سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :5

رشيد ’ارشد‘

اِها ڀي بُرائي، اُها ڀي بُرائي،

فقط فڪرِ دنيا، فقط پارسائي.

نه ڏر گُمراهيءَ جو، نه رهزن جو خطرو،

مبارڪ، اٿم عشق جي رهنمائي!

اَي صيّاد، وسري ويم آشيانو،

نه رک مون کان انديشهءِ بيوفائي.

تون گم خانقاهي معارف ۾، زاهد،

مبارڪ هجيئي سندءِ پارسائي.

اُنهيءَ باغ کي ڪيئن چوان باغ پنهنجو،

ٿي جنهن باغ جي آهي هر شي پرائي!

سندءِ شعر اِلهام آهن، اي ’ارشد‘،

سدائين ڪندو رهه ڌڻيءَ جي وڏائي.

تاج بلوچ

هو کِليون، مان ڀي کِلي روئي پيس،

طرز دلبر جي ڏسي روئي پيس.

هاءِ، هيءَ چانڊوڪي ۽ دورِ فراق،

دل ۾ تاريڪي پَسي روئي پيس.

بي ثباتي باغ عالم جي ڏسي،

ڪا جڏهن مکري ٽري، روئي پيس.

خونِ بلبل جو سبب ٿينديون ڪَليون،

عالمِ شبنم ڏسي روئي پيس.

فرش تي بارِ گران منهنجو وجود،

دوست، تنهنجي بيرخي، روئي پيس.

صبر جو دامن گهڻو سوگهو جهليم،

شمعِ گريان کي ڏسي روئي پيس.

ياد ڪوئي ٿو پوي جانِ بهار،

ڪُوڪ ڪوئل جي ٻڌي روئي پيس.

ابرِ پاران ۾ هيو هُو چشم تر،

’تاج‘ کي رئندو ڏسي روئي پيس.

آنچل

ڏکويل دل کي ڏڍ ڏيئي اِيئن پرڀائبو آهي،

ڏيئي لَب ٽول جو جيئن ٻار کي پرچائبو آهي.

جُڙي جڳ  ۾ رهي، راڻا، سدائين ڪاڪ مومل جي،

نظر جو هڪ فريب آهي، جو دل سان کائبو آهي.

ڪرين پڇتاءُ ڇو ٿي جستجوي يار ۾، اي دل،

وڃائي عيش تَنَ جو، مِيت مَنَ جو پائبو آهي.

شبِ غم واقعا گڏجڻ ۽ وڇڙڻ جا سنڀاريندي،

ڪڏهن پيو روئبو آهي، ڪڏهن پيو ڳائبو آهي.

ادا شوخيءَ ڀري ۽ چال پنهنجي پائي مستاني،

اسان جي هر خطا تي پاڻ پيو شرمائبو آهي!

محبت جي حقيقت در حقيقت ايتري آهي،

نظر جو هڪ فريب آهي، جو دل سان کائبو آهي.

’ذوالفقار‘ راشدي

مون اوجاڳن جي آوهه ۾ خيالن جي خدائي ماڻي آ،

تون ڏينهن به ڏينم ته خوابن جا،جي سورن-رات وهاڻي آ.

ڏس، پرهه تائين مان يادن جي دونهين ۾ جهاتيون پايان پيو،

مون پيار جا ماڻڪ چونڊڻ لئه ماضيءَ جي خاڪ به ڇاڻي آ.

هي سُور سُٺا ۽ پُور مِٺا، جي بخشن ٿا آلاپ، الا،

مون سور سوا ۽ پور بنا ڪا تند نه هرگز تاڻي آ.

هي ڦٽ ڏکن جا، ڏولاون جا چيِر اندر کي اوجارِن،

هي منهنجي ڪَلا، هي بيت ڀلا، هيءَ ڏات به ڏکڙن- هاڻي آ.

او ٽهڪ ڏيو، او چهڪ ڏيو، اڄ مينهن وسائي ويٺس مان،

او ماڻهو! تنهنجو ساٿ ڇڳو، ٿي پيار جي نيٺ پڄاڻي آ.

تَن روڳي آ، من موڳو آ، اڄ مونجهه آ، موڙ هٽ هيڪاندو،

ڪنهن پيارَ پريءَ جي ياد ۾ دلڙي دردَ ڀري ويڳاڻي آ.

