سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :12

پهرين برڪت: سڀئي تاريخون ان حقيقت تي متفق آهن ته جنهن زمين تي پاڻ هاڻي آرامي آهن، انهيءَ تي فاحشه عورتون رهنديون هيون. هن الله واري جي برڪت جو سيوستان جي سرزمين تي هي پهريون اثر هو ته اتي فحاشي ۽ بدڪاري جي بازار سرد ٿي وئي- نيڪي ۽ پرهيزگاري طرف انهن ڪسبي عورتن جا قلوب مائل ٿيا ۽ انهن بدڪار عورتن سندن دستِ حق پرست تي توبہ ڪئي.

رشدوهدايت: مخدوم لعل شهباز قلندر سيوستان ۾ رهي، بگڙيل دلين کي سنواريو، انهن جو اخلاق سڌاريو- هن صاحب اٽڪل ڏهن سالن جو عرصو رهي هزارها انسانن جو رشتو الله سائين سان جوڙيو جو هن جي جانشينن مان ئي ڪيترا الله وارا ٿي گذريا آهن. تحفة الڪرام انهن مان جن جو ذڪر ڪيو آهي سي هي آهن:- شيخ مکڻ، مير صلاح الدين، سيد پير شاهه، سيد نور شاهه، سيد حيدر شاهه، سيد نظر شاهه، سيد اسد شاهه، سيد نهال شاهه نوري، مير خضر شاهه، سيد موج دريا شاهه ۽ سيد مير ڪلان.

جذب ۽ سڪر: آخر عمر ۾ سندن مٿان جذب ۽ سڪر (الاهي مستي) جي ڪيفيت طاري هوندي هئي ۽ ’قلندريه‘ مشرب هون- پاڻ شهبازيه“ فقيري جي فرقي جا باني آهن.

علم و فضل: مان جيئن مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته خان شهيد جي درٻار ۾ عربي شعر پڙهندي سماع ڪيو هئائون ۽ سندن فارسي غزل به مشهور خاص و عام آهن، تيئن هي آساني سان نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته پاڻ ظاهري خواه باطني علم جا ڄاڻو به هئا ته پارکو به- مگر مسٽر برٽن ”هسٽري آف سنڌ“ ص 211 تي لکيو آهي ته پاڻ وڏا عالم هئا ۽ لسانيات، صرف ونحو ۾ ماهر هئا- چنانچه برٽن جي زماني ۾ (سنه 1852ع) ۾ جي صرف نحو جا ڪتاب رائج هئا، مثلاً ميزان صرف يا صرف صغير قسم دوئم سي حضرت لعل شهباز قلندر ڏانهن منسوب ڪيا ويندا هئا. اهڙي قسم جو احوال ڪنهن به صوفيانه تذڪره ۾ نه آيو آهي. سندن هڪ غزل جو مقالات الشعرا (ص 435) ۾ آيل آهي سو معنى سوڌو سڄڻن سامهون پيش ڪجي ٿو:

1- ز عشق دوست هر ساعت درونِ نارمي رقصم،

گهي بر خَاک مي غلطم گهي بر خار مي رقصم.

2- بيا اي مطربِ مجلس، سماعِ ذوق را درده،

که من از شاديءَ وصلش، قلندر وار مي رقصم.

3- شدم بدنام در عشقش بيا اي پارسا اڪنون،

نمي ترسم ز رسوائي بهر بازار مي رقصم.

4- مرا خلقي همي گويد، گدا چندين چه مي رقصي،

بدل داريم اسراري از آن اسرار مي رقصم.

5- منم ”عثمان“ مروندي که يار خواجه ”منصورم“-

ملامت مي کند خلقي، و من بر دارمي رقصم.

معنى:

1- هر ساعت دوست جي عشق جي خاطر باهه ۾ پيو نچان،

ڪڏهن خاڪ تي پيو ٽپان ۽ ڪڏهن ڪنڊن تي پيو نچان.

2- مجلس جا آلپيندڙ، آءٌ ذوق جي سماع کي اچي سميٽ،

ڇو ته مان هن جي ميلاپ جي خوشيءَ وچان قلندر وانگر پيو نچان.

