سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :4

اُميد خيرپوري

سليم ڳاڙهوي جي ياد ۾

 

رهي ”عزيز“ جي لب تي ٿي هر گهڙي زاري،

نه آهه ڪشتي مُقدر ”حليم“ جي تاري،

”سليم“ توکان سوا بيقرار ٿا گهارن،

”منير“، ”جوش“، ”رفيقي“، ”نديم انصاري“.

 

نٿي جا پرچي اها دائمي نٿي پرچي،

رُسي پوي جي حياتي وري نٿي پرچي،

اديب روئي رڙي نيٺ چپ ڪري ويٺا،

سليم ڳاڙهوي جي شاعري نٿي پرچي.

 

نبي جي در جو گداگر وري ملڻ مشڪل

اسان کي اهڙو اڪابر وري ملڻ مشڪل،

سجاڳ سيبتو ساڃهه سندو سچار سڄڻ،

”سليم“ جهڙو سخنور وري ملڻ مشڪل.

 

خبر نه آهه خطا ڪهڙي ٿي پئي آهي!

ادب جي جاءِ تي ويهي رهي رَئي آهي!

مڃون کڻي ته وڃي سُک سُتين جهان ڇڏي،

”سليم“ تنهنجي رُلي شاعري وئي آهي!

 

واجد

زندگي سان نڀائيندو رهجانءِ،

سُور سيني سمائيندو رهجانءِ.

 

ڪوبه سپنو متان ٽُٽي ڪنهنجو،

ديس پنهنجي جي واگهه ويرين جا،

چاهه جي چڻنگ اجهامي نه متان،

واڪ تي واڪ ٿا لڳن ”واجد“،

هر پاسي ڪنائيندو رهجانءِ.

وجهه سارا وڃائيندو رهجانءِ.

دود دل ۾ دکائيندو رهجانءِ.

پنهنجو دامن بچائيندو رهجانءِ.

 

قاضي عبدالحي ”قائل“

غزل

 

پاڻ پنهنجي دل ۾ دلبر جو پتو ڳولي لڌم،

زندگي گهارڻ جو سهڻو مشغلو ڳولي لڌم.

منتشر ۽ ڇڙوڇڙ هو ڄڻ تصور تو سوا،

تنهنجي صورت ۾ سڄڻ هڪ سلسلو ڳولي لڌم.

ياد تنهنجيءَ ساڻ منهنجي دل مدينو ٿي وئي،

گنبذ خضرا جو دلڪش آسرو ڳولي لڌم.

مان غريب بي نوا تو وٽ نه پهتس پر مٺا!

تنهنجي دامن ۾ لڪي ڄڻ ڪو اجهو ڳولي لڌم.

درد جي هن ڌرتتيءَ ۾ دل جي آٿت واسطي،

تنهنجي زلفِ عنبرين جو ڇانورو ڳولي لڌم.

ٻاٽ اوندهه ۾ پريشان دل هئي منهنجي گهڻي،

تنهنجي رخ پرنور جو پر سوجهرو ڳولي لڌم.

ڀاڳ ”قائل“ جا ڀلا جو نقش پا تنهنجو ڏسي،

منزلِ مقصد پڄڻ جو پيچرو ڳولي لڌم.

 

محمد خان ”مسرور“ سيال

›

پيچ ڌرتيءَ سان پڪو پختو هجي،

سنڌڙي سان سر سندو سودو هجي.

بغض نفرت ڪوڙ کان پالهي ڪجي،

دل صفا ڄڻ چمڪندڙ شيشو هجي.

ديس وارن ساڻ الفت ايتري،

جيئن هر ساٿي سڄڻ پنهنجو هجي.

شل اچي اهڙو زمانو ڏيهه ۾،

پيار ۽ پاٻوهه جو چرچو هجي.

نفرتون سڀ موت پنهنجي ئي مرن،

ڪلفتن کي ڪنڌ ۾ گهوگهو هجي.

مينهن ٿڌڙا ٿر مٿان وسندا رهن،

ڪين ڪو مارو مِٺو موڳو هجي.

درد دک سڀ دور ٿين هن ديس تان،

هر جڳهه سک جو سدا سونچو هجي.

ڪوڙ جي ٿئي مات شل ”مسرور“ ۽،

حق سندو هر ڳوٺ ۾ هوڪو هجي.

مقصود ”گل“

غزل

 

تنهنجي صورت ڏسي، چنڊ ٿي چلولو،

چنڊ سان گڏ ستارا به ٿا رقص ڪن.

 

تون جي مرڪين ته فطرت به مرڪي پوي،

تنهنجي آئي نظارا به ٿا رقص ڪن.

