سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 2-  1962ع

مضمون

صفحو :6

هو بستري تي اچي ويٺو ته مون مرڪي چيو، ”هي جي هيترا سارا خون ڪيئه، هيترن انسانن جو رت وهايئه، تڏهن ته ڪا ڪهل ڪانه آيئه، ۽ هينئر ماڪوڙيءَ تي به ٿو مهر ڪرين؟“

سنجيدو ٿي، هن منهنجي منهن ۾ نهاري چيو، ”مون جيڪي خون ڪيا آهن، تن مان ڪو هڪڙو به اهڙو ٻڌائيندين جو ’ناحق‘ ڪيو هجيم؟“

مون هن جي گفتي تان ڇرڪ ڀريو ۽ سوچ ۾ پئجي ويس. هن وري چيو، ”ڀلي ويچار ڪري ڏس. منهنجي گهڻن ئي خونن جي توکي پوري پوري خبر آهي. چڱيءَ طرح ويچار ڪري، مون کي هڪڙو به اهڙو خون ٻڌاءِ، جنهن ۾ مون ڪنهن کي بيگناهه ماريو هجي.“

هو ويهي رهيو، ۽ آءٌ ويچار ڪرڻ لڳس.

”ادا خانو، اهو تنهنجو وڙ ناهي جو غريبن جي ٻارن ۾ اکيون وجهين.“ هن نماڻو ٿي، نوجوان وڏيري کي چيو.

”وڏو آيو آهي ٻارن ٻچن وارو! بس، اسين هارياڻين ڏانهن نهاريون به نه، ته جيئن وڻين تيئن پيون ڪن؟‎“

”رئيس! اوهان کي پنهنجي ملڪيت سنڀالڻ جو پورو اختيار آهي، پر هيئن راهون جهلي بيهڻ ۽ کنگهڪارون ڪرڻ، اهو اشرافن لاءِ مناسب ناهي-“

”هل ڙي، هل اشراف جا پٽ! وڏو معتبر بڻجي آيو آهي نصيحتون ڪرڻ.“

”ڏس، سائين، اسين اوهان جا ٻچا آهيون، پورهيو ڪريون ٿا، جنهن مان اوهين به کائو ٿا-“

”ها ها! اسان کي هي ويچارا ٿا کارائين! منهن ته ڏسوس، هي آيو آهي اسان کي رزق ڏيڻ! داڻا اسين ڏيون، ڪپڙا اسين ڏيون، ٻيو به روز روز سوال، ۽ وري ٺيڳر ته ڏسو!“

”ٽڪابي ٿا ڏيو، ڪا خيرات ڪانه ٿا ڏيو؛ فصل تي ڏيڍوڻا ٻيڻا ڪري ٿا وصول ڪريو: ان تي ته اسين ڪڇون به ڪونه، پر انهيءَ ۾ عزتون ڏيڻ لاءِ ته ٻڌل ڪين آهيون.“

”هاڻي بڪ بڪ ڦٽي ڪر، نه ته لاهيانءِ نه لاک!“

وڏيري جو پارو چڙهي ويو هو، ۽ هن ساڻس وڌيڪ بحث ڪرڻ مناسب ڪونه سمجهيو؛ خاموشيءَ سان وڃي ڪم تي چڙهيو. ۽ صبح جو وڏيري صاحب کي رپورٽ ملي ته هن جي جهوپڙي خالي پيئي آهي.

”ڇوڙي! ڀڄڻ وقت قرض به لاهي ڪونه ويو آهين؟“

”مون وٽ ڪهڙي ملڪيت هئي، جنهن مان قرض لاهيان؟ ڪڻڪ جو نمبر پڪو بيٺو آهي، ووڻن جا ٻه نمبر ڀلا اڀريل آهن، انهن مان به تنهنجو قرض ڪونه لهندو!“

”سو ڪي ڀڄندڙن جون به ونڊيون ٿينديون آهن ڇا؟ يا اشراف ٿي هلي واپس ويهه، يا اهو جيڪو نئون رئيس ’هٿ ڪيو‘ اٿيئي، ان کان پئسا کڻي ڏي.“

”وڏيرا صاحب، لفظ ڪجهه ڌيان سان ڳالهاءِ. اسان کي تو وٽ به پورهيو ڪرڻو، هُتي به پورهيو ڪرڻو- ۽ سڀ کان اول آهي عزت!“

”بلي بلي، ٿئي ٿو وڏيرن جو هاري، ۽ ڳولي ٿو عزتون! پئسا پهچائي وڃ، نه ته چڱائي ڪانه ٿيندءِ.“

۽ پوءِ، هو روز روز گهوڙي تي چڙهي هن جي گهر اچڻ لڳو.

”جانو، اڙي او جانو، نڪر ٻاهر، پئسا ڇڏاءِ.“

”ادا، ڀاڻهين ته ٻنيءَ تي ويو آهي.“ مائيءَ نماڻائيءَ سان جواب ڏنو.

”ادا ٻدا مان آءٌ ڪونه ڄاڻان. مڙسهين کي چئجانءِ ته پئسا پهچائي وڃي، نه ته انهيءَ ڀُوري ۽ انهيءَ ڌونئريءَ جو کير ٻيا ڌڻي پيئندا!“

هن جي اها روزاني کيتي، ۽ زال جون روزاني مڙس وٽ دانهون: چي ’ماريو گهر ته اچي پر پراين ٻنين مان به گهوڙو ڊوڙائيندو اچيو رسي! چي، ”ماٺ ڪري، ماڻا ڇڏي، اچي واپس اسان وٽ ويهو، نه ته اها مينهن، اها ڍڳي ۽ اهي ڍڳا، سڀ قرض ۾ هڻائي ويندو سانوَ“!‘

”وڏيرا صاحب! بيهه اِتي، اڄ مون سان ٻه اکر ضرور صفا ڪري وڃ.“ جانوءَ وڏيري صاحب جي گهوڙي جي واڳ مان جهلي چيو.

اڄ وڏيري سان گڏ ڪو ڪمدار ڪرائو ڪونه هو. جانوءَ به سندس گهوڙو اهڙي هنڌ روڪيو هو، جتي ويجهيءَ ۾ ماڻهو ڇيڻو ڪونه هو. وڏيري لاءِ هينئر ٻه رستا هئا: يا ته ڪنهن نموني مٺو ڳالهائي جند ڇڏائي، يا ته وري دهمان ۽ دڙڪا ڏيئي، آڪڙ شاڪڙ ڏيکاري، ۽ اهڙو گوڙ شور ڪري جو انهن آوازن تي ٻيا هاري ٻنيءَ مان نڪري اچن. ۽ هن مالَ مست پويون رستو پسند ڪيو. جواني ديواني، بت ۾ طاقت، گهر ۾ دولت، وڏي هلندي، هڪڙي ٽڪي جي هاريءَ اڳيان نماڻو ٿيڻ ته هن سکيو ئي ڪونه هو. سو، وڏي رعب سان ڪڙڪو ڪري چيائين، ”هٽي پري ٿيءُ! ڳالهائڻو اٿيئي ته اوطاقُ تي اچي ڳالهاءِ.“

۽ هن گهوڙي کي وڌڻ لاءِ واڳ کي ڇٻي ڏني. پر گهوڙو ڪيئن وڌي: جانوءَ هن جي ٻي واڳ به مضبوط پڪڙي ورتي ۽ چيائين، ”وڏيرا صاحب، اڄ وڃڻ ڪونه ڏيندو سانءِ! تو منهنجي زال جي حياتي دک ڪري ڏني آهي، توکي قرض وٺڻو آهي ته مون کان وٺ، پر تون آخر منهنجن ٻارن کي ڇو ٿو ستائين؟“

وڏيري گهوڙي کي زوردار اڙي هنئي، ۽ واڳ کي به اهڙي زور سان ڇٻي ڏني جو اُها ته جانوءَ جي هٿن مان نڪري ويئي، پر گهوڙي جو وات به رتورت ٿي پيو. گهوڙو بيتاب ٿي جانوءَ مٿي چڙهي ويو، پر جانوءَ پاڻ بچائي وڏيري جي پير ۾ اهڙو ته مضبوط هٿ وڌو، جو گهوڙو ته نڪري ويو ۽ وڏيري اچي زمين تي ڦهڪو ڪيو. هن جو منهن لال ٿي ويو. سندس هٿ بي اختيار پستول ڏانهن وڌيو. هيءُ ڏسي، جانوءَ به ڪهاڙيءَ کي سندس هٿ ڏانهن سڌو ڪيو. هن جو ارادو انهيءَ هٿ تي وارُ ڪرڻ جو هو، جو پستول ڏانهن وڌيو هو؛ پر وڏيري به تيزيءَ سان ٻيو هٿ کڻي ڪهاڙيءَ ۾ وڌو ۽ ان کي مضبوط پڪڙي، جهٽ ڏيئي پستول ڪڍي ورتائين. هاڻي جانوءَ کي سوچڻ لاءِ ڪو وقت ئي ڪونه رهيو هو: ڪهاڙيءَ کي پوري زور سان سندس هٿ مان ڇڏائي، وٺي جو کڻي زپ ڪرايائين ته هوڏانهن وڏيري جي گولي گسي ويئي، ۽ هيڏانهن پاڻ وڃي زمين تي ڦهڪو ڪيائين. پوءِ هُن ٻي گولي هلائي، ۽ هِن ٻيو وار ڪيو-

’ڇا هن اهو خون ناحق ڪيو هو؟‘

آءٌ وري ٻي ماجرا سوچڻ لڳس.

