سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :5

 محمد رمضان ”زلفي“

 

هجر جا لمحا گذري ويندا،

دل کي درد به وسري ويندا.

هيل جي رم جهم جي رُت آئي،

زخم سمورا ڌوپي ويندا.

شهرِ وفا جي ديوارن تي،

نينهن جا نعرا لکجي ويندا.

نيڻ اسان جا، ناز پرينءَ جا،

پاڻ ۾ پرچي سَرچي، ويندا.

ويندي ويندي درد اسان کان،

ٻارن وانگر روئي ويندا.

دل دروازو کوليو، ورنه،

محبت وارا موٽي ويندا.

”زلفي“ هجر جا پل سمورا،

پنهنجو پاڻ کي ڀُلجي ويندا.

 

بشير احمد ”شاد“

گيت

تنهنجي نينهن نهوڙيو يار،

تنهنجي نينهن نهوڙيو.

خوشيون ساريون خواب اڌورا

ڏاڍو ڏکن وڪوڙيو يار،

تنهنجي نينهن نهوڙيو.

ڏوراپا ڇا دنيا کي ڏيان

تو به ته منهڙو موڙيو يار،

تنهنجي نينهن نهوڙيو.

واڳ اوهان جي وس آ سائين

تاريو توڙي ٻوڙيو يار

تنهنجي نينهن نهوڙيو.

ڪارو ٻاٽ انڌارو ٿئي ٿو

وار جڏهن ٿا ڇوڙيو يار،

تنهنجي نينهن نهوڙيو.

سارا ناتا رشتا ٽوڙي

توسان رشتو جوڙيو يار،

تنهنجي نينهن نهوڙيو.

”آصف“ مٺياڻوي

وائي

تنهنجي سونهن پسي،

مون شاعري شروع ڪئي.

ڇاتيءَ تي ڇُرا ۽ ڏسي بيوسي،

مون شاعري  شروع ڪئي.

توکان مون کي عشق جي،جڏهن چوٽ رسي،

مون شاعري شروع ڪئي.

ڏسڻ جي ”آصف“ کان، تو جا ڏات کسي،

مون شاعري شروع ڪئي.

 

 قاضي منظر حيات

 

غزل

 

ذهنن ۾ خلفشار آ،

سوچن ۾ انتشار آ.

 

هي نفرتن جو شهر آ،

هتي نه ڪوئي پيار آ.

الفتن جو عيوضو،

ڌڪارئي ڌڪار آ.

آ دوستي به مطلبي،

نه ڪوبه هتڙي يار آ.

مون محبتن جا گل ونڊيا،

ٿيو نفرتن جو وار آ.

سانت جي سفر ڪيو،

انسان بيقرار آ.

 

روشني وري اچي،

هر ڪنهن کي انتظار آ.


 

بدر قريشي

›

صبح جي هير ۾ خوشبو جيان گهُليا آهيون،

گلن جيان باغ ۾ يارو اسان کليا آهيون.

اوهان کي ڪهڙي خبر ڪيئن اسان مليا آهيون،

اوهان جي لاءِ سڄي زندگي هليا آهيون.

ذري ذري کي چمن جي اسان اڏامي چميو،

سرءُ جي پن جيان باغ ۾ ٽليا آهيون.

اسان کي وقت ڏني ڪهڙي ريت آ شهريت،

نسوري ڪوڙ جيان شهر ۾ هليا آهيون.

خبر ناهي ته انجام پنهنجو ڇا ٿيندو؟

هلون به تيز ٿا ۽ راهه به ڀليا آهيون.

 

عذرا جبين

آزاد نظم

اي منهنجا پرين،

هڪ وارئي سهي!

ان ماڳ تي هل موٽي،

جتي مون تو لئه،

تو ڪارڻ،

ڇڏيو هئم،

پاڻ کي ماري!

۽ چڙهي هيس ٽياس تي،

پر ڏسان ٿي،

ٽياس تي چڙهڻ کان پوءِ به،

منهنجو بي چين روح،

۽ وياڪل من،

ڀٽڪندو رهي ٿو،

اُن طرف،

جتان مان هئس گذري،

تو ساڻ

گڏ هلڻ لئه،

هئم وک وڌائي،

اي منهنجا پرين،

هڪ وارئي سهي!

