سنڌي ادبي بورڊ بابت

 

   بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :13

کلڻ کائڻ، ٻي ٻوليءَ جي ٻاتائي،

هئي حاصل حبيبن کي هميشہ،

ڪُهڻ ڪاٽڻ قريبن لئي ڪمائي،

رُسڻ پرچڻ هُئي پَر جن پرين جي،

تنين هيهات ڪيئن لالچ لکائي،

ادا! ظاهر اهوئي ناز نخرو،

مگر من ۾ تني ٻولي ٻائي،

شڪرلب حُسن وارا جوڙ جنسار،

پرت پارڻ جي ڪاتن ۾ پورائي،

جيارل يار ٿي ڄاتم يقيناً،

وري لئي صاف تن سوري سنڀائي،

وفا وارا ڪري ويا سُڃ ڀيدي،

رهيا باقي وڃي جورو جفائي،

مٺا محبوب هينئڙي هار غمٽار،

تنين ۾ ڪاهي پيئي ڇو ڪڙائي،

کڻيو جن نيڻ ٿي ٺاري سڙي دل،

ڪري ويٺا وري سي بيوفائي،

حسن هر جاءِ هليو هل اهڙو،

رفيقن جي پبئي روح ۾ رکائي،

هلي ويا نازنين ۽ ناز پرور،

جنين ٿي دوستي نيبہ نڀائي،

نه سڻجن ٿيون ڪٿي تن جون تنوارون،

مٺي جن يار! ٿي ٻولي ٻڌائي،

رهيا باقي روازي غرض وارا،

دورنگن دوستي من جي مٽائي،

غرض تائين سڏائين يار غمخوار،

لٿو جي ڪم ته ٿي ٻي وات وائي،

پرين مطلب لئي پنهنجي ٿا آلاون،

بنا مطلب بڪن بيهو بُرائي،

نه ماڻهن ۾ رهيو ڪو مور ميٺاج،

ٿي لوڀي، ساڻ لوڀن دل لڳائي،

دنيا ڌوئي هزارين خان کاريا،

اندر سنسار سڀني کي سنهائي،

ڦري ويا يار اڄ ياري ڇڏي سڀ،

شمع الفت جي پئي ڪلفت اجهائي،

ٿيا بيزار هڪٻئي کان حبيبا،

جڳٽ ساري رهي سکڻي ٺلائي،

ڦِري اڄ ويا سمورا صاف سالم،

نه طالب ۾ ڏٺم ڪا طالبائي،

سچائيءَ ۾ هئا جي سونهن وارا،

ڇڏي، هئي هئي وياسي بيريائي،

ڪيان ڪيئن ڪنهن کي ڏيندس دانهن دلبر،

ته ڪيئن رنجور جي ان دل رَمائي،

اندر دل جي سدائين باهه ڀڙڪي،

ٻَهِر ٻاريل وري ڪنهن نا وسائي،

امينن جي اندر مان وئي امانت،

نه ٻانهي ۾ رهي ڪا ٻانهيائي،

وفا ٿي چُون هُما ۽ ڪيميا گم،

وئي راحت جا رب راحم رکائي،

ڪٿي ڊوڙي ڏيان فرياد فرياد،

ڏکن سورن سندم دلڙي رنجائي،

ٿيو مون ساڻ اڄ بيداد بيداد،

وڃي مون پاڻ پنهنجي مت گنوائي،

نه ڪنهن ناصح ڪئي مون کي نصحيت،

ڏَسِي مُوران نه ڪنهن موٽي چڱائي،

هٿان ڏيئي رهيس دلدار کي دل،

پرائي وس وڃي ٿي سا پرائي،

عجب جنسار تنهن هوشيار جو هو،

ججهي جنسار جلوي جوت لائي،

اکيون ڪنڍيون ڪجل ري ڪيف ڪاريون،

ڪڪوريون قهرسين ڪن ڪاروائي،

زلف زنجير ڪاڪل نانگ ڪارا،

ڏکئي جي دل جني ڏاڍن ڏَنگائي،

ٻئي جاڙا ڀرون تکيون تراڙيون،

سٽي سيفن، سڙيل جي دل سجهائي،

لعل ٻئي لب مٺا مرجان موتي،

مٺو مُرڪي تنين ڪئي من مهيائي،

سندس رخسار جي جهلڪار صدبار،

لُٽي لالا هڻي لوري لَڄائي،

نرم نازڪ نزاڪت نازنين،

گلابي گل سندي هئي مت منجهائي،

نه صورت ۾ نه سيرت ۾ سندس مٽ،

عطا آگي ڪيس وهه وهه وڏائي،

هزارن ٿي، عجيبن سرنگون ڪيا،

صنوبر سرو جي بيشڪ نمائي،

سندس ڇا حُسن ۽ ڇا ناز نعمت،

سَنُوت سينگار جي سهڻي سُٺائي،

سوين مشتاق ماريا مُرٽ ماڻي،

ٻَڌا ٻاٻيس سين عاشق شيدائي،

مِٺو مُرڪي نهاريو جِهَر پرين،

هليو هيهات جو هُل جاءِ بجائي،

سدا سينگاريل اَلبيلو ارڏو،

عجب هئي خوبروءِ جي خوشنمائي،

ڪيون آهون اُڪنڊ مان عاشقن ٿي،

مثل بلبل جا ويئي گل جي لائي،

ڪنيز ڪزاد ڪوٺي قرب مان بس،

ڀلارن مهر مان ڪي جا ڀلائي،

رکي تهدل اچي تن يار ياري،

ڏيئي تن پيچ پختا دل اڙائي،

ڀلي آيا، ڀلي جيءَ جا جيارل،

ڏني مولي جنين جي منهن مڻيائي،

نماڻي جي ڀلي نجهري سي آيا،

ڏسي جن کي رسي ساهن سَگهائي،

ڏينهان راتيون هنيون هي وصل ويرون،

هُئي هِيڻيءَ حبيبن هيڪڙائي،

پلڪ پاسي نه هئا، پريم پسڻ کان،

اڃايل دل نه ٿي مان وصل ڍائي،

هئم همراز ۽ همدم هم آغوش،

سچارل سونهن ڀريا سنجهه سُڀائي.

