سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :7

هن ڪنڌ ورائي، سامهون ورايءَ بينچ کي مسرت سان ڏٺو. هڪ دفعو اڳ، ڪملا ان بينچ تي ويٺي هئي ۽ هو سندس قدمن ۾ ويٺو هو.

”تون ديوانو آهين، ستيش!“ ڪملا چيو هو.

۽ جواب ۾ هن ڪنڌ جهڪائي، ڪملا جا پير چمي ورتا هئا. ڪملا حيرت مان اٿي بيهي رهي، ۽ پوءِ ستيش جي اکين ۾ ڏٺائين. ستيش جون نگاهون ڄڻ ته ڳالهائي رهيون هيون، ’ڪملا، منهنجي دنيا تون آهين. منهنجي بهار تون آهين. منهنجي شفق تون آهين. منهنجو پيار تون آهين. منهنجي پوڄا تون آهين، ڪملا!‘

۽ اڄ هو ان ڪملا لاءِ تڙپي رهيو هو، جنهن جي هن پوڄا ڪئي هئي. انتظار ڪندي ڪندي، هن محسوس ڪيو ته هو ڪملا کان سواءِ زندگيءَ جي خاڪ ۾ ملي ويندو.

پوءِ، اوچتو، ڪملا گارڊن جي در وٽ اچي بيٺي. ستيش کان سڀ شڪوا ۽ شڪايتون وسري ويون، ۽ سندس چئني طرف مسرت جون مکڙيون کلڻ لڳيون.

”اوه، ڪمو!“ هن ٻانهون کوليندي چيو، ”منهنجي ڪمو، منهنجي ڪملا!“

ڪملا در وٽ ئي بيٺي رهي؛ ۽ پوءِ هن پنهنجا هٿ اڳتي وڌايا.

آسمان مان رت جا ڦڙا ٽمڻ لڳا.

ڪملا جي هٿن تي مينديءَ جي روپ ۾ ستيش جي حسرتن جو خون هاريل هو.

پوءِ هوءَ، ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي، هميشہ لاءِ هن کان جدا ٿي ويئي.

ڪملا عورت هئي- هن جي محبوبه!

پوءِ سڄيءَ دنيا جون محروميون، مايوسيون ۽ اُداسيون هڪ دُکي انسان جي حصي ۾ هليون آيون- ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جي اوندهه فقط ستيش لاءِ هئي، ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جا ڪنڊا فقط ستيش لاءِ هئا، ڄڻ ته سڄيءَ دنيا جي ناڪامين جو زهر فقط ستيش لاءِ هو.

۽ زهر ستيش جي رڳن ۾ ڊوڙڻ لڳو. هن جون حسرتون لٽجي ويون، ارمان لٽجي ويا، ۽ سندس آرزوئن سان ڀريل دل ڀڄي پيئي: هڪ عورت جي پيار ۾ کيس روئندڙ اکيون، ويران ذهن، جلندڙ جذبات، ۽ پنهنجي ئي دل جا ٽڪرا مليا!

آخر هو ڪيستائين سهي سگهيو ٿي! هن جو سڄو جسم هڪ عورت جي بيوفائيءَ ۾ سڙي رهيو هو. صبر جو دامن هن جي هٿن مان ڇڏائجي ويو، ۽ هن کي پاڻ تي رحم اچڻ لڳو. رحم جي جذبي هن کي شراب جي بوتلن ۾ ٻوڙي ڇڏيو، جيئن ڪجهه دير لاءِ هو پاڻ کي ۽ پنهنجي لُٽيل، اجڙيل ۽ ويران دنيا کي وساري سگهي- ۽ وساري ڇڏي ته هڪ عورت کيس پيار ۾ دوکو ڏنو، ۽ پنهنجي مجبوريءَ جو سهارو وٺندي کيس فريب ڏنو!

هڪ رات هن خوب پيتو. شراب هن جي جسم ۾ داخل ٿي رهيو هو، ۽ سندس ذهن درد جي احساس کان آجو ٿي رهيو هو. هو آخري پئگ پِي، بار مان ٻاهر نڪتو. هن جي ذهن ۾ آرام ۽ سڪون هو. هو ويران سڙڪن ۽ ٽيوب- لائيٽ ۾ چلڪندڙ رستن تي بيسُڌ هلندو رهيو. ۽ پوءِ جڏهن هاسٽل جي ٻاهرئين در وٽ پهتو ته در بند ٿي چڪو هو، ۽ هاسٽل جا ٻئي چوڪيدار سامهون ورانڊي ۾ ستل هئا. هن ڀت ٽپڻ مناسب نه سمجهي.

پوءِ هن جا ٿڙندڙ قدم هڪ بلڊنگ ڏانهن هلڻ لڳا. ان بلڊنگ جي هڪ فيلٽ ۾ هڪ عورت رهندي هئي، جنهن سان هن ننڍي هوندي راند ڪئي هئي، ۽ جنهن سان هو هڪ ئي گهر ۾ نپيو ۽ پليو هو. ان عورت جي جنهن ڏينهن شادي ٿي رهي هئي، تنهن ڏينهن ستيش بيحد اُداس ۽ مايوس، مهمانن جي وچ ۾ گهمي رهي هو؛ ۽ پوءِ جڏهن ڦيرن جي رسم به پوري ٿي ويئي ۽ منڊپ جي باهه به سرد ٿي ويئي، تڏهن هن جون اکيون وسي پئيون. هو معصوم ٻارن وانگر، ڪيوڙي جي سائي ٿڙ سان لڳي، سڏڪا ڀرڻ لڳو-- ۽ ڄڻ ته ڪيوڙو به سندس آهُن ۾ سڪڻ لڳو. پوءِ اُها عورت سندس آلو چهرو پنهنجي سيني ۾ لڪائي، هن جي وارن تي پنهنجا چپ ۽ ڳل ڦيرڻ لڳي. هن عورت جي سيني تان منهن هٽائي، کيس پرنم نگاهن سان ڏٺو، ۽ عورت سندس آلين اکين تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيا.

