سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :10

شيخ عبدالرزاق ”راز“               ]سانگيئڙن - سار[

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي

 

        ورهاڱي کان ٿورو پوءِ سنڌي زبان جي بلند پايه شاعر ۽ اديب محترم شيخ عبدالرزاق ”راز“ جي سپرستيءَ ۾ سنڌي زبان ۽ ادب جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ سکر ۾ ”حبيب پبليڪيشن“ نالي هڪ ادارو قائم ٿيو هو، جنهن ۾ مقبول صديقي سندس رفيق ڪار هو. سنڌي زبان ۽ ادب جي خدمت ۽ سنڌي ڪتابن پڙهڻ جي شوق واري جذبي وچان ان اداري جي ڪتابن جو خريدار ٿيو هوس. ان اداري محترم ”راز“ جي شعر جو مجموعو ”سارنگ“ ۽ افسانن جو مجموعو ”ڊاڪ بنگلو“ ڇپيو هو ۽ شيخ اياز جو ”پنهل کان پوءِ. ”راز“ جي افسانن ۽ آزاد نظم مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو هو. ايتريقدر جو انهيءَ رنگ ۽ ڍنگ ۾ آزاد نظم ۽ افسانن لکڻ جي ڪوشش به ڪرڻ لڳو هوس. آزاد نظم ته پاڻ تائين محدود رکيم، پر ڪجهه افسانا ڇپجي ويا. اهڙيءَ طرح ”راز“ سان منهنجي غائبانه واقفيت ٿي، سندس فن جي ذريعي.

        ان ڳالهه کي ڳچ عرصو گذري ويو. اداري جي ڪتابن جي اشاعت بند ٿي ويئي، پر راز صاحب جو نالو دل تي نقش رهيو، توڙي جو ورهين جا ورهيه کيس ڏٺو نه هوم. کيس پهريون ڀيرو 1957ع ۾ ”سنڌي ادبي سنگت سکر“ جي هڪ ادبي نشست ۾ ڏٺم؛ جنهن جي هو صدارت ڪري رهيو هو. ان نشست ۾ مون هڪ لوڪ ڪهاڻي پڙهي هئي، جنهن تي تبصرو ڪيو هئائين، ۽ لوڪ ڪهاڻيءَ جي فن تي به ڳالهايو هئائين. سندس تبصري ۽ فن تي ڪيل بحث مون کي متاثر ڪيو هو. اهڙيءَ طرح سندس ناقدانه حيثيت کان به متعارف ٿيو هوس. ان زماني ۾ ساڻس ڪا ملاقات ڪانه ٿي، سگهي البته ايترو معلوم ٿيو ته هو ان زماني ۾ سکر جي ميونسپالٽيءَ جو چيف آفيسر هو؛ ۽ ان وقت جيڪي ادبي جلسا، مشاعرا ۽ ادبي نشستون ٿينديون هيون، اهي سندس محنتن، ڪوششن ۽ تعاون جو نتيجو هوندو هو.

        راز صاحب سان پهرين ملاقات ڊسمبر 1961ع ۾ شام جو حبيب منزل پراڻي سکر ۾ ٿي، جڏهن آءٌ اسلاميه ڪاليج سکر ۾ سنڌيءَ جي ليڪچررشپ جوانٽرويو ڏيڻ ويو هوس. راز صاحب اصولن جي بنياد تي سکر جهڙي ميونسپالٽي جي چيف آفيسري ڇڏي چڪو هو، ۽ ميونسپل هاءِ اسڪول سکر جو هيڊ ماستر ۽ اسلاميه ڪاليج سکر جو پروفيسر ٿيو هو. هو اسلاميه ڪاليج ۾ سنڌي ادب ۽ تاريخ اسلام پڙهائيندو هو، انهيءَ ڪري مون ساڻس ملڻ، ۽ ڪاليج جي نوڪريءَ متعلق مشورو وٺڻ ٿي گهريو. اها ملاقات منهنجي هڪ دوست محترم مير محمد هَڪڙي جي معرفت ٿي، جيڪو ان زماني ۾ اسلاميه ڪاليج جو طالب علم هو.

        پهرينءَ ئي ملاقات مان ائين معلوم ٿيو، ڄڻ اسين ازل کان هڪٻئي کي سڃاڻون. نهايت خوش خلق ۽ خوش مزاج. ملاقات ۾ ڳالهين ڪندي راز صاحب پنهنجي زندگيءَ جا مختلف واقعا ٻڌايا، جن مان معلوم ٿيو ته ظاهري طرح هي نفاست، لطافت ۽ نزاڪت پسند انسان آهي، پر صحيح معنيٰ ۾ صوفي منش آهي، جنهن هروقت اصولن تي تڪليفون سٺيون آهن ۽ ڪڏهن نه پڇتايو آهي، ڪنهن جي آڏو ڪنڌ جهڪائڻ قبول نه ڪيو آهي، پر خدا تي توڪل رکيو آهي، ۽ لالچ لوڀ کي ڪڏهن به ويجهو اچڻ نه ڏنو آهي. انهن ڳالهين مون تي ايترو اثر ڪيو، جو مون به ڏهن سالن واري پي . ڊبليو . ڊي . واري پڪي ۽ چڱي عهدي واري نوڪري ڇڏي، اسلاميه ڪاليج سکر ۾ سنڌي ليڪچراري قبول ڪئي. اها ”راز“ صاحب جي شخصيت هئي. جنهن مون کي ڪشش ڪئي.

        ان کان پوءِ محترم ”راز“ سان ساٿي ٿي ڪاليج ۾ ڪم ڪيم. هو وڏو همدرد دوست هو. هو ته ڪجهه سنجيده ۽ گوشه نشين زندگي گذاريندڙ هو، پر يارن جو يار هو. ساڻس گڏجي ادبي محفلن ۽ جماعتن ۾ حصو ورتم، ۽ روزانو ساڻس ڪيترو ڪيترو وقت ويهي ڪچهريون ڪيم. هر مجلس ۾ لطف اندوز ٿيندو رهيس ۽ ڪڏهن به بوريت محسوس نه ڪيم، پاڻ جيئن پوءِ تيئن محبت ۽ سڪ سوائي ٿيندي رهي، راز صاحب لا رباني طبيعت جو مالڪ هو، ڪنهن جي ڪاڻ ته هن سکي نه هئي. ان جي باوجود منهنجون خاميون ۽ ڪوتاهيون نظرانداز ڪري، منهنجون نازبرداريون سهندو هو. اسان کي هڪٻئي لاءِ بيحد محبت ۽ عزت هوندي هئي.

        شيخ عبدالرزاق ”راز“ مرحوم منهنجو اهو دوست هو. جنهن سان دل جو حال اوري، بار هلڪو ڪبو هو؛ جيڪو آٿت ڏيندو هو، ۽ جنهن جي متوڪلانه طبيعت مون ۾ اتساهه پيدا ڪندي هئي. هو مون سان ملي دلي طرح خوش ٿيندو هو، ۽ تاڪيد ڪندو هو ته ملڻ ۾ گهڻي وٿي نه وجهندو ڪر. مون کي احساس هوندو هو ته ”راز“ صاحب جا تمام ٿورا دل گهريا دوست آهن، جن سان ملڻ جي هو دلي تمنا رکندو هو ۽ جن سان ملي هو خوش ٿيندو هو. سندس انهن دوستن جي تمام مختصر فهرست ۾ هن ناچيز جو نالو به شامل هو. دل گهرندي هئي ته ساڻس وَرَ وَرَ ڪري ملجي، پر زماني جي گردش به انسان جو عجيب حال بنائي ڇڏيو آهي. هن کي حالتن بيوس بنائي ڇڏيو هو.

          ”راز“ صاحب عجيب طبيعت جو مالڪ هو. کيس گهڻن ماڻهن سان ملڻ، عام ڪچهريون ڪرڻ، ۽ هر ڪنهن سان بي تڪلفانه ملڻ ۽ گفتگو ڪرڻ نه وڻندو هو. هو تمام ٿورن ماڻهن سان دل جي خوشيءَ سان ملندو هو، خوش طبعي ڪندو هو، بي تڪلفانه گفتگو ڪندو هو، ادب ۽ فن جي مختلف موضوعن تي خيالن جي ڏي – وٺ ڪندو هو. هي ناچيز به انهن ٿورن ماڻهن ۾ شامل هو. هو مون کي دلي طرح ياد ڪندو هو، ۽ بي تڪلفانه گفتگو ڪندو هو.

        راز صاحب مخلص ۽ باوقار دوست هو. جنهن سان ناتو رکيائين، ان سان توڙ نباهيائين. ڪن دوستن سان وقتي ويڇا ۽ وچاندر به ٿيس، پر هر حال ۾ نينهن جو ناتو ٽٽڻ نه ڏنائين. يعني شاهه ڪريم جي هن مصرع جي عملي صورت هو:

”سڄڻ ڏڄڻ نه ٿئي، توڙي رسي سئو وار.“

       راز صاحب کي عام جام گهمڻ نه وڻندو هو. صرف ٻه – ٽي دوست هئس، جن جي گهر ڪڏهن ڪڏهن ويندو هو، ورنه گهر ۽ پاڻ. جيڪڏهن ڪجهه قدر وڌيڪ ڪنهن ڏانهن ويندو هو ته اهو هو، سکر پراڻي جو ”ميان پير محمد پيرزادو.“ ان سان دلي لڳاءُهوس، ۽ ان جي اوطاق تي ڪڏهن ڪڏهن ويندو هو. محترم آفاق صديقي ۽ شيخ اياز سان به تمام گهڻي محبت هيس، شيخ اياز وٽ به گهڻو ويندو هو. هن ناچيز سان به قرب جو ڪاڍو هو. دل چاهيندي هيس ته مون وٽ به اچي، پر سفر کان دل گهٻرائيندي هيس. وس پُڄندي سفر اختيار نه ڪندو هو. پوئين زماني ۾ ته بيمار به رهندو هو، ۽ ڪمزور به ڏاڍو ٿي ويو هو. منهنجي دلي تمنا هوندي هئي، ته هڪ ڀيرو کيس ضرور پنهنجي گهر وٺي اچان. آخر هڪ ڀيرو چوڻ موٽائي نه سگهيو، ۽ باوجود ڪمزوري ۽ بيماريءَ جي گهر جي ڀاتين سان گڏجي، منهنجي گهر لاڙڪاڻي آيو. لاڙڪاڻي اڳي به هڪ – ٻه ڀيرو مون ڏانهن آيو هو. پوئين ڀيري 1981ع ۾ آيو. ڪهڙي خبر ته هو جلد ئي اسان کان هميشه وڇڙجي وڃڻ وارو آهي.

        آخري عمر ۾ هو گهڻو بيمار رهيو. آءُ وٽس ويندو رهندو هوس، پر ڪڏهن ڪڏهن وڏي وٿي به پئجي ويندي هئي، جنهن تي هو ڏاڍو ساريندو هو. گهڻي وقت کان پوءِ وٽس ويندو هوس، ته سبب پڇندو هو، ۽ ڏاڍيون ميارون ڏيندو هو. آخري عمر ۾ انهن جذبن جو اظهار لفطن ۾ ڪري نه سگهندو هو – اکين ۽ منهن جي رونق مان اهي تاثرات نمايان ٿيندا هئا، ۽ آءٌ ساڻس اکيون اکين ۾ ملائڻ جي سگهه ساري نه سگهندو هوس.