آئي آ خزان، بلبل به وئي، ڀونئرا به ويا، پوپٽ به مئا،

هوءَ خاڪ جي هيٺان خاڪ ٿيل جا آهي، گلن جي راڻي آ.

هيءَ سيج سڃي ۽ ڀينگ آ بستي، دنيا ماتم خانو آ،

سڀ رنگ ٽُٽا ۽ راز ڇُٽا، هر ڪنهن جي اکين ۾ پاڻي آ.

 

ڪو وقت هيو، مون بيراڳيءَ ڪا باهه برهه جي ٻاري هئي،

ڪا چڻنگ جا خاڪ ۾ ٽلڪِي پئي، سا هاڻي هاڻي وساڻي آ.

او چنڊ، ستارؤ، پنهنجا ڏيِا هيڪر ته وسايو، پردو ٿئي،

ڪنهن پرده نشين جي روح سان پنهنجي خيال جي ٿي گڏجاڻي آ.

او منهنجا فن، او منهنجا من، او منهنجا غزل، او منهنجا ازل،

سڀني کان اجازت چاهيان ٿو، سڀني سان وات - ٽڪاڻي آ.

قطعا

احسن الهاشمي

جذبهء دل مثال ٿي نه پوي،    آهَ ڪٿ لازوال ٿي نه پوي،

عشق ورتو جي شعر جو دامن،  حسن توتي وبال ٿي نه پوي!

امداد حسيني

(1)

سڪي سڪي سُتيون اکيون، ڏسي ڏسي راهون،

ٻري ٻري ٻه ڏيا ڄڻ ويا وسامي، دوست:

هلي هلي ٻه مسافر مري پيا راهن تي،

کلي کلي ٻه نگاهن جا گل ويا کامي، دوست!

(2)

خدا جي واسطي ڏاها ٿيو، سياڻا ٿيو،

نه دير، ڪعبي، ڪليسا جي راهه کان گذرو:

جي پهچڻو ئي اٿو جلد پنهنجي منزل تي،

ته ڪنهن حسين جي قاتل نگاهه کان گذرو.

(3)

ايتري بيرخي کي ڇڏي، ساقي،

ڪجهه ته مستن جي منهن کي مرڪائي:

جام ڏي، پوءِ زهر جو ئي سهي،

پنهنجي در تان اُڃيو نه موٽائي!

 

(4)

وڃي وڃي وري موٽي ٿو فڪرِ تنهائي،

اچي اچي ٿي سندءِ ياد غم کي جاڳائي:

دک دکي ٿا ٻرن هجر ۽ فراق جا زخم،

وري وري ٿي نظر زندگي کان شرمائي!

’سليم‘ ڳاڙهوي

(1)

اک اڙي توسان، نظر باز ٿيس،

ورنه مون جهڙو حيادار نه هو؛

مون ڪيو تنهنجي محبت جو گناهه،

مون جيان ڪوبه گنهگار نه هو.

(2)

جي وڃين ٿو ته پيار ڏيندو وڃ،

حسرتن کي خمار ڏيندو وڃ؛

واعدو ڪر دوا جو، پوءِ ڀلي،

دردَ دل کي هزار ڏيندو وڃ.

نياز علي شاهه ’محسن‘

(1)

نظر اُداس ۽ چهري تي رقصِ مايوسي،

اِها ته منهنجي جوانيءَ جي ابتدا آهي؛

کُٽڻ جي ناهه، کُٽڻ ساڻ خود ٿئي ٿي فزون،

هِي آرزو ته نه آهي، الاجي ڇا آهي!

(2)

جگر ۾ درد ۽ ظاهر ۾ شادان،

اِهائي زندگي آهي اسان جي؛

لڪايون زخمِ دل کي ٿا ورنه، يارو،

خوشي پنهنجِي، خوشي ناهي اسان جي.

(3)

تجربو مون کي دوستيءَ جو آهه،

دوستي، مُنڍ دشمنيءَ جو آهه؛

موت جو غم ته خير، ڪجهه ناهي،

غم اگر آ، ته زندگيءَ جو آهه.

’محبوب‘ سروري

(1)

ايتري بيرخي چڱي ناهي،

هئن ڪناره ڪشي چڱي ناهي؛

منهنجي غم جي به ڪجهه ملاوت ڪر،

توکي خالص خوشي چڱي ناهي.

(2)

تون اگر آهين حسن جو مالڪ،

مان به اُن جو ئي مدح خوان آهيان؛

جهڙو تون شوخ، تهڙو مان خوددار،

تون جي ’تون‘ آهين، مان به ’مان‘ آهيان.

