سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :24

سنڌي ادب (ڇماهي)

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، يونيورسٽي آف سنڌ، ڄامشورو جي اشاعتي سلسلي ”سنڌي ادب“ ڇهه ماهي جو جلد 9، نمبر 1 ۽ 2 سال 85-1986ع نظر مان گذريو. جلد ۾ نهايت ئي اعليٰ ۽ معياري مضمون ڏنا ويا آهن، جيڪي عام طور تي ادبي رسالن ۾ گهٽ ملندا آهن. ايڊيٽوريل بورڊ طرفان اها ڪوشش ڪئي وئي آهي ته پڙهندڙن  تائين اهڙي معلومات  وڌ ۾ وڌ پهچائجي جيڪا هر ڪنهن لاءِ دلچسپي ۽ ذهني آبياري  جو باعث بڻجي. تقريباً هر موضوع کي جلد ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جن ۾ تاريخ اسلام، مختلف ٻوليون ۽ انهن جي اوسر، طب، نفسيات، معاشيات، ثقافت ۽ تمدن وغيره اچي وڃن ٿا.

جيڪي مضمون هن رسالي ۾ ڏنل آهن، سي واقعي چونڊ مضمون  آهن ۽ سمجهه ۾ اچي  ٿو ته ايڊيٽوريل  بورڊ وڏي  محنت ۽ جاکوڙ سان هٿ ڪري سهيڙي ترتيب ڏئي ڇپايا آهن. خود ادي مهتاب اڪبر راشدي ايڊيٽوريل ۾ ان جي شاهدي ڏيندي لکي ٿي ته... ”ادب ۽ سياست جي موضوع  کي ڇڏي علم جي ٻين شاخن متعلق  مضمونن جي ڏاڍي کوٽ ٿي محسوس ٿئي. اسان کي مضمون ته ملن ٿا، پر انهن ۾ معياري مضمون نه هئڻ جيترا هوندا آهن.“

 

محترمہ جي انهن لفظن مان ڀليءَ ڀت پروڙي سگهجي ٿو ته هوءَ هن اشاعتي سلسلي کي ڪيترو به مٿي وٺڻ وڃڻ گهري ٿي. اسان جون دعائون آهن ته الله تعاليٰ کيس انهيءَ مبارڪ مقصد ۾ ڪامياب ڪري.

هونءَ به اها حقيقت آهي ته ڪو به ادارو، جنهن جو ذمو  ئي هجي پڙهندڙن تائين معياري معلوماتي  مواد پهچائڻ، سو ڪيئن چاهيندو ته اڳ جو گٺل پيٺل مواد رسالي ۾ ڏئي مڙيئي  ورق ڀري پورائي ڪجي.

انهيءَ خيال کان به هن اشاعت ۾ اصل (Original) مواد ۽ ڪيتري حد تائين نئين معلومات فراهم ڪيل آهي. البته هڪ ڳالهه جي ڪمي آهي، سا اها ته ڇهه ماهي اشاعت کي ڇهن مهينن تائين پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهچڻ گهرجي، جنهن کي ايتري ته دير کان پوءِ شايع ڪيو وڃي ٿو جو ڪڏهن ته پڙهندڙن کان اها ڳالهه وسريو وڃي ته ”سنڌي ادب“ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي مان شايع ٿئي ٿو. ان لاءِ ايڊيٽوريل بورڊ کي گذارش  ڪجي ٿي ته ان ڏس ۾ وڌيڪ توجهه ڏئي وقت اندر پورائو ڪن.