ان طرف،

ان ماڳ تي هل موٽي،

ته جيئن،

پنهنجي لاش کي مان،

پنهنجن هٿڙن ساڻ اچان،

هميشه لئه دفنائي!

ناگور سنڌو

›

وارو ڙي وارو،

مال مري پيو ٿر ۾،

آڻيو ڪو چارو.

 

پنڻ مور نه سکيا،

ماروئڙا ملير جا،

چاهي رهن بکيا.

 

ڪوهستان ۾ قحط،

قضيو هجي ڀل گهر ۾،

ته به نه وٺن پهت.

 

وٺو نه وسڪارو،

هيل جبل ٿر،

اُڃو هر ساهه وارو.

 

سنڌو جو پاڻي،

رکيو جنهن چپ تي،

جواڻي تنهن ماڻي.

 

هاري هٿ ۾ هر،

پيٽ پالڻ لاءِ،

وهائي ٿو پگهر.

محمد هنڱورجو

 

ويڙهيچن جو وستار

موٽي پنهنجيءَ مُند تي وٺي نه برسات،

ملي ماروئڙن کي، سورن جي سوغات،

ڏوٿيئڙا ڏينهن رات، اچي ويا ارمان ۾.

 

ٿيو ڏيهه ڏڪار، ڏوٿي ڏُلي ڏور ويا،

ويئي ويچارن وسري سندن پيٽ پچار،

رڳو اون اپار، مارن آهي مال جي.

 

سورن سان سانگيئڙا سينو نت ساهين،

ڏهڪن، ڏڪن ڪينڪي نه ئي دل لاهين،

لاچاريون لوڪ ۾ لک نه لکائين،

ڀلي ٿا ڀانئين، ڀاڳيا بک ڀرم جي.

 

ڏڪارن ڏيهه جا، مارو ڪيا محتاج،

ويچارن وطن ۾ نه حيلو هلي حاج،

راڄن سندا راڄ، اچي ويا ارمان ۾.

 

نهاري نڀ ۾ ٿڪا نيڻ مون،

وٺي ورهه ڇڏيو آهي پيمون،

سانگي سيڻ مون، پيا هيل پرک ۾.

 

وسين نه وڏڦڙا، ڪهڙي سبب ڪوهه،

ڪهڙو ڪيو ڏوهه، مارن آ منهنجي.

 

ڪُڏنديون هيون ڪالهه دونابون دڙن تي،

بلڪل اڄ بي حال، پيون آهن پڇ تي.

نقاش

تنهنجي ياد به ڪهڙا ڪهڙا رنگ رچائي وئي آ،

ليڙون ليڙون دل - دامن تي داڳ لڳائي وئي آ.

نيٺ اٿاري بيهاريندي تنهنجي پيار جي شڪتي،

وقتي طور ته پنهنجي لڱن جي سگهه ڇڏائي وئي آ.

ٽاڪ منجهند جو، نٽهڻ اُس ۾ تنهنجي راهه تڪيندي،

اُڃ نڙيءَ ۾ ٻير جي ڍنگهري ڄڻ اٽڪائي وئي آ.

سپنا ساڀيان جو بَکُ ٿي ويا، سارا خواب ٽٽي ويا،

هاءِ حقيقت ڪيڏي ظالم، ننڊ اڏائي وئي آ.

ڏينهن جا تارا ڏسي اسان جا دوڏا نڪري آيا،

جهڙوڪر سج جي نڙگهٽ کي رات دٻائي وئي آ.

واڳونءَ جي ڄاڙين ۾ ڦاٿل ٻوٽيون چڻندي چڻندي،

باز کي پنهنجي ماضيءَ جي ڪا ياد ستائي وئي آ.

پنهنجي نفرت ايڏي گَهري، جيڏي الفت پنهنجي

پنهنجي سِٽ سِٽ تيلانهين هرحال ۾ ڳائي وئي آ.

مخدومن جي جهيڙي ۾ ڪي خادم ڪالهه ڪٺا هئا،

تن جي خون تي نيرو واري بين وڄائي وئي آ.

مون،نقاش،ٿي سمجهيو تنهنجي لکڻ مان ڪجهه نه حاصل،

پر اڄ مڃيم، تنهنجي ساري ڏات سجائي وئي آ.

