سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :8

        پاڻ سڳورا صلعم راتين جون راتيون دير تائين الله پاڪ جي عبادت ڪندا رهندا هئا. سندن پير مبارڪ سُڄي  پوندا هئا. عام ماڻهو ائين سمجهندا هئا ته سندن عبادت مشيت الاهيءَ جي ڪري آهي، مگر جيئن ته الله پاڪ کين گناهن کان پاڪ ڪري ڇڏيو هو، انهيءَ ڪري ايتري تڪليف واري عبادت جي ضرورت ڪانه هئي. ليڪن پاڻ سڳورن انهيءَ شڪ ۽ گمان کي دور ڪرڻ لاءِ فرمايو هو ته انهيءَ عبادت جو مقصد صرف ”الاهي محبت“ آهي، انهيءَ ڪري صوفين ”محبت الاهيءَ“ کي پنهنجي حياتيءَ جو مقصد بڻايو.

        سلطان الااولياء خواجه محمد زمان رحه صوفي صادق هئا ۽ پاڻ ”محبت الاهيءَ“ جي مقصد کي پنهنجي حياتيءَ جو سڀ کان اولين مقصد بنايائون. انهيءَ باري ۾ خواجه صاحب پنهنجي هڪ بيت ۾ چون ٿا، ته زندگيءَ جو مقصد عشق الاهي آهي ۽ عشق جو مذهب خدا تعاليٰ جي نگاهه ۾ سڀ کان افضل آهي. پاڻ چوي ٿو:

آهي عُشّاقَنِ جو، مذهبُ مشتاقنِ،

جِن ڪَڏهمِ ڪِينَ پَسَنّ، هيين سين هوتَنِ ري.

        سلطان الاولياء جو چوڻ آهي ته ”محبت الاهي“ راز – حيات آهي. جيڪڏهن هُن جي دل ۾ جاءِ نه آهي، ته پوءِ اها گوشت جو هڪ بي جان ٽڪرو سمجهڻ گهرجي. ”محبت الاهيءَ“ واري منزل تي اُهي ئي رسندا، جن پنهنجو تَنُ ۽ مَنُ رب جي محبت طرف رجوع ڪيو هوندو. جيئن پاڻ انهيءَ سلسلي ۾ تجريد ۽ تسليم ڏي اشارو ڪندي فرمائن ٿا:

تانِسين توُن نه فَقيِرُ، جانسِين سَانگُ سِسِيَ جو،

ماڻِئو تَن، مَليرُ، جَنِ جُسو مالُ مُبَاحُ ڪِئو.

        دراصل ”محبت الاهيءَ“ جو مقصد هيءُ آهي ته انسان جي زندگي سميٽجي هڪ خاص مرڪز تي اچي ۽ سندس رڳ رڳ پڪارڻ لڳي، ته منهنجي نماز، قرباني، زندگي ۽ موت انهيءَ پروردگار عالم لاءِ ئي آهن. پوءِ ئي هو موحد بڻجي پوندو آهي ۽ هو هر وقت اهو محسوس ڪندو آهي، ته خدا منهنجي سامهون آهي ۽ هو مون کي ڏسي رهيو آهي. پوءِ هن جي اڳيان دنيا جي ڪابه قيمتي شيءِ ڪا حيثيت نه رکندي آهي. انهيءَ جي عيوض هن کي ”عرفان“ حاصل ٿيندو آهي ۽ ”عارف“ دنيا جي حقيقت کان واقف ٿي ويندو آهي. اهوئي سبب آهي، جو الله جي سچن عاشقن کي هڪ پَلُ به الله جي محبت کان سواءِ آرام حاصل نه هوندو آهي ۽ کين هر وقت هن مالڪ حقيقيءَ جي يادگيري رهندي آهي. خواجه صاحب انهيءَ ساري ڪيفيت جو بيان هنن لفظن ۾ ڪري ٿو:

سَڄَڻُ ڏِٺو جَن، تن ڏسڻُ غيرُ گُناهه،

جَنِين لَڌي راهه، وِهَڻُ تَنِين وِههُ ٿيو.

        خواجه محمد زمان رهه الله جي محبت جي راهه ۾ سالڪ کي ٻڌائي ٿو، ته عارف ۽ عشاق پنهنجي محبت جو ثمر محبوب جو ديدار ۽ مشاهدو ماڻڻ پسند ڪندا آهن، باقي سڌڙيا، جي صرف جنت جا طالبو ٿين ٿا، يعني دل م خواهش جي تمنا اٿن، سي هن ئي دنيا ۾ حقيقي محبت جي راهه کان اورتي ئي رهجي ويندا آهن. جيئن پاڻ فرمائي ٿو:

عَارفَ ۽ عُشّاقَ، پَسڻُ گُهرن پِري جو،

جَنّتَ جا مُشتاقَ، اڃا اوراهان ٿيا.

        صوفين وٽ رضا الاهي مقصود آهي. هو پنهنجي ذاتي نفس لاءِ هن دنيا ۾ رهڻ پسند نه ڪندا آهن. سچن صوفين ۽ درويشن جو هن فاني جهان ۾ زنده رهڻ به صرف خدا لاءِ ئي هوندو آهي. خواجه صاحب اهڙن نيڪ ۽ صاحب دل بزرگن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو:

پِريان جي پَچَارَ ۾، اچي جَنِ آرامُ،

دُنيَا تَن کي دامَ، پُڇَنِ مَوسمِ موَت جِي.

        سلطان الاولياء انهيءَ مٿئينءَ بيت ۾ ”محبت الاهيءَ“ ۾ غرق ٿيڻ کان پوءِ طالب جي حالت بيان ڪئي آهي. دراصل هن بيان ۾ اُن سالڪ جو ذڪر ڪيو ويو آهي، جنهن جو نفس خدا جي يادگيريءَ سان سانتيڪو ٿيل هجي. سالڪ دنيا جي ڪنهن به شيءِ سان محبت نه رکندو آهي. هن فاني جهان جو مانڊاڻ هن لاءِ قيد خانو هوندو آهي. انهيءَ ڪري ئي هو موت جو طالب ٿيندو آهي ۽ اهو ئي رستو هن کي محبوب حقيقيءَ سان ملائيندو آهي. انهيءَ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ”مطمئنه يعني سانتيڪو ۽ ستيل نفس هميشه خدا جي طرف دائمي توجهه ڏياري ٿو. انهيءَ ڪري سالڪ چاهيندو آهي، ته موت وقت سندس لاڙو خدا جي طرف هجي.

        ”محبت الاهيءَ“ جي سلسلي ۾ خواجه صاحب هڪ ٻئي بيت ۾ فرمائن ٿا ته جيڪڏهن حق جو طالب هن ساري دنيا ۽ آخرت جي تمنا ڇڏي، صرف پنهنجي محبوب حقيقي جي طرف متوجهه ٿئي ٿو، ته پوءِ هن لاءِ اهو سودو مهانگو آهي. ان متعلق شيخ سعدي رحه ڪهڙو نه سچ چيو آهي:

رايگان است يک نفس با درست،

که بدنيا و آخرت بخري.

سلطان الاولياء پڻ اها ساڳي ڳالهه هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:

ڇَڏيَان هيءُ جهانُ، هُو پُڻ گهوري گهورِيان،

پَلڪُ پِريان سان، جي مُون سَري جيڏيُون.

        سچ پچ اهائي رضا الاهيءَ جي واٽ آهي، جيڪا صوفين ۽ مشائخن جو آخرين مقام آهي. ليڪن ان ۾ رهبانيت جائز نه آهي. دنيا کان لڳ لاڳاپا ٽوڙي گوشي نشين ٿي ويهي رهڻو نه آهي. سالڪ شادي به ڪري، کائي پئي، دنيوي اجاين ڪمن کان به پري رهي ۽ الله جي بندن سان ميل ميلاپ رکندو رهي. صرف اهو خيال رکڻو اٿس ته دنياوي شين سان زياده مانوس نه ٿئي ۽ انهن جي اشڪنجي ۾ جڪڙجي پنهنجي حقيقي محبوب کي وساري نه ويهي. مگر هر ڪم ۾ رضا الاهيءَ جو طلبگار رهي ۽ اهو ئي نُڪتو آهي، جو انساني زندگيءَ جي مرڪزي محور کي ڦيرائيندو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ سلطان الاولياء فرمائن ٿا.

دل کڻُ دينَ دنيا کان، دل ۾ دوسُ رهاءِ،

لوچي لالَن لاءِ، دُور ڪَر دارينِ کي.