ستس سهڻو ويٺو سو ساهه کان تنگ،

مِٺي جي هئي مُٺيءَ سان خوش لقائي،

خوشيءَ ۾ هوس خرم خوب خندان،

نٿي تقدير جي  پئي ڪل ڪائي،

سڌا ڀانيم ته هوندو يار مون وٽ،

نٿي ڄاتم ته هيءَ پوندي جدائي،

گهنگهر گهارڻ، نهارڻ يا وسارڻ،

هنجون هارڻ، پُڪارڻ ۽ پُڇائي،

ڇڪيون واڳون وطن تي يار قسمت،

فلڪ بازي بنايل ڏس ڦٽائي،

اُڪنڊ پئي اوچتي دل ۾ حبيبن،

سنگت سارڻ، سنڀارڻ سڪ سدائي،

سفر سڄڻن سنڀايو ڏونهه ساڻيهه،

ملڪ پنهنجي پرين الفت اُٺائي،

وڃڻ جي وقت هي وارث وسيلي،

هئو لائق سندس ڪيائين اورهائي،

رکي لب تي لبن ڀاڪر ٻيا پائي،

اکين مان هنَجهه مٺي واري وَهائِي،

ڦٽيل دل کي رئاڙي پوءِ رميا سي،

ڏنائون ڏيج هيڻي هيڪلائي،

وٺي وعدا ڏنن انجام پورا،

ٻيهر مون ٻول سين دلڙي ٻڌائي،

نه مون ڄاتو ته هي هي هي نصيبن،

پُڄاڻيءَ جي ٿئي موڪل اهائي،

هليا وعدا وٺي جانب جڏي جا،

چَيُن هائي مدد گهرجي خدائي،

مٺا مرڪب مٿي ٿيا سوار سائين،

رُنا خود آپ ڳيا ميڪون رُلائي،

نٿي ڄاتم ڪُڄا لاءِ پيچ پاتم،

ڏکٖين سُولين دي وچ مين دل ڏِوائي،

قهر ٿيا اي قيامت ٿئي بلاشڪ،

صلاح ۽ خير وچ ۾ جان ڦُرائي،

لڏي مون کان ڇڏي، گوندر گڏي ويا،

سڏيائون ڪين هُئي ساڻن سڳائي،

پرين کان پوءِ ساعت ٿِي سوين سال،

هئين تي حزن حيرت جي ڳرائي،

هڪو پل ڌار ٿيو قيامت ڪُٺي لَئي،

ڪئي وَرهن ولِهيءَ سان ويجهڙائي،

سموري رات سورن ۾ گذارڻ،

ڏيهان منجهه ڏيل هي ڏاڍي ڏکيائي،

اندر ۾ انتظاري بيقراري،

اکين مان ننڊ اڄ آهُن اَڏائي،

ستي ننڊ ناهه ويٺي صبر آرام،

اجل آفت پريندي ايءَ پائي،

پلڪ پَل ساريو ڪانگا اُڏايان،

ايندن پيرين پوان ويندن ورائي،

مٿي واٽن نهاريان ڏينهن سارو،

ڳڻيندي رات تارن ۾ وهِائِي،

پُنان انجام جا ڏينهنڙا سڀئي،

وَليڪن ٿِي اچڻ جي ڪانه ڪائِي،

سنيهو ڪونه سڄڻن موڪليو ڪو،

صبا سندين نه ڪائي سُڌ سُڻائي،

نڪو پيغام سين پانڌي وريو ڪو،

نڪو قاصد نه آندو خط خطائي،

نڪو اوٺي سندس ڳوٺي وريو ڪو،

نه ڪانگل ڪل ڪبوتر ڪا ڪِهَائِي،

ڪيل وعدي مٿي وريا نه منٺار،

نه پنهنجي ڳالهه تن پُوري پُڄائي،

ڪري وعدا ويا مون سان ورڻ جا،

مدت هيڏي لطيفن ڪيئن لنگهائي،

قريبن قول پنهنجي کي نه پاريو،

