سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :19

 

جڏهن آءٌ عدالت مان ٻاهر نڪرندس ته منهنجي هٿ ۾ اوهان جو عطا ڪيل موت جو پروانو  هوندو ۽ جڏهن اوهين هتان نڪرندا ته اوهان جي هٿن ۾ ”سچ“ جي عدالت جا جاري ڪيل حيف ملامت جا پروانا هوندا. اوهان جي سياهڪاريءَ تي ڏنل فيصلا! ۽ جيئن مون پنهنجي سزا قبول ڪئي آهي، تيئن اوهان کي به پنهنجي سزا قبول ڪرڻي پوندي، بهرحال، هي ته اوس ٿيڻو ئي هو ۽ --

 

-- منهنجي خيال ۾ انعام بهتر ئي ٿيڻو آهي

 

-- سقراط

 ڪهاڻيون

”ڪهاڻي جي معنيٰ هر ڪنهن پڙهندڙ لاءِ ڌار ڌار آهي. اها معنيٰ مڪمل طرح سان خود ڪهاڻيءَ ۾ نه هوندي آهي. گهڻو ڪري فڪشن جو ڪو به ڪارنامو ٻن پڙهندڙن لاءِ بلڪل ساڳي ڪهاڻي نٿو هجي، هرڪو ان ۾ ڪجهه مختلف ڏسي ٿو. هو منجهس اهو ئي ڏسندو، جيڪو هن خود ۾ ڏسڻ جي اهليت هوندي. پڙهندڙن جي انهن مختلف رد عملن ۾ ايترو ته وڏو فرق هوندو آهي، جو ڪهاڻي هڪ شخص لاءِ بي معنيٰ ۽ ٻئي لاءِ تمام با معنيٰ هوندي آهي.“

-         لي آن سرميلين

 

چُڪَ

حميد سنڌي

سيٺ محمد هاشم، تور واري اسپرنگي ڪانٽي کي ڇڪي ڏٺو، پوءِ ان جو مٿيون هُڪ دروازي جي گول ڪڙي ۾ ڦاسايو ۽ پنهنجي نوڪر پروءَ کي سڏ ڪيائين:

”پرو! مال کڻي آ.“

پروءَ کلن جي ڍير مٿي تي کڻي اچي اوطاق جي اڱڻ ۾ اڇليو. سيٺ هاشم کلن جي ويڙهيل هَڙ جي ڳنڍ کولي ۽ هڪ هڪ کل ڪڍي ڇنڊيندو ٻاهر ڪندو ويو. ڪا کل اڇي ٻڪر جي هئي ته ڪا ڪاري جي ته ڪا وري ناسڙي رنگ تي هئي.

”پرو! ڪيئن ٿو ڀانئين رنگي جا رنگ، مال به ڀلو ته رنگ به ڀلا.“

پروءَ پنهنجا پيلا ڏند  ڪڍي ڪنڌ ڌوڻيو ۽ پوءِ وري مال واريءَ جاءِ ڏي ٻيو مال کڻڻ لاءِ گهڙي ويو.

سيٺ هاشم هڪ هڪ کل کي ڪانٽي ۾ چاڙهيندو ويو. ڳري تور تي ته ڪانٽو چريو پئي، باقي هلڪي سلڪي کل تي ته ڪانٽي جو اسپرنگ ئي نه پئي چريو.

” مار! ڪي بنهه هلڪيون آهن.“ سيٺ هاشم ڀڻڪيو. بندي کنيائين. تور لکيائين پئي ته سندس نظر سامهون پئي. محمد بچل بيٺو هو. ”هي وري ڪٿان آيو. هڪ ڪم جي مهل، ٻيو وري خيرات“ سيٺ هاشم وري آهستي ڀڻڪيو.

محمد بچل جو منهن لٿل هو. هڪ ته سنگل هڏي ماڻهو وري پيلو پڻ ٿيو پيو  هو. سيٺ هاشم کي قياس اچي ويو.

”ڪر خبر محمد بچل، سور تنگ ڪيو آهي يا پيٽ!“

”مزوريءَ تي ته لڳو آهيان، پر چيلهه جي سور ماري ڇڏيو آهي. ٻن ڏينهن کان ڪم تي به نه ويو آهيان. هڪ ٻچا بک تي، ٻيو هيءُ سور، اصل مري پيو آهيان. سيٺ . بس تو وٽان چُڪ ڪڍائي وڃان ٿو، ڏينهن ئي ڪو نه ٿا گذرن ته چيلهه وٺجو وڃي. پٺي اصل ڪمان ٿيو پئي، هاڻ ڪر ڪا سرداري.“

”محمد بچل بابا! مون ڪڏهن انڪار ڪيو آهي. تون مون وٽ مزوريءَ تي هئي ته به بنان پائي پئسي چُڪ ڪڍندو هئس. بيروزگار هئين ته به چڪ ڪڍيمانءِ ڏنئه يا نه، مون خيال نه ڪيو، باقي ڪم جي وقت ڪجهه ڏکيو ٿيو پئي. ڏسين ٿو، مال پيو توريان، اڃا کلن کي ويڙهي وري تور ڪرڻي آهي. هاڻ پروءَ کان به ڪم ڪو نه پڄي. ڇلي سو وٺي ٿو باقي ڪڏهن لوڻ به مان ڏيان ۽ صفائي تي به مان موڪليان. بُج لهيو اچن ته سڪائي به مال موڪليان. بس بنهه هڄي پيو آهيان.“

محمد بچل جو منهن اهو ئي پيلو ۽ سور به ڏاڍو پئي لکايائين. ڪا گهڙي محمد بچل بيٺو رهيو. سيٺ هاشم بس نه ڪئي، ۽ وري شروع ٿي ويو.

” تون به ڪم جي مهل اچين، اسان پيٽ جي ڪيون يا وتون ماڻهن جي چُڪ ڪڍندا. ابي ڏاڏي جو اذن مليل آهي، ان جو مطلب اهو ته نه آهي ته ابي ڏاڏي جو ڌنڌو به ڇڏي ڏيون. يار هينئر ته ڇڏ، ٻيءَ ويل اچجانءِ“

سيٺ بنديءَ تي حساب لکڻ ۾ لڳي ويو. ڪنڌ مٿي کنيائين، ته محمد بچل کيسي مان ڪجهه ڪڍي تريءَ تي کڻي رکيس، ۽ پنهنجي خشڪ چپن تي زبان ڦيرائڻ لڳو. کيس خبر هئي ته سيٺ مفت ۾ ٻرو به ڪونه ڏئي.

” يار بچل تون به زور آور آهين، مون توکان ڏوڪڙ ته نه گهريا، بار پيو چاڙهين، زور ڪرين ٿو ته پوءِ ٺيڪ آ. پرو! اچ ته سهين، محمد بچل جي چڪ ڪڍڻي آهي، هٿ ڌوئيو اچ.“

هن سوا رپيو سوگهو جهليندي چيو ۽ پوءِ ململ جي چولي جي ٻاهرين کيسي ۾ وجهي ڇڏيائين.