3- هن جي عشق ۾ بدنام ٿيس، هاڻي اي پاڪ پرين! آءُ،

بدنامي ڪري نٿو ڊڄان، هر ڪنهن بازار ۾ پيو نچان.

4- مون کي خلق پڻ چوي ٿي ته اي فقير ايتريقدر ڇو ٿو نچين؟

منهنجي دل ۾ اسرار آهن، انهن ڪري پيو نچان.

5- مان عثمان مروندي خواجه منصور جو يار آهيان،

ماڻهو پيا ملامت ڪن پر مان سوريءَ تي به پيو نچان.

وفات: ’لب تاريخ سنڌ‘ جي صاحب ”برحمت“ مان تاريخ ڪڍي وفات جو سال 650 هه بمطابق 1252ع ٺهرايو آهي... مير علي شير قانع ٺٽو ’مقالات الشعرا‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ ۾ 673 هه بمطابق 1274ع ڄاڻايو آهي... مقالات الشعرا ۾ سندن سنِ وفات جو قطعو هن طرح آيل آهي:

”چون رفته سوي جنان آن شيخ،

کو زيدهء آل و پاک نام است.

از هاتفِ غيب مي شنيدند،

”عثمان به دوازده امام است.

661       12  =  673  =  (673 هه)

حديقة الاوليا خواه ماثر الڪرام جي صاحبن به 21 شعبان 673 هه ڏيکاريو آهي، جا تاريخ ۽ تحقيق جي روءِ سان زياده صحيح ۽ مستند آهي ڇو ته 650 هه = 1252ع اهو سن آهي جڏهن اڃا بلبن سلطانيءَ جون واڳون نه ورتيون هيون... هو صاحب 1265ع = 662هه ۾ ته مس سلطان بنيو... وڌيڪ اهو بحث بندو ’سياحت‘ ۽ ’سيوهڻ ۾ ورود‘ جي حصن ۾ ڪري آيو آهي.

روضو: جيڪي به شاهديون اسان کي لعل شهباز جي مزار جي ڪتبن يا ٻين تاريخي ڪتابن مان ملن ٿيون، انهن مان ظاهر آهي ته لعل سائين جو روضو پهريائين سلطان فيروز تغلق جي ڏينهن ۾ تيار ٿيو ۽ ان کان پوءِ سلطان محمد اڪبر اعظم جي زماني ۾ مرزا جاني بيگ تعمير ڪرايو... لب تاريخ ص 10 تي آيل آهي ته مرزا جاني بيگ جي وفات کان پوءِ سندس فرزند مرزا غازي بيگ مقبري جي مرمت ڪرائي مگر اڌوري رهجي وئي... پوءِ شاهجهان جي زماني ۾ سيد بهووه (جنهن کي حيات نامه قلندري واري اڀوڙو لکيو آهي) عرف ديندار خان فرش هڻايو ۽ ٻه مسجدون ٺهرايو... پوئين زماني ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي سنه 1173 هه ۾ خانقاه لاءِ هڪ جهنڊو موڪليو، ٻاهريون وڏو دروازو ٺهرايو، صحن ۾ به سڌارو آندائين. 1319 هه ۾ لونگ فقير جي جماعت هڪ مسجد ٺهرائي جنهن جي تاريخ مولانا حڪيم فتح محمد صاحب سيوهاڻي ”قصرالفيض بادا“ ڪڍي آهي. ان کان پوءِ وقت بوقت مرمت ٿيندي رهي آهي. جا درگاهه جا متولي سيريءَ جي پيدايش يا عام چندي مان ڪرائيندا هئا، هاڻي ته درگاهه سرڪاري ضابطي هيٺ آيل آهي ۽ اوقاف کاتو روضي جي خبر گيري ڪندو رهي ٿو.