”هن کي گهر ۾ توکان سواءِ منهنجي دل نه لڳندي، چندرا.“ هن سڏڪن ۾ چيو.

”مان هميشہ تنهنجي رهنديس، ستيش.“ عورت جو سندرو ستيش جي چپن کي لڳي پيو. ”منهنجو نئون گهر به تنهنجو ئي آهي.“

۽ هينئر هو انهيءَ عورت ڏانهن وڃي رهيو هو. بلڊنگ جي ڏاڪڻ ۾ ٿاٻڙندو، هو فليٽ جي در وٽ بيهي رهيو. هن بيل تي آڱر رکي، ۽ اندر گهنٽي وڳي. هو انتظار ڪندو رهيو، ۽ پوءِ هن وري بيل تي زور ڏيئي گهنٽي وڄائي. ڪجهه دير کان پوءِ ان عورت در کوليو. ستيش جي وات ۽ ڪپڙن مان نڪرندڙ شراب جي بوءِ، عورت کي سخت ناگوار لڳي. هوءَ هڪ قدم پوئتي هٽي ويئي. ستيش اندر داخل ٿيڻ لاءِ قدم وڌايو، پر عورت هن جي سامهون اچي ويئي.

”نه، ستيش،“ هن چيو، ”منهنجو گهر تو جهڙن اوباشن لاءِ ناهي!“

”چندرا!“

”پنهنجي زندگي ته تباهه ڪري چڪو آهين، هينئر مون کي برباد نه ڪر، نڪري وڃ. هليو وڃ، ستيش، ۽ وري منهنجي چانئٺ تي قدم نه رکجانءِ!“ عورت کيس حقارت سان ڏسندي چيو، ۽ پوءِ در بند ڪري اندر هلي ويئي.

ستيش جو درد جاڳي اٿيو، هن جا زخم گهرا ٿي ويا، ۽ هو ڪنڌ جهڪائي ڏاڪڻ لهي آيو.

چندرا عورت هئي—هن جي ڀيڻ!

جڏهن هڪ انسان جون حسرتون خاڪ ۾ ملي وينديون آهن، جڏهن قدم قدم تي انسان کي ٺوڪرون ملنديون آهن؛ جڏهن منزل نظرن کان اوجهل ٿي ويندي آهي، ۽ جڏهن انسان رات جي تاريڪين ۾ ۽ ڏينهن جي روشنين ۾ پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪندو آهي، تڏهن هو سهارا تلاش ڪندو آهي.

ستيش کي به سهاري جي ضرورت هئي. کيس هڪ بهاني جي ضرورت هئي، جنهن جي سهاري هو جِي سگهي. ورنه هن جون ته سڀ آسون ۽ اميدون مٽجي چڪيون هيون- هن کي قدم قدم تي دوکا مليا، کيس موڙ موڙ تي فريب مليو، ۽ پوءِ تمنائن جا ديپ وسامي ويا. هينئر زندگيءَ جي تاريڪ راتين لاءِ کيس فقط جگنوءَ جي ضرورت هئي، جيئن هو جِي سگهي. هو قدرت جي قانون موجب زنده هو، پر سندس دل مري چڪي هئي.

هڪ ڏينهن، ستيش کي ياد آيو ته زهر جو علاج زهر آهي: پوءِ هو پنهنجي ذهن جي تلخيءَ ۽ زندگيءَ جي ڪوڙاڻ مٽائڻ لاءِ، زهر کي امرت جي پيالي ۾ وجهي پيئڻ آيو.

”تنهنجو نالو؟“ هن زهر کان پڇيو.

”مان شانتي آهيان.“ زهر جواب ڏنو.

”۽ مان ستيش آهيان.“ هو زهر جي پاسي ۾ ويهي رهيو، ۽ پوءِ شانتيءَ هن کي سهارو ڏنو؛ کيس درد ڀريا گيت ٻڌائي، سندس زخمن تي پهو رکيو. کيس پيار ڏيئي، هوءَ کانئس سندس ماضيءَ جون چوٽون کسيندي رهي؛ ۽ هو زندگيءَ جي محور تي موٽي آيو. شانتيءَ هن کي جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو، کيس زندگيءَ جي قدرن جي اهميت سمجهائي، ۽ وري هن جي ڪومايل چپن تي مرڪ موٽي آئي. شانتيءَ جي محبت ستيش کي جهڪائي ڇڏيو، ۽ هن سوچيو ته شانتي سندس درد جي دوا آهي: شانتي عورت جو مڪمل روپ آهي، شانتيءَ جي گيتن ۾ گنگا ۽ جمنا جي وهڪري جي رواني آهي- ۽ هن شانتيءَ کي محبت جي عيوض سڀڪجهه ڏيئي ڇڏيو. هن کي سڪون جي تلاش هئي، آرام جي جستجو هئي، ته پوءِ هو ڇو نه شانتيءَ کي سڀ ڪجهه ڏيئي، سندس پيار ۽ سندس الفت خريد ڪري وٺي ها!