حقيقت ۾ سوا رپئي اذن جي مٺائيءَ سندس چهري تي رونق آڻي ڇڏي. هن يڪدم ڪونرو کنيو ۽ ويٺو هٿ ملڻ. سيٺ هاشم ابي ڏاڏي چمڙي جو واپاري هو. هاڻ وڏا ويچارا ويا گذاري، پاڻ به جهونڙو ٿيو هو، باقي ننڍن مان ڪنهن به اهو ڪم هٿ ۾ نه کنيو.”هي ته ڪم ڍيڍن جو آهي“، چئي ننڍا ڪي وڃي ڪهڙي ڪرت سان لڳا، ڪي ڪنهن سان، پر محمد هاشم اڃان سيٺ ئي هو ۽ اڪيلي سر چمڙي جي واپار سان دل لايو پئي آيو. ورهاڱي کان پوءِ چمڙي جي واپار ۾ جا موڙي آئي هئي، تنهن هڻي واپارين جا لاهه ڪڍي ڇڏيا هئا. اگهه بنهه پَٽ پيا هئا. جيئن سيٺ محمد هاشم خانداني چمڙي جو واپاري هو سو هوشياري سان ڪم هلائڻ لڳو. ڪوٺيءَ تي چار-ڇهه نوڪر هئس، اهي به ڪڍي ڇڏيائين. پاڻ ۽ پرو ٻئي سٺي وقت جي انتظار ۾ ڪجهه سال سودي، گذر سفر لاءِ ڪم ٽپائيندا هئا. ڪنهن مهل ڪو همراهه وٽس چڪ ڪڍائڻ ايندو هو ته سيٺڪي ڏيکاربي ضرور هئي، پر اندران خوش ٿيندو هو ته ابي ڏاڏي جو هُدو جيڪو مليل هوس، اهو به ڪمائي ڏيس پيو. سوا رپيو ماڻهوءَ تي ڏينهن ۾ ٻه-چار همراهه شهر توڙي ٻهراڙي جا ايندا هئس ته ٽڙي پوندو هو. هڪ ڌنڌي جي موڙي، ٻيو ڇوڪرا به ڇڏي ويس، گذر سفر لاءِ اهو چُڪ ڪڍڻ وارو ڌنڌو منجهس روح ڦوڪي ڇڏيندو هو. هو جيئن مٽيءَ مان هٿ مَلي، ڌوئي، صاف ڪري اُٿيو ته پرو به پوتڙي سان هٿ اگهندو آيو. سيٺ هاشم اوطاق ۾ اندر ويو ۽ دري کولي، ڪٻٽڙيءَ مان انگوڇو ڪڍيائين ۽ ناسي رنگ جو مر چڙهيل شيشو ڪڍيائين. انگوڇو پروءَ کي ڏنائين، جيڪو بيٺو ان کي وٽڻ ۽ پوءِ وات ۾ ان جي پڇڙي جهلي ائين وٽيائين جهڙو نوڙ. انهيءَ وچ ۾ سيٺ هاشم تيل جو چنبو ڀري، بچل جو پلو پري ڪري پٺيءَ تي کڻي هنيو ۽ بيٺي پير مالش وارو هٿ هڻي. ور ڪري وٽيل انگوڇو چيلهه کي سندرو ٻڌائينس ۽ ڇڪي آيس اوطاق کان ٻاهر. وٽيل پوتڙي جو هڪ ڇيڙو پاڻ جهليائين ۽ ٻيو پروءَ ڇڪيو هو. ويا ڇڪيندا ۽ پڃل ويو ڌرتيءَ ڏانهن جهڪبو. سيٺ هاشم جڏهن ڇڪي بيٺو ته رڙ ڪيائين، ”چڪ ڪڍائن“.

محمد پڃل ڪنجهيو ”ها“

” چڪ ڪڍائن“..پڃل ور ڪيو چوي ’ها‘ هو ٻيڻو هو چيلهه جي سور کان بنهه پگهرجي ويو هو.

جيئن ته سيٺ هاشم ۽ پرو ڇڪي جهليو هوس، هو ڪنجهڻ لڳو ۽ پوءِ آهستي آهستي هو واپس سڌو ٿيڻ لڳو ۽ سمجهائين پئي ته هو هاڻ آرام سان سڌو ٿي پئي سگهيو.

سيٺ ۽ پرو آهستي آهستي وٽيل پوتڙي کي ڍرو ڪندا ويا، تان ته محمد پڃل سنئون سڌو ٿي بيهو رهيو ۽ پوءِ جيئن هنن  چيلهه مان پوتڙو ڪڍيو ته محمد پڃل  ائين ڀڳو ڄڻ ڇنائي ڀڳو هجي. هو ڊوڙندو وڃي ۽ نئڙي زمين تان ڪا ٺڪري يا پٿري کڻي وري سڌو ٿي پٺيان اڇليندو ويو. ائين ڊوڙندو ويو  پي ۽ ور ور نئڙي ٺڪريون کڻندو  پٺيان اڇليندو رستي جي موڙ وٽان غائب ٿي ويو.

سيٺ هاشم  ٿڌو ساهه کنيو. ” پرو هاڻ هل ڪم کي وٺ ٻيا ويٽا کڻي آ. ڀيڻسان هيل مال پشمي ڏاڍو آهي ڪئنرو به آهي ته بُج به ڏاڍي اٿس. ڳائو مال  اڃا نه کڻي اچجانءِ. پهريائين ٻاڪرو توري وٺان. پڃل ڀلي ڊوڙ ڀڄائي، موٽي اچي ته احوال وٺونس ٿا.“