 

نقش تنهنجو آ قدرت جي ڪاريگري

ڇا مصور بنائي هي تصوير آ،

 

تنهنجي مورت ڏسي حسنُ حيران ٿيو،

مست ٿي ماهه پارا به ٿا رقص ڪن.

 

سونهن تنهنجي ڏسي چَپَ چٻاڙڻ لڳا.

زاهدن کان عبادت به وسري وئي.

 

تنهنجي در تي رکي سر ۽ سجدا ڪري،

بي خوديءَ ۾ ڀلارا به ٿا رقص ڪن.

 

مست مهرا تنهنجي اکين ۾ ڇُلي،

ديد درياهه ۾ دل جون ٻيڙيون ٻڏيون،

 

تو جي نظرِ ڪرم جو اشارو ڪيو،

پو خوشيءَ ۾ ڪنارا به ٿا رقص ڪن.

 

تنهنجي رخسار کي ”گل“ ٿا سمجهن اهي،

تنهنجي رخ پاڪ تي ٿا ڏين ڀيرڙا،

 

تنهنجي چهري چمڻ ڪاڻ حسرت کڻي،

ڏس ته هي ڀونر ڪارا به ٿا رقص ڪن.

 

  

شفيع چانڊيو

 

 

›

 

 

جڏهن اڪيلو گهاريو، هوندءِ،

مون کي ڏاڍو ساريو، هوندءِ.

تنهائيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ،

گيت منهنجو جهونگاريو، هوندءِ.

مون کي منهنجا سانول سائين،

سوچن ۾ به سنڀاريو، هوندءِ.

خالي ڪرسيءَ ڏانهن نهاري،

پڪ اٿم اوساريو، هوندءِ.

آئيني جي آڏو بيهي،

منهنجو نانءُ اچاريو، هوندءِ.

منهنجي تصويرن کي پنهنجي،

البم ۾ سينگاريو، هوندءِ.

شهر جا بند ڏسي دروازا،

منهنجو گس نهاريو، هوندءِ.

منهنجون ڳالهيون ياد ڪري،

آب اکين مان هاريو، هوندءِ.

عبدالخالق آزاد ڪنڀار

›

جنونِ عشق  ۾ مون کي قرار ايندو ضرور ايندو،

صنم سان گڏ نظر سارو ديار ايندو ضرور ايندو.

بظاهر شيخ جي فتويٰ، بنايو رند آ مون کي،

شرابِ عشق لئي هو، باوقار ايندو ضرور ايندو.

ڪوئي مندر ڪوئي مسجد اندر ڳولي جنهين کي پيو،

زهي قسمت اهو مون وٽ عطار ايندو ضرور ايندو.

ڪيو جنهن قول هو قالوبليٰ کا وصل جو مون سان،

ڪري سو قرب مون تي قربدار ايندو ضرور ايندو.

اچي ويندو نه آيو تان، مري ويندس جدائي ۾،

اکين مان آب پڻ زارو قطار ايندو ضرور ايندو.

خدا قسمت ڪئي اهڙي، ڏسان ٿو يار خوابن ۾،

مگر هڪ ڏينهن مون وٽ هو سچار ايندو ضرور ايندو.

خزان جي سوز آ ساڙيو، چمن سارو ضرور ايندو.

پرندن کان ۽ جيتن کان، ٻڌي ٻاڪار هي آ مون،

ڪڏهن پنهنجي به گلشن ۾ بهار ايندو ضرور ايندو.

ڏٺو ساغر هٿن ۾ جن، چيو ”آزاد“ هو عاشق

جهان سارو ڪندو پنهنجي پچار ايندو ضرور ايندو.

 

گل ٻرڙو

›

سڄڻ کي دل سلام ڪر،

خوشيءَ جو اهتمام ڪر.

زبان کي چئه چپ رهي،

جفا کي ڪر تون درگذر،

ملي جي انتظار ته به،

گناهه کي ڇڏي به ڏي،

ڇنڻ جي ڳالهه ئي نه ڪر،

اگر ڪٿي ڪو ”گل“ ڏسين،

نظر کي چئه ڪلام ڪر.

وفا جو احترام ڪر.

قرار سان قيام ڪر.

ثواب ڀل مدام ڪر.

ڳنڍڻ جو انتظام ڪر.

ته دل کي خوش خرام ڪر.

 

سيد شاه مردان ريگستاني

›

چئج تون چهنب چوري،ڪي پرينءَ جي پار جون خبرون،

ٻڌائج ڪانگڙا، ڪي قرب واريون يار جون خبرون.

ڀلين آئين پکي پيارا، عجيبن کان اڏامي تون،

اچي ويجهو ويهي مون کي، ڏجا دلدار جون خبرون.

ڪڏهن نڪتين قريبن کان، ڪري پرواز پرديسي،

سڻائج صاف ساري تون،هنئين جي هار جون خبرون.

