سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :9

سنڌ جو ملڪي، ادبي ۽ تهذيبي پس منظر:

       عربي – سنڌي رسم الخط سنڌ ۾ اسلامي دور جي پيدائش آهي. امڪاني طرح ان جو زمانو مغل دور (ارغون، ترخان ۽ مغل) حڪومت ڏسجي ٿو. هي رسم الخط ڪهڙي تهذيبي صورتحال، ادبي ماحول ۽ ملڪي ممڪنات ۾ وجود ۾ آيو ان جو سرسري خاڪو همعصر ذريعن مان هن ريت ملي ٿو.

        سن 712ع/ 93هه ۾ سنڌ  تي عربن جو راڄ قائم ٿيو. عرب دور حڪومت سنڌ لاءِ مڪمل تهذيبي، علمي ۽ ادبي تبديلي آندي، سنڌ ۾ ان پوري عرصي ۾ عربي زبان دفترن، مدرسن ۽ درسگاهن ۾، سرڪاري زبان جي حيثيت ۾ موجود رهي. عربن جي زوال کان پوءِ، هن ملڪ تي سومرن ٽن صدين (1350ع تائين) لاءِ راڄ ڪيو. هن دور ۾ به عربي زبان ڪورٽ ۽ تعليم جي ٻولي رهي (12). ان بعد سمن جي سلطنت قائم ٿي. هي بادشاهي اٽڪل روءِ ٻه صديون (1520ع تائين) برقرار رهي. هن دور ۾ فارسي زبان کي عربيءَ جي ڀيٽ ۾ اڳتي آڻڻ جي ڪوشش ٿي. ليڪن ان دور جو ٺوس تاريخي ۽ علمي اڀياس ٻڌائي ٿو ته سمن جي دور ۾ عربي ٻولي، سرڪاري ۽ تعليمي زبان طور برقرار رهي (13).

        سن 927هه/1520ع ۾ دولهه دريا خان جي شهادت سان، سنڌ تي ارغونن جو راڄ مڙهجي ويو. هن سياسي تبديليءَ سبب، سنڌ جي سموري تهذيبي فضا توڙي علمي ۽ ادبي صورتحال تبديل ٿي ويئي. سنڌ جي پنهنجي هر آرٽ، هنر ۽ فن کي مٽائڻ جي رٿا ٺهي. ارغونن مڪليءَ تي فن تعمير لاءِ به وچ ايشيا جي ڪاريگري استعمال ڪئي (14). شاهه بيگ کان پوءِ سندس پٽ شاهه حسن ارغون سنڌ جو حاڪم بنيو. سندن مادري زبان فارسي هئي. ان ڪري وچ ايشيا، قنڌار ۽ ايران مان سوين فارسي گو شاعر، عالم ۽ اديب سنڌ پهچڻ لڳا. انهن کي هر طرح سان هت نوازيو ويو. شاهه حسن جي درٻار ۾ مرزا حسين بايقرا (و – 911هه) جو ديوان پهتو، تڏهن هو ان جي احترام ۾ باادب اٿي بيٺو (15). هي قدرداني ڏسي فخري هروي ”روضته السلاطين“ (958هه) نالي هڪ تذڪرو تيار ڪري، سندس نالي معنون ڪيو. فخري هڪ ٻيو تذڪرو ”جواهر العجائب“ (962هه) نالي تيار ڪيو ۽ عيسيٰ ترخان جي زال جي نالي منسوب ڪيائين.

        سن 1555ع ۾ مرزا شاهه حسن وفات ڪئي. اتر سنڌ تي سلطان محمود بکري راڄ قائم ڪيو. هو ظالم هوندي به فارسي علم ادب جو مداح هو. ٺٽي ۾ ترخانن جو راڄ قائم ٿيو. عيسيٰ، باقي بيگ، جاني بيگ ۽ غازي بيگ – خونريزي سبب سنڌ جي تاريخ ۾ نهايت ئي پڌرا آهن، ليڪن فارسي علم ۽ سخن پروري ڪري، سنڌ جا هي حاڪم ايران، هند توڙي سنڌ ۾ مشهور آهن. سلطان محمود بکري سن 982هه/1574ع ۾ فوت ٿيو، تڏهن اپر سنڌ مغل سلطنت جو حصو بني. سن 1001هه/1592ع ۾ ٺٽو صوبو به اڪبري سلطنت ۾ شامل ٿي ويو. هن دور ۾ ٺٽو، سيوهڻ ۽ بکر – سرڪاري مرڪزن جي حيثيت ۾ فارسي علم ۽ شعر جي پرورش ۾ پيش پيش رهيا.

