سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :18

چار ڪهاڻيون - چار ڪردار  (تنقيدي اڀياس)

قاضي خادم

 (1)             ”بابا- منهنجو چوزو“

(حميد سنڌي جي ڪهاڻيءَ جو تنقيدي جائزو)

حميد سنڌيءَ کي سنڌي ڪهاڻيڪارن ۾ هڪ اهم حيثيت حاصل آهي. ليکڪ جي طور به، ۽ ادب جي واڌاري آڻيندڙ جي طور به. هُن جون ڪهاڻيون نهايت گهريون ۽ معاشرتي مسائل سان ڀرپور هونديون آهن، ۽ انهن ڪهاڻين کي ڪامياب بنائيندا آهن هُن جا تخليق ڪيل ڪردار.

عام طرح حميد جا ڪردار ٻار ۽ جوانڙا هوندا آهن، جيڪي زندگيءَ جا تجربا حاصل ڪرڻ جي تيارين ۾ لڳندا آهن. هو علي بابا جي ڪردارن وانگر هن سماج جي اوڻاين، نابرابرين ۽ ناڪام حسرتن جا ڏٺا وائٺا نشان هوندا آهن ۽ منجهن حالتن کي تبديل ڪرڻ ۽ انهن سان منهن مقابل ٿيڻ جي جرئت  هوندي اٿن. ليڪن ان سان گڏو گڏ هن جا ڪردار مختلف ڪيفيتن وارا به هوندا آهن. ڪي کلمک تي ڪي سونڊ منهان، غريب به ته امير به. ڏاڍ ۽ ڏمر وارا به ته مرڪ ۽ محبت  وارا به. دوستن جا دوست به ته دشمنيون نڀائڻ وارا به. محبتن ۽ ڪلفتن  جي جذبن سان ٽمٽار هي ڪردار حقيقي زندگيءَ جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا.

’بابا- منهنجو چوزو‘ ڪهاڻي جي جنهن ڪردار کي مون هت چونڊيو آهي، اُهو آهي دلبر جو ڪردار- ميول ۽ بيان ڪندڙ سان گڏ چوٿون دوست، جيڪو دولتمند هو ته عجيب خصلتن وارو ۽ ليکڪ جي لفظن ۾.

”دلبر ڪرت جو زميندار، بُت جو سهڻو ٺاهوڪو جوان، طبيعت جو نفيس ۽ شاعريءَ جو شوق، قد جو ننڍو، پرڳالهين ۾ وڏو. ادبي ميدان ۾ گهڻو وقت ته ڪو نه ٿيو هوس، پر حلقي  ۾ چڱو ڄاتل سڃاتل. اسان سان نئين ياري ٿي هئس. سندس نفاست، نزاڪت ۽ رئيساڻي طبيعت جي ڪري اسين جيڪي مولائي لڏي جا ماڻهو هوندا هئاسين، سي ڪجهه ڇرڪندا هئاسين.“

اهو هو دلبر جو تعارف، جيڪو هنن ٽن غريبن جي سنگت جو اڪيلو دولتمند ساٿي هو ۽ کيس پنهنجي نفاست، سونهن ۽ دولت تي چڱيءَ طرح ناز به هو. هن ڪهاڻيءَ ۾ اها به وڏي خوبي آهي جو شروع ۾ ته هن ڪردار جي باري ۾ جيڪو بيان ڪيل آهي اهو بلڪل سچ ٿو لڳي، ليڪن اڳتي هلي معلوم ٿئي ٿو ته اهو ٺڳيءَ جو ٺاهه هو. اهو دلبر جيڪو پاڻ کي هميشہ نفيس سڏائيندو هو، اندر جو ڪو نفيس شخص ڪو نه هو. هن جو ظاهري ٺاٺ پاٺ به رڳو ڏيکاءَ جو هو، ۽  هو پاڻ کي ان کان وڌيڪ ظاهر ڪرڻ جو ڪوڏيو هو، جيترو هو اصل ۾ هو. اهڙا ماڻهو هن معاشري ۾ عام جام ملندا، جيڪي پاڻ کي ٻين جي نظرن ۾ سرخرو ڪرڻ خاطر ٺڳيءَ جا ٺاهه ڪندا نظر ايندا، پنهنجو ماضي بدلائي پيا پيش ڪندا، بلڪ ڪن حالتن ۾ پنهنجو واسطو چڱن خاندانن سان جوڙيندا نظر ايندا. پنهنجي غريب والدين ۽ مٽن مائٽن کان به پيا اکيون چورائيندا. هنن جي سڄي زندگيءَ جو حاصل اهي نقلي عزت جا پَل آهن، جيڪي هو ڪوڙ ڳالهائي حاصل ڪن ٿا.

دلبر به انهن نقلي ڪردارن مان هڪ آهي. هو پاڻ کي وڏو ماڻهو ظاهر ٿو ڪري، ليڪن جڏهن هو دوستن کي ميلي ۾ وٺي وڃڻ لاءِ پنهنجي ڪار ۾ ٿو ويهاري ته هو حيران ٿي وڃن ٿا، ڇو جو اها ڪار چڙهڻ جي قابل ئي نه هئي. پر هنن جي حيران ٿيڻ تي چوي ٿو ته اها ڪار هن هڪ دوست جي آندي آهي، ورنه سندس گاڏي ته ڳوٺ ۾ آهي، جيڪا هو هر هنڌ کڻي ڪو نه ويندو آهي. هو پنهنجي وڏائيءَ جو بيان ڪرڻ ۾ ڏاڍو لطف ٿو حاصل ڪري.

”يار، پاڻ ته ڊبل گهوڙو بوڪسي کان گهٽ پايون ڪو نه، بوٽ ڏس ته ولايت جو ئي هوندو. سينٽ مشڪ، سا به ولايتي. کاڌي ۾ به گوشت کائبو ته ڇيلي جو. جي ڪڪڙ جو چوزو هوندو ته واهه، نه ته ڀڄ پري. دال ڀاڄيءَ جي ويجهو ڪو نه وڃون.“