        جڏهن سالڪ جي زندگي ان طرح سان بسر ٿيڻ لڳندي، ته پوءِ هُن جي جذبن ۽ احساسن ۾ پڻ تبديلي اچي ويندي آهي ۽ سندس هر ڪم عبادت ۾ شمار ٿيندو آهي. سندس سموري دنيوي حياتي ”عبادت الاهي“ جو هڪ جُز بڻجي ويندي آهي ۽ صحيح معنيٰ ۾ ”ايمان باالله“ جو نتيجو محبت الاهيءَ جو مظهر هوندو آهي. ليڪن سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته بندي کي ”الله جي محبت“ جي عملي راهه ڪيئن حاصل ٿيندي آهي؟ ان لاءِ مولانا ابوالڪلام ”آزاد“ قرآن پاڪ جي تفسير ”ترجمان القرآن“ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته، ”خدا جي محبت جي راهه هن جي بندن جي محبت ۾ ملي ٿي. جو انسان چاهي ته خدا سان محبت ڪريان، ته هُن کي گهرجي ته خدا جي بندن سان محبت ڪرڻ سکي.“ صوفي بزرگن انهيءَ طرح سان ”محبت الاهيءَ“ جي عملي راهه اختيار ڪئي آهي. هنن ڀلارن ۽ نيڪ انسانن جي سموري حياتي الله جي مخلوق کي فيض ڏيڻ ۾ گذرندي آهي. هنن جو ڏينهن توڙي رات، عام انسانن جي دلين جو رشتو خدا سان ڳنڍڻ ۾ گذرندو آهي ۽ اهو ئي هنن جي زندگيءَ جو مول مقصد هوندو آهي. حضرت سلطان الاولياء رحه جي تمام زندگي ڀٽڪيل انسانن جي دل جي ٽٽل تار کي خدا سان ڳنڍڻ ۾ گذري. خواجه صاحب خود پنهنجي هڪ بيت ۾ چون ٿا ته انهن نيڪ ۽ صاحب دل ماڻهن وٽ هلي وڃ، جيڪي ”محبت الاهيءَ“ جي شراب جي سُتي ڀري ڏين ٿا، يعني ”محبت الاهيءَ“ جي راهه ۾ ڪامل مرشد جي طلب ڪر، جنهن جي صحبت مان انهيءَ محبت جي شراب جو هڪ ڦڙو به حاصل ٿئي ٿو. پاڻ جيئن چوي ٿو.

اَکَرُ پَڙُهه عِشقُ جو، ڪُنُزُ قُدُو ري ڇَڏ،

چَڙُهه تَنِين جي مَڏِ، جي سُتِي ڏينِ شراب جي.

        جڏهن سالڪ کي انهيءَ محبت جي شراب جي سُتِي نصيب ٿئي ٿي، ته پوءِ هُن جو نفس اجاين خيالن کان آزاد ٿئي ٿو ۽ هو ننڊ ۾ ملڪوتي سير ڪري ٿو. هُن جو روح بيداريءَ توڙي ننڊ ۾ جاري رهي ٿو. خواجه صاحب جيئن فرمائي ٿو:

سُتِي اِن شرابَ، جن سَرِي سي سونُ ٿِئا،

سمهڻ تَنِ ثواب، ڪَتڻُ تَنِ کي ڪِيميا.

        امام غزالي رحه ”احياءُ العلوم“ ۾ دل جي اصلاح تي سڀ کان زياده توجهه ڏنو آهي، يعني دل جڏهن انساني خواهشن کان بلڪل پرهيز ڪري ٿي، تڏهن ئي هُن جي دل کي مڪاشفو حاصل ٿئي ٿو. اِها اُها منزل آهي، جا خدا جي ڪامل شخصن کي حاصل ٿيندي آهي ۽ اها ئي ”نبين“ جي پيروي آهي، ڇاڪاڻ ته نُوري روشني حاصل ڪرڻ کان اڳ ۾ خواهشن کي ترڪ ڪرڻو آهي. شيخ سعدي ان لاءِ ڪهڙو نه سچ چيو آهي:

سعدي حجاب نيست تو آئينه صاف دار،

زنگار خورده کي بنمايد جمال يار.