(3)

روئي روئي، کلي کلي ڏسجي،

زندگيءَ جو مزو وٺي ڏسجي؛

منهنجي دل کي فقط تون ڏوهه نه ڏي،

پنهنجي دل کي به هٿ رکي ڏسجي.

’سوز‘ ٽکڙائي

(1)

اڄ رقيبن جا منهن لٿل آهن،

مون رٺل يار آهي پرچايو؛

هر خطا درگذر ڪري منهنجي،

يار مون ساڻ مرڪي ڳالهايو.

(2)

دلربا، توسان رسم و راهه ڪندس،

زندگي پنهنجي خود تباهه ڪندس؛

تنهنجي نازڪ ڳلن، چپن جو قسم،

توسان هر حال ۾ نباهه ڪندس.

(3)

تنهنجي در تي ائين پيل آهيان،

نڪي جيئرو، نڪي مُئل آهيان؛

يا ته خيراتِ حسن ڏي، جاني،

يا کڻي چئو ته مان کُٽل آهيان!

’ماعر‘ نو آبادي

پنهنجو ساغر ۽ پنهنجو پيمانو

(1)

دل گهري ٿي ته باده خوار ٿيان،

دخترِ رز سان همڪنار ٿيان؛

زاهد ۽ محتسب جي اکين لئه،

دائما خار نوڪدار ٿيان.

(2)

ساقيا، ميڪشن کي جام ڏيو،

جام هر صبح عام جام ڏيو؛

خويش و بيگانه کي پياريو خوب،

ميڪشيءَ جو صلاي عام ڏيو.

(3)

ساقيا، جلد کول ميخانو،

پِرت جو ڪو پيار پيمانو؛

شمعِ الفت کي آڻ محفل ۾،

ته ڪري ان تي رقص پروانو.

(4)

اسين سڀ ميڪش و ميخوار آهيون،

اسين ’بنت العنب‘ جا يار آهيون؛

چڱا آهيون خدا وٽ، پر اَلا ڇو،

نگاهِ محتسب ۾ خار آهيون!

(5)

ساقيا، تنهنجي مَي خراب آهي،

اهڙي مَي آفت و عذاب آهي؛

ميڪشن کي ائين نه ڪريو رنج،

انڪساريءَ سان هي خطاب آهي.

(6)

ساقيا، مَي جو رنگ روپ سڌار،

ياده خوارن کي پوءِ جام پيار؛

جيڪڏهن مَي ۾ نَي ۽ لَي ناهي،

چئه ته پوءِ رند ٿيندا ڪيئن سرشار.

(7)

ساقيا، آڻ بادهء گلرنگ،

تشنه ڪاميءَ کان آءٌ آهيان تنگ؛

مَي پيو ۽ پياريو، ۽ ڪڍو

قلم مان خوفِ قاضي و سرهنگ؛

جلد ڏي جام، ڇو ته اڄ مون کي،

محتسب ساڻ آهي ڪرڻي جنگ؛

گوش منهنجي کي آهي شوق سماع،

آڻ ميدان ۾ رباب ۽ چنگ؛

مدحِ مَي ڪانه ٿيندي ’ماعر‘ کان،

پير منهنجي قلم جو آهي لنگ.

(8)

ساقيا، شل وسيئي ميخانو،

محتسب جو خراب ٿئي خانو!

حڪم تنهنجو مڃي ٿو عالم ۾،

هر قدح خوار، رند، مستانو؛

آهي تنهنجي قدح نوازيءَ جو،

عالمِ ميڪشان ۾ افسانو؛

جو اوهان جو نٿو مڃي فرمان،

سو حقيقت ۾ ناهي ديوانو؛

آهي موجود هر گهڙي مون وٽ،

پنهنجو ساغر ۽ پنهنجو پيمانو.

(9)

ساقيا، آڻ بادهء گلفام،

ڪير ٿو چئي ته آهي باده حرام!

جو چوي ٿو قدح کي بد، سوئي

آهي عالم ۾ بدتر ۽ بدنام.

ميڪشن جو چڱو آهي آغاز،

نيز ٿيندو سٺو سندن انجام.

زاهد و محتسب کي ناهي بقا،

ساقي و جام لاءِ آهي دوام.

مفت جي مَي اسان کي ڪانه کپي،

مفت جي مَي آ موت جو پيغام.