        اڪبر سلطنت جي هر حصي ۾ فارسي زبان جي ترقيءَ لاءِ خاص حڪم جاري ڪيا. ان پس منظر ۾ مغل جاگيردارن، نوابن ۽ حاڪمن هن ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري ۾ خاص دلچسپي ورتي. سرڪاري ڪارندن کان علاوه هتان جي مختلف خاندانن – امير خانين، بلگرامي ساداتن، بيگلارن، پورانين ۽ شڪر الاهي سيدن، پڻ سنڌ جي علمي ۽ ادبي فضا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. نواب امير خان، ابو نصرت خان، حفظ الله خان، امين الدين خان، احمد يار خان، محبت خان، سيف الله خان، دلير دل خان ۽ مير لطف علي پارن عملدارن ننگر ٺٽي ۾ وڏي پيماني تي شاعرن، اديبن ۽ عالمن جي سرپرستي ڪئي (16). هونئن ته ارغونن کان مغلن تائين، سنڌ ۾ سوين اهل قلم هئا، جي هتان جي درٻار تي ڇانيل رهيا، تاهم هي نالا ان ڏس ۾ وڏي اهميت رکن ٿا: مير طاهر محمد يوسف ميرڪ، سيد مير محمد، ادراڪي، بيگلاري، عبدالشڪور ٺٽوي، قاضي محمود ٺٽوي، مير معصوم بکري، شاهه جهانگير هاشمي، سيد علي ثاني، عبدالغفور سيوهاڻي، محمد بن بايزيد پوراني، عطا ٺٽوي، سيد عبدالقادر، مير غلام علي آزاد ۽ عبدالرشيد ٺٽوي وغيره. هنن بزرگن سورهين ۽ سترهين صدي ۾ سنڌ اندر فارسي زبان جو تصوف، عرفان، تاريخ، مشاهير، لغت، تذڪري ۽ شعر و سخن جا سوين جلد تيار ڪيا ۽ انهن جو بهترين ڦل ماڻيو!

 

مغل دور ۾ سنڌي ادب جي واڌاري جا اهم نقطا:

        سنڌي شعر و سخن جا ابتدائي اهڃاڻ، اسان کي عربن جي دور ۾ ملن ٿا، تاهم سومرن ۽ سمن جي راڄن ۾ سنڌي شاعرن مناسب ترقي ڪئي. موجوده معلومات جي آڌار تي اسان کي پنهنجي علم ادب جا پختا اهڃاڻ ۽ ثبوت ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي حڪومت واري زماني ۾ ملن ٿا. ملڪي توڙي ادبي ليول تي هنن ٽنهي راڄن جي حاڪميت کي هڪ زماني ۾ شمار ڪيو ويو آهي. هنن سنڌ ۾ سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ حڪومت ڪئي. هن دور ۾ فارسي ادب، سرڪاري سرپرستيءَ ۾ مثالي ترقي ڪئي. ان جي مختصر جهلڪ اسان مٿي ڏني آهي. هن دور ۾ سنڌي ساهت جي واڌاري ۽ عربي – سنڌي رسم الخط جي اوسر جي حوالي سان اسان کي هي نقطا ذهن ۾ رکڻ گهرجن.

        (1) هر زبان جو اوائلي تحريري سرمايو ان جو آڳاٽو شعر آهي. ان طرح سنڌي زبان جو تحريري شعر قاضي قاضن (قادن) کان شروع ٿئي ٿو (17)

        (2) مرحوم محمد صديق ميمڻ پڻ آڳاٽي شعر جي حوالي سان قاضي قادن جو نالو کنيو آهي. هو لکي ٿو ته:

        ”سنڌي ۾ قاضي قاضن جهڙن اهل الله، شاهه عبدالڪريم جهڙي ڪامل ولي، مخدوم محمد هاشم جهڙي فقيه ۽ مولوي ابوالحسن جهڙي محدث جيڪا خدمت ڪئي آهي، سا ڪنهن کان ڳجهي نه آهي.“ (18)

        (3) سنڌي زبان ۾ الف اشباع جي طرز تي شعر جو پهريون سلسلو پير محمد لکوي (و –1600ع) جي حوالي سان مليو آهي. پوءِ جي زماني ۾ ٺٽي جي بزرگن ان جي تقليد ڪئي (19).

        (4) شاهه عبدالڪريم جي مريد محمد رضا، سنڌي گفتن کي فارسي زبان ۾ ”بيان العارفين“ جي نالي سان سن 1038هه/1628ع ۾ تيار ڪيو. ان ۾ هن صاحب قاضي قادن ۽ شاهه ڪريم جا سنڌي بيت به نقل ڪيا. هن وقت جي ڄاڻ جي آڌار تي عربي – سنڌي رسم الخط ۾ سنڌي تحرير جو هي پراڻي ۾ پراڻو تجربو اسان جي آڏو اچي ٿو. بعد ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي بيان العارفين ۽ ان جا سنڌي شعر ڇاپي پڌرا ڪيا.

        (5) سچل نيشنل سيمينار خيرپور ميرس (1982ع) ۾ ڪتابن جي نمائش ۾ سنڌ جي هڪ علمي شخصيت ڊاڪٽر عباس علي گهمري، ولهاري بزرگن جي ڪتبخاني ۾ موجود سنڌيءَ ۾ يارهين صديءَ ۾ لکيل قلمي ڪتاب جو هڪ جهونو دستخط آندو. اخبارن جي نسخي جي رپورٽنگ هن ريت ڪئي:

        ”هن نسخي ۾ جملي 28 موضوع شامل آهن، جن ۾ نبي ڪريم صلعم جي سوانح عمري، مدح ۽ منقبت، مخدوم عثمان جو چئن علمن بابت تفصيل، فارسي ۽ عربي مان ترجمو ٿيل ٻه رسالا، معراج نامو، نور نامو ۽ چار قصا شامل آهن. هي عربي سنڌي رسم الخط ۾ هيل تائين هٿ آيل قلمي ڪتابن ۾ جهوني ۾ جهونو نسخو آهي. هن جو ڪاتب عزت پٽ سليمان آهي ۽ ڪتابت جو سال 1068هه/1657ع اٿس.“ (20)

        (6) مشهور بزرگ ۽ شاعر شاهه لطف الله قادري سن 1078هه/1667ع ڌاري فارسي ۾ تصوف بابت ”منهاج المعرفت“ نالي هڪ نسخو تيار ڪيو. ان ۾ ڪجهه سنڌي بيت به شامل ڪيائين. هي بيت سندس چيل هئا. ڊاڪٽر دائودپوٽي ابتدا ۾ انهن بيتن کي ڇاپيو (21).

        (7) شاهه لطف الله قادري هن تصنيف بعد، وطني حق ادا ڪرڻ ۽ عام سنڌي عوام جي ڄاڻ لاءِ مڪمل سنڌي ڪتاب جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ان کي ”سنڌي رسالو“ سڏيائين. پاڻ ئي ان جي اهميت هن ريت ٻڌائي ٿو:

ڪوڏا ڪِئو رِسالو اِيُ فقيرَ جوڙي بيتنِ

ته هوءِ سِنڌيَ وائي سَهلو ٻُجهڻُ اٻوجَهنِ

پاهنِجَي ٻولِي ڪري سِگهائِين اِي سِکَنِ

لطف الله چئي، لَئِه پَيو، وَر سِکن ۽ پَڙَهنِ.

        (8) تذڪره نگارن موجب مخدوم ابوالحسن سن 1112هه/1700ع ۾ ”مقدمه الصلوات“ نالي ڪتاب تيار ڪيو. ان سان سنڌي زبان ۾ ڪتاب نويسي شروع ٿي (23).

        مغل دور ۾ سنڌي ادب جي واڌاري متعلق هي نقطا ذهن ۾ رکڻ سان، اسان آڏو عربي سنڌي رسم الخط جي اوسر جو هڪ چٽو تصور اڀري ٿو.

