سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :7

شاهه ڪريم جو اولاد ”ڪريم پوٽا“

        ميين شاهه ڪريم کي اٺ پٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. ٽکڙ جي سيدن جي شجري موجب ميين شاهه ڪريم هڪ نياڻي پنهنجي وڏي ڀاءُ جلال شاهه جي پٽ ابوالقاسم کي ڏني. مختلف شجرن ۾ سندس اٺن ئي پٽن جا نالا ڏنل آهن، پر سندن ننڍ وڏائي بابت متفقه طور وضاحت ٿيل ڪانهي. ڪن شجرن ۾ هڪ ٻن نالن ۾ پڻ جزوي اختلاف آهن. ڪن شجرن ۾، ڪن پٽن جو اولاد لکيل آهي ۽ ڪن ۾ لکيل ناهي. بهرحال ميين شاهه ڪريم جي جنهن پٽ جي پيڙهي مان شاهه عبداللطيف جو والد حبيب الله شاهه ٿيو، تنهن تائين پيڙهين جو سلسلو متفقه طور موجود آهي.

 

        ميين شاهه ڪريم جي فرزندن جي سلسلي ۾ اختلاف جون ٻه صورتون آهن، جن جي وضاحت ضروري آهي.

(الف) سنه 1038هه ۾ ’بيان العارفين‘ جي مصنف محمد رضا جيڪو شجرو ميين شاهه ڪريم ۽ سندس اولاد جو لکيو، سو وڏي تصديق وارو شمار ڪري سگهجي ها، پر اهو هن وقت اسان جي آڏو موجود ناهي (1) . البت اصلوڪي بيان العارفين جي سنڌي ترجمي جو نقل جنهن کي مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي اختصار سان سنواري شايع ڪيو، تنهن ۾ شاهه ڪريم جا فرزند هيٺينءَ طرح ڄاڻايل آهن (2)، جن ۾ هڪ جو نالو سيد ’جلال‘ هو جنهن جي اولاد مان شاهه عبداللطيف ٿيو.

سيد عبدالڪريم

 

جيئن ته مخدوم نورنگ پوٽي وارو ڇاپو ’بيان العارفين‘ جي نقل جو نقل آهي، انهيءَ ڪري چئبو ته مٿيان نالا ’بيان العارفين‘ مطابق ڏنل آهن، البته ”پهريون، ٻيو، ٽيون وغيره“. ڳاڻيٽي جا عدد ٿي سگهن ٿا، جن مان ننڍ – وڏائي واري سلسلي بابت پڪو نتيجو ڪڍڻ شايد صحيح نه ٿئي: يعني ته پوري تصديق سان چئي نه سگهبو ته ڪو ’لعل شاهه‘ سڀني کان وڏو هو ۽ سيد ’عبدالقدوس سڀني ۾ ننڍو هو.

        مير علي شير قانع ’تحفة الڪرام‘ (دهلي ڇاپو، جلد 3، ص 172، 173) ۾ اهي نالا هن ساڳئي سلسلي موجب هيٺئين طرح ڏنا آهن، جنهن مان ڀانئجي ٿو ته قانع جي آڏو پڻ ’بيان العارفين‘ هو، جنهن تان اهي نالا کنيائين. انهن ۾ به ٽيون نمبر ’جلال‘ آهي جيڪو شاهه لطيف جو پڙ ڏاڏو هو.

 

سيد عبدالڪريم شاهه

 

هت پنجون نمبر فرزند ’لّلـه‘ آهي، جنهن کي عبدالصمد ’مبو شاهه‘ ڪري لکيو آهي. شاهه ڪريم جي والد جو نالو ‘سيد لّلـه‘ (عام سنڌي عرف ۾ ’للو شاهه‘) هو، جنهن ڪري پنهنجي پهرئين پٽ تي به ساڳو نالو رکيائين، پر جيئن ته اهو ننڍڙي هوندي گذري ويو ته پنجين پٽ تي به ساڳيو نالو رکيائين، پر عام طور تي کيس ’مبو‘ (مبو شاهه) ڪري سڏيو ويو.