کيانتا ڏي خبر کولي، پرين پيارا ڪڏهن ايندا،

ڀڳو ڀيرو ڀلارن ڇو، انهيءَ اسرار جون خبرون.

قسم ڪانگا اٿئي ”مردان“ کي، محبن جي سگهي سُڌ ڏي.

وفا جا واعدا ڪيائون، انهيءَ اقرار جون خبرون.

 

مشتاق آريسر

 

ڪافي

 

آيا اجهي اباڻا، سانگي سچا سياڻا،

مون کان سوا ٿرن ۾، جيڪي وتن ويڳاڻا.

 

هن حال ۾ جو ڏسندا، روئي اچي هو ملندا،

زاريون ڪري پو چوندا، مظلوم ڇڏ اياڻا.

پل پل جو حال ساري،هر ڪنهن سان واري واري،

سلبا سچا سنڀاري، ڏکڙا نوان پراڻا.

مارن کي دانهن ڏيندس، هت هاڻي ڪين رهندس،

موٽي اتي ئي هلندس، ڇڏيم جي ٿاڪ ٿاڻا.

”مشتاق“ منهنجا مارو، ساريندا حال سارو،

ٿيندس وطن ڏي وارو، ڏسندس ڀٽون ۽ ڀاڻا.

محمد شريف ”طالب“

 

ڪنديس روح رهاڻ،

ملي مارو ڄام سين.

منهنجي روز ازل کان آهي ڄاڻ سڃاڻ.

پهچان ملڪ ملير ۾ تن ۾ تاڻو تاڻ.

لڌيون لوئيءَ ۾ مون لانئون ماروءَ ساڻ.

هر دم آس اهائي آهي، مارو ايندو ڄاڻ.

”طالب“ جن جي آهيان، پيهي ايندم پاڻ.

 

پريتم ”پياسي“

 

غزل

اڄ مٺي محبوب مرڪي مون کي مرڪائي ڇڏيو،

دام دلڙي کي وجهي منجهه عشق اٽڪائي ڇڏيو.

مون رُسڻ ڄاتو نٿي، پر اوچتو ويٺس رُسي،

هن اچي منهنجي اڱڻ تي مون کي پرچائي ڇڏيو.

هار کي مون هار ڏيئي پئي هميشه هيسيو،

پر حريفن جي هٿان اڄ هوت هارائي ڇڏيو.

اڄ ڪري سينگار سرسا،مون کي ساجن هو سڏيو،

حب جو مونکي حبيبن هار پارائي ڇڏيو.

بد رقيبن جي نه مون کي آهه پرواهه ڪنهن طرح،

ڇا ٿيو جو هُن سرِ بازار ٻولائي ڇڏيو.

لک ڀلايون ڀال ڀانيان تنهن مٺي محبوب جا،

جنهن جفائن ساڻ منهنجي دل جگر گهائي ڇڏيو.

خوش نصيب آهي اهو عاشق ازل جي ڏينهن کان

جنهن جبيبن جي هٿان منجهه هيج هارائي ڇڏيو.

دل ”پريتم“ جي لڳي آ پهچ پنهنجي کان مٿي،

ان لڳي جي لهر لوڏي جيءُ جرڪائي ڇڏيو.

 

مخدوم جميل الزمان

›

دل زماني کان بيقرار آهي،

ڪنهن شناسا جو انتظار آهي.

موسمن تي يقين ڪهڙو صنم،

خوب ڄاڻي ٿو بيخبر سهڻو،

هي اثر آهي يادِ ماضي جو،

منهنجي بي ربط آرزوئن تي،

مست نظرن جا وار ڪر ساقي،

جيترو آسمان آهي سڄڻ،

قرب ڪنهن سان ڪيو اٿئي اي جميل،

تنهنجي وعدن تي اعتبار آهي.

منهنجو هڪڙو ئي رازدار آهي.

ڏس گريبان تار تار آهي.

يار، بس توکي اختيار آهي.

ذهن اڃا تائين هوشيار آهي.

اوترو منهنجو توسان پيار آهي.

تون گداگر، هو تاجدار آهي.