آخر ۾ حديقة الاوليا مان شهباز قلندر جي اوصاف برگزيده ۽ اخلاق عاليه بابت ڪي شعر چونڊي ديس واسين جي سامهون پيش ڪريان ٿو:-

شاهه بازِ نِشيمن لاهوت، شاهه اورنگ خطئه ملڪوت-

اهلِ دل عارف معارف حق، صاحبِ وجد و تارڪ مطلق-

شاههِ عثمان، شاهه باز لقب، اشرف الذات هم شريف نسب-

بحر عرفان ڪنوزِ دانائي، مهر ايقان چراغ بينائي-

مست خمخانئه محبّت شوق، بلبل گلستانِ عالمِ ذوق-

صاحب حال و ڪامل ابدال، محرم خلوت حريم مثال-

چند از روضه اش به سيوستان، عطر افزا چو روضئه رضوان-

فيض افزائي گنبد پُر نور، چو حبابي ز چشمئه کافور-

گل صد برگ تازه تراز جان، کش نسازد زبون دشتِ خزان-

گنبدي نه که روضئه زبهشت، مشک باآب وطنتش بسرشت-

خاک آن آستان قبله نشان، سرمهء بينش عيونِ شهان-

فيض فائض ز بام و دربارش، نور رخشان ز چار ديوارش-

شب چو احرام در وي افروزان، شمع و قنديل مشعل تابان-

دمبدم رحمتِ خداوندي، باد بر روح شاهِه مروندي-

آخر ۾ جيئن ته هي ڪتابچه لعل سائين جي ميلي يعني 708 ساله ورسي تي تقسيم ٿي رهيو آهي، ته هي بي محل نه ٿيندو، جي مان سنڌ جي نامياري صاحب، مذاق و سخن مرحوم رئيس شمس الدين بلبل ميهڙائي جي ننڍڙي ڪتاب ”مخدوم لعل شهباز سيوهاڻي جو شاهي ميلو“ مان ڪجهه گُل چونڊي پڙهندڙن جي تفريح طبع لاءِ پيش ڪريان جو 896ع ۾ شايع ٿي هو:

”هن سال فرخ فال شهر شعبان ۾ شهر ميمنت بحر سيوستان رَشڪ بستان ۾ عالم آشڪار شهرهء آفاق ميلو حضرت مخدوم قلندر بادشاهه لعل شهباز بلند پرواز عليہ الرحمة جو مقرر ميعاد فرحت سواد 18 تاريخ کان مثلّث (ٽن) نوبتن جي بدولت نهايت هجوم عنايت ڌوم سان وقوع ۾ آيو جتي پير، فقير، امير، نواب؛ چڱا مٺا غير حساب؛ زڙا زميندار، چور چڪار؛ ڪڙم ڪامورا، رئيس سردار. بازيگر رانديگر نامي ملهه؛ جوڳي ٺوڳي، دلبائي دل. لنگها ڌرم، ڀٽ دلال؛ کدڙا پانڊي، ڪڃريون قوال. ٽاٽر ٽوٽر، آڪڙ باز؛ ڳنڍڙي ڇوڙ، جواباز. غرض هر ملڪ جا هر انسان، هر سوداگر، هر سامان، هر جنس، هر حيوان، هر ساز هر باز، هر حسين هر ناز اچي گڏ ٿيا هئا.

نانوائي ته خرچ کپاءِ جي وائي، ٽڪي ۾ دُڪي جو ڦلڪو، ويهه کاءُ ته به نه لهي الڪو- جي ٻوڙ ته مرچن جو موڙ، چرٻي جو چوڙ، آنو ڏي ته لپ شوروي جي، هڏي اگهاڙي ۾؛ سا به ڇڪ ته ڌو ڏاڙهيءَ ۾! اڙل جو پاڻي ديڳڙي جي ٽهڪي، نه لهي، اڃ نه رهي.“

شيخ محمد اسمعيل

آڳاٽو ادب

(نالهء مجروح)

ناله مجروح مولوي عبدالڪريم ”مجروح“ جي 1900ع ڇپيل ۾ آهي، اڄ کيس 61 سال گذري چڪا آهن.

