سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :14

ميان نور محمد ڪلهوڙي جي جنگي حڪمت عملي ۽ نادر شاهه جو حملو

عبدالله خان مگسي

انساني تاريخ ۾ جيڪي به سياسي ۽ سماجي تبديليون آيون آهن، تن جا اصل ۾ ٻه اهم جزا موجود پئي رهيا آهن. اهڙيون مادي حالتون، جن انساني شعور کي جنم ڏنو آهي، ۽ اهو سماجي شعور اعليٰ صلاحيتن رکندڙ فردن ۽ سندن تاريخ  ساز ڪارنامن  جي صورت ۾ مختلف دورن ۾ ظاهر پئي ٿيندو رهندو آهي. ميان نور محمد جي دور حڪومت کي سنڌ جي تاريخي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ مرڪزي حيثيت حاصل آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي تاريخ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي شخصيت  ۽ ڪارنامن بيروني دشمنن سان مقابلن، داخلي سازشن کي ختم ڪرڻ، سنڌ جي مادي ۽ پيداواري وسيلن کي ترقي ڏيارڻ سبب ان وقت جي سياسي شعور ۽ سماجي وجود جي تاريخي، جاگرافيائي ۽ ثقافتي اتحاد جي علامت پئي رهيا آهن.

سنڌي سماج مغل دور حڪومت جي غلامي جا جيڪي سور ۽ سختيون پئي سٺيون آهن، تن جي تزڪرن سان تاريخ جا باب ڀريا پيا آهن. مغلن سنڌ جي مادي پيداواري قوتن کي جنهن نموني ۾ پائمال ڪيو، تنهن جو مثال پڻ ڪنهن به دور ۾ نظر نٿو اچي. اڪبر جي سيڪولرزم واري پاليسي تحت غير فرقيوارانه بنياد تي مغل سلطنت شاهي کي وڌائڻ ۽ مضبوط ڪرڻ واري عمل مطابق  سنڌ کي فتح ڪري مغل سلطنت  جو حصو بنايو ويو. پر اڳتي هلي فرقيوارانه  جنونيت ۽ جابريت عالمگيري دور جي اهم خصوصيت  ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن مطابق فرقيوارانه  بنياد تي مغل شهنشاهيت کي وڌائڻو  ۽ مضبوط ڪرڻ هو. فرقيوارانه  نوعيت سبب سڀئي رياستي ادارا، جيڪي سياسي طور تي  ڪمزور ٿي ويا هئا، سي عوام جي فلاح و بهبود جي بدران حڪمران ٽولي جي ذاتي مفادن  تحت ڪرم ڪرڻ لڳا. مغل درٻار طائوس و رباب ۽ غم جانان جهڙي نفسياتي  مرض ۾ مبتلا ٿي وئي. امير مذهبي بنيادن تي مختلف گروهن ۾ ورهائجي ويا، ان ڪري ايراني ۽ توراني اميرن جا اندروني تضاد مذهبي طور تي سني ۽ شيعي جي اختلافن  جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ ڳا. اقتدار جا مرڪز سازش جا آکاڙا بنجي ويا. خانه جنگين ۽ سياسي ڀڃ ڊاهه پيداواري عمل کي روڪي ڇڏيو. سرڪاري خزانا خالي ٿي ويا. رياستي ادارن ۾ فوج، پوليس ۽ عدالتن جو دائره عمل فقط اهو وڃي رهيو ته اهي ڳوٺن کي ساڙي، لٽ مار ڪري فصلن تي قبضو ڪري پنهنجون ضرورتون ۽ حاڪمن جي عياشيءَ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن نموني ۾ پئسو حاصل ڪن. جاگيردار اميرن انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ذاتي سپاهه رکڻ شروع ڪيو. انهيءَ صورتحال عوام ۾ سخت مايوسي پيدا ڪئي. مٿيون طبقو ذاتي طور تي وڌيڪ رعايتون حاصل ڪرڻ، ملڪيت ٺاهڻ ۽ پنهنجي سياسي حيثيت  کي مڃرائڻ جا جتن ڪرڻ لڳو. نتيجي ۾ ڳوٺن جا ڳوٺ ويران ٿي ويا. هاري بي روزگار ٿي وڃي چور ۽ ڌاڙيل بنيو. ڏوهارين کي قانوني تحفظ مهيا ڪيو ويو. اهڙي طرح سلطنت جي زوال سان گڏو گڏ پورو معاشرو زوالجڻ لڳو. ان ڪري اورنگزيب کان پوءِ آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر تائين طوائف الملوڪي جو دور رهيو. انهيءَ صورتحال سبب برصغير جي غير فطري وحدت جو سونو مندر، جيڪن مغل فاتحن تلوار جي زور سان تعمير ڪيو هو، سو پاش پاش ٿي ويو. دکن، بنگال، آئوڌ، گجرات ۽ مالوه جي رياستن  پنهنجي پنهنجي قومي آزادي جو اعلان ڪيو، ته ٻئي طرف  وري برصغير جي انهيءَ سياسي بدحالي ڪري غير ملڪي حمله آورن کي اهو موقعو فراهم ٿيو ته انهيءَ صورتحال مان فائدو حاصل ڪن. انهيءَ ڏس ۾ ايراني سلطنت نادر شاهه جي قيادت ۾ توسيع پسند واري پاليسي اختيار ڪئي. هن پنهنجي توسيع پسندي کي ”سلطنت جي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ“ واري نعري سان ڪموفليج ڪندي مشرق توڙي مغرب ۾ جارحيت  واري حڪمت عملي اختيار  ڪئي. سڀ کان پهريائين قنڌار، ڪابل، پشاور، لاهور ۽ دهلي انهيءَ جارحيت  جو نشانو بنيا. ۽ ساڳئي وقت جڏهن هو دهلي کان واپس اچي رهيو هو ته هن سنڌ کي به پنهنجي اڳرائي جو شڪار بنايو. نادر شاهه مغل بادشاهه محمد شاهه کان اٽڪ ۽ سنڌ جو علائقو لکرائي ورتو.