يعني اي سعدي! حقيقت ۾ حجاب ڪونهي، تون رڳو پنهنجي اندر جو آئينو صاف رک، ڪَٽُ چڙهيل آئينو يار جي سُونهن کي ڪيئن ڏيکاريندو؟

        هڪ ٻئي عارف جو قول آهي:

چو مراه دلرا دهي تو صفا،

شوي صاف صوفي ببيني خدا.

يعني جڏهن تون پنهنجي دل جي آرسي صفا ڪندين، تڏهن ئي تون صاف صوفي ٿيندين ۽ خدا کي ڏسندين.

        انهيءَ سموري مضمون کي خواجه سلطان الاولياء رحه هنن لفظن ۾ ورجايو آهي:

صوفين صاف ڪِئو، ڌوئي ورق وجود جو،

تڏهن تِنِ ٿِئو، جيِتري پَسڻُ پِري جو.

        الله جا عارف پنهنجي اکين سان محبوب حقيقيءَ جو ديدار پسند ڪندا آهن. سندن اک ذات الاهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڏسڻ گوارا نه ڪندي آهي. هو هميشه بصيرت واري نظر سان محبوب جو جلوو پسندا رهندا آهن. پر جي ڪنهن وقت سندن لقب تان اهو تجلو ڍرو ٿي ويندو آهي، ته هو افسوس ۽ ارمان ڪندا آهن. خواجه صاحب فرمائن ٿا:

نڪي اوڏو اک کي، نڪي نظران ڏُور.

وڃان ان وهلور، جن ڏٺوئي اڻ ڏيٺ ۾.

        ساڳيءَ ريت صوفين جو اهو به قول آهي ته جڏهن خدا تعاليٰ ڪنهن کي پاڻ پسائي ٿو، ته وري ان کان پاڻ نٿو لڪائي. پوءِ سالڪ وسيلن ۽ ذريعن بنا اهڙو ڪلام سڻي ٿو، جو نه اندر آهي ۽ نه ٻاهر. خواجه صاحب چون ٿا:

جِتي ڪَيفَ نه آينَ، اُت سَڀوئِي عَينُ،

وِچَا گَيو عَينُ، سُورجُ سَدا پَڌرو.

        پوءِ اهڙو سالڪ خدائي ذات جي حقيقت کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿو ڏسي سگهي. سالڪ کي گهرجي ته ”باطن“ يا ”حقيقت“ کي ڏسڻ لاءِ پنهنجي نفس جي حقيقت کي سڃاڻي ۽ جاچي ڏسي ته منجهس ڪهڙي ڪوتاهي آهي. ان ڪوتاهيءَ جي دور ڪرڻ کان پوءِ ذات جي حقيقي بند دروازي کي کوليندو ۽ محبوب جو مشاهدو حاصل ڪندو. سلطان الاولياء ان حقيقت جو اظهار ڪندي چون ٿا:

جَنِين ڏَٺو پاڻُ، تَنِين ڏِٺو سُپرين،

غَلط اِيُ گُمَانُ، ته عارِفُ پَسي آرسي.

       آخر ۾ خواجه صاحب انهيءَ مسئلي تي پڻ روشني وڌي ته محبوب حقيقيءَ جو ديدار هن مادي دنيا ۾ حاصل ٿيڻ ممڪن آهي يا نه. ان باري ۾ ڪاملن جو اعتماد آهي ته پهريائين طبعي موت واقع ٿيندو ۽ ان کان پوءِ ئي محبوب جو ديدار حاصل ٿيندو. عالمن جو وري انهيءَ باري ۾ هيءُ خيال آهي ته دنيا ۾ ديدار حاصل نه ٿيڻ جو سبب صرف هيءُ آهي، ته ”فاني“ اک ”باقيءَ“ (الله) کي ڏسي نه سگهندي. ليڪن صوفي انهيءَ ڳالهه تي زور ڏين ٿا ته ”فاني“ (انسان) لاءِ ”فاني“ اک خلقي وڃي ٿي، جنهن سان هو ديدار ڪري سگهي ٿو. انهيءَ مان سندن مقصد آهي ”اندر واري اک“، جنهن سان روشني حاصل ٿئي ٿي ۽ پوءِ محبوب حقيقيءَ جو ديدار ممڪن نظر اچي ٿو.

        سلطان الاولياء رحه پڻ عالمن واري نظريي جو قائل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ رسول الله صلعم جن جي حديث پاڪ يعني ”توهين تيستائين پنهنجي رب کي هرگز نه ڏسندا، جيستائين نه مرندا“ جو دليل ڏيئي فرمائي ٿو، ته رسول الله صلعم جن کي رب پاڪ جو ديدار معراج واري رات ٿيو، يعني هن دنيا کان لنگهي ٻاهر نڪتا ۽ ٻئي جهان ۾ وڃي پهتا. پاڻ فرمائي ٿو:

مَرُ ته پَسين پِري کي، ڇڏ دُنيا جو دارُ،

لَن تَروا ربّڪُم حُتي تَمُوتُوا، جِيَري مِڙي نَه جَارُ،

عَالَمَ جي سردارَ، مُلڪَ لنگهئو مِعراجَ سِين.


 

عربي – سنڌي رسم الخط جي اوسر جو تاريخي پس منظر

غلام محمد لاکو

       

سنڌي ٻولي پنهنجي قدامت ۽ ساهت جي شاندار ورثي سبب ڏيهان ڏيهه مشهور آهي. تاريخ جي ڊگهي سفر ۾ ان ڪيئي لاها چاڙها ڏٺا آهن. جدا جدا زمانن ۾ ان کي مختلف صورتن ۾ تحرير هيٺ آندو ويو آهي. عربن جي سنڌ تي ڪاهه وقت اسان جي ٻولي، خروشطي خط ۽ ديوناگري توڙي ٻين متعدد صورتن ۾ ضبط تحرير ٿيندي هئي. (1). عربن سنڌ تي ٽي صديون راڄ ڪيو. ان دور ۾ عربي زبان هتان جي علمي، سرڪاري ۽ مذهبي ٻولي رهي. اهوئي سبب آهي جو عربي ٻولي، سنڌي زبان جي هيئت، لسانيات ۽ لغت تي اڻ مٽ اثرات ڇڏيا. ان جو لازمي نتيجو هي نڪتو جو آهستي آهستي قديم رسم الخط جي بجاءِ، سنڌي ٻولي به عربي رسم الخط ۾ لکجڻ  شروع ٿي. اڳتي هلي ان کي عربي – سنڌي رسم الخط سڏيو ويو. عام طرح ٺٽي جي مخدوم ابوالحسن کي هن قسم جي رسم الخط جو موجد سڏيو وڃي ٿو ۽ سندس ڪتاب ”مقدمه الصلوات“ کي ”پهريون سنڌي ڪتاب“ سڏيو ويو آهي. اڄ کان پنجاهه ورهيه اڳ خانبهادر محمد صديق ميمڻ ان متعلق لکيو هو ته:

        ”1650ع کان پوءِ نواب حفظا الله جي حڪومت ۾ ننگر ٺٽي ۾ هڪ اهڙي تحريڪ جاري ٿي، جنهن ڪري سنڌي عالمن مجبور ٿي پارسي ۽ عربيءَ جي بدران سنڌي زبان ۾ تصنيف شروع ڪئي. بغداد جي مشهور قطب رباني سيد شيخ عبدالقادر جي اولاد مان شيخ يوسف الدين بغدادي ٺٽي ۾ آيو ۽ سندس وعظ ۽ نصيحت جي ڪري هزارن جي تعداد ۾ ڪيترا غير مسلم اسلام ۾ داخل ٿيا. سنڌ ۽ ڪڇ جا ميمن (مومن) انهيءَ شيخ جي هدايت تي ٺٽي ۾ مسلمان ٿيا...

        ”ان وقت جو عالم مشهور فقيه مولوي ابوالحسن، جو سنڌ جي تختگاهه ٺٽي ۾ هو، تنهن سمجهيو ته ايترن عمر رسيده ماڻهن کي پارسي عربي سيکاري اسلامي واقفيت ڏيڻ، خاص ڪري فقه جي مسئلن کان واقف ڪرڻ ممڪن نه آهي، تنهن ڪري هن ماڻهن جي مادري زبان يعني سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو.... ابوالحسن پنهنجو ڪتاب ”مقدمه الصلوات“ سال 1700ع ڌاري لکيو..... ۽ 1715ع تائين پاڻ ٺٽي ۾ پاڙهيندو ۽ سمجهائيندو هو‘.“ (2)

        جنهن وقت هي راءِ ڏني وئي، اهو مواد جي لحاظ کان قحط جو زمانو هو. بعد ۾ ايندڙ سالن ۾ تازه ترين تحقيق پيش ڪرڻ لاءِ ڪافي ڪم  ٿيو آهي، تاهم اسان جي ادبي تذڪره نويسن ۽ مصنفن حسب دستور ابوالحسن کي هن رسم الخط جو باني ۽ پهرئين سنڌي ڪتاب جو مصنف پئي سڏيو آهي!