جوانيءَ جي موٽ، جسم صحتمند، مال دولت اڪيچار؛ پٽ ڪوبه نه، مٿان وري زال به، ٻه جوان ڌيئون ڇڏي پرلوڪ راهي ٿي ويئي؛ زمين پنهنجي، ڳوٺ پنهنجو، هلندي پنهنجي، ۽ مٿان وري دادي ليکراج وارو شوق، ته اوڙو پاڙو ڪيئن سهي سگهي؟ جتي روز موج ڀرين مجلسن ۾ جهمريون پائيندي اهي آلاپ اٿن—

آهيان پاڻ الله، عشقين ٿو عابد سڏايان،

بهشت دلاسو، دوزخ ڌڙڪو،

کيڏڻ دي دن چار، کيڏ کيڏاڙا تون عشق جي بازي،

اتي ڀلا چئني طرفن کان جوان ۽ جوانڙيون اچي ڪٺا نه ٿيندا ته ٻيو ڇا ٿيندو.هن روحاني چڪلي کي بند ڪرڻ جون ڪوششون گهڻيئي ٿيون، پر سڀ بيسود. چڱن مڙسن، آفيسرن توڙي پوليس ٻوٽو ڪونه ٻاريو. نيٺ ڪڪ ٿي، آسپاس جا ڏهه - پندرهن غيرتمند، سرن تان آسرا لاهي، ائين اوچتو اچي ڪڙڪيا جو ڪنهن کي ڀڄڻ جي واهه به ڪانه ملي. سڄي اڏي کي باهه ڏني ويئي. پوءِ ڪي وڍجي مئا ۽ ڪي جلي مئا. پوليس وارن جڏهين اهو اچي ڏٺو ته سير سون جا ڳري ويا آهن، لکن جا نوٽ جلي ويا آهن، تڏهين آڏي اُبتي جاچ پوري ڪري هليا ويا.

’ڀلا اهي به ناحقي خون هئا؟‘

منهنجي اکين اڳيان ٽيون نقشو ڦرڻ لڳو.

تپيدار، ڦِري زميندار ٿيو، ۽ ڏسندي ڏسندي اهڙو ته زور وٺي ويو جو ويجهيءَ ڇڪ جي سڀ زمين قبضي ۾ ڪري ويو- ڪا قيمت سان، ته ڪا مقاطعن سان. هاڻي ته اهڙيءَ منزل تي به اچي رسيو جو هڪ غريب جا ڏهه نمبر سندس اسٽيٽ جي وچ ۾ اچي ويا، ته اُهي ته ماڳهين زوريءَ ڦٻائي ويو- نه قيمت، نه مقاطعو. هن غريب هر ڪنهن کي ستايو، هر ڪنهن کي منٿون ڪيون، راڄن وٽ فرياد ڪيا، ڪامورن وٽ ڪوڪون ڪيون، پر سندس ڪنهن به ڪانه ٻڌي. هاڻي ته الٽو اهي حڪم به مليس ته جنهن نمبر ۾ تو گهر ٺهرايو آهي، سو سرڪاري ناقبولي آهي: ٻچا وٺي، اباڻا ڪک ڇڏي ڀڄي وڃ، نه ته جڻ ٻچو مارائي ڇڏيندوسانءِ. جڏهين سڀ طرف کان مايوس ٿيو، تڏهين هن اسم الله جو وجهي اچي جانوءَ جو در جهليو. ”گهوريس الله جي نالي تان“ چئي، هو يڪي سر، ڪهاڙيءَ کي چمي ڏيئي، اٿي هن سان گڏ نڪتو. ۽ جڏهين هن جي ڳوٺ پهتا، تڏهين اهوئي ڏٺائون ته نئون وڏيرو عرف تپيدار صاحب پستول ٻڌيو، ڳجهيءَ بندوق وارو لڪڻ هٿ ۾ کڻيو، ماڻهن هٿان نهايت بيدرديءَ سان هن جو گهر پيو خالي ڪرائي. چي، ”ڊاهيو ڀيڻسان جو گهر، ڀڃوس ٺڪر ٺوٻر! حرامي، سرڪاري زمين ۾ دخل ڪريو ويٺو آهي!“ ۽ هن جي زال پئي منٿون ڪيون: ”سائين، رڳو منهنجي مڙس کي اچڻ ڏي!“

نئين وڏيري صاحب مائيءَ کي زوردار لت هڻي چيو، ”پري ٿي، لونڊي!...“

بس، جانو هاڻي سهي نه سگهيو، ۽ رومڙ ڪري، وٺي جو واڄٽ ڪرايائينس ته پڙ تي پورو. ڀلا، ”هجي ڪنهن کي جوءِ رن ڪرائڻي ۽ ٻچا يتيم ڪرائڻا، ته اچي جانوءَ جي ڪهاڙيءَ کي سامهون!“ هو للڪارڻ لڳو. جانوءَ جي ڪهاڙيءَ کي هرڪو سڃاڻندو هو. سڀ ڪمدار ڪاراوا کسڪڻ لڳا. جانوءَ سٽ پائي، ڪمدار کي کڻي ڏاڙهيءَ مان جهليو، ۽ گهلي اچي سندس نئين وڏيري جي لاش تي ڪيرايائينس. خود ڪمدار جي ڪهاڙي رت سان لٿڙي، کيس کڻي ٻڌائين، ۽ اعلان ڪيائين ته ”جنهن به هن کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مون کي ٻڌائڻ لاءِ شاهدي ڏني، ته ان جو جڻ ٻچو ڪُهائيندس.“

ماڻهو اڳيئي هن پوڍائي زميندار ۽ سندس ٺيڳر واري ڪمدار کان بيزار هئا، تن مان ڪنهن به جانوءَ خلاف شاهدي ڪانه ڏني، ۽ ڪمدار ٽيپ کائي ويو.

- ڇا، اهو خون به ناحق هو؟

”ڪيئن، اچيئي ٿي ڪا ڳالهه خيال ۾؟ اڙي، جانوءَ جو هڪڙو ڌڪ به ناحق جو لهي نه سگهندين! جانوءَ جا توکي ته اڃا ٿورا خون معلوم آهن، گهڻيئي ڪيا اٿم، ۽ انشاءَ الله ڪندو رهندس؛ پر رب جي درٻار ۾ انهن تي به مَرڪندو ويندس. اهي سڀ هيڻا منهنجا همراهه هوندا، جن تي سدائين پئي ڪهل ڪئي اٿم!“ هن منهنجي ڪلهي تي هٿ هڻي، مرڪندي چيو. ۽ آءٌ هن وڏي خونيءَ، منڊڪائيندڙ ماڪوڙيءَ ۽ ڀرسان پيل ناول ”چتر ليکا“ ڏانهن نهاري رهيو هوس.

قمر شهباز

”ڪنهن کي دلڙي ڏيڻ، ڪنهن کان ڌار ٿيڻ“

جهاز عدن کي ويجهو پوندو ٿو وڃي.

بس، اڄوڪيءَ رات جو سفر باقي آهي. صبح ٿيندي ئي وڏن وڏن منارن، خوبصورت عبادتگاهن ۽ چهل پهل سان ڇلڪندڙ بازارين وارو عدن اسان جي سامهون هوندو.

۽ جهاز عدن کي ويجهو پوندو ٿو وڃي.