- عبدالغفار صديقي

حاميءَ جو ڪلام

ڇپائيندڙ: حامي يادگار ڪميٽي خيرپور، سائيز، ملهه صفحا: ڊيمي، 25 رپيا، 148 صفحا، ٽائيٽل ڊزائين: قيوم منگي

پروفيسر عطا محمد حاميءَ جي شخصيت ڪنهن به رسمي تعارف جي محتاج نه آهي. پاڻ هر طبقي ۾ نهايت معتبر ۽ مقبول هئا. پنهنجي سڄي حياتي علم ادب جي خدمت سان گڏ، دکي انسانيت جي سهڪار ۾ گذاري ڇڏيائون. هن هر دلعزيز شخص جي ياد ۾ اڄ به دوستن سان گڏ هر شخص جي دل ڌڙڪي ٿي. سندس بيشمار محبتن ۽ قربتن جا نقش هر دل تي هميشہ تازا رهندا. پاڻ کي هميشہ ٻين کان حقير سمجهندڙ هن فقير صفت اسان جتي نهايت اثر انگيز شاعري ڪئي آهي، اتي کيس سچ چوڻ جي جرئت گهڻن کان گهڻي هئي.

ڪتاب ”حاميءَ جو ڪلام“ ۾ حاميءَ جي شاعري کي مختلف حصن ۾  ورهايو ويو آهي. پهرين حصي ۾ نظم ۽ ٻئي حصي ۾ غزل آهن. غزل واري حصي کي وري چئن ڀاڱن ۾ ورهايو  ويو آهي (الف) نئون دور (ب) پراڻو دور (ج) اردو غزل (د) سرائڪي غزل. ٽئين حصي ۾ ڪافيون،چوٿين ۾ قطعا ۽ پنجين ۾ رباعيون ڏنل آهن

ڪتاب جو پيش لفظ مشهور شاعر تنوير عباسيءَ ۽ مهاڳ نامياري اديب محمد علي حداد لکيو آهي، جيڪو هن ڪتاب جو مرتب پڻ آهي.

 تنوير عباسيءَ پنهنجي مهاڳ ۾ حامي صاحب جي ڪلام ۽ شخصيت جو مختصر جائزو ورتو آهي. تنوير عباسيءَ  جي لفظن، حامي پنهنجي حياتيءَ ۾ گهڻو بي پرواهه هو ۽ شاعريءَ جي باري ۾ تمام گهڻو لاپرواهه  هو. شعر  لکيو، مشاعري ۾ پڙهيو، بس ڪم پورو. شعر وارو ڪاغذ ڪو کڻي ويو يا ڪٿي ڦٽو ڪري ڇڏيو بس. اهو سڄو ڪريڊٽ  سندس شاگرد ۽ سنڌي ادب جي هڪ پرجوش ۽ مخلص  ڪارڪن محترم محمد علي حداد ڏانهن وڃي ٿو، جو هو وقت بوقوت حامي صاحب جو ڪلام جمع ڪندا ۽ سانڍيندا آيا آهن.

 49 صفحن جي طويل مهاڳ ۾ محمد علي حداد، حامي صاحب جي حياتيءَ ۽ ادبي سرگرمين بابت نهايت جامع معلومات ڏني آهي. مهاڳ پڙهڻ سان حامي صاحب جي سموري زندگيءَ جو نقشو اکين آڏو اچي وڃي ٿو. اهو مهاڳ حامي صاحب جي زندگي، اولاد، سير ۽ سياحت، مذهب، شخصيت، ادبي خدمتون، حامي صاحب جي شاعري بابت اسان کي  ڀرپور ڄاڻ  ڏئي ٿو. محمد علي حداد مختلف ڪچهرين يا فنڪشنس ۾ ٿيل حاميءَ بابت دلچسپ ڳالهيون لکيون آهن، جن مان خبر پوي ٿي ته حامي صاحب ڪيترو نه زنده دل ۽ دلچسپ طبيعت جو مالڪ هو.

حاميءَ جي ڪلام ۾ محبت، ايڪي، اتحاد ۽ همدرديءَ جا  جذبا سمايل آهن. هن جي مذهب ۾ نفرت ۽ حسد حرام آهي. اهو ئي سبب آهي جو هو هميشہ هر ڪنهن سان مٺڙن لفظن ۾ مخاطب ٿيندو هو. هن کان دنيا جا سڀ سوز وسري ويا. پر محبت ۽ وفا جا غم ڪڏهن نه وسريا:

سمورا سوز دنيا جا ويا ڪافور ٿي ”حامي“،

مگر مون کان محبت جا، وفا جا غم نٿا وسرن.