هاڻي اسان کي هتي انهيءَ ڳالهه جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺڻو آهي ته ايراني سلطنت طرفان سنڌ مٿان جيڪا لڙائي مڙهي وئي، ان ۾ سنڌ جي حاڪمن ڪهڙي حڪمت عملي (War strategy) کان ڪم ورتو ۽ فني حرب جا ڪهڙا داءُ پيچ (War tactics) اختيار ڪيا ۽ ساڳئي وقت انهيءَ جنگ جي حڪمت عملي ۾ جيڪي مسئلا شامل هئا، تن ۾ ڪهڙو سياسي تضاد موجود هو ۽ انهيءَ کي حل ڪرڻ ۾ ڪهڙي طرح جنگي نموني سان اُڪلاءُ ڪيو ويو.

جيئن ته اسان مٿي چئي آيا آهيون ته مغلن سنڌ کي ايراني سلطنت کي اهو احساس ڏياريو ته سنڌ، هند جي ماتحت نه آهي، ان ڪري ميان نور محمد، نادر شاهه جي انهيءَ حڪم ڏانهن ڪو به توجهه نه ڏنو ته هو (نور محمد) ڪابل اچي ساڻس ملاقات ڪري ۽ کيس خراج ادا ڪري. ميان جي انهيءَ بهادريءَ واري رويي مان ثابت پئي ٿيو ته سنڌ ان وقت سياسي طور تي آزاد ۽ خودمختيار حيثيت سان صدين کان پوءِ سياسي، ثقافتي، تاريخي ۽ جاگرافيائي وحدت حاصل ڪري چڪي هئي؛ انڪري مغلن طرفان سنڌ کي ايراني سلطنت جي ماتحت ڏيڻ وارو عمل هڪ غير آئيني، غير قانوني، غير اخلاقي ۽ غير فطري عمل هو. انهيءَ آئيني بحران ۾ ميان نور محمد جو برتاءُ منصفانه هو،ڇاڪاڻ ته هو قومي ۽ سياسي خودمختياري، اقتصادي ۽  سماجي ترقي جي بچاءَ جي لڙائي لڙي رهيو هو. اهڙيءَ طرح نادر شاهه جارحيت ۽ تسلط جي غير منصفانه لڙائي لڙي رهيو هو.