- عشقيه ۽ حزنيه شاهڪار جي حيثيت سان، قابل داد چيو آهي. هجر ۽ فراق، جو درد انگيز نقشو، جنهن پختگيءَ ۽ فني برجستگيءَ سان پيش ڪيو ويو آهي؛ اهو شاعريءَ جي دنيا ۾ زنده جاودان رهندو. ڪلام نهايت لذيذ، پخته، استادانه ۽ رقت انگيز آهي. ان جي بوسيده نسخي کي سڌاري ۽ سنواري اصلاح ڪري پيش ڪجي ٿو. اميد ته سنڌي ادب ۾ مفيد اضافو سمجهيو ويندو.          غلام محمد گرامي

سوانح مرحوم مولوي عبدالڪريم ”مجروح“

[مرحوم مولوي عبدالڪريم ولد مولوي محمد رحيم ولد قبول محمد ميمڻ، ڳوٺ مبارڪ جروار، لڳ ڪامارو شريف، تعلقي ٽنڊه الهيار جو ويٺل هو. ڄائو نپنو به انهيءَ ڳوٺ ۾ ۽ وفات به اتي ڪيائين. سندس وڏا تعلقي ڪوٽڙيءَ جي ”رائلي“ ڳوٺ ۾ رهندا هئا. درس تدريس سندن شغل ۽ روزگار جو ذريعو هو. علمي گهراڻي هئڻ سبب، کين عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. مرحوم مولوي محمد رحيم جا سرهندي بزرگن سان عقيدتمندانه تعلقات هئا. ڪاماري شريف جي ڏکڻ ۾ ميل کن پنڌ تي جروار، بلوچن جي قوم جو ڳوٺڙو هو. جي سرهندي بزرگن جا مريد هئا، انهن ڪنهن لائق استاد جي ڏيارڻ لاءِ سرهندي بزرگن کي عرض ڪيو. سرهندي پيرن، مرحوم مولوي محمد رحيم کي مبارڪ جروار ڳوٺ ۾ علمي توڙي ديني تعليم ڏيڻ لاءِ مدرسي کولڻ تي آماده ڪيو. آخرڪار مولوي محمد رحيم باقبيلي لڏي پلاڻي اچي جروارن ۾ ويٺو. مولوي محمد رحيم علم فقہ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو. سندس سموري تعليم ٺٽي ۾ مڪمل ٿي، مخدوم علي کٽي سندس استاد هو ۽ اتيئي دستاربندي ڪئي هئائين. ٺٽي جي ٻين عالمن جي صحبت ۾ به رهي گهڻو ئي پرايائين. طالب علميءَ کان پوءِ سندس صحبتي عالمن مان مولانا يوسف ڳوٺ بوزدارن وارو، مولانا احمد عثمان قرآني ولهيٽ وارو ۽ پير جان محمد ڪامارائي آهن، جي پنهنجي دور جا برگزيدا مڃيل عالم آهن. پاڻ سنه 1892ع ۾ وفات ڪيائين.

مولوي عبدالڪريم، مذڪور مولوي محمد رحيم جو فرزند هو. سندس جنم اٽڪل روءِ 1850ع ڌاري ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي والد کان ان جي قائم ڪيل مدرسي ۾ ورتائين. عربيءَ ۽ فقہ جي تعليم جي تڪميل ٺٽي ۾ ”مخدوم محمد“ وٽ ڪيائين اتان دستاربندي ڪري پنهنجي ڳوٺ موٽيو. پنهنجي والد کي درس تدريس جي ڪم ۾ همراهي ڪرايائين. مرحوم مولوي عبدالڪريم کي ننڍپڻ کان شاعريءَ جو شوق هو. تحصيل علم جي زماني ۾ ئي غزل ۽ مولود تي طبع آزمائي ڪندو رهندو هو. مگر دستاربنديءَ ڪري ڳوٺ ڏي اچڻ بعد سندس طبع جي شاعرانه رواني عروج تي اچي ويئي هئي. ڪوبه موضوع ۽ ڪابه طرح يا طرز، ڪوبه موقعو سندس سخن سنجيءَ کان بچي نه سگهيو. سندس مستقل تخلص ”مجروح“ هو. پر ”حَسن“، ”خان محمد“ ۽ ”مظهر“ جي نالن سان پڻ ڪلام چيو اٿس. محمد حسن ڪاڪيپوٽه، ويٺل ڳوٺ ڪاڪيپوٽا، پير خان محمد ڪامارائي، حال مقيم شام ولايت، ۽ مظهر سندس پيارن دوستن مان هئا، جن جي سيرت توڙي صورت جي حُسن کان متاثر ٿي انهن جي ئي نالن سان ڪلام ۽ ڪافيون جوڙيائين. سندس صحبتين ۾ سرهندي پيرن سان گڏ مشهور شاعر مصري شاهه نصرپوري به آهي، چون ٿا ته هڪ دفعي پاڻ مصري شاهه جي ڪلام ۾ اصلاح ڪيائين. جڏهن اصلاح مصري شاهه کي معلوم ٿي تڏهن بيحد پسند ڪيائين ۽ مولوي عبدالڪريم سان ملاقات ڪرڻ جي خواهش ڏيکاريائين، سندن دوستي جي شروعات اتان ٿي.