پوءِ، هڪ ڏينهن، اوچتو ئي اوچتو، شانتيءَ هن کان منهن موڙي ڇڏيو. شانتيءَ جي توجهه ٻئي ڪنهن طرف ٿي ويئي. سندس گيت ۽ سندس دلفريب ادائون انهن لاءِ رهجي ويون، جن وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجه هو. پر ستيش ته سڀڪجهه ڏيئي چڪو هو. ۽ هڪ ڏينهن ڪنگال ستيش کي شانتيءَ پنهنجي ڪوٺيءَ مان ڌڪاري ڇڏيو. اها چوٽ عظيم هئي، اها ضرب ڪاري هئي، ۽ ان فريب ۾ اذيتناڪ تڪليف هئي. هڪ عورت، هڪ دفعو، وري کيس ڀڳل شيشن تي اڇلائي ڇڏيو.

شانتي عورت هئي- هڪ وئشا!

مسلسل ظلم هن جي سيني ۾ داغ وجهي ڇڏيا. زماني خوب دل کولي کيس ستايو. بدتر حالتن کانئس سڀڪجهه ڦري ورتو. قدرت هن جو مذاق اڏايو ۽ دنيا هن جي مجروح دل تي ٽهڪ ڏنا، ۽ هو پنهنجي غم ڀلائڻ لاءِ شرابخانن ۽ سينگاريل ڪمرن ۾ ڀٽڪڻ لڳو. هو پنهنجي دلجوئيءَ لاءِ انهن ڪمزور سهارن کي چنبڙي رهيو هو، جن کان دنيا کي نفرت آهي. پوءِ، آهستي آهستي، سڀ کانئس دور ٿيندا ويا، پري ٿيندا ويا، پر هو لاپرواهه رهيو.

هاڻي ستيش جو سينو ڇلجي پيو ۽ کنگهه ۾ کيس رت اچڻ لڳو. وچڙندڙ مرض هن کي اڇوت ڪري ڇڏيو. هڪ ڏينهن هن وڏن شهرن کان منهن موڙڻ جو فيصلو ڪيو. هن پوسٽ آفيس مان هڪ عورت کي تار ڪئي؛ ۽ ڪجهه دير کان پوءِ، هو هڪ گاڏيءَ جي دريءَ وٽ، ڪوٽ جو ڪالر مٿي ڪري ويٺو هو، ۽ ريل کيس منزل ڏانهن نيئي رهي هئي. اسٽيشنون اينديون رهيون، مسافر لهندا ۽ چڙهندا رهيا. ڪن جون منزلون آيون، ۽ ڪي منزلن لاءِ سوار ٿيا. دريءَ مان ايندڙ سرد هوا سندس ڪمزور جسم ۾ خنجر وانگر چڀي رهي هئي. سندس سيني ۾ درد وڌي رهيو هو، ڄڻ ته سرد هوائون سلهه لاءِ موزون هيون. کيس کنگهه جو دورو پيو، ۽ هن ڪوٽ جي کيسي مان رومال ڪڍي، هڪ هٿ سان وات تي رکيو ۽ ٻئي هٿ سان سيني کي زور ڏيئي، دريءَ تي ليٽي پيو. گاڏيءَ جا مسافر ڄڻ ته سڀڪجهه سمجهي ويا. سڀني جي اکين ۾ حقارت ڀرجي ويئي، ۽ سندن نڪ نفرت جي اظهار ۾ شهنائين وانگر ويڪرا ٿي، سُسي ويا.

ستيش سڀني کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. هن دريءَ جي چانئٺ تي ٻانهه رکي، منهن ويٽيءَ ۽ ڏوري جي وچ تي رکي ڇڏيو. سندس ٻيو هٿ دريءَ کان ٻاهر لٽڪي رهيو هو. هزارين؛ خيال تيزيءَ سان سندس دماغ ۾ اڀري ۽ ٻڏي رهيا هئا. ڪملا، چندرا ۽ شانتيءَ جون تصويرون سندس تصور ۾ اُجاگر ٿيون.

ڪملا سندس ديوي هئي، جنهن کي هن محبت جي نالي ۾ پوڄيو؛ چندرا سندس ڀيڻ هئي، جنهن کيس اوباش ۽ آوارهه سمجهي ڌڪاريو؛ ۽ شانتي وئشا هئي، جنهن کيس ڪوڙو پيار ۽ مصنوعي محبت ڏيئي، کانئس سڀڪجهه ڦري ورتو.

ڪملا، چندرا ۽ شانتي، عورت جا مختلف روپ هئا: ۽ عورت هر روپ ۾ هن تي ظلم ڪيا، کيس زخم ڏنا، کيس پائمال ڪيو، ستايو، لٽيو، ۽ آخر ۾ کيس زندگيءَ جي اذيتناڪ مايوسين، محرومين ۽ تاريڪين ۾ ڌڪي ڇڏيو.

۽ هينئر هو وري هڪ عورت ڏانهن وڃي رهيو هو. کيس خيال آيو ته موٽي وڃي. هن عورت جو چوٿون روپ ڏسڻ نٿي چاهيو. کيس ڊپ هو ته جيڪڏهن عورت کيس چوٿين روپ ۾ به پيار بدران نفرت ڏني، يا کانئس منهن موڙي ڇڏيو، ته پوءِ هو هڪ لمحو به زندهه رهي نه سگهندو، ۽ سندس روح موت ۽ زندگيءَ جي وچ ۾ لٽڪندو رهندو. هن موٽي وڃڻ جو خيال ڪيو.

پر اڳين اسٽيشن سندس منزل هئي. هو دريءَ وٽ ويٺو ئي رهيو: هن فيصلو ڪيو ته عورت جو چوٿون روپ ڏسڻ کان اڳ، هو ريل سان گڏ اڳتي هليو وڃي، ڀل ته سڀڪجهه پوئتي رهجي وڃي. هن ڪمزور اکين جي سرد نگاهن سان هڪ دفعو پنهنجي منزل جي اسٽيشن ڏسي، اکيون بند ڪري ڇڏيون.

يڪا يڪ سندس ڪن تي لرزندڙ ۽ ڪنبندڙ آواز پيو، ”ستيش! منهنجا لال!“

هن ٿڪل پنبڻيون مٿي ڪيون. عورت سندس سامهون پليٽفارم تي بيٺي هئي. هو ڪجهه دير عورت کي ڏسندو رهيو. عورت هن جون سڪل آڱريون، زرد چهرو ۽ اُداس اکيون ڏسي ورتيون. هن ٻانهون کولي، کيس وري سڏ ڪيو، ”منهنجا لال، منهنجا ستيش! لهي آ، منهنجا لال!“

گاڏي سرڻ لڳي هئي. ستيش عورت جي اکين ۾ سمنڊ جون لهرون ڏسي ورتيون، پيار جو ساگر ڏسي ورتو؛ ۽ پوءِ هن هلندڙ گاڏيءَ مان پليٽفارم تي ٽپو ڏنو. سندس رهيل کهيل رت منهن ۾ تري آيو، ۽ ساهه جي وچ ۾ پردا پئجي ويس. وري ساڳيءَ کنگهه کيس بحال ڪري ڇڏيو. عورت سندس پاسي ۾ فرش تي ويهي رهي، ۽ کيس معصوم ٻار وانگر پنهنجيءَ هنج ۾ ليٽائي ڇڏيائين. هو کنگهي رهيو هو. سندس سيني ۾ بڙڇيون چڀي رهيون هيون. پوءِ کيس خون جي اُلٽي آئي. عورت سڄي اُلٽي پنهنجن ڪمزور ۽ ڪنبندڙ هٿن ۾ کڻي ورتي. پيار جو ساگر اٿلي پيو: ”تو ڇا ڪيو، منهنجا لال، منهنجا لال، منهنجي جوت!“

عورت هن جو رت ۾ ٿڦيل چهرو چمي ورتو. ۽ هن آهستي چيو:

”ڪجهه به ناهي... مان هينئر جلد ٺيڪ ٿي ويندس، جلد ٺيڪ ٿي ويندس!“

پوءِ ٻنهي جي چپن تي مرڪ ڦهلجي ويئي؛ ٻنهي جي اکين ۾ محبت جون کوڻيون چمڪڻ لڳيون، ۽ ٻنهي ڳڙاٽڙي پائي، هڪٻئي جي سيني ۾ چاهت جا نغما ٻڌي ورتا.

- اها عورت هن جي ماءُ هئي.

ڪرشن چندر                  

سنڌيڪار: اقبال احمد آگرو

ڪارو سج

ميدانن کان اڳتي، ڳچ پنڌ پري، چوڌاري اُوچن جبلن سان گهيريل هڪ ماٿري هئي. انهيءَ ماٿريءَ ۾ هڪڙي ننڍڙي ۽ وڻندڙ ڍنڍ هئي. هڪڙي سنهڙي ۽ ماٺي ندي، اُڀرندي پاسي وارن جبلن مان نڪري، اچي ٿي ان ڍنڍ ۾ پيئي، ۽ وري ان جي ٻئي ڪناري کان ڦُٽي، جبلن جي الهنديءَ قطار ڏانهن هلي ٿي ويئي.

ٻاهر کان انهيءَ ماٿر تائين پهچڻ جو رستو ڏاڍو ڏکيو هو. چئني طرفن کان شاهي جبلن جون قطارون هيس، جن جون چوٽيون گرميءَ جي مند ۾ به برف سان پوشيل رهنديون هيون. اتر، اوڀر ۽ ڏکڻ وارن ٽنهي پاسن کان ماٿريءَ ۾ داخل ٿيڻ جو ڪو گس ئي ڪونه هو. رڳو اولهه طرف وارن جبلن جي قطار ۾، جتان نديءَ جو لنگهه هو، هڪڙو سوڙهو لَڪُ هو. اهو به سال جي اٺن مهينن  تائين بنديل رهندو هو، ڇو ته اهو سمورو وقت اتي تمام گهڻي برف پيئي ڪرندي هئي. باقي چئن مهينن ۾ به انهيءَ لَڪَ اندر ايترو ڌُنڌ ۽ ڪوهيڙو هوندو هو، ايتري گَپَ ۽ ترڪڻ هوندي هئي، ۽ ايتريون ته کڏون ۽ کاهيون انهيءَ لَڪَ ۾ هيون، جو ڪو شير دل مسافر به اڪيلو انهيءَ ماٿريءَ ۾ اچڻ يا ٻاهر وڃڻ جو مشڪل سان سَتُ ساري سگهندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پري کان، خچرن ۽ گهوڙن تي سامان لَڏي، ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ قافلو ايندو هو، ۽ تمام تڪليفن سان ماٿريءَ ۾ اُهو سامان پهچائي، وري اُتي جون پيدا ٿيندڙ شيون پاڻ سان کڻي ويندو هو. ايترو واپار به گرميءَ وارن ٻن- ٽن مهينن اندر سو ممڪن هو، جڏهن لَڪَ جي برف ڳري ويندي هئي ۽ موتمار برفيليون هوائون ڪي قدر ماٺيون ٿينديون هيون- نه ته سال جا اَٺ- نَوَ مهينا ته هن ماتر جا ماڻهو ٻاهرينءَ دنيا کان اصل الڳ ٻيا پنهنجو وقت گذاريندا هئا.