حاميءَ جي نظر ۾ انسان جي سڃاڻپ  ئي محبت سان آهي:

محبت سان ئي سچ پڇ آدمي انسان ٿيندو آ،

محبت جنهن ۾ ڪين آهي اهو حيوان ٿيندو آ.

اهو ئي سبب آهي جو حامي صاحب کي انهن کان چِڙَ هئي، جن کي نينهن جي ناتي جي سڃاڻپ نه هئي. باقي قرب وارن جو ته هو خاص غلام هو:

نينهن جو ناتو  جن نه سڃاتو،پير نه تن وٽ حاميءَ پاتو،

قرب محبت وارن آڏو پاڻ اچي هٿ جوڙي ٿو.

ان کان سواءِ ٻيا ڪيترائي اهڙا شعر ”حاميءَ جي ڪلام“ ۾ موجود آهن جن جي پڙهڻ  سان دل ساراهه کان سواءِ رهي نه سگهندي. هونءَ ته سندس ڪلام ۾ هر رنگ موجود آهي، پر محبت جو رنگ هر هنڌ نمايان نظر ايندو. تڏي جو مڙس ماڻهو هو، دشمن لاءِ به وڏيءَ دل سان  دسترخوان وڇائيندو هو:

خبر ڪهڙي ڏيان اي دوست ”حاميءَ“ وٽ هلي ڏس تون،

تڏي تي دل جي دشمن تان به هو قربان ٿيندو آ.

اڄ حامي، ظاهر طرح  اسان کان دور آهي، پر هن جون محبتون سدائين دل ۾ سايون رهنديون. هو ماڻهو ئي اهڙو هو جو شايد ڪنهن کان وسري سگهي:

حامي ٿياسون دور نظر کان ته ڇا ٿيو،

دل کان اسان کي دور رکي ڪير ٿو سگهي.

مجموعي طور تي ڪتاب ”حاميءَ جو ڪلام“ نه صرف حاميءَ جي ڪلام جو مجموعو آهي، پر سندس حياتيءَ جي مختلف پهلوئن جو ان ۾ تفصيل  سان ذڪر ڏنل آهي، جنهنڪري هن ڪتاب جي سنڌي ادب ۾ هڪ وڏي اهميت آهي. ههڙي بهترين ڪتاب جو هر علم دوست جي ڪتب خاني ۾ هجڻ ضروري آهي.

- ادل سومرو

سيرت القمر المنير ...

محترم الحاج رحيم بخش قمر جي ڪتاب مستطاب ”سيرت الخاتم الانبيا“ جي مطالعي جا نادر نقوش، اڃا دل ۽ دماغ تي نوان ۽ نڪور لڳا پيا هئا، ته مٿان سندن ٻيو ڪتاب لاجواب ”سيرت القمر المنير ...“ سهسين سرهاڻيون  ۽ سڳنڌون کڻي ماحول کي معطر ڪندو واصل ٿيو، جنهن کان دل کي گهڻو سرُور حاصل ٿيو. رنگين جلد جي ٻنهي پاسن تي، حضور پرنور  جي روضي اطهر جو، گلابي گل سان گڏ نظارو، نيڻ ٺار ۽ باعثِ بصيرت بڻجي ٿو، گنبذِ خضرا جي چوگرد نور جو حلقو ۽ مبارڪ منارو ڏسي، دل مان  دانهن نڪتي ته: ”منارا مير مرسل جا ڏسان شل ڏيهه مان ڏوري.“

ڪتاب جو انتساب عاشقِ رسول صه، سائين قمر الزمان شاهه  سان ڪيل آهي. مصنف قمر صاحب، ڪتاب قمر المنير ۽ انتساب قمرالزمان شاهه سان، ٽئين نسبتون  ڏاڍي مماثلت رکن ٿيون. فهرست ۾ جيڪي عنوان آندا ويا آهن، تن مان گهڻا ڀلاري ڀٽ ڌڻي جي بيتن جي تُڪن مان تيار ڪيا ويا آهن. مثلاً، سچن ڪونهي سوُر، اي آگي جا احسان، ٿورا نه ٿورا، ڪيوم نام نِهال، آيا آس ٿيام، ڄاپڻ وقت ڄام جي، سرها ٿيا سنگهار، ڀيڄ ڀني گهر آيو، وٺ ڪنجڪ ڪريم جي، واڳ ڌڻيءَ جي وس، جنت سندن جُوءِ ۽ سڄڻ سفر هليا، ٻين عنوانن ۾ وري صفت تجنيس سه حرصي  کي استعمال ڪيو ويو آهي: جهڙوڪ، ڇورن جو ڇپر، ميثاقي معاهدو، نرمل نبي جو نسب نامو ۽ مؤمنن جون مائرون وغيره. مهاڳ ۾ مصنف حمدِ خدا ۽ نعتِ نبي کان پوءِ پنهنجن ڇپيل ۽ انعام حاصل ڪيل ڪتابن جا نالا نروار ڪيا آهن. اسوه حسنه  جي عنوان هيٺً قرآن ڪريم جي آيتن ۽ انهن جي ترجمي  ڏيڻ، پارسي بيتن سان سينگاري نبي سائين جي مرتبي ۽ مان، شرف ۽ شان بي پايان جو بيان ڪيل  آهي. واحد جي واکاڻ ۾ ”قل هو الله احد اللهُ الصَمَدُه“ جي منظوم  ترجمي سان حق تعاليٰ جي تعريف ۽ تذڪرو آهي.

 ميثاقي معاهدي ۾ ”اَلَسٌتُ بِربّڪُمُ“ جي اجتماع ۾ انبياءِ ڪرام ۾ سچي سرور سائين جي مٿاهين مانَ جو احوال ان بعد حضرت خليل الله جي دعا، حضرت عيسيٰ جي بشارت، نبي سائين جو نسب نامون، ڏاڏاڻن جو خواهه ناناڻن جي  مبارڪ نامن سان عدنان کان وٺي وچور سان ڏنل آهي، تنهن پڄاڻان جدا جدا عنوانن اندر سندن ولادت باسعادت ۽ ان وقت ظاهر ٿيل حقيقتن کي ڀٽائي بادشاهه جي وائي، ”اکيون مينگهه ملار – صورت تنهنجي سڀ جڳ موهيو“ جي حوالي سان پنهنجي لکت کي مستند بنايو اٿن. ان بعد نبي پاڪ جي سڀني بيبين سڳورين  يعني اُمهات المومنين جو ذڪر خير امڙ خديجه الڪبريٰ کان وٺي امڙ سيده ماريته تائين ڏاڍي ڏانوَ سان ڏنل آهي. اجمالي خاڪي ۾ امهات المومنين جي نڪاحن، عمرين، وفات وغيره جا سن سال آيل آهن، پر خاڪي ۾ هڪ امڙ سيده ماريته جو احوال نه آندو ويو آهي. ٻئي ايڊيشن ۾ اهو احوال ضرور اچڻ گهرجي، ٻي هڪ ڳالهه الجهائي ٿي. قمر صاحب امڙ عائشه صديقه رضه جي بيان ۾ بات  ڪئي آهي ته سندن والد، ڏاڏو، ڀائر (حضرت عبدالله رضه، حضرت عبدالرحمان رضه ۽ حضرت محمد بن ابوبڪر رضه) رسول ڪريم جا صحابي هئا. مگر اڳتي هلي حجته الوداع جي حقيقت لکندي مصنف لکيو آهي ته حجته الوداع جي موقعي تي حضرت ابوبڪر صديق رضه کي بيبي اسماءَ رضه مان محمد بن ابوبڪر تولد ٿيو. ٿورو  ويچار ٿو ڪجي ته حجتہ الوداع کانپوءِ پاڻ سڳورا ذوالحج جا پويان ڏينهن ماهه محرم، ماهه صفر ۽ ماهه ربيع الاول جا يارنهن ڏهاڙا هن جهان ۾ رهيا ۽ 12 ربيع الاول تي برقعو مٽائي وڃي پنهنجي مالڪ خالق سان مليا. چئبو ته  ان وقت محمد بن ابوبڪر رضه جي عمر مبارڪ ٿلهي ليکي ٽن ۽ چئن مهينن درميان هوندي. اهڙي حالت ۾ محمد بن ابوبڪر رضه کي صحابي ڪيئن سڏبو؟ بهرحال اها حقيقت  سلجهائي  لکجي. هن کان پوءِ ڪتاب ۾ علحده  علحده عنوانن هيٺ حضور جن جي ” اسوه حسنه“، گهڻين شادين تي اعتراضن جا جواب ، سندن دنيا تي احسانن  خصوصاً عورتن، گگدامن تي ڪيل ڪرم نوازيون وغيره وڏي وستار  سان ورنن ڪيل آهن.

