سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :12

        صاحبو، آءٌ جي اهڙيون کوجنائون ۽ پڇائون ڪندو رهيس، تنهن جي نتيجي ۾ مون خلاف ڪيتريون مخالفتون اٿي کڙيون ٿيون. ڏاڍيون تلخ، لاڳيتيون ۽ دائمي بغاوتون، جن جي نتيجي ۾ مون تي طرح طرح جا بهتان لڳايا ويا، جن مان هڪڙو اهو به هو ته آءٌ دانائيءَ جو پرچارڪ آهيان. اهو هن سبب ٿيو آهي جو جيڪڏهن آءٌ ڪنهن موضوع تي ڪنهن شخص جي ڄاڻ جي دعويٰ کي غلط ٿو ثابت ڪريان ته ڏسڻ (۽ ٻڌڻ) وارا سمجهن ٿا ته ان ريت آءٌ پاڻ پنهنجي ڏاهپ ٿو جتايان. جڏهن ته انهيءَ صورتحال جي پڪي پختي حقيقت هيءَ آهي ته:

”سچي دانائيءَ جو اصل مالڪ خدا آهي، ۽ هي جي اسان کي الهام ملن ٿا، سو خدا جوئي هڪ وسيلو آهي، جن موجب اسان کي ٻڌايو وڃي ٿو ته انسان جي دانائيءَ جي ڪابه اهميت نه آهي يا بالڪل معمولي (اهميت) آهي.“

      ۽ هو (خدا) منهنجي نالي کي هڪ حوالو نه بلڪ هڪ مثال ڪري ٿو ٻڌائي ته: ”اوهان انسانن ۾ سڀ کان وڌيڪ دانا اهو آهي جيڪو سقراط وانگر پاڻ کي دانائيءَ جي معاملي ۾ ناقص ٿو سمجهي.“

        ته صاحبو، اهوئي سبب آهي جو آءٌ هڪ سچو اطاعت گذار بنجي جتي ڪٿي پنڌ ڪندو ويس ۽ خدا جي انهيءَ حڪم جي تعميل ۾ شهر توڙي ٻاهر جي ڄاتل توڻين اڻڄاتل ڏاهن ۽ ڏاهپ جي دعويدارن کي تلاش ڪندو رهيس ۽ اهڙن نالي چڙهين ڏاهن جي سکڻين دعوائن کي رد ڏيندو غلط ثابت ڪندو رهيس ۽ انهيءَ ريت خدا جي مقصد جي پوئواري ڪندو رهيس. انهيءَ شغل ۾ آءٌ ايڏو رڌل رهيس جو پنهنجن سياسي توڙي ذاتي ڪمن کان به بي خبر ٿي ويس ۽ انهيءَ خدائي خدمتگذاري جي نتيجي ۾ ڪنگال بنجي ويس.