جيئن هر راند جا ڪي اصول هوندا آهن، ساڳي طرح هر لڙائي جا ڪي اصول ۽ قسم هوندا آهن. سنڌ پنهنجي بچاءَ ۾ جيڪي اصول ڪم آندا آهن، تن ۾ سڀ کان پهريون اصول هو (Declarration of war) يعني ”جنگ جو اعلان“.

تاريخ ڪلهوڙا جو مصنف غلام رسول مهر لکي ٿو، ته جڏهن مير متاري سان گڏ نادر شاهه جو سفير   مير محمد علي بيگ ميان سان  ملاقات ڪري کيس نادر شاهه جي طرفان خراج جي ادائگي جو مطالبو ڪيو ته هن کيس جواب ۾ چيو ته مون  مان پئسن جي اميد رکڻ فضول آهي.  منهنجي هٿ ۾ فقط  هڪ خزانو آهي، ۽ اهو خزانو آهي تلوار. ان ڪري مان ڪنهن به لشڪر کان نٿو ڊڄان.(ا)

ٻي هڪ روايت  آهي ته ان وقت ميان صاحب نادري سفير کي هي شعر چيو:

ڪافِ ڪ در ڪلهوڙه، آن ڪاف را ڪشند

باقي ازان چه مانند، خواهنده را دِهند

يعني ڪلهوڙي (لفظ ۾) جيڪو ’ڪاف‘ آهي اهو ڪڍي ڇڏ، باقي جيڪو بچي ٿو، اهو ڏيڻ جي خواهش رکان ٿو(2).

نادر شاهه جي حڪم عدولي کيس خراج جي بدران طاقت جي استعمال وارو جواب موڪلڻ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن کي سنڌ جي طرفان اعلان جنگ سمجهيو ويو. ميان نور محمد گنجابه کي پنهنجو دفاعي علائقو قرار ڏئي پنهنجي هڪ بهادر سالار مراد ڪليري کي مقرر ڪيو ته جيئن نادر شاهه قنڌار کان دره بولان مان گذري سنڌ تي حملو ڪري ته کيس گنجابه ۾ روڪيو وڃي(3). يعني گنجابه جنگ جو پهريون مورچو يا محاذ هوندو، ۽ مرڪز مان وڌيڪ فوجي ڪُڪَ ۽ رسد ضرورت مطابق پهچندو رهندو. مگر نادر شاهه جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي، تنهن مطابق هو دره گومل مان گذري ديره اسماعيل خان کان ٿيندو ديره غازي خان پهتو، جتان دائودپوٽن  جي تعاون سان درياهه سنڌ وسيلي لاڙڪاڻي پهتو. نادر شاهه جي انهيءَ غير متوقع رستي کان ڦري اچڻ ڪري ميان نور محمد ٻئي دفاعي مرحلي طور طويل لڙائي (Protracted war) جي تياري ڪئي. يعني جڏهن جارح قوت تمام مضبوط حالت ۾ هوندي آهي ۽ حريت پسند قوتون  ڪمزور هونديون آهن، ته اهڙي صورتحال ۾ اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي آهي، ته جيئن دشمن کي وڌ ۾ وڌ نقصان پهچائي سگهجي. هن مرحلي ۾ اڳرائي پسند قوتن جي طاقت ٽيڻي هوندي آهي ته پوءِ ان جي مقابلي ۾ محب وطن قوتن جي نسبت هڪ هوندي آهي. ان وقت اڳرائي پسند جارح جي خلاف مختلف داءُ يا گُر استعمال ڪندي، ڪڏهن اڳتي وڌڻ ته وري ڪڏهن پوئتي هٽڻ يعني (Advance and retreat) واري حڪمت عملي اختيار ڪئي ويندي آهي، ته جيئن دشمن کي منجهايو وڃي. انهيءَ وچ ۾ مواصلاتي سرشتي (Line of communication) ۽ جنگي ڦهلاءُ وارو گُر استعمال ڪندي دشمن کي وسيع علائقي ۾ ڦهلايو ويندو آهي، ته جيئن سندس فوجي قوت کي گهڻن حصن ۾ تقسيم ڪري سندس مرڪزي قوت کي ڪمزور بنائجي، ته ٻئي طرف وري پاڻ کي محدود ڪري پنهنجي مرڪز کي سگهارو بنايو ويندو آهي. ميان نور محمد جو پنهنجي مرڪز خدا آباد کي خالي ڪري عمر ڪوٽ ۾ اچڻ جو مقصد به اهو هو ته اهڙي نموني هو هڪ طويل لڙائي (Protracted War) لڙي سگهندو، ڇاڪاڻ ته ميان نور محمد اهو اندازو لڳايو هوندو ته نادر شاهه گاديءَ واري شهر خدا آباد ڏانهن ايندو، اتان پوءِ سيوهڻ واري ڏکئي ۽ خطرناڪ جابلو لڪ کان لنگهي سندس پيڇو ڪندو. انهيءَ دوران سندس فوجي سگهه ڪمزور ٿي ويندي. انهيءَ صورت ۾ يا ته هو موٽي ويندو يا وري شڪست کائي ويندو.