محمد صديق ميمڻ جي راءِ جو تنقيدي جائزو:

        ان کان اڳ جو اسين اصل عنوان طرف اچون، بهتر ائين ٿيندو ته مرحوم محمد صديق ميمڻ جي مٿي ڏنل اقتباسن جو تنقيدي جائزو وٺجي.

        (الف) مخدوم ابوالحسن جو زمانو: ميمڻ صاحب، پنهنجي ڪتاب ۾ هن بزرگ جي مختصر سوانح ڏني آهي. سندس ماخذ ”تحفته الڪرام“ ۽ ”ڪنز العبرت“ آهن. مير علي شير قانع پنهنجي ڪتاب ۾ مخدوم ابوالحسن جو ذڪر ته ڪيو آهي، ليڪن هو هن عالم فاضل جي وفات ۽ پيدائش جي سالن يا زماني متعلق خاموش ڏسجي ٿو (3). ميمڻ صاحب ”ڪنز العبرت“ جي آڌار تي، ٻڌائي ٿو ته سنڌ جو هي آڳاٽو مصنف سن 1075هه/1661ع ۾ پيدا ٿيو ۽ نوي ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪيائين (4). هن حساب موجب ميين ابوالحسن جي وفات 1165هه/ 1751ع ۾ ٿي هوندي. سال 1075هه ۾ عيسوي سن 1664 بيهي ٿو، نه ڪي 1661ع، جيئن محمد صديق ميمڻ تجويز ڪيو آهي.

        ابتدا ۾ ”ڪنز العبرت“ مخدوم ابوالحسن جي هڪ عزيز ميان عبدالله واعظ (ميان موريو) جي تصنيف سمجهيو ويو. هي ڪتاب 1175هه/1761ع ۾ تصنيف ٿيو. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جي تحقيق موجب، جيڪي تصنيفون ميان عبدالله واعظ جي نالي منسوب ٿيون آهن، اهي سڀ ڪتاب مخدوم عبدالله نرئي واري جا لکيل آهن (5). اهڙي تصديق مشهور سنڌ شناس مصنف رچرڊ برٽن به ڪئي آهي (6). برٽن جي تحرير مان اندازو ٿئي ٿو ته، مخدوم عبدالله نرئي واري سال 1821ع ڌاري وفات ڪئي. ميان عبدالله واعظ مصنف ته نه هو، البته سندس هڪ ٽيهه اکري مشهور آهي.

        ميان عبدالله واعظ مصنف نه هو، تڏهن به پاڻ ننگر ٺٽي ۾ هڪ اهم شخصيت ضرور ٿي گذريو آهي. مير علي شير سندس وفات جو سال 1167هه (1753ع) ڏنو آهي (7)، ۽ ٻڌائي ٿو ته ميان عبدالله جي جنازي ۾ عوام جو وڏو هجوم شريڪ ٿيو هو. مير علي شير ”تحفته الڪرام“ ۾ مخدوم ابوالحسن جو ذڪر، هڪ سنڌي مصنف جي حيثيت ۾، وڏي ادب ۽ احترام سان ڪيو آهي. ليڪن هي مصنف، ابوالحسن جي زماني ۽ وفات يا ڄم جي سالن متعلق بلڪل خاموش ڏسجي ٿو. محمد صديق ميمڻ جي اندازي موجب، هن عالم جي وفات سن 1165هه ۾ ٿي هوندي. ان جو مطلب ته ابوالحسن به ان دور ۾ ٿي گذريو، جنهن زماني ۾ شاهه عبداللطيف، مخدوم معين، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ٿي گذريا آهن. مير علي شير هنن بزرگن جي زماني متعلق مواد ڇڏيو آهي، ليڪن ابوالحسن متعلق بلڪل خاموش آهي. مير علي شير قانع جنهن انداز سان مشهور سنڌي شاعر ميين عنات جو ذڪر ڪيو آهي (8)، ٺيڪ ان ريت پاڻ ابوالحسن متعلق به اظهار خيال ڪيو اٿس (8 – الف). هن مان هي گمان نڪري ٿو ته، شاهه لطف الله قادري، ميون عنات رضوي ۽ ابوالحسن – لڳ ڀڳ هڪ ئي زماني ۾ ٿي گذريا. هونئن به مخدوم عبدالله ۽ ”ڪنز العبرت“ متعلق ڇنڊڇاڻ ٿيڻ بعد، محمد صديق ميمڻ جي راءِ پنهنجي وقعت وڃائي ويٺي هئي. پوءِ به خبر نه آهي ته ڪيئن ايندڙ دور جي تذڪره نگارن، وري وري ساڳي ڳالهه پئي دهرائي آهي.

        (ب) نواب حفظ الله جو زمانو: محمد صديق ميمڻ مرحوم سن 1650ع کان پوءِ نواب حفظ الله جي دور ۾ هڪ تحريڪ جو ذڪر ڪندي، ان کي سنڌي ڪتب نويسيءَ جو محرڪ سڏيو آهي.

        تاريخي طرح اسان کي مذڪوره نواب جو زمانو معلوم آهي. نواب حفظ الله سن 1103هه/ 1691ع ۾ ٺٽي ۽ سيوهڻ جو حاڪم ٿي آيو. جڏهن ميان دين محمد ڪلهوڙي مضبوط ٿي، مغل شهنشاهه جي قوت کي للڪاريو، تڏهن شهزادو معز الدين ان کي پڪڙڻ لاءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو. حفظ الله شهزادي جي حڪم تي سيوهڻ ۾ پل ٺاهڻ جي ڪم جي خود نگراني ڪئي. سخت گرمي سبب کيس ڏينهن لڳو ۽ هو 1112 هه/1700ع ۾ فوت ٿي ويو. (9). مخدوم ابوالحسن جي سوانح جي ضمن ۾، محمد صديق ميمڻ هڪ وڌيڪ عملدار نواب شهامت خان جو ذڪر ڪيو آهي (ص129). حقيقت ۾ ان نالي سان ڪوبه نواب ٺٽي ۾ نه پهتو هو (10). اهڙيءَ ريت ميمڻ صاحب ٺٽي جي نوابن متعلق جيڪو مواد مهيا ڪيو آهي، تاريخي طرح اهو درست ڪونهي يا وري انهن جو زمانو صحيح نه ڏنو ويو آهي.

        (ت) شيخ يوسف الدين جو ٺٽي ۾ اچڻ: فاضل مصنف جي تحرير موجب، شيخ يوسف الدين جي تحريڪ سبب، ٺٽي جا غير مسلم وڏي تعداد ۾ ملسمان ٿيا ۽ انهن جي تعليم واسطي ابوالحسن ”مقدمه الصلوات“ نالي هڪ ڪتاب لکي، سنڌي زبان ۾ ڪتب نويسيءَ جو بنياد وڌو.

        شيخ يوسف الدين جي هن تحريڪ لاءِ تاريخي طرح ڪوبه ثبوت ڪونهي. خبر نه آهي ته هن بيان جو ماخذ ڪهڙو آهي؟ مشهور مصنف ڪاڪو ڀيرومل ان ڏس ۾ لکي ٿو:

        ”سمن جي صاحبيءَ کان وٺي، سنڌ جا ڪيترا لهاڻا ڦري ميمڻ ٿيا ۽ اهي وڌيا ويجهيا، ته ائين مسلمانن جو تعداد سترهين صديءَ ڌاري وڌي گهڻو ٿيو.“ (11)

        بلاشبه ننگر ٺٽو صدين کان وٺي اسلامي تعليمات جو هڪ اهم مرڪز رهندو پئي آيو آهي. لهذا، اتي مسلمانن جو تعداد به قدم بقدم وڌي رهيو هو. اُن پس منظر ۾ شيخ يوسف جي فرضي تبليغي تحريڪ کي ڪابه وقعت ڪانهي. بهرحال ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي، ته سترهين صدي ڌاري سنڌي مسلمانن جي تعليم واسطي، سنڌيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جي ازحد ضرورت سمجهي وئي ۽ اهڙي سوچ ”مقدمه الصلوات“ کان به گهڻو وقت اڳي پيدا ٿي چڪي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com