هن ماٿريءَ جي ماڻهن جيئن ته ٻاهرين دنيا تمام گهٽ ڏٺي هئي، تنهنڪري هو پنهنجيءَ انهيءَ ماٿريءَ کي ئي دنيا جي سڀ کان سهڻي بستي ڪري ڀانئيندا هئا. ۽ ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سندن اها بستي هئي ڏاڍي سهڻي. برف سان پوشيل چوٽين کان هيٺڀرو، جبلن جي لاهن تي، چِيل ۽ ديال جي وڻن جا ٻيلا هئا. وڻن تي جهنگلي انگورن جون وليون ڳاهٽ پئي ٿيون. اگر جي سڳنڌ ڀريل جهڳٽن سان سارو جهنگ واسيل هو. صاف سائي رنگ وارا طوطا، موج مزي ۾ چهڪندا، هڪڙيءَ لام کان ٻيءَ لام تي ڦرندا وتندا هئا. خوبصورت بلبلون ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا پکيئڙا، مٺريون لاتيون لَوندا، بنفشي جي گلن تي ٻلهار پيا ٿيندا هئا. چمڪندڙ اکين وارا هرڻ، اڇيءَ پشم وارا رڇ، ۽ شهزادين جهڙيءَ لوڏ سان هلندڙ لومڙيون انهن ٻيلن جي زينت هيون. ٻيلن کان هيٺ وري چوڌاري ڊگهي ۽ گهاٽي گاهه جون ڄڻ چادرون وڇايل هيون، جيڪي اونهاري ۾ اهڙو سونهري رنگ وٺي بيهنديون هيون جو ائين پيو ڀانئبو هو، ڄڻ زمين مان سج جا ڪرڻا ڦُٽي نڪتا آهن. انهيءَ گاهه تي اهي رڍون ۽ ٻڪريون پَلبيون هيون، جن جي گهاٽي ۽ ملائم اُنَّ انگورا جي اُنَّ کي به جيڪر شهه ڏيئي ڇڏي.

ماٿريءَ جي هارين، ٽَڪَر ڪاٽي، صدين جي محنت سان، اناج اُپائڻ لاءِ ٻنيون تيار ڪيون هيون، جن ۾ مڪائيءَ جي پوک ٿيندي هئي. ٻَنن مٿان سورج مکيءَ جا گل جهولندا ڏسبا هئا، يا ته وري وڏن وڏن پنن واريون، غذا جي قيمتي خزانن سان ڀريل وليون هر هنڌ پکڙيل هيون.

هيٺ، ماٿريءَ ۾، نديءَ جي ڪنارن تي ميويدار وڻن جا جهڳٽا هئا، ۽ بيد جي وڻن جون گهاٽيون قطارون هيون، جن جون ڊگهيون ۽ مخروطي ٽاريون ڳچ تائين پاڻيءَ اندر جهُڪيل هيون. پري کان ڏسڻ سان ائين ڀانئبو هو، ڄڻ نديءَ جي ڪناري تي ڪئين ڳوٺاڻيون ڪنواريون نينگريون، مَٿا نِوائي، وار کولي، پنهنجين مينديءَ رتين آڱرين سان پاڻيءَ سان راند رهي رهيون آهن.

ڍنڍ جي چئني پاسن رنگا رنگي گلن جون جهالرون هيون، ۽ انهن جي وچان وري ٿڌي مِٺي پاڻيءَ جون لارون پئي وهيون. پاڻيءَ جون اهي لارون، گلن ڦلن جي جهالرن وچان وهنديون، وڃي ٿي ٻنين ۾ پييون. جڏهن چانڊوڪي چمڪندي هئي، جڏهن ڌنار بنسريون وڄائيندا هئا، ۽ جڏهن ٻنبن مان پوک جي سرسراهٽ جا سُريلا ڀُڻڪا پيا ٻڌبا هئا، تڏهن ائين لڳندو هو، ڄڻ ڌرتيءَ جي رونءَ رونءَ ۾ محبت جي ڪا اڻڄاتي سُرهاڻ رچي ويئي آهي: ڌرتي ڪَرَ موڙي جاڳي رهي آهي، ۽ پنهنجا اڌ- ٻوٽيل نيڻ کولي، هوريان هوريان، سِڪ ۽ پيارَ جا مٺا مٺا، ٿڌا ٿڌا ساهه کڻي رهي آهي.

ڍنڍ جي وچ ۾ هڪڙي ننڍڙي، خوبصورت ٻيٽاري هئي، جنهن تي ڳوٺ جي سردار جي ٻِماڙ جاءِ اڏيل هئي. ٻيٽاريءَ جي چوطرف ننڍيون ننڍيون ٻيڙيون بيٺل رهنديون هيون. انهن ٻيڙين تي چڙهي، ڳوٺ جا مهاڻا مڇيون ماريندا هئا- يا قوتي اکين واريون مڇيون، رنگا رنگي پُڇن واريون مڇيون- اهڙيون مڇيون، جن ۾ رڳو هڪڙو ڪنڊو هوندو هو؛ اهڙيون مڇيون، جن جا سونهري ڇِلر کِڙندڙ تاري جيان تجلا پيا ڪندا هئا.