آهي ’ماعر‘ ۽ رهندو تا آخر،

ساغر و ساقي و وسبو جو غلام.

(10)

ميڪشن لاءِ حورو غلمان آهي،

مون سان ساقيءَ جو اهڙو پيمان آهي.

روز اوّل کان باده خوارن تي،

ساقيءِ مهربان جو احسان آهي.

خوب کائو، پيو، پياريو پڻ،

اهڙو صادر ازل کان فرمان آهي.

خود پيئڻ، ۽ ٻين کي اُڃ مارڻ،

هي وڏو جرم آهي، عصيان آهي.

جو نٿو خم ڪري سرِ تسليم،

سو ته نمرود، نامسلمان آهي.

’ماعرا‘، خوب معرگوئي ڪر،

تنهنجي اڳيان وسيع ميدان آهي.

رباعيون

امداد حسيني

(1)

هر رات ستارن جي لهڻ تائين رنم،

شبنم جي روئڻ، گل جي کلڻ تائين رنم؛

اکين ۾ رهي ساوڻي دريا جي اٿل،

هن سج جي اجھامڻ ۽ ٻرڻ تائين رنم.

(2)

لڙڪن کي لڪايوسين، کڻي ڇا به ٿيو،

کِلياسين کِلايوسين، کڻي ڇا به ٿيو؛

هر آهَ کي نغمي جو ڍڪايوسين لباس،

تو ساڻ نڀايوسين، کڻي ڇا به ٿيو!

(3)

مرڪي پيو گل گل ۾ بهارن جو سحر،

ميڪش وٺي ويٺا اچي ميخاني جو در:

هٿ هٿ تي رکي هاڻ ويهڻ ٺيڪ نه آهه،

اي ساقيءَ نوخيز، اٿي، ساغر ڀر!

(4)

[شاعر]

هي ڪير پيو حسن جا نغما ڳائي؟

بلبل کان به نڪريو وڃي هائي هائي!

هرسُو ٿا ٻرن رنگ ۽ خوشبو جا ڏيا،

ڄڻ ڪنوار هٿن تي پئي ميندي لائي!

نياز علي شاهه ’محسن‘

(1)

ناڪار، گنهگار،  خدايا، آهيان،

بدڪار، سيہ ڪار، خدايا، آهيان،

حقدار يقيناً مان نه آهيان، ليڪن

بخشش جو طلبگار، خدايا، آهيان.

(2)

ڪاٿي ٿا ڏين، مون کي مسرت ڏيندا؟

حقدار کي حق حسبِ ضرورت ڏيندا؟

ڪجهه وقت خوشيءَ ساڻ گذريان مان ڀي،

احباب ڀلا مون کي اجازت ڏيندا؟

(3)

اي دوست، اوهان کي ته خبر ئي ناهي،

ڪنهن جي به حقيقت سان اوهان جو ڇاهي:

’محسن‘ کي ڏسي خوب چيو ڪنهن عاشق،

مرحوم تمنّا جو جنازو آهي!

(4)

تنهنجي به عنايات جو لائق ناهيان،

افسوس، ٻئي کي به نٿو مان چاهيان:

هن ساري زماني ۾، خدا ٿو ڄاڻي،

محسوس ڪريان ٿو ته اڪيلو آهيان.

(5)

انسان کي انسان جي عزت ڪاٿي،

اک آهه، مگر اُن ۾ بصيرت ڪاٿي:

بيسُود محبت جِي ڪرين ٿو ڳولا،

هن دور ۾ بيلوث محبت ڪاٿي!

 

سَڪَ تنهنجي سُپرين، جئن تران تئن تارِ،

تون ئي رهين روح ۾، تون ئي اکيان ٻارِ،

پرين، تنهنجي پارِ، مون واجهائيندي ورهيه ٿيا.

سِڪَ تنهنجي، سُپرين، ڪَپي ۽ ڪوري،

سَگهان نه چوري، ڏاڍو نِيَرُ نينهن جو.

سِڪَ تنهنجي، سُپرين، اندر ئي اَجهَلَ،

پَڙ ڪيو ٻاهر نڪري، کورٖي کانئِي کَلَ،

ري سيراهيءَ سَلَ، مون کي ڏنا سڄڻين.

ڏٺيِ ٿيڙم ڏينهَن، ڪُهُه ڄاڻان ڪهڙا پرين،

نيڻ ڀَرجِي نينهَن، پَلٽيا پاريون ڪري.