خبر پنهنجي نڪا هوتن هَلائِي،

خبر ناهي ٿيا ڇو خابرو بند،

ٽپاليءَ جي پَئي ڪيئن تَن ٽُندائِي،

مِٺن جهڙو نٿي ڄاتم وفادار،

وفا پنهنجي پرين ڇو هيئن هَٽائِي،

سچا ۽ صاف هئا ساڃاهه وارا،

تني ڪئي ڇو هلت ههڙي اَجائِي،

اچي دل کي دليلن اڄ ڏکويو،

قبولِي ڪا پِرين پي مَت پرئي،

سلامن سان نه ڪيا مسرور مهجور،

نه پرين پار هِنَ جي پٽ پُڇائي،

ڪِين آهن طبع ۾ سالم سياڻا،

ڪين البت بت ۾ ٿي تن جي اگهائي،

سڄڻ ساڻيهه ۾ پنهنجي وسيا سُک،

سندن قسمت ٿي آگي ڪيئن اُٺائي،

حسن ڏس يار اڄ هيهات هيهات،

وڍيل عاشق جي لئي هاڃو ۽ هائي،

بلاشڪ سي چڙهيا فتّان جي ور،

هچاري ڪئي هلي اِي حاسدائي،

نٿي ڄاتم ڪُٺيءَ سين قهر ٿيندو،

ازل ڪا لاءِ مون اوري چتائي،

اصل کان ڪو لکيو هو انگ اهڙو،

پيل ٿيا پيچ پُختا ڪي پَريائي،

اکين ڪيو آب الٽو هاءِ جاري،

وهي نيڻن ٿئي حاصل هيڻائي،

ويو سک صبر سارو، ٿي جڏي جان،

هَڻي دردن وري دُونهين دُکائي،

سڙي سينو ٿيم سڀ داغ ڪارا،

هجر فرقت جي دل کائي کجائي،

کسي دل دوست ڇ دوري رکي رهي،

ڏٺي اڳ هئي عجيبن عاجزائي،

ڪيو ڇو قهر هيڏو قرب وارن،

نه هلندي ساڻ هرگز ظالمائي،

سوا سڄڻن نڪو همراهه همراز،

ڪميني هن ڪٺيءَ جو ظاهرائي،

ڪري هٿ دل سنديم محڪوم مضبوط،

نماڻي سان ڪيئي گردن ڪُشائي،

مرڻ وس ٿيو ته پنهنجي نا ته ماريان،

نه ڪنهن حيلي حياتي هيءَ کُٽائي،

سڪان ساريان سدا تن دوستن کي،

هِنيون حيران حيرت منجهه سدائي،

عجيبن سان هو اڙيو انگ ازلا،

حياتي مون سڄي سڙندي وڃائي،

بنا جانب ٿو هڪ پل پدم ڀانيان،

سڪايل جي ڇو سهڻل دل سِڪائي،

ڦري سک صبر ڇو ٿيا ڌار مون کان،

هئي جيڪس نه ساڻن ڪا سڱائي،

سياڪو سڱ نٿي ساريم سڄڻ سين،

غلامن جي قبوليم نوڪرائي،

ڏسان تن کي ادا ڏوري ڪِهو ڏيهه،

گهنگهر گهايل جي گوندر دل گُمائي،

فراقي ٿو ڪري منجهه ذڪر دانهون،

هنجن ڳوڙهن سندس دامن پسائي،

هِنيون هَي هَي حبيبن جي اُڪنڊ ۾،

نماڻا نيڻ نازڪ ٿئو ٽِمائي،

جنين جند جان ۽ سوگهو ڪيو ساهه،

نه سُڌ پنهنجي پرين پوري هَلائي،

سڄڻ کي سال ڇو پرديس ۾ پيا،

وڌي ڪنهن هوت ۾ کاڻي کٽائي،

اَللهُ ڄاڻي ته ڪنهن راڻل رسايو،

هڻي اُن مامَ منهنجي مَت مُنجهائي،

