سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :18

ٻيو ته راڳ جي فن تي محققن ۽ ماهرن جا عرقريزي ڪئي آهي، ان کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ”راڳ ويبوده“، ”سارامرت“ ۽ ”لڪشمن سنگيت“ ۾ صاف صاف ڄاڻايو ويو آهي ته ’ڪافي‘ هڪ ٺاٺ مان نڪتل آهي، جنهن کي پنڊت سارنگ ديو (اڄ کان ست سو ورهيه اڳ) پنهنجي تصنيف ”رتناڪر“ ۾ ’هرپيا ميل‘ ٿو سڏي.

ان طرح حضرت امير خسرو جهڙي طبّاع ۽ ذهين فنڪار جي ايجاد ۽ اختراع کي به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، جنهن عربي، ايراني، ترڪي، افغاني، پوربي ۽ پڇمي راڳن، سُرَن ۽ لَي ۾ هندي راڳ جي آميزش ڪري، نوان نوان راڳ ايجاد ڪيا. اهو به يقين آهي ته پنهنجي معاصر فنڪارن کي شڪست ڏيڻ لاءِ ’هرپيا ميل‘ ٺاٺ مان هڪ سمپورن راڳ ايجاد ڪيو هجيس. جنهن جا سُرَ سنوان سڌا به لڳن ٿا، ۽ سندس آروهيءَ- امروهيءَ ۾ ست ئي سُرَ به اچي وڃن ٿا. ان ڪري ان جو نالو رکيائين ’ڪافي‘، يعني پُوري ۽ فن تي ’ڪفايت‘ ڪندڙ.

اهو به ثابت آهي ته خسرو نه فقط ’راڳ وديا‘ جو ماهر ۽ فنڪار هو، پر ساز ۽ سرود جو به استاد هو. ڳائڻ ۽ وڄائڻ جي سنگم سان جڏهن ’ڪافي‘ ڳائي ويئي هوندي، تڏهن ’ڪل جديد لذيذ‘ وانگر ان جي نقل ڪرڻ لاءِ به فنڪارن وڏا وس ڪيا هوندا.

ٻيو ته اهو دور تصوف جي حقائق ۽ دقائق کي بيان ڪرڻ جو دور هو. اڪثر طور بزرگانِ دين جي محفلن ۾ سماع جون ڪچهريون ٿينديون هيون، باالخصوص چشتيه بزرگن ۽ سهروردي بزرگن وٽ سماع جي جائز هجڻ ڪري، يقين آهي ته راڳ پوري ملڪ ۾ موجود هو. اهو به يقين سان چئي سگهجي ٿو ته ملتان جي سهرورديه بزرگن وٽ به سماع جون بي ساز محفلون ٿينديون هيون. ان طرح حضرت مخدوم نوح ؒ جي خدمت ۾ به ڪلام پيش ڪيو ويندو هو، جئن ”مجمع الفيوضا“ جي هڪ عبارت مان حضرت طالب المولا مطلب ڪڍيو آهي ’ڳايو ويو‘. اهو ڳائڻ خود ٻڌائي ٿو ته سُر سان ڳايو ويندو هوندو. ان مان اهو به ظاهر آهي ته ڪافيءَ جي همه گير مقبوليت ۽ شهرت جي ڪري، بزرگانِ دين پنهنجي سماع جي محفلن ۾ ان کي ترجيح به ڏني هجي، بالخصوص سهرورديه بزرگن، جن وٽ بنا ساز جي سماع جائز آهي. انهنجي مقابلي ۾ چشتيه حضرات وٽ سازن تي قوالي جائز آهي. ان تشريح ۾ ايترو اضافو به ڪري گهجي ٿو ته جڏهن پنجاب تائين مضمون ۽ مواد کي ڳائڻ جي حيثيت سان ’ڪافي‘ سُر ۾ ڳائڻ ثابت آهي، ته پوءِ اهو به ممڪن آهي ته اڳتي هلي خود ’مواد‘ کي ئي ’ڪافي‘ سڏيو ويو هجي. جئن اڳتي هلي خود پنجاب م به بلاشاهه، شاهه حسن ۽ فريد جي ڪلام کي ’ڪافي‘ سڏيوويو، ان طرح سنڌ ۾ به شاهه ۽ سچل کان گهڻو اڳ، ان طرح جي صوفيانه ڪلام کي ڪافي سڏيو ويو هجي ته اهو ناممڪن نه آهي. ان ’جدت ۽ بدعت‘ اڳتي هلي اهو رنگ ورتو آهي جو’ڪافي‘ راڳ ختم ٿي ويو آهي، هاڻي هر مواد ۽ مضمون کي ’ڪافي‘ سڏيو ٿو وڃي، پوءِ ڀلي ته ڀيروي هجي يا آسا، مانجهه هجي يا پيلو، راڻو هجي يا پرڀاتي. اهو رنگ اڄڪلهه پنجاب ۾ به مجود اهي.

بهرحال، حضرت طالب المولا جن کي گذارش آهي ته هو صاحب ايندڙ ايڊيشن ۾ پنهنجي راءِ کي ضرور ظاهر ڪن.

ان کان پوءِ ”ڪافيءَ جا گهاڙيتا“ جي عنوان سان مختصر تشريح ڪيل آهي، ۽ وڌيڪ تفصيل سان ”ڪافي جا گهاڙيتا“ ڪتاب لکڻ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ان کان پوءِ عنوان آهي، ”ڪافي لکڻ جو طريقو“. هن عنوان هيٺ حضرت مخدوم صاحب جن، غزل ۽ ڪافي جي لطيف فرق تي بحث ڪيو آهي. غزل لاءِ فرمائين ٿا:

”ڪو ڪو شعر سوز ۽ گداز، درد ۽ غم وارو به ملندو آهي. اهڙي شاعريءَ ۾ اڪثر اهل مصنوعيت ۽ اجنبيت هوندي آهي. ائين به ضرور آهي ته ڪافيءَ ۾ به ان قسم جون شيون هونديون آهن.“

ڪافيءَ جي تياريءَ متعلق لکن ٿا:

”پاڻ تي گذريل واقعا ۽ وارداتون بيان ٿينديون آهن... قلبي ڪيفيتن جو اظهار هوندو آهي، جنهن جو واسطو نه تڪلف سان آهي نه اهل سان.“

ان تشريح موجب، اڄ ته نوانوي سيڪڙو ڪافي گو شاعر ’بيدرد‘ آهن. نه منجهن سوز نه ساز، نه رنگ نه راز، نه ناز نه نياز! کين گهرجي ته غزل لکن، يا آزاد نظم تي مٿو ڦاڙين.

ڪافي لکڻ وقت طبيعت جي يڪرنگ ۽ يڪسوئيءَ سان گڏ جهونگارڻ ضروري آهي. پاڻ لکن ٿا:

”ڪافي لکڻ وقت ڪا نه ڪا طرز دماغ ۽ ذهن ۾ موجود هئڻ گهرجي، ۽ ان کي کي جهونگاريندو رهڻ گهرجي... ڌيان ڪافي لکڻ ڏي رهي ته لفظ سُر مان ٻڏي نڪرندا.“

ان مان ثابت ٿيو ته ڪافي، راڳ ۽ سرتار سان لازم ملزوم آهي. بيدرد ۽ بيسُري کي ڪافي لکڻ نه جڳائي. هونئن ته بيسُرا به مغز ماري ڪري ڪافيون لکي چڪا آهن، پر سر ۽ تار لَي ۽ راڳ جي ڄاڻن جي ڪافين ۾ جو رنگ ۽ سوز آهي، اهو بيسُرن وٽ مفقود آهي. مخدوم صاحب جن لکن ٿا:

”قدرتي طرح اها ڪافي ڳائي ويندي ته ٻڌندڙن تي هڪ خاص اثر ٿيندو. ان ڪافيءَ ۾ اهڙا لفظ اچي ويندا، جن جا اچار به موسيقيءَ جي اصول موجب صحيح بيهندا“

حضرت مخدوم صاحب اهڙي ڪافيءَ کي ”نِيَڇ“ (ڪاتي، ڇري) سڏين ٿا، لکن ٿا:

”جيڪي لفظ سُر مان اچن ٿا، انهن جو مثال ’نِيَڇ‘ وانگر آهي، جنهن کي لهار پاڻي ڏيندو آهي ۽ هو وَهَڻ ۾ نهايت تيز ٿيندو آهي. جن نيڇن کي پاڻي ڪونه ڏنو ويندو اهي، آهي سٺا نه وهندا آهن ۽ آخر مڏا ٿي ويندا آهن.“

بيسُرن ۽ ’بي گُرن‘ لاءِ اها تنبيهه ڪافي آهي.

ڪافيءَ جي مضمون متعلق حضرت طالب المولا جن، جامع ۽ مختصر بحث ڪندي، دريا کي ڪوزي ۾ آندو آهي. لکن ٿا:

”ڪافيءَ ۾ اهڙا حال بيان ڪرڻ گهرجن، جي اول ته پاڻ تي گذريا هجن، پر جي نه، ته به اهي حالتون ۽ حقيقتون آڻڻ کپن، جيڪي اسان جي ديس ۾ ٿينديون هجن.“ ”ڪافيءَ ۾ اها زبان آڻجي جا روزمره استعمال ۾ اچي ٿي.“

”حمد، نعت، مدح کي سليس نموني ۾ آڻجي، جئن ٿوري علم وارو به فرق سمجهي سگهي.“

”قرآن جي آيت ساري نه آڻجي، پر اشارتاً مکيه لفظ آڻجي؛ ٻيو ته ان سان گڏ نهايت آسان ۽ سولو مضمون تصنيمن ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ آيت جو مضمون به اچي وڃي.“ ”ادب ۽ پاڪائيءَ جا مضمون آڻجن. ڪافيءَ مان تهذيب، اخلاق، نيڪ نيتي نڪري ويئي ته پوءِ اها ڪافي نه ڳائڻ جي لائق رهندي، نه ڇاپڻ جي قابل.“

مضمون جي مقصديت ۽ افاديت کان پوءِ، حضرت مخدوم صاحب جن هڪ اهڙو نادر اصول بيان ڪيو آهي، جنهن کي مان سندس ”نوادرات ۽ تفردات“ ۾ شمار ڪريان ٿو. اسان جا نقاد ته ڇا، ڪافي گو شاعرن مان نوانوي سيڪڙو ان اصول کان غافل آهن. غزل ۽ ڪافيءَ جي هيئت ۽ ٽيڪنڪ ۾ جو فرق آهي، ان کي حضرت طالب المولا جن هن طرح بيان ڪيو آهي:

”ڪافيءَ جو مضمون، ٿل کان وٺي نالي واريءَ مصرع تائين، اهڙيءَ طرح ته ڪڙي ڪڙيءَ سان ملايل هجي، جو غزل وانگر وچ ۾ڪوبه ٻيو خيال ۽ احوال نه اچڻ کپي، نه ته مضمون جو سلسلو ٽٽي پوندو ۽ ڪافيءَ مان اهو لطف حاصل نه ٿيندو.“

دراصل ڪافيءَ جي فني تڪميل ۽ ڪفايت ان ۾ سمايل آهي ته ڪافيءَ جو مواد مسلسل هجي، فن ۽ خيال جي حيثيت سان مربوط هجي، غزل وانگر هر هڪ شعر جدا جدا مضمون تي حاوي نه هجي.

اها به شڪايت ڪري سگهجي ٿي ته اڄڪلهه ته هرڪو لئيءَ مان لٺ ڀڃي ڪافي گو بنجي چڪو آهي. نه کين هيئت جي خبر، نه فن جي ڄاڻ سسئي به اتي ته مارئي به اتي، هِير به اتي ته راڻو به اتي: اتي ئي سراپا جو مضمون ته اتي ئي فراقيه مضمون، اتي ئي بندر جون باتيون ته اتي ئي پهاڙ جون راتيون!

ڪافيءَ جي زبان جي عنوان هيٺ لکن ٿا:

”ڪافيءَ ۾ اهڙي زبان ڪم آڻڻ گهرجي، جيڪا پڙهيل، اڻپڙهيل، ننڍو وڏو، پوڙهو پڪو، توڙي عورت به ڳالهائيندي هجي؛ ڇو ته ڪافي آهي وارداتن، واقعن، سرگذشتن ۽ حقيقتن جي آرسي. بيان ۽ احوال اهڙي ڍنگ سان آڻڻ کپن جو ٻڌندڙ هي محسوس ڪن ته سندن ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ۽ ساڻن ئي حالتون لاڳو آهن.“

پر اسان جا اڄڪلهه جا ڪافي گو شاعر ڪهڙي زبان ٿا استعمال ڪن، ان متعلق لکن ٿا:

”پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ تمام گهڻو ۽ تڪڙو ڌاريان لفظ، ڌاريان محاورا، ڌاريان خيال ۽ ڌاريان مثال ۽ مضمون ڪافيءَ جي پاڪ ۽ صاف زمين ۾ ٽنبيا وڃن ٿا، ۽ مضمون کي ميرو ۽ گدلو ڪيو پيو وڃي.“

ان قسم جي نشر و اشاعت لاءِ ريڊيو پاڪستان به جوابدار آهي:

”وڏي ڏک جي ڳالهه ته وري هيءَ آهي جو انهيءَ قسم جون ڪافيون ’ريڊيو پاڪستان‘به نشر ڪري رهيو آهي، ۽ عام ماڻهو ان ڪلام کي سَنَد ڪري وٺي رهيا آهن.“

ڪافي جي زبان متعلق اها حقيقت واضح آهي ته فني طور ڪافيءَ جي زبان، موضوع، مواد ۽ هيئت هڪ خاص اسلوب جي متقاضي آهي. نظم ۽ غزل، قطعي ۽ رباعيءَ جي طني هيئت جي اختلاط سان ڪافيءَ جي اصليت ختم ٿي وڃي ٿي. باالخصوص عربي، فارسي ۽ سنسڪرت جي ڦوڙاٽ ۽ دير هضم لفظن جي آَميزش سان، ڪافيءَ جو فني روح مري ٿو وڃي. ڪاش اسان جا شاعر حضرت طالب المولا جن جي مشوري کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪن!

”لفظ ۽ انهن جا اُچار“ واري فصل ۾ لکن ٿا ته ڪافي گو شاعر لاءِ راڳ جو ڄاڻڻ لازمي آهي. پاڻ لکن ٿا:

”اڳيان شاعر پاڻ به ڪجهه نه ڪجهه ڳائي ڄاڻندا هئا، نه ته راڳ جي ڄاڻ ٿوري گهڻي مڙيئي هوندي هين. وٽن به راڳ جون محفلون ٿينديون هيون، ۽ پاڻ به راڳ جي محفلن ۾ ويندا هئا.“ ڪافي گو شاعرن جي راڳ سان وابستگيءَ جو فن تي ڪهڙو اثر ٿئي ٿو، ان متعلق لکن ٿا:

”اهي ڪافيءَ ۾ ’آزاد اُچارن‘ وارا لفظ ڪم آڻيندا هئا، جن جي اچارڻ ڪري ڳائڻي کي به ڳائڻ ۾ آوازن لائڻ وقت آزادي ۽ آساني ٿيندي هئي... مگر هاڻوڪي زماني ۾ ڪيترائي اهڙا شاعر آهن، جن جو راڳ سان ته ڪو واسطو ئي ڪونهي. نه صرف ايترو، پر راڳ ٻڌي به ڪونه ڄاڻن.“

اهي بيسُرا بي گُرا ڇا ٿا لکن، ان متعلق فرمائين ٿا:

”فقط لفظ جوڙي، انهن کي ’ڪافي‘ يا ’وائي‘ نالو ڏيئي ڇڏيندا آهن. اهڙي ڪافي جڏهن ڳائي ويندي آهي، تڏهن پتو پوندو آهي ته راڳداريءَ جي لحاظ سان هت ڪهڙا لفظ اچڻ کپندا هئا. ان حقيقت کي راڳ جا ڄاڻو ئي سمجهي سگهندا.“

مٿئين فيصلي موجب، نوي سيڪڙو ڪافي گو شاعر ’بيسُرا ۽ بي گُرا‘ آهن؛ پر سندن ڪافيون ڳائين به پيا ۽ ڇاپين به پيا!

اسان جي مخلصانه راءِ آهي ته ڪافي گو شاعرن کي ڪنهن استاد ڪامل جو هٿ وٺڻ گهرجي، جو راڳ جو به ڄاڻو هجي، ان کان اصلاح وٺڻ گهرجي؛ رڳو غزل ۽ نظم جي اصلاح تائين اڪتفا نه ڪرڻ گهرجي. ٻيءَ صورت ۾ ڪافي لکڻ کان توبهه ڪرڻ گهرجي.

”ڪافي ۽ گيت“ جي فصل ۾ ڪافي ۽ گيت جي فني حيثيت سان فرق ڪندڙ اصولن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي. لکن ٿا:

”ڪافي ۽ گيت اهڙيءَ طرح ٻه جدا شيون آهن، جئن چوندا آهن ته ’هرڻ پنهنجي ذات، ڦاڙهو پنهنجي ذات.‘ موسيقيءَ سان ٻنهي جو واسطو آهي، پر ٻنهي ۾ وڏو فرق آهي. ٻنهي جا گهاڙيتا جدا، مضمون جدا، لفظ ۽ محاورا جدا، ۽ ڳائڻ جون طرزون به جدا. گيت پرايو آهي، ۽ ڪافي پنهنجي؛ تنهنڪري ڪافيءَ کي سندس اصلي رنگ ۾ لکڻ گهرجي.“

ڪافي گو شاعرن کان پوءِ، ڳائڻن جي فني ڪوتاهيءَ جو ڌيان ڇڪائيندي، لکن ٿا:

”وري اسان جا نوان ڳائڻا‘ انهن گيت ته گيت جي ماڳ، پر ڪافيءَ کي به گيتن جي طرزن ۾ ڳائڻ شرو ڪيو آهي... ”هو ويچارا سمجهن ٿا ته هنن ڪافين کي نين طرزن ۾ آڻي ڪو ڪمال ڪيو آهي؛ مگر حقيقت ۾ هو ڪافين جي اصلي رنگ کي ميساري وڏي غلطي ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن اها ڳالهه وڌي ويئي ته ڪافيءَ جون صحيح ۽ اصلي طرزون، جيڪي سٻاجهڙيون ۽ نماڻيون آهن، سي ڪجهه عرصي کان پوءِ گم ٿي وينديون.“

حضرت مخدوم صاحب جن جي مٿين تنبيهه، هڪ وقائتو چتاءُ آهي. ان طرح ڳائڻن کي وڌيڪ ۽ زوردار تنبيهه ڪندي لکن ٿا:

”اڄڪلهه جي گهڻن ڳائڻن ۾ هيءَ وچرندڙ بيماري پيدا ٿي پيئي آهي (خاص طرح گويّا) ته ڪافيءَ کي ’خيال‘ ۾ ڳائين ٿا. يعني ڪافي ڳائيندي تانون، مرڪون، پلٽا ۽ سرگم وغيره استعمال ڪن ٿا. نه رڳو ايترو پر، ڪافيءَ جا لفظ، جملا، ان جي طرز، ۽ هر چيز، ڀڃي ڀروڙي ۽ مروڙي سروڙي، سندس صورت ۽ شڪل ڦٽائي، وڃائي ۽ بگيڙي کڻيو رکن... گوئيّن وانگر، ٻن لفظن يا هڪ ٻن تُڪن کي ڏهه ڀيرا ورجائڻ نه گهرجي.“

”ڪافيءَ جي ڳائڻ جو طريقو“ ۾ نهايت مدلل ۽ حسين بحث موجود آهي. لکن ٿا:

”هر هڪ ڪافيءَ جي طرز ان جي مضمون ۽ مفهوم جي لحاظ تي ئي ٻڌل هوندي آهي. هر طرح جا آلاپ ۽ ورلاپ، آواز ۽ انداز، لاهيون ۽ چاڙهيون، جدا جدا آهن... ڪنهن به حمد ۽ نعت هوندا آهن، ته ڪنهن ۾ حسن ۽ عشق جو بيان؛ ڪنهن ۾ سوز ۽ گداز جو مضمون هوندو آهي، ته ڪنهن ۾ سورن ۽ دردن جو ذڪر؛ ڪنهن ڪافيءَ ۾ صدائون ۽ التجائون هونديون آهن، ته ڪنهن ۾ ڏک ۽ ڏوراپا؛ ڪنهن ۾ جوش ۽ خورش، ته ڪنهن ۾ عبديت ۽ الوهيت؛ وغيره. انهن حالتن ۾، ڪافيءَ جي ڳائڻ جي طرز مضمونن جي مناسبت سان نه هوندي ته ٻڌندڙن تي اهو اثر نه ٿيندو.“

اڄڪلهه جا ڪافي گو ڳائڻا نوي سيڪڙو اڻپڙهيل آهن، تنهن ڪري منجهن صحيح اثر ڪونه آهي. ڳائڻ جا آداب ڪهڙا آهن، اهو هڪ اهم مسئلو آهي. گهڻو ڪري ويهه سيڪڙو ڳائيندڙ اڻپڙهيل آهن، جي ڪلام جي مضمون ۽ مواد کان اڻواقف رهن ٿا. نتيجو اهو ٿو نڪري جو سندن فن ۽ ڳائڻ بي سوز ۽ بي مراد رهجي ٿو وڃي. رڳو لفظن کي ڳائڻ ۽ وڄت جي ڌمچر ۾ ڪلام ۽ ان جو روح ختم ٿي وڃي ٿو. ڳائڻي جي چهري ۽ بشري تي ڪلام جا آثار پيدا ئي نٿا ٿين، ڄڻ ته هڪ جامد پٿر، مان آواز نڪري رهيو آهي. نتيجو اهو ٿو نڪري جو ٻڌندڙن تي ڪابه ڪيفيت طاري نٿي ٿئي، ۽ محفل ڌمچر ۽ ڌماچوڪڙيءَ ۾ ختم ٿيو وڃي. مخدوم صاحب جن لکن ٿا!

”هر مضمون جي معنى ۽ مطلب سان لفطن جي اُچارن کي استعمال ڪبو، نه ته ڳائڻي جي محنت برباد! جنهن ڪافيءَ ۾ محبوب سان صدائن ۽ التجائن جي رنگ ۾ ڳالهائجي ٿو، ان جي آوازن ۾ ليلائڻ ۽ ريجهائڻ جو انداز هئڻ گهرجي: حمد ۽ نعت هجي ته ان جي ڳائڻ وقت ادب ۽ رعب هئڻ کپي.“

هي اهي آداب ۽ آثار آهن، جن تي نوانوي سيڪرو عمل ڪونه ٿو ڪيو وڃي. ڳائڻا پنهنجي فن کي محض لفظن تائين محدود رکن ٿا، پر ان ۾ روح نٿا پيدا ڪن، ڇا لاءِ جو هو اڻڄاڻ ۽ اڻپڙهيل آهن.

ان سلسلي ۾ مخدوم صاحب جن ڳائڻن جي ’حرڪات سڪنات‘ کي به لازمي طور اهم قرار ڏنو آهي. لکن ٿا:

”ڳائڻي جو فرض آهي ته ڳائڻ وقت هو پنهنجي حرڪات ۽ سڪنات جي وسيلي اهي سڀ ڳالهيون ادا ڪري، جيڪي ڪافيءَ ۽ ڏوهيڙن ۾ مضمون هجن.“

”ڳائڻي لاءِ هيءَ ڳالهه به لازمي آهي ته اڳ ۾ ئي ڪچهريءَ ۾ ويٺل ماڻهنجي طبيعتن کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪري، ۽ ان خيال سان مختلف مضمونن واريون ڪافيون ۽ راڳڻيون ڳائي، جئن هر شخص ٻڌي خوش ٿئي.“

هن اهم ۽ فني مسئلي کي به ڳائڻا هميشہ نظرانداز ڪندا آهن.

’محفل‘ جي حاضريءَ ۾ صاحبِ ذوق ماڻهو مختلف حال ۽ خيال سان شريڪ ٿين ٿا. هرڪو پنهنجي پنهنجي رنگ ۾ هوندو آهي. مثلاً، فراق جي ماريل جي اڳيان وصال جون ڳالهيون ڪرڻ بي معنى، ۽ اهلِ دل اڳيان مجازي لنترانيون بيسود؛ ڪنهن قادرالڪلام عالم ۽ شاعر جي اڳيان نوآموز شاگردن جو ڪلام ڳائڻ ادب جي خلاف آهي، ان طرح، صاحبِ سوز و ساز اڳيان فلمي طرزون ڳائڻ حماقت آهي.

اگر ڳائڻن کي ’مهل‘ جي ڄاڻ پڇاڻ اچي وڃي ته پوءِ اسان جو راڳ، راڳ نه پر روح جي غذا ٿي پوي ها،  عبادت ڪري ليکجي ها. هت ته مهمانن کي ڪچو سيڌو منهن ۾ هنيو وڃي ٿو. رڏڻ وارا رليل، ۽ بورچي بيبيل ٿين ٿا.

اڄڪلهه محفلن ۾ اهڙا ڳائڻا راڳ ڳائين ٿا، جن ۾ في نفسہِ ڪا سمجهه به ڪانه آهي؛ نڪو محفل جي آداب کان واقف، نڪو حاضرين جي ذوق ۽ وجدان کان آشنا. ٻيو ته ڪلام جي مفهوم نه ڄاڻڻ ڪري، بيتن ۽ ڏوهيڙن ۾ به ڳائڻا رڻ ٿا ڪن. ڪافيءَ جو مصرعو هوندو مجازي، ته ڏوهيڙو ڏيندا ’فريد‘ يا ’لطيف‘ جو، معنوي. ڪنهن شعر ۾ محبوب جي سراپا جو ذڪر هوندو ته ڏوهيڙي ۾ بيان ڪندا وحدت الوجود! ڪافيءَ جو مصرعو هوندو نفس ڪشيءَ ڏانهن، ته ڏوهيڙو هوندو دلبر ۽ يار جي وصال لاءِ ٻاڪارون! ڪافيءَ جو مصرعو هوندو سسئيءَ جو جبل جهاڳڻ، ته ڏوهيڙو هوندو ڍنڍ جي پکين تي! ڪافيءَ جو مصرعو هوندو ته ”محبوب جا ڏک درد اکين تي“، ته ڏوهيڙي ۾ بيان هوندو محبوب سان شڪوه و شڪايت متعلق!