        قانع طرفان ڏنل چئن فرزندن جي فوت ٿيڻ وارن حوالن مان اها حقيقت واضح ٿئي ٿي ته اهي شاهه ڪريم جي گاديءَ جا سجاده نشين ڪين ٿيا هوندا. ان جي تصديق ٻين هيٺ ڏنل ’شجرن‘ مان ٿئي ٿي، جن جي متفقه حوالن موجب فقط نمبر پنجون (للـه)، ڇهون (دين محمد) ۽ ستون (دين محمد) سجاده نشين ٿيا. انهيءَ اعتبار سان، ڀانئجي ٿو ته ’برهان‘ پڻ والد جي وقت ۾  گذري ويو يا هو جسماني صحت سببان اهڙو نه هو جو سجادگي جي ذميواري سنڀالي سگهي.

(ب) ميين شاهه ڪريم جي فرزندن يا مجموعي طور سان ’ڪريم پوٽن‘ جي پيڙهين جي ٻي روايت اها آهي جيڪا ‘بيان العارفين‘ کان پوءِ ٻين شجرن ۾ جدا جدا صورتن ۾ قلمبند ٿيل آهي. انهن مان هڪ شجرو اهو هو جيڪو ڀٽ جي ميين احمد ڀٽي وٽ لکيل هو، جيڪو هن مير عبدالحسين خان سانگي توڙي ليلا رام وتڻ مل لالواڻي کي ڏنو، جنهن مطابق هنن ميين شاهه ڪريم جي فرزندن ۽ سندن اولاد جا نالا پنهنجن ڪتابن ۾ آندا. ٻنهي ميين شاهه ڪريم جي پٽن جا نالا (ٿوري ڦيرگهير سان) هيٺينءَ طرح ڏنا آهن (1):

سيد عبدالڪريم شاهه

 

هنن نالن جي سٽاء ۽ ترتيب ٻي ساري مٿي ڏنل ’بيان العارفين‘ واري روايت سان ملي ٿي، سواءِ انهيءَ جي جو ٽئين فرزند جو نالو ’جلال شاهه‘ بدران ’جمال شاهه‘ ڪري لکيو ويو آهي. هن ڦير گهير جو سبب سمجهه ۾ نٿو اچي، ڇاڪاڻ جو ميين شاهه ڪريم جي وڏي ڀاءُ جو نالو جلال شاهه هو، جنهن کيس پاليو ۽ سنڀاليو هو ۽ انهيءَ ڪري سندس نالو ئي پنهنجي فرزند تي رکيو هوندائين.

(ج) نالي جي هيءَ تبديلي پهريائين اسان کي هڪ فارسي دان شاعر ۽ اديب ’صالح محمد بن محمد افضل‘ جي منظوم داستان ۾ نظر اچي ٿي، جيڪو هن 1230 –1243هه وارن سالن ۾، ڀٽائي پيرن جي سجاده نشين لطف علي شاهه جي وقت ۾ غالبا سندس ئي ترغيب تي مرتب ڪيو. هن شاهه ڪريم کان وٺي ويندي لطف علي شاهه تائين هي ’مدح نامو‘ سنه 1240هه مثنوي جي صورت ۾ منظوم ڪيو، جنهن جو صاف اتارو تاريخ پهرين ربيع الثاني سنه 1243هه ۾ ٽي سئو سٺ ابيات ۾ لکي پورو ڪيائين. ازانسواءِ شاهه ڪريم کان مٿيون شجرو پڻ منظوم ڪيائين ۽ پڻ سندس پنهنجي بيان موجب ڪتاب ’بيان العارفين‘ کي اختصار سان فارسي مثنوي ۾ منظوم ڪيائين (1).

مختصر در نظم آوردم چنين – جمله را بين در بيان العارفين.