اريبن جي ڪِر مَن ۾ پئي ملامت،

ڪمينن کان ٿي حاصل ڪا ڪُڌائي،

نه ڄاڻان تان چڙهيا ويريءَ سندي ور،

ڪئي لوٺي حرامي ڪا لَنبائي،

ڪهين تدبير سان رانجهن رُسائي،

تني پاپين پليتن پِٽَ پرائي،

رُسائي يار مون کان هي رُسائين،

مُٺَن مڪرن سان هي هي دل مُسائي،

وڍي چيري ڇڏيئن دل جان منهنجي،

بنا حق تن سندم هي دل ڪُهائي،

ڳنهي مون کان ڇني ڪيا ڌار دلبر،

اها لورن لُنبن ڪِي آ لُچائي،

دغا بازي ڪئي جن مون ڪُٺي سين،

وجهي الله سِر تن جي بدائي،

ڪري قهّار تن تي قهر قائم،

وڍي دل تن جني منهنجي وڍائي،

وڇوڙو جن وڌو مون ۽ پرين ۾،

وجهي واحد تنين ۾ وَٺِ وڏيائي،

وجهي ويٺا ولِها محبوب کي ونگ،

روا ڄاڻي رنجائڻ دل پرائي،

نه ڪر پرور تنين اُميد پُوري،

جني نانگن ڪئي ناحق نلائي،

دنيا ۽ آخرت ۾ هون نانگا،

نڀاڳا هونِ سي هردم ندائي،

هجن مفلس مدامي سخت عاجز،

جني ڪاري مُنهَن ڪي بي لڄائي،

تڳي تِل ڪينڪي تن جو سکيو ساهه،

وري هيءَ ويل جن سر تي وهائي،

مٿان تن تون ئي پردو ڦاڙ پرور!

ٺلهن کي ڏي ڏکيائي ۽ ٺلائي،

وڇوڙي جو مٿن ڪو واءُ وارين،

وڇوڙيا شل وتن کان هيڪ ٻيائي،

جدا جانب هجن شل هيڪ ٻئي کان،

اسان ۾ جن وڌي آڻي جدائي،

مِٺو محبوب جن مون کان رُسايو،

رکي دل ۾ دورنگن ڪا دغائي،

هجن گم شل سدا قرض و مرض ۾،

وڃائي رهنما تن رهنمائي،

جني ڪيو حزن ۾ حيران مون کي،

نه ڪر قادر تنين جي تون چڱائي،

سڙي منجهه سُور اِن مردود ملحد،

مَرن جن ڪئي ميان مولى مَٺائي،

رقيبن ۾ تون وجهه رحمان رولو،

انڌن کي ڏي سگهو صاحب انڌائي،

جُثي ۾ جل ۽ منجهه قلب ڪاڙهو،

جگر ۾ جوش ۽ ٻاهر ٻَريائي،

رَنڊايا ڇو رُسائي يار منهنجو،

هئم دل ٺار دلبر حال ڀائي،

وسيلو ربّ تون منهنجو وسيلو،

نه آهن ڪي وسيلا تو سوائي،

تڪيو ۽ توهه اَجهو ۽ اوٽ تنهنجو،

مدد تنهنجي هميشہ مون مٿائي،

مٿي درگاهه تنهنجي رب دانهيان،

ڏسج هادي! سنديم تون هي هيڻائي،

آهيان ناقص نماڻو ۽ ندورو،

رکج پرور مٿم پردو پنهائي،

سوالي در سندءِ صاحب سوالي،

سوالي کي نه ڪر خالي ڪنائي،

اٿم هر دوجهان ۾ تنهنجو تڪيو،

وسيلو ٿو وٺان تنهنجي اجهائي،

خداوندا! ڪريان فرياد ٿو در،

قبولج مون ڪميني جي دُعائي،

لڳي چَئي نفس سرڪش جي يا رب!