 

عربي سنڌي رسم الخط جو نروار ٿيڻ ۽ ان جي پس منظر ۾ محرڪ جذبا:

        سنڌي ٻولي تاريخ جو هڪ طويل ۽ ڪٺن سفر ڪيو آهي. اسلامي دور کان اڳ به، ان کي جدا جدا صورتن ۾ قلمبند ڪيو ويندو هو. عربن کان پوءِ تاريخ جي ڪهڙي دور ۾، سنڌي ٻولي به، پنهنجي پاڙيسري فارسي زبان وانگر، عربي رسم الخط ۾ لکجڻ ۾ آئي، ان متعلق ڪو چٽو مواد يا حوالو موجود ڪونهي. مشهور محقق جناب ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب لکي ٿو ته:

     ”اهو چئي نٿو سگهجي ته عربي رسم الخط، انهيءَ قديم خط جي جڳهه ڪڏهن والاري، يقيناً اسلامي فتوحات کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن (خاص طور مسلمانن) جلد ئي اسلامي خط (عربي خط) اختيار ڪيو هوندو“ (24).

        عربن جي ٽن صدين جي حڪمرانيءَ بعد، سنڌ ڏيهه تي سومرن طويل عرصي لاءِ حڪومت ڪئي. هنن جي زماني ۾ سنڌي ٻولي، شعر ۽ ڪلچر ۾ جان پئي. سومرن جي زوال ڌاري ابن بطوطه سنڌ پهتو. هن لاڙ ۾ هڪ ڦٽل شهر ۾ سنڌي تحرير ڏٺي هئي. هو لکي ٿو:

”اتي ڪيترين ئي ديوارين تي سنڌي زبان ۾ ڪي اکر لکيل هئا“ (25).

اندازو آهي ته ان تحرير جو طرز ديونا گري هو، جيئن هن جي سفرنامي جي انگريزي ايڊيشن مان ظاهر ٿئي ٿو. (26).

        سمن ڄامن اٽڪل روءِ ٻه صديون، سنڌ تي آزادي ۽ استقلال سان راڄ ڪيو. هنن جي مادري زبان سنڌي هئي. سندن اٿي ويٺي ۽ محفل توڙي معرڪن جي ٻولي سنڌي هئي. فطري طور تي ان دور ۾ سنڌي زبان جي ترقي ۽ ترويج کي ڪافي هٿي ملي، ليڪن وطن دوست سلاطين جي حيثيت ۾، هنن سنڌي ٻولي ۽ ساهت توڙي تحرير کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪو غير معمولي قدم نه کنيو. ان جو سبب کڻي ڪهڙو به هجي، ليڪن جڏهن اقتدار جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ هجي، تڏهن ڪنهن به ڳالهه جو فڪر باقي نٿو رهي.

        ارغون حاڪميت قائم ٿيڻ سان (927هه)، سنڌ جي سموري تهذيبي، علمي ۽ ادبي فضا تبديل ٿي ويئي. غير ملڪي عالمن، شاعرن ۽ سوين ڌارين قبيلن جي اچڻ سان، هتان جو اصل سماجي ڍانچو لڏي ويو. سنڌي عالمن ۽ اديبن مان ڪن گجرات ۽ حجاز مقدس جو رخ رکيو ۽ ڪجهه بزرگن وطن ۾ رهي سنڌي ٻولي ۽ ساهت جي آبياري شروع ڪئي. شيخ لاڏجيو وطن کي ياد ڪندي گجرات ۾ ڪافيون جهونگاريندو هو (27). مڪلي ۽ ٻين درگاهن تي فقيرتن صوفين سماع جون محفلون ڪري سنڌي سخن جي خدمت جاري رکي. حضرت مخدوم نوح رح جهڙي مثالي درويش، ان دور ۾ سنڌي عوام جي بيڪسي هن ريت ظاهر ڪئي:

”پيئي جا پرڀات، سا ماڪ م ڀانيو ماڻهئا

روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي“ (28).

سنڌ جي علمي دنيا ۾ آيل تبديلين کي هڪ عالم هن ريت ٻڌايو آهي:

        ”هي عجيب واقعو آهي جو ارغونن جي حڪومت جو زمانو فارسي تصنيفات جي لحاظ کان سنڌ لاءِ علمي عروج جو زمانو ثابت ٿيو. اهو ساڳيو زمانو سنڌي ٻوليءَ جي تحرير يعني لکت ۾ اچڻ جو پڻ زمانو آهي.