فقہ ۽ ديني مسئلن تي سندس ڪافي تصنيفات هئي، ازانسواءِ سندس شعر جا مجموعا ۽ بياض پڻ هئا جي سندس وفات بعد، پوين جي بيتوجهي سبب ضايع ٿي ويا سن 1949ع ۾  راقم الحروف کي مبارڪ جروار ڳوٺ ۾ مولوي صاحب جي زبون تصنيفات ۽ دستخط نسخن مان صرف چند ورق هٿ آيا، جي ديني مسئلن جي ڇنڊڇاڻ ۽ علم حديث جي مسئلن تي لکيل هئا. مرحوم مولوي صاحب تمام خوشخط هو ۽ سندس ڪلام به بي انداز آهي، جو مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل آهي. سندس مولود، اڄ تائين شغلن ۾ چيا ۽ ٻُڌا وڃن ٿا. سندس اڪثر ڪلام في البديهه چيل آهي، سندس شعر فن جي لحاظ کان نهايت ئي پختو ۽ لذيذ آهي، ”نالهء بلبل مجروح“ لاءِ چيو وڃي ٿو ته في البديهه چيل آهي، جا هت پيش ڪجي ٿي.

مولوي عبدالڪريم، بت ۾ سنهون ۽ ڊگهڙو ڪڻڪ رنگو، چاپئي ڏاڙهي ٻٽوئان وار، وڏين سهڻين ڳاڙهين اکين وارو هوندو هو. ڪلاه سان لونگي، ٽوال ڪلهي تي، صدري، نير ٻڏل سلوار سندس ويس هو. مولودن جي شغل ۽ راڳ جي رهاڻ جو شوقين هو. ڳوٺ ۾ يا شاگردن جي لاءِ ڪابه غير شرعي رسم پسند نه ڪندو هو. روزي نماز جو نهايت پابند هو.

سندس شادي ٽنڊي الهيار جي مشهور عالم مولوي ميين محمد جي همشيره سان ٿي. جنهن مان کيس پنج پٽ ٿيا، جن مان ٻه وفات ڪري ويا. باقي قاضي محمد رحيم، قاضي احمد ۽ قاضي محمد ابراهيم حيات آهن، مؤخرالذڪر قاضي محمد ابراهيم، جو راقم الحروف جو ڀيڻويو ٿئي، پنهنجي بزرگ ڏاڏي ۽ والد جي قائم ڪيل مدرسي کي اڃا تائين هلائيندو اچي. وٽانس سال بسال ڪثير تعداد ۾ طالب، علم جي زيور سان آراسته ٿي زندگي جي منزل تي روان دوان ٿين ٿا. قاضي محمد ابراهيم کي چار فرزند آهن، جن مان وڏو عبدالرحمان ميمڻ ٽنڊي الهيار جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ ميٽرڪ ڪلاس ۾ تعليم وٺي ڊويزن ۾ پاس ٿيو آهي. انهيءَ ڪري هن بزرگ خاندان جي آئينده پيڙهين جو مستقبل نهايت شاندار نظر پيو اچي.

مرحوم مولوي عبدالڪريم، سن 1912ع ۾ وفات ڪئي، ۽ ڳوٺ مبارڪ جروار ۾ سندس والد صاحب جي قائم ڪيل مدرسي جي ڏکڻ ۾ سندن خانداني مقام ۾ پنهنجي والد جي ڀر ۾ مدفون آهي. سندس هيءُ ”نالهء بلبل مجروح“ شعر اندازا 1900ع جو چيل آهي، جو هڪ دل گهرئي دوست جي چوڻ تي في البديهه ٺاهيو هئائين. سندس ڪلام جي ٻوليءَ، رواني ۽ فصاحت پختگيءَ ۽ ميٺاج جو اندازو ’نالهء مجروح‘ مان معلوم ڪري سگهجي ٿو.]