مدامي مون ڪئي مالڪ مَدائي،

عفو ۾ تنهنجي مون اُميد آهي،

سدا منجهه فضل تنهنجي دل آسائي،

پلئه پايو پني ٿو، پاڪ پرور،

سندم ستّار ڪر سولي سجائي،

مٿي دشمن تون ڪر ڪو قهر قادر،

ڪئي بيدين جنهن بي لائقائي،

خداوندا! سگهو ڪر داد منهنجو،

ڏئين احمق کي آگا تون اگهائي،

پنان حق ۾ رقيبن جي ڪنان تو،

نه ڪر قادر تون چُرٽي جي چڱائي،

نه مطلب من سندو پرور! پُڄائين،

جني بيشڪ ڪئي مون سان بُرائي،

مٺي دلدار جي دل کي ڌتاري،

ڏنائون جان منهنجي کي جَڏائي،

وڇوڙي ۾ وجهي ويٺا وري سي،

ٻيهر تن ٻانگ ٻي ٻولي ٻورائي،

نه ڪجهه ڪو خوف تنهنجو ڪين خدا يا،

رنجورن تي نه رحمت جي ذرائي،

وڏا حيلا دليلا پنهنجا جوڙي،

سڄي خلقت کڻي کوهرن کِلائي،

مُٺن ڪيا مڪر ۽ بديون بهانا،

مثل ڇورن ڪري سڀ ڇوڪرائي،

سچا ربّ آڻيان تو وٽ وسيلا،

مُحابي تن وسيلن ڪر سَڻائي،

سچو سردار تنهنجو مُحب محبوب،

سمورن لاءِ جنهن جي خلقيائي،

سڀئي جبّار تنهنجي جوڙ جڳ ۾،

ڪئي فضلا مٿي تون جنهن فدائي،

دنيا ۽ آخرت ۾ مُهڙ مڙني،

ڇُٽي هلندو جگت جنهن جي هٿائي،

شفاعت منجهه شفيع جي مون کي اميد،

توڻي ڏوهن گناهن جي گهڻائي،

محابي محب ۽ محبوب تنهنجي،

سچا داور! قبولين هيءَ دُعائي،

ابر عاجز آهيان عصيان ڀريل،

منهنجي الله مڃ هيءَ التجائي،

ڪرين برباد خاوند تن جا خانا،

جني بيحد ڪئي هيءَ بيحيائي،

مِٺو دلدار دلبر يار منهنجو،

رُسايو رهزنن ڪي رهزنائي،

ڏسان پاڙا پليتن جا ٿيل چَٽ،

جني ڪي چور ۽ ٻي چيچپائي،

ٻه ڀيرا تن سندا ٻيڙا تون ٻوڙج،

جني کاڻن اها هئي ڪئي کَرائي،

بلا باري بڇج تن جي ٻچن ۾،

هجن حيران حيرت ۾ هيائي،

قرض ۾ تن ڪرين قابو تون قادر،

هجي موجود تن وٽ هڪ نه پائي،

مصيبت ٻيي مٿن موٽي بڇين تون،

هجن نانگا هميشہ نِپُٽائي،

هجي بيبرڪتي تن جي گهرن ۾،

وڃن مهتا سندن مر مغذ کائي،

هجن محنت اندر سيئي گرفتار،

وَسي پيئي مٿن آفت سمائي،

اندر دل ۾ اها اميد آهم،

ڏينهان راتيان هجي تن کي ڏکيائي،

ڀلارا چار جي خاصا خليفا،

محابي تن ڏئين راحم رهائي،

منهنجي غم ۾ وجهي حاسد هچارا،

اسان ۽ پرينءَ تان کڻ هيءَ جُدائي،

محابي شيرِ يزدان شاهه مردان،

تني جا سڀ ڪرين تختا توائي،

مدد مولى علي! مسڪين جي ڪر،

تون مشڪل حل ڪرين مُشڪلڪشائي،

مدني جا سگهو آءُ مرد موٽي،

مٿي هُن چور چُرٽي ڪر چڙهيائي،

کٽيو خيبر تو پل ۾ اي بهادر،

تنهنجي حشمت ۽ همت ٻئي نه آئي،

مٿي مردود ڪر اڄ ڪاهه ڪامل،

