سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :3

 

ميرل فقير جويو

ٻاڻ ڏونهين

 

مرگهه اکيان محبوب تيڏيان، ڄڻ ڀري کڙيان هن ٻاڻ ڏونهين،

 

چوطرف اهئي چشمان تيڏيان،هڻ لائي کڙيان چانڊاڻ ڏونهين،

 

وال وڪڙ ول کاون پئي، هن موج ڀرئي مهراڻ ڏونهين،

 

گلاب رابيل گهائل ٿئي، ويک لَبان لالاڻ ڏونهين،

 

ڦوهه جواني حسن هزاري، مٺڙا موجان ماڻ ڏونهين،

 

آ ڪول ساڏي ڪجهه ٻول مٺا،ڪرون روح والي ڪا رهاڻ ڏونهين،

 

فاذ ڪروني اَذ کُرکُم ٿي، ڪڍون نه ڪنهن دي ڪاڻ ڏونهين،

 

”ميرل“ محبت پاڪ هووي، ڀلي کامون ٿيوون کاڻ ڏونهين.

 

الحاج رحيم بخش ”قمر“

 

پور پلپل ٿا پون، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح،

نيڻ منهنجا ٿا ٽمن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

بوند بدران باهه بري ٿي ڀٽن تي ڀائرو،

سانگ سانگين جا سڙن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

ٿو ڄڀيون ڄيرو ڪري اڄ ٻوههَ، ڄاريون ٿا ٻرن،

جهنگ ۾ جهانگي جلن، پو چپ رهان ڪهڙي طرح،

لعل لڙهندا ٿا وڃن، لهرين لپيٽيا لاش لک،

ڳل مٿان ڳوڙها ڳڙن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

ڪاز، ڪوئل ۽ ڪبوتر، هَنج، نيرڳ ويا هليا،

ڪانگ ويڙهن ۾ وسن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

باغ مان بلبل، چڙيون، چيها، چتون، تڙجي ويا،

اڄ نه ٽارين تي ٽلن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

بي پُڇا ۽ بي خطا ۽ بي سبب ۽ بي گناهه،

ڪيچ ۾ ڪونڌر ڪُسن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

مارئي رت ٿي رنو، ڀٽ تي ڀٽائي گهوٽ وٽ،

لُڙڪ جنهن جا لک لهن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

ٻيو ولر ويندو رهيو، پر ڪونج هڪڙي پئي ڪري،

جنهن لئه ڪونجون رت رئن،پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

سارين جا سنگ سونا ٿا لُڏن سُرهاڻ تي،

اڄ نه آيا گلبدن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

ڪالهه جن جي لئي ڪُٺاسون،سي سڄڻ افسوس اڄ،

ڪين ٿا ڪانڌي ٿين، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

سَرَ به نِسريا، ڪانهن نِسريا ٻاجهري ٻوري ٻَهون،

ڪين وڻجارا ورن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.

ڪير ٿو سمجهي ”قمر“ هِت شاعريءَ جا شاهڪار،

هِت نٿا هيرا کپن، پو چپ رهان ڪهڙيءَ طرح.


 

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

›

ڪير چئي ٿو ظالم دنيا، ظالم آهه ضمير،

ڀرجهل ٿيو بي پير.

سالن لاڪون سوگهو ڪيڙس، اهڙو آئون اسير،

ڀرجهل ٿيو بي پير.

ڪيڏو ڏاڍو ڪيڏو قهري، ڄڻ زندان جو زنجير،

ڀرجهل ٿيو بي پير.

مئي جي مستي نينهن نشو يا تهڙو ٿس تاثير،

ڀرجهل ٿيو بي پير.

جهڙو جهڙو خواب ڏسي ٿو، تهڙو ٿئي تعبير.

ڀرجهل ٿيو بي پير.

ڪاتيءَ وانگر ڪنڌ تي ڄڻ ڪي دهشت دامن گير،

ڀرجهل ٿيو بي پير.

 

خاڪي جويو

 

›

 

رات هوا جي رم جهم تي،

گيت آ ڳاتا ڳاتا آهن.

 

ڀونءِ ڀنڀرڪي جو ڀڙڪائي،

هار هوائن جي هر کر جا،

سپنا صدين جا سارُن جا،

ڳوٺ اسان جا ڳاڙهي رت ۾،

جيئن پوءِ تيئن جوانيءَ وارا،

ڄَر ڄراٽا ڄاتا آهن.

پاڻ مرادا پاتا آهن.

اکڙين ۾ ڄڻ آتا آهن.

لاک لهوءَ جي لاتا آهن.

نهرا اڳ کان ناتا آهن.

 

”تاج“ جويو“

بيت

ٻوليءَ جي واڙيءَ منجهان، چونڊي اکر - اُڇتُ،

ڀري دل جو رَتُ، ٺاهيا گيت گُلاب مون!