فقط هڪ رات جي ئي ته ڳالهه آهي- ۽ اها رات هميشہ جيان لهرن ۾ لڙهندي ئي گذري ويندي- موسيقيءَ جي تِکَ ۾ ترندي ئي گذري ويندي- آڪاش جي اک پوريندي ئي گذري ويندي.

هينئر جڏهن سج دوُر دوُر تائين ڦهليل اٿاهه سمنڊ جي پرينءَ ڀر، هيٺ، ڪنهن اڻڄاتل گهرائيءَ ۾ گم ٿيندو ٿو وڃي، ۽ اولهه طرف ڄڻ ڪنهن آڪاش جي ريشمي پردن ۾ آگ دکائي ڇڏي آهي، تڏهن مان ”سرڪيشيا“ جي سڀ کان مٿانهين طبقي تي ويهي، لائيف- بوٽ سان مٿو ٽيڪي، هي سٽون لکي رهيو آهيان.

منهنجي چوگرد نيرو نيرو، گهرو گهرو، بي انت سمنڊ ڦهليل آهي، ۽ منجهس آهن بيچين روحن جيان تڙپندڙ، ڦٿڪندڙ لهرون. ٺيڪ اهڙيون ئي لهرون مون ٻئي نمبر ڪئبن واريءَ ”مارلن“ جي نيرين نيرين، گهَرين گهَرين اکڙين ۾ ڏٺيون آهن- ان وقت به، جڏهن ”سرڪيشيا“ بمبئي جي ڪناري کان جدا ٿي رهيو هو، ۽ گذريل رات به، جڏهن بال روم ۾ رقص ڪندي سندس ليڻن مان نير اٿلي پيو هو.

هوءَ ويهن ورهين جي نوجوان برطانوي ڇوڪري آهي. سونهري وارن، گلابي چپن ۽ حورن جهڙي تقدس جي مالڪ ”مارلن“ کي مون سڀ کان اول بمبئي جي بندر تي ڏٺو. ان وقت شام- پري پنهنجا پري ڦهلائي رهي هئي، ۽ ڪناري تي ماڻهن جو هجوم مسافرن کي الوداع چوڻ لاءِ اچي ڪٺو ٿيو هو. هُو زور زور سان هٿ لوڏي ”خدا حافظ“ چئي رهيا هئا؛ ۽ جهاز جي ٽنهي طبقن تي بيٺل، رنگبرنگي ڪپڙن ۾ ملبوس مسافر کلي کلي کين جواب ڏيئي رهيا هئا. هڪ مسلمان نوجوان پنهنجي ٻڍيءَ ماءُ کي الوداع چوندي، کيسي مان رومال ڪڍي کيس اڇلي ڏنو؛ ۽ هن اهو کڻي پنهنجين وهندڙ اکين تي رکيو. مون ڏٺو، نوجوان ڪوٽ جي ٻانهن سان اکيون اگهي ڇڏيون.

ڪنڊ ۾ هڪ ڪاليجي، ريلنگ تي نئڙي، هيٺ بيٺل دوستن کي چرچا ٻڌائي رهيو هو.

منهنجي ڀرسان بيٺل هڪ سک، دوربين مان هڪ خوبصورت جوانڙيءَ کي جاچيندي، مون کي آهستي ٺونٺ هڻندي چيو، ”ونڊر فل شِپ! بيوٽيفل لائيننگس! اِزنٽ اِٽ؟“

مون ڏانهنس نهاري مرڪي ڏنو.

ڪجهه پرڀرو هڪ آمريڪي جوڙو، گلن جا هار ڳچيءَ ۾ پائي، ڳل ڳل سان ملائي، هيٺ بيٺل ڪنهن دوست لاءِ ’پوز‘ ڪري رهيو هو. ڪئميرا مان روشنيءَ جو هڪ شعاع نڪتو.

”ٿئنڪس-“

”ٿئنڪس اي لاٽ.“

ايتري ۾ ٻه ننڍڙا ٻارڙا، ريڊ انڊين جهڙا ڪپڙا پايو، مٿي تي کنڀن جو ڇٽ، هٿ ۾ ڪوڙا پستول، وات سان ”بينگ- بينگ“ ڪندا، ٽپندا ڪڏندا، ڊوڙ پائي، کن ۾ ميڙاڪي اندر گم ٿي ويا. ۽ ڄڻ ٽهڪن جو درياءُ اٿلي پيو.

تڏهن اوچتو منهنجي نظر مارلن تي پئجي وئي. هوءَ ريلنگ جي سهاري خاموش بيٺي، ماڻهن جي انبوهه ۾ ڪنهن کي تلاش ڪري رهي هئي. وار وکريل، ۽ اکڙين ۾ نراشا. کيس الوداع چوڻ وارو ڪير به نه هو. ٽهڪن جي هن بيپناهه طوفان ۾، هوءَ ئي اڪيلي مايوس دل پئي ڏٺي- اڪيلي، اداس، خاموش.

۽ پوءِ جڏهن جهاز چُرڻ لڳو، تڏهن شَپ ڪري هڪ ناريل اچي پاڻيءَ ۾ ڪِريو. منهن ورائي ڏٺم، سامهون هڪ هندو عورت، گهونگهٽ ڪڍي، هٿ جوڙي، پراٿنا ڪري رهي هئي. ڪناري وارن آخري وار هٿ لوڏي، ٽهڪ ڏيئي، وڇڙندڙ ساٿين کي الوداع چئي. پر هوءَ ائين ئي بيٺي، چپ چاپ، ڪنهن لاءِ واجهائيندي رهي.

ڪناري وارا اکين کان اوجهل ٿيندا ويا. سندن آواز لهرن جي گوڙ ۾ گم ٿيندو ويو.

مسافر پنهنجي پنهنجي ڪئبن ۾ هليا ويا- ۽ جهاز هڪ سرڪش روح جيان بي انت سمنڊ ۾ ڪاهي پيو. لهرن جي پهاڙن سان ٽڪرائيندو، جهومندو، جهاڳندو، اڳتي وڌندو ويو.

۽ پوءِ، تڏهن ڪنهن جي سڏڪن جو آواز ڪَن پيم. منهن ورائي ڏٺم، منهنجي ڀر ۾ مارلن روئي رهي هئي.

خوبصورت هٿن ۾ خوبصورت منهن لڪائي، سُڏڪي سُڏڪي روئي رهي هئي- ڄڻ سمنڊ ۾ طوفان اچي ويو هجي- ڄڻ دکندڙ جبل مان ”لائو“ وهي نڪتو هجي- ڄڻ دل جا زخم اٿلي پيا هجنس.

هوءَ روئي رهي هئي. ۽ مان بت بنيو کيس ڏسي رهيو هوس.

اوچتو اسپيڪرن ۾ موسيقي مچلڻ لڳي. بال روم جي رنگين ڪاون پٺيان پاڇا ٿڙڪڻ لڳا.

پر هي سڏڪا وڌندا ئي ويا.

تڏهن مان اڳتي وڌي وٽس هليو آيس. رومال سان سندس لڙڪ اگهي ڇڏيم- پر سندس دل جا زخم چيٺي نه سگهيس. هوءَ منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي روئڻ لڳي، جهڙيءَ طرح ڏکويل ٻار ماءُ جي گود ۾ سُڏڪندو آهي. ٺيڪ اهڙيءَ طرح، جهڙيءَ ريت شيلا سڏڪندي چيو هو، ”مون کي وساري ڇڏجانءِ.“

شيلا!

شيلا، جنهن کي مذهب جي ديوار مون کان ڌار ڪري ڇڏيو هو، ۽ جنهن کي وسارڻ لاءِ مان کانئس دور وڃي رهيو هوس- ۽ جا شايد هينئر ڪنهن ٻئي جي پلئه ۾ ٻڌجي چڪي هوندي، يا شايد ساڻس گڏ باهه جي چوڌاري ڦيرا پائي رهي هوندي؛ يا وري شايد گلن جي سيج تي ڳٺڙي بنجي، سهميل سهميل نگاهن سان سندس انتظار ڪري رهي هوندي؛ يا شايد دل جي ڪنهن اجڙيل ڪنڊ ۾ ڇُپيل، پنهنجي ”ڪموءَ“ کي ياد ڪري رهي هوندي_ شايد_ شايد.

۽ مارلن منهنجي سيني ۾ منهن لڪائي روئي رهي هئي. سندس گرم گرم ساهه تکو کڄي رهيو هو.