شتابي ڪر شتابي مرد ڪائي،

اٿم مشڪل رسج دُلدُل جا سائين،

ڪرين دشمن جي سِر سيفن سٽائي،

تون اي شاهه نجف جا شير هسوار،

نه تنهنجي سيف ڪنهن راول رَنڊائي،

سَٽي صف صاف ڪر تون سرڪشن جي،

ڪُلِي تو ڪفر جي ٿي ڪل ڪبنبائي،

مٿي دشمن سگهو ڪر تاب تهدل،

ڪرين تون ڪُٽ سَڀا تنهنجي ڪمائي،

رقيبن جا ڪرين تون راڄ سڀ چٽ،

سڃاڻن ڪين پنهنجو ٻار ٻائي،

فتانن ڪي وڏي فتنت ۽ پرشور،

ڪري جاهل اُڀا جا جاهلائي،

رسول الله جا پرمل پيارا،

ڪفر جي پاڙ تو ڪُل ئي پٽائي،

پٽائين پاڙ تون منهنجي عدو جي،

ڏني ڏاتار توکي سگهه سڀائي،

وسيلو تون وڏو منهنجو وسيلو،

لقب لالڻ مِٺو تو مُرتضائي،

سڄڻ منهنجي کي سِگهڙ وڪڍ سڙين مان،

رقيبن کان ڏي تون تنهن کي رهائي،

ملائين مهر سان محبوب مون کي،

ڪيم در تنهنجي ليلائي لنگهائي،

آهيان ڀَٽ ڀان ۽ مڱتو مڱڻهار،

جهليم دامن سندءِ صاحب سَخائي،

پلئي پايو پنن ٿا دانَ دُهرا،

مٿان در تنهنجي ڪيئن حاتم ۽ طائي،

اچي بيٺس مٿي در تون سوالي،

کڻي اوڳڻ پرين پَر لاڳ لائي،

دنيا ۽ دين جي مون سان مدد ڪر،

ڪڍين سڀ قلب مان منهنجي ڪُڌائي،

حقيقي ۽ مجازي محب ميلئين،

مدد مولى علي! ڪر تون سَوائي،

محابي پاڪ معصومن، منهنجا رب،

ڪرين فرياد هن جي داد پائي،

پيارا پٽ ٻئي مشفق مِٺي جا،

چکِي جن زهر جي ڪوڙي ڪڙائي،

’حسن‘ صابر سچو شاهن شهيدن،

مڃيائين شوق سان رب جي رضائي،

مٺو ٻيو پاڪ ڏُهٽو ڏيهه ڌڻين جو،

ٿيو ڪوپو جو ڪاهي ڪربلائي،

محبت ۾ ڏنائون سِر جو صدقو،

سچن کي آهه حاصل سڀ سَچائي،

سچا ربّ! تن جي صدقي تون قبولج،

عرض منهنجو سڀو جبار جائي،

فتانن تي وڏي وجهه ڪا مصيبت،

کرن کاڻن ڪئي جن هي کَرائي،

خوشي تن جي بدن مان ڪڍ يا رب!

ڏئي تَن ۾ تني تابش تَپائي،

ڀلي بِنتُ النبي بضغہ رسولا،

سَتُر جي ڪر نظر ستّار ڪائي،

محابي تنهن ڀلاريءَ پاڪ دامن،

تون خاوند بخش سڀ منهنجي خطائي،

وٺي پنج پاڪ سڀ وارث وسيلا،

چيم هادي تنهنجي در هيءَ هيڻائي،

ڇهون ڳوليان تنهنجي در تي وسيلو،

ڏني جنهن پير کي تو جا پيرائي،

محي الدين ميران مرد مانجهي،

جنهين ظلمات سڀ واري وڃائي،

سڀئي مشڪل سندم آسان ڪر تون،

ڪرين تون ٻاجهه ٻانهي تي ٻيڻائي،

هڪ سين رس سگهو گيلان وارا،

منجهان دل ڪَٽُ ڪڍي ڏي اوجلائي،

مٿي دشمن ڪرين تون تاب تهدل،

وڃائين سڀ تڙين تون تڳائي،

سوين در تي رهن سيّد سوالي،

وٺن مقصد توکان دل جي گهُرائي،

هڪو سوالي آهيان تنهنجو سچا پير!