 

عمر سيال

 

راهه ۾ پئجي ويو آ لٽ،

اٿلي پيو آ ساڳيو ڦٽ.

سانولڙا ڇو دير ڪئي ٿئي،

ڪوبه نه آهي تنهنجي مٽ.

مند اهائي آئي موٽي،

سارين ۾ پئي آهي سٽ.

آءٌ صدين جو سور سٺو آ،

منهنجون چڳون ائين نه پٽ.

چمڪي پئي آ کنوڻ نه کوٽي،

هرڪاهي وٺ ڇورا جهٽ.

تانگهه تکيري ٿي آ ساجن،

ڪيئن ٿئي سا تو بن گهٽ.

سانوڻ ڪاري رات ”عمر“ جي،

گذري وئي هئي ڪا تو وٽ.

 

 

امير ابڙو

 

نثراڻو نظم

 

سِڪ اسان جي سپنن ۾ جي سمائجي سگهجي ها

هيءَ حياتي توکي سارڻ لئه ڪافي هجي ها

پر سِڪ ته سمنڊ جي پاتارن کان

آڪاش جي اوچائين تائين

ڦهلي پيئي آ

وکري پيئي آ

شايد مڌ پيتي آهي سِڪ تنهن جي سڄڻ

جو ڪائنات جي ذري ذري ۾ کوئجي وڃڻ

گيتن ۽ سرن جي آلاپجڻ کان پوءِ به

ڄڻ ته اڌوري آ، اڻپوري آ.

ــــ

مان جهومندڙ ۽ ڳائيندڙ وڻن وٽان گذران  ٿو

دُرنگي دنيا جي ٻاريل باهه جي آڙاهه مان نڪري

ستارن ۽ ساروڻين جي دنيا ۾ جهومان ٿو

آڏو شاخ به آهي، موسم جا ڇڻيل پيلا پَنَ

پاڻيءَ ۾ منهنجي شڪست کاڌل جيون جيان

ترن ٿا، سندن رستو ۽ منزل آهي جهنگل ۽ بَنَ

جڏهن وڻن جون شاخون نه لڏيون آهن

ستارا سمهندا آهن، چنڊ غائب ٿي ويندو آ

تڏهن جهنگل جي گهگهه اونداهيءَ ۾ نيڻ تنهن جا

ٻرندا آهن، باقي تن وڃائجي ويندو آ.


 

اياز گل

دل جي ديس مان جلاوطن يادون اهي؛

 

 

روز روز ملبو هو

۽ ڳالهه ڇا به هجي

ٽهڪ ڏيئي کلبو هو

چپن تي پنهنجون پرايون هزار آکاڻيون

اَدب تي، آرٽ تي، فلمن تي ۽ ڪتابن تي

طويل بحث، رُساما، عجب عجب ڳالهيون!

۽ وچ وچ ۾ اکڙين جون پنهنجون شيطانيون!

عجب نشي ۾ ٿي گذريا، سي ڏينهن ۽ راتيون

نه پنهنجو هوش، نه دنيا جي ڪا خبروپرواهه!

 

۽ هي به ڏينهن ٿيا:

 

ٿا ڪڏهن ڪڏهن گڏجئون

ملون ته ائين جو ست ڪوٽ اوپرائت جا

ڪنهن جوڪ (Joke) تي به رُڳو مرڪ، سا به زوريءَ جي

نه مان ئي ساڳيو اُهو ۽ نه تون اُها ساڳي!

اکيون اُهي ئي مگر هاڻي تن ۾ ويرانيون

پراڻي شهر ۾ ڪنهن اجنبيءَ جون حيرانيون!

ٻه چار جملا، لڳن ٽيپ ٿيل زبانن تي:

 

”اوهان جي ڪيئن آ طبيعت، ڪٿي ۽ ڪيئن آهيو؟

لکو ٿا؟

لکڻ به شايد ڇڏي ڏنوَ هاڻي!

گهڻن ڏينهن کان اوهان جو نه ڪجهه پڙهيو آهي.

ڏسو ته ڪيڏي نه آهي خراب موسم اڄ

هوا ۾ هيڏي مِٽي، بس زڪام، کنگهه، بُخار!