مون سوچيو، ’هيءَ به ته شيلا آهي- ڌارئي مذهب جي ڇوڪري- شيلا!‘

تڏهن مون سندس وار سنواريندي، هوريان چيو:

”شيلا،“

هوءَ چپ رهي.

”مان توکي وساري نه سگهيس-“

هن جا سڏڪا بند ٿي ويا؛ پر منهنجو آواز ڀرجي آيو.

”مان توکي وساري نه سگهيس- مان توکي وساري نه سگهيس، شيلا!“

”پر- مان ته مارلن آهيان!“ هن هٻڪندي چيو.

”نه، تون شيلا آهين. تون شيلا آهين، منهنجي وڇڙيل شيلا!“

۽ پوءِ اسين گهڻي دير هڪٻئي کي تڪيندا رهياسين، ڳوليندا رهياسين.

هوءَ برمنگهم جي رهاڪو هئي. ماءُ- پيءُ جي اڪيلي ڌيءَ. پڻس کيس ”جان“ سڏيندو هو، ڇو ته کيس ڪوبه ’جان‘ ڪونه هو. برمنگهم ۾ ئي هوءَ پڙهي ۽ اتي ئي وڏي ٿي- ۽ اتي ئي سندس ملاقات راج سان ٿي.

راج هندستاني هو. تعليم سانگي انگلنڊ آيل هو، پر مليس مارلن. ٻيئي مليا ته ائين ڄاتائون، ڄڻ جنمن کان هڪٻئي جا ڳولائو هئا. ڪارين اکين، وکريل وارن ۽ ڪشادي سيني وارو راج، مارلن جي لونءَ لونءَ ۾ سمائجي ويو- ائين، جيئن ويڻا ۾ راڳ سمايل هوندو آهي، جيئن چنڊ ۾ چانڊوڪي ۽ گل ۾ خوشبوءِ.

رات جو جڏهن هٿ هٿ ۾ ڏيئي، ٻيئي گڏجي جهومندا نڪرندا هئا، تڏهن آڪاش سندن راهه ۾ هر طرف چانڊوڪيءَ جي چادر ڦهلائي ڇڏيندو هو، ۽ زمين جا ننڍڙا ننڍڙا، نازڪ نازڪ، خوشبودار ڦُلَ سندن آجيان لاءِ اُسري ايندا هئا.

اهڙين ئي لڀائيندڙ راتين ۾ هنن هميشہ هميشہ لاءِ هڪٻئي جو ٿي رهڻ جو قسم کنيو هو- ۽ چنڊ ۽ تارن کي پنهنجي پاڪ وعدي جو شاهد بنايو هو.

سائي سائي گاهه ۽ ڊگهن ڊگهي وڻن جي وچ ۾ وڪوڙيل ڍنڍ ۾ بوٽنگ ڪندي، هڪ ڏينهن هن چيو هو:

”مان دور دراز جو رهاڪو آهيان، مارلن! منهنجو ديس آهي هندستان، جتي تاج محل آهي، ۽ جتي موهن جو دڙو آهي. منهنجا مارو سادا، سٻاجها ۽ اٻوجهه اٿئي. منهنجي ديس ۾ توکي هتان جهڙيون رنگينيون نظر نه اينديون. دل بهلائڻ جا هيترا مانڊاڻ به اتي ڪونهن. اتي ته رڳو ڏٻرا ۽ ڏتڙيل جسم آهن- ۽ منجهن آهن ٽمڪندڙ، آسائتيون اکيون. ويچارا پورهيت، ڏينهن رات ڳڀي جي ڳولا ۾ مگن ڏسندينءَ. ’آڻيون ۽ چاڙهيون، ڏٿ ڏهاڙي سومرا‘ وارو لقاءُ اٿئي. پر ترس، مِٺي، اتي هڪ ڳالهه ٻي به آهي، جا هتي اڻلڀ پيئي ڀانئجي: ها، اتي آمر، پريم لهندينءَ! ڏکيا آهيون، بکيا آهيون، جيوت جنجال اٿئون پر الفت جا سو اَکٽ ڀنڊار اٿئون. هاڻي چئه، چئه، مارلن، ته ايترو ڪجهه ٻڌڻ کان پوءِ به مون سان هلندينءَ؟“

جواب ۾ صرف مارلن جي خوبصورت چپڙن تي هڪ هلڪي مرڪ ڪُڏي آئي- مرڪ، جنهن ۾ سوين افسانا هئا، وفا هئي، آٿت هو، قرب هو.

۽ پوءِ هڪ ڏينهن ان مرڪ جي ئي سهاري، کيس ساڻ ڪري، راج هندستان هليو آيو. ۽ مارلن، جيون- ساٿيءَ سان توڙ نباهڻ لاءِ پنهنجو سڀڪجهه تياڳي، نئين زندگيءَ جي خوبصورت خوابن ۾ گم، هڪ بلڪل ئي نئينءَ دنيا ۾ هلي آئي.

پر راج سندس ساٿ ڏيئي نه سگهيو. موت جي مضبوط چنبي کيس وفا جي وعدي پوري ڪرڻ جي مهلت نه ڏني. هو هليو ويو.

دورو، گهڻو ئي دور، پنهنجي ابدي ديس.

مارلن سندس چِتا کي جلندو ڏٺو. پر اها چِتا ته سندس جيءَ ۾ به جلي چڪي هئي. شام جي هلڪيءَ اونداهيءَ ۾ جڏهن چِتا جي آگ اُجهامي ويئي ۽ هلڪي رک هوا ۾ اڏامڻ لڳي، تڏهن کيس محسوس ٿيو ته هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾ هاڻ سندس ڪير به ڪونه هو. هوءَ اڪيلي هئي، بلڪل اڪيلي،

تنها، ۽ پوءِ، تڏهن، هن جي اکڙين ۾ ڳوڙها تَري آيا. هوءَ سُڏڪي سُڏڪي روئڻ لڳي.

- ۽ هوءَ اڃا به سڏڪي رهي هئي. مون ڳوڙهن لڪائڻ ڪاڻ منهن ڦيري ڇڏيو. تڏهن، اوچتو ڪٿان پري کان پنهنجو ئي لرزندڙ آواز ٻڌم، جو چئي رهيو هو، ”تون ديوي آهين! مارلن، تون ديوي آهين، ديوي آهين، ديوي!“

۽ ان رات مان گهڻيءَ دير تائين ورائيندو رهيس. پوءِ جڏهن نااميد ٿي ڊيڪ تي هليو آيس، تڏهن سمنڊ ۾ طوفان اچي چڪو هو.

وڏيون وڏيون خوفائتيون لهرون زور زور سان جهاز سان ٽڪرائي رهيون هيون، ۽ جهاز ڪاغذ جي ٻيڙيءَ جيان ٿڦيڙا کائيندو، لڏندو لمندو، اڳتي وڌي رهيو هو.

تڏهن، اوچتو، ڊيڪ جي ٻئي ڇيڙي تي مون ڪنهن عورت جو ڪارو پاڇو ڏٺو. هوءَ اونداهيءَ رات ۾، سمنڊ اندر آيل طوفان کي گهوري رهي هئي. سندس وار ڇُڙيل هئا، ۽ مون کي ائين لڳو، ڄڻ ڪو وڇڙيل روح اوندهه جي اوڙاهه ۾ روشنيءَ جي ڪنهن هلڪي ڪِرڻي لاءِ تڪيندو هجي.

مان ڪنڌ جهڪائي، پيرُ پيرَ ۾ پائي، پنهنجيءَ ڪئبن ۾ موٽي آيس. نه ڄاڻان ڇو، مون کان مارلن جو ڏک ڏٺو نٿي ويو. شايد ان ڪري جو هوءَ عورت هئي، ۽ سندس اکين ۾ آنسو هئا؛ يا وري شايد ان ڪري، جو هوءَ هر گهڙيءَ مون کي شيلا جي ياد ڏياري رهي هئي.

پر هاڻ ته شيلا به پرائي ٿي چڪي هوندي! سندس هٿن ۾ ميندي رچي هوندي، سينڌ ۾ سهاڳ جو سندور ڀريو ويو هوندو، ۽ هوءَ سجايل سيج تي ويڙهي سيڙهي، ڪنهن جو انتظار ڪري رهي هوندي.

’هونهه—‘ مون منهن ڦيري ڇڏيو، ’هوءَ مون کي وساري ڇڏيندي- هميشہ هميشہ جي لاءِ وساري ڇڏيندي.‘ مون پاسو بدلائي ڇڏيو. ’مان به کيس وساري ڇڏيندس، وساري ڇڏيندس!‘

۽ شايد اهو ئي سوچيندي، مارلن جاڳندي رات گذاري هئي. صبح جو ورانڊي مان لنگهندي، اوچتو هوءَ اچي سامهون بيٺم. سندس اکين جي لالاڻ ٻڌائي رهي هئي ته سندس آرام ڦُرجي چڪو هو.

”مارلن-“ مون آهستي چيو.

هن ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو. اکڙين جون ٻرندڙ ٻه ڏياٽيون کن پل لاءِ ڄڻ اجهامي ويون.

”مارلن!“

هوءَ خاموش رهي.

”ڪيسين ائين خاموشيءَ سان سهندي رهندينءَ، چري! ڪيسين ماضيءَ جي اڻپورن خوابن سان توڙ نباهيندي رهندينءَ؟ ڪيسين پنهنجي خوبصورت جسم ۽ پاڪ روح تي جبر ڪندي رهندينءَ؟ ڪيسين، ٻڌاءِ، ڪيسين؟“

”جيسين يادون زندهه رهنديون.“ ڦڙڪندر چپن وراڻيو.

”يادون-؟ يادون ته ڀلائڻ لاءِ هونديون آهن، ڳهيلي!“

”پر جي وس ڪئي به نه وسرن؟“

”اهو تنهنجو سوداءُ آهي.“

”ڪاش، اهو صرف سوداءُ ئي هجي!“

منهنجي دل ۾ درد جي هڪ لاٽ اُڀري، ۽ اکيون ڀرجي آيم. خوشبودار گلن جي سيج تي ليٽيل شيلا، هڪ دفعو وري منهنجي ذهن ۾ چمڪي اٿي هئي.

”ڪنهن کي وسارڻ ڪيترو نه ڏکيو آهي!“

مون منهن ڍڪي ڇڏيو؛ پر ٿڙڪندڙ چپن کي روڪي نه سگهيس. سوچيم، ’ڪاش، اهو صرف سوداءُ ئي هجي!‘

”ڇا ٿا سوچيو؟“ هن پڇيو.

”سوچيان ٿو، حياتي ٿوهر جو وڻ آهي.“

”ڪِنِ جي لاءِ.“

”ها مارلن، ڪن جي لاءِ، ۽ شايد اسين ئي اهي ’ڪي‘ آهيون. اسين، جي صرف وعدن نڀائڻ لاءِ ئي زندهه رهون ٿا؛ مرڪون ٿا، لڙڪن کي لڪائڻ لاءِ؛ ۽ جيئون ٿا زندگيءَ جي زهر پيئڻ لاءِ. اسان جا دامن نراشا جي ڦولن سان ڀريا ويا آهن، ۽ اسين انهن تي ئي راضي آهيون؛ ڇو ته اهي قسمت جا تحفا جو آهن!“

هوءَ يڪٽِڪ مون کي ڏسندي رهي.

”ڪڏهن سوچيو اٿيئي، مارلن، ته—“

ڇا؟“

”ته—“ مان هن جي اڃا به ويجهو اچي ويس. ڏڪندڙ هٿن سان سندس جهڪيل منهن کي مٿي کڻي، سندس اکين ۾ گهوري ڏٺم، جي اداس هيون؛ سندس چپ، جي ڪنبي رهيا هئا؛ ۽ سندس وار، جي اڻڀا هِئا.

تڏهن، اوچتو، دل جي ڪنهن اونداهيءَ ڪنڊ مان انهن چپن کي چمڻ جي خواهش اُڀري آيم- ۽ منهنجا چپ ڄڻ جلڻ لڳا. هوريان هوريان، مان انهن خوبصورت چپڙن کي ويجهو پوندو ويس- ويجهو اڃا به ويجهو: هن جو گرم ساهُه؛ هن جي بدن جي خوشبوءِ، هن جا ڏڪندڙ چپ.

تڏهن مون هن جي اکين مان وهندڙ لڙڪ ڏسي ورتا. منهنجي دل ۾ ڄڻ ڪجهه ڀَڄي پيو. هٿن جي گرفت ڍري ٿي ويئي، ۽ هوءَ هلي ويئي؛ ۽ مان ڏاڪڻ ۾ منهن لڪائي سڏڪڻ لڳس.

منهنجي دل روئي رهي هئي. مون کيس چوڻ چاهيو هو ته ’جڏهن ٻه ستايل روح ملندا آهن، تڏهن هڪ نئين محبت جنم وٺندي آهي؛ نوان وعدا، نوان قول ۽ اقرار ٿيندا آهن. ماضيءَ کي وساري ڇڏڻ ئي سڀ کان وڏي دانشمندي آهي: زندگيءَ جو هر نئون لمحو پاڻ سان نئين زندگي ۽ نئين خوبصورتي آڻيندو آهي.‘ پر مان کيس ڪجهه به چئي نه سگهيس، ۽ هوءَ هلي ويئي.

ٻئي ڏينهن جهاز کي خوب سينگاريو ويو. ننڍڙن ننڍڙن رنگبرنگي بلبن جون جهالرون لڳايون ويون، سونهري ڪاغذ جا گل لڳايا ويا، ۽ بال روم ۾ خاص ”بال“ جا سانباها ٿيڻ لڳا؛ ڇو ته هڪ مسافر جوڙي، عدن ۾ لهڻ شرط ئي شاديءَ جو اعلان ڪيو هو. 

هنن جي ملاقات جهاز ۾ ئي ٿي چڪي هئي، ۽ ان ننڍڙيءَ گڏجاڻيءَ ۾ هن هڪٻئي کي جيون- ساٿي چونڊي ورتو هو.

پوءِ، جڏهن رات جي روشنيءَ ۾ موسيقيءَ جو درياءُ اٿلي پيو، تڏهن اهو خوش نصيب جوڙو، کلندو ڪڏندو، هڪٻئي جي گلي ۾ ٻانهون وجهي، جهومندو، فلور تي نچڻ لڳو. هو ٻئي خوبصورت هئا، نوجوان هئا، خوش هئا- ڄڻ بادلن جي ديس جا ٻه رهواسي- ڄڻ آزاد پکيئڙن جو ڪو جوڙو.

۽ مائيڪ تي ڪوئي ڳائي رهيو هو:

“Put your head on my shoulder.

And, darling, say that you are mine!”

ان وقت مون پنهنجي ڀرسان ويٺل مارل ڏانهن نهاريو.

هوءَ خاموش، خالي خالي نگاهن سان ڪنوار کي تڪي رهي هئي. هن جا وکريل وار سندس اکڙين تي وري آيا هئا، ۽ سندس اداس چپ مرڪ ڀُلائي، نينهن نڀائي رهيا هئا-

“Put your Read on my shoulder-:”

مون ڏٺو ته هن جون اکيون ڀرجي آيون، ۽ ٻه ننڍڙا ننڍڙا چمڪندڙ لڙڪ سندس نيڻن مان وهي نڪتا.

ساز ۽ آواز جون لهرون ماٺيڻي سمنڊ جي مٿاڇري تي ڦهلجنديون رهيون- ڦهلجنديون رهيون- ۽ مارلن جا چپ ڦڙڪندا رهيا، نيڻ ٽمندا رهيا.

“And, darling, say that you are mine!”

“And, darling, say that you are mine!”

“And, darling, say that you are mine!”

__darling__you are mine!... your head, __darling, __mine__mine __mine __

تڏهن، اوچتو مون هٿ وڌائي کيس پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو. هوءَ ڇرڪي اٿي. مان کيس ٻانهن کان گهليندو، فلور تي وٺي آيس. ساڄي ٻانهن مضبوطيءَ سان سندس چيلهه جي چوڌاري ورائي، کاٻو هٿ سندس هٿ ۾ ڏيئي، مان سازن جي تال تي پير کڻندو رهيس.

هوءَ ڪجهه دير مون کي تڪيندي رهي. پر پوءِ سندس پير به چُرڻ لڳا. ٿڙندي ٿاٻڙندي، هوءَ به تال تي پير کڻڻ لڳي. سندس لڙڪ خشڪ ٿي چڪا هئا.

”مون کي معاف ڪج، مارلن!“ مون ڀڻڪندي چيو، ”مون کان تنهنجو غم سٺو نٿو ٿئي، ڇو ته تون به گهائل آهين ۽ مان به گهائل- تون قسمت جي، ۽ مان زماني جو. اسان ٻنهي جو دکڙو ساڳيوئي ته آهي!“

هوءَ منهنجي سيني ۾ منهن ڇُپائي، ٻڌندي رهي.

”اسان ٻنهي جي چپن تان مرڪ ڦُري ويئي آهي! زندگيءَ زهر کان سواءِ ڏنو ئي ڇاهي اسان کي؟“

هوءَ اڃا تائين مون کي تڪي رهي هئي.

موسيقي گونجندي رهي، پاڇا ٿڙڪندا رهيا- ٿڙڪندا رهيا،... ۽ پوءِ خبر ناهي ڇا ٿيو. ماڻهو اسان کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. اسان ٻنهي جي گلي ۾ گلن جا هار وڌا ويا هڪ ڄڻي اٿي اسان جي صحت جو جام پيش ڪيو، ۽ ٻين سڀني گلاس ٽڪرائي زور سان پڪاريو:

”چيئرز!“

”چيئرز!“

۽ پوءِ، عورتن ۽ مردن جو انبوهه اسان جي چوگرد اٿي نچڻ لڳو.

مون مارلن کي هٿ کان جهلي ورتو- ڄڻ هيڏي ساري انبوهه ۾ سندس گم ٿي وڃڻ جو ڊپ هجيم.

هن زور سان منهنجين ٻانهن ۾ منهن لڪائي ڇڏيو، ۽ سُڏڪي سُڏڪي روئڻ لڳي- شايد راج جي ياد دل جي ڪنهن گهرائيءَ مان اُڀامي اُٿي هيس.

تڏهن مون کي شيلا ياد اچي ويئي.

پر نه- شيلا ته منهنجين ٻانهن ۾ هئي!

۽ اها رات اسين ٻئي ڪيتري تائين ريلنگ جي سهاري بيٺا رهياسين. ٻنهي جي اکين ۾ آنسو هئا، ۽ دل ۾ جلن. عدن پهچڻ شرط ئي اسين زندگيءَ جي سڀ کان مضبوط رشتي ۾ ٻَڌجي، هڪ ٿي وينداسين.

- ۽ اسان جو جهاز عدن کي ويجهو پوندو ٿو وڃي. بس، اڄوڪي رات جو سفر باقي آهي. صبح ٿيندي ئي وڏن وڏن منارن، خوبصورت عبادتگاهن ۽ چهل پهل سان ڇلڪندڙ بازارين وارو عدن، اسان جي سامهون هوندو.

فقط هڪ رات جي ئي ته ڳالهه آهي- ۽ اها رات هميشہ جيان لهرن ۾ لڙهندي ئي گذري ويندي، موسيقيءَ جي درياءَ ۾ وهندي ئي گذري ويندي!

ذوالفقار راشدي

ٿرڊ ڪلاس

هڪ رواجي ڪم پٺيان ساري ڏينهن جو سيڙاپو منهنجي عادت بڻجي چڪو هو؛ ۽ مون کي رکي رکي پاڻ تي چڙ لڳندي هئي. نيٺ ٻيا به ماڻهو آهن، جيڪي هڪ ڏينهن ۾ ڏهن ڪمن کي منهن ڏيو پيا اچن؛ پر آءٌ ئي هڪ آهيان، نڪار ۽ سست، جنهن کان هڪ ڏينهن رڳو هڪ ئي ڪم اُڪلي ٿو. تنهن ڪري اڄ پڪو پهه ڪيم ته اڳو پوءِ جو شهر وڃان ته اتان رڳو هڪ ئي ڪم اُڪلي ٿو. تنهن ڪري اڄ پڪو پهه ڪيم ته اڳوپوءِ جو شهر وڃان ته اتان آفيس جو ڪم پورو ڪري، شهر مان ڌوٻيءَ ۽ پريس وٽان ٿيندو، واڍي کي چِتائيندو، پوءِ سڌو هليو وڃان ريلوي اسٽيشن تي. هڪ وڳي گاڏي ٿي اچي، ۽ منهنجي بس گهڻو گهڻو ته ڏهين وڳي شهر پهچندي. سڄا سارا ٽي ڪلاڪ هنن ٻن ٽن هلڪن سلڪن ڪمن لاءِ کوڙ آهن. هڪ واريءَ گاڏيءَ ۾ سڌو وڃي باڊهه لهندس، اتان اڌ ڪلاڪ اندر بس وڃي نصيرآباد پهچائيندي؛ اڳوپوءِ اتان جو ڪم به سُتڙ ڪري، چئين وڳين شام جو وڃي گهر ٿانيڪو ٿيندس. ڀلا اها به ڪا تُڪ چئبي جو ٽڪي جي ڪم پٺيان ورهيه جيڏو ڏينهن لاڙي ڇڏجي. بس، اڄ رڳو ڪم سان ڪم رکبو، وڌيڪ ڌانڌل سان ضرور ئي ڪونهي. ڏهاڙي سنگت ساٿ سان ٺڙا ماشا نه ٿيا ته ڪهڙي اربع خطا ٿي پيئي. ’اڄ‘ کي سڀاڻي ته نه ٽاربو ته پوءِ سڀان، ٻئي ڏينهن، ٽئين ڏينهن، گهر ويهي آرام ڪبو. هي ڏهاڙي ڏهاڙي گهوڙي گاڏين ۽ لارين جو سفر هڻيو هچ ڪريو وجهي. ڀلا اها به ڪا حياتي چئبي- رڳو راڙو ئي راڙو- هُنهه!

اسان جي لاري منهنجي ڪٿيل وقت، ڏهين وڳين کان به پندرهن منٽ اڳي پهتي. انهيءَ ئي مهل هڪ ڀلي گهوڙي گاڏي ڀاڙي ڪري، ڪم سان لڳي پيس. پنهنجيءَ رٿ موجب، هڪ گهڙي به نڪمي ڪانه وڃايم. ڪنهن قربن ڀرئي گهڙي کن جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ڪو بهانو بڻائي نڪري ويس. ڪم ته الهه جي آسري هڙئي اُڪلي ويا،  پر ايتري ۾ هڪ به وڄي ويو، پڪ هئي ته گاڏي ٽيشن تي پڄي چڪي هوندي. ڪوچوان گهوڙي کي ٻه- چار تلهڙ ورايا. ٽيشن تي پڳاسين ته گاڏيءَ به سيٽي وڄائي. ڀڄندي ڊوڙندي، اچي ”اُچي درجي واري ٽڪيٽ گهر“ وٽ پڳس ته اُتي وري ڪا مرامت مڙي پئي هلي، سو ڀڃ- ڊاهه لڳي پيئي هئي. ايتري مهل ڪانه هئي، جو ’اُچي درجي واري‘ نئين دري ڳولجي. منهنجي نوڪر مڙسي ڪري دري جي اڳيان وڌي، ٿرڊ ڪلاس جون ٻه ٽڪيٽون وڃي ورتيون. تڙ تڪڙ ۾ ڊوڙندي، ٽيشن جي پل صراط جهڙي پل پار ڪري، پليٽفارم تي پير رکيوسين ته گاڏي ڪوڪ ڪري رڙهڻ لڳي. مان سامهون واري ٿرڊ ڪلاس جي در کي ڌڪو ڏيئي اندر ڪاهي پيس، ۽ منهنجي پٺيان منهنجو نوڪر.

ٽن ڪلاڪن جي يڪيءَ وٺ- پڄان کان پوءِ وري هن پوئينءَ ڊوڙ پگهرائي وڌو. ويتر جو گاڏيءَ ۾ چڙهياسين ته هيڪاندي پيهه ڏسي، هانءُ ٻوساٽجي ويو. پر پريان ڪنهن اشراف سڏي چيو:

”سائين، بيٺا ڇو آهيو، هيڏانهن ٿي ويهو.“

اتي ساهه سامت ۾ آيو. ته هن ڀلي ماڻهوءَ پنهنجي يارهن- ٻارهن ورهين جي ڇوڪري کي اٿاري، پاڻ به ٿورو سري، مون کي جاءِ ڏني. نوڪر به زنجير جهلي، ٽپ ڏيئي وڃي مٿي ويٺو. چوڌاري اک وڌائي ڏٺم ته هن ننڍڙي ٿرڊ ڪلاس جي مڙيني مڪينن جي اک مون ۾ هئي. منهنجي ساڄي پاسي هڪ باريش مولوي صاحب اُڀي پير بيٺل هو، ۽ سامهون واريءَ سيٽ تي، پنجابي ويس ۾، هڪ جوان زال جهوليءَ ۾ پنهنجو سال کن جو ٻالڪ جهليو ويٺي هئي. زال ٻُڪل هنيو، ڪنڌ نوڙايو ويٺي هئي. وقتي، گهاٽا ڇپر مٿي کڻي، هيڏي هوڏي نهاري، وري ڪنڌ ڍرڪائي پئي ڇڏيائين، ۽ گود ۾ ليٽيل گول مول ٻالڪ جي ڳاڙهڙن ڳلن تي هوريان هوريان هٿڙن ڦيرڻ ۾ مگن ٿي پئي ويئي.

مون پلڪ منجهه پرکي ورتو ته هنن ٿرڊ ڪلاس واسين جي اکين ۾ مون لاءِ ڪيڏي نه عزت آهي. پنهنجن وڏ- مُلهائتن ڪپڙن ۽ هٿن ۾ اڌ درجن رسالن ۽ ڪتابن جي هئڻ سبب، مان هن وايومنڊل تي ڇانئجي چڪو هوس. اهو ڄاڻي، منهنجي اندر ۾ خوشيءَ ۽ آڪڙ جي اُٿل اچي ويئي. ماڻهو سچ به وڃي ۽ ويهي اهڙي هنڌ، جتي هر ڪنهن جون اکيون ڏانهس واجهائين. اهڙيءَ جاءِ تي وڃڻ مان ڇا هڙ حاصل، جتي هرڪو ’مان‘ ۾ محو هجي. مون کي پلڪ ۾ پرو پئجي ويو ته گانڌي ڇو ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو هو. دل پئي گهريو ته اڄ ته ڪو گَهِرو يار رَلجي وڃي ته جيڪر مڃائي ڇڏيانس ته ٿرڊ ڪلاس جي سفر ۾ وڏا سهنج ۽ سک آهن!‘ اول ته چڱي ماڻهوءَ کي در لنگهندي ئي ٿرڊ ڪلاسين جون اکيون آجيان چون، ٻيو ته ماڻهو سڄي وايو منڊل تي ڇانئجيو وڃي، ٽيون پئسي جي بچت. ٻيا به انيڪ فائدا، جيئن ته-

”صاحب، سنڀال!“

سامهون ويٺل زال جي خاوند ٺيٺ پنجابڪيءَ ۾ رڙ ڪئي. مون ڇرڪي پاڻ سنڀاليو. سامهون ويٺل زال جي ڀوري بگي ننڍڙي پيشاب ڪري ڇڏيو هو، ۽ وهڪرو اچي منهنجن پيرن ڀرسان پڳو هو. مون جهٽ پٽ پير پري ڪري ڇڏيا. هن زال جي موچاري منهن تي لڄ ڀري لالي اچي ويئي، ۽ چپن کي هڪ مٺڙي ۽ من- موهه مرڪ چمڻ لڳي. اها مرڪ، جيڪا چنبيليءَ جي مُکڙي، ٽڙڻ مهل مرڪندي آهي، جيڪا وهي چرهندڙ نينگريءَ جي ڪنوارن چپن تي چُرندي آهي، جيڪا سج اڀرئي سان ماڪ جي ڦڙن مان جهاتيون وجهندي آهي، جيڪا چوڏهينءَ جي رات کير جي پيالن ۾ جرڪندي آهي: اهڙي ئي پياري پياري ۽ ساهه ۾ سانڀڻ جهڙي مرڪ هئي هن جي. هن مون ڏانهن ڏسي، ٻارڙي کي هلڪڙي پيار ڀري لپاٽڙي هڻندي، پنجابڪيءَ ۾ چيو:

”پرائي صاحب جا ڪپڙا وڃائين ها، شودا!“

هاڻي هڪ سُريلي ٽهڪڙي سان گڏ هن جا ڪچ ڪوڏين جهڙا ڏند چمڪڻ لڳا.

مان ڳالهه نٽائڻ لاءِ ڪنهن ڪتاب جا پنا اٿلائڻ لڳس، ۽ گاڏي هلي رهي هئي. ڪنهن مهل ڪنڌ مٿي ڪيم ته هوءَ مون ڏانهن تڪي رهي هئي. ڇو؟ ڇا لاءِ؟ مان ان نهار جو ڀيد پائي ڪونه سگهيس. ڪجهه سوچڻ لاءِ سگريٽ دکايم، ۽ گهڙيءَ ۾ دونهي جو دود ٿي ويو. مون ڏٺو ته هن پنجابي جوڙي پاڻ ۾ ڪجهه سرٻاٽيو. منهن مان ئي پرکي ورتم ته هن زال کي سگريٽ جي بانس ڪانه ٿي وڻي، پر مون کي جهلي پلي به نٿا سگهن. جهٽ سگريٽ هيٺ اڇلي، ان کي بوٽ سان چيٿاڙيندي، اڙدوءَ ۾ چيم:

”مون کي معاف ڪجو!“

هو ٻئي پهرين وائڙا ٿيا ۽ پوءِ شرمائجي ويا. هاڻي هوءَ زال اهڙين ٻاجهارين ۽ پيار ڀرين نظرن سان نهاري رهي هئي، ڄڻ مون هن تي هيڪاندا ٿورا ٿڦيا هئا. هن جا نماڻا نيڻ پنهنجو پاڻ اها پرولي سلي رهيا هئا. هن جي اکين ۾ ٻاجهه آهي، شڪريو آهي، سڪ آهي، يا ڪو سنيهو آهي؟ مگر نه، هوءَ ته ماءُ آهي- هڪ پياري، گلن جهڙي ٻچڙي جي ماءُ- هڪ مڙس جي نڪاح ٻڌي زال.

گاڏي، جهٽڪو کائي، ڏوڪريءَ ۾ بيهي رهي.

 

اسان جي گاڏيءَ ۽ پئسينجر جي ڪراسنگ سبب گاڏي ڳپل وقت بيهڻي هئي. سو، جيئن ئي پليٽفارم تي پهتي، تيئن گهورڙيا گاڏيءَ ۾ گهڙي آيا.

”گرما گرم نيزا.“

”ڀُڳل مڱيرا، ٻي آني پاءُ.“

مان وندر لاءِ هيٺ لهي، پليٽفارم تي پسار ڪرڻ لڳس.

’- ته ههڙيءَ نهار جي معنيٰ ڪهڙي؟ الائجي ڇا! مان ڇو هن لاءِ هيتري ڇڪ پايان ٿو پنهنجي اندر؟ هوءَ ڇو يڪو مون ڏي پيئي نهاري؟‘ پر مون وٽ ڪا دلجاءِ جهڙي ڀڃڻي ڪانه هئي هن ڳجهارت جي! سوالن پٺيان سوال ڪنن جو ڪڙو کڙڪائڻ لڳا. ڇا ائين واٽ ويندي اڻڏٺن سان اکيون اٽڪنديون آهن؛ بنا ڄاڻ پڇاڻ هيئن تڙي کڙي دل لڳندي آهي! او ’هِير‘ جي ڏيهه جي نوجوان ناري، مون کي هي سمجهاءِ، ڇا توکي پنهنجو وَر دل تي ناهي؟ ڇا توکي آٿت ڏيڻ لاءِ ڪنهن اوپري رانجهي جي گهرج آهي؟ جنهن توکي هي ڀُورو ڀگو، وسن جهڙو ٻچڙو ڏنو، تون ان جي پاٿاريءَ سان ڪوڙي آهين! مگر مان- مان توسان پريت جو ناتو نه ڳنڍيندس. منهنجي سنڌڙيءَ ۾ ’ڪانڌ ڪميٽي‘ ڌُريان ئي ڌڪاريل ليکبي آهي. هتي زال تڏهن ئي زال آهي، جڏهن هن جو نينهن، هن جي نهار ۽ هن جي پيار ڀري مرڪ رڳو هن جي وڪاڻل هجي. پوءِ هوءَ مارئي آهي، پوءِ هوءَ ديوي آهي، نه ته ڌڪار، ڦٽڪار وَر وٽ ۽ ملامت جي حقدار.

مگر مان ڇو هي ’مارئيءَ‘ ۽ ’هير‘ جي ڀيٽ ڪرڻ لڳو آهيان! هن ويچاريءَ الائجي ڇو کڻي مرڪيو ته مان هن کي بي ماني سمجهي، هن کي ڌڪارڻ به لڳس! مون پاڻ کان پڇيو:

’ڪيئن، ميان، پاڻ کي وڏو آزاد خيال چوائيندو آهين نه؟‘ بس، هڪ عورت جي مرڪ سهي نٿو سگهين! اها ٿورڙي خوشيءَ ڀري مرڪ به توکي مونجهارن، وسوسن ۽ ڇڪ ۾ وجهيو ڇڏي. تڏهن مرضي ڇا اٿئي، ڇا تون گهرين ٿو ته تنهنجي ڏيهه جي مارئي سدائين ڪوٽن ۾ قابو رهي ۽ رت جا ڳوڙها پيئي ڳاڙي، ۽ کيس کل خوشي ورلي به نصيب نه ٿئي؟ ۽ تون ان کي اُچي تهذيب سڏيندين نه! اوهين ڪنهن ناريءَ جي مرڪ يا ٽهڪ کي بيحيائيءَ سان ڇو ٿا ڀيٽيو، ان جا بڇڙا تعبير ڇو ٿا ڪڍو؟ ڇا زال ذات جي ڀاڱي ۾ رڳو روئڻ رينگڻ ئي رکڻ ٿا گهرو؟‘

”اڙي يار، اڄ ڇو اڪيلو اڪيلو ڦيريون پيو پائين؟“

ڪنهن دل- پرتي دوست، ٻک وجهي، مون کي ويچارن جي ڪنڊ مان ڪڍي ورتو.

”او سڄڻ، ائين ئي.“ مون هن جي جيون ڀرئي ٽهڪ سان پنهنجو هٿراڌو ٽهڪ ملائيندي چيو. ”ڪٿان پيو اچين ۽ ڪيڏانهن پيو وڃين؟“

”هيڏانهن ويو هوس، سنڌ جي تهذيب ڏسڻ، موئن جي دڙي تي، ۽ هاڻي ڳوٺ پيو وڃان.“

هيڪر دل ۾ آيو ته جيڪر پڇانس: ’اي دوست، اتي هيبتناڪ دڙن هيٺ دٻيل ڪنهن مارئيءَ جي دانهن ته ڪانه ٻڌءِ، ڪنهن ڀَڳلڀُريل محل جي لڪيل ڇپيل تهخاني مان ڪو سُڏڪو ته ڪن ڪونه پيئه، ڪنهن زنجير-‘ پر مان پاڻ جهلي ورتم، متان هو مون کي چريو سمجهي!

”تون ڪٿان پيو اچي؟“ هن پڇيو.

۽ مان ان ويل انهيءَ ويچار ۾ هوس ته ڪي ڏينهن ٿيا آهن جو ايڊيٽر جو خط آيو آهي. ”مهراڻ“ لاءِ ڪجهه موڪلڻ واسطي، پر منهنجي ڪَلا سانت ۾ سُتل هئي ۽ مون وٽ ڪجهه ڪونه هو. ڀانيم پئي، جيڪر اڄ ڪنهن آکاڻيءَ جو اوڳر ملي پوي، سو جهٽ وراڻيومانس:

”آکاڻي پيو ڳوليان.“

”آکاڻي؟... اڙي ها، تنهنجي اها ’آکاڻي!‘“ هن وٺي ٽهڪ ڏنو.

اسين ٻئي کلندا هڪ گهورڙئي جي مٿان اچي بيٺاسين، ۽ مون ’بي. پي‘ کٽمٺڙن جون پئڪيٽ خريديو.

”ڪٿي ويٺو آهين، هوڏي هلي مون سان ويهه.“

”ها، پر ٻه منٽ ترسجانءِ.“ مان ٿرڊ ڪلاس ۾ چڙهي ويس. ماڻهو گهڻا هتي لهي ويا هئا، ۽ هاڻي هت به فرحت لڳي پيئي هئي. منهنجو نوڪر به سيٽ تي پير ڊگهاريو، بي اونو ٿيو ويٺو هو. مون وڃڻ سان کٽمٺڙن جو رنگا رنگي پئڪيٽ، ماءُ جي هنج ۾ کلڪاريون ڪندڙ ٻارڙي جي پتڪڙن هٿن ۾ ڏنو.

”هي ڇا، بابوجي!“

”هيءُ هن جي انهيءَ مرڪ جو انعام، جيڪا هن جي منهن تي پرهه جي آڇاڻ پيئي هاري.“

ان مان هن الائجي ڪهڙي معنى ڪڍي، ۽ لڄائجي، شرمائجي، لالڙي ٿي ويئي. مون ڪتاب هٿ ۾ کڻندي، نوڪر کي چيو، ”مان هلان ٿو سيڪنڊ ڪلاس ۾، تون باڊهه ۾ لهي پئجانءِ.“

ٻارڙو رنگا رنگي پئڪيٽ سان، هونگون ڏيئي، ڳالهڙيون ڪري رهيو هو. ماءُ جو منهن هپجي ويو، ۽ اکيون نماڻيون ٿي ويس- ڄڻڪ چونديون هجن: ’بابوجي، سوڙهه سنگهيڙ ۾ به هت ويٺو رهين، هاڻي توکي سيڪنڊ ڪلاس ڪيئن ياد پيو. هونهه، کڻ پنهنجا کٽمٺڙا، اسين ڪو توکان بيک ٿا پنون ڇا!‘

۽ مان تڙ تڪڙ ۾ هيٺ لهي آيس. منهنجي دوست ٽوڪيندي پڇيو:

”تو هت پئي آکاڻي ڳولي؟“

”هائو، آکاڻي ملي به وئيم.“

”هونهه، پڪ T.C. آکاڻي هوندي.“

”ڇا معنى؟“

”معنى، ٿرڊ ڪلاس آکاڻي!“

”اڙي تو ڏٺو ڪين، يار، هتي هِير جي وطن جي، وارث شاهه جي ملڪ جي، جيئري جاڳندي، کلندڙ مرڪندڙ تهذيب ويٺي هئي: مان ان جي جياپي ڀريءَ مرڪ مان آکاڻي چٽيندس.“

”اونهه، بڪواس- هڪ T.R. عورت.“

”ڇا مطلب؟“

”مطلب، هڪ ٿرڊ ريٽ (Third rate) مال!“

- ۽ مارئيءَ جي تهذيب روئي ڏنو.

اَمَر جليل

عورت

ٿڪل قدمن سان هو ڪاليج جي ڪمپائونڊ مان ٿيندو، ڪلاسن جي سامهون واري ورانڊي ۾ پهتو. سندس دل بيحد اُداس هئي. خواهه مخواهه نگاهن تي آنسن جي جهالر لڏي رهي هيس، ڄڻ ته سندس سيني ۾ ڪجهه ڀَڄي پيو هو.

هن در جي وٿ مان اندر ڪلاس ۾ نهاريو. شاگرد غور سان پروفيسر ولسن جو ليڪچر ٻڌي رهيا هئا. هن شاگردن جي هڪ هڪ قطار ۽ هڪ هڪ بينچ کي غور سان ڏٺو، پر کيس ڪملا نظر نه آئي. هن جو درد وڌي ويو. کيس پنهنجن سنڌن ۾ سور جو احساس ٿيو. ۽ وري سندس نگاهن تي لڙڪن جي جهالر پئجي ويئي.

هو ٻڏل دل ۽ روئندڙ روح سان ڪاليج جي گارڊن ۾ آيو. سڀ شاگرد ڪلاسن ۾ هئا. هو پاڻ کي اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو، ڄڻ هن وسيع دنيا ۾ سندس ڪوبه نه هو. تنهائيءَ هن جون مايوسيون سمنڊ جي گَهراين کان به وڌيڪ اونهيون ڪري ڇڏيون. هو پپر جي ڇانوَ ۾، ٻانهون ڪنڌ هيٺان ڏيئي، سائيءَ ڇٻر تي ليٽي پيو. دل کانئس پڇيو ته آخر ڪملا کيس ڇو ستائي رهي آهي- هوءَ هڪ هفتي کان غير حاضر آهي! ۽ پوءِ هن پاڻ سان ڳالهايو: ’ها، ڪملا هڪ هفتي کان غير حاضر آهي. آخر هوءَ سمجهي ڇو نٿي ته مان کيس دل جي گَهراين سان چاهيان ٿو. منهنجي محبت پوڄا آهي. مان کيس پوڄيان ٿو. ها، پوڄيان ٿو. هوءَ منهنجي من- مندر جي ديوي آهي. پر ديويون ستائينديون ته ناهن... ته پوءِ ڪملا هڪ هفتو منهنجي نظر کان اوجهل رهي، مون کي ڇو ستائي رهي آهي!‘

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com