انهيءَ جي معنيٰ ته ’بيان العارفين‘ جو اصل فارسي متن يا ان جو سنڌي ترجمو وٽس موجود هو. پر باوجود ان جي هن ’جلال شاهه‘ بدران ‘جمال شاهه‘ لکيو. جيئن ته صالح محمد جو اهو منظوم بيان وڻندڙ هو، انهيءَ ڪري ان جا نقل مشهور ٿيا (2)، جن جو نتيجو اهو نڪتو جو 1230 – 1243هه بعد ’ڪريم پوٽن‘ جا جيڪي شجرا لکيا ويا، تن ۾ پڻ جلال شاهه بدران جمال شاهه لکيو ويو. مثلاً مٽياري ۾ باقيل پوٽن ساداتن وٽ توڙي ٽکڙ جي ساداتن وٽ جيڪو شجرو آهي، تنهن ۾ شاهه ڪريم کان ’مٿيون شجرو‘ اصل آڳاٽي دور جي فارسي ۾ لکيل شجري تان اتاريل آهي، پر ’پوين پيڙهين‘ جو شجرو پوءِ جو لکيل آهي. انهن شجرن ۾ ’پوين پيڙهين‘ وارو شجرو، توڙي ميين احمد وارو شجرو جنهن جا نقل مير عبدالحسين خان سانگي ۽ ليلا رام وتڻ مل لالواڻي کي ڏنائين، تن سڀني جو بنياد صالح محمد وارو منظوم داستان آهي، جيڪو ڀٽآئي پير لطف علي شاهه جي خوشنودي خاطر جوڙيو ويو.

مٽياري جي باقيل پوٽن ۽ ٽکڙ جي منعماڻين وارن ٻن شجرن ۾ شاهه ڪريم جي فرزندن جا نالا هن طرح درج ٿيل آهن:

سيد عبدالڪريم:

 

هنن نالن مان سجاده نشينن جي تصديق ٿئي ٿي، پر البت ننڍ – وڏائي بابت ڪو اشارو موجوده ڪونهي، ٻيو ته جنهن سلسلي سان نالا لکيل آهن سو پڻ اڳ وارن شجرن ۾ ڄاڻايل سلسلن کان مختلف آهي.

        مٿئين تفصيل ذريعي خاص اختلافن ۽ ٻين اشارن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ بعد، هيٺ ميين شاهه ڪريم جي اولاد يعني ’ڪريم پوٽن‘ جي شجري جو مختصر خاڪو ڏجي ٿو، جنهن ۾ خاص طرح شاهه عبداللطيف جي والد حبيب الله شاهه جي مٿين پيڙهين ۽ درگاهه بلڙي جي سجاده نشينن جا نالا تفصيل سان ڏنل آهن.

 ڪريم پوٽن جي شجري جي هن مختصر خاڪي ۾ جن شخصن جا نالا آيا آهن، تن بابت آخري نتيجي طور هيٺيان وضاحتي اشارا ڪري سگهجن ٿا.

 

 


 

(الف) ميين شاهه ڪريم جا فرزند. سندن نالا توڙي ننڍ – وڏائي جي لحاظ سان هڪ ٻئي پويان سلسلو ’بيان العارفين‘ جي ان روايت موجب رکيو ويو آهي، جيڪا سنڌي ترجمي جي صورت ۾ عبدالرحمان ڪاٺ ٻانڀڻ کان عبدالصمد نورنگ پوٽي تائين پهتي. غالبا مير علي شير قانع پڻ ’بيان العارفين‘ جي آڌار تي ساڳيا نالا قلمبند ڪيا. عبدالصمد جو بلڙي جي سجاده نشينن سان پڻ لڻ ٿيو، جتان غالباً کيس اهو معلوم ٿيو ته پهريون پٽ لال محمد شاهه هو ۽ ان بعد سلسلي وار ٻيا ٿيا. ’بيان العارفين‘ جي هن روايت ۾ ٽئين فرزند جو نالو ’جلال شاهه‘ آهي جيڪو قائم رکيو ويو آهي (جيستائين ڪا ٻي آڳاٽي پڪي شاهدي ملي ته سندس نالو جمال شاهه هو). هو شاهه عبداللطيف جو پڙ ڏاڏو هو. عبدالصمد (توڙي قانع)، حسين شاهه جو نالو دين محمد شاهه کان پوءِ رکيو آهي پر هو غالبا للـه شاهه کان پوءِ ۽ دين محمد شاهه کان اڳ سجاده نشين ٿيو. دين محمد شاهه ٽيون سجاده نشين هو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ محمد دليل شاهه سجادو ٿيو. انهيءَ ڪري حسين شاهه کي دين محمد شاهه کان اڳ رکيو ويو آهي. سڀني حوالن موجب اٺن مان چار فرزند شاهه ڪريم جي وقت ۾ ئي گذاري ويا. پويون فرزند لال محمد عرف للّـه شاهه ننڍي هوندي گذاري ويو. عبدالرحيم شاهه وڏو هو ۽ کيس چار فرزند ٿيا. (جن جو ساداتن جي شجرن ۾ ذڪر آهي) پر هو به شاهه ڪريم جي حياتي ۾ گذاري ويو. جلال شاهه ڦورن هٿان شهيد ٿيو. عبدالقدوس شاهه پيءُ جي حياتيءَ ۾ فوت ٿيو ۽ برهان شاهه جو شجرن ۾ فقط نالو آهي، پر وڌيڪ ڪوبه حوالو موجود ڪونهي. سندس قبرشاهه ڪريم جي روضي جي ٻاهران آهي. جيڪڏهن هن شاهه ڪريم جي حياتي ۾ نه گذاريو ته به غالبا جسماني صحت سببان ايترو ته معذور هو جو گادي تي ڪونه ويٺو.

