سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1987ع (3)

 

صفحو :16

هيليڪاپٽر اڏاڻو ۽ ڏکڻ اولهه طرف پرواز شروع ڪيائين. انجڻ جو ايڏو  شور هو، جو اسان هڪٻئي سان ڳالهائي نٿي سگهياسين. ڪا به ڳالهه پڇڻ لاءِ هڪٻئي کي پيغام لکي ٿي ڏنوسون، مثلاً مون ڪاغذ تي هڪ سوال لکي ڪئرن کي ڏنو ته هيليڪاپٽر جي هن وقت رفتار ۽ زمين کان بلندي ڪيتري آهي؟ ڪئرن ڪاغذ پائلٽ جي مددگار کي ڏنو، جنهن جواب لکي ڏنو ته رفتار ڏيڍ سو ميل في  ڪلاڪ ۽ بلندي زمين کان ڏيڍ هزار فوٽ آهي. بلندي گهٽ هئڻ ڪري، هيٺ زمين تي هر شيءِ چٽي نظر ٿي آئي، انڪري سفر ۾ ڏاڍو لطف ٿي آيو. اسان ڄڻ ته بيضوي شڪل جي هڪ ننڍي گهر ۾ سوار هئاسين، جيڪو ڏيڍ سو ميل رفتار سان ننڍن وڏن جبلن جي مٿان  ٺينگ ٽپا ڏيندو اڏامندو ٿي ويو. پائلٽ جي ساٿيءَ گرم گرم جاءِ جو ٿرماس ساڻ کنيو هو. ڪوپن ۾ چاءِ وجهي اسان کي پيش ڪيائين. سر سبز جبلن جي مٿان پرواز ڪندي ۽ چاءِ پيئندي ڏاڍو لطف آيو. سبيءَ کان  لس ٻيلي تائين هيلي ڪاپٽر وارو اهو سفر اسان سڀني کي  عمر ڀر ياد رهندو. ڊاڪٽر شمل هيلي ڪاپٽر جو نالو ملائڪ رکيو ۽ جرمنيءَ واپس پهچڻ بعد مون کي خط لکيو ته وطن واپسي پهتي آهيان، پر منهنجو روح بلوچستان وارن جبلن مٿان هوا ۾ معلق آهي. مون کي سفر دوران جنهن نظاري سڀ کان حيرت ۾ وڌو سو هيءُ هو ته ڪن تمام اوچن جبلن جي مٿان اوچتو ئي اوچتو زمين جا ڪي ٽڪرا نظر ٿي آيا جي پوک لاءِ کيڙيل هئا ۽ انهن ۾ هڪ اڌ گهر به اڏيل هو! ايڏن وڏن جبلن جي چوٽيءَ تي ماڻهو ڪيئن ٿا رهن، اهي هيٺ ڪيئن ۽ ڪڏهن ٿا لهن، اها ڳالهه مون کي اصل سمجهه ۾ نه آئي. هڪوار ڪرنل انورالحق اوچتو هيليڪاپٽر کي پوئتي لامارو  ڏنو ۽ چڪر ڪاٽي وري ڏکڻ طرف پرواز شروع ڪئي. مون کي ڊپ لڳو ته هن ويراني ۾ شايد رستو وڃائي ويٺو آهي. پر پڇا تي ٻڌايائين ته هڪ وڏن سڱن واري جانور تي نگاهه. پيم، ان کي جاچي ٿي ڏٺم ته ڪهڙو جانور آهي.

 لس ٻيلي لهڻ کان اڳ اسان ڪلاڪ کن لاءِ خضدار ۾ لٿاسين، جو هيليڪاپٽر جي عملي کي اُتي تيل ڀرڻو هو. ايئرپورٽ اڇا زير تعمير هو. خضدار جو نوجوان ڊپٽي ڪمشنر اسان جي استقبال لاءِ موجود هو، سو موٽرن ۾ چاڙهي، ريسٽ هائوس وٺي هليو. ريسٽ هائوس ۾ شهر جا معزز ماڻهو اسان جي استقبال لاءِ موجود هئا. چاءِ پيتيسون. رابع خضداريءَ جو قصو نڪتو، جا ٽين چوٿينءَ صديءَ هجريءَ جي عربي زبان جي وڏي شاعره هئي ۽ پنهنجي نوڪر سان رومانس ڪيو هئائين. ڀاڻس ان سبب ڪري کيس ماري ڇڏيو. سندس دوست وري ڀاڻس کي ماري ڇڏيو. هاڻي ته ڪنهن جي قبر جو نشان به ڪونهي.

بر مزار مان غريبان نہ چراغ نہ گلي

نہ پر پروانہ سوزد نہ صدائي بلبلي

خضدار جو ڊپٽي ڪمشنر سنڌ يونيورسٽيءَ جو پراڻو شاگرد هو. جڏهن کيس خبر پيئي ته مان ڪجهه عرصو يونيورسٽيءَ جو پرو وائيس چانسيلر رهي چڪو آهيان، تڏهن هو منهنجي هيڪاري تعظيم ڪرڻ لڳو. ٻڌايائين ته خضدار ۽ نال بلوچستان  جا اهڙا ته آباد علائقا آهن جو مند ۾ ميوي سان ڀريل ٻه- ٽي سؤ ٽرڪون روزانو ڀرجي ڪراچيءَ وينديون آهن.

 اسان ڪچڙيءَ منجهند جو خضدار مان نڪتاسين ۽ منجهند مهل اچي لس ٻيلي پهتاسين. مقامي ڊپٽي ڪمشنر  علي رضا ۽ سامونڊي اسڪائوٽس جي ڪپتان اسان جو استقبال ڪيو. هو اسان کي موٽرن ۾ وهاري هڪ ريسٽ هائوس ۾ وٺي هليا، جو ڪافي پراڻو ٿي لڳو. پراڻيون تاريخي جايون مون کي ڏاڍيون وڻنديون آهن؛ اهي خانداني ماڻهن وانگر باوقار  لڳنديون آهن. انهن جي سر سر مان عظمت جهلڪندي آهي. لس ٻيلي جو ريسٽ هائوس به ننڍڙو پر اهڙو ئي هڪ وڻندڙ تاريخي يادگار هو. غالبا اوڻويهينءَ صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ٺهيو هو. اسان هٿ منهن ڌوتو ته علي رضا اچي ڪن ۾ سرٻاٽ ڪيو ته مون اوهان جي چوڻ موجب لس ٻيلي جي سگهڙن، ڳائڻن ۽ لوڪ ناچن جو انتظام ڪيو آهي. شمل، ڪئرن ۽ مان، علي رضا سان گڏ، هڪ شامياني ۾ اچي ويٺاسين، جتي سؤ کن ماڻهو اسان جا منتظر هئا. هو سنڌي،بلوچي ۽ مڪراني ٻوليون ڳالهائي رهيا هئا. اسان جي پهچڻ سان راڳ ۽ ناچ شروع ٿيا. راڳ جا ٻول گهڻو ڪري بلوچي يا مڪراني هئا. البت زالن جي ڳيچن ۽ سهرن جي لئه، لب ۽ لهجي ۾ سنڌي جهلڪ نمايان هئي. مقامي هندو فنڪارن جيڪو ڏانڊيا ناچ ڏيکاريو، اهڙو ساڳيو ناچ مان ويهارو ورهيه اڳ شڪارپور ۾ ڏسي چڪو هوس. البت شيدين جو مگرما ناچ، جنهن جو نالو سنڌي ادبي بورڊ جي فائيلن ۾ پڙهيو هوم، سو پهريون دفعو  لس ٻيلي ۾ ڏٺم. راