سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :17

حضرت طالب المولا جي نام نامي اسم گرامي کان هر اهل علم آشنا آهي. پاڻ علم و فن، جمال و ڪمال، سيرت ۽ صورت، فڪر و نظر جي خيال کان اعلى درجي جا انسان آهن. سندن علمي ۽ ادبي خدمات جو سلسلو وسيع آهي. سندن ڪلام، جمالياتي نقطه نظر سان نهايت نفيس ۽ معياري، دلنشين ۽ ڪيف آور آهي.

هن دور ۾ پاڻ ڪافي گو شعراء جا سرموڙ آهن. سندن ڪافيون فن ۽ مواد، هيئت ۽ اسلوب جي نقطه نظر سان پنهنجو مٽ پاڻ آهن. سندن ”ڪافي“ ڪتاب محققانه ۽ عالمانه تصنيف آهي.

مفصل طور بحث ڪرڻ کان اڳ، هت رڳو ايترو عرض ڪرڻ مناسب ٿو سمجهان ته اصل ۾ بيت، ڪافي، وائي ۽ ان قسم جون ٻيون صنفون، سنڌي شاعريءَ جون پنهنجون ۽ پراڻيون صنفون آهن. اسان جي بزرگن کي اهو شرف حاصل آهي جو انهن پنهنجي جذبات ۽ واردات جي پيش ڪرڻ لاءِ ’رس ۽ رهاڻ‘ کي قائم رکندڙ سوليون، سهڻيون، شيرين ۽ دلنشين صنفون بنايون. سنڌي شاعريءَ ۾ ڪافيءَ ۽ بيت کي بنيادي مقام ۽ معيار حاصل آهي.

ڪافيءَ جي تاريخي ۽ فني حيثيت اڄ تائين هڪ اختلافي مسئلو رهندو آيو آهي. ان موضوع تي هن کان اڳ جناب پير حسام الدين راشدي، منظور نقوي ۽ عبدالغفار راشديءَ جا مضمون ماهوار ”نئين زندگيءَ“ ۾ شايع ٿي چڪا آهن. ان طرح سيد عطا حين موسويءَ ”ڪچ ڪوڏيون“ ڪتاب ۾ به هڪ مختصر مضمون لکيو آهي. ان کان سواءِ ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو ”فرنٽيئر گزيٽ“، جيڪب آباد، ۾ پڻ قسطوار مضمون اچي چڪو آهي، ۽ ”مهراڻ“ رسالي جي پراڻي دور ۾ به هڪ اڌ مقالو آيل آهي. انهن سڀني اديبن ڪافيءَ جي فني ۽ تاريخي ارتقا ۽ سٽا تي سهڻو بحث ڪيو آهي. جڏهن ته اهي سڀ مقالا تمام مختصر آهن ۽ پنهنجي جامعيت جي لحاظ سان تشنه آهن، تڏهن هڪ اهڙيءَ جامع ۽ مفصل تصنيف جي ضرورت هئي، جنهن ۾ ’ڪافيءَ‘ جي فني ۽ تاريخي ارتقا سان گڏ، ان موضوع سان وابسته سڀ مختلف النوع مباحث ۽ مسائل به اچي وڃن، ۽ ڪابه تشنگي باقي نه رهجي وڃي. شڪر جو مقام آهي جو هن دور جي عظيم صاحبِ فن، شاعر ۽ سخن شناس بزرگ، حضرت مخدوم طالب المولا، هيءَ مفصل، جامع ۽ مستند پيشڪش تصنيف فرمائي آهي. هي ڪتاب، پنهنجي صوري ۽ معنوي حيثيت سان، ڪافيءَ تي مڪمل ريسرچ ۽ تحقيق آهي. هن ڪتاب جي افاديت ۽ معياري حيثيت هن مان ظاهر آهي ته برصغير پاڪ جي ڪنهن به عالم ۽ محقق ان تي وسعت ۽ جامعيت سان بحث نه ڪيو آهي.

’ڪافي‘، سنڌ کان ٻاهر، ملتان ۽ پنجاب ۾ پڻ ڳائي وڃي ٿي. خواجه غلام فريد، بلا شاهه، سلطان باهو ۽ شاهه حسين جون ڪافيون ملتاني ۽ پنجاني زبان ۾ ڳايون وڃن ٿيون. خواجه غلام فريد جي ديوان مرتب ڪندڙ، علامه حفيظ الرحمان بهاولپوريءَ به ديباچي ۾ ڪافيءَ جي صنف تي ڪوبه بحث نه ڪيو آهي. ان کان سواءِ پنجاب ايڪڊمي، لاهور، مان ”ڪافيان شاهه حسين“ نالي ڪتاب شايع ٿيو آهي، پر ان ۾ به ڪافيءَ متعلق بحث موجود نه آهي. ان طرح هن دور جي وڏي اديب ۽ محقق، سيد عابد علي عابد، رسالي ”استقلال“ لاهور، ۾ ٻه چار قسطون ڪافيءَ متعلق لکيون آهن، پر انهن جو حال ساڳيو آهي؛ فقط جمالياتي حيثيت سان ٻه چار پيرائون لکي سگهيو آهي.

انهن سڀني جي مقابلي ۾، حضرت طالب المولا ٻن سون صفحن تي مشتمل بحث ڪري، ڪافيءَ متعلق هر هڪ مسئلي ۽ فني معاملي تي روشني وجهي، هڪ اعلى علمي مثال قائم ڪيو آهي.

ڪافيءَ متعلق فقط ايترو عرض ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان ته سندس فني ۽ تاريخي ارتقا ۽ سٽا متعلق عالمن جا ڪيترا به اختلاف هجن، پر سندس معنوي ۽ باطني رس رهاڻ، جذب ۽ ميٺاج، نڪته آفريني ۽ جذبات نگاري، سادگي ۽ پختگيءَ ۾ ته ڪوبه اختلاف ٿي نٿو سگهي. ڪافيءَ جي اها صورت ۽ معنوي حيثيت سوز و ساز، راز و نياز جي رنگين ۽ محبت آفرين واردات ۽ مشاهدات، جذبات ۽ ڪيفيات سان وابسته آهي.

ڪافيءَ جي فن متعلق مصنف اهوئي ڪامياب ٿي سگهي ٿو، جو صاحب سوز، اهل درد ۽ اهل دل هجي؛ جنهن جي دل جي دنيا محبت آفرين واردات ۽ ڪيفيات جو آماجگاهه هجي؛ جنهن جا باشعور جذبات حسن و عشق جي آويزش کان زخميل ۽ ڦٽيل هجن؛ ۽ جنهن جي طبيعت ۾ ذوقي ۽ وجداني ڪيفيتون جلوه ريز هجن. ان کانسواءِ، ڪافيءَ جو تعلق سنڌي زبان جي هڪ خاص سلاست آميز، مواد ۽ لهجي سان به آهي.ڪافيءَ جي زبان ۾ جزالت ۽ لطافت، لفظن جي لوچ ۽ نرمي، انداز بيان جو ميٺاج ۽ رس ٿئي ٿو. ڪافيءَ جي زبان قافيه دار لفظن جي فراوانيءَ، محاورن جي ندرت ۽ اصطلاحن جي اشاريت سان بنجي ٿي. شيرين ۽ دلنشين بندشن ۽ ترڪيبن ۾ حسن و عشق، هجر و وصال جا دقيق ۽ تصوف جا عميق عارفانه ۽ عاشقانه معاملا بيان ڪري سگهجن ٿا. ان لاءِ ضروري آهي ته ڪافيءَ سان تعلق رکندڙ عالم ۽ شاعر، ڪافيءَ جي زبان ۽ لهجي جو به عالم ۽ ماهر هجي. افسوس هي آهي ته موجوده دور ۾ ڪافي گو شاعر، مقدار جي لحاظ سان ته هزارين ملي سگهن ٿا، پر فن ۽ لسان جي حيثيت سان سندن ڪافيون ’ڪافيون‘ نه آهن. ان حيثيت سان به حضرت طالب المولا جن پنهنجي معاصرين کان گهڻو بالا آهن، ۽ سندن زبان ۽ مهاورات فني حيثيت سان اهي ئي آهن، جي ڪافيءَ جي فن سان نسبت رکن ٿا. اهوئي سبب آهي جو پاڻ ان موضوع تي دل کولي بحث ڪري سگهيا آهن، ۽ مقابلتاً ٻين بزرگن فقط مختصر مضمون لکيا آهن.

ڪافيءَ جي فن متعلق ٻيو هڪ اهم مسئلو هي آهي ته راڳ ۽ ڪافي ٻئي لازم و ملزوم آهن. منهنجي ذاتي راءِ موجب، راڳ کي اوليت حاصل آهي؛ ڇا لاءِ ته اول ڳائجي يا جهونگارجي ٿو، پوءِ ڪافي لکجي ٿي. ان ڪري، جيڪو ڪافي گو شاعر راڳ ڄاڻي ٿو، سُرَ تار جو ڄاڻو آهي، سريلو آهي، چڱو ڳائي سگهي ٿو يا سُرَ تارَ ۾ جهونگاري سگهي ٿو، اهوئي ڪافيءَ کي نباهي سگهي ٿو. باقي جن ۾ نه سُرُ آهي نه تار، نه سوز نه ساز، انهن جي ڪافين ۾ نڪو فن آهي، نڪو حظ آهي؛ اهي بيسُرا، ’ڪورا ڄٽ‘، ڪافين ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون حماقتون ٿا ڪن، ان کان ڳائڻا ۽ سريلا ماڻهو واقف آهن. منهنجي راءِ اها به آهي ته راڳ کان سواءِ ڪافيءَ جي ڪا تعريف صحيح ئي ڪانه ٿي ڪري سگهجي. خوشيءَ جو مقام آهي ته حضرت طالب المولا، ان معيار تي به يڪتائيءَ جا مالڪ آهن. سندن ترنم ريز طبع آهي، ۽ نغمه سنج دل. اهوئي سبب آهي جو سندن نه فقط ڪلام ۾ سوز ۽ ساز آهي، پر ان سان گڏ ڪافيءَ جي فن تي عبور آهي. ان جي مقابلي ۾، بيسُرن جي ڪلام ۾ نه آهي فن نه صحت، نه رس نه رهاڻ، نه اثر نه جذبو، نه حقيقت نه معنى اهڙن جو ڪلام ڦوڳ ۽ آلوڻو ڀَتُ آهي؛ نه کائڻ جي قابل، نه خوش ذائقه. ڪافيءَ تي لکڻ لاءِ طبيعت جي سلامتي، دل و دماغ جي تازگي گهرجي؛ ڇا لاءِ ته انساني جذبات ۽ وجدان لاءِ صوتي اثرات ۽ نغمه ريز ترڪيبون ئي اثر انگيز ثابت ٿين ٿيون. ان حيثيت سان، ’طالب المولا جو ڪلام انساني ذهن لاءِ سوز ۽ ساز جي تندن کي ڇيڙي ٿو. اهوئي سبب آهي جو حضرت طالب المولا ڪافيءَ جي ڇنڊڇاڻ ۽ تجربي ۾ فني حيثيت سان ڪامياب رهيا آهن.

ڪتاب ”ڪافي“ هيٺين مختلف عنوانن هيٺ ترتيب ڏنو ويو آهي: سنڌي تهذيب، سنڌي ٻولي، موزون ۽ غير موزون شاعري، بيت، وائي، ڪافي، ڪافيءَ جي ساراهه، ڪافيءَ جي ڀڃ- گهڙ، ڪافيءَ جا گهاڙيتا، ڪافي لکڻ جو طريقو، ڪافيءَ جو مضمون، ڪافيءَ جي زبان، لفظ ۽ انهن جا اُچار، ڪافي ۽ گيت، ڪافيءَ جي ڳائڻ جو طريقو، ڪافي ۽ راڳ ۽ راڳيندڙ، ڪافي ۽ ساز، سريلو آواز، ٻيا ڳائڻا ۽ ڪافير. انهن عنوانن هيٺ، ڪافي ۽ ان جي فني حيثيت متعلق نهايت محققانه بحث ٿيل آهي. ان کان پوءِ راڳ متعلق ٻه عنوان آهن: راڳ ۽ بيماريون، راڳ جي وسيلي علاج. آخر ۾ ميڙ- چونڊ، واڌارا، حياتيون، اپٽار جا عنوان آهن.

ڪافي ڪتاب ۾ هڪ ٻي جدت کان پڻ ڪم ورتل آهي. اها ڪوشش علمي طور هڪ مبارڪ ڪوشش آهي. ان ۾ ٺيٺ سنڌي بدل پيدا ڪيا ويا آهن، جي هر خيال کان مناسب۽ موزون آهن. جڏهن ته ڪثرت استعمال جي ڪري ماڻهو عربي ۽ فارسي ۽ انگريزي لفظن سان مانوس ٿي ويا آهن، تڏهن انهن کي هنن نون لفظن کان ڪجهه اجنبيت ضرور محسوس ٿيندي، جا اميد ته استعمال کان پوءِ ختم ٿي ويندي. ٺيٺ سنڌي لفظ عنوانن ۾ هن طرح آندل آهن: فهرست- ڄاڻ؛ فٽ نوٽ- واڌارا؛ انتساب- سَڃَ؛ شڪريه- ٿورا؛ ضميمو- ميڙ چونڊ؛ فرهنگ- اپٽار؛ پيش لفظ- اڳياڙي؛ سوانح عمري- حياتيون؛ تنقيد- ڇنڊڇاڻ؛ تقطيع- وَڍَڪُٽَ؛ تقليد، اَهل؛ گرامر- جوڙجڪ؛ اشتقاق- ڀڃ گهڙ؛ وزن- گهاڙيتو.

ڪتاب پنهنجي جامعيت ۽ افاديت جي لحاظ سان هڪ معياري چيز آهي. اصليت جي لحاظ سان، سنڌي زبان جي انهن چند ڪتابن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو، جي نڪو تجرمو آهن ۽ نڪو تاليف.

هن تصنيف تي اسان حضرت مخدوم صاحب جن کي مبارڪون ڏيون ٿا. نيز بزم طالب المولا جي ڪارڪنن پڻ کيرون لهڻيون، جن هن ڪتاب کي شايان شان نموني ۾ شايع ڪري، ادبي خذمت جو عمدو مثال قائم ڪيو آهي.

ڪتاب، ”ڪافيءَ“ جو انتساب حضرت مخدوم مولانا غلام محمد سائين رحمة الله عليه ڏانهن ڪيل آهي. ان جو عنوان ”سَڃَ“ آهي. ’سَڃَ‘ نهايت موزون ۽ لذيذ آهي، جنهن ۾ ادب ۽ احترام جو قرينو انتساب کان وڌيڪ موجود آهي.

منڍ ۾ ڪتاب بابت حضرت طالب المولا جن، پنجن صفحن تي، ڪتاب متعلق پنهنجا خيال ظاهر فرمايا آهن؛ ۽ ان کان پوءِ ڪتاب جي فهرست، ’ڄاڻ‘ جي عنوان سان ڏنل آهي. ڪتاب جي شروعات حضرت علامه آءِ. آءِ. قاضي صاحب جن جي ’تقديمي ارشادات‘ سان ٿئي ٿي، جن ۾ پاڻ لغوي حيثيت سان مختلف زبانن جي اشتقاق تي روشني وجهي ٻڌايو اٿن ته ٻولين جا لفظ پاڻ ۾ معنوي حيثيت سان هم آهنگي رکن ٿا. سندن ڏسيل طريقي تي اگر ڪو ادارو مڪمل تحقيق جو ڪم هٿ ۾ کڻي ۽ ٻولين جو تقابلي مطالعو ڪري، ته هوند هڪ نئين چيز پيدا ٿي پوي- پر سنڌ ۾ اهڙي اميد آهي ’ٻٻرن کان ٻيرن گهرڻ‘ وانگر.

”ڪافي“ ڪتاب هونئن ته ’ڪافيءَ‘ جي فني ڇنڊڇاڻ متعلق آهي، پر ان سان گڏ سنڌي زبان جي لغت ۽ تاريخ، اصطلاحات ۽ محاورات متعلق به منجهس ڪافي تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪيل آهي. زبان سان تعلق رکندڙ مختلف النوع مسئلا زير بحث آڻي، اهل علم حضرات لاءِ معلومات جو نئون رنگ پيدا ڪيو ويو آهي. ”ڪافي“ ڪتاب ۾ ڪيترا اهڙا علمي ۽ فني مسئلا ۽ مشورا آيل آهن. جن کي ’نوادرات ۽ تفردات‘ ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. ’زبان‘ متعلق سندن مخلصانه راءِ آهي:

”ڪجهه وقت ٿيو آهي ته اسان جا اديب ۽ شاعر ئي سنڌي زبان کي بگيڙڻ لڳا آهن.“ سندن اها دعوا، محض دعوا نه آهي، پر مثالن سان ٿابت ڪيو اٿن ته واقعي اسان جا اديب زبان جي صحّت ۽ انشاء متعلق ڪنهن به اصول ۽ قاعدي جا پابند نه آهن. موجوده دور جي اجائيءَ ڪج بحثيءَ متعلق فرمائين ٿا:

”ڏاڍي ڏک مان، مگر لکڻو ٿو پوي ته اسان کي ٺلهو اجايو بحث ڪرڻ جو ڏانءُ اچي، تورتڪ مان ته ڄاڻون ئي ڪونه، بلڪ ان کي سمجهون به ڪونه! يعني تور تڪ جي پردي ۾ ذاتي ضد پاڙڻ لاءِ صرف ترديد ڪندا آهيون، ۽ رومال ۾ ويڙهيل حملا، پر فائدي ڏيڻ ۽ وٺڻ مان بلڪل ڪونه ڄاڻون. نه رڳو ايترو، پر فقط صحيح نتيجي تي به پهچي ڪونه سگهون. ان هوندي به ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اديب، شاعر ۽ زبان جا ڄاڻو اڃا به موجود آهن. پر پنهنجي ماري ڪير ٻڌي!“

ان سلسلي ۾ لکن ٿا:

”پيرسن ۽ گوشه نشين اديبن، شاعرن، عالمن جي علم ۽ تجربي مان هن وقت اڪثر ڪوبه شخص فائدو ڪونه ٿو وٺي انهيءَ محروميءَ جو فقط هڪ هيءُ ئي سبب آهي جو اسان جي قوم ’زنده پرست‘ هئڻ بدران رڳو مرده پرست آهي. هوءَ رڳو جنازي نماز پڙهي، فاتحائون ڪري، ختما کائي، ۽ ورسيون ملهائي: انهن رسمن ۾ مس پوري آهي، ۽ پنهنجو وقت ’قصيدي گوئيءَ‘ ۾ ئي وڃايو ڇڏي.“

وائيءَ ۽ ڪافيءَ متعلق لکن ٿا:

”اسان جا ڪيترائي اهڙا شاعر به آهن، جيڪي وائيءَ ۽ ڪافيءَ جي نالن ۾ اهڙيون شيون لکن ٿا، جن جي مضمونن، محاورن، استعارن، جملن ۽ لفطن جو وائيءَ ۽ ڪافيءَ سان ڪوبه واسطو نه آهي.“

اميد ته اسان جا ڪافي گو شاعر پنهنجن فني شاهڪارن کي فني طور ڪافي ۽ وائي جي اصولن موجب لکڻ جي ڪوشش ڪندا.

ان کان پوءِ ’سنڌي تهذيب‘ جي عنوان هيٺ سنڌ جي قديم نقشي ڏيندي، سنڌي تهذيب جي قدامت ۽ عظمت تي مختصر مگر سهڻو بحث ڪيل آهي.

ان کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ متعلق بحث آهي. سنڌي زبان جو سنسڪرت سان تعلق ڪهڙو آهي اهو اڄ سوڌو اختلافي مسئلو شمار ٿيندو اچي ٿو. حضرت مخدوم صاحب جن جي تحقيقي راءِ آهي ته ”سنسڪرت ٻاهرين ٻولين مان ٺهيل آهي، ۽ سنڌي زبان اصل ئي جدا هئي، نه سنسڪرت جي بگڙيل صورت.“

ان کان پوءِ سمن جي دور جي شاعريءَ ۽ زبان تي بحث ڪيو ويو آهي. درويش ڀرئي (903 هه)، قاضي قاذن (958 هه)، لاکي لطف الله ۽ حضرت مخدوم نوحؒ  (998 هه)، شاهه ڪريم (1032 هه)، شاهه عنايت رضوي (1160 هه)، شاهه ڀٽائي (1165 هه)، پير بقا (1198 هه) جو ڪلام ۽ انهن جي سليس شاعري پيش ڪري، سمن جي دور کان وٺي ڪلهوڙن تائين سلسلهء ارتقا پيش ڪيل آهي.

دراصل انهن دورن جي شاعري ۽ انهن جي لساني حيثيت هڪ اهم ۽ بحث طلب موضوع هو، جنهن کي حضرت مخدوم صاحب جن مختصر طور بيان ڪرڻ فرمايو آهي، ورنه انهن دورن جي لساني ڇنڊڇاڻ ۽ شعري تشڪيل ۽ ارتقا تي مڪمل ۽ جامع بحث جي ضرورت آهي. اسان جي شاعريءَ جي ارتقائي تاريخ، انهن دورن جي تنقيد ۽ تحقيق کان سواءِ تشنه رهجي ويئي آهي. جڏهن ته اهو موضوع خالص لساني آهي ۽ ڪافيءَ جي موضوع سان به تعلق رکي ٿو، ان لاءِ منهنجو ذاتي طور عرض آهي ته ٻئي ايڊيشن ۾ ان متعلق ڪجهه تفصيل سان ۽ نافدانه طور بحث ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو. ان لاءِ به حضرت مخدوم صاحب جن ئي ڪوشش ڪرڻ فرمائين ته بهتر.

ان مبحث جي آخر ۾ هن دور جي چند شاعرن جو ڪلام پيش ڪيو ويو آهي، جن جي زبان ’سليس سنڌي‘ آهي. ان سلسلي ۾ ڪجهه بيت آندل آهن. انهن شاعرن جو ڪلام سليس ۽ شسته بيشڪ آهي، پر انهن سان گڏ مستند ۽ معياري شاعرن جي ڪلام جو اندراج زياده وقيع، وزندار، مستند ۽ معتبر سمجهڻ ۾ اچي ها؛ باالخصوص ههڙيءَ معياري تصنيف لاءِ ان قسم جو انتخاب اڃا به معياري ۽ عظيم هئڻ گهرجي. سنڌيءَ ۾ ان قسم جو ڪافي مواد موجود آهي. ڪلهوڙن جي دور کان وٺي، ميرن جي دور تائين، ۽ ان کان پوءِ انگريزن جو دور، اڄ سوڌو، سنڌي شاعريءَ جي سليس ۽ سلوڻي، دلنشين ۽ دلڪش شاعريءَ سان ڀريو پيو آهي. ان باب ۾ مٿين شاعرن جا آيل بيت به تنقيد طلب آهن. انهن ۾ فن جون ڪچايون موجود آهن. ذيان جي صحّت ۽ زبان جي سلاست سان گڏ، لفظن جو انتخاب ۽ موضوع جي تراش خراش، مواد جي بندش ۽ ترڪيبن جي برجستگي ضروري چيزون آهن. رڳو غير مانوس، غريب الاستعمال لفظن جو سهيڙڻ ڪمال نه آهي.

نياز همايونيءَ جي بيت ۾ ’ابهام‘ آهي. درد دريشاڻيءَ جي بيت ۾، ’ڇند وديا‘ موجب اکرن جي واڌ آهي، موتي پرڪاش جي بيت ۾ ’ٽپڪيو ٽپڪيو ٿي پڻان‘، شعريت کان خالي آهي. بيتن جي انتخاب جي ان سقم کي مدنظر رکي، پاڻ لکن ٿا:

”هن موقعي تي شاعريءَ جي فن کي ڪونه ڏسڻو آهي، پر زبان تي غور ڪرڻو آهي.“ اسان جو عرض آهي ته ان موقعي تي خود حضرت طالب المولا جن جي ڪلام مان انتخاب اچڻ گهرجي ها. علمي طور خود مصنف جا مثال به ڏبا آهن. ان کي معيوب نه سمجهيو ويو آهي.

ان کان پوءِ موزون ۽ غير موزون شاعريءَ تي بحث آهي. ان ۾ سنڌ جي ٺيٺ شاعرانه تلميحات ۽ ٻاهران آيل موضوعات تي بحث آهي. لکن ٿا:

”موزون شاعري ڌارين آهي. ان ۾ هٿراڌو ٺاهيل ڳالهيون آهن، ۽ هنڌ هنڌ اهل ڪرڻي پوي ٿي، جي سڀ بي بقا شيون آهن. موزون شاعريءَ ۾ گل و بلبل جو بيان، ساغر و صراحي جو ذڪر، گلگشت و لاله زار ۽ شاهدي بازيءَ جون ڳالهيون هونديون آهن-- اهي سڀ شيون ٻاهريون آهن.“

هن ملڪ جي شاعريءَ متعلق لکن ٿا:

”اسان جي شاعريءَ جو انهن شين سان ڪوبه واسطو ڪونه آهي. اسان جو ماحول به پنهنجو ته رسمون ۽ رواج به پنهنجا، عشق ۽ محبت جا دستور به پنهنجا ته تصور ۽ تخيل به پنهنجا، نظارا به پنهنجا ته اشارا به پنهنجا هِت خشڪ جبل، واريءَ جون ڀٽون، بيابان، ڪنڊا، ڪرڙ، کٻڙ، ليون، ليار، ٻٻر، درياءَ ۽ واهڙ آهن. اسان وٽ عورت عاشق، ۽ مرد معشوق آهي. ايراني شاعريءَ ۾ بيجا شڪايت، سخت گلا، محبوب تي الزام رکڻ ۽ کيس ظالم، جلاد، بيدرد، بيوفا سڏڻ جائز. ايراني شاعريءَ ۾ رقيب جو تصوّر ايڏو ته گندو ۽ ذليل ڪارنامو آهي، جنهن جي حد ئي ڪانه آهي. اهو ايڏو ته بيغيرتيءَ جو ثبوت آهي، جو هڪ ئي مثال بس آهي.“