        منهنجي نامقبوليت جو هڪ ٻيو سبب به آهي – گهڻي تعداد ۾ نوجوان، جن جا پيئر شاهوڪار آهن ۽ جن وٽ واندڪائي به هيڪاندي آهي، منهنجا ساٿاري بنجي ويا آهن، ڇاڪاڻ جو آءٌ جن ماڻهن کان سوال جواب ۽ آڏيون پڇائون ۽ دليلبازي ڪريان ٿو، تنهن ۾ هنن کي ڏاڍو مزو ٿو ملي. پوءِ هو مون کي هڪ نمونو بنائي (ساڳئي نوع سان) وڃو ٻين ماڻهن سان سوال جواب ۽ دليلبازي ڪن. منهنجي خيال ۾ انهن نوجوانن کي وڏي تعداد ۾ دانائي جا دعويدار نادان مليو وڃن. نتيجو اهو ٿو ٿئي جو اهي ماڻهو ناراض ٿيو پون – انهن نوجوانن کان نه، بلڪ مون کان! تنهنڪري اهي جتي ڪٿي اهي شڪايتون ڪندا وتن ٿا ته سقراط نالي هڪ وبا جي صورت خدائي فوجدار پيدا ٿيو آهي، جو نوجوانن جا ذهن خراب ڪندو رهي ٿو. پر جي اوهين انهن (شڪايت ڪندڙن) کان پڇو ته سقراط ڇا ٿو چوي ۽ ڇا ٿو سيکاري، جو اهو بگاڙ ٿو پيدا ٿئي، ته هو ڪو جواب نٿا ڏيئي سگهن، ڇاڪاڻ جو جواب هو ڄاڻن ئي ڪونه ٿا، ۽ جيئن ته هو پنهنجي انهيءَ مونجهه کي تسليم ڪرڻ به نٿا چاهين، تنهنڪري وري انهيءَ بهتان بازيءَ تي لهيو اچن ته هي فيلسوف پنهنجن شاگردن کي ڌرتيءَ جي تَهن ۽ آسمانن جا ڀيد ٿو ٻڌائي، ديوتائن جو منڪر آهي ۽ ناقص دليلن سان غالب دليلن کي مغلوب ڪري ٿو ڏيکاري. هو اها حقيقت اصل تسليم نه ڪندا ته هو نادان آهن ۽ نادانيءَ جي زعم ۾ مبتلا آهن. ان طرح هو پنهنجي ئي ناموس بابت پنهنجي ئي حسد جو شڪار آهن (ناموس جي حرص هنن کي حاسد بنائي ڇڏيو آهي، پنهنجي ناموس لاءِ پاڻ سان ئي حسد ڪن ٿا.)

        توڻي هو زور وارا آهن، تعداد ۾ به گهڻا آهن ۽ هنن کي هڪ ”ظاهر ۾“ دلچسپ ۽ هوشياريءَ سان تيار ڪيل (هي) مقدمو ملي ويو آهي. هو ڪافي عرصي کان اوهان جي ڪنن ۾ مون بابت زهر اوتيندا رهيا آهن. ته صاحبو، ميليطس، اني طس ۽ لائڪون اجهو انهن بنيادن تي مون مٿان هي مقدمو مڙهيو آهي! ۽ منهنجي اها صاف گوئي به منهنجي نامقبوليت جو ڪارڻ ٿي آهي، ۽ سچ پچ ته اهوئي ثبوت آهي منهنجي بيان جي سچائيءَ جو، مون پاڻ تي لڳل بهتانن جي اصل نوعيت خوبي ۽ سچائيءَ سان بيان ڪئي آهي.

        هاڻي پهرين آءٌ ميليطس جي مڙهيل ڏوهن بابت پنهنجو بچاءُ پيش ڪندس. هي صاحب وڏو اصول وارو ۽ وطن پرست هئڻ جي دعويٰ ٿو ڪري. هو چوي ٿو ته سقراط نوجوانن جو ذهن ٿو بگاڙي ۽ رياست طرفان (سرڪاري طور) تسليم ٿيل ديوتائن کان علاوه ڪن ٻين ديوتائن جي وجود کي (به) تسليم ٿو ڪري. آءٌ چوان ٿو ته ميليطس هڪ ڳنڀير معاملي کي ڏاڍي هلڪائيءَ سان پيش ڪيو آهي. جيئن ته هن هڪ اهڙي معاملي تي تشويش ظاهر ڪئي آهي جنهن معاملي سان هن ڪڏهن ڪو چاهه رکيو نه ڪو واسطو. ميليطس! تون اهوئي ته چاهين ٿو نه، ته نوجوانن جا ذهن بهتر کان بهتر شين جي اثر ۾ هجن؟ ]ميليطس هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻي ٿو[، ته پوءِ مون کي ٻڌاءِ ته نوجوانن جي ذهنن تي سٺو اثر ڪير پيو وجهي؟ منهنجي بري اثر جو ته تو انڪشاف ڪيو ۽ مون کي آڻي عدالت ۾ کڙو ڪيو. پر ڪنهن سٺو اثر پيدا ڪرڻ واري جو نالو ته کڻ. ڇو، تنهنجي زبان ڇو تارونءَ سان لڳي وئي؟ ته صاحبو، ميليطس جو گنگ ٿي وڃڻ منهنجي دعويٰ جو ثبوت آهي ته هن صاحب کي نوجوانن جي معاملن سان ڪڏهن ڪو چاهه يا واسطو نه رهيو آهي. ها ميليطس صاحب، ٻڌاءِ ته نوجوانن کي سنوارڻ وارو ڪير آهي؟

        ”قانون!“ ]ميليطس جواب ڏنو[.

        ”صاحبو! اهو ته منهنجي سوال جو جواب نه ٿيو. انهن هستين جا نالا ٻڌايا وڃن، جن جو اولين فرض آهي قانون جي ڄاڻ رکڻ.“

        ”هي جيوريءَ جا ميمبر. سقراط، اهي صاحب قانون جو علم رکن ٿا.“

        ”ته ڇا تنهنجو مطلب آهي ته اهي صاحب نوجوانن جي تربيت ۽ هنن جي سڌار سنوار جا اهل (به) آهن؟“

        ”بالڪل“

        ”هي سڀئي قانونداد يا هنن ما ڪي ٿورا؟“

        ”هي سڀئي.“

        ”واهه واهه، خيرخواهن جي زبردست کيپ موجود ڪئي ويئي آهي‘ چڱو ڀلا، ميليطس صاحب، هي جي هيترا تماشبين هتي عدالت ۾ موجود آهن، اهي ته ماڻهن تي ڪو سڌارڪ اثر رکن ٿا ڪي نه؟“

        ”ها بالڪل رکن ٿا.“

        ”۽ ڀلا ڪائونسل جا ميمبر؟“

        ”ها يقيناً، ڪائونسلر قوم جي جوانن جو ذهن سنواريندڙ آهن.“

        ”چڱو، ڀلا اسيمبلي جا رڪن به پڪ سان جوانن جو ذهن سڌاريندا ئي هوندا، بگاڙيندا ته ڪونه هوندا؟“

          ”ها، بلڪل.“ ]اٿينس شهر ۾ هڪ خاص ماڻهن جي بااختيار ڪائونسل ۽ هڪ عام ماڻهن جي اسيمبلي هوندي هئي.[.

        ”تنهن جي معنيٰ ته – مون هڪڙي کان سواءِ باقي اٿينس شهر جو سمورو ئي آدم نوجوانن جو سڌارڻ ذهن جو ڪم ڪندڙ آهي ۽ آءٌ اڪيلوئي هنن کي کاري رهيو آهيان؟“

”بالڪل بالڪل، ائين ئي آهي“

ميليطس صاحب، تون منهنجي اندر مان  هڪ وڏي اوگڻ جو پتو لڳايو آهي. منهنجي ذات مان هڪ وڏي خرابي ڳولي لڌي آهي. گهوڙن جي سکيا جوئي مثال وٺو. گهوڙن کي سيکارڻ وارا (ماهر) تمام ٿورا هوندا آهن، جيڪي انهيءَ ڪم ۾ ڀر هوندا آهن. سڀئي ماڻهو، جيڪي گهوڙن تي سواري ڪري سگهندا آهن، تن کي گهوڙن جو سڌارڪ نه چئبو. بلڪ اهي ويتر بگاڙڻ  وارا چئبا. انهيءَ حساب سان چئبو ته  اسان جي نوجوانن جي نصيب جي ورڇ به عجيب ڍنگ سان ٿي  آهي، جو فقط هڪڙو شخص هنن کي کاري رهيو آهي ۽ باقي سڄي مخلوق هنن تي سڌاري جو اثر ڪندڙ آهي! وڌيڪ ڇا چئجي. ميليطس صاحب، انهيءَ حقيقت جو ڪافي ثبوت موجود آهي ته نوجوانن جي معاملن ۾ تو ڪڏهن ڪو فڪر نه پرايو آهي نه ڪڏهن اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿئي ته  هنن جي بگاڙ جو (اصل) سبب ڇا آهي؟

”هاڻي هڪ ٻيو نڪتو، ميليطس صاحب! سنجيدو ٿي ٻڌاءِ ته چڱن جي صحبت ۾ رهڻ بهتر آهي يا برن جي صحبت ۾؟ ڇا چڱي صاحب مان چڱائي ۽ بري صحبت مان برائي نٿي ملي؟“

”بالڪل صحيح آهي.“

”ڀلا توکي ڪو اهڙو ماڻهو سجهي، جيڪو پنهنجن دوستن مان فائدي جي بدران ڇيهو پرائڻ چاهيندو هجي؟“

”يقيناً“ ڪير به ڇيهو پرائڻ نه چاهيندو.