---

دل جي ريٽي رت مان، سِر جي آئي سِٽ،

جهڙا چُنيءَ چِٽَ، تهڙي سوڀيا سِٽَ جي.

---

سورن جو شمشان، جيسين جلي نه جيءَ ۾،

تيسين ڏات ڪويءَ وٽ، مُور نه ٿئي مهمانُ،

سِٽ لکڻ آسان، ڀورا! ڀانءِ نه بيت جي.

---

جيئن ڪا چمڪي چيهه،جهُڙڦُڙ ميگهه ملهار ۾،

ڏِئي سچ سنيهه، تيئن ڪا سِٽ سُهاڳڻي.

---

ڪا ڪا سٽ اُماس ۾، تارن جو تڙڪو،

ڳولي دڳُ لڌو، جوڌن جنهن جي جوت ۾.

---

سِٽ سُڳنڌي سچّ جي، پر جي سچ چئين،

ناهي ڳالهه نئين، سُوريءَ تي سچ لئه چڙهڻ!

---

سچ، سندرتا، سٽَ ۾، جي تون سمائين،

ماتِ ڏمر ڏهڪاءَ کان، مُور نه تون کائين،

ٽِڪو نه لائين، ڪڏهن پنهنجي ڪُڙم کي!

---

سچ سمائي سٽ ۾، جڏهين ڳاتو مون،

ڀُڙڪي اٿي ڀُون، ڪڙڪيا ڪونڌر ڪوڙ تي!

 

ادل سومرو

گيت

 

زندگي آ مختصر

نفرتن جي جاءِ تي،

پيار جو اظهار ڪر،

هر گهڙي هر بار ڪر.

 

هر گهٽي هر جاءِ تون،

روشني ڦهلاءِ تون،

زندگيءَ ۾ رنگ ڀر،

سونهن سان سهڪار ڪر،

ٻولَ مٺڙا ٻولِ تون،

پيار جو اظهار ڪر.

روح جا رستا کول تون،

سوچ کي سرهاڻ ڏي،

ذهن ۾ هٻڪار ڪر،

آدميءَ کي مانُ ڏي،

پيار جو اظهار ڪر.

درد جو درمان ڏي.

دشمنن سان ڀي ڪڏهن،

ڪين تون آزار ڪر،

کوٽ کان انڪار ڪر،

پيار جو اظهار ڪر.

سچ جو واپار ڪر،

پنهنجي دل کي او سڄڻ!

سڪ سان سرشار ڪر،

پيار جو اظهار ڪر.

 

ج.ع.منگهاڻي

غزل

 

جن کان ڏور ڪنارا هوندا،

ڪيئن نه سي ويچارا هوندا.

ڳالهين ساڻ نه مِٽبا ٽربا،

دلين ۾ جي گهارا هوندا.

پنهنجن کي جي وساريندا هن،

ڪيڏا سي ته آسارا هوندا.

کڙيل مک مان ڪيئن ڪو ڄاڻي،

اندر ڪي شوڪارا هوندا.

هرهڪ دل جو مرهم جن وٽ،

ماڻهو سيئي پيارا هوندا.

سپنا ڊوڙيا شمشانن ڏي،

ڇرڪيا سارا تارا هوندا.

لڙڪ لڙڪ جي قيمت ڪٿبي،

سي منظر موچارا هوندا.

درماندي راتين ۾ سوچون،

ڪنهن جا ڪنهن وٽ پيارا هوندا.

ٿڪل من کي آٿت ڏيندا،

چارا سيئي گوارا هوندا.

ايندڙ ڏينهن ”منگهاڻي، پنهنجا،

خوابن جهڙا نيارا هوندا.


 

”سوز“ هالائي

گيت

بادل برسي پئو، بادل برسي پئو،

من جي اڱڻ مٿي، دل جي ڌرتي تي

بادل برسي پئو.

 

تو ريءَ ڄڻ پرديس ۾ آهيان

چئو پرينءَ کي چئو

ڪانگل بنجي پئو

بادل  برسي پئو.

 

جيسين آهي ته ديد درن ۾

تيسين ترسي پئو

ڪجل بنجي پئو

بادل برسي پئو

 

ساروڻين جي وسڪارن ۾

هاڻ لڳي ٿو ڀئو

سانول بنجي پئو

بادل برسي پئو

 

ساڙي ”سوز“ سرير کي

تنهائيءَ جو تئو

ٿاڌل بنجي پئو.

بادل برسي پئو.


 

شعبان ”بخت“

ڀٽ ڌڻي

ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي! ڳالهه تنهنجي وڻي،

جيڪا توکان بڻي،سان نه ڪنهن کان بڻي.

 

(1)

تون ئي آن ساڀيا، سنڌ جي سوچ جي،

ساک ئي ڄاڻ جي، خاص آئين کڻي،

ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!