انهيءَ ماٿريءَ جا ماڻهو مڪائيءَ ۽ چانورن جي پوک ڪندا هئا. ٻيلن مان ماکي، بنفشو ۽ کستوري گڏ ڪندا هئا. رڍن جي اُنّ ۽ لومڙين جون کلون وڪڻندا هئا ڳائيندا هئا؛ نچندا هئا؛ شاديون مُراديون ڪندا هئا؛ ٻارن سان دل وندرائيندا هئا؛ سياري ۾ چيِل جي ڪاٺين مان باهه ٻاري، ۽ اونهاري ۾ وڻن جي ٿڌڪار هيٺ ويهي ڪچهريون ڪندا هئا؛- ۽ ڏاڍا خوش گذاريندا هئا. ماٿريءَ جا سمورا ماڻهو ڪم ڪندا هئا، ۽ تمام خوش هئا. ڳوٺ جي سردار وٽ سڀڪجهه هو، پر هو خوش ڪونه هو. هن وٽ سڀني کان گهڻي زمين هئي. سندس جاءِ سڀني کان مٿانهين هئي. سندس زال سڀني کان سهڻي هئي. سندس ٻارن وٽ بهترين ٽول هئا. وٽس سڀني کان گهڻي مايا هئي. پر پوءِ به هو خوش نه هو! هن ڪڏهن به ڪو پورهيو ڪونه ڪيو هو- سندس پيءُ به ڪڏهن پورهيو ڪونه ڪيو هو- پوءِ به هو خوش ڪونه هو. سڀڪجهه هوندي به، کيس معلوم نه هو ته پاڻ ڇو خوش نه هو.

سردار کي پنهنجي ماٿريءَ سان ڏاڍي محبت هئي. هو انهيءَ ماٿريءَ کي اڃا وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ نوان نوان طريقا پيو سوچيندو هو. هڪڙي ڏينهن هن سوچيو ته هيءَ ماٿري ڏينهن جو ته ڏاڍي خوبصورت ٿي ڏسجي، پر رات جو جڏهن اوندهه ٿيو وڃي، تڏهن هي ٻنيون، هي باغيچا، هي سمورو چهچٽو ائين گم ٿيو وڃي، ڄڻ  ته هتي اوندهه بنا ڪجهه هوئي ڪونه! رات جو هيءَ ماٿري ڪيڏي نه ڀوائتي ٿيو پوي! ٻيلن منجهان وحشي جانورن جا آواز ڊيڄاريو ڇڏين؛ ۽ تيز برفيليون هوائون، راڪاسن جيان خوفناڪ رڙاٽ ڪنديون، ماٿريءَ جي هڪڙي سري کان ٻئي سري تائين ائين ڌوڪينديون وينديون آهن، ڄڻ ته هتي راڄ ئي سندن آهي، سردار جو راڄ آهي ئي ڪونه!

سردار پڙهيل- لکيل ۽ عقلمند به هو، ۽ ماٿريءَ ۾ سڀني کان وڌيڪ امير به هو. سو، گهڻي سوچ ويچار ڪرڻ کان پوءِ ماٿريءَ کان ٻاهران هڪڙي بجلي پيدا ڪرڻ جي مشين گهرايائين، ۽ گهڻي تڪليف سان اُها پنهنجي ٻيٽاريءَ جي هڪڙي پاسي آڻي هڻايائين. ٿورن ئي ڏينهن اندر ماٿريءَ جي گهر گهر ۾ بجليءَ جي روشني پهچي ويئي. ننڍن ننڍن پيچرن تي به بجليءَ جا بلب لڳي ويا. نديءَ جي ڪناري سان لڳو لڳ هڪڙي عمدي سڙڪ ٺاهي ويئي، ۽ ان کي به بجليءَ سان سنيگاريو ويو. سردار جو پنهنجو گهر ته بجليءَ جي روشنيءَ سان بنهه چنڊ جيان چمڪڻ لڳو. گهر جي ٻاهران لڳل رنگا رنگي بلب، پري کان گلن جي ٽارين جيان چمڪندا ٿي ڏٺا؛ ۽ ماٿريءَ جا ماڻهو خوشيءَ وچان هڪٻئي کي اوڏانهن اشارا ڪري چوڻ لڳا: ”هو ڏسو، هُن ٻيٽ تي اسان جي سردار جو گهر آهي!“

ماٿريءَ جا ماڻهو سردار جي عقلمنديءَ تي ڏاڍا خوش ٿيا. ۽ جڏهن سردار اها رٿا ڪئي ته هرڪو شخص پنهنجي گهر ۾ بجلي هڻائڻ ۽ رستن ۽ گهٽين تي روشني ڪرائڻ لاءِ ٽئڪس ادا ڪري، ته هر ڪنهن اها ڳالهه خوشيءَ سان قبول ڪئي. انهيءَ ٽئڪس مان سردار کي ايتري اُپت ٿيڻ لڳي جو ڳوٺ وارن تي ٿيندڙ بجليءَ جو خرچ ڪڍي، ۽ سندس ٻيٽ تي ٿيندڙ روشنائيءَ جو سمورو خرچ ڪاٽي، پوءِ به هر مهيني کيس چڱي خاص رقم بچندي هئي. ايتري اُپت کيس گذريل ڏهن سالن ۾ به ڪانه ٿي هئي، جيتري هاڻي رڳو هڪڙي   مهيني ۾ ٿيڻ لڳي هيس. ٽئڪس هن البت وڌيڪ لڳايو هو، پر ماٿريءَ جي ماڻهن ان جي پرواهه ڪانه ڪئي. سندن گهرن ۾ بجلي آئي هئي، ۽ ان جي روشني ڪاٺين جي باهه کان ۽ تيل جي ڏيئن ۽ بتين کان هزار درجا بهتر هئي، سو هنن وڌيڪ ٽئڪس ڀريندي به اُن کي بُرو نه سمجهيو.