تنهن کان سواءِ ڪتاب  ۾ راوي صحابيات رضه، سندن اولاد اطهر فرزندن، نياڻين، ڏهٽن، ڏوهٽين، اصحاب صفه رضه، عشره مبشره رضه جا اسماءَ  گرامي ۽ جيڪي حضرات مدينته النبي ۾ حاڪم ٿي رهيا، انهن جا اسماءَ 1 هجري کان 96 هجري تائين آندل آهن. مديني منوره جا پهريان حاڪم پاڻ هئا ۽ 28 ويهون حاڪم ابوبڪر بن محمد هو. هاڻي گوبا ڪتاب جو اختتام ٿئي ٿو. تاهم آخر ۾ حضور جن جا پاڪ نالا سهڻي صورتخطيءَ ۾ سنڌي ترجمي سان لکيل آهن، جن جو مطالعو  ۽ ورد روح کي وڏي راحت رسائي ٿو.

ڪتابن (جن تان استفادو  ڪيو ويو آهي) جا نالا ڏسي چئي سگهجي ٿو ته مصنف هن ڪتاب لکڻ وقت  قرآن شريف، حديث شريف، تفسير، تاريخ ۽ رجال جا ڪافي ڪتاب نظر مان ڪڍيا آهن، جنهن لاءِ کيس جس هجي.

هي سڳورو ۽ سهڻو ڪتاب ڊيمي سائيز جا ٻن سوَن کان به مٿي صفحا والاري ٿو. ڪاغذ عمدو ۽ ڇپائي روشن اٿس. سندس هديو 25 رپيا گهڻو نه آهي. ڪتاب سنڌ جي سڀني ڪتب فروشن کان ۽ مصنف کان گلزار مسجد شريف نوابشاهه مان گهرائي سگهجي ٿو.