 

طويل جنگ دوران ميدان جنگ کان سواءِ (Mobile  War fare) وارو گُر به استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾ آمد رفت جي ذريعن کي تباهه ڪيو ويندو آهي، ته جيئن دشمن جي فوجن جو پنهجي مرڪز سان رابطو  قائم ٿي نه سگهي. کاڌي پيتي جو سامان  تباهه ڪيو ويندو آهي، متحرڪ لڙائي (Mobile war fare) واري گُر کي استعمال ڪندي ميان نور محمد خدا آباد مان ويندي ملڪ جي سڀني عاملن ۽ ڪارندن کي حڪم ڪيو ته رسد جو جيترو به سامان هجي، تنهن کي ساڙيو وڃي ۽ باقي جيڪو بچي تنهن کي زمين ۾ دفانيو وڃي (4).

هاڻي سوال ٿو اٿي ته ميان نور محمد سنڌ جي جابلو علائقي کي ڇو نه پنهنجي دفاعي مورچي طور استعمال ڪيو، ۽ عمر ڪوٽ ڇو ويو. انهيءَ سوال جو جواب هي آهي ته جابلو علائقو هڪ محدود پٽي آهي، جيڪو جنگي(Rear bease) ٿيڻ جي لائق نه آهي، ته اتي ڪا طويل لڙائي جاري رکي سگهبي ۽ سو به انهيءَ صورت ۾ جڏهن حملي وارن جو واسطو به قنڌار علائقي سان هو. ٻيو ته بروهين سان ميان نور محمد جو تنازعو هلندڙ هو. اتر ۾ دائودپوٽا سندس دشمن هئا ۽ سندن ئي تعاون ۽ مدد سان نادر شاهه سنڌ ۾ داخل ٿيو هو. اوڀر ۾ ريگستاني علائقو ۽ ڏکڻ ۾ عربي سمنڊ هو. بدبختي سان سنڌ کي پنهنجي سامونڊي بحري فوج موجود ڪا نه هئي، جنهن جي مدد سان ڏکڻ زون کي جنگي مرڪز بنائي سگهجي. ان ڪري طويل جنگ لاءِ ميان صاحب وٽ فقط ريگستاني علائقو جنگي حڪمت عملي مطابق  واحد مرڪز رهيو، جتي ويهي هو دشمن سان مقابلو ڪري  پئي سگهيو.

ٻئي طرف وري نادر شاهه پنهنجي جنگي حڪمت عملي تيز حملي (Surprise attack) واري اختيار ڪئي، ۽ هو جڏهن لاڙڪاڻي پهتو ته کيس سندس جاسوسن  اطلاع ڏنو ته ميان نور محمد عمر ڪوٽ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي، جنهنڪري نادرشاهه خدا آباد سيوهڻ جي جابلو لڪ واري بستي بدران درياهه ٽپي نوشهري واري ميداني علائقي واري رستي سان شهدادپور پهتو.

 

هر جنگ فوجي طور تي چئن طرفن کان لڙي ويندي آهي، پر مڪمل فتح لاءِ ملڪي عوام منجهان هڪ اهڙي ايجنٽ قوت تيار ڪئي ويندي آهي، جنهن کي دشمن پنهنجي مقصدن جي حاصل ڪرڻ جو ذريعو بنائيندو آهي. اهڙين ايجنٽ قوتن کي (th Colmist5) چئبو آهي. شهدادپور پهچڻ تي اهڙن ايجنٽ قوتن نادر شاهه کي عمر ڪوٽ ڏانهن ويندڙ رستن ۽ ٻين جنگي اهميت وارن رازن کان واقف ڪيو، جنهنڪري نادر شاهه کي عمر ڪوٽ پهچڻ ۾ فقط هڪ ڏينهن لڳو.

