪ ٽوڪ ڪانهي، ڪوبه ڪونه ڪڇندو آهي، ڇو؟ اهو هن ڪري جو...بس ائين ئي ٿيندو آهي، اها آهي جنگ!“

”پر ماڻهو ڀلا هڪٻئي کي ڇُرا ڇو ٿا هڻن؟ ڇو ٿا هڪٻئي کي مارين ۽ وڍين؟”

ملڪا جرح شروع ڪئي.

ميٽيڪا جواب ڏنو: ”بادشاهه جي لاءِ!“

سڀ چپ ٿي ويا، سندن ڌنڌ ڀريل اکين اڳيان، پري، غبار ۾، هڪڙي عجب شي نمودار ٿي- ڀوائتي ۽ چمڪندڙ، جنهن جي چوڌاري ”عظمت“ جو گهيرو هو، هو گم سم ۽ ششدر بنيا ويٺا رهيا. جيئن ديول ۾ دعا گهرڻ وقت ماٺ ڪري ويهندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com