        ”مهدوي تحريڪ کان اڳ تصوف جو سمورو مواد ڪجهه عربي ۽ زياده تر فارسي ۾ هو. ڀانئجي ٿو ته مهدوي تحريڪ جي بزرگن کي انهيءَ رمز جو احساس ٿيو ۽ انهن صوبائي زبانن ۾ پنهنجي خيالات ادا ڪرڻ جي ابتدا ڪئي“ (29).

 

        مرحوم محمد صديق ميمڻ، هن راءِ جي برعڪس سنڌي ادب ۾ آيل تڪڙي تبديلي ۽ ترقي لاءِ ارغون حڪومت کي جوابدار سمجهي ٿو. هو لکي ٿو:

        ”ارغون اصل مغل هئا، تنهنڪري انهن پنهنجي حڪومت ۾ ايران جا شاعر ۽ عالم آندا. شاهه بيگ وڏو پڙهيل هو، ۽ پاڻ قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير پارسيءَ ۾ تيار ڪيائين. ارغونن جي حڪومت ۾ سنڌ جي سڀني وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ فارسي مدرسا برپا ٿيا ۽ فارسيءَ جي تعليم رائج ٿي.“

 

ميمڻ صاحب وڌيڪ لکي ٿو:

 

        ”زبردست عالمن ارغوني درٻار جي اثر کان بيزار ٿي وڏيءَ جرئت سان سنڌي علم ادب جي خدمت ڪئي“ (30).

 

        مغل دور جي مٿي آيل تهذيبي ۽ علمي اڀياس الحاج الهه بخش عقيلي ۽ محمد صديق ميمڻ جي مٿي ڏنل اقتباسن جي آڌار تي، هي چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه هجڻ گهرجي ته ارغونن، ترخانن ۽ دهليءَ جي عملدارن – سنڌ ۾ جيڪا تعليمي ۽ عمراني پاليسي اختيار ڪئي، ان دور اندر سنڌي ساهت جي ترقي ۽ سنڌي – عربي رسم الخط، ان جي ردعمل ۾ نسري نروار ٿي. ان قسم جي علمي تحريڪ لاءِ عقيلي صاحب مهدوين ۽ قاضي قادن کي رهبر طور اڳتي آڻي ٿو. بلاشبه قاضي قادن هن دور ۾ سنڌي شعر ۽ بزم جي پرورش ۾ ڀلان ڀل حصو ورتو آهي (31). سورهين سترهين صديءَ ۾ حاڪمن طرفان سنڌي ساهت ۽ زبان ڏي جيڪو رخ اختيار ڪيو ويو، ان کي اسان جي عالمن، صوفين ۽ شاعرن وڏيءَ شدت سان محسوس ڪيو، ان جي تصديق ميمڻ صاحب مرحوم به ڪئي آهي (تعجب آهي ته ايڏو واضح هوندي به، هن صاحب ان قسم جي خاص علمي تحريڪ کي شيخ يوسف الدين جي خيالي هلچل سان لاڳو ڪري ڇڏيو!) شاهه عبدالڪريم (و – 1622ع) جي درويشي عالم آشڪار آهي. ان بزرگ به سنڌي سخن ۾ زبردست دلچسپي ورتي. مغل دور جي زوال ڌاري ميين شاهه عنات رضوي جي، سنڌي سماج سان دلچسپي ۽ لاڳاپي جو هي حال هو، جو هن پنهنجي شعر ۾ ميان نصير محمد، ميان دين محمد ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي جي وڌندڙ طاقت کي ساراهيو ۽ انهن جي فتح ۽ سوڀ لاءِ دعائون ڪيون (32). شاهه لطف الله قادري (و – 1679ع، ابتدا ته فارسي زبان ۾ سلوڪ ۽ طريقت بابت ڪتاب تيار ڪيو، ليڪن ستت ئي کيس هي احساس ٿيو ته، سنڌي عوام جي تعليم ۽ تربيت لاءِ، سنڌي زبان ۾ تصنيف ضروري آهي. ان پس منظر ۾ پاڻ ”سنڌي رسالو“ جوڙي راس ڪيائين. مرحوم محمد صديق ميمڻ ان صورتحال جي پس منظر ۾ ڪهڙو نه سچ لکيو آهي:

 

        ”ديس ۾ ڌارين جي ٻولي ڪيتري به ترقي ڪري وڃي ۽ پڙهيلن جي دل ۾ گهر ڪري وڃي ته به ممڪن نه آهي ته عام ماڻهن لاءِ اها زبان مقبول ۽ محبوب ٿيندي“ (33).