ان کان پوءِ سردار جي ذهن ۾ هڪڙي ٻي ترڪيب سُجهي آئي. هن سوچيو ته ماٿريءَ جا سادا سودا هاري، ڳوٺاڻا ۽ ڳنوار، ڏاڍن ڏاکڙن سان الهندي لَڪَ کي پار ڪري سگهن ٿا: ڪڏهن ڌُنڌ آهي ته ڪڏهن تِرڪڻ؛ ڪڏهن هو ويچارا اونهين کاهين ۾ ڪِريو مريو وڃن، ته ڪڏهن نديءَ جي چاڙهه اندر لڙهيو وڃن:  ڇو ته اتي هڪڙي پل ٻڌرائي ڇڏجي! هڪڙي مضبوط پڪي پل هوندي، ته ٻارهن ئي مهينا آمدرفت ڪري سگهبي، ۽ وري ماٿري کان ٻاهر وارن سان به سڄو ئي سال ميل جول قائم رکي سگهبو.

ماٿريءَ جي ماڻهن کي سردار جي اها رٿ به پسند آئي. سڀني انهيءَ جهاد ۾ خوش خروش سان حصو ورتو، ۽ سڀني جي گڏيل محنت سان پُل ٽن مهينن ۾ جُڙي راس ٿي ويئي. پوءِ سردار انهيءَ پُل تي چوڪيدار بيهاريا، جيڪي رات- ڏينهن ان جي حفاظت ڪندا هئا. پوءِ سردار پُل تي ٿيل خرچ ڪڍڻ لاءِ ۽ پُل جي حفاظت وغيره لاءِ هڪڙو ٽئڪس لڳايو، جيڪو هر ڪنهن پُل تان لنگهندڙ ۽ ماٿريءَ جي اندر ۽ اُن کان ٻاهر ويندڙ هر هڪ ماڻهوءَ کي ڀرڻو پوندو هو. ٽئڪس البت زياده هو، پر ڪنهن به ان کي بُرو نه سمجهيو، ڇو ته پُل ماٿريءَ جي رهاڪن جي هڪڙي وڏيءَ ضرورت جي پورائي ڪري رهي هئي. هاڻي هو ٻارهوئي ٻاهرينءَ دنيا سان لاڳاپو رکي سگهيا ٿي، ۽ پنهنجي ماٿريءَ ۾ پيدا ٿيندڙ انّ، کلون، پشم، ماکي، کستوري، ۽ ٻيون ڪيتريون ئي قيمتي چيزون ماٿريءَ کان ٻاهرين هنڌن تي وڃي وڪڻي سگهيا ٿي. مهانگيون يا سستيون، پر اهي جنسون وڪجي ضرور سگهيون ٿي. انهيءَ ڪري ڪنهن به چون چرا ڪانه ڪئي، ۽ بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ پُل جو ٽئڪس به ڏيڻ لڳا.

هاڻي سردار کي بجليءَ جي ٽئڪس سان گڏ وري پُل جي ٽئڪس مان به آمدني ٿيڻ لڳي. هن پنهنجيءَ ٻماڙ جاءِ مٿان هڪڙي ٽي به ماڙي اَڏائي، ۽ پنهنجي تهخاني ۾ سونن سِڪّن جا انبار گڏ ڪرڻ شروع ڪيائين. اڳي هن وٽ ڪوبه ڪم ڪار ڪونه هوندو هو، پر هاڻي ڪيترو ئي ڪم نڪري پيو. هو ڏينهن جو ڳچ وقت پنهنجي تهخاني ۾ گذاريندو هو- ويٺو سونن سِڪن کي ڳڻيندو هو، ۽ انهن جا دل کي فرحت ڏيندڙ ڇڻڪاٽ ٻڌي پيو خوش ٿيندو هو.

پوءِ عقلمند سردار وري هڪڙي ٻي ترڪيب سوچي. هن خيال ڪيو ته ’هي ويچارا جاهل ماڻهو هِن ماٿريءَ اندر پيدا ٿيندڙ قيمتي جنسن کي جدا جدا کڻي ٿا وڃي وڪڻن، تنهن مان گهڻو ڪري ساڻن ٺڳي ٿئي ٿي. ڪڏهن لومڙيءَ جي هڪڙي قيمتي کَل ويهين روپئين وڪجي ٿي، ته ڪڏهن اُها ئي کَل ڏهين ۾ به ڏيو اچن. اِن طرح، ماٿريءَ جي دولت تمام سستن اگهن ۾ لُٽجو وڃي.‘ سردار سوچيو ته ڇو نه انهيءَ ڪم کي هڪڙي مرڪز تان هلائجي: ڌڻين کي مقرر ڪيل رقم به هر سال ملي ويندي، ۽ هو قيمتن جي گهاٽا واڌيءَ کان به ڇُٽي پوندا: خود کيس به انهيءَ ڪم عيوض مڙئي ڪجهه منافعو ٿيندو رهندو- بس، ٿورڙو، معمولي منافعو.