ڏٺي ڏينهن ٿيام، ڪُهُه ڄاڻان ڪهڙا پرين،

سهسين سِڄَ اُلهِي، واجهائيندي ويِام،

تنهين سالَ ٿيام، جنهين ساعَت نه سَهان.

نڪو سَنڌو سُور جو، نڪو سنڌو سِڪَ،

عددُ ناهي عشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لهي.

جي قيام مِڙن، ته ڪَرَ اوڏا سُپرين،

تِهان پَري سُڄن، واڌايون وصال جُون.

- شاهه لطيف ؒ.

2

 

افسانا

 

1.   

مهربان خوني

- م. ع. ڏيپلائي

2.  

”ڪنهن کي دلڙي ڏيڻ، ڪنهن کان ڌار ٿيڻ.“

- قمر شهباز

3.  

ٿرڊ ڪلاس

- ذوالفقار راشدي

4.  

عورت

- اَمَر جليل

5.  

ڪارو سج

- ڪرشن چندر

سنڌيڪار: اقبال احمد آگرو

6.  

زندگيءَ جي آغوش ۾

- وڪٽر هيوگو

سنڌيڪار‎: غلام نبي ميمڻ

7.  

هيءَ ڪهاڻي ڪهڙي!

- اِيوان ڪينڪر

سنڌيڪار: شمشيرالحيدري

 

ناٽڪ

 

 

”هندستان ڇڏي وڃو!“

- موهن ڪلپنا

 

سرءُ جي وڻندڙ برسات پئجي رهي هئي. باغ ۾ پِيلا پَنَ مينهن پوڻ ڪري چمڪي رهيا هئا. ڊاک جي لڙڪندڙ ڇڳن جا داڻا ڳر سان ڀريل هئا، ۽ انهن جي کَلُن ڦِسڻ شروع ڪيو هو. وڻَ ويڙهيءَ پنهنجن گلن کي ٻُوٽن ۾ لڪل هڪ ڀَڳل مَٽ مٿان نمائي ڇڏيو هو.

ننڍڙو ابابيل، مَٽ جي تري ۾، بري حال ۽ سرديءَ وچان ٿڙڪي رهيو هو سندس ٻه ڀينرون ڏکڻ طرف اُڏامي ويون هيون، ۽ ماڻس ڪنهن گرم ملڪ جو رخ ڪري، سندس نظر کان غائب ٿي ويئي هئي. ههڙيءَ سرد رات ۾ ڀلا ڪير کيس گرم رکندو؟ هو سڀيئي کيس مَٽ جي تري ۾ اڪيلو ڇڏي هليا ويا هئا، ڇاڪاڻ ته هو پِنگلو هو ۽ اُڏامي نٿي سگهيو. گذريل سياري جي مند ۾ اُن گهرکي باهه لڳي هئي،جنهن جي ڇت اندر سندس ماءُ پنهنجو آکيرو ٺاهيو هو. ان کان اڳ جو پوڙهي ابابيل پنهنجي ٻچي کي باهه کان بچائي پري کڻي وڃي، هڪ چڻنگ آکيري ۾ اچي ڪري هئي. ننڍڙي ابابيل جو ساڄو پَرُ سڙي ويو هو، ۽ ويچارو ان سور ۾ بيسُرت ٿي ويو هو. جڏهن هوش آيس، ته پاڻ کي نئين آکيري ۾ پيل ڏٺائين، ۽ ماءُ مٿس ڪنڌ نمائي ويٺي هئي.

هڪ صبح جو، پوڙهي ابابيل پنهنجي پِنگلي ٻچي کي باغ ۾ ٻاهر وٺي آئي، ۽ چيائينس: ”مٺڙا، اڄ اسين ڏکڻ طرف ڪُوچ ڪنداسين. تون اُڏامي نٿو سگهين، سو توکي هت ئي ترسڻو پوندو. مون ڪجهه نرم کنڀ تو لاءِ مَٽ ۾ وڌا آهن، انهن ۾ ليٽي پئجئين جڏهن بک لڳيئي، تڏهن ٻاهر نڪري، چوڳو ڪري ڪجهه کائجئين. سڄو باغ ميون سان ڀريل آهي. ڏس، مَٽَ جي چوڌاري ڪهڙي نه وڻندر وڻَ ويڙهي لڙڪي رهي آهي! اسين بهار ۾ موٽي اينداسين.“ پوءِ هو سڀ اُڏامي ويا.