        شاهه لطف الله قادري پنهنجي دور جو ناليرو عالم ۽ درويش هو، جنهن بزرگ پنهنجي پوري ارادي ۽ نيت سان، سنڌي عوام جي تعليم واسطي سنڌي رسالو تيار ڪيو. خاطري آهي ته ان جي ذهن ۾ پنهنجي پورهئي کي، پني تي اتاري محفوظ ڪرڻ ۽ عام پڙهندڙن تائين پهچائڻ جي سوچ ۽ تصور به موجود هوندو. عربي – سنڌي رسم الخط ۾ تصنيف تاليف جو گهٽ ۾ گهٽ هڪ پختو مثال ۽ ثبوت، قادري صاحب جي سنڌي رسالي کان به ڏهاڪو کن ورهيه اڳ جو اڄ اسان جي آڏو موجود آهي. عزت پٽ سليمان سن 1068هه (1657ع) ۾، عربي سنڌي خط ۾ مختلف عنوانن تي هڪ نسخو ڪتابت ڪيو، جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي. هي واقعو ان دور جو آهي جڏهن اورنگزيب وڏي ڪشت و خون سان، مغل شهنشاهت تي قبضو ڪيو هو. هن دستخط جو تفصيلي اڀياس ان ڏس ۾ اميد ته ڪارائتو مواد مهيا ڪندو. مخدوم ابوالحسن جو ”مقدمه الصلوات“ هن رسالي کان به، 44 سال پوءِ تيار ٿيو آهي. الف اشباع جي طرز جي نظم جو باني به، ٺٽائي بزرگن کي سمجهيو ويندو آهي. حقيقت ۾ ان قسم جي نظم جو پهريون مثال، اسان کي ابوالحسن جي تصنيف کان هڪ صدي اڳ، پير محمد لکويءَ جي ضمن ۾ ملي ٿو.

        هت هي سوال ٿو اٿي ته جڏهن وسيع پيماني تي سنڌي زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف جي ضرورت سمجهي وئي، تڏهن ديوناگري يا ٻين قسمن جي رائج الوقت رسم الخط کي ڇو نه اختيار ڪيو ويو؟ مرحوم الهه بخش عقيلي ان متعلق لکي ٿو:

        ”سنڌي زبان هڪ ٻوليءَ جي حيثيت ۾ ته تمام آڳاٽي آهي، پر ان کي هڪ مستقل تحريري شڪل ڏيڻ جو مرحلو ان وقت پيش آيو، جڏهن قاضي قاضن ۽ ان کانپوءِ ايندڙ بزرگن اسلامي تعليمات ۽ تصوف جي مسئلن بيان ڪرڻ لاءِ ان کي سنڌي عوام جي خاطر هڪ ذريعي طور اختيار ڪيو. جيئن ته هنن جون ڪوششون خالص اسلامي نوعيت جون هيون، تنهنڪري اصلي پراڪرت جو قديم رسم الخط هنن کي انهيءَ مقصد لاءِ موزون نظر نه آيو.“ (34)

        ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته هن قسم جي تحريڪ خاص اسلامي تعليم جي پکيڙڻ لاءِ ظاهر ٿي، تاهم ان جي پس منظر ۾ جيڪي به بزرگ هئا، انهن پنهنجي دور جي حاڪمن ۽ بادشاهن جي تنگ نظر پاليسين کان هٽي، همه گير پيغام واري وحدت الوجودي فلسفي جو پرچار شروع ڪيو. ان ريت شاهه ڪريم، ميين شاهه عنات، لطف الله قادري ۽ قاضي قادن سنڌي زبان کي جيوت به بخشي ۽ ان جي سماجي ڪارج ۾ به تازگي پيدا ڪئي. بعد ۾ ايندڙ شاعرن: شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سامي ۽ سچل سرمست پنهنجن اڳين بزرگن جي مشن کي تڪميل تي پهچايو.