(ب) ميين شاهه ڪريم جا سجادا. شاهه ڪريم جي وفات بعد سندس ٽي پٽ، ننڍ – وڏائي جي لحاظ سان، هڪ ٻئي پويان سجاده نشين ٿيا: پهريون لال محمد شاهه عرف للـه شاهه (لاولد)، ٻيو حسين شاهه (لاولد)، ٽيون دين محمد شاهه (1) جنهن کي ڪافي اولاد ٿيو. کانئن پوءِ جيڪي سجادا ٿيا تن جي نالن آڏو سلسليوار نمبر (4، 5، 6 وغيره) ڏنا ويا آهن. ڇهون سجاده عبدالواسع شاهه (اول) هو، جيڪو ميين شاهه عنات جو همعصر هو (2). عبدالواسع شاهه (ٻيو) شاهه عبداللطيف جي زندگيءَ جي پوئين دور ۾ سجاده نشين هو ۽ پنهنجي تنگ نظري سببان ڀانيائين ته شاهه عبداللطيف بلڙي جي درگاهه تي پنهنجو حق ٿو ڄمائي. عبدالواسع شاهه توڙي سندس ڀاءُ محمد مقيم شاهه ٻئي لاولد فوت ٿيا. هو پنجين سجادي عبدالغني شاهه جي اولاد مان هئا. کانئن پوءِ سجادگي ڦري آئي عبدالغني شاهه جي ڀاءُ محمد شريف شاهه جي اولاد ۾، جنهن جو پوٽو محمد صلاح شاهه ’ڊنڊي‘ جي شهر ۾ رهندو هو ۽ ڀٽائي صاحب جو عقيدتمند هو. ڀٽائي صاحب جي کيس دعا هئي ۽ اتفاق به اهڙو سهڻو ٿيو جو سجادگي ملي سندس پوٽي قنبر علي شاهه ۽ سندس ٻن فرزندن کي (1)، جن مان محمد صلاح شاهه جڏهن لاولد گذريو ته گادي ملي سندس زوجه جي ڀاءُ صاحبڏني شاهه کي، جيڪو اديب ۽ شاعر هو ۽ مير عبدالحسين خان سانگي جو دوست هو.

(ج) جلال شاهه بن ميين شاهه ڪريم جو اولاد. سواءِ انهيءَ فرق جي جو پوئين دور جي شجرن ۾ ’جلال شاهه‘ جو نالو جمال شاهه ڪري لکيو ويو آهي، باقي سڀني شجرن ۽ حوالن ۾ متفقه طور ائين ڄاڻايل آهي ته جلال شاهه کي فقط هڪ فرزند عبدالقدوس شاهه ٿيو جنهن کي ٻه پٽ ٿيا: شاهه عبداللطيف جو بابو حبيب الله شاهه ۽ سندس چاچو عبدالرشيد شاهه جنهن کي سڀني حوالن مطابق پنج پٽ ٿيا، جن جا نالا شجري واري خاڪي ۾ ڄاڻايل آهن ۽ جيڪي مائٽي ۾ شاهه عبداللطيف جا سڳا سئوٽ هئا.

هن کان پوءِ جدا باب هيٺ حبيب الله شاهه يعني شاهه حبيب جي ڪٽنب جو تفصيلي بيان آندو ويندو.