”اسان جي شاعريءَ ۾ التجائون، صدائون، سٺيون تمنائون، مدعائون ۽ رڳيون دعائون آهن. گلا ۽ شڪايت جي بدران، سيبائيندڙ ڏک ڏوراپا به آهن ته ميارون به، پر محبوب کي ريجهائيندڙ ۽ پرچائيندڙ؛ نڪا ٽوڪبازي هوندي آهي نه ٺٺول.“

ڪهڙي نه سهڻي تصور آهي سنڌي شاعريءَ جي! ڪاش، اسان جا شاعر ڪو توجهه ڏين!

ان کان پوءِ ٻوليءَ جي اصليت متعلق بحث آهي، جنهن ۾ سندن چوڻ آهي ته ٻاهرين محاورن، اصطلاحن ۽ بيجا ترڪيبن جي استعمال کان پرهيز ڪرڻ جڳائي. ان سلسلي ۾ هڪ مولويانه زبان جو شگفته مثال به ڏنو ويو آهي. عالم سڳورا ته ضرور علمي زبان لکندا!

اصل ۾ ’زبان‘ ۽ ان جو استعمال، وڏو مسئلو آهي. اسان جي سنڌي زبان جامعيت جي لحاظ سان وسعت پذير آهي. اسان جي زبان عربي، فارسي، ترڪي، هندي، سنسڪرت، بلڪ انگريزي زبان جا لفظ به سهيڙي چڪي آهي. ”تداخل الفاظ“ به هڪ اهم موضوع آهي، ان کي لسانيت جا ڄاڻو ڄاڻن ٿا. موجوده دور جي سنڌي زبان پنهنجي سرمايه داريءَ جي لحاظ سان برصغير هند و پاڪ جي سڀني زبانن کان گوءِ کڻي وئي آهي. عربي ۽ فارسي زبانون يورپ جي سڀني زبانن کان متاثر ٿي چڪيون آهن، باالخصوص فرينچ زبان جو ادب ۽ لغت ته عربي ۽ فارسي زبانن ۾ سرايت ڪري چڪا آهن. انهن جي مقابلي ۾ سنڌي زبان سڀ کان زياده عربي ۽ فارسي زبانن کان لفط ورتا آهن. تداخل جو اهو اصول عمومي آهي، ۽ هر علمي زبان لاءِ کليل آهي. ان موجب هندو پنهنجا هندي  ۽ سنسڪرت جا لفظ آڻين ٿا، ۽ مسلمان عربي ۽ فارسي لفظن جي آميزش ڪن ٿا. بهرحال موجوده سنڌي زبان نهايت وسعتمند ۽ سدا شاهوڪار زبان آهي، جنهن فاتحانه انداز ۾ ڪافي ’مال غنيمت‘ سهيڙيو آهي. ان ۾ ملا ۽ مولوي، واعظ ۽ اديب، شاعر ۽ سگهڙ، صحافي ۽ خطيب، هندو ۽ مسلمان، نت نوان اضافا ڪري رهيا اهن، ۽ اهو سلسلو هلندو رهندو.

 هڪ خاص ڳالهه جا چئي ويئي آهي سا هيءَ ته ”سنڌي زبان ڪَچو سون آهي“. بيشڪ، پر ان لاءِ ڪو مستند ۽ مدلل بحث ڪرڻ گهرجي ها. اهل علم ڄاڻن ٿا ته سنڌي زبان جي ’سون‘ مان اهي ڳهڻا ٺهيا آهن، جن جي حسن جي حد ئي ڪانهي! مٿس هيرن ۽ موتين (عربي ۽ فارسي ۽ ٻين زبانن) جي جَڙَ به اهڙي ڪئي ويئي آهي جو سنڌي زبان هڪ ’لُڏَڻ‘ بنجي پيئي آهي. پنجابي، بهاولپوري، ملتاني، گجراتي، پشتو، بلوچي، مرهٽي، ڪڇي، وغيره، زبانون ته اڃا پيئون ساٺ سينگار سکن.

ان کان پوءِ ’بيت‘ تي فصل آهي. بيت ۽ دوهي جي فني تعريف، مثالن سان، نافدانه طور ڏني وئي آهي. ان ۾ ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ’تسامحات‘ جي اصلاح ڪئي ويئي آهي. گربخشاڻيءَ لکيو آهي:

”دوهي جي معنى آهي ٻيڻو، يعني ’مثنوي‘. هڪ دوهي ۾ ٻه ٻه مصرعون گهرجن، جن جي پڇاڙيءَ ۾ ’ساڳيو قافيو‘ هئڻ گهرجي“.

ان کان پوءِ گربخشاڻيءَ مٿينءَ تعريف جي مناسبت سان ڪوبه هندي ۽ سنڌي دوهڙو نه آندو آهي. البته شاهه ڪريم جو بيت ڏنو اٿس، جنهن جا قافيا آهن لوڪ ۽ ٿوڪ. حضرت مخدوم صاحب جن تنقيد ڪندي، هن طرح اصلاح ڪئي آهي:

”ڊاڪٽر صاحب اهو غلط لکيو آهي ته مثنويءَ ۾ ’ساڳيو قافيو‘ هئڻ گهرجي، بلڪ هيئن لکڻ کپندو هوس ته ’ساڳئي نموني جو قافيو‘ هئڻ گهرجي-- مثلاً آس، پاس، راس، وغيره.“

ان طرح، شاهه جي دوهڙن تي لکندي جي گربخشاڻيءَ غلطيون ڪيون آهن، تن جي اصلاح مثالن سان ڪئي ويئي آهي، ۽ حضرت نوح ؒ ۽ ماموئيءَ جا بيت پيش ڪري، ٻڌايو ويو آهي ته شاهه کان گهڻو اڳ بيت جي فني هيئت ۾ فرق پيدا ٿيو هو.