        عربي – سنڌي رسم الخط جو موجد ڪير هو يا ان خاص ڪهڙي زماني (ارغون يا ترخان يا وري مغل) ۾ جنم ورتو، ان متعلق في الحال ڪجهه چوڻ مناسب ڪونهي. سنڌي سماج صدين کان ڇڙوڇڙ پنهنجو سفر جاري رکيو آهي. سورهين سترهين صديءَ ۾ جڏهن عربي رسم الخط ۾ سنڌي ڪتب نويسي شروع ٿي، تڏهن عالمن متحد يا متفق ٿي، ان قسم جي رسم الخط کي جنم نه ڏنو، ليڪن حالتن جي دٻاءَ تحت اتر کان لاڙ تائين، هر محب وطن اديب، شاعر يا مصنف پنهنجي روءِ سوءِ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت جاري رکي. اوڻيهين صديءَ ۾ جڏهن انگريزن سنڌ فتح ڪئي، تڏهن اسلامي (عربي) رسم الخط ۾ سنڌي ڪتابن جو چڱو تعداد موجود هو. ان کان علاوه متعدد ٻيا خط به ان وقت ڌاري سنڌ ۾ رائج هئا. اهوئي سبب آهي جو جڏهن سنڌ جي ڪمشنر سربارٽل فريئر سنڌي زبان کي صوبي جي واحد سرڪاري ٻولي بنايو، تڏهن ان لاءِ هڪ متفق رسم الخط جي ضرورت اڃا باقي هئي (35).

        ادبي محققن بنا ڪنهن تاريخي جواز جي، مخدوم ابوالحسن کي ڪلهوڙن جي دور جو مصنف سڏيو آهي. اسان جي تحقيق موجب هي بزرگ به ان دور ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ميين شاهه عنات ۽ لطف الله قادري پنهنجو ادبي ڪردار ادا ڪيو. مخدوم صاحب سڄي زندگي ننگر ٺٽي ۾ گذاري ۽ پنهنجو ڪتاب ”مقدمه الصلوات“ به اتي ئي سن 1700ع ۾ تيار ڪيو. تاهم سندس دور جو تعين ڪرڻ لاءِ ڪجهه اهم واقعا ذهن ۾ رکڻ گهرجن.

1- سنڌ جي هيٺئين حصي ۾ شاهه لطف الله قادري جي وفات

2-  ٺٽي ۽ سيوهڻ تي نواب حفظ الله جي مقرري

1090هه/1679ع

1103هه/1691ع

3- شهزادي معز الدين جي سنڌ تي ڪاهه

1112هه/1700ع

4- مقدمه الصلوات جي تصنيف

1112هه/1700ع

5- نواب حفظ الله جي وفات

1112هه/1700ع

6- ننگر ٺٽي تي نواب سعيد خان جي مقرري

1113هه/1701ع

7- شهنشاهه اورنگزيب جي وفات

1119هه/1707ع

8- ميين شاهه عنات جي وفات

1120هه/1708ع

9- نواب اعظم خان هٿان شاهه عنايت جي شهادت

1130هه/1718ع

10- ٺٽي ۾ آخري نواب صادق علي خان جو تقرر

1149هه/1736ع

11- ٺٽي سميت سڄي سنڌ مان مغل راڄ جو خاتمو

1150هه/1737ع

 

حوالا ۽ حاشيا

(1) پروفيسر عبدالڪريم لغاري: ”سنڌي الف بي جي ارتقا“ ص 19 – 27، سنڌ الاجي سال 1976ع

(2) ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (برٽش حڪومت کان اڳ)، ص 113 – 115، سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي، سال 1937ع

(3) ”تحفته الڪرام“ سنڌي ڇاپو، ص 559 – 560، سنڌي ادبي بورڊ 1976ع

(4) ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ (برٽش حڪومت کان اڳ)، ص 113 ۽ ص 130

(5) عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌيون“ ص 72، سنڌ الاجي سال 1970ع.

(6) مترجم: محمد حنيف صديقي ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“ ص 80، سنڌي ادبي بورڊ سال 1971ع.

(7) سيد حسام الدين راشدي: ”مقالات الشعرا“ ص 396، سال 1957ع.

(8) ”تحفته الڪرام“ سنڌي ايڊيشن، ص 398.

(8 – الف) ”تحفته الڪرام“ سنڌي، ص 559.

(9) ”تحفته الڪرام“ سنڌي، ص 243 - 244.

(10) سيد حسام الدين راشدي: ”تحفته الڪرام“ ص 386 – 478، سنڌي ادبي بورڊ سال 1971ع.

(11) ”سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ“ ص 228، سنڌي ادبي بورڊ سال 1972ع.

(12) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي: ”سنڌي ادب جو تاريخي جائزو“ ص 6، ايڊيشن ٻيون.

(13) غلام محمد لاکو: ”سمه دور کي علمي اور سرکاري زبان“ سه ماهي اردو، 1981/2 انجمن ترقي اردو ڪراچي.

(14) ايم. ايڇ. پنهور؛ ”ڪرانالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ“  تصوير ص 161 جي سامهون، سنڌ الاجي سال 1983ع.

(15) فخري هروي: ”روضته السلاطين و جواهر العجائب“ ايڊٽ سيد حسام الدين راشدي، ديباچه، ص 2 ۽ 3، سنڌي ادبي بورڊ 1968ع.

(16) ڊاڪٽر ايڇ. آءِ. سدارنگاڻي: ”پرشن پوئٽس آف سنڌ“، ص 18 – 19، سنڌي ادبي بورڊ 1956ع.

(17) الهه بخش سرشار عقيلي: ”سنڌي ادب ۽ مهدوي تحريڪ“ ڪتابچو، ص 4.

- مقاله نگار، ميان عبدالغني ڀيڪ (ڪراچي) جو شڪر گذار آهي، جنهن منهنجي گذارش تي مهدوي تحريڪ متعلق مواد فراهم ڪيو. ان جي اڀياس کان سواءِ هن پيپر جي تشڪيل ۾ هوند تشنگي رهجي وڃي ها.

(18) ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ص 43.

(19) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ص 65، سال 1983ع.

(20) روزنامه عبرت حيدرآباد، رپورٽ مجيد ميمڻ، 27 – مارچ 1982ع.

(21) مرتب خديجه عالم دائودپوٽو: ”مضمون ۽ مقالا“ ص 20 – 23، شاهه عبداللطيف ثقافتي مرڪز حيدرآباد سال 1978ع.

(22) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام“ ص 3، سنڌ الاجي سال 1968ع.

(23) سيد حسام الدين راشدي: ”سنڌي ادب“ ترجمو غلام محمد لاکو، ص 105 – 106، گرامي پبليڪيشن دولتپور صفن سال 1981ع.

(24) ”سنڌي صورتخطي“ ص 23، سنڌي زبان پبليڪيشن حيدرآباد 1969ع.

(25) ”ابن بطوطه جو سفرنامو“ سنڌي از: محمد ابراهيم عباسي، ص 15، سنڌي ادبي بورڊ سال 1976ع.

(26) ابن بطوطه: ”ٽريولس ان آفريڪا اينڊ ايشيا“ ص 185، سروس بڪ ڪلب راولپنڊي سال 1985ع.

(27) محمد غوثي مانڊوي: ”گلزار ابرار“ اردو ڇاپو، ص 443، طبع دوم لاهور.

(28) ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ص 66.

(29) الحاج الهه بخش عقيلي ”سنڌي ادب ۽ مهدوي تحريڪ“ ص 7.

(30) ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ص 42 ۽ 47، سال 1937ع.

31) هيرو ٺڪر: ”قاضي قادن جو ڪلام“ دهلي، سال 1978ع.

- قاضي قادن جي شخصيت، ڪلام ۽ فڪر توڙي سندس شعر جو زمانو، ابتدا کان ڪري سنڌ ۾ تڪراري موضوع پئي رهيا آهن. راقم الحروف هنن عنوانن تي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، جنهن کي عنقريب ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو ويندو.

(32) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ميين شاهه عنات جو ڪلام“ مقدمو، ص 47 – 51، سنڌي ادبي بورڊ، سال 1963ع.

(33) ”سنڌ جي ادبي تاريخ“ ص 46 – 47.

(34) ”سنڌي ادب ۽ مهدوي تحريڪ“ ص 8.

(35) رچرڊ برٽن: ”سنڌ ۽ سنڌو ماٿر ۾ وسندڙ قومون“ سنڌي، ص 142 – 146.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com