]هي مضمون، ’شاهه جي رسالي‘ جي جامع ۽ مستند متن جي مقدمي جو هڪ حصو آهي[


 

حضرت سلطان الاولياء خواجه محمد زمان رحه

جي ڪلام ۾ محبت الاهيءَ جو عنصر

ڊاڪٽر قريشي حامد علي خانائي

 

        سنڌي زبان جو مشهور عالم ۽ اديب ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي پنهنجي مشهور علمي ۽ ادبي شاهڪار ”لواريءَ جا لال“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”حضرت سلطان الاولياء جون ڪي وصفون، جي سج کان به وڌيڪ ظاهر هيون، سي هيءُ هيون: رضا، توڪل، صبر، سخاوت، بي اسبابي، خدا جي توهه جي طلب ۽ گوشي نشيني.“ اسان هتي هن اڄوڪي مجلس ۾ خواجه محمد زمان رحه جي خدا طلبي يا محبت الاهيءَ جي باري ۾ ڪجهه ذڪر ڪنداسون.

        اصحابِ طريقت ۽ ارباب حقيقت جو انهيءَ ڳالهه تي پورو پورو اتفاق آهي، ته انسان جي پيدائش جو سڀ کان اهم مقصد ۽ مطلب اهو آهي ته هو پنهنجي پالڻهار سان محبت جو پيوند اٽڪائي. اهو ئي ڪارڻ آهي، جو صوفين ”محبت الاهيءَ“ کي پنهنجي زندگيءَ جو اصل مقصد ٺهرايو آهي. جڏهن هڪ شخص پنهنجي حياتي صرف الله تعاليٰ لاءِ وقف ڪري ٿو، ته پوءِ هُن جي باطن ۾ به انقلاب اچي ٿو. دنيا جي هر ڪم ۾ سندس اهائي نيت هوندي آهي، ته الله تعاليٰ هن مان راضي ٿئي. هو کاڌو کائي ٿو، انهيءَ لاءِ نه ته ڪو هن کي ان کاڌي مان لذت اچي ٿي، مگر هو انهيءَ لاءِ طعام کائي ٿو، ته جيئن هن جو جسم تندرست رهي ۽ ”ذڪر الاهي“ پوريءَ طرح سان ڪري سگهي ۽ ان ۾ سستي يا ڪاهلي نه ٿئي. شيخ سعدي رحه ان لاءِ ڪهڙو نه سچ چيو آهي:

خوردن برائي زيستن و ذڪر ڪردن است،

تو درگمان ڪه زيستن از بهر خوردن است.

        دنيا ۾ جڏهن صوفي انهيءَ رنگ ۽ ڍنگ سان زندگي گذارڻ لڳي ٿو، ته پوءِ هن جو هر قول ۽ فعل عبادت بڻجي وڃي ٿو. هر دنيوي ڪم ۾ هن کي ”ذڪر الاهي“ جي تنوار هوندي آهي. قرآن پاڪ ۽ حديث نبويءَ مان پڻ ”محبت الاهي“ جي نوعيت ۽ ان جي اهميت تي ڪافي روشني پوي ٿي. قرآن پاڪ ۾ ”محبت الاهيءَ“ کي سڀ کان وڏي علامت ۽ خاصيت قرار ڏنو ويو آهي. قرآن پاڪ ۾ ارشاد رباني آهي:

وَالّذِينَ آمَنُو اَشَدُّ حُبّآ لِلهِ ط (البقره، 165)

”۽ جن ايمان آندو، اهي سڀ کان وڌيڪ خدا مان محبت رکندا آهن.“

        ساڳيءَ طرح قرآن پاڪ ۾ هڪ ٻئي هنڌ به تنبيهه ڪئي ويئي آهي:

يٰايُهَاالّذِينَ آمَنُو مَن يّر تَتَـّ مِنڪُمُ عن دينِه فَسَوفَ يَاتي اللهُ بِقَومِ يّحبِّـُهُم وَ يُحِبّونَه (المائده، 54)

”اي ايمان وارو! اگر اوهان مان ڪوبه شخص پنهنجي دين جي راهه تان هٽي وڃي (اهو هو نه سمجهي ته ڪو دعوت – حق کي هُن کان نقصان پهچندو) عنقريب الله هڪ گروهه (سچي خدا جو پوڄيندڙ) کي پيدا ڪندو، جنهن کي الله جي محبت حاصل هوندي ۽ هو الله کي محبوب رکڻ وارو هوندو.“

        رسول ڪريم صلعم جن جي حيات پاڪ ”محبت الاهيءَ“ جي جذبي سان سرشار هئي. سندن حديث پاڪ آهي: اللّهم حبک احب الي من نفسي و اهلي و من الماء البارد (ترمذي شريف) يعني الاهي! تون پنهنجي محبت کي منهنجي جان کان، منهنجي اهل عيال کان ۽ ٿڌي پاڻيءَ کان به وڌيڪ منهنجي نظر ۾ محبوب بڻاءِ!