”تنهنجي چوڻ موجب آءٌ نوجوانن جو ڪردار بگاڙي رهيو آهيان ۽ ان طرح ”ارادتا“ خود هڪ جو کم جو ڪم ڪري رهيو آهيان، جو نيٺ ڇيهو مون کي به رسندو. ڇا آءٌ هن عمر ۾ ايترو ئي نادان آهيان جو پنهنجي اهڙي هاڃيڪار  فعل جي به سڌ نه اٿم؟ ڪو به سمجهو ماڻهو  جي ڪو اهڙو ڪم ٿو ڪري جنهن مان پس پيش هن کي ڇيهو رسڻو آهي ته پوءِ يقيناً اهو ڪم هو ارادي سان نه بلڪ بي ارادي  ٿو ڪري. جي ماڻهن تي منهنجو اثر غيرارادي عمل جي نتيجي ۾ آهي ته انهيءَ لاءِ مون کي عدالت ۾ گهلڻ جي بدران مون کي پنهنجي منهن سمجهائڻ وڌيڪ مناسب هو.  انهيءَ  مان منهنجي سڌار ٿئي ها. هتي عدالت ۾ ته سزائون ملنديون آهن، سڌار سنوار نه ٿيندي آهي. صاحبو، هيستائين اهو واضح ٿي چڪو ته ميليطس صاحب کي اصل معاملي (جوانن جي بگاڙ) جي نوعيت ۽ اهميت سان ئي دلچسپي  ناهي بلڪ مون سان عداوت آهي.“

”ميليطس صاحب، تون مون تي هي ڏوهه به رکين ٿو ته آءٌ رياست  جي تسليم ٿيل ديوتائن کان علاوه ٻن مختلف نون ديوتائن ۾ يقين رکان ٿو. (ان وقت هڪ واحد لا شريڪ خدا جو تصور مفقود هو). خير، انهيءَ مان اهو ته ثابت ٿيو ته آءٌ خدائن جي وجود جو قائل آهيان ۽ مڪمل ناستڪ (منڪر) نه آهيان، ۽ ٻيو هي ته اهي مون وارا خدا مختلف آهن، يا اوهين اهو ٿا چئو ته  آءٌ پاڻ به منڪر آهيان ۽ ٻين کي به انهيءَ ڪفر جي تلقين ڪندڙ آهيان؟“

”ها، اسان جو اهوئي چوڻ آهي.“

”ڏاڍي حيراني جي ڳالهه آهي! اوهين چئو ٿا ته آءٌ سج ديوتا ۽ چنڊ ديوتا کي نٿو مڃان ]تڏهن اٿينس ۾ سج جي پوڄا جو رواج هو ۽ ان کي اپولو ديوتا تائين رسائيءَ جو وسيلو سمجهيو ويندو هو[ ۽ چوان ٿو ته سج محض هڪ پٿر آهي ۽ چنڊ به فقط ڌرتيءَ مان ئي ٺهيل هڪ ڳنڍو آهي. تڏهن ڇا آءٌ انڪساغورث جي نظرين کي پنهنجو نظريو ڪري پيو ٻڌايان؟ ]انڪسا غورث سقراط کان اڳ جو فلاسفر هو ۽ سندس نظريو هو ته سج ۽ چنڊ ڌرتي جا ئي (ٽٽل) ٽڪر آهن ۽ پنهنجي تکي رفتار ۽ چال سبب گرم ۽ سفيد ٿي ويا آهن[.