پر جڏهن هن پنهنجي اها تجويز ماٿريءَ جي ماڻهن اڳيان رکي، ته گهڻن ئي ماڻهن اها نه مڃي؛ ڇو ته سردار هر هڪ شيءِ تي جيڪي اگهه ٻَڌي رهيو هو سي هڪجهڙا هئا، پر گهڻن کي ٻاهر وڃي ان کان وڌيڪ قيمتون ملي وينديون هيون. ائين برابر هو ته ڪن ماڻهن کي گهٽ قيمت به ملندي هئي، پر هو پنهنجون شيون انهيءَ اُميد تي ڏيئي ايندا هئا ته آئيندي سال شايد وڌيڪ اگهه ملندا. اهي ڳالهيون ڳڻي، ماڻهن سردار جي نئينءَ تجويز جي مخالفت ڪئي. ڪن ماڻهن هائوڪار ڪئي، پر گهڻا ماڻهو سردار جي سمجهائڻ کان پوءِ به مخالف رهيا. لاچار، سردار وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه رهيو ته هو الهندي لَڪَ واريءَ پُل تي توبون رکرائي، ماٿريءَ جي ماڻهن جو ٻاهر اچڻ- وڃڻ صفا بند ڪري ڇڏي. ماڻهن انهيءَ تجويز کي آخر تائين نه مڃيو، ڇو ته ان جي ڪري سڄيءَ ماٿريءَ جو واپار هڪڙي ئي ماڻهوءَ جي هٿ ۾ اچي ٿي ويو. پر جڏهن پُل تي توبون چڙهي ويون، وڌيڪ چوڪيدار مقرر ٿي ويا ۽ پهرو تمام سخت ٿي ويو، ۽ ماڻهن ڏٺو ته هاڻي هو ڪنهن به طرح ٻاهرينءَ دنيا سان پنهنجي تجارت قائم رکي نه سگهندا، تڏهن سڀئي ماڻهو سردار وٽ مجبور ٿي آيا. کين سردار جي مقرر ڪيل قيمتن کي منظور ڪرڻو پيو، ۽ هو پنهنجون سموريون جنسون- اُنّ، کَلون، ماکي، ميوا، اناج، کستوري- وٽس وڪڻي ويا.

هاڻي جو سردار ماٿريءَ جي سموري گڏ ڪيل پيداوار ٿورڙو اگهه وڌائي ٻاهر نيڪال ڪئي، ته ان مان کيس ايتري ته زور آمدني ٿي جو هاڻي سندس تهخاني ۾ سونين اشرفين رکڻ جي ڪا جاءِ ڪانه رهي. هن هڪدم ٻيو تهخانو ٺهرايو، ۽ حفاظت لاءِ پنهنجي ٻيٽاريءَ جي چوگرد فوج جو پهرو لڳائي ڇڏيائين. هاڻي هو ماڻهن سان تمام گهٽ ملندو هو. ٽئڪسن جي وصوليءَ جو ڪم سندس ڪارندا ڪندا هئا، ۽ پاڻ گهڻو سارو وقت پنهنجن تهخانن ۾ سون جي اشرفين سان کيڏڻ ۾ گذاريندو هو.

جيئن جيئن تهخانن ۾ سون جا انبار وڌندا ويا، تيئن تيئن سردار جي لالچ به ويئي وڌندي. هاڻي هن چاهيو ٿي ته هو رڳو هن ماٿريءَ جو نه، بلڪ سڄيءَ دنيا جو پهريون نمبر شاهوڪار ماڻهو ڪوٺجي. کيس ڏينهن- رات اهائي ڳڻتي رهندي هئي ته ڪا اهڙي ترڪيب ڪڍجي، جنهن سان هاڻوڪي آمدني ٻيڻي ٿي پوي. هن حساب ڪري ڏٺو هو ته جيڪڏهن سندس آمدني هينئر کان ٻيڻي ٿي ويندي ته هو دنيا جو سڀ کان امير ماڻهو بنجي ويندو.

پر اهڙي ترڪيب ڀلا ڪهڙي ٿي سگهِي ٿي؟ ماٿريءَ جي سموري دولت وٽس هئي؛ ماٿريءَ جي سموري تجارت وٽس هئي؛ ماٿريءَ جي سموري زمين وٽ گروي ٿيل هئي: ٽئڪس وڌائي، ۽ هڪ کان پوءِ ٻيو ٽئڪس لڳائي، هن ماٿريءَ جي ماڻهن ۾ ايتري سَگهه ڪانه ڇڏي هئي جو هينئر هو سولائيءَ سان ڪنهن نئين محصول ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃن. ’ته پوءِ ڇا ڪجي؟‘ هو ڏينهن- رات سوچيندو رهيو.

ست ڏينهن ۽ ست راتيون- هو پنهنجي تهخاني اندر سونين اشرفين جا آواز ٻڌندو رهيو، ۽ پنهنجي هاڻوڪي آمدنيءَ کي ٻيڻي بنائڻ لاءِ پُور پچائيندو رهيو. جڏهن ستين رات ختم ٿي ۽ اٺين ڏينهن جي سج ڪَني ڪڍي، ته هو تهخاني کان ٻاهر نڪتو. اوچتو ئي، سج روشنيءَ سندس اکين کي تِرورائي ڇڏيو ۽ اهي خودبخود بند ٿي وئيون. عين اُن وقت، کيس خيال آيو ته جيڪڏهن ڪنهن طرح ڏينهن جو به رات جهڙي اوندهه ٿي وڃي ته پوءِ... هو ماٿريءَ جي ماڻهن کي ڏينهن جو به بجلي وٺڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿو! اها ترڪيب خيال ۾ ايندي ئي، هن زور سان پنهنجيءَ ران تي هٿ هڻي چيو، ”واهه واهه!“ ۽ اُنهيءَ جو اُنهيءَ مهل پنهنجن اعتماد جوڳن سپاهين کي پاڻ وٽ سڏائي، کين پنهنجي نئينءَ ترڪيب کان واقف ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com