ملهار جي وڻندڙ مند آئي، ۽ مينهن پوڻ شروع ٿيو وڻَ ويڙهي، برسات ۾ بلڪل آلي، مَٽ مٿان نمي بيٺي هئي. برسات جو ڦڙو وڻَ ويڙهيءَ جي هيٺئين پَنَ تي ڳڙي آيو-- ۽ ذري گهٽ ڪِرڻ تي هو.

”اُف، ڪيڏو نه ٿڪل آهيان!“ مينهن جي ڦڙي شوڪارو ڀريو.

”ڪٿان آيو آهين؟“ ننڍڙي ابيل عجب مان پڇيو.

”اِهو نه پڇ! تمام پري کان آيو آهيان- پئسفڪ سمنڊ کان مان اُتي ئي ڄائو هوس پر مان مينهن جو ڦڙو نه آهيان- مان لُڙڪ آهيان!“

”لڙڪ؟ ڪهڙو لڙڪ؟“

”ماءُ جو لڙڪ! اٺ ڏينهن اڳ، هڪڙي ٿڪل ۽ ڳوڙهن ڀريل اکين واري ابابيل هڪ وڏي جهاز جي کوهي تي ويٺي هئي. مان اُن غمگين پکيءَ جي ساڄيءَ اک ۾ هوس. سمنڊ بود ۾ نٿي ماپيو، ۽ بيوسيءَ جي ڀريل آواز ۾ ابابيل هوا کي چيو: ’ادي هوا، تون ساريءَ زمين تي گهُلين ٿي جڏهن بلگيريا ملڪ مٿان لنگهين، تڏهن منهنجي پکيئڙي کي ڏسڻ لاءِ بيهجانءِ کيس چئج ته ڪاريءَ ٻليءَ کان خبردار رهي! جڏهن هيڏانهن ٿي آيس، تڏهن مون پنهنجي ٻچڙي کي اِهو ٻڌائڻ وساري ڇڏيو هو، ’تنهنجو اهو سپڪڙو ابابيل ڪٿي آهي؟‘ هوا پڇيو. ’مون کيس هڪ ڀڳل مَٽَ ۾ ڇڏيو هو، باغ جي ڪنڊ ۾، جنهن جي مٿان وڻَ ويڙهي نمبر هئي.‘ پوڙهيءَ ابابيل اڃا اِها لفظ مس ڪڇيا ته مان سندس اک مان ڳڙي پيس. هوا مون کي جهٽي ورتو، ۽ زمين مٿان کنيو آئي. مان اٺ ڏينهن ساندهه اُڏرندو رهيس، ۽ هاڻ هِن پَن تي اچي پيو آهيان. ڏاڍو ٿڪل آهيان، دل ٿي ٿئي ته جيڪر پَن تان هِٺ لهي اچان،  سمهي پوان!“

ننڍڙي، پنگلي ابابيل جي دل ڌڙڪن لڳي. هو جلدي اٿيو، ۽ پنهنجي چُهنب کولي، وڇڙيل ماءُ جو لڙڪ ورتائين. پوءِ هو مَٽَ جي تري ۾ پيل کنڀن ۾ ليٽي پيو. لُڙڪ جي گرميءَ ڪري ستت ئي ننڊ اچي وئيس- ائين، جيئن پنهنجيءَ ماءُ جي پرڙن ۾ بيفڪر ٿي سمهندو هو.

[ماءُ جو لڙڪ: اينگل ڪارابچوف]

م. ع. ڏيپلائي

مهربان خوني

هن کي آيل ڏسي، آءُ بسترو ڇنڊڻ لڳس ته مٿس ويهي ڪا رهاڻ ڪريون. ٻيو ڀلا جيل ۾ ڪا ڪرسي، ڪو کٽولو يا منجي ڪٿان آئي.

”هون هون، ويچارڙيءَ کي مار ته نه!“ هن رڙ ڪئي. منهنجو هٿ روڪجي ويو، ۽ حيرت مان ڏانهنس نهارڻ لڳس. منهنجي اکين اڳيان اهو شخص بيٺو هو، جنهن نهايت بيدرديءَ سان ڪيترا ئي خون ڪيا هئا. اڄ کيس ماڪوڙي4 تي ڪهل اچي رهي هئي، ۽ آهستگيءَ سان کيس بستري تان کڻي، پريان اڇلائي ڇڏيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com