سيٺ هاشم کليو؛ پروءَ ور ڪري پيلا ڏند ڪڍيا ۽ هاشم ڪنڌ ڌوڻي اوطاق ۾ ويو، جت  تور اڌو گابري پئي هيس. هن کلون ور ڪري ويڙهيون. ڳنڍ ڏئي هڙ ڪري ٻڌائين، پوءِ  ڪانٽي جي هُڪَ ۾ هڙ اٽڪايائين. ڏٺائين هُڪ ڇڪجي  هيٺ هليو ۽ ڳپل تور ڏيکاريائين. سيٺ هاشم ٽڙي پيو ؛ هُن هڙ ڇڪي ڪانٽي جي ڪڙي مان ڪڍي هيٺ اڇلي، ان سان گڏ پروءَ اچي ٻي هڙ سامهون اُڇليس ۽ پاڻ تڪڙو وري کلن واري ڪوٺيءَ ڏانهن هليو ويو، سيٺ هاشم جيئن سٽ ڏئي نئڙيون ۽ نئين هڙ کي کولڻ بنهه ڄمي  ويو. هڪ سور جي ٽاٽ هئي، جا ڪنڌ کان هلي پٺيءَ  جو ڪنڊو ٽپي چيلهه وٽ اچي بيهي رهي. هو جيئن نوڙيو ته سڌو نه پئي ٿي سگهيو. سڄو پگهرجي ويو.نراڙ تي پگهر جون بوندون چمڪڻ لڳيون هيس، ائين پڃل سهڪندو اوطاق جي اڱڻ ۾ داخل ٿيو. آواز نه پيو نڪريس، پر ٽڙيو پئي.

”سيٺ، واهه واهه ٿي وئي، ڏس نوبنو پيو لڳان ۽ هي ڏس...“ محمد پڃل، جيڪو اڳ ۾ شيخ ٿيو پيو هو، سو آرام  سان نئڙيو وري سڌو پئي ٿيو. وري نئڙي وري سڌو پئي ٿيو، ڄڻ چاٻي اچي وئي هجيس. ائين سندس نظر سيٺ هاشم جي بيهڪ تي پئي. هو پاڻ به ڄمي بيهي رهيو. هو انهيءَ پوز کي ڏسي رهيو هو، جيڪو اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هئائين. هو ڇرڪندو اڳتي وڌيو، هٿ لاتائينس، سيٺ هاشم شِيخ ٿيو بيٺو هو. هُن ههڙي زبردست  بي رحم ماڻهوءَ کي بيوس ۽ لاچار ڏٺو ته حيرت ٿيس. هيءُ سيٺ ته اهو سيٺ هو، جو مزورن لاءِ موت ۽ سندن مزوري ائين ڳهي ويندو هو جو هو ڪجهه ڪڇي نه سگهندا هئا. اڄ هو لاچار بيٺو هو، نه چُري نه پُري. سندس ڌڪيل سنوان  ڪو نه ٿيا هئا. غريب غربي جو پويون ڏينهن هو. اڄ ڪو قدرت وٺ ڪيو هوس.

محمد پڃل کلڻ تي هو پر نه کليو.

مزور ماڻهو، سيٺ هاشم وٽ به ڪي سال ڪمائي ويو هو. اڳيان موچڙا به پئي سجهيس. هو ڪا گهڙي سوچيندو رهيو. پوءِ يڪدم رڙ ڪيائين، ”اڙي پرو! وارو ڪر سيٺ وٺجي ويو آهي، اڙي وارو ڪر.“

ائين چئي ڊوڙ پائي اندران انگوڇو کڻي آيو ۽ وٽڻ لڳو، جيئن پرو وٽيندو هو. پوءِ هڪ ڇيڙو وات ۾ جهلي، وٽي نوڙي وانگر تيار   ڪيائين. ائين پرو مال واريءَ جاءِ مان جتي کلن واري ڪوٺي پڻ هئي، ڊوڙندو نڪتو. جيئن سيٺ جو اسٽل پوز ڏٺائين ته الائجي  ڇو سندس پيلا ڏند نڪري آيا ۽ ٽهڪ ڏيڻ  تي هو، جو پڃل اچي آهستي چيس:

”ڀيڻان نه کلجانءِ، بي موت مارجي ويندين. سيٺ فوٽو ڪو نه پيو ڪڍائي، چُڪ پئي اٿس چُڪ!“

پروءَ جا پيلا ڏند لڪي  ويا. هو وڌي ويجهو اچي بيٺو. سيٺ ڪڇي ڪو نه پيو سگهي. هاڻ ته زبان بيهي وئي هيس. سڄو بت ڪمان مثل ڇڪجي ويو هوس. نه چري پيو نه ڳالهائي پيو. سندس اکيون ڦريون پئي. هو ائين ڄميو بيٺو هو، ڄڻ سياري جو سٽيل هجي ۽ ڄمي پارو ٿي ويو هجي.