ٻڏل غم ۾ آهيان ڪر ڪا ٻُڏائي،

وٺيو در دادلا! تنهنجو ٿو دانهيان،

وجهين دشمن جي سر تي ڌوڙ ڇائي،

لهي لک لاڳ ويا تنهنجي مٿان در،

سري درگاهه مان تو دادلائي،

مناقب مير! تنهنجا لک ڪروڙين،

ڪرامت ۾ نه تنهنجي ڪا گهٽائي،

ڪڍي ڪيا پار لک تِک تار مان تو،

ٿيا جي غرق منجهه گوندر غمائي،

مُنڌن واٽون، ڏکين کي ڏان ڏوڙا،

پنهنجي در تان گهڻن ڏاتر ڏنائي،

سڪاين جو لهين سارون پلڪ ۾،

سڀا اميد تنهنجي رب پڄائي،

وليّن تي قدم تو قادري! آهه،

مدامي مهر تو تي مجتبائي،

جتي توکي سنڀالي تت رسين تون،

هڪل پهرين سان اُت تنهنجي رسائي،

مريدن تي نظر تنهن جي مدامي،

ڪنگالن تي ڪرم جي وک وَڌائي،

سواليءَ کان پري تون هڪ نه ساعت،

توڻي ڪافر ڪمينو هُئي ڪٽائي،

ڪرين مقصد مڙن جا هڪڙي دم ۾،

اها باريءَ ڏني توکي ڀَلائي،

رسج دلگير کي تون پير پيران،

سڪايل دانهن هيءَ توکي سُڻائي،

سگهو آءٌ پير پيران شاهه مردان،

تڪيو ۽ توهه ٻي تنهنجي تڳائي،

سڻي فرياد ڪر تون داد داتا،

هڪل دشمن مٿي ڪر هَيبتائي،

جني ناحق رسايو يار منهنجو،

اجائي احمقن ڪي جا آڻائي،

رکي سي کار ويٺا خارجي خر،

ڏنگائي جن ڪئي ناحق ڏنگائي،

رقيبن جا ڏسان دروازا پوريل،

نه گڏجن پاڻ ۾ ڪي ڀيڻ ڀائي،

پري شل ٿين هڪٻئي کان سڱيڻا،

رُلن تن راڄ جن لوري لکائي،

اها غمڪٽ اٿم اميد تو ۾،

وجهين تن ۾ وڏي آفت لَڙائي،

سچا سيّد سگهو مڃ دانهن منهنجي،

ملائين محب جنهن سان جيءَ جڙائي،

مٺي محبوب جي شل واڳ وارين،

ٻُڏل ٻيڙي هئي جيئن تو ورائي،

محابي مير مرسل مصطفى جي،

سچا سائل سين ڪر ڏانن ڏِوائي،

دغا دل ۾ رکي جي پاڻ دلبر،

وساري تنهن ٻيهر ٻاجهن ٻُڏائي،

سڀيئي دوستيءَ جا حقّ ٻوڙي،

رهيو ويهي ڪري ڪا بيڳُڻائي،

ته پڻ تنهن جي ڏجئين منجهه جان جوکو،

هِڪا غم ۽ ٻين سورن سزائي،

نه ڪج تنهن جي نصيبن ۾ ڪا لعمت،

نه علم و حلم ڪا حُرمت حيائي،

وتي وانجهيل سدائين ان سُکن کان،

نه ساعت تنهن لنگهي هڪڙي سُکائي،

نه مقصد مور ڪو تنهن جو پڄائين،

ڀڃي جنهن حقّ هي بازي بنائي،

ڪٿي عزت لهي سو ڪين لورو،

جنهين دل ۾ رکي ٻولي ٻيائي،

خوارن ۾ هجي سو خوار خائن،

خجل خاطر ۾ ڇو چوري ڇپائي،

زباني هيڪ، ٻي ٻولي اندر ۾،

ولهي ور وار ڏيئي وائي وڃائي،

نه پوري ڪر سندس ڪا ڳالهه هڪڙي،

رفيقن سان ڏئين تنهن کي رُلائي،

لهي ڪنهن هنڌ نه اُو ڪجهه مان مُوڙو،

هجي جت ڪٿ لي ڪرٽاڻي ڪُوڙائي،

اٿم دل ۾ اها اميد داتا!