هن جو ذهن انهن ڪردارن جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪي زندگيءَ جي حقيقت کان ڀڄي پاسو ڪن ٿا. هو هميشہ پنهنجي چوڌاري ڪوڙو سپنن جو ڄار آڻي ڇڏين ٿا، جيئن هو صرف پنهنجو پاڻ کي خوش ڪرڻ ۾ رُڌل رهن ٿا. هي ڪردار ئي آهن، جيڪي هن معاشري ۾ ناانصافي  ۽ نابرابريءَ جا ذميدار آهن. اهي ۽ انهيءَ قسم جا ڪردار ڪڏهن به ڪنهن جا بنجي نٿا سگهن.هنن جي سمورين دلچسپين جو محور سندس پنهنجي ذات ئي هوندي آهي. هو پنهنجي امارت ظاهر ڪري، ٻين کي غربت ۽ ڪم مايه هئڻ جو احساس ڏيارڻ مان لطف حاصل ڪندا آهن. عام طور اهي ڪردار Sadist يعني اذيت پسند ڪوٺيا ويندا آهن، حالانڪ اذيت پسند انسان مختلف قسمن جا ٿيندا آهن. هڪڙا پاڻ کي اذيت ڏيڻ مان لطف حاصل ڪندا آهن ته ٻيا وري ٻين کي اذيت ڏيڻ ۾ لفظ محسوس ڪندا آهن. اهي ڪردار حقيقتن کان منهن موڙڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ته وڏي گهاٽي ۾ رهندا آهن ۽ زندگيءَ جو حقيقي لطف به نه ماڻي سگهندا آهن. ليڪن ڇو جو اهي معاشري جا فرد آهن، تنهنڪري ڪهاڻيڪارن کي اهڙن ڪردارن کي به چونڊڻو پوندو آهي، خاص ڪري ”دلبر“ جهڙا ڪردار، جيڪو هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ مهمان ٿي وڃي ٿو ۽ اتي وهنجڻ لاءِ گرم پاڻي ۽ صابڻ جي طلب ٿو ڪري، پوءِ هڪ مسڪين شخص کان نه صرف هڪ بلڪ ٻن صابڻن سان   وهنجي تيار ٿئي ٿو ۽ مانيءَ لاءِ پڇي ٿو ته ڇا آهي؟ جواب مليس ٿو ته ”سڀڪي آهي، رڳو تون تيار ٿي.“ تڏهن چوي ٿو، ” نه يار، اهو ڏسجو پاڻ گوشت کائون ڇيلي جو، ڪڪڙ به نه کپي، هجي ته چوزو هجي.“

هو اهو به نٿو سوچي ته غريب دوست جي دل تي ڇا وهندو واپرندو هوندو. نه ڪو ٻين دوستن جو شرم ٿو پويس، جيڪي خود به شرمندا ٿيا ويٺا آهن. بس هن کي پنهنجي انا جي تسڪين ڪرڻي آهي، تنهن لاءِ  ٻيو ڪو کڻي ڇا به محسوس ڪري، هن جو ان سان ڪو واسطو ڪونهي. البته شاعري جي معاملي ۾ هو رومانويت  پسند آهي. سندس نظم جو عنوان آهي ”ڳڀي جي ڳولا“. هڪ طرف پنهنجين لکڻين ۾ آدرشي ۽ غريبن جو هڏ ڏوکي، همدرد شاعر ۽ ٻئي طرف ٻهروپيو، ڪوڙو ۽ جڙتو انسان!

پنهنجي نمائشي شان خاطر، جڏهن هن کي چوزو ملي ٿو ته هو اهو ڪو نه ٿو ڏسي ته ميزبان جو اٻالو ٻار ڪيئن ان چوزي جو نالو وٺي سڏڪا ڀريندو ٿو رهي. هو اهو ٿو سمجهي ته شايد ٻار چوزي کي کائڻ لاءِ پيو روئي، ليڪن ٻار اهو ڊونگو وٺي احتجاج طور هن جي مٿان هاري ٿو ڇڏي. ٻار جو اهو انوکو احتجاج هن کي ڏڪائي ٿو ڇڏي ۽ هو ساڻو ٿيو ٿو پوي.

اهڙن ڪردارن جو زندگيءَ ۾ به ڪلائمڪس  اهڙو ئي ٿيندو آهي. جڏهن به ۽ جنهن وقت به ڪنهن هن جي ڳالهه کي رد ڏنو ۽ اکيون ڦونڊاري هن ڏانهن وڌيو ته هو هڪ سيڪنڊ به بيهي نه سهگندو، ڇو جو ڪوڙ کي پاڙ ڪو نه ٿيندي آهي. نمائش ۽ نقل ڪڏهن به اصليت جي آڏو بيهي ڪو نه سگهندا آهن. دلبر جو ڪردار  اهڙن انسانن جي نمائندگي ڪري ٿو، جيڪي نمائشي زندگيءَ خاطر پنهنجي اصليت جي حقيقت کي وساري وهندا آهن، تنهن ڪري هو سنگدل بنجي ويندا آهن. کين ٻين جي جذبن، مشڪلاتن ۽ مسئلن جو  احساس ڪو نه هوندو آهي. هو جيئندا آهن ته پنهنجي لاءِ، مرندا آهن ته پنهنجي لاءِ. حالانڪه هنن جي اندر جو انسان سُتل هوندو آهي، ايستائين، جيستائين ڪو زور وارو ڌڪ يا صدمو هن کي جاڳائي نه وجهي.

(2) ”حادثا“

(نجم عباسي جي ڪهاڻي جو تنقيدي جائزو)

نجم عباسي سنڌي ادب جي انهن ليکڪن مان آهي، جن افسانوي ادب وسيلي انسان جي حقيقي جذبن ۽ پيڙائن جي عڪاسي ڪئي آهي. هن چاليهارو سالن کان وٺي مسلسل اهڙو ادب تخليق پئي ڪيو آهي، جنهن جو مقصد سماجي نابرابري، ضعيف الاعتقادي ۽ معاشرتي براين جي پاڙ پٽڻ رهيو آهي. هڪ طرف ته  هن غربت، جهالت ۽ اٻوجهائيءَ جي ڪري پيدا ٿيل غلط ريتن رسمن جي خلاف قلمي جهاد ڪيو آهي ۽ انساني خوشين توڙي خوشحاليءَ جو سرچشمو محنت کي ثابت ڪيو آهي ته ٻئي طرف انسان جي بنيادي حقن کي ڦٻائيندڙ چند چالاڪ هٿن جا پول پڌرا ڪيا اٿس.هن ڏس ۾ هن جي مختصر ڪهاڻين تمام وڏو ڪم ڪيو آهي ؛ اهو ئي سبب آهي جو هن جون ڪهاڻيون مظلوم ۽ ظلم جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ ڳوٺاڻن، هارين توڙي شهري مزدورن توڙي ٻئي مظلوم طبقي جي نمائدگي ڪندي نظر اچن ٿيون.

”حادثا“ ڪهاڻي به اهڙي ئي هڪ ڪردار جي چوڌاري ڦري ٿي. هي ڪردار بندوءَ نالي هڪ شخص جو آهي، جيڪو بي روزگار آهي، ڪو ڪم ڪار به ڪو نه ٿو ڪري ۽ ڊاڪٽر سان عجيب و غريب صورتحال ۾ ملاقات ٿي ٿئيس. ڪهاڻيءَ جي شروعات ڪندي ليکڪ چوي ٿو:

”هن سان آخر ڪهڙي ويڌن هئي؟ ڇا نظر گهٽ هئس؟ موڳو هو يا هر وقت فڪرن ۾ ٻڏل ٿي رهيو يا پنهنجي حياتيءَ مان ڪڪ هو، جو بار بار موٽرن سان پيو مٿو ٽڪرائي؟“ليکڪ جو ڪردار سان پهريون ڀيرو واسطو  تڏهن پيو هو جڏهن:

”پهريون ڀيرو وڏيري جي جيپ سان ٽڪريو هو. رستي جي وچ ۾ اوچتو هو سامهون اچي ويو هو. موٽر وڏيرو  پاڻ هلائي رهيو هو. هن بريڪ لڳائي، بندو خان ڏهه فوٽ پري وڃي پيو. وچ شهر، سو خلق اچي مِڙي، پوليس به پهچي وئي، اسپتال ۾ کڻي آيس“

ان طرح بندو پهريون دفعو هن جي آڏو آيو. ليڪن هن دفعي وڏيري هن کي سئو رپيا علاج لاءِ ڀري ڏنا. ان طرح وڏيري هن حادثي مان ٻن طرحن کان جان ڇڏائي، نه ته هڪ طرف  بندو خان جو ڪيس هليس ها ته ٻئي طرف وري بنا لائسنس  جيپ هلائڻ جي ڏوهه ۾ جهلجي ها. ليڪن هڪ سئو رپئي جي جادوءَ سان هن پنهنجي جان ڇڏائي. ليڪن جنهن طرح ندوءَ سئو رپين جي آڇ قبولي، تنهن مان هن جي ڪسمپرسيءَ واري حالت جو اندازو بخوبي ٿي سگهي ٿو. ليکڪ جي لفظن ۾:

”سئو رپين جي آڇ ٻڌي، هن جون واڇون ٽڙي ويون. هن کي اعتبار ئي نه پئي آيو. ايتري دولت هن خواب و خيال ۾ به ڪا نه ڏٺي هئي. نڙي خشڪ ٿي ويس. ان ڪري ڪنڌ لوڏي ’ها‘ ڪيائين.

بندوءَ جو حليو به خود ليکڪ جي لفظن ۾: ”عمر ويهه سال، بدن بک ۽ غربت جو شڪار، منهن پيلو رت کان خالي، ڪمزور ايترو جو پاسريون پري کان ڳڻي سگهجن، ڪپڙا تمام ميرا ۽ ليڙون ٿيل. چيائين، ڪچي جهوپڙيءَ ۾ اڪيلو رهندو آهيان. ڪو مٽ مائٽ به ڪو نه اٿم.“

هي آهي بندوءَ جو حليو، جنهن مان هن جي غربت ۽ بيوسيءَ جي حالت ظاهر آهي. اهڙا ڪردار معاشري ۾ پنڻ کان وٺي ڌاڙا هڻڻ  تائين ڪو بهڪم ڪري سگهندا آهن، ڇو جو  جڏهن هنن جو پيٽ بک کان خالي هوندو آهي ته هنن جي سوچڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت  به ختم ٿي ويندي آهي ۽ هو پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ هر جائز ۽ ناجائز ڪم ڪرڻ کان ڪو نه گسندا آهن. پر ليکڪ  جڏهن چئن ڏينهن کان پو بزار ۾ بندوءَ کي ڏٺو، ته حيران ٿي ويو ڇو جو هو ان وقت نئين رنگين قميص، نئون پٽاپٽي پاجامو ۽ نئون بوٽ پهريل هو. وات ۾ پان هوس ۽ سگريٽ جا سوٽا پئي هنيائين. مٿي تي پٽي ٻڌل هوس. هيءَ آهي ليکڪ  جي هن سان پهرين ملاقات، ۽ ترت ئي هن سان ٻي ملاقات ٿيس، جڏهن هو ليکڪ جي انجنيئر دوست جي ڪار سان ٽڪريو هو. هن جي دوست جي چواڻي ته مون هن کي ڏٺو به ڪو نه. هڪ رستي وٽان آءٌ مڙيس  ٿي ته اچانڪ هن کي موٽر جي ڀرسان ڪرندي ڏٺم ۽ دانهن ٻڌم: اڙي مون کي ماري وڌائين، وارو ڪريو، منهنجا عضوا ڀڃي ڇڏيائين. موٽر کڻي بيهاريم، هن جو واڪو هڪ هيٺ هڪ مٿي. رت يا زخم ته نظر ڪو نه ٿي آيم، پوءِ به موٽر ۾ ليٽائي آيو آهيانس.

هن دفعي بندوءَ جا ڪپڙا وري ميرا ٿي چڪا هئا. ظاهر آهي ته اهي هڪ سؤ رپيا آخر ڪيترو ڌڪ جهليندا. کاڌي ته کوهه به کٽي ويندا آهن، ۽ بندو جنهن اهو خوفناڪ طريقو پنهنجي پيٽ گذران جو اختيار ڪيو هو، تنهن جو ڪهڙو انت ٿي سگهيو ٿي.

 هن دفعي هن وڏي ريڙهه پيڙهه کان پوءِ پنجاهه روپين ۾ جان ڇڏي. هت هڪ انسان جي مايوسي ۽ حالات کان شڪست کائڻ جو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اهڙن انسانن جي آڏو زندگيءَ جو مقصد ڪو نه هوندو آهي. تنهن ڪري هنن جي سوچ ۽ تخيل به محدود ٿي  ويندا آهن، ۽ هو صرف جيئڻ خاطر جيئرا رهندا آهن، هنن جي آڏو هر نظاري، هر تصوير، مانيءَ جو عڪس هوندي آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪڙا ته جدوجهد ڪندا آهن ۽ ٻيا اهڙيون حرڪتون جيڪي سماجي براين ۾ شمار آهن.

 ان کانپوءِ  ٽيون دفعو  وري هو هڪ دولتمند ماڻهو سان گڏ رت ڳاڙيندو ڊاڪٽر وٽ اچي ٿو. اهو دولتمند ماڻهو پنهنجي ڪرستان گرل فرينڊ سان گڏ ڪراچيءَ اچي رهيو ته واٽ تي بندوءَ سان ٽڪر ٿي پيس. هو وائڙو ٿي ويو ۽ ڏٺائين ته جي ڳالهه وڌي ٿي ته پوءِ سندس سڀ پروگرام مس ويندا، تنهنڪري هن به هٿ جوڙ ڪري پنجاهه رپيا ڏئي بندوءَ مان جان ڇڏائي. پر هاڻ ڊاڪٽر کي خيال ٿيو ته  آخر ڳالهه ڇا آهي جو هر دفعي هي شخص ڪنهن نه ڪنهن موٽر هيٺ اچي ٿو وڃي، تنهن ڪري هن کان پڇيائين ته اڙي تون اکيون ٻوٽي رستي تي هلندو آهين ڇا جو روز روز ٿو موٽرن جي هيٺان اچين؟

 ان تي بندو هن کي جواب ٿو ڏي ته حضور، اسان غريبن جي قسمت به غريب آهي، شاهوڪارن جون موٽرون به اسان تي ٿيون چڙهن. هو پنهنجي دولت جي نشي ۾ اهو به ڪو نه ڏسن ته ڪو انسان آڏو وڃي رهيو آهي. بس حضور اسين لکئي جا پيا ڀوڳيون، جو قسمت ۾ ائين آهي.

هيءَ آهي اها پيڙا، جنهن مان غريب هر وقت لنگهي ٿو. غربت ۽ مسلسل بي روزگاري هن کي قسمت تي الزام مڙهڻ تي مجبور ٿي ڪري ڇڏي. هو پنهنجون اهي تڪليفون  ۽ عذاب قسمت طرفان سمجهي، ان تي شڪر ۽ صبر ڪري ٿو ۽ پنهنجي حالت کي مٽائڻ لاءِ ڪو به عملي ڪم نٿو ڪري. اهڙا ڪردار اسان جي سماج ۾ تمام گهڻا ملندا جن ۾ عملي زندگي گهارڻ جو مادو ڪو نه هوندو آهي. هو پاڻ ڪجهه به ڪرڻ نه چاهيندا آهن ۽ سمجهندا آهن ته جي سندن قسمت يا بخت ۾ ڪجهه لکيل آهي ته اهو کين ضرور ملندو. جڏهن ته انسان کي محنت کان سواءِ ڪجهه به نٿو ملي سگهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سماج جي اڻ برابريءَ جي ڪري ڪٿي ڪٿي محنت مان به ڪجهه حاصل ڪو نه ٿيندو آهي، ليڪن بندوءَ کان جڏهن پڇيو  ٿو وڃي ته هو ڪو ڪم ڇو نٿو ڪري ته جواب ٿو ڏي: ”سائين مون جهڙي دائمي مريض ۽ ڪمزور کان ڪهڙو ڪم ٿي سگهندو. يا مون بي واهي کي ڪير نوڪري ڏيندو. ڪوشش ته مون گهڻي ڪئي. بس سمجهو کڻي ته ڪڏهن ڪڏهن مزدوري ڪندو آهيان. پيٽ جي باهه وسائڻ لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو ئي پوي ٿو.“

هيءَ هئي بندوءَ جي مجبوري. ٿي سگهي ٿو ته هن محنت ۽ ڪوشش به ڪئي هجي، ليڪن گهڻو عرصو ناڪام رهڻ جي ڪري به انسان بيزار ۽ دل شڪستو ٿي پوندو آهي. جڏهن دولت ۽ آسائش جا ذريعا صرف چند هٿن ۾  مرڪوز هجن ته پوءِ بي واهن ۽ غريبن لاءِ مايوسي ۽ نااميدي مقدر بنجي ويندي آهي. جنهن وٽ سفارش يا پئسو نه هوندو، اهو آخر پٿرن سان ڪيستائين مٿو ٽڪرائيندو، نيٺ عاجز ٿي هو ڪو نه ڪو ڪم ڪندو، ۽ بندوءَ اهو ڪم اختيار ڪيو هو جو هو پاڻ کي ڄاڻي واڻي ڪنهن امير ماڻهوءَ جي موٽر جي آڏو اچي ڪيرائيندو هو، پوءِ جي ڦٽيو ته به سندس قسمت جي بچيو ته به سندس قسمت. بس هنن کان ڪجهه رقم اُڳاڙي  چار ڏينهن آرام جا ڪاٽيندو هو. ان آرام لاءِ هو جيڪا قيمت ڏيندو هو، سا عبرت جو سبق ڏيڻ لاءِ ڪافي آهي. ان ۾ هن جي ٻانهن ٽنگ ضايع ٿيڻ جو به خطرو هوندو هو ته جان جو جوکو پڻ هوندو هو ۽ آخر ڪار هڪ شام جو:

”هڪ شام جو اسپتال جي دروازي مان نئين ماڊل جي شيور ليٽ ڪار لنگهي اندر آئي. پوئين خاني ۾ ڪو جسم ڍڪيل هو، اڳيان سپاهي به ويٺا هئا سپاهيءَ اچي ڪاغذ پيش ڪيا. ڪو اڻ سڃاتل ماڻهو انهيءَ موٽر هيٺان اچي مري ويو هو ۽ لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو ويو هو. مون لاشي جي صورت ڏٺي، هو بندو خان هو. اهو بندو خان جنهن جي گذران جو ذريعو ئي حادثا هئا“

اها هئي هن مظلوم ڪردار جي پڄاڻي. هن پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ هميشه زندگيءَ سان راند ڪئي هئي ۽ راند ۾ هڪ ڀيچي کٽندو آهي ته هڪ هارائيندو آهي. هيترا دفعا بندو زندگيءَ سان کيڏ ڪئي، آخر زندگي ساڻس کيڏ ڪري وئي.

هن ڪردار ۾ منهنجي دلچسپيءَ جو وڏو سبب اهو هو جو هي ڪنهن هڪ انسان جو ڪردار نه هو، بلڪ اهو انهن سڀني ڪردارن جو نمائندو هو، جيڪي مسلسل مصيبتن کان مايوس ٿي زندگيءَ جو مقصد وڃائي وهندا آهن ۽ سماج جو هڪ سٺو فرد بڻجڻ بدران خود پنهنجي وجود لاءِ ئي  عذاب بنجي ويندا آهن. ليڪن اهي ڪردار همدردي ۽ اصلاح جا گهرجائو آهن. انهن سان نفرت نه ڪرڻ گهرجي، بلڪ هنن کي هڪ موقعو اهڙو ڏيڻ گهرجي جو هو باعزت شهريءَ  جهڙي زندگي گهارڻ جي قابل ٿي سگهن.

(3) ”چنڊ ۽ ماني“

 (علي بابا جي ڪهاڻيءَ جو تنقيدي جائزو)

علي بابا جو شمار سنڌ جي تمام سٺن ڪهاڻيڪارن مان آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ گهڻو ڪري ننڍن ٻارن جا ڪردار چٽل آهن. تر گنيف، مارڪ ٽوئن، وليم سارويان، ارسڪن ڪالڊويل، جمال ابڙي ۽ حميد سنڌيءَ وانگر هن کي ٻارن جو سڀاءُ چٽڻ ۾ مهارت حاصل آهي. هن جي ڪهاڻين جا معصوم ٻار بک، غربت ۽ جهالت جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ نسل جي نمائندگي ڪن ٿا. ڪڏهن هو وڏن ويڪرن رستن تي بيهي ايندڙ ويندڙ چمڪندڙ ڪارن کي ڏسي دل ئي دل ۾ انهن کي پنهنجو سمجهي خوش ٿين ٿا، پر جڏهن انهن مان هڪ اهڙي ئي تيز رفتار ڪار جي هيٺان اچي موت ۽ زندگيءَ  جي ٻه واٽي تي بيهي ٿو ۽ ڪا به ڪار کيس زندگيءَ جي واٽ ڏانهن کڻي هلڻ لاءِ رڪجي ڪا نه ٿي. ڪڏهن اهي بکيا ٻار وري چوڏهينءَ جي مڪمل چنڊ ۾ مانيءَ جو عڪس ڏسن ٿا.

چنڊ ۽ مانيءَ جو مک ڪردار نوجوان ماستر ”اياز“، اهڙو ئي ڪردار آهي. هن جي وجود ۾ زماني جيڪو زهر ڀريو آهي، تنهن جو اندازو هن جي اٿڻي ويهڻيءَ مان لڳائي سگهجي ٿو. حالانڪ نه هو چيڙاڪ آهي نه بد دماغ، ليڪن هو هميشہ ماٺ ۾ رهي ٿو. گهڻو ڳالهائي ٻولهائي ڪو نه ٿو. ڪنهن سان بي تڪلف ڪو نه ٿو ٿئي. هر وقت ڪنهن خيال ۾ گم رهي ٿو. هو ان سمنڊ جي مٿاڇري وانگر سانت آهي، جنهن جي اندر ۾ ڪي طوفان ڪر موڙيندا هجن. ڪهاڻي بيان ڪندڙ جي لفظن ۾:

”ڪا ڳالهه ضرور هئي، جيڪا هن تي ايتري اثر انداز ٿي هئي، جنهن ڪري هو ايترو ماٺيڻو بڻيو هو. پوءِ هڪ دفعو  جڏهن هن کان سندس خاموشيءَ جو راز پڇيو ويو ته هو کُلي پيو. پنهنجي اندر جي آنڌ مانڌ ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيائين. پنهنجي اندر ۾ ويٺل ان ٻار جو وجود ظاهر ڪري وڌائين، جنهن پنهنجو ٻالپڻو غربت، بک ۽ افلاس جي ڪڇ ۾ راتين جون راتيون اوجاڳا ڪاٽيندي گذاريو هو ۽ هاڻ سڄي زندگيءَ تي ان وقت جو رنگ چڙهي چڪو هوس. هن کان جڏهن سندس ماٺ رهڻ جو سبب پڇيو ويو ته چيائين، ”مون دراصل ننڍپڻ ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينهن گذاريا آهن. اهو ئي سبب آهي، جنهن وقت کان اڳي مون کي ايترو سنجيده بنائي ڇڏيو آهي. پوءِ هو گذريل ڏينهن کي ياد ڪري ٿو. اهي ڏينهن جي مون پنهنجي جيجل  ماءُ سان گذاريا هئا، ڪيترا نه پرسڪون هئا. ڪيترا نه اطمينان بخش. مان انهن ڏينهن کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن به حصي ۾ فراموش نٿو ڪري سگهان، ڪڏهن به نه.“

اها ڳالهه ته هڪ مڃيل حقيقت آهي ته انسان پنهنجي ماضيءَ  کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگهي. جيڪڏهن هو چاهي ته به لاشعوري طور ماضي سندس زندگيءَ سان شامل رهي ٿو. هن جون خوشيون، غم، ڊپ ۽ توڙي پسند ۽ ناپسند تي ماضيءَ جو وڏو اثر رهي ٿو ۽ ٻالپڻي ۾ ذهن تي ڪي ليڪا پون ٿا، اهي پٿر تي ليڪي مثال آهن، جن کي مٽائڻ يا ڊاهڻ  انسان جي پنهنجي وس ۾ ڪونهي.

اياز جي ذهن تي به ماضيءَ جا اهڙا اڻمٽ نقش آهن، جيڪي هو ڊاهي نه ٿو سگهي ۽ نه انهن کان اکيون چورائي ٿو سگهي. حالانڪ هن جو ”حال“ ٻئي قسم جو آهي. اهي شيون ۽ حالتون جيڪي ماضيءَ  ۾ هن کي مهيا ڪو نه هيون، سي ڪنهن حد تائين حال ۾ هن وٽ آهن. ليڪن ماضيءَ  جي تلخ  يادن ۾ هڪ ٻيو وجود به آهي، جيڪو ان اونداهي دور جي روشن تصوير آهي، يعني اياز جي ماءُ، جنهن جي پيار  ۽ شفقت هن کي بکون ڪاٽڻ جو حوصلو ڏنو هو، جنهن جي گرم گرم ڪڇ ۾ ليٽي، پيار ڀريا ٻول ٻڌي، هو بک جهڙي بڇڙي ٽول کي به ڪجهه دير لاءِ وساري وهندو هو. جڏهن ته موجوده حالت ۾ هن جي ماءُ هن سان  گڏ ڪا نه هئي. ڪهاڻيڪار به هُن جو وڌيڪ ذڪر ڪو نه ڪيو آهي، بلڪ جنهن صورت ۾ ڪهاڻي کي شروع ڪيو اٿس، تنهن جي ذڪر کان سواءِ ئي ڪهاڻيءَ کي  صرف اياز جي ٻالپڻي ۾ ئي ان وقت ختم ڪيو اٿس، جڏهن ’روزي جي ماني‘ ڪهاڻي وانگر  هڪ سيٺيو ته هنن جا آخري اٺ آنا به ڦري ٿو وٺي، پر هڪ فقير هن کي ٻه مانيون ڏيو ٿو وڃي.

 

اياز پنهنجي  ڪهاڻي بيان ڪندي چوي ٿو ته ”تڏهن مان تمام ننڍڙو هوس. مون کي اڄ به چٽيءَ طرح ياد آهي، جڏهن هڪ ڏينهن منهنجي ماءُ ڏاڍي پريشان هئي. مان صبح کان  بکايل هوس. اسان جي گهر جو سمورو  راشن کٽي ويو هو. صبح جو امان مون کي هڪ پاروٿو مانيءَ جو ٽڪر، ٻڪريءَ جي ٻاڙي کير سان ڏنو هو ۽ مٿان اچي شام پئي هئي. منهنجي پيٽ ۾ بک کان وٽ پئجي رهيا هئا.“

هن حالت کان پوءِ هو ٻڌائي ٿو ته ڪيئن ماءُ هن کي پاڙي وارن ڏانهن اوڌر وٺڻ لاءِ  موڪليو هو. ليڪن هن کي ڪٿان به اوڌر ڪا نه ملي. جنهن هن کي ٻين کان مايوس ڪري ڇڏيو هو، هميشہ هميشہ لاءِ مايوس. اها ئي مايوسي هئي، جنهن پهريون دفعو هن جي اندر ۾ خاموشيءَ جو ٻج پوکيو هو. حالانڪ ماءُ هن کي پيار ۽ پاٻوهه سان دلچسپ ڪهاڻيون ٻڌايون پر هن جو بکيو پيٽ انهن تي وڌيڪ ريجهي نه سگهيو.

هن جي پيٽ جي باهه اجهائڻ لاءِ ماءُ ڇا نه ڪيو هوندو؟ سڄو گهر ڳوليائين. آخر ڪار هڪ پائلي هٿ آيس، ليڪن اها ڪوڙي نڪتي. بک اياز کي اهڙو ته مجبور ڪيو هو جو هن اها ڪوڙي پائلي دڪاندار آچر جي انڌي ماءُ کي ڏيڻ لاءِ چيو، جيڪا شام جو پاڻ دڪان تي وهندي هئي. ليڪن ماءُ جي ڇڙٻ هن کي وڌيڪ بي ايمانيءَ تي سوچڻ نه ڏنو. هن انهيءَ بک واري حالت ۾ به هن کي سبق اهو ئي ڏنو.“ اسڪولي ٻار ٿي اهو نيچ خيال تنهنجي دل ۾ ڪيئن آيو؟ ڇا توکي خبر ناهي ته ڪنهن کي دوکو ڏيڻ گناهه آهي.“

هن دڙڪي هن کي دوکيباز ۽ ڪوڙو بنجڻ کان روڪي ڇڏيو. پوءِ هنن گهر جا ٿانو گهورڙئي  وٽ وڪيا، جنهن هنن سان دوکو ڪري هنن کي گهٽ پئسا ڏنا، حالانڪ هنن جي ٿانون جي قيمت وڌيڪ هئي. ليڪن بک هنن کي مجبور ڪري وڌو هو. هنن مان فيصلي جي  قوت ختم ڪري ڇڏي هئي. هو بک کي ختم ڪرڻ لاءِ هر ناانصافي سهندا پئي آيا. پر جڏهن اهي اٺ آنا به دڪان واري پرائي قرض ۾ لهرائي ڇڏيا تڏهن اياز جي  ننڍڙي ذهن تي پڪ وڏو ڌڪ لڳو هوندو. اميد جي ڪرڻي کي ايترو جلد گم ٿيندو ڏسي هن کي جيڪو صدمو  رسيو هوندو، اهو ئي هن جي مستقبل تي اثر انداز ٿيو هوندو. هن جو ايمان پاڙيوارن مان دڪاندارن مان بلڪ سڀني انسانن مان کڄي چڪو هوندو. ليڪن صرف هن جي ماءُ هئي جنهن وجود مان هن جي ايمان توانائي پئي حاصل ڪئي. هوءَ هئي جيڪا کيس پراميد بنائي رهي هئي. سندس ڪاوڙ ۽ جذبات کي قابوءَ ۾ رکي رهي هئي. جيڪڏهن هوءَ کيس ڪوڙي پائلي هلائڻ ڏي ها ته شايد هو هميشه لاءِ ڪوڙو ۽ دوکيباز بنجي وڃي ها، ۽ جيڪڏهن سندس اٺ آنا خرچڻ تي  هي اکر نه چوي ها ته اڙي انهيءَ ۾ روئڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي، هن جا ته اڃا پاڻ ڏانهن پئسا آهن، ته شايد هو آچر ۽ اهڙن  ٻين دڪاندارن  جي خلاف پيدا ٿيندڙ نفرت کي نه روڪي سگهي ها ۽ شايد چوري ڪرڻ کان به نه گسي ها، ڇو جو ڪيترائي اهڙا ڪردار اسان کي حقيقي معاشري ۾ ملندا جيڪي حالات  کان مايوس ٿي رد عمل جو شڪار ٿي ويندا آهن ۽ پوءِ وڪٽر  هيو گو جي ناول لامزريبل جي هيرو وانگر هڪ غلطيءَ کي ٻيءَ ۾ لڪائيندي هڪ عجيب حالتن جي جهنگل ۾ پهچي ويندا آهن، جتان نڪرڻ محال هوندو آهي.

 

اياز جي ماءُ هن کي بهلائڻ لاءِ ننڊ ولايت جون ڳالهيون ٿي ٻڌائي، جتي ماڻهو ڇهه مهينا سمهندا هئا ۽ ڇهه مهينا جاڳندا هئا. ان تي به هو حيرانيءَ کان چوي ٿو ته آخر ڇهه مهينا بکيا ڪيئن ستا پيا هوندا؟ جڏهن ماءُ  هن کي ٻڌائي ٿي ته ڏس پٽ اڄ چنڊ ڪٿي نڪتو آهي؟ پاڻ غريب آهيون، پنهنجي مانيءَ جو حساب چنڊ وانگي آهي، ڪڏهن چوٿو، ڪڏهن اڌ ته ڪڏهن سڄي، ۽ ڪڏهن آهي ئي ڪا نه. تڏهن آسمان ڏانهن نهاري ٿو جتي چنڊ آهي ئي ڪو نه، پوءِ ماٺ ڪري سمهي ٿو رهي.

هن کي ’ماءُ‘ جو آخري سبق تڏهن ٿو ملي جڏهن هو هر هنڌان مايوس ٿي چڪا آهن.ماني ءَ جو گڀو هنن لاءِ هڪ خواب بنجي چڪو آهي، پر هنن کان ايترو دور آهي، جيترو چنڊ. تڏهن هڪ فقير ٿو اچي جيڪو خيرات وٺڻ بدران هن کي ماني ڏيو ٿو وڃي. بک کان مجبور جڏهن هو پاڻ کائي ٿو ۽ ماءُ کي به ماني کارائي ٿو، تڏهن هن جي لفظن ۾، گرهه وات ۾ وجهندي ئي امان جي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا ۽ ٻئي هٿ منهن تي ڏنا ۽ ڪنڌ ميز تي ٽڪائي ڇڏيائين. مون امان ڏانهن ڏٺو، مانيءَ ڏانهن ڏٺو ۽ چپ چاپ ڪتابن جو ٿيلهو کڻي گهر کان ٻاهر نڪري ويس.

هيءَ هئي اياز  جي ماءُ جي ڪهاڻي. هن جي ماءُ جو سبب اهي حالتون هيون جن تي هن ۾ ڪوبه ردِعمل پيدا ٿي سگهيو ٿي، ليڪن سندس جيجل امڙ کيس هر وقت هر ڳالهه جو روشن پهلو ٿي سمجهايو ۽ هڪ دفعو به بي قابو ٿيڻ ڪونه ڏنائين، تنهنڪري ئي هو پنهنجي زندگيءَ ۾ گمراهه ٿيڻ کان بچي ويو ۽ نيٺ ڪنهن دڳ تي وڃي لڳو ۽ ان ڪري جو حالات جو شڪار ڪونه ٿيو، بلڪه حالات کي نيٺ پنهنجي قبضي هيٺ آندائين.

 

(4) پتلي

(ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي ڪهاڻيءَ جو تنقيدي جائزو)

سنڌ جي مشهور محقق، مورخ، شاعر ۽ افسانه نگار ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي هيءَ ڪهاڻي، سنڌيءَ جي انهن چند انوکين ڪهاڻين مان آُهي، جنهن ۾ هڪ کان وڌيڪ اهم ڪردار آهن. پر حالتن ۽ واقعن جي ڪري هڪٻئي سان اهڙيءَ طرح ڳُتيل آهن، جو جي هڪ ڪردار کي ٻئي کان الڳ ڪري سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته ممڪن نه ٿي سگهندو، ان سان گڏو گڏ اها ڳالهه به پنهنجي جڳهه تي اهم آهي ته مک ڪردار کان وڌيڪ مددگار ڪردار اهم آهي، جيڪو ڪهاڻيءَ جي زمان ۽ مڪان واري مطلب جو پورائو ڪندو نظر اچي ٿو.

حالانڪ هن ڪهاڻيءَ جو مک ڪردار پتلي آهي، پر ان کان وڌيڪ اهم ڪردار جيڪو، هڪ لحاظ کان  پتليءَ جي ڪردار کان به واضح ڪرڻ ۾ اهميت رکي ٿو، اهو خيروءَ جو ڪردار آهي. خيرو-- جيڪو پتليءَ جي پاڙي جو هڪ دڪاندار آهي. هن جي گهر جي سامهون دڪان اٿس. پراڻي زماني جو ماڻهو آهي. ان زماني جو، جڏهن ماڻهو  پاڙا ’نبين کي به پيارا‘ واري مقولي تي عمل ڪندا هئا. پراين کي پنهنجو سمجهبو هو. ٻين جي ڏک سک کي پنهنجو ڏک سک سمجهبو هو ۽ جيئڻ مرڻ جي ريت رسم ۾ ساٿ نڀائبو هو. چاچي خيروءَ جي ڪردار کي پڙهندي سنڌي معاشري جو اهو سونهري دور اکين آڏو ڦري ٿو اچي، جڏهن انسان ٻي ڪنهن حيثيت سان نه بلڪ اخلاقي قدرن جي ڪري سڃاتو ويندو هو ۽ پاڻ کان وڌيڪ ٻين لاءِ سوچيندو هو. هن جو ڪو به عمل ٻئي جي لاءِ تڪليف جو باعث نه بنجندو هو. اهو چاچو خيرو هو جو هر هر ننڍڙي پتليءَ کي گهر کان ٻاهر نڪرندو ڏسي، پنهنجو سيڌو تورڻ به اڌ ۾ ڇڏي اچي هن کي در جي اندر ڪري ڇڏيندو هو. هڪ دفعو نه بلڪ ليکڪ جي لفظن ۾:

”گهر جي ڏاڪڻ ۾ ڪل چار ڏاڪا هئا، پر پتليءَ جي عمر هئي ڪل ڏيڍ- ٻه سال. هوءَ جڏهن به ماءُ جي بي خبريءَ جو فائدو وٺي در تائين ايندي هئي ته ڏاڪا لهڻ جي ڪوشش ڪندي هئي ۽ گهر جي سامهون ايندي ئي دڪان وارو چاچو ٽپ ڏئي دڪان تان هيٺ لهندو هو ۽ کيس پڪڙي مٿي چاڙهي اٽڪل سان اندر روانو ڪري در ٻيڪڙي ڇڏيندو هو. اڃا ڪنهن گراهڪ لاءِ سيڌو تورڻ لاءِ ساهمي هٿ ۾ کڻندو مس هو ته پتلي وري در کولي ڏاڪڻ تان هيٺ لهڻ جي ڪوشش ۾ ڏسبي هئي. هو ساهميءَ مان هٿ ڪڍي وري ساڳي ڊيوٽيءَ  تي لڳي ويندو هو. ڏينهن ۾ اهو عمل الائي ڪيترا ڀيرا ورجائبو هو.“

اهو چاچو خيرو آهستي آهستي پتليءَ کي ٻار مان وڏو ٿيندي ڏسي ٿو، هن جي دل ۾ پتليءَ لاءِ بلڪل مائٽ وارا جذبا پيدا ٿين ٿا حالانڪ هن جو پتليءَ سان ڪو به رت جو رشتو ڪونهي، پر هڪ سماجي رشتي جي ڪري، هڪ پاڙي وارو ۽ وڏو هئڻ جي ناتي هو پتليءَ جي آئيندي لاءِ سوچڻ لڳي ٿو، پوءِ پتليءَ کي پيرڙين کڻندي ڏٺو، اسڪول ويندي ڏٺو. هن پتليءَ جي مئٽرڪ ۾ پاس ٿيڻ تي مٺائي ورهائي. هو ڏاڍو خوش ٿيو، پر دل ۾ هڪ خواهش هئس ته پتلي ڪاليج ۾ نه پڙهي ۽ پڙدو ڪري، گهر ۾ اندر رهي ۽ پنهنجن وڏن جي پيروي ڪري.

چاچي خيروءَ جي ڪردار جي هن رخ کي ڏسي هن وقت شايد اچرج ٿئي، پر جنهن وقت جو هو ماڻهو هو، ان وقت ۾ اهي ڳالهيون ائين ئي ٿينديون هيون دنيا ته اچانڪ تبديل ٿي وئي آهي ۽ جهونن ماڻهن کي اها اهڙي حيرت انگيز ٿي لڳي، جهڙي واشنگٽن اورنگ جي مشهور ڪردار رپ وان نڪل کي چاليهن سالن جي گهري ننڊ مان اٿڻ بعد لڳي هئي. هن به دنيا کي بلڪل بدليل ڏٺو هو. اڌ صديءَ کان به گهٽ جي عرصي ۾ لباس، ريتون، رسمون، مزاج ۽ مذاق، سڀ ڪجهه ته بدلجي ويو هو، بلڪل اهڙيءَ طرح چاچو خيرو اڃا به پراڻي وقت جي يادگار هو. هن جيڪا ڳالهه پنهنجي لاءِ پسند ٿي ڪئي، اها ئي ٻين لاءِ به پسند ٿي ڪيائين. جيڪڏهن هن کي ڌيءَ هجي ها ته هو ان کي به شايد پڙهڻ کان روڪي نه سگهي ها. جيئن پتليءَ کي ڪير نه روڪي سگهيو. ليڪن دل ئي دل ۾ ان جي چاهنا ضرور ڪري ها، ڇو جو پڪيءَ عمر جو انسان تمام دير سان ڪا تبديلي قبول ڪري سگهندو آهي. خاص ڪري هن فاسٽ لائف يعني تيز زندگيءَ سان قدم قدم ۾ ملائي هلڻ جهونن خيالن جي انسانن لاءِ تمام ڏکيو آهي. خاموشي، ماٺ، پيار ۽ خلوص جي دور مان تيز آوازن، روشنين ۽ هنگامن جي دور ۾ اچڻ ته سولو به آهي ۽ مجبوري به، پر ان کي اختيار ڪرڻ ۽ ذهني طرح قبول ڪرڻ پڪن ۽ پختن خيالن وارن لاءِ تمام ڏکيو آهي،ليکڪ جي لفظن ۾:

”هو پراڻن خيالن جو ماڻهو هو. پتليءَ جا مائٽ به پراڻن خيالن جا هئا، پر زماني جي رفتار کي ڏسي پئي ٻڏيا ۽ تريا. اڃا هو ڪجهه سوچين، تنهن کان اڳ پتليءَ پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو ۽ پيءُ کي چيائين ته ”زماني جي رفتار سان هلڻو آهي، آءٌ جاهل نٿي رهڻ چاهيان“.

 هي آهي ٻن سوچن، ٻن زمانن جو ٽڪر! هڪ طرف چاچو خيرو آهي جيڪو پنهنجي وقت جي چڱاين جي ياد دل ۾ سانڍيو، ان کي هن وقت سان لاڳو ڪرڻ جي ڌن ۾ لڳو پيو آهي، جيڪا ڳالهه حقيقت کان پري آهي. ان ڪري جو هر زماني جو پنهنجو رنگ ۽ ڍنگ ٿيندو آهي ۽ ڪو به ماڻهو پنهنجي وقت کان ٻاهر، ۽ پوءِ يا اڳيان، رهي ڪامياب ۽ ڀرپور زندگي گذاري نٿو سگهي، ليڪن وقت جون پيل پختيون عادتون ايڏو سولائيءَ سان ڪٿي ٿيون نڪرن. ٻئي طرف پتلي آهي، جيڪا نئين دور جي پيداوار آهي. نين تقاضائن کي منهن ڏيڻ ٿي چاهي. هن جي اڳيان وڏي دنيا آهي ۽ هن جيڪي ڏٺو آهي، تنهن جي تقاضا به اها ئي آهي ته هو انهن ريتن رسمن کي پنهنجو ڪري جيڪي هُن جي وقت ۾ رائج آهن ان جي راهه ۾ هو چاچو خيرو ته ڇا پر پنهنجن مائٽن جو به چوڻ نه ٿي وٺي ۽ هن موڙ تي چاچو  خيرو غير فعال ڪردار بنجيو وڃي. ليڪن جڏهن پتلي فيشن ايبل ڇوڪريءَ جو روپ ڌاري ٿي ته” چاچو خيرو   ته هرو ڀرو پيو اندر ئي اندر ۾ پڄرندو هو. پرائي ڌيءَ کي پنهنجي ڌيءَ سمجهڻ ڪري هن پنهنجو پاڻ کي کڻي تڪليف ۾ وڌو هو. سندس پراڻا خيال  کيس ستائي رهيا هئا. هو پتليءَ کي ڪاليج ۾ ۽ موٽندو ڏسندو هو ته کيس ايتري خوشي  نه ٿيندي هئي، جيتري پتليءَ جي ننڍي هوندي جي زماني ۾ ٿيندي هيس. خوشي ته خوشيءَ جي گهر رهڻ، گراهڪن کي کنڊ بدران لوڻ پيو توري ڏيندو هو. ڪو هڪل ڪري چوندو هوس ته ”چاچا چريو ڌاتورو ته ڪو نه پيتو اٿئي؟“ تڏهن هو ڄڻ ننڊ مان سجاڳ ٿي پوندو هو.

پر پتلي چاچي خيروءَ جي انهن خيالن جي برعڪس بلڪل هڪ جديد فيشن ايبل ڇوڪري بنجي پئي. هن جي ٻي فيشن ايبل ڇوڪريءَ سان دوستي، محبت جو تجربو ۽ ناڪامي، اهي سڀ جديد دور جي مونجهاري جي پيداوار آهن، جن کان هوءَ  پاڻ کي بچائي نه سگهي، حالانڪ اهي ڳالهيون ڪنهن حد تائين معيوب آهن، پر وقت سان ويڙهه ڪير ڪري! تاريخن  ۾ اهي دور نه اوندهه هوندي آهي، نه روشني، ڌنڌ هوندو آهي، جنهن ۾ شيون نظر نه اينديون آهن، پر ڌنڌليون.  پتلي به اهڙي ئي دور مان لنگهي رهي هئي، جت هڪ طرف چاچي خيروءَ کي پنهنجن پراڻن خيالن ۾ شڪست ملي ته ٻئي طرف پتليءَ کي نون تجربن ۾ شڪست ملي. هن جي دل به ٽٽي پئي ۽ هوءَ ڏاڍي مايوس ٿي پنهنجي گهر  آئي، جنهن جي  خبر چاچي خيروءَ کي به دير دير سان پهچي وئي. ”البت چاچي خيروءَ کي پتليءَ جي ڏک جي خبر دير سان پيئي، جڏهن پهريون ڀيرو هن ڏٺو ته پتلي گهر ڏي موٽي ته پرس هٿ تي نچندو ڪو نه پئي آيو.“

چاچي خيروءَ جي تجربيڪار نگاهن اهو تاڙي ورتو ته ڇوڪري خوش ناهي. ٿي سگهي ٿو ته ان ۾ هن کي خوشي به محسوس ٿي هجي، ڇو جو هڪ طرح سان ان ڏکويل  صورتحال هن جي سوچن جي تصديق ٿي ڪئي ۽ هن زماني جي خرابين جو ڄڻ ته پڌري پٽ اعلان ٿي ڪيو. ليڪن ان مان وريو ڇا؟ ساڳي پتليءَ  پڙهائي جاري رکي، نه ٿڌا شوڪارا ڀريائين، نه خودڪشي ڪيائين ۽ نه مايوس ٿي پاڻ کي ڪمري ۾ بند ڪيائين. وقت ڪنهن جي لاءِ ڪڏهن ڪو نه رڪيو آهي ۽ اهي ئي زنده رهندا، جيڪي وڌندڙ وقت جو ساٿ ڏيندا رهن. پتلي به هن دور جي نينگري هئي. هن کي به اهو ئي سبق مليو هو ته ماضيءَ کان وڌيڪ مستقبل تي نظر رک، ڇو جو ان ۾ اميد آهي. ماضي ته تبديل ٿي نٿو سگهي. جڏهن ته چاچو خيرو ماضيءَ ۾ جيئرو هو. هن ماضيءَ کي هن دور ۾ به ورهائڻ ٿي چاهيو، جيڪو ممڪن ئي ناهي. ان ۾ هن کي سواءِ مايوسي ۽ ناڪاميءَ جي ڪجهه به نه مليو.

ان جو وڏو ثبوت خود ليکڪ جي لفظن ۾: ”هڪڙي شام جو چاچي خيروءَ جي هٿ مان مورڳو گيهه جي پياليءَ سوڌي ساهمي ڪري پئي. هن جي اکين ۾ چمڪ اچي وئي. دنيا ڪيڏو نه وسيع هئي. پتلي پرس هٿ تي نچائيندي پئي آئي. ٻانهن ۾ پرس ڦرندو ويو، ڄڻ ڌرتيءَ گردش پئي ڪئي. جاگرافي پڙهيل ڪو نه هو، پر هن اکين سان ڏٺو ته ڌرتي گردش پئي ڪئي.

چاچي خيروءَ جو ڪردار سنڌي ڪردارن جي نمائندگي ڪري ٿو. حالانڪ هن سڄي ڪهاڻيءَ ۾ هن جي باري ۾ صرف اها معلومات آهي جيڪا هن جي هَٽ واري زندگيءَ سان واسطو رکي ٿي. هن جي گهر گهاٽ، اهل عيال يا ٻئي ڪنهن لڳ لاڳاپي جي ڪا خبر ناهي، صرف هَٽ تي ويهڻ ۽ پنهنجي سامهون هڪ ڪردار کي ٻالڪپڻي مان جوانيءَ جي حدن ۾ پهچڻ واري دور ۾ پهچندو ڏسڻ جي ڪهاڻي آهي، ته به اهو ڪردار اهڙو ته ڀرپور آهي جو ان جي آڌار تي مڪمل ناول لکي سگهجي ٿو، ڇو جو هي ڪردار سنڌ جي سماجي ۽ معاشرتي زندگيءَ جو نمائنده ڪردار آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com