”ميليطس، هي ته ٻڌاءِ ته دنيا ۾ ڪو اهڙو شخص هوندو، جيڪو انساني عمل ۽ چرپر  جي حقيقت کي تسليم ڪندو هجي پر خود انسان جي (وجود ۽ حقيقت کي تسليم نه ڪندو هجي؟ ڪو اهڙو ماڻهو به هوندو جيڪو گهوڙي جي ڪارج ۽ چرپر کي ته مڃيندو هجي پر خود گهوڙي جي وجود کان انڪاري هجي؟ جيڪو موسيقي جي حقيقت کي ته تسليم ڪندو هجي پر (موسيقي جي خالق ۽ فاعل) موسيقار  جي وجود کي نه مڃندو هجي؟ ڇا ڪو اهڙو ماڻهو به ٿي سگهي ٿو  جيڪو مافوق الفطرت عمل، سرگرمين ۽ چرپر کي ته تسليم ڪندو هجي (اهي ڪائناتي عمل، جيڪي اسين ڏسون سمجهون ۽ محسوس ڪريون ٿا، جيئن ڏينهن مان رات ۽ رات مان ڏينهن ٿيڻ وغيره) پر مافوق الفطرت هستين جي وجود کان انڪار ڪندو هجي؟ )يعني انهن ديوتائن جي وجود کي نه مڃندو هجي جيڪي انهيءَ چرپر جا ذمه دار آهن.[

”نه، اهڙو ڪو ماڻهو نٿو ٿي سگهي.“

”ته صاحبو، جڏهن آءٌ ڪائنات  ۾ ٿيندڙ عملن ۽ چرپر کي مڃان ٿو ته پوءِ يقيناً انهن مافوق الفطرت هستين کي به مڃيندو ئي هوندس (جيڪي اهڙي چرپر پيدا ڪندڙ آهن). اسين جو اهو تسليم ڪريون ٿا ته اهي ئي مافوق الفطرت هستيون يا انهن جو اولاد اسان جا خدا آهن ته پوءِ آءٌ منڪر ڪيئن ثابت ٿيس. ميليطس محض رونشي خاطر منهنجي ادراڪ  جو امتحان پيو وٺي جو هڪ ئي وقت مون کي ڪافر ۽ ساڳي ئي وقت  ايمان وارو پيو چوي يا هن کي مون لاءِ ڪو ٻيو الزام نه مليو. اها هڪ کلي اڳرائي آهي، ارڏائي آهي يا بدمعاشي! ميليطس جي الزام کي رد  ڪرڻ لاءِ مون جيڪي ڪجهه چيو سو ڪافي آهي- ته آءٌ گهڻي عداوت ۽ خصومت  جو شڪار ٿيو آهيان ۽ - جي واقعي ڪا شيءَ ڪنهن جي تباهيءَ جو وسيلو ۽ ڪارڻ ٿي سگهي ٿي ته – اها خصومت ۽ عداوت منهنجي تباهي جو ڪارڻ ٿيندي، وسيلو ٿيندي. ميليطس يا انيطس خود  نه بلڪ اها بهتان تراشي ۽ حسد مون کي برباد  ڪري سگهن ٿا، جيڪي ماڻهن جي هڪ وڏي تعداد مون تي روا رکيا آهن. اهي ماڻهو اڳ به گهڻن بي گناهه انسانن جي تباهي جو ڪارڻ ٿيا آهن ۽ شايد (هميشہ) ٿيندا رهندا. اهڙو ڪو امڪان ڪونهي ته هو مون کي ڇڏي ڏيندا (مون کي به ضرور ختم ڪندا).