 

 (2)

ٿيا سلامي سڀئي تنهنجي مهراڻ جا،

نِينهن جا ناکئا، پيار جا پاتڻي،

ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!

 

 (3)

ٻيا به ڪئين ٿيا هتي، مهر جا موکي پر،

تنهنجي مَڌ جي مڌرتا آ سڀ کان گهڻي،

ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!

 

 (4)

نينهن جو ناز آن، دل جو دمساز آن،

سڏ سڻي، سک لهي، هر ٿڪل هَڏ هڻي

ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!

 

(5)

”بخت“ جهڙا لکين تنهنجا منگتا مِٺا،

پيا پِنَن پيار سان تنهنجي پيرن پڻي،

ڀٽ ڌڻي! ڀٽ ڌڻي!

”عابد“ لغاري

نعت شريف

ڀرجهلو تو کان سوا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي،

تو سوا ڪو ناخدا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

 

تون ته محبوب خدا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي،

۽ امام الانبيا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

تون اسان جو مصطفيٰ ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي،

شافع روزِ جزا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

ٻئي جهان ڪون و مڪان، تنهنجي ڪري آهن بنيا،

تون ٿئين حق آشنا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

دينِ فطرت کي جهان ۾، تو مڪمل آ ڪيو،

صاحبِ نورالهديٰ، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

تون شفاعت جو ڌڻي، تون حوض ڪوثر جو ڌڻي

منبع هر دوسريٰ، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

تو گنهگارن کي بخشيو ۽ محبت پڻ ڪئي،

عاصين جو رهنما، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

خُلق جي قرآن سان تو جهان قائل ڪيو،

صاحبِ صدق وصفا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

تون بشر اهڙو ٿئين جو نور ئي بس نور هئين،

ڪنهن ڪيا سڀ حق ادا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

ڪيئي ماڻڪ لعل موتي هن جهان ۾ ٿيا مگر،

تون ته درّ آن بي بها، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

دشمنن کي ڀي سدا، توتي مٺا هي ناز هو،

تون مجسم آن وفا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

توتي ڪلمو جنهن پڙهيو نور پيو ان مان بکي،

تون بهارِ خوش نما، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

تنهنجي دامن ۾ هميشه پيار ئي بس پيار آ،

تون محبت آن سدا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

هي دنيا جو کيل سارو، تو محمد تي ٿيو،

ابتدا ۽ انتها، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

تون اڙين آڌار آهين، تون سقيمن ڀرجهلو،

تون ٿئين مشڪلڪشا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

ڪئين نبي عابد ولي،صوفي صفا عارف ٿيا،

تون سڀن جو پيشوا، ٻيو ڪونه ٿيندو يا نبي.

 

ذوالفقار سيال

غزل

اسان جو زخم به گل جيان ڪوئي مهڪي ٿو ڪڏهن ڪڏهن،

پرين خيال ۾ ڪو عڪس تنهنجو جرڪي ٿو ڪڏهن ڪڏهن.

 

اسان جي پيار جون لهرون اٿيون ۽ موٽي ويون،

اچي جي ياد ٿو، نيڻن مان نير برسي ٿو ڪڏهن ڪڏهن.

 

مڃان ٿو تنهنجون به مجبوريون ڪي ته هونديون پر،

مگر اکين مان وري پيار تنهنجو ڇلڪي ٿو ڪڏهن ڪڏهن.

 

سمائي تنهنجا ئي سپنا اکين ۾ سانڍيان حسين،

اٿڻ سان خواب به سانڍيل اسان کان وسري ٿو ڪڏهن ڪڏهن.

 

ڪڏهن ڪڏهن ته لڳي پاڻ ڀي نه پنهنجو ٿو،

ذهن ۾ ”زلف“ وري گيت ڪوئي گونجي ٿو ڪڏهن ڪڏهن.

 

مهر پروين

›

گهر اچي گهايل سان گڏجي گهوٽ گهاريندين ڪڏهن،

وصل جي وارث وري تون واڳ واريندين ڪڏهن.

 

جي نڀائڻ جا ڪيا وعدا پرين تو وصل ويل،

سي اچي مرڪي مٺا، پيمان پاريندين ڪڏهن.

 

تو بنا آهيان اٻالي سُور جي گهيري ۾ سُڪَ،

چئو! اچي منهنجي اڱڻ، سي سور ٿاريندين ڪڏهن.

 

مار ڳڻتين ۾ وئين ڳاري هنيون، ماري مُئي،

جيءُ جڏو منهنجو وري جانب جياريندين ڪڏهن.

 

وصل ويلي جا ڏني تو، ”مهر“ کي سُرڪي سڄڻ،

پِڪ اها پروين کي پيارا پياريندين ڪڏهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com