اها به ته عام غلطي آهي ته ڪافيءَ جي لَي هوندي ’ڀيرويءَ‘ ۾، ته ڏوهيڙي جا سُرَ وڃي ’مانجهه‘ سان لڳندا؛ يا ڪافي هوندي سڌي سنئين لوڙائي ۾، ته ڏوهيڙي ۾ هونديون تانون ۽ مرڪون، پلٽا ۽ ٽپڪا! اهو به عام آهي ته اڄڪلهه نڪو آسا جو فرق، نڪو پرڀاتيءَ جي پروڙ رهي آهي. آسا جا سُرَ پرڀاتيءَ سان لڳن ٿا. اهڙن ڳائڻن جي تربيت ڪرڻ گهرجي، ۽ انهن کي آداب کان واقف ڪرڻ گهرجي، نه ته سندن راڳ اهل نظر لاءِ هڪ عذاب ٿي پوي ٿو. لکن ٿا:

”ڪافيءَ جو اکر اکر، لفظ لفظ، جملو جملو ۽ هر هڪ اچار، موسيقيءَ جي اصول موجب، آواز جي لاهين چاڙهين جي حساب سان لکيل هوندو آهي، پر اڄڪلهه ڪافي موسيقيءَ کان بلڪل جدا رکي ويئي آهي.“

هيءَ آهي انهن لکندڙن جي ڪوتاهيءَ تي گرفت، جي ڪافي، فن موجب، اڇي ڪاغذ تي به لکي نٿا ڄاڻن.

ان طرح، ڳائيندڙ به جيستائين طرز نه پڇندا، تيستائين پيا انڌن وانگر تندون ڪٽيندا ۽ باجي کي رين - رين ڪرائيندا:

”نئين گهاڙيٽي واري ڪافي کيس ڏبي ته هو هڪدم پڇندو ته ڪهڙيءَ طرز، ڪهڙيءَ راڳڻيءَ، ۽ ڪهڙي تار ۾ ڳائبي؟“

حالانڪ ڳائيندي وڄائيندي، ڳائڻي جو مٿو به اڇو ٿي وڃي ٿو، پر اها ٻيٽ ڪانه ٿي پيدا ٿئيس جو ڪافيءَ کي ڏسي، سمجهي سگهجي ته ڪهڙيءَ راڳڻيءَ ۾ ڳائبي ۽ وڄت ڪهڙي هئڻ گهرجي!

”ڪافي ۽ ساز“ جي فصل ۾ نهايت وضاحت سان ٻڌايل آهي ته ’هارمونيم‘ جي ڪا ضرورت نه آهي: اهو محض حشو ۽ زائد آهي، جنهن جي آوازن ۾ ڳائڻا پنهنجون فني خاميون لڪائين ٿا. اهوئي سبب آهي جو ڪنهن دور ۾ هندستان جي ريڊئي تي هارمونيم کي ختم ڪيو ويو هو. لکن ٿا:

”ڪافي ڳائڻ وقت حقيقت ۾ يڪتارو، دلو يا ڍولڪ ڪافي ساز آهن. گهڻن سازن هوندي گوڙ ٿئي ٿو، ۽ دماغ انهيءَ رنگينيءَ ڏي توجهه ڏئي ٿو، ۽ دل سر ۽ مضمون مان اهو سرور جيڪو ملڻ گهرجي، سو حاصل ڪري نه سگهندي.“

ان سلسلي ۾ محفل جي آداب متعلق به اڄڪلهه گهڻي ڪوتاهي ڪئي وڃي ٿي. راڳ شروع هوندا، پر محفل ۾ چئوپچو به جاري. ڪي پيا اٿندا ته ڪي پيا ويهندا، ڪي پيا چانهه نوش ڪندا ته ڪي پيا سگريٽ جا سوٽا ڪڍندا-- اصل سڪون ۽ دلي جمعيت غائب! نتيجو اهو ٿو نڪري جو نڪو ڳائڻو ٿو لَي ڪري نڪو ٻڌندڙن ۾ ڪو سرور ٿو پيدا ٿئي. اصل ۾ اهڙن بيسُرن ۽ بي گرن کي نڪو دعوت ڏجي، نڪو محفل ۾ ويهڻ ڏجي! راڳ جي محفل کي ’عبادت‘ جي آداب تي رکڻ گهرجي، جنهن ۾ سڪون ۽ توجهه گهرجي. ان سلسلي ۾ لِکن ٿا:

”ڪافيءَ ٻڌڻ وقت به سڀني ويٺلن کي هڪ ڪَنو ٿي ويهڻ گهرجي، ۽ محفل ۾ نه ٻيو ڪو ڳالهاءُ هجي، نه ٻاهريون گوڙ ئي اندر اچي، ۽ نه وري ڳائڻي سان ڪو گهڻا ۽ گوڙ ڪرڻ وارا ساز ئي هجن.“

ان کان پوءِ سريلي آواز متعلق بحث آهي، جنهن ۾ ٻڌايل آهي ته گل ٻوٽا ۽ جانور به سريلي آواز تي حظ ۽ سرور ٿا حاصل ڪن. ان متعلق رڳو ايترو عرض ڪرڻو آهي ته اڄ اڌيتي بيسُرا وتن ڳائيندا ۽ وڄائيندا. راڳ هڪ ذريعهء معاش بنجي چڪو آهي. چئن پئسن جي لالچ تي، بيسُرا وتن کڙتالون کڙڪائيندا ۽ ڌڪڙ ڪٽيندا!