هاڻي جي ڪير مون کان پڇي ته ميان سقراط، تون پنهنجي انهيءَ روش تي پشيمان نٿو ٿين جنهن جي نتيجي ۾ توکي موت جي سزا جو خطرو درپيش ٿي سگهي ٿو؟ ته منهنجو سڌو سنئون جواب هي ٿيندو ته! دوستو! اوهين ڀُليا آهيو. جي اوهين سمجهو ٿا ته هڪ لائق ماڻهو موت ۽ زندگي جي امڪانن جي تور تڪ ۾ پنهنجو وقت خرچ ڪندو هوندو ته اوهين ڀليا آهيو. اهڙا (لائق) ماڻهو زندگيءَ جي هر عمل ۽ معاملي ۾ فقط اهو نڪتو ڌيان  ۾ رکندا آهن ته هو جيڪي ڪجهه ڪري رهيا آهن، سو صحيح آهي يا غلط، نيڪ آهي يا بد، جيڪو ماڻهو هڪ ڀيرو پنهنجي (حق جي) موقف تي قائم ٿي ويندو آهي، سو ذلت جي ڀيٽ ۾ موت ۽ خطرن جي پرواهه نه ڪندو آهي (ذات جي ڀيٽ ۾ موت ۽ خطرن کي قبول ڪندو آهي).

ته صاحبو، انهيءَ ڪري ئي مون پنهنجي (قول ۽ فعل جي) هر موڙ تي موت ۽ خطرن کي منهن ڏنو آهي ۽ جڏهن ته آءٌ سمجهان ٿو ته خدا مون کي هڪ حڪيم ۽ فيلسوف جي زندگي گهارڻ لاءِ مقرر ڪيو آهي—ته آءٌ پنهنجي ۽ ٻين جي تشخيص ۽ تجزيو ڪندو رهان—ته انهن مرحلن ۾ به آءٌ موت ۽ خطرن کي منهن ڏيندو ئي رهيو آهيان.

آءٌ اوهان کي به ٻڌائي ڇڏيان ته: موت کان خوف کائڻ به انهيءَ ئي احمقاڻي سوچ جو هڪ رخ آهي، جنهن تحت ماڻهو پاڻ کي داناءُ ڄاڻندو هجي پر حقيقت ۾  داناءِ  نه هجي (جيئن پاڻ کي داناءَ سمجهڻ جي ناداني  ٿو ڪري، تيئن موت کان ڊڄڻ جي حماقت ٿو ڪري). انهيءَ کان ڪير انڪار ڪندو ته  موت هڪ سچي پچي وڏي نعمت آهي، پر تڏهن به ماڻهو موت کان ائين ٿا خوف کائن، ڄڻ موت هڪ سچي پچي  وڏي بدي يا بڇڙائي آهي. تنهن جي معنيٰ ته ماڻهو(اڪثر) منفي ۽ احمقاڻي سوچ ڌارين ٿا – اها سوچ هڪ ڏوهه آهي، بدي آهي، گناهه آهي، آءٌ ٻين ماڻهن کان اجهو انهيءَ حساب سان مٿڀرو آهيان، جو آءٌ ڄاڻان ٿو ته موت کان پوءِ جي حالات کان اڻڄاڻ آهيان (انڪري موت کان ڊڄان نٿو) ۽ جيڪي حقيقي  ظاهري مصيبتون  آهن (زندگيءَ جون) تن کي حقيقي مصيبتون سمجهان ٿو—نعمتن کي نعمتون ۽ زحمتن کي زحمتون سمجهان ٿو، تنهنڪري زحمتن کان البت ڊڄان ٿو ۽ نعمت سان محبت رکان ٿو.