لڙائي کان اڳ ڪي ويڙهو دستا موڪلي دشمن جي جنگي قوت، جنهن ۾ فوج جي تعداد (نفري) ۽ هٿيارن جو صحيح اندازو لڳايو ويندو آهي، انهن ويڙهو دستن کي فوجي زبان ۾ (Fighting troops) يا خودڪشي ڪندڙ دستا چئبو آهي. اهي تمام ٿوري تعداد ۾ هوندي به سڌو سنئون دشمن جي فوجي مورچن ۽ ڇانوڻين  تي حملو ڪندا آهن. اهي پنهنجي تباهي لاءِ اڳواٽ  ئي تيار هوندا آهن. پر سندن مقصد اهو هوندو آهي ته ڪهڙي به نموني دشمن جي فوجي چرپر، طاقت ۽ هٿيارن  متعلق پنهنجي مرڪز کي اطلاع ڏين ته جيئن سندن قيادت جنگ جي ايندڙ مرحلي لاءِ پاڻ کي منظم ۽ تيار ڪري. انهيءَ مقصد مطابق شهداپور وٽ ماڇين ۽ مهيرين  جي فوجي دستن نادري فوج تي حملو ڪيو. انهيءَ لڙائيءَ مان ميان صاحب ضرور نادري فوج جي قوت، هٿيارن ۽ حڪمت عملي جو اندازو لڳايو هوندو. ان ڪري ميان صاحب پنهنجي دفاعي پوزيشن جو جائزو ورتو. هن محسوس ڪيو ته عمرڪوٽ جو قلعو، جيڪو بارود کان اڳ جي دور جي قلعو هو ۽ بعد ۾ منجهس توپن رکڻ لاءِ ٿلهي جو واڌارو ڪيو ويو، سو نادري  توپخاني آڏو ڪمزور هو. ان کان سواءِ اتي وڌيڪ اناج ۽ پاڻي جي ذخيري ڪرڻ جي گنجائش موجود ڪا نه هئي، جو دشمن جي گهيري وقت ڊگهي عرصي تائين پنهنجو  بچاءُ ڪري سگهجي. ان ڪري ميان نور محمد گوهي ڏئي، دشمن کي ٿڪائڻ واري گُر يا داءُ کي استعمال ڪرڻ پئي گهريو. ان ڪري هن خزاني کي زمين ۾ دفنائي پاڻ ٿر جي رڻ پٽ يا سامونڊي علائقي ڏانهن نڪري وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو. ان مان هن ٻه مقصد  حاصل ڪرڻ پئي گهريا. هڪ ته دشمن کي ان وقت تائين رلائجي ته  جيئن گرمي جي موسم اچي وڃي ۽ نادري فوج گرم واريءَ ۾ گرم جهولن هلڻ سبب اُڃ ۽ بک سبب تباهه ٿي وڃي، ڇاڪاڻ ته نادر فيبروري جي مهيني ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو هو. انڪري اها موسم حملي آورن لاءِ فائديمند هئي. ميان صاحب جو ٻيو اهم اهو مقصد هو ته جيئن نادري فوج کي مختلف هنڌن تي مصروف رکي، پٺيان عوامي طاقت کي منظم ڪري پٺيان حملو ڪرائجي. انهيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن عمر ڪوٽ کي ڇڏي، ٻئي هنڌ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. پر نادر به هڪ تجربيڪار جنرل هو ۽ هن ميان جي انهيءَ حڪمت عملي کي ڄاڻي ورتو، تنهن ڪري هن اڳرائي پسند قوت طور سڀ کان پهريائين اها ڪوشش ڪئي ته ميدان جنگ ۾ مقابلي کان اڳ ۾ عوامي سگهه کي ختم ڪري ۽ عوام ۾ مايوسي پيدا ڪرڻ لاءِ  هن وڌ ۾ وڌ تشدد استعمال ڪيو ۽ سڄي هنڌ ۾ ڦرلٽ، قتل و غارت مچائي ڇڏي، ته جيئن حڪمران پنهنجي عوام کان ڪٽجي ڌار ٿي وڃي.