قبوليندين سُواليءَ جي صدائي،

وليءَ جي ناهي منهنجي دوست جي دل،

نڪا حرڪت نڪا حجت جي وائي،

سچا تون پير! وجهه ظالم کي رولو،

اسان سان جنهن ڪئي لوتئي لُنڊائي،

ڪري وڃ دوستن جي وصول وايون،

ڦڪن کي تون ڏئين فائق ڦڪائي،

مَرن ان سُور ۾ سڀ خّر خناس،

مڱي ”مجروح“ توکان هيءَ ميڙائي،

درد جو دونهن تن جي دل دکائين،

جني خاطر محبن جي رَنجائي،

وڏي فتنت مان وريو ڇا ولهي کي،

چٽي ڏاڙهي مٺي ڪيوين مُنائي،

سچا سردار منهنجا پير پارس،

اٿم پڪ دانهن تو منهنجي اونائي،

رکي جو وير تڳندو ڪين تل ڪو،

ڏکيءَ کي ڏيل ۾ ايندي ڏنجهائي،

اُداسي دل ڪري آهون اُڪنڊ مان،

ڳرڻ ڳارو، جهجڻ جهوري ججهائي،

حوزن جنهن کي حبيبن جو هميشہ،

ڪڏهن ملندم سو هَي هَي غمڪَٽائي،

ملڻ محبوب جو ٿيندم ميسّر،

ڪِ هوندي منجهه نصيبن هيڪلائي،

سَڻائي ڪر سگهو بغداد والا،

اسان تان ڪر تون فرقت کي فنائي،

ويا پرڏيهڙي پارس پيارا،

ڪرين قسمت تني سان جلديائي،

جيئڻ گهوريو جڏو پِريَن پڄاڻا،

پَسڻ جي آس دل ۾ سَرسِيائي،

مِٺا پيرل ! ورائين تن جون واڳون،

غريبن ساڻ ڇڏ هي گيسريائي،

ڏينهان راتيان اٿم ايءَ انتظاري،

ڪُجائي اي مٺل مرشد ڪُجائي،

هڻي سورن ڪيو هيءُ ساهه سوگهو،

بحالِ من چُنين غافل چرائي،؟

نه ملندين تان سڄڻ هي ساهه ويندم،

ڪندو مِل مِل ڪري ايءَ وات وائي،

خدا ڪارڻ سگهو آءُ يار موٽي،

اڱڻ ٽِل ٽِل ته گهوريان سِرَ مٿائي،

اکيون روئينديون اچي ڏس يار جاني،

بيهي کِل کِل هنئين جا حالَڀائي،

وڇوڙو گهويو، گهوريو وڇوڙو،

نماڻا نيڻ ٿيا روئي تو لائي،

سڪڻ تنهنجي ڪيس حيران پريشان،

ڪريان راتيان ڏينهان آءُ خون نماڻي،

اچڻ جو ڇو ڇڏيئي احسان اڪمل!

ويچاريءَ تان مٺا ڇو وک هٽائي،

سدا سڪ ۾ سڄڻ تنهنجي گذاريم،

جدائيءَ کان هنجهن حيرت پسائي،

سوا تنهنجي ٿو منجهه گهنگهر مان گهاريان،

پرچ پِرَيم مڃي نام خدائي،

رسڻ جي ريت ڪا راڻل روا آهه؟

پرين پرچڻ جي ڇا لئي پَر نه پائي،

رسامو تنهنجو ٿو راڻا رنجائي،

ملڻ جي ڪر مُٺيءَ سان ڪا مِٺائي،

زنجيرن زلف منهنجي دل کي دلبر،

وڌا ور ور ڏيئي ڪي پيچ پائي،

ٿيو هي قهر ۽ ڄڻ ٿي قيامت،

هنئين ۾ هور ڪو هاڃو هڃائِي،

انهيءَ دک درد جي ڪنهن کي ڏيان دانهن،

نه آهم ڪو سڄڻ تو کان سوائي،

اٿئي ويٺي، سُتي سچ سور تنهنجو،

وِرهه کان ڪين پل هڪ واندڪائي،

اُڪنڊ ۽ انتظاريءَ ۾ رهان ٿو،

سدائين دل سندم تو لئي اُچائي،

مٿي واٽن وسايان آب اکين،

آبر اوتون ڪري هيءَ اک ٿڪيائي،

وٺي دلڙي ڪيوئي ساهه سوگهو،

جُسو جهوتون جهلي درد در سدائي،

مُٺي کي تنهنجو هيءُ ماتم مدامي،

پرين اچ واڳ ڪا وارج سڻائي،

نه ڄاڻان تان ڪڏهن ملندو سندم يار،

حياتي جا سڄڻ ڏينهڙا اڍائي،

’حسن‘ ڇڏ ڇڏ مٺا مغرور مشفق،

اهو جوڀن نه ويسين نال چائي،

ستمگر ڪيترو مون کي ڏکويئي،

ڪندين پنهنجن هٿن جي تون صفائي،

ڏسي غمناڪ ٿئين چالاڪ دلبر،

ڪرين سان پر پرين جا ڪن قصائي،

سڄڻ نامِ خدا جي چال هيءَ ڇڏ،

نه ڪر ڇورن سان ڪا ناتي ڇنائي،

رقيبن سان رهاڻيون رس ڪرين ٿو،

غريبن سان ستم ڇو ساڳيائي،

رقيبن تي وجهي الله آفت،

جني جي من اندر بيشڪ بُڇائي،

ڏئي ڏاتار تن کي پنهنجي ڪم جي،

ڪمائي ۽ ڪرت جي سڀ سزائي،

منهنجا رب پاڪ اَو ڪو ڏينهن ٿيندو،

دورنگن کي ڌُران پوندي ڌِڪائي،

محابي سڀني مردن جي مٺا رب،

پلئي پايو پنان هيڻن پهريائي،

عطا ايمان ڪر آگا اسان کي،

بحرمت سيّد الا برار جائي،

پنان توفيق آءٌ طاعت لئي تنهنجي،

ڏئين ڏاتار تون صحت سَگهائي،

امن تو کان پنان ٿو آفتن جو،

مٿان ويجهي ڪرين ڪوچهي ڪمائي،

دفع دشمن ڪرين ديّان داور،

ٿين جي آخرت جا ۽ دُنيائي،

سدا ثابت رهائين سِڪَ سِيني،

ڪڍين قلبن سڀيئي ڪينو ڪچائي،

وفا تي رک قدم منهنجو تون قائم،

رهي دائم اندر دل ۾ سچائي،

ڪيل سڀ قول پنهنجا آءٌ پڄايان،

ڪٿي ظاهر نه ٿئي منهنجي ڪُڌائي،

ستر سنّار ڪر منهنجي بدن جو،

ڍڪج ڍولا اڳي جيئن ڍَڪ ڍڪائي،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com