ان کان پوءِ ’وائيءَ‘ متعلق بحث ڪري، سنڌ جي اديبن جي غلط فهمين جي اصلاح ڪئي ويئي آهي. ’وائيءَ‘ جي تعريف فني طور ڪري، فيصلو ڪيو ويو آهي ته وائي ۽ ڪافي اصل ۾ هڪ چيز آهن، ۽ ڪافي ۽ وائي، بيت مان پيدا ٿيل آهن. اهو به ثابت ڪيو ويو آهي ته وائيءَ جو موجد شاهه لطيف نه آهي. ان بحث ۾ حڪيم عبدالغفار راشديءَ ۽ مرزا همايون بيگ جي نظريي جي پڻ اصلاح ڪئي ويئي آهي، جي ڪافي ۽ وائيءَ کي ’سنڌي غزل‘ سڏي چڪا آهن، ۽ ڪافيءَ ۽ غزل جي فني فرق تي ڪا نظر نه ڪئي اٿن.

مخدوم صاحب جي ’وايا‘ ۽ ’وارتا‘ جي معنى رهڻ، ترسڻ، هئڻ، ڪم، پيشو، واپار، پوک، روزگار، اطلاع، رپورٽ، گفتگو، حالت ۽ ماجرا ڪري، مفهوم واضح ڪيو آهي. ان طرح ’وايو‘ ۽ ’وائي‘ جي معنيٰ ’هوا‘ ۽ ’پران‘ ڪري، ٻڌايو اٿن ته ’وائي‘ ۽ ’اهوئي‘ ۽ ’وهي‘ هڪ چيز چئي سگهجن ٿا. پر انهن جو وائيءَ سان ڪو تعلق نه آهي.ڪن عربي ’واءِ‘ مان ’وائي‘ اخذ ڪئي آهي. پر آخري طور مخدوم صاحب جن جي راءِ آهي ته

”خدا نٿو ڀلائي ته لفظ ’واڻي‘ مان ’وائي‘ ٺهيو آهي، جنهن کي سنڌيءَ ۾ ’ٻاڻي‘ به چوندا آهن. لفظ ’واڻي‘ جي معنيٰ آهي، ٻولي ۽ سخن.“

”وائيءَ جو گهاڙيتو به ٻاڻين وارو ئي آهي. فرق رڳو هيترو آهي ته وائيءَ جو ٿل ٻه اڌ ٿئي ٿو-- پهرئين اڌ ۾ قافيو ۽ ٻيو اڌ بنا قافيي جي هوندو آهي؛ ۽ وائي ۾ ٻن مصرعن بدران ٽي، چار يا وڌيڪ مصرعون به ٿين ٿيون“.

”وائي بيت، مداح يا سنڌي قصيدن-- مثلاً ابوالحسن جي سنڌي-- مان ٺهي آهي، ڇو ته ٽنهي جو گهاڙيتو ساڳيو آهي.“

هي بحث قابل توجهه آهي. اديبن کي ان مسئلي متعلق پنهنجي راءِ ظاهر ڪرڻ گهرجي.

ان کان پوءِ ڪافيءَ تي بحث آهي. اهو بحث هن ڪتاب جو موضوع آهي. هن بحث ۾ مشهور مبهم المعافي مصرع ”اره بره ڪنڪره“ متعلق مخدوم صاحب جن ڪافي بحث ڪيو آهي، ۽ عڪسي فوٽو به ڏنو آهي. حسام الدين راشدي ان کي سنڌ جو آڳاٽو شعر مڃي ٿو، جو فضل بن يحيى جي مدح ۾ چيل آهي. ان طرح ڊاڪٽر بلوچ جو به قريب قريب ساڳيو رايو آهي. دائود پوٽو صاحب چوي ٿو ته اهو بيت حضرت بلال رضي الله تعالى عنه جو آهي، جو اصل ۾ حبشي زبان ۾ چيو ويو، ۽ ان جو ترجمو حسام بن ثابت ڪيو. پر مخدوم امير احمد صاحب جي تحقيق آهي ته حسام بن ثابت جي ديوان ۾ اهو شعر موجود ئي ڪونه آهي. بهرحال، ان شعر جي تحقيق اڃا تشنه تڪميل آهي.

ڪافيءَ کي ”برهانپور ڪٖي سنڌي اولياءَ“ جو مؤلف ”سنڌ جو مقبول راڳ“ سڏي ٿو. ان طرح، منظور نقوي ڪافيءَ کي موسيقيءَ جي هڪ ٺاٺ مان نڪتل راڳ سڏي ٿو. مخدوم صاحب جن لکن ٿا:

”ڀانئجي ٿو ته جئن پنهنجي هڪ خاص ايجاد ڪيل راڳ ته امير خسروءَ ’ڪافي‘ نالو رکيو، تئن اردو زبان ۾ به شاعريءَ جي هڪ پنهنجيءَ خاص صنف تي امير خسروءَ ’ڪافي‘ نالو رکيو آهي.“

ان کان پوءِ خسروءَ جي تتبع ۾ سنڌي ڪافيون پيش ڪري، ثابت ڪيو ويو آهي ته انهن جا فني گهاريتا هڪجهڙا آهن.

ان سلسلي ۾ حضرت مخدوم صاحب جن هڪ پراڻي ڪتاب جي ورق جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن ۾ هندي ۽ گجراتي آميز زبان ۾ هڪ ’ڪافي‘، ’والوغوث الپير‘ ڇپيل آهي. اهو ڪتاب اصل ۾ اڄ به مون وٽ موجود آهي. 1958ع ۾ اهو ڪتاب مون حضرت مخدوم صاحب جن کي پيش ڪيو هو. پاڻ ان ورق جي ڪافي نقل ڪري ورتائون. اهو ڪتاب مختلف گجراتي ۽ هندي زبانن جي ٺمرين، مدحن، ڪافين ۽ طويل قطعن تي مشتمل آهي، ۽ ليٿو ۾ ڇپيل آهي. زياده تر پنهنجي مرشد جي مدح ۾ ڪلام چيل آهي. اها ڪافي ’ڪمترين‘ شاعر جي آهي. سندس اصل نالو معلوم ٿي نه سگهيو آهي. ڪتاب جا ڪل ورق 76 آهن، ۽ نهايت بوسيده آهي؛ 49 کان 76 صفحي تائين موجود آهي. افسوس جو ’ڪمترين‘ شاعر جي احوال متعلق ڪنهن به تذڪري مان ڪجهه حاصل ٿي نه سگهيو آهي. ان ڪتاب ۾ ’گِربي‘ عنوان سان به ڪافيون موجود آهن. حضرت طالب المولا جو ارشاد آهي ته

”انهيءَ ڪافيءَ کي جيڪڏهن شاهه جي رسالي ۾ لکيل واين جي نموني ۾ لکجي ته لکڻيءَ ۾ ڪو فرق نٿو ٿئي.“ ان کان پوءِ، اها ڪافي شاهه جي واين وانگر پيش ڪئي ويئي آهي.