پرو ته هراسجي ويو هو، پر پڃل حرڪت ۾ هو. هُن مَرُ چڙهيل شيشي مان تيل جي لپ ڀري سيٺ جي چيلهه تي ملي. پوءِ مالش جو هٿ هڻڻ لڳو. هاڻ سيٺ ڪنڌ ڌوڻڻ  لڳو، هڪ ٻانهن چورڻ لڳو. اشاري سان منع ڪيائينس. پر پڃل هڪ ڪاريگر وانگر ٻه ٽي اهڙا مهٽا چاڙهيس جو سيٺ جو ڪنجهڻ به بند ٿي ويو ۽ ٿڌو ٿيڻ لڳو. پڃل  وٽ ڏئي وٽيل سٽيل انگوڇو چيلهه کي سندري وانگر ٻڌي، پروءَ کي اشارو ڪيو ته اچي ٻئي پاسي کان ويٺس ۽ ڇڪيس. پر پرو پري بيهي رهيو. پوءِ ڪنڌ سان اشارو ڪيائينس ته ائين نه ڪر.

”پرو وارو ڪر نه ته سيٺ ويو پيو اٿئي. جلدي ڪر همراهي ڪراءِ.“ پرو ڪا گهڙي سوچيو، پوءِ وڌيو. سيٺ وري ڪنڌ ڌوڻيو. گهڻي هون هون ڪئي. پرو ڇرڪيو پر پڃل ٻانهن کان وٺي قابو ڪيس ۽ انگوڇي جي هڪ ڪنڊ ڏنائينس ۽ پاڻ  ٻئي پاسي ڇڪڻ لڳو. آهستي آهستي  ڇڪڻ لڳا، پر سيٺ نه ڪو جهڪي نه ڪو ڇا. پڃل تڪڙ چوڻ شروع ڪيو:

”چڪ ڀڃانءِ سيٺ! چڪ ڀڃانءِ—سيٺ چڪ ڀڃانءِ؟“

هوڏانهن ڪو به ڦوٽ ٻوڏ جو اهڃاڻ به ڪو نه هو. پڃل سٽ ۽ زور ڏئي کيس نئڙايو پر سيٺ انهيءَ سٽ سان ٻوٿ ڀر وڃي کلن ۾ ڪريو. پڃل ته انگوڇو ڇڏيو، پر پرو ٽپ ڏئي وڃي پري بيٺو ۽ رڙيون ڪرڻ لڳو.

”الا ڙي بابا ڙي! سيٺ مري ويو-- اڙي سيٺ مري ويو --  پڃل! سيٺ اڌ رنگي ۾ مري ويو. اٿئي اڌ رنگي ۾ چڪ ڪانهي اڙي! چڪ ڪانهي- !“

پڃل هاڻ هراسجي ويو هو. سڄي حڪمت ۽ چڪ ڪڍڻ وارو شوق هوا ٿي ويو هوس. هو آهستي وڌيو ۽ سيٺ کي ڪنڌ کان وٺي مٿي کڻڻ جي ڪيائين. هو کيس سنئون ڪري نه سگهيو. هو ڪا دير کيس کڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ۽ انهيءَ ويڙهه سيڙهه ۾ سيٺ ته کلن ۾ جهڙوڪر ويڙهبو ويو. هن آخري ڪوشش ڪئي. هو کيس فرش کان ڪا دير مٿي جهلي بيٺو. هاڻ ته سيٺ جي چهري تي زندگيءَ جو واقعي ڪو اهڃاڻ نه هو. هن سيٺ کي جيئن واپس فرش تي ڇڏيو ته سندس نظر ململ جي چولي ۾ پيل انهيءَ سوا رپئي تي پئي، جيڪو هن صبح جو بکئي پيٽ، ٻچن کي نه کارائي به سيٺ جو ڏن ڀريو هو.

سيٺ جيئن واپس ٻوٿ ڀر ڪريو ته هن به هٿ وجهي ململ جي چولي مان سوا رپيو ڪڍي ورتو. هن هيڏانهن هوڏانهن نهاريو، اڃا اوطاق ۾ ڪير نه پهتو هو. هن جيئن سوا رپيو کيسي ۾ رکيو ته سندس هٿ ڏڪيا پئي ۽ سندس پيشاني ايستائين پگهرجي به وئي هئي. هو پوءِ تڪڙو اوطاق جي ٻاهرين در تائين پهتو ۽ ور ڪري پٺيان نهاريائين. سيٺ ائين ئي کلن ۾ ويڙهيو  پيو هو. پڃل کي ان ويلي هن ئي اوطاق تي ڳالهيرن جي کنيل انهيءَ بادشاهه  جي ڳالهه ياد آئي، جيڪو ظالم ۽ ڏوهاري ماڻهوءَ کي جيئري ئي کلن ۾ ويڙهي ڇڏيندو هو. هاڻ هو جيئن واپس وريو ته  سندس وک شاهاڻي هئي.