        هي جهان به عجيب آهي. اچ – وڃ جو جهان، جنهن ۾ جيڪو آيو، سو ضرور وارو وڄائي هليو ويو. البت ڪي ڪي انسان اڻ مٽ نشان ڇڏي ويندا آهن، جيڪي ڪڏهن به مٽجي ۽ ميسارجي نه سگهندا آهن. راز صاحب به اهڙن عظيم انسانن مان هو. هن سنڌي ادب کي نثر توڙي نظم ۾ اهي شاهڪار ڏنا آهن، جو جيستائين سنڌي زبان ۽ ادب زندهه آهن، تيستائين هو زندهه رهندو. ان سان گڏ هن منهنجيءَ دل کي به موهيو هو، ان تي اهڙا نقش ڇڏيا، جيڪي دل جي ڦرهيءَ تي نقش رهندا. سندس پرخلوص برتاءُ، محبت ڀريون ڪچهريون ۽ ادبي گفتگو ڪڏهن به وسرڻ جي نه آهي. سندس وفات سبب نه فقط سنڌي ادب کي نقصان رسيو آهي، پر مون کي ذاتي طرح بي انتها صدمو رسيو آهي. سندس دوستي منهنجو عظيم سرمايو هو، جنهن کان آءُ محروم ٿي ويس. اها شخصيت هلي ويئي، جنهن سان ويهي آءٌ روح رهاڻ ڪندو هوس، علمي ۽ ادبي خيالن جي ڏي – وٺ ڪندو هوس. اڳي سکر ويندو هوس، ته دل بهار بهار پئي ٿيندي هئي، ڇاڪاڻ جو راز صاحب سان ملاقات جو موقعو ملندو هو. هينئر سکر ويندو آهيان، ته اٻاڻڪو ٿي ويندو آهيان، ڇاڪاڻ جو سکر مان اها هستي هلي ويئي، جنهن جي ڪري سکر منهنجي روح جي راحت جو باعث بڻجندو هو. اڳي سکر ويندو هوس ته مٺڙي هير لڳندي محسوس ڪندو هوس؛ هينئر ويندو آهيان، ته سکر کائڻ ايندو آهي. شخصيتن جي وجود سبب ماڳن ۽ مڪانن کي ڪيڏو نه شرف آهي.

 

سوانح

        شيخ عبدالرزاق ولد منشي عبدالرئوف، تخلص ”راز“، جنوري 1919ع ۾ تولد ٿيو. سندس وڏن 1857ع ۾ جنگ آزادي جي زماني ۾ بکر مان لڏي اچي سکر پراڻي ۾ سڪونت اختيار ڪئي هئي. راز هڪ  علمي ۽ ادبي ماحول ۾ اک کولي، جنهن جو هن جي دل تي هڪ ديرپا اثر رهيو. سندس وڏا بکر ۾ مڪتب ۾ درس ڏيندا هئا. سندس پڙڏاڏو ملا عبيدالله بکر جي آخري مڪتب ۾ معلم هو. سندس ڏاڏو ماستر حبيب الله حبيب ماستر، هيڊ ماستر ۽ شهر جي اسڪولن جو هيڊ ماستر ٿي رهيو. هو شعر به چوندو هو ۽ ان وقت جي وڏن عالمن، بزرگن ۽ شاعرن جو صحبتي هو، جن مان سخي قبول محمد، مولانا همايوني، هزهائينس مير علي نواز ناز، مخدوم قاضي بصر الدين سيوهاڻي، ميان علي نواز علوي، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، مخدوم غلام حيدر هالا شريف ۽ مرحوم نور محمد قابلِ ذڪر آهن. هن 1937ع ۾ وفات ڪئي.

        ”راز“ مرحوم ابتدائي ۽ ثانوي تعليم سکر ۾ حاصل ڪئي. ڪجهه وقت عليڳڙهه ۽ پنجاب يونيورسٽي ۾ گذاري مئٽرڪ پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ڊي . جي . سنڌ ڪاليج ڪراچي مان 1945ع ۾ بي – اي پاس ڪيائين. ان کانپوءِ ساڳي ڪاليج ۾ ايم – اي پرشن ۾ داخلا ورتائين، پر مڪمل ڪري نه سگهيو. سندس استاد ڊاڪٽر گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر سدا رنگاڻي جهڙا اديب، عالم ۽ تعليمي ماهر هئا. نئين ادب جي ترقي ۽ ترويج جي لاءِ سندس ڪوشش سان ڪاليج ۾ سنڌي ادبي سرڪل جو بنياد رکيو ويو، جنهن ۾ پروفيسر رام پنجواڻي، ڊاڪٽر هرومل سدا رنگاڻي، پروفيسر ڊي – ڪي منشاراماڻي، شيخ اياز، نارائڻ شيام، سڳن آهوجا ۽ ارجن شاد وغيره حصو ورتو. راز صاحب انهيءَ سرڪل جو مسلسل چار سال جنرل سيڪريٽري ٿي رهيو. سرڪل جي سرپرستي آنجهاني ڊاڪٽر گربخشاڻي کي حاصل هئي.

        ڪاليج جي زندگيءَ کان پوءِ شيخ راز 1947ع ۾ الوحيد ڪراچي ۾ ملازمت حاصل ڪئي. سندس ڪوشش سان الوحيد جي هفتيوار علمي ۽ ادبي ايڊيشن جو اجراءَ ٿيو، جنهن جو هو پاڻ ئي انچارج ايڊيٽر رهيو. 1947ع جو ڪجهه عرصو هن پنجاب ۽ ڪشمير جي سيرو سياحت ۾ صرف ڪيو ۽ انساني خون جي هوليءَ جا مناظر هن پنهنجي اکين سان ڏٺا. آخر الوحيد جي نوڪري کي خيرباد چئي، هو سکر موٽي آيو ۽ 1948ع جي وچ ڌاري سکر ميونسپالٽي جو چيف آفيسر مقرر ٿيو. حڪومت سنڌ جي سياست جي بار بار تغير جي بدولت راز صاحب کي ٻه ڀيرا نوڪريءَ تان هٿ ڌوئڻو پيو. هو آخري بار حالتن جي مدنظر 1958ع ۾ ستن سالن جي ملازمت کانپوءِ مستعفي ٿيو. هن جيترو وقت به نوڪري ڪئي، باهمت، بااصول، ديانتدار ۽ شهر جو خدمتگار ٿي ملازمت ڪئي.

        چيف آفيسري ڇڏڻ کان پوءِ هو اسلامي ڪاليج ۾ سنڌي ۽ اسلامي تاريخ جو ليڪچرار مقرر ٿيو. هو خود اسلاميه ڪاليج جي بانين مان هو. انهيءَ ڪري هن کي ٻي ملازمت کان اسلاميه ڪاليج جي خدمت ڪرڻ وڌيڪ بهتر نظر آيو، جلد ئي هن اسلامي تاريخ ۾ ايم اي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڪجهه وقت کان پوءِ کيس ميونسپل هاءِ اسڪول سکر جو هيڊ ماستر مقرر ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح هو ڪافي وقت بيڪ وقت هيڊ ماستر ۽ اسلاميه ڪاليج سکر جو پروفيسر ٿي رهيو، جتي ڏهه سال راقم الحروف جو ساٿي رهيو. اسان گڏجي ادبي محفلون مچايونسين، ادبي معرڪا سر ڪياسين ۽ ادبي سلسلا هلاياسين. 1970ع ڌاري اسلاميه ڪاليج سکر جي پروفيسري ڇڏي، موسوي صاحبن جي اصرار تي ”عطا حسين شاهه موسوي ڪاليج روهڙي“ جو ڪجهه وقت پرنسپال ٿي رهيو. 1962ع ۾ ايم – اي سنڌي ۾ به ڪيائين. 1964ع ۾ وري بي – ٽي ڪيائين.

        ٿورو وقت روهڙي جي ڪاليج ۾ پرنسپال ٿي رهڻ کانپوءِ اها ملازمت ڇڏي ڏنائين، ڇاڪاڻ جو ايترو ٻوجهه برداشت ڪري نه ٿي سگهيو. پويون وقت فقط ميونسپل هاءِ اسڪول جو هيڊ ماستر ٿي رهيو، جتان 1979ع ۾ رٽائر ڪيائين. ان کان پوءِ بالڪل گوشه نشيني جي زندگي گذاريائين. پويون وقت ڏاڍو بيمار رهيو ۽ تمام ڪمزور ٿي ويو هو. 6 ڊسمبر 1983ع تي وفات ڪيائين. الله تعاليٰ جون مٿس ڪروڙين رحمتون هجن. پويان ڪابه اولاد نه ڇڏيائين.

        سندس دوست ٿورا هئا، پر انهن سان بيحد محبت ڪندو هو. سکر ۾ راقم کان سواءِ سيد شاهه محمد شاهه، ميان پير محمد پيرزادو، ميان عبدالغني، شيخ اياز، حافظ خير محمد اوحدي، آفاق صديقي، ڊاڪٽر نواز علي شوق، حسن ميان ۽ الحاج محمد احمد (سابق پرنسپال اسلاميه ڪاليج سکر) سندس گهرا دوست هئا. ڪيترن ئي اديبن ۽ شاعرن سان سندس گهرا تعلقات هئا،جهڙوڪ: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر تنوير عباسي، غلام رباني آگرو، شيخ عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر عطا محمد حامي، ڪريم بخش خالد، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر اياز قادري، آغا سليم وغيره.

        راز صاحب تصنيف و تاليف، ۽ شعر و شاعري کان سواءِ ادبي ۽ ثقافتي سرگرمين ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس ڪوشش سان 7، 8، 9، اپريل 1950ع تي انجمن فروغ ادب سکر جي زير اهتمام ڪل پاڪستان سنڌي، اردو ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ اردو ۽ سنڌيءَ جي بلند پايه اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي. ان کانپوءِ وقت بوقت سندس ڪوششن سان سکر ۾ ڪيترائي ادبي اجتماع، ڪانفرنسون ۽ وڏي پيماني تي مشاعرا ٿيا. هو رائٽرس گلڊ شاخ سکر جو اهم رڪن ٿي رهيو، جنهن جي طرفان ڪيترائي سنڌي ۽ اردو ڪتاب ڇپيا. ان کان اڳ ۾ 1954ع ۾ پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان ذاتي ادبي اشاعتي ادارو ”حبيب پبليڪيشن“ قائم ڪيائين، جنهن جي طرفان ڪيترائي سنڌي ڪتاب ڇپيا. جهڙوڪ: سندس پنهنجا ڪتاب: ڊاڪ بنگلو، سارنگ ۽ فاتح سنڌ، محترم ڪريم بخش خالد جو سنڌي صحافت، شيخ اياز جو ”پنهل کان پوءِ“، بشير مورياڻيءَ جو ”اصنام خيالي“، مقبول صديقيءَ جو مرتب ڪيل افسانن جو مجموعو ”گل ۽ مکڙيون“ وغيره. 1971ع ۾ سندس ئي ڪوشش سان ”شاهه لطيف يادگار ڪميٽي“ قائم ٿي، ۽ جنهن جي زير اهتمام اعليٰ پيماني تي شاهه لطيف ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي، ۽ ڪجهه ڪتاب ڇپيا، جهڙوڪ: شيخ راز جو ”سانگي ڪي ساريام“، ۽ آفاق صديقي جو اردو ڪتاب ”عڪس لطيف“.

        راز صاحب باڪمال شاعر، بلند پايه نقاد ۽ منفرد افسانه نويس هو. مون سندس فڪر ۽ فن جو مطالعو به ڪيو هو، ته سندس زندگيءَ جو اڀياس به تمام ويجهو ويهي ڪيو هوم. مون ڏٺو آهي ته سندس قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تضاد نه هو. جهڙو اندر هو تهڙو ٻاهر، ڪو تصنع ڪونه. هن جيڪي پرکيو ۽ پروڙيو، ويچاريو ۽ ويڃايو، اهو نهايت ديانتداري ۽ حقيقت پسندانه نوع ۾ بيان ڪيو. هو هن ڳالهه جو هرگز قائل نه هو ته:

”جهڙي لڳي واءُ، تهڙي ڏجي پٺ.“

        هن ڪڏهن به زماني جو رخ ڏسي پنهنجا اصول ۽ اقدار قربان نه ڪيا. هو ڪڏهن به شهرت جي شوق ۾، پنهنجي نظرين جي خلاف وقت جي وهڪري ۾ نه وهيو، چاهي سندس ويجها يار منهن مٽي وڃن. هو هرحال ۾ پنهنجي پاڻ سان سچو رهيو. هو پڪو ۽ سچو مسلمان هو، انهيءَ ڪري هن ڪڏهن به ترقي پسند هجڻ جي باوجود اسلامي عقيدن، اصولن ۽ نظرين کي ڪنهن به وقت قربان ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي. بلڪ بانيء اسلام، ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ ڏاڍي درد ۽ سوز مان نعتون لکيون اٿس. هو سڌ ۾ ترقي پسند تحريڪ جي بانين مان هو. گوبند مالهي، سوڀي گيانچنداڻي، نارائڻ شيام ۽ شيخ اياز جن جي سٿ مان هو. هي پهريون شاعر آهي. جنهن سنڌي زبان ۾ آزاد نظم لکيو. 1946ع ۾ سندس پهريون نظم شيخ اياز جي سلسلي .اڳتي قدم“ ۾ ڇپيو. ان جي باوجود هو خيال جي اظهار ۾ ڪنهن به مخصوص نظريي جو پابند نه هو.

        حقيقت اها آهي ته راز صحيح معنيٰ ۾ ترقي پسند شاعر ۽ اديب هو. جدت ۽ انفراديت سندس فن جون خاص خوبيون آهن. هو روايت جو باغي نه هو، پر روايت کي هڪ جامد شيءَ به نه سمجهندو هو. سندس نظر ۾ روايت هڪ سلسلو آهي، جيڪو وقت جي ڌارا ۾ وهندو، ادب جا صحتمند قدر ۽ رجحان پاڻ ۾ سمائيندو ۽ سموهيندو اچي. انهيءَ ڪري هو روايت جو قدر ڪندي، پنهنجي فن ۾ جدت ۽ انفراديت پيدا ڪندو هو. هن صداقت ۽ زندگيءَ جي حقائق کي خلوص سان پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو حسن و عشق جو شاعر به هو، ته معاشي ۽ معاشرتي حالتن کي به نظرانداز نه ڪندو هو. منجهس ڪنهن قسم جو تصنع ۽ فريب نه هوندو هو. سندس جديد نظريات، موجوده انساني دنيا جا اقدار آهن، جن کي نهايت خوبيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان نباهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هن پنهنجي شاعريءَ جي خارجي گيت، بيت ۽ وائيءَ جو به سڀني صنفن ۾ سندس مخصوص رنگ آهي، جنهن ۾ جماليات جو عنصر غالب آهي، پر غزل سان هن جو قرب هوندو هو.

        هن جي شاعريءَ جا به ويرا هوندا هئا. شعر چوڻ تي ايندو هو ته ويندو هو لکندو، تمام جلد هڪ چڱو چوکو مجموعو تيار ٿي ويندو هو ۽ ڇپجي به ويندو هو. پر جيڪڏهن شعر چوڻ هڪ واري ڇڏي ڏيندو هو، ته مهينن گذرڻ تي به شعر جي ويجهو ئي نه ويندو هو. پر مون ڏٺو ته اها حالت گهڻو وقت قائم نه رهي. ٿورو وقت مس گذريو، ته شعر جي جنون اچي پر سويا. اهڙيءَ طرح ڪجهه ڪجهه وقفي کان پوءِ سندس شعر جا مجموعا شايع ٿيندا رهيا. ”سارنگ“ کان پوءِ ”پيهي منجهه پاتال“، ”سڄڻ سفر هليا“، ”ڌڙڪنين“ (اردو) ۽ ”غزل“ جي نالي سان سندس مجموعا ڇپيا.

        شاعر هجڻ سان گڏ راز صاحب سٺو نثر نويس به هو. هن افسانا به لکيا آهن، ته ناول به، ڊراما به لکيل اٿس، ته خاڪا به. ان کان سواءِ مختلف موضوعن تي ڪيترائي مضامين، تنقيدي تحقيقي مقالا، سفرناما ۽ تاريخي ڪتاب لکيا اٿس. سندس ڪتابن جا نالا هي آهن:

        (1) ڊاڪ بنگلو (افسانن جو مجموعو)، (2) فاتح سنڌ (تاريخي ڊرامو، (3) نئون آدمي (ناول)، (4) سانگي ڪي ساريام (خاڪن جو مجموعو)، (5) تنقيد ۽ تجزيو (تنقيدي مقالن جو مجموعو)، (6) سنڌي غزل جو تجزيو (سنڌي غزل جو تاريخي ۽ تنقيدي جائزو)، (7) تاريخ سلطنت دهلي (تاريخ)، (8) شرح سريمن ڪلياڻ، (9) شرح ڪلام گرهوڙي، (10) شرح ديوان گل.

        راز صاحب مرحوم سنڌي سان گڏ اردو ۽ انگريزي ۾ شعر، مضامين ۽ ڪتاب پڻ لکيا. انگريزي ۾ سکر شهر جي تاريخ ۽ ثقافت بابت ڪتاب Sukkur – Past & Present ڇپيو. شاهه لطيف جي رسالي جي رومانوي داستانن بابت اردو ۾ سندس ڪتاب ”ماروي کي ديس ۾“ ڇپيو. سندس اردو شعر جو مجموعو ”ڌڙڪنين“ جي نالي سان ڇپيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com