“ ٻيو طريقو هن تيز حملي (Surprise attack) جو اختيار ڪيو ۽ تيزي سان شهدادپور مان هڪ ڏينهن اندر اڳتي وڌي ميان نور محمد کي عمرڪوٽ جي قلعي مان ٻاهر ئي نڪرڻ نه ڏنو. تشدد ۽ جنگي جارحيت عوام آڏو نفسياتي طور تي چئن قسمن واري صورتحال پيدا ڪري ٿي، جنهن ۾ فنا ۽ بقا جو سوال، انساني عزت نفس کي خطرو، ذاتي گهرن لاڳاپن کي نقصان پهچڻ جو انديشو ۽ سماجي وحدت کي خطرو محسوس  ڪيو ويندو آهي. انهيءَ صورتحال ۽ جارحانه طاقتور قوتن ۽ ڪمزور  وطن دوست قوتن آڏو ٻه سوال اڀرندا آهن: پهريون هٿيار اڇلائڻ (Surrender) جنهن ۾ گهڻي خون خرابي کان پوءِ مرڪزي قيادت بلڪل ختم يا تباهه ٿي ويندي آهي. باقي فوج کٽندڙ ڌرُ آڏو بغير ڪنهن شرط شروط  جي هٿيار اڇلائيندي آهي. هن ۾ فقط فاتح ڌر جي مرضي شامل هوندي آهي ۽ جنگي لحاظ کان جنگ جي پڄاڻي جو ٻيو عمل هوندو آهي. پسپائي يا دستبرداري جو (With drawal) هن عمل دوران ڪمزور ڌر ڪن شرطن شروطن يا ڌريون  هڪ ٻئي جي رضامندي سان پسپائي اختيار ڪندي آهي. پسپائي اختيار ڪرڻ وقت هر ڪا ڌر وقت ۽ جاءِ کي خاص اهميت ڏيندي آهي. هڪٻئي سان سفيرن جو تبادلو عمل ۾ ايندو آهي، جيڪي ڌرين جي وچ ۾ شرط شروط طئه ڪندا آهن. انهيءَ دوران شڪست کاڌل ڌر هڪ طرف پنهنجن پيداواري ذريعن کي اهڙي نموني يڪجا ڪندي آهي ته جيئن دشمن انهيءَ  مان ڪو به فائدو حاصل نه ڪري سگهي ۽ ٻئي طرف وري فوجي اهميت جي سازو سامان تي قبضو ڪرڻ. اهڙي طرح پسپائي اختيار ڪرڻ کان اڳ ڏيکاءَ  واري حڪمت عملي (Screen strategy) اختيار ڪندو آهي ته جيئن سوديبازي (Barggning) ڪرڻ ۾ آساني پيدا ٿئي. ميان نور محمد هٿيار اڇلائڻ جي بدران پسپائي  واري پاليسي اختيار ڪئي ۽ هن نادري ڪئمپ ۾ پنهنجو سفير  موڪلي صلح جي درخواست ڪئي، جيڪا نادر قبول ڪئي. هاڻي ڏسڻو هي آهي ته ميان نور محمد ۽ نادر شاهه جي وچ ۾ ڪهڙي قسم جي سوديبازي ٿي ۽ ان سان سنڌ کي سياسي طور تي ڪيترو نقصان پهتو. نادر شاهه سنڌ جا ڪجهه حصا قلات جي بروهين ۽ بهاولپور جي دائود پوٽن جي حوالي ڪيا ۽ باقي سنڌ تي ميان نور محمد کي شاهه قلي جو خطاب ڏئي کيس پنهنجي سلطنت ۾ داخل ڪيو. پر داخلي طور تي سنڌ کي خود مختياري حاصل رهي. ميان جنگي تاوان طور هڪ ڪروڙ روپيه نادر شاهه کي ادا ڪيا ۽ باقي ويهه لک رپيا ساليانو خراج ادا ڪندو رهيو. پنهنجن ٻن پٽن کي ٻن هزار گهوڙي سوارن سان گڏي پنهنجي طرفان مرڪزي سرڪار جي حوالي ڪيا ته جيئن سنڌ جي مرڪز ۾ فوجي نمائندگي  ٿي سگهي. اهڙي طرح ميان فوجي طور تي پسپائي حاصل ڪئي، پر سياسي طور تي وري به فائدي ۾ ويو.