هاڻي فرض ڪريو ته اوهين مون کي هن مقدمي مان آزاد ڪري ٿا ڇڏيو—جيئن منهنجي هڪ مدعي انيطس چيو آهي ته يا ته مون کي عدالت ۾ حاضر نه ٿيڻ کپي ها، پر هاڻي جي حاضر ٿيو آهيان ته پوءِ مون کي موت جي سزا اوس ملڻ کپي، ڇاڪاڻ جو  آزاد ٿي آءٌ وري وڃي اها فلسفي بازي ڪندس ۽ اوهانجن  صاحبزادن  جا ذهن بگاڙيندس- سو فرض ڪريو ته اوهين مون کي آزاد ڪريو ٿا انهيءَ شرط تي ته آءٌ پنهنجي سچ جي تلاش ۽ جستجو ڇڏي ڏيان، ته منهنجو جواب هي هوندو : آءٌ اوهان جو نيازمند ۽ جان نثار خادم آهيان، پر خدا جي اطاعت ۽ نيازمندي مون تي اوهان جي اطاعت کان وڌيڪ واجب آهي، تنهنڪري جيستائين زنده رهندس ۽ جيستائين منهنجيون قوتون  ۽ صلاحيتون باقي رهنديون، آءٌ فلسفي ۽ حڪمت  جي پرچار جو ڪم نه ڇڏيندس ۽ اوهان کي نصيحتون ۽ سهڻيون صلاحون ڏيندو رهندس ۽ هر ملڻ واري کي حق سمجهائيندو رهندس. آءٌ اٿينس، جيڪو قوت ۽ دانائي وارو شهر آهي جي رهواسين  کي انهيءَ فعل تي شرم ڏياريندو ۽ ملامت ڪندو رهندس، جو هو پنهنجو وڌ ۾ وڌ وقت ڌن  ڪمائڻ ۾ خرچ ڪن ٿا ۽ سچ ماڻڻ، فهم ۽ ادراڪ پرائڻ ۽ روح جي ڪماليت حاصل ڪرڻ ڏانهن ڪو ڌيان نٿا ڏين. جيڪي مون سان بحث تڪرار ڪندا، جيڪي ضد ڪندا ته هو اڳ ئي ڏاها آهن تن کي به آءٌ ڇڏي نه ڏيندس، بلڪ هنن کي نيڪيءَ جي صلاح ڏيندو رهندس. آءٌ سڀني سان سکيا ۽ سيکت جو اهو ورتاءُ ڪندو رهندس.

آءٌ اوهان کي يقين ٿو ڏياريان ته مون کي خدا جي طرفان انهيءَ (پرچار)  جو حڪم مليل آهي. منهنجو يقين آهي ته اوهان جي شهر  تي جيڪي به نعمتون نازل ٿيون آهن تن مان سڀ کان وڏي نعمت منهنجي اها خدمت آهي، ڇاڪاڻ جو آءٌ پنهنجو سڄو وقت اوهان کي اهائي صلاح ڏيندي گذاريان ٿو ته جي فڪر ڪريو ته پنهنجي جسم جو ۽ مال منال جو نه بلڪ پنهنجي روح کي وڌ ۾ وڌ اجارڻ جو فڪر ڪريو. آءٌ اهو ئي پرچار ڪندو رهندو آهيان ته: ”نيڪي دولت مان نه آهي بلڪ دولت نيڪيءَ مان آهي، ۽ ٻيون پڻ سڀ نعمتون نيڪيءَ مان ملندڙ آهن. فرد کي توڙي رياست (ملڪ ۽ حڪومت) کي.

هاڻي جي ڪير ائين ٿو چوي ته منهنجي انهيءَ پيغام جي نتيجي ۾ ئي نوجوانن جو ذهن بگڙي ٿو ته ڀلي ائين چوي ته هي پيغام ئي هاڃيڪار آهي (جو اهو الزام پيغام موڪلڻ واري تي ٿيندو) پر ڪير ائين نه چوي ته منهنجو پيغام انهيءَ کان سواءِ ڪو ٻيو ۽ مختلف  آهي ( جو اهو الزام مون تي ٿيندو ته مون خدائي پيغام ۾ ردبدل  ۽ خيانت ڪئي آهي).

تنهنڪري صاحبو! اوهين منهنجن مدعين جي دعويٰ کي وزن ڏيو يا نه ڏيو. اوهين مون کي آزاد ڪريو يا نه ڪريو پر، اوهين ڄاڻو ٿا ته آءٌ پنهنجي (سچ جي) روش تان اصل ڦرڻ وارو نه آهيان. ”چاهي مون کي هڪ ڀيرو نه بلڪ هڪ هزار ڀيرا مرڻو پوي.“

مهربان صاحبو، ياد رکو ته اوهين مون کي بي روڪ ڳالهائڻ جو اذن ڏئي چڪا آهيو ۽ منهنجو اهو يقين آهي ته منهنجو بيان ٻڌڻ خود اوهان جي فائدي وٽان آهي. ياد رکو، ۽ يقين ڪريو، ته جي واقعي آءٌ اهو ئي آهيان جيڪي ڪجهه هئڻ جي دعويٰ ٿو ڪريان (سچ ۽ نيڪيءَ جو پرچارڪ) ۽ اوهان مون کي موت جي سزا ڏني، ته منهنجي مرڻ ۾ منهنجو نه بلڪ خود اوهان جو زبردست نقصان ٿيندو.