- احمد خان ”آصف“ مصراڻي

دنگيءَ منجهه درياهه

الطاف شيخ ۽ سفر نامو ساڳي ڳالهه ٿي پيا آهن الطاف شيخ جو نالو وٺجي ته سفر نامو ذهن ۾ اچيو وڃي. ڪو نئون ڪتاب سفرنامي بابت  مارڪيٽ ۾ اچي ته هڪدم اهو خيال اچيو وڃي ته اهو الطاف شيخ جو ته ناهي. منهنجي خيال ۾ الطاف شيخ جيترا سفرناما قلمبند ڪيا آهن، اوترا  شايد ئي ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڪُل سفرناما هجن. سندس ”منهنجو ساگر منهنجو ساحل “ کان وٺي ”دنگيءَ منجهه دريا“ جي سفر نامن جي سلسلي تائين الطاف ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻين جا ترجما به ڪيا آهن، پر سنڌي ادب جي ميدان ۾ جيڪو مجموعي اثر سندس سفر نامن جو ٿيو آهي، اهو ٻيءَ ڪنهن صنف ۾ شايد ئي ٿيو هجي. سندس سفر ناما پڙهڻ سان عام پڙهندڙن ۾ نه رڳو پڙهڻ لاءِ چاهه جاڳيو آهي، پر ڏيهه جي سفر ڪرڻ جو شوق به جاڳيو آهي ته سفر نامو لکڻ لاءِ به آماده  ڪيو آهي، جنهن جو مثال اسان پنهنجي ادب ۾ مختلف نالن سان مختلف سفر  ناما پسي سگهون ٿا. انهيءَ لحاظ کان الطاف نه رڳو پنهنجي سفر جي ذاتي تجربن ۽ واقعن کي قلمبند  ڪيو آهي، پر سنڌي ادب جا پڙهندڙ ۽ سنڌي ادب جا لکندڙ پڻ پيدا ڪيا اٿس. اهو ڪارنامو هن وڊيو جي دور  جڏهن ادب جا پڙهندڙ گهٽبا وڃن، نهايت ئي ساراهه جوڳو آهي.

 الطاف جو هيءُ ڪتاب ”دنگيءَ منجهه دريا“ 26 جدا جدا مضمونن تي ٻڌل آهي، جيڪي هندستان، بئنگڪاڪ، مئڊاگاسڪر، جپان،اسپين، انگلينڊ، ملائيشيا، فجي، سينگاپور، فرانس، آمريڪا ۽ سنڌ جي پس منظر ۾ لکيل آهن. هي ڪتاب باقاعدي سفر نامو ناهي، پر سفر جي دوران يا انهن هنڌن تي هجڻ جي دوران، اتان جي ڪن واقعن کي قلمبند ڪيو اٿس، جيڪي اتان جي روز مرهه جي زندگيءَ مان کنيل آهن يا ساڻس پيش آيا آهن. هن ڪتاب جي ڪن مضمونن ۾ ملڪن جي معلومات ڏنل آهي، جيڪا جاگرافيائي  ۽ سماجي، اقتصادي پس منظر ۾ آهي يا وري جهاز راني بابت معلومات ڏنل آهي. تنهن ڪري هن ڪتاب ۾ باقاعدي ترتيب ۽ تسلسل جي بدران هلڪين ڦلڪين ڳالهين جو ذڪر  جابجا ملندو.

الطاف جي ڪتابن جي اڀياس مان لڳي ٿو ته سندس شروعاتي سفر ناما سفر سان وڌيڪ ڀريل هوندا هئا، جن ۾ ’سفر‘ به هو ته ’Suffer‘ پڻ. انهيءَ جو ڪارڻ شايد  اهو هو جو هو مسلسل  سفر ۾ هو ۽ هاڻي جيئن ته Stationed Life گذاري ٿو، تنهنڪري مشاهدي لاءِ محدود افق هئڻ ڪري قلم کي ڪئنواس نٿو مليس. بهرحال سندس ڪتاب بنا روڪ هر ٻئي ٽئين مهيني ڇپجي پڌرا ٿيندا رهن ٿا. اهو  سندس لکڻ لاءِ موهه آهي، جيڪو پڙهندڙن جي ذوق جو پورائو ڪندو رهندو ۽ سنڌي ادب ۾ سفرنامن جي صنف کي مالا مال ڪندو رهندو.

189 صفحن تي مشتمل (دنگيءَ منجهه دريا جو مهاڳ ’ماڊرن ملاح‘ جي عنوان سان نصير مرزا لکيو آهي. ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جو پبلشر نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد آهي ۽ ملهه ٽيهه رپيا آهي.

- ولي رام ولڀ

 

 

 

 آديسي اُٿي ويا....