۽ وچ ۾ وري خاموش، چانهه جو وقفو:

جي ڪوپ ڏيندي ٿئي آڱرين جو ٿورو ڇهاءُ

تڪڙ ۾ هٿ ڇڪڻ، سوري  (Sorry)ٿورڙو پڇتاءُ

نگاهون هيٺ، رُڳو ماٺ، ماٺِ ڀي هڪ گهاءُ

عذاب ماٺ جو جنهن پل وڌي وڃي حد کان

”چڱو هلان ٿو! چوڻ

درَ ڏانهن وڌڻ، وڌي رڪجڻ

اِهائي آس، اِجهو موٽ ۾ ڪوئي چوندو:

 

”اڃا ته ويهه، اڃا وقت ئي ٿيو ڇاهي؟

جڏهن به ايندين، ائين تڪڙئي ڪيون ايندين!

مگر جواب ۾:

”پوءِ چڱو ---- وري اچجو!

ٻڌي، نڙيءَ ۾ ڪائي شيءِ اٽڪندي ڀاسي

۽ تيز تيز قدم، ڌوڙ ڌوڙ راهڻ تي.

 

اهي به ڏينهن ٿيا!

هاءِ، اهي به ڏينهن ٿيا!

عزيز ڪنگراڻي

وائي

ساروڻين جي ٻَنڌ ڀڳي آ،

دل ۾ ڄڻ ڪا ڇيت چُڀي آ.

هاڻ هلي آ.

سيما سيما رت ٽمي ٿو،

هانءُ تي ٿي پئي رت ڳَڙي آ.

اکڙين ۾ اوسيئڙو تنهنجو،

رُت مٿان پئي رُت ڦِري آ.

هيڪل وياڪل آءٌ رهان  ٿو،

جڏهن کان توسان اک لڳي آ.

عشق جي آتش ائين اندر ۾،

ٻيلي کي ڄڻ باهه لڳي آ.

آس نراس ۾ چنڊ لڙي ويو،

ايلاز ”عزيز“ ڪيا مون ڪيڏا،

جهيڻي جهيڻي چانڊوڪي آ.

تو نه اڃا ڪا سار لڌي آ.

 

اسحاق ”راهي“

غزل

 

رند جي نظرن کي ساقي جي اکين ڌوڪو ڏنو،

ميڪشن کي بزم ۾ آ ميڪشن ڌوڪو ڏنو.

جام هٿ ۾ آيو ۽ لرزش بدن ۾ ٿي بپا،

مئ پرستن جي لبن کي آ هٿن ڌوڪو ڏنو.

ٿي پيو آهي نظامِ بزم سان ڪو اختلاف،

سادگي منهنجي کي آخر انجمن ڌوڪو ڏنو.

سادگي چئجي يا سمجهه ۾ ڪوئي خلل،

”رهبرن جو ويس پائي رهزنن ڌوڪو ڏنو.“

اختلافن جي به ڪا حد هوندي آهي دوستو؟

لب تلاشِ لب رهيا، ليڪن لبن ڌوڪو ڏنو.

باغ ۾ گلڙن کان اڳ خارن ڪيو خوش آمديد،

دشمنن ڪئي آجيان ۽ دوستن ڌوڪو ڏنو.

جن کي گل سمجهيم اهي خارن کان وڌ ٿي خار پيا،

ڪيترو دستِ طلب کي آ گلن ڌوڪو ڏنو.

باغ ۾ آيس ته گلزاري کي مون نالان ڏٺو،

ڪيترو شاخ و شجر کي آ چمن ڌوڪو ڏنو.

جيئن پيا دست طلب دامن ۾ دامن پيو ڏنگي،

هي غضب آهي جو آخر پيرهن ڌوڪو ڏنو.

غرق ٿي اميد جي ڪشتي سهارا ويا ٽُٽي،

رازدان طوفان ٿيا پر ساحلن ڌوڪو ڏنو.

ويو ملي مستين کان مون کي آ سراغِ زندگي،

ڀروسو جن تي هيو تن عاقلن ڌوڪو ڏنو.

ڪاروان منهنجي جي قسمت تي اهي حملا ڏسو،

راهه بخشيا حوصلا، پر رهزنن ڌوڪو ڏنو.

ٿي نظامِ ڪاروان ويو منتشر، منزل کان اڳ،

راهه ۾ ”راهي“ کي آهي قافلن ڌوڪو ڏنو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com