حضرت مخدوم صاحب جي جناب عطا حسين شاهه موسويءَ جي پيش ڪيل ڪافيءَ ۽ وائيءَ جي فرق سان اتفاق نه ڪندي، ڪافي ۽ وائيءَ جا ڪيئي مثال پيش ڪيا آهن، ۽ ثابت ڪيو آهي ته ٻنهي ۾ فقط گهاڙيتن جو فرق آهي، باقي مضمون ٻنهي جو ساڳيو آهي. لکن ٿا:

”نه لفظ ٿا ٻئي قسم جا اچن، نه محاورا، ۽ نه خيال ئي ڪي جدا جدا آهن. وائيءَ جي مصرع هروڀرو هڪ سِٽي ڪانه ٿي ٿئي مثلاً، شاهه جي رسالي ۾ هڪ وائي آهي، ان جي هر مصرع ۾ ٻه ٻه سٽون آهن. ڪافي ۽ وائي جيڪڏهن ٻه جدا صنفون هجن ها ته انهن ۾ مداح ۽ مولود وانگر مضمونن جو فرق ٻه هجي ها، جئن غزل ۽ هزل ٻه شيون آهن، اگرچ ٻنهي جا گهاڙيتا ساڳيا ئي آهن.“

”ڪافيءَ جي ڀڃ- گهڙ“ جي فصل ۾، ڪافيءَ جي فني تعريف متعلق، مسٽر غلام حسين سومري (هه. م. نور محمد هاءِ اسڪول، حيدرآباد)، مسٽر سدا رنگاڻي، سيد عطا حسين شاهه موسوي، آخوند ربڏني (مجاور، درگاهه حضرت مخدوم نوح ؒ)، سرشار عقيلي ۽ مولانا فضل احمد غزنويءَ جا رايا درج ڪري، پاڻ لکيو اٿن:

”مٿيان بحث ڪيتريقدر صحيح يا غلط آهن، ان جو فيصلو عالم ۽ اديب ڪندا.“

مسٽر سومري جو خيال دعاي ’ڪاف‘ ڏانهن ويو آهي، جنهن ۾ ’ڪاف‘ جا گهڻا لفظ آيل آهن. دعائي ڪاف، ۽ ڪاف جي لفطن مان ’ڪافي‘ ڪئن ٺهي؟ دعا نثر ۾، پر ڪافي نظم ۾-- ٻنهي جو باهمي فني ربط ڪئن قائم ٿيو؟ اها دعوا بلا دليل آهي، سومري صاحب کي دليل ڏيڻ گهرجن ها.

پروفيسر سدارنگاڻيءَ ’ڪافيءَ‘ کي ’قناعت‘ جي معنى ۾ آندو آهي، حالانڪ اهو ته لغوي قرينو آهي: هڪ خاص شاعرانه ۽ موسيقيءَ جي صنف تي اهو نالو ڪئن آيو، ان لاءِ رڳو ڪافي معنى قناعت چوڻ صحيح نه چئبو. جناب موسوي صاحب جن ’ڪفہ‘ يعني ’دڦ جي ڪاٺي‘، جنهن ۾ گهنگهرو پيل هجن، ڏانهن توجهه ڇڪايو آهي. ’اِستڪفوا‘ معنى خيرات وٺڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ ۽ فقير جو هٿ جي تريءَ تي پيسا وٺڻ: ان سان خود مخدوم صاحب جن اختلاف ڪيو آهي، ۽ واڌارا ۽ تشريح ڪئي آهي. ان تعريف مان ’ڪافي گو‘ مسڪين فقراء جي پنڻ ڏانهن ته اشارو ٿي سگهي ٿو، پر فني ۽ لغوي قرينو موجود نه آهي. پنڻ لاءِ رڳو ’ڪافي‘، ڪافي نه آهي. ڳائڻ وڄائڻ جا ٻيا به ڪيئي طريقا آهن، جي پنڻ وارا استعمال ڪن ٿا. ان طرح ’ڪفہ‘ ۽ ‘دڦ جي ڪاٺيءَ‘ مان به تعريف واضح نه آهي:

آخوند ربڏني ’ڪفي‘ مان ڪافي بيان ڪئي آهي.

”ساهميءَ جي ٻنهي پڙن جوبرابر هئڻ، امڪان آهي ته شعر جي ٻنهي مصرعن جي هموزن ۽ توري تڪي تُڪن ٺاهن کي ’ڪفي‘ مان ’ڪافي‘ ٿي ويو هجي. ’ڪافي‘ جي مادي جو اشتقاق آهي ’ڪفوا،‘ جنهن جي معنى به ٿيندي ساهميءَ جا ٻيئي پڙ برابر؛ تنهنڪري اصطلاح ۾ انهيءَ معنى جي لحاظ سان ڪنهن خاص نظم جو نالو ڪافي رکيو ويو آهي، ڇو ته هر هڪ مصرع جون حرڪات سڪنات ۽ وزن هڪجيترا ۽ هموزن آهن.“

آخوند صاحب شعر جي ٻنهي مصرعن ڏانهن توجهه ڇڪايو آهي. ٻنهي مصرعن مان سندن مطلب ڪهڙو آهي؟ غزل جي شعر ۾ ٻه تڪون ۽ ٻه مصرعون البته چئبيون آهن، پر ’ڪافيءَ‘ جي اوائلي مثالن ۾ ان جي پابندي نه آهي. غزل جي هڪ شعر ۾ ٻئي مصرعون هموزن ٿين ٿيون، فقط مطلعو هم قافيه ٿئي ٿو. ڪافيءَ جو مطلعو ته بنهُه هڪ سٽو ۽ هڪ تڪو ٿئي ٿو. ڪٿي ڪٿي، ’مستزاد‘ وانگر، ڏيڍو ۽ سوايو مصرعو به ڪافيءَ ۾ اچي ٿو. مطلع ۾ به ۽ اڳتي به، جيئن هن دور ۾ موجود آهي.