اي. ڪي. بروهي

جڳ مشهور قانوندان، ماهر وڪيل، معروف فلسفي، مشهور اديب ۽ مقرر، مسلمانن جي نشاته  ثانيه جي تحريڪ جي زوردار داعي، پاڪستان جي سفير عمومي ۽ قومي هجره ڪائونسل جي چيئرمن جناب اي. ڪي. بروهيءَ آچر ڏينهن 13- سيپٽمبر سن 1987ع مطابق 19- محرم الحرام سن 1408هه ۾، لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪئي. هو ڪجهه وقت کان دل جي عارضي ۾ مبتلا هو ۽ ڊاڪٽري معائنو  ڪرائي چڪو هو. آگسٽ جي ٽئين هفتي ۾ هو هڪ ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ  جنيوا ويو هو، جتي کيس ٻيهر تڪليف محسوس ٿي ۽ کيس لنڊن آندو ويو، جتي 5- سيپٽمبر کان 8- سيپٽمبر تائين  پنج آپريشن ڪرائڻ کان پوءِ، سندس حالت سڌرڻ لڳي. پر 8- سيپٽمبر تي مٿس ٻيهر حملو ٿيو ۽ کيس مصنوعي ساهه کڻڻ واري نظام جي ذريعي امداد پهچائي ويئي. 11 – سيپٽمبر تي سندس حالت ڪي قدر سڌري، پر مٿس ڪمزوري ۽ غشيءَ جو غلبو رهيو، جنهن عالم ۾ هن انتقال ڪيو. اناالله و انا اليہ راجعون.

بروهي صاحب هڪ غريب خاندان ۾، 24- ڊسمبر 1915ع ۾ ڳڙهي ياسين ۾ پيدا ٿيو، سندس والد ڪريم بخش بروهي پوليس ۾ ملازم هو. هو نهايت اورچ، همت وارو، صاف گو ۽ همدرد انسان هو. بروهي صاحب جي والده نيڪ سيرت، نماز روزي جي پابند ۽ نهايت شفيق خاتون هئي، جنهن پنهنجي اولاد جي سٺي نموني پرورش ڪئي.

بروهي صاحب ابتدائي تعليم ڳڙهي ياسين ۾ حاصل ڪئي ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ سنڌ مدرسته الاسلام ۾ داخل ٿيو، جتان مئٽرڪ پاس ڪيائين. هو نهايت ذهين ۽ خوددار شاگرد هو. ان کان پوءِ هن ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي ۽ بمبئي يونيورسٽي مان بي. اي. ۽ ايل. ايل، بي. پاس ڪئي. هن فلاسافي ۾ ايم. اي. به ڪئي. گرئجوئيشن  کان پوءِ هو سنڌ مدرسي ۾ استاد مقرر ٿيو، پر پوءِ  وڪالت شروع ڪيائين. تدريسي خدمتن  جي سلسلي ۾، هو سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ ٽي سال جيئور سپروڊنس ۽ آئيني قانون جو پروفيسر به رهيو. علامہ آءِ. آءِ. قاضي سان گهري لاڳاپي سببان سندس سوچ ۽ فڪر جون سرحدون وسيع ٿينديون رهيون، جن جي استحڪام ۾، ذاتي مطالعي ۽ خداداد ادراڪي قوتن سندس گهڻي مدد ڪئي. سندس ذاتي ڪتبخانو، ديني ۽ دنيوي جو علمن وڏو ڀنڊار آهي. پر سندس علمي پياس آخري دم تائين رهي، اهو مٿس الله جو فضل هو. بروهي صاحب سياست جي خارزار ۾ به طبع آزمائي ڪئي، پر هو سچ، حق ۽ صداقت  جو ساٿ ڇڏي نه سگهيو ۽ پوءِ هميشہ لاءِ عملي سياست کان پري رهيو، جيتوڻيڪ اهم قومي مسئلن بابت پنهنجي ماهرانه ۽ عالمانه راءِ اخبارن جي ذريعي ظاهر ڪندو رهيو. 1953ع ۾ مرڪزي حڪومت جي بيجا دخل اندازيءَ سببان، سنڌ اسيمبليءَ  کيس پاڪستان جي قانون ساز اسيمبليءَ جو ميمبر نه چونڊيو ۽ جناب احمد جعفر کي اهو اعزاز ڏنو، پر اپريل 1953ع ۾ جڏهن کيس مرڪزي وزارت ۾ کنيو ويو ته کهڙي صاحب جي جاءِ تي کيس ميمبر چونڊيو ويو. بهرحال بروهي صاحب 23- آڪٽوبر 1954ع تي وزارت تان استعيفا ڏني.