نالہء بلبل مجروح

مشتاق الوصال بي پروبال پر ملال و مشتاق،

آن صاحب الجمال، لطيف الاعتدال والله حسنه.

باسم الله ڪريان صاحب ثنائي،

جنهن واحد کي لائق سڀ وڏائي،

هُو اَلرّحمان الَرّحيم رب رحيما،

تنهن باقي ري ٻئي کي ڇا بقائي،

اُڀن ڀونين جِي جوڙي جوڙ خالق،

آهي هر جاءِ خاوند کي خدائي،

هُو اَلّرزاق قادر پاڪ قَيّوُم،

ڌڻي واحد جي هر هنڌ ڪبريائي،

صمد صانع ڌڻي ديّان دائم،

اُپت عبرت سين آگي ڏس اُپائي،

ڏنو انسان کي رب شرف شاهي،

اندر قرآن ڏس آيت جا آئي،

محمّد مصطفيٰ مهندار مڙني،

طفيلي جنهن جي ٿي خلقت سڀائي،

منجهانئي نُور پنهنجي پاڪ پرور،

ڪيو سو نُور نرمل مصطفائي،

ڀلو تنهن آل ۽ اصحاب احباب،

جنين تي پاڪ ربّ رحمت وَسائي،

ڏياسي ڏيهه جا ڏاتار ڪيا حقّ،

سَري سڀ کي جَنين کان روشنائي،

ڳَڻي ڳُڻ ڇا ڳڻيان واحد وڏي جا،

بَهاري جنهن بلاشڪ هيءَ بنائي،

ڇڏيا جبّار سڀ جنسار جوڙي،

سنئين هر جاءِ ربّ قدرت رکائي،

ڪنين کي بخش ڪئي باريءَ منزّه،

منجهانرا مهر پنهنجيءَ شان شاهي،

وڏو اقبال ۽ احوال تن کي،

سدائين در تنين سهسين سپاهي،

ڪئين محتاج ڪيا مالڪ منارا،

ڏيئي ڏک ۽ ڏجها گوندر گدائي،

ڪنين کي مال ۽ اسباب ۽ زر،

دنيا جو دبدبو صِحّت سگهائي،

ڏنو ڏاتار ڪن کسي ڏيج ڏوڙو،

حُسن حشمت ۽ دهشت دلربائي،

هميشہ تن حبيبن ناز نخرو،

عجب جنسار بي جلوي ججهائي،

سدا سينگار ۾ سهڻا سروقد،

وتن واسيا ڪريو هٿڙا حنائي،

پسي قامت قريبن، ڪئين ڪوماڻا،

صنوبر جي ويئي تن مان طرائي،

ڪيا حيران تن جي وصف واکاڻ،

هزارين ٿي ويا حاڪم هوائي،

فراقي ٻيا هزارين فڪر وارا،

حياتي جن سڄي روئندي رهائي،

فهم فائق جو ڪن تي حد کان ٻاهر،

ڪنين کي عشق جي ٿيڙي عطائي،

حقيقي ۾ ٿيا ڪئين مَهوَ منصور،

سدائين سڪ تنين سيني سمائي،

مجازيءَ جي ڪنين تي موج باري،

اندر الفت تنين آتش وسائي،

صدامي مچ تنين کي ساڙ سيني،

بره بيٺو تنهين سِر ڌوم لائي،

نصيبن ۾ ڪنين جي وصل ويرون،

ڪنين جي هاءِ نيڻن ننڊ ڦٽائي،

شڪل تي پنهنجي ڪي مغرور مُحسِن،

چڱي چلگت تنين چالي چٽائي،

ڪنين کي سوز ۾ ٿيا سال سڪندي،

ڪنين موجود مقصد جي مزائي،

مٺو محبوب ڪن جو حال همراز،

ڪنين کي هاءِ هي هي حاصلائي،

ڪنين دَربَر ڪيو مطلوب پنهنجو،

ڪنين مجنون صفت چوڏس چريائي،