ان طرح ڪافيءَ جا مصرعا، ٽن- ٽن چئن- چئن سٽن وارا، هم قافيه به ٿين ٿا. اِتي ساهميءَ جي ٻن پڙن جو برابر هئڻ، شعر جي قافين ۾ اختلاف جو هجڻ، وغيره، قرين قياس نٿو نظر اچي. البته ائين به چئجي سگهجي ٿو ته اوائلي دور ۾ ڪافيون نهايت ساديون چئبيون هيون ۽ انهن ۾ فقط ٻه تڪون هونديون هيون، پر انهن ۾ به ٿل کان پوءِ ’ساهمي جي پڙن وارو توازن‘ نه رکيو ويندو هو-- هڪ سٽ هڪ وزن ۾ نه وراڻو ٻئي وزن ۾. ان طرح، ”هر هڪ مصرع جون حرڪات سڪانت ۽ وزن هڪجيترا ۽ هموزن آهن“ جي تعريف به ’ڪافيءَ‘ جي فن ۽ تشڪيل سان وابسته نه آهي. حرڪات ۽ سڪنات جي پابندي غزل ۽ نظم جي قافين ۾ ئي ٿئي ٿي. ’ڪافيءَ جي مصرعن ۾ اها پابندي ڪانه آهي.

جناب سرشار صاحب، اولياي ڪرام تي ٺهيل فقراء جي ’ڪافيءَ‘ ڏانهن توجهه ڇڪائي، سنڌي ڪافيءَ کي لفظن جي چُر يا گفا سڏيو آهي، جنهن جي ٻاهرين شاعرانه بيهڪ ۾ اندروني تلاش حق جي ڪٺن پروڙ سمايل آهي. سندن اهو قائم ڪيل قرينو، ’قاف‘ (قرشت) تان ورتل آهي، جنهن جو مطلب ورتو اٿن ’ڳولا ڪرڻ.‘ پر اهو ’قاف‘ ’ڪافي‘ ڪئن ٿي، ان متعلق ڪوبه قرينو بيان ڪيل نه آهي. معنوي طور، ’ڪافيءَ‘ کي لفظ جي چُريا گفا سڏڻ به هڪ تاويل ۽ توجيهه آهي، مگر بلا قرينه، ڇالاءِ ته ڪافيءَ جي ابتدائي تجربن ۾ تمام آسان ۽ سادا مضمون آيل آهن؛ انهن ۾ معنويت گهٽ، مجاز زياده آهي. البته ولين تي فقراء جي لاءِ ٺهرايل ڪافي، توجهه طلب آهي. پر اهو علم نه آهي ته آيا، انهن ’ڪافين‘ جي نسبت سان، خاص طور فقير انهن هنڌن تي جو ڪلام ڳائيندا هئا، ان کي ’ڪافي‘ سڏيندا هئا يا نه: يعني مڪان جي نسبت سان، ڳائڻ وڄائڻ ۽ شعر چوڻ جي صنف کي ’ڪافي‘ ڪوٺيو ويو آهي يا نه؟ ان متعلق ڪوبه تاريخي ثبوت ملي نٿو سگهي، باقي تعبير ۽ توجيهه جي دنيا وسيع آهي.

مولانا غزنويءَ ’ڪفي‘ ۽ ’ڪفاية‘ مان اسم فاعل بيان ڪيو آهي. ان جو مطلب ورتو اٿن ’خالي جاءِ ڀرڻ‘ ۽ ’مراد حاصل ڪرڻ.‘ سنڌيءَ ۾ ”بس هي ’ڪافي‘ آهي“ به دليل ورتو ويو آهي-- يعني ’ڪافي هجڻ، پورو هجڻ، حاجت جيترو پورو هجڻ، وغيره. قرآن جي آيته ”ڪفي الله المومنين القتال“ مان به ’ڪافي‘ جو مفهوم ورتو ويو  آهي. پر پوءِ لکن ٿا:

”سنڌيءَ ۾ ’ڪافي‘ جو استعمال بنهه غلط آهي، ڇو ته ان لفظ مان بيت يا شعر وغيره جي معنى اصل ڪانه ٿي نڪري. دراصل هي لفظ ’قافيه‘ آهي، جنهن مان ’قافي‘ لفظ، بمعنى ’الڪلام المقفيٰ‘ آهي.“ پر اهو صاف نه ڪيو اٿن ته جيڪڏهن ’قافيه‘ مان ’قافي‘ ٺهيو ته ڪهڙي قاعدي موجب؟ پر جي اهو تصرف صحيح آهي ته پوءِ ’ق‘ جو مٽجي ’ڪ‘ ٿيڻ به صحيح آهي. آخر اسان وٽ ’قاطع‘ مان ’ڪاتي‘ به موجود آهي-’ق‘ مان ’ڪ‘ بنيو، ’ط‘ مان ’ت‘، ’ع‘جي هم آوازي ’ي‘ سان پوري ڪئي وئي. ان طرح لکن ٿا ته

”سنڌي ادب مان عالم لڏي ويا، ۽ رڳا انگريزيدان ۽ سنڌيدان حضرت رهجي ويا. خاص ڪري وچ ۾ سنڌي ادب ’واڻين‘ جي هٿن ۾ هليو ويو، ته انهن ’ق‘ جي بدران ’ڪ‘ ڪتب آڻڻ شروع ڪيو.“

اها توجيهه به صحيح نه آهي. هندو ته تقسيم هند کان پوءِ ويا، پر ’ڪافي‘ امير خسرو جي دور کان هلندي اچي‘ خود لطيف کي به ٻه صديون گذريون آهن، ۽ کانئس به گهڻو اڳ ڪافيون لکيون ويون آهن. اگر واڻين ’ق‘ مان ’ڪ‘ بنايو آهي ته پوءِ ان کي به فقط سٺ سال مَسَ گذريا آهن بهرحال، اهو لکيو درست نٿو بيهي.

’ڪافيءَ‘ جي تعريف ۽ فني تجزبي متعلق حضرت مخدوم صاحب جن سڪوت فرمايو آهي؛ حالانڪ اهل علم طبقي جون نگاهون سندن ذات ۾ آهن. ڪافي ۽ ان جي فن تي جو مطالعو ۽ مشق، رياض ۽ علم کين آهي، ان جي تاضا جي بنا تي سندن تجزيي ۽ تحقيق جي وڏي ضرورت هئي.

منهنجي ناقص راءِ اها آهي ته ڪافي، راڳ جي ٺاٺ جي نسبت سان، اول اول ’ڳائڻ‘ ۾ آئي. اڳتي هلي، سڀني سُرَن ۾ ڳائي ويئي؛ ۽ غلط العام صحيح ’موجب‘ هر سُرَ ۾ ڳايل چيز کي ’ڪافي‘ سڏيو ويو. ’ڪافي‘ خود عَلم آهي، ان لاءِ توجيهه ۽ تاويل جي ڪهڙي گنجائش‘ آخر ڳائڻن کي ته اوائل ۾ به علم هوندو ته ’ڪافي‘ هڪ ٺاٺ مان ورتل راڳ آهي، ۽ خسروءَ جي ايجاد آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com