ان سلسلي ۾ ته وڏا وڏا ڳائڻا به غلطيون ڪن ٿا.... نالن وٺڻ جي ضرورت نه آهي. راڳ سان شغف رکندڙ ڄاڻن ٿا ته جڏهن ڪي ’ٻاڙا ۽ کهرا‘ آواز ڳائڻو لڳائي ٿو، تڏهن سامعين جي ڪهڙي حالت بنجي ٿي. ان لاءِ ڳائڻن کي ’رياض‘ ڪرڻ گهرجي، ۽ آوازن کي صاف ۽ سريلو رکڻ گهرجي.

ڪي ڳائڻا ته ’هَڏي ڀَت‘ جي پاٽ کائي، چرٻيءَ سان حلق کي چرب ڪري، اچي ڳائيندا آهن. پوءِ ’راڳ‘ نه هوندو آهي، رڳو کئون کئون پيئي پوندي آهي. ڪيترا بي ادب ۽ بدافعالا ڳائڻا ته ڳائيندي، ويٺا گگون ۽ سنگهون ڳاڙين، يا پوتيءَ سان ويٺا نڪ سڻڪين؛ پوتي نه، ته ’دامن‘ سان ئي ويٺا صفايون ڪن. اهي سڀ نااهل ۽ نالائق آهن، جن ’راڳ‘ جي فن کي داغدار ڪيو آهي.

ان سلسلي ۾ ’لباس‘ به وڏي اهميت رکي ٿو. ڳائڻي جو لباس شريفاڻو ۽ سادو هئڻ گهرجي. اجائي ٽنڊ- ٽاءِ، ڀڙڪيدار لباس، رنگين، ۽ وضع قطع جي خلاف ڪَڇَ ماپ وارا جاما ۽ پَڙا نهايت لغو آهن. پوشاڪ صاف ۽ سادي هجي، مٿو ڍڪيل هجي، منهن ۾ معصوميت ۽ دل ۾ رقت هجي؛ اجائي نٽ نخري، اشاري بازي ۽ داد طلبيءَ لاءِ اکين ڦيرائڻ ۽ اکين ڦاڙڻ جي ڪابه گنجائش نه رکڻ گهرجي. داد وارا هر حال ۾ داد ڏيندا. ائين ڪرڻ سان به ’فن‘ ختم ٿي وڃي ٿو. هن بلا ۾ ڪيئي چڱا چوکا ڳائڻا مبتلا نظر اچن ٿا، انهن کي باز اچڻ گهرجي.

ان سلسلي ۾ مخدوم صاحب جن گوئيّن، قوالن، ناچُن ۽ طوائفن جي چڱي لاک لاٿي آهي. ڪاش، اهي ڳائڻا پنهنجي فن ۽ ان جي عظمت کان واقف هجن!

آخر ۾ راڳ ۽ بيماريون، ۽ راڳ جي وسيلي علاج تي روشني وجهي، ٻڌايو ويو آهي ته راڳ جو اثر نه فقط روح تي پوي ٿو، پر اعضاي رئيسه ۽ ان سان گڏ جسم جي بيمارين تي به پوي ٿو.

اِتي اچي ڪتاب جو متن پورو ٿئي ٿو.

ان کان پوءِ ”ميڙ-چونڊ“ جو اضافو آهي، ۽ ”واڌارا“ جي عنوان هيٺ مَتن سان تعلق رکندڙ تشريحون ۽ نوٽ آيل آهن. اهو حصو نهايت معلومات افرا آهي.

”حياتيون“ جي عنوان هيٺ، انهن ماڻهن جي مختصر سوانح حيات بيان ٿيل آهي، جن جا حوالا متن ۾ آيل آهن، ۽ ڪن جا فوٽو به آهن. اها طرز نهايت جديد به آهي ۽ لذيذ به. سنڌي زبان جي ڪتابن ۾ اها پهرين ڪوشش آهي. ان سلسلي ۾ وڏا وڏا نامور عالم ۽ اديب به آيل آهن، فوت شده به، ته ڪچا پڪا ۽ ننڍا نو آموز به.

آخر ۾ ”اپٽار“ جي عنوان هيٺ، ڏکين لفظن جي معنى ۽ فني اصطلاحن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. اهو لغوي ۽ فني حيثيت سان سهڻو مثال آهي.

بهرحال، ”ڪافي“ ڪتاب علمي، فني، لغوي ۽ لساني حيثيت سان هڪ جامع چيز آهي، ۽ پنهنجي موضوع ۽ ان سان متعلق مباحث تي مشتمل، معلومات افزا ڪوشش آهي. هر ڪنهن اهل علم لاءِ لازم آهي ته مطالع ڪري، -- غ. م. گ.

”ڀونر ڀري آڪاس“-شيخ اياز جي ڪالم جو مجموعو.

صفحا 253، سائيز ڊيمي ڪاغذ، گيٽ اپ ۽ ڇپائي شاندار؛ جلد پڪو، رنگين، دلڪش؛ ڇپائيندڙ ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“؛ قيمت سوا اٺ رويپا؛ ملڻ جو هنڌ: ”پاڪستان رائٽرس گلڊ“، اسٽريچن روڊ، ڪراچي.

 ”ڀونر ڀِري آڪاس“ سنڌ جي مشهور شاعر، شيخ اياز جي ڪلام جو حسين ۽ رنگين مجموعو آهي، جو ”پاڪستان رائيٽرس گلڊ“ پاران شايع ٿيو آهي.

هن ڪتاب ۾ شيخ اياز جا دوها، بيت، گيت، ڇيڄ، وايون، نظم آزاد نظم، قطعا ۽ غزل اچي وڃن ٿا.

’پاڪستان رائيٽرس گلڊ‘ علائقائي ادب جي فروغ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾، سنڌي زبان جي هِن خوش نواءِ، نغمه سنج شاعر جي ڪلام کي جنهن حسن ترتيب ۽ حسن طباعت سان شايع ڪيو آهي، اهو قابلِ تحسين قدم آهي.

شيخ اياز پنهنجي ڪلام جي ترتيب متعلق لکي ٿو:

”1947ع کان اڳ جو اڻڇپيل ڪلام منهنجي زهر آلود تبسم جي آڳ ۾ جلي ويو. ان لاءِ ذمه دار اها بي انتها مايوسيءَ جي، ’اکر اڳيان اڀري واڳو ٿي وريام‘ واري ڪيفيت هئي، جنهن جو تفصيل فقط منهنجي زندگيءَ جي ڪنهن زخمِ پنهان کي تازو ڪندو.“

شيخ اياز، پنهنجيءَ فني ۽ ذاتي حيثيت سان، هڪ رنگين طبع رند ۽ آزاد مشرب شخص آهي سندس شاعرانه حيثيت ۽ ذاتي شخصيت، صوري ۽ معنوي طور، هم آهنگ ۽ هم رنگ آهن. زندگيءَ جون تلخ ۽ تيز، تند ۽ ڪيف آور وارداتون، حسن ۽ جمال جون نيرنگيون، هجر ۽ فراق جون ڪيفيتون، هن شاعر جي تخليق ۽ تشڪيل ۾ عملي طور حصو رکن ٿيون.

’اياز‘ بتڪلف شاعر نه بنيو آهي، پر شاعري سندس فڪر و فن ۽ دل و دماغ مان ائين وهڪرا ڪري نڪري ٿي، جيئن چشمي مان ڌارا. سندس شاعريءَ جي ’لَي ۽ طرح‘ اڪتسابي نه، پر وجداني آهي. قلب تي جي وارداتون ۽ ڪيفيتون کيس گذرن ٿيون، تن کي ’اياز‘ شاعريءَ جي ساغر ۾ اوتي ٿو. بعض اوقات سندس انفرادي فن، فن جي روايتي قدرن ۽ فني حدبندين جا بند به ٽوڙي ٿو وجهي. اهي تڪلف ۽ تصنع جا جهوڙا ۽ جاما، ٽول ۽ مڻڪا، ڇني، هڪ آزاد رند وانگر، نغاري جي چوٽ ٿو للڪاري. مصلحت ۽ ابن الوقتي جا اڄڪلهه جي سماجي قدرن اهل فڪر ماڻهنجي قلم ۽ زبان تي مسلط ڪري ڇڏي آهي، تنهن سان ’اياز‘ بغاوت ڪري، منصوروار، ’اناالحق‘ جو بلدن آهنگ نعرو هنيو آهي.

’اياز‘ جي شاعري حسين ۽ جميل لفظن، خيالن ۽ محاورن جي جامع آهي. سندس زبان رنگين، اسلوب شيرين آهي. سندس ڪلام ۾ سوز ۽ گداز جو رنگين ۽ مرصع رنگ سمايل آهي. اهو رنگ اگرچ خارجي آهي، پر سندس داخلي ڪيفيات سان اهڙو ته رلي ملي ويو آهي، جو ائين چوڻ کان رهي نٿو سگهجي ته فن پنهنجي باڪمال شعور تي پهچي ڪري، داخلي ۽ خارجي اثر و تاثير کان بالا ٿي وڃي ٿو. فن جڏهن همه گير دريا بنجي وڃي ٿو، تڏهن دڙيون ۽ دِڪا، پَٽ ۽ واهڙ، خشڪيون ۽ تريون، سڀ هڪ ٿي وڃن ٿا. هڪ موج افزا مهراڻ، پنهنجي ڪيف آور ڇولين ۾، ’غيريت ۽ عينيت‘ جا سڀ خس و خاشاڪ وهائي، ٻوڙي ٿو ڇڏي!

’اياز‘ پنهنجي شاعرانه شعور جي حيثت سان، جديد ۽ قديم فن ۽ اسلوب جو سنگم آهي. سندس اِنهيءَ انفرادي جامعيت سندس فني حيثيت کي نه فقط جدت پذير قدرن جو حامل بنايو آهي، پر ان سان گڏ فن جي روايت کي به زنده رکيو آهي. ’اياز‘ جي اها جامعيت ٻڌائي ٿي ته فن زمان ۽ مڪان جي حيثيت سان به روان ۽ دوان آهي: فن جي تخليق ۽ ارتقا جي سلسلي ۾ نه ماضي ٿو حائل رهي، نه ماضيءَ جون روايتون ۽ ان جا قدر.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com