بين الاقوامي کيتر ۾ بروهي صاحب  پنهنجي علمي ۽ فڪري استعداد جو ڌاڪو ڄمايو. هو مذهبي ماڻهو يقيناً هو، پر انسان جي آزاد خيالي ۽ حالتن پٽاندر  اجتهاد جو زبردست حامي هو. اوائلي زندگيءَ ۾ ڪن درويشن جي صحبت، صوفي لٽريچر جي اڀياس ۽ ٿياسافسٽ انجمن جي سرگرم رڪن جي حثيت ۾، سندس سوچ ڪل مشربي ۽ حق جي تلاش طرف مائل هئي، ان ڪري سندس عملي زندگيءَ ۾ نيشنلسٽ رجحانن جو پرتو ڏسڻ  ۾ ڪو نه ايندو.1951ع ۾ اقتصادي ۽ سماجي ڪائونسل جي وفد جي سربراهي ڪندي سنتياگو  ويو ۽ ساڳئي سال اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾  پاڪستاني وفد جي وائيس چيئرمين جي حيثيت ۾ شريڪ ٿيو. 60-1961ع ۾ پاڪستان جي سفير جي حيثيت ۾ هن هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ بگڙيل لاڳاپن کي  ڪي قدر بحال ڪرايو ۽ سنڌو ماٿر جي آبپاشي واري معاهده لاءِ ماحول سازگار بنايو. پنڊت جواهر لعل نهروءَ سان سندس ذاتي طور نهايت خوشگوار تعلقات رهيا ۽ 1963ع ۾ هن هيگ (هالنڊ) جي پبلڪ انٽرنيشنل لا ائڪيڊمي ۾ ”ايشيا ۽ اقوام متحده“ جي موضوع تي  ليڪچر ڏنا ۽ 63-1964ع ۾ جنيوا يونيورسٽي جي انٽرنيشنل لا انسٽيٽيوٽ ۾ پڻ ليڪچر  ڏنا، ۽ اهڙيءَ طرح هن پاڻ کي بين الاقوامي قانون جي ماهرن ۾ تسليم ڪرايو. اقوام متحده  جي سيڪريٽري  جنرل جي خاص دعوت تي، بروهي صاحب فيبروري 1965ع ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ بين الاقوامي باهمي سهائتا (انٽرنيشنل ڪو آپريشن) جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. دنيا مان رڳو ڇهن دانشورن کي ڪوٺايو ويو هو ۽ ايشيا  مان اڪيلو بروهي صاحب شريڪ ٿيو هو. طبعتاً امن پسند ۽ انسانيت  جي ڀلائي ۽ بهبود جو پرجوش داعي هو. انسان جي عزت ۽ شرف جو کيس هميشہ اونو هوندو هو. اقوام متحده جي چارٽ کي عمل ۾ آڻڻ خاطر هن بين الاقوامي سطح تي گهڻيون خدمتون ڪيون. اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل جي دعوت تي هن ”اقوام متحده ۽ انساني حقوق“ بابت هڪ جامع رپورٽ  مرتب ڪئي، جنهن تي ”انساني حقوق جو سال“ ملهائڻ جي سلسلي ۾، تهران ۾ ڪوٺايل انٽر گورنمينٽل ڪانفرنس (1967ع) ۾ غور ڪيو ويو. بروهي صاحب، پاڪستاني وفد جي سربراهه جي حيثيت  ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ 1977ع ۾ شرڪت ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com