ميليطس يا انيطس مون کي اصل ڪو به نقصان نٿا پهچائي سگهن، ڇاڪاڻ ته هنن وٽ (نفعي نقصان جو) اختيار ئي ناهي. جيئن ته آءٌ اهو مڃان ئي نٿو ته خدا جو قانون ڪنهن بدتر انسان کي اهو اختيار ڏيندو هوندو ته هو ڪنهن بهتر انسان کي ڪو نقصان  پهچائي سگهي. بيشڪ منهنجا مدعي مون کي موت جي سزا ڏياري سگهن ٿا يا ديس نيڪالي ڏياري سگهن يا مون کي شهري حقن کان محروم ڪرائي سگهن ٿا پر، جي هو اهو به سمجهن ٿا ته اهي سزائون (واقعي) ڪي آزار ۽ عذاب آهن ته هو ڀُليل آهن. آءٌ انهن ڀوڳنائن  کي آفتون يا عذاب نٿو سمجهان، بلڪ منهنجو ايمان آهي ته انهن ڀوڳنائن  کان وڌيڪ بڇڙو اهو ڪم آهي جيڪو هي مدعي ڪري رهيا آهن- يعني هڪ بي گناهه کي موت جي سزا ڏيارڻ جي ڪوشش.

انهيءَ حساب سان آءُ هتي جو بچاءُ ۽ صفائي پيش ڪري رهيو آهيان، سا پنهنجي ڀلي لاءِ نه بلڪ اوهان جي ڀلي لاءِ پيش ڪري رهيو آهيان. آءٌ اوهان جي وڪالت ڪري رهيو آهيان، نه پنهنجي. آءٌ اوهان کي خدا جي عطا ڪيل منصب ۽ اختيار جي غلط استعمال کان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، جي اوهان مون کي موت جي سزا ڏني ته پوءِ منهنجو بدل  اوهان کي آسانيءَ سان نه ملندو. هيءَ هڪ چٽي حقيقت آهي  جيتوڻيڪ ظاهر ۾ چرچي جهڙي ٿي نظر اچي- ته  خدا مون کي خاص طور هن شهر تي مقرر ڪيو آهي. جيئن هڪ اعليٰ نسل جي گهوڙي کي محض پنهنجي مواڙ  بت ۽ بدن جي سبب سستي چڙهندي آهي ته هن کي اٿارڻ ۽ هوشيار رکڻ لاءِ ڪنهن ڏنگدار مک جو هئڻ ضروري ٿي پوندو آهي. آءٌ سمجهان  ٿو ته خدا مون کي هن شهر سان انهيءَ  ڏنگدار مک جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ وابسته ڪيو آهي، ۽ آءٌ ڪڏهن هتي ويهان ٿو ڪڏهن هتي، جتي ڪٿي هجان ٿو، اوهان کي اڀاريندو اٿاريندو هوشيار  ڪندو قائل ڪندو ۽ جٺيون پٺيون ڪندو ٿڪان نٿو، سو اوهان کي منهنجي جاءِ ڀرڻ لاءِ ڪو ماڻهو نه ملندو ۽ جي منهنجي صلاح مڃو ته (پنهنجي ئي فائدي ڪاڻ) مون کي ڇڏي ڏيو. پر آءٌ ڏسان پيو ته اوهين (منهنجي هن دانهن ڪوڪ تي فقط ايترو  ڪندا جو پنهنجي انهيءَ  ڳهر مان سجاڳ ٿيندا ۽ ڪاوڙجي مون کي ختم ڪري ڇڏيندا ۽ وري سمهي پوندا،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com