(1) ڊاڪٽر دائودپوٽي مرحوم پنهنجي تاليف ”شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام“ (پهريون ڇاپو، 1356هه/ 1937ع) ۾ ان شجري جو ذڪر ڪيو آهي (ص 116) ۽ ائين ڄاڻايو آهي ته هن اهو شجرو سندس پنهنجي ان تاليف ۾ آندو آهي (ص 19) ۽ پڻ ڪتاب جي بابن جي فهرست ۾ شجري وارو عنوان ڏنو آهي، باوجود ان جي، ڊاڪٽر صاحب مرحوم پنهنجو ڪتاب جيڪو راقم کي پنهنجي دستخط سان 21 – 9 –1945عه تي ڏنو، تنهن ۾ شجرو موجود ناهي. انهيءَ ڪري في الحال ان بابت ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

(2) محمد رضا جي اصلوڪي فارسي ۾ لکيل ’بيان العارفين‘ جو، (جوڻن لڳ ويٺل) عبدالرحمان بن محمد ملوڪ ڪاٺ ٻانڀڻ نالي هڪ عالم سنه 1313هه – 1314هه ۾ سنڌي ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي مخدوم عبدالصمد نورنگ پوٽي ڪجهه اختصار سان سوڌي سنواري پهريون ڀيرو سنه 1393هه ۾ بمبئي مان ڇاپايو. ساڳيو ڪتاب سکر جي تاجر ڪتب هريسنگ سنه 1370هه ۾ اسلامي پريس لاهور مان ڇاپايو، جنهن ۾ شاهه ڪريم جي پنجين فرزند  جو نالو ’مبشر‘ ڪري ڇاپيو ويو آهي.

(1) مير عبدالحسين خان سانگي جو ڪتاب ’لطائف لطيفي‘ (ص ص 8 – 9)، ۽ لالواڻي جو انگريزي ۾ لکيل ڪتاب ’شاهه لطيف‘ (پهريون ڇاپو، ڪراچي 1890ع، صفحا 4 – 6). مرزا قليچ بيگ پنهنجي ’احوال شاهه عبداللطيف‘ ۾ هن سلسلي جا جيڪي نالا ۽ حوالا آندا آهن، سي ساڳيا مير عبدالحسين خان سانگي وارا آهن.

(2) صالح محمد جو منظوم ڪيل احوال، بيان العارفين جو اختصار، ڀٽائي پيرن جي سجاده نشين جو احوال، شاهه ڪريم ۽ شاهه لطيف جي وصال جون منظوم تاريخون وغيره شامل سڄو بياض راقم کي گهوٽڪي جي پيرن صاحبن جي ڪتبخاني جي باقي بچيل ذخيري ۾ مليو، جنهن جو نقل اتاريو ويو. صالح محمد جو اهو منظوم مواد، ’بيان العارفين‘ جي پوئين دور وارن قلمي نسخن ۾ توڙي ٻين ڪن بياضن ۾ پڻ اتاريو ويو آهي.

(1) مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب ”احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي“ ۾ ۽ محترم جي. ايم . سيد پنهنجي تصنيف ”مختصر احوال سادات مٽاري بمع شجرا“ ۾ ڄاڻايو آهي ته ميين شاهه ڪريم جي پٽن مان پهريون سجاده نشين للـه شاهه، ٻيو حسين شاهه ۽ ٽيو دين محمد شاهه ٿيو. جئن ته اهي ننڍ – وڏائي جي لحاظ سان هڪ ٻئي پويان سجاده نشين ٿيا هوندا. انهيءَ ڪري هن خاڪي ۾ حسين شاهه جو نالو اڳ ۾ لکيو ويو آهي.

(1) جي – ايم – سيد جي لکيي موجب قمبر علي شاهه پاڻ به سجادو ٿيو، مگر اها ڳالهه وڌيڪ غور طلب آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com