 

نرنجن دوداڻي

کوج

ڪنهن کوج ۾ لُڇان ٿو،ڪنهن سان نه ڪُڇ ڪُڇان ٿو،

بس، پاڻ کان پُڇان ٿو،

ڪنهن کوج ۾ لُڇان  ٿو؟

 

ڪنهن کوج ۾ کتل جيئن سانده رهي وگياني،

ڪنهن چتر جي رنگن ۾ مخمور چترداني،

محبت جي معاملي ۾ ڀٽڪي رهي گماني،

ڪنهن سور جي صدا ۾ تڙڦي، ڪڇي نه جاني،

سئو سور سهان ٿو، هنڌ درد جو ڏسان ٿو،

 

هڪ راز جي سليان  ٿو،

سئو غار اڳ پَسان ٿو،

ور ور ڪري پڇان ٿو،

ڪنهن کوج ۾ لُڇان ٿو؟

پشپا ولڀ

نئين سال جي دعا

نئين سال جي ڪهڙي دُعا ڏيان،

گذريل سال وانگر،

هيءُ سال به تنهنجو

هر پَل خوشين سان ڀريل گذري،

ڪيڏو مذاق ٿيندو؟

نشي جي حالت ۾،

هوا ۾ اڏامندي،

اها ڳالهه ڪير سمجهندو!

سڀ ٺيڪ آهي،

دنيا ۾ سڀ امن امان آهي،

۽ وري سمهي پوندو.

 

گهٽيون سڀ سنسان هونديون،

ڪٿي ڪانگن جي ڪانءُ ڪانءُ،

ٻڌڻ ۾ ايندي،

يا ڳجهون ڍونڍ پَٽينديون نظر اينديون،

سڀ ٻار پنهنجي مائرن جي هنج ۾ لڪي ويندا،

ش ش! ش ش! گهوڙا ايندا،

هوءَ چوندي.

 

بارود ۽ دونهين جو بادل ڇانئبو،

ڪوئي ڪيڏانهن ڊوڙندو، ڪوئي ڪيڏانهن،

۽ جڏهن دونهون ويهي رهندو ته،

الائي ڪيتريون بيبيون (1) الائي ڪيترا پپو،

ڪيترن جا بابا ۽ ڪيترن جون اميون،

دونهون ڳڙڪائي چڪو هوندو.

 

”اشرف“ زمان پير چنڊامي

غزل

بي وفا کي روبرو اڄ بي وفا چوڻو پيو،

جرم جاتي ٻيا به تاتي هي به هڪ ڪرڻو پيو.

هار ٿي هاڻي ته ڇاهي جيت ڀي ٿيندي ڪڏهن،

ظلم جي هن دور ۾ ڪجهه صبر سان رهڻو پيو.

ڪونه ٿو هرگز رکي ٻيو ڪوبه اڄ ڪنهن جو لحاظ،

يار پر پنهنجو ته هرگز پاڻ کي رکڻو پيو.

چئو طرف پنهنجي ڏسان ٿو بي ڪسي ۽ بي وسي،

حسرتن جو لاش دل جي لحد ۾ رکڻو پيو.

وقت جهڙي تون نصيحت ڇا ڪندي اي ناصحا،

تنهنجي مڪتب کي ڇڏي اچ وقت ڏي وڃڻو پيو.

تون ڀلي زاهد عبادت ڪر مگر مون کي شراب،

يار جي ديدار خاطر ڇا ڪجي پيئڻو پيو.

زندگي جي سرخرو ڪرڻي اٿي ”اشرف“ ته پو،

موت جي منزل طرف بي خوف ٿي وڌڻو پيو.

 

گؤري ولڀ

›

وڃايل وجود

خواهشن جي ڄار ۾

هي ڦاٿل ماڻهو

ڇا پيو ڳولي

پنهنجو وڃايل وجود

يا پنهنجي عمر جا

خوبصورت سال

جيڪي هن پئسي

جي مشين ٿيڻ

۾ گذاريا؟

مرتضيٰ مٺياڻوي

مون چاهيو توکي چاهه جيان،

تون مون لئه سهڻو ساهه سمان.

 

اچ مرڪي مون وٽ پير ڀري،

مان قدمن تان قربان ٿيان.

تون ريت رسڻ جي ڄاڻين ٿو،

مان پيار سوا ڪجهه ڀي نه ڪيان.

مند ساڳي موٽي آئي آ،

ٿيا جنهن ۾ ها اقرار نوان.

ٿي پياس گهڻي ۽ آس گهڻي،

ٿئي راس ته رم جهم ٿي برسان.

”مٺياڻوي“ ڀٽڪيل بادل جيان،

تون ترسائين ته گهڙي ترسان.

 

خليل عارف سومرو

منهنجا سپنا، منهنجا خواب،

ڄڻ ڪي آهن گل گلاب.

جاڳندي ئي گل ڪوماڻا،

 

پيا ٽُٽي رنگين خواب.

زندگي تي ڀروسو،

 

آب تي ڄڻ آ حُباب.

طلسمي ٻيا رنگ و روپ،

 

سونهن تنهنجي لاجواب.

ڀرجي ويا ساراهه سان،

 

ورق ڪاغذ ۽ ڪتاب.

جڳ سڄي کي آ پسند،

 

تنهنجو ”عارف“ انتخاب.

 

 


(1)  She babies.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com