سَوَن سهڻن سدا سعيو صفا جو،

پئي منجهه لوڪ لياقت ڪن لڄائي،

لڏي ويا لوڪ مان سڀ لطف وارا،

جنين دلڙي رنجورن سان رُلائي،

سوين سڙندا ڏٺم اِن سوز ۾ سچ،

بره آڻي جنين آفت بَڇائي،

ڏٺو مون ڪونه ڪو وارث وفائي،

گهڻا گهمندا وتن جورو جفائي،

ڇڏي هي هي لڏي ويا لوڪ مان ڪل،

جنين ويران ٿي دلڙي وسائي،

جيارا جيءَ گهريا جاني جڏن جا،

قبولي سي سُتا حڪمِ خُدائي،

سئم آواز هڪڙو درد وارو،

ڪنا دل درد واري جنهن لٽائي،

”ته هي هي ناهه ڪو اڄ حال ڀائي،

حياتي ٿي سندم هي هي هچائي“،

هئس هي لفظ سڀ ظاهر زبان تي،

اکين تي آب هاريل جي هريائي.

مقولئه مذڪور

وَنالہِء مجروح، مهجور مجبور،

اعطاه الله محبت منصور.

هيم جن ساڻ اُلفت آشنائي،

ڇڏي هي هي ويم سي حال ڀائي،

ڏسان ٿو ڪين ڪٿ هيهات هيهات،

سڪايل ساڻ هئي جنهن جي سچائي،

سِٽاڻي سانگ ويا جيڪس سڌاري،

پرت پنهنجي جنين پوري پڄائي،

ويا ڪيچي قطاري ڪيچ ڪرهل،

سُڄي سندين نٿي ڪجهه هاءِ ’وائي‘،

وڏو ڏيئي وڇوڙو يار مون کي،

هلي ويا جن مُٺيءَ ساڻ دل مِلائي،

لڏي لوڪان ويا صاحب صفا جا،

جنين محبت سندي ٿي وک وڌائي،

نه پسجن پرت پرين جي جا ڪٿ پار،

رهي هر جاءِ تي ڪوڙي ڪچائي،

وري وريا نه سي وارث وطن تي،

لکئي جن ساڻ لنئون ڪا دوست لائي،

اَلا! اوسر اچي ڪو اوچتو پيو،

وفادارن نه سُڻجي ڪٿ وفائي،

خدا ڄاڻي وريو هيءُ واءُ ڪهڙو،

ڇڏي سهڻن ڏني هئي هي صفائي،

زماني ذوق مان ڪيو زهر پيدا،

جو آ ماڻهن مَٽي وائي ورائي،

سڄڻ صورت جا سهڻا ماهه مورت،

قلب ۾ تن پئي ڪنهن پر ڪڌائي،

جوانا خرد مندو خوب رخسار،

تنين ۾ ڪاهجي پئي ڇو ڪوڙائي،

مبارڪ منهن سندن چُون ماهه تابان،

وئي سيني مجهان تن جي سُهائي،

زبان ماکيءَ ۽ مصري کان مٺي تن،

ادا! تن جي اندر ۾ ڪٿ مِٺائي،

وجهو گُهنڊ گهوريسين گهائين ظاهر،

اندر سيني وڌين ڪِيني ڪِنائي،

مٺو مُرڪڻ ٻَهُون ٻاٻيس ٻاجهار،

ٽلڻ ٽمڪڻ لڏڻ بي لاڏلائي،

چلڻ چالي نرالي شوق والي،


(1)  ڪي عالم هي غزل عثمان هارونيءَ ڏانهن منسوب ڪن ٿا. (گرامي)

2  هت عثمان مروندي آيل آهي. مگر مقاله نگار ”مرندي“  لکيو آهي. ان مسئله کي حل ڪرڻ گهرجي ها. (گرامي)

1  ”مهراڻ“ جي گذريل پرچي (1961ع) ۾ اهو سارو ڪتاب شايع ٿيل آهي. (گرامي)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com