 

ڪاغذي ڪمال

نجم عباسي

”يار، واڌايون هجنئي!“

”واڌايون!“

”ها،واڌايون، واڌايون!“

”ڇا مطلب؟ ڇا جون واڌايون؟

”سڄڻ، بس واڌايو!“

”پر ڪهڙي خوشيءَ ۾؟ ڪنهن قومي دشمن جو اڏو ناس ٿيو آهي يا ڪنهن طبقاتي دشمن کي شڪست آئي آهي؟“

”سڀڪجهه ٿيو آهي!“

”پر نيٺ ڇا ٿيو آهي؟“

”صوبيدار کي مارائي ڇڏيم. هڪ ظالم صوبيدار کي مارائي ڇڏيم.“

”صوبيدار کي مارائي ڇڏيهءِ! پر به ان لاءِ مون کي مبارڪون ڇو؟“

”تون به ته پوليس جو سَٽيل ۽ ستايل آهين، سو اهڙي خبر ضرور تنهنجي سرهائيءَ جو ڪارڻ ٿيندي.“

”لکندي لکندي توکي اهو خيال ڪيئن آيو، اها يادگيري ڪيئن آئي؟ ڇڏ، مون کي اخبار پڙهڻ ڏي ۽ پاڻ به لکڻ جو ڪم جاري رک.“

”يار، مون هيڏو وڏو ڪارنامو ڪيو آهي ۽ تون تفصيل به نٿو پڇين؟“

”چڱو ڀائو، ٻڌاءِ، تو هن صوبيدار کي ڇو مارايو؟ ڪڏهن مارايو؟ ڪٿي مارايو؟“

”يار، ترس، هڪ وقت هڪ سوال؟“

”منهنجو سڄو ذهن اخبار ڏي آهي. پاڻ ته آهيون، ڪارڪن، سو اخبار ۾ هلندڙ سياسي هلچل جي ڪاررواين جو پيو پڙهان. ان ڪري ته مان توکي چوندو آهيان ته توهان اديبن وٽ رڳو ڳالهيون آهن. ڪجهه ميدان تي به نڪرو ته دنيا جي خبر به پئيو ۽ توهان جي لکڻين ۾ اثر به پيدا ٿئي. بهرحال، ٻڌاءِ تو هن کي ڇو مارايو؟“

”ٻهراڙيءَ وارن تي ڏاڍا ظلم ۽ زيادتيون ڪندو هو. هنن تي ڪوڙا فرياد ڪرائي ۽ بي بنياد الزام هڻي ٿاڻي ۾ بند ڪندو هو ۽ وحشي عذاب ڏيندو هو، ۽ نيٺ رشوت وٺي ڇڏيندو هو. وڏيري سان ٻٽ ٿي، ڳوٺاڻن جا گهر ٻار تباهه ڪندو هو. هنن جي نياڻين جي لڄ لُٽيندو هو، مردن آڏو هنن جي زالن جي بي عزتي ڪندو هو. وڏي ڳالهه ته هن جي پنهنجي قوم وارا سچ پچ ڏوهاري هوندا هئا ته به هنن کي ڇڏي ڏيندو هو ۽ انهن ڏوهن جو هتي جي ماڻهن تي الزام هڻي، هنن کي ڪاٺ ۾ وجهندو هو. پنهنجي قوم وارن جي چوڻ تي هتي جي ماڻهن کي ڏاڍو هيسايائين، هنن تي ڏاڍايون ڪيائين. نيٺ هتي جي ماڻهن صلاح مصلحت ڪئي ته ائين ته اسان جو پنهنجي ئي گهر ۾ جهڳو جهڻ ٿي ويندو، ان ڪري گڏجي، رٿابندي ڪري هٿيار هٿ ڪيائون.“

”ڀلا تو هن کي ڪڏهن ماريو؟“

”هينئر هينئر!“

”هينئر هينئر! پر ڪٿي؟“

”هن ڪهاڻي ۾، جا هينئر لکي پوري ڪئي اٿم!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com