(1) ميان نور محمد سياسي طور تي ڳالهه ٻولهه ذريعي ملڪ کي وڏي پيماني تي قتل و غارت کان بچائي ورتو، جيئن هن کان اڳ نادر شاهه دهليءَ ۾ وڏي پيماني تي ڪوس ڪرايو ۽ عزتون لٽيون.

(2) سنڌ،سڌو مرڪز جي ماتحت نه رهي، ڇاڪاڻ ته نادر شاهه ڪنهن به ايراني امير کي پنهنجي طرفان سنڌ مٿان گورنر طور مقرر نه ڪيو. اهڙيءَ طرح سنڌ داخلي طور تي خود مختيار رهي.

(3) پنهنجن ٻن پٽن کي ٻن هزار سپاهين سان گڏي مرڪزي فوج ۾ داخل ڪري نه فقط ايراني سلطنت جي فوجي طاقت ۽ چرپر کان باخبر رهيو، پر مرڪز ۾ هر ايندڙ تبديلي کان پڻ باخبر رهيو.

اهڙي طرح ميان نور محمد واليءَ سنڌ، ايشيا جي هڪ طاقتور جنرل نادر شاهه کي سياسي ميز تي شڪست ڏئي ڇڏي.

ماخذ

(1) سير المتاخرين: غلام حسين طباطبائي، نفيس اڪيڊمي، ڪراچي جولاءِ 1965ع.

(2) تاريخ ڪلهوڙا(اردو) جلد پهريون، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد

(3) ڪلهوڙا دور،س ناصر، وطن دوست پبليڪيشن ، حيدرآباد، ماهه مئي- جون 1978ع.

(4) مهراڻ، ”رني ڪوٽ نمبر“، 1984ع نمبر 3.

(5) ”آخري مغل دور“، ڊاڪٽر مبارڪ علي.

(6) مخدوم ميان محمدي رحمت الله جو ”بياض کهڙوي“. قلمي نسخو الڪبير اڪيڊمي ڪوٽڙي ڪبير.

نادر شاهه سنڌ ۾ آمد وقت جيڪو ظلم ۽ تشدد، قتل و غارت ڪئي، تنهن لاءِ ”بياض کهڙوي“ (قلعي نسخو) ان کي ”مثل القيامت“ ورتي آهي، جنهن مان مراد آهي ته نادر شاهه سنڌ ۾ سن 1252 ۾ آيو. اهڙيءَ طرح نادر شاهه جي قتل ٿي وڃڻ تي اهل سنڌ خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ سندس وفات جي تاريخ لاءِ جِن خرابُ شد“ جا اکر ڪم آندا آهن، جن جو ابجد جي حساب مطابق نادر شاهه جي وفات جي تاريخ 1190هه مقرر ٿيل آهي.

لڙائي جا عموماً ٻه قسم هوندا آهن: هڪ ريگيولر وار، جنهن مطابق ٻه تربيت  يافته فوجون مروج هٿيارن سان ليس ٿي لڙائي ڪنديون آهن. اهڙي لڙائي کي باقاعدي لڙائي چئبو آهي، ٻيو بي قاعده لڙائي، هن جا چار قسم ٿين ٿا: پهريون گهرو لڙائي، ٻيو دهشت پسندي، ٽيون بغاوت، چوٿون گوريلا جنگ، اهڙي لڙائي ٽن قسمن جي صورتحال ۾ لڳندي آهي، پهرين قابض طاقت جي خلاف، ٻيو ظلم ۽ تشدد جي خلاف ۽ ٽيون نظرين جي بقا لاءِ هن قسم جي يعني بي قاعدي لڙائي لڙي ويندي آهي. اها لڙائي مظلومن ۽ هيڻن جي لڙائي هوندي آهي،جنهن ۾ عوام حريت پسند طبقن سان ساٿ ڏيندو آهي، جيڪي هن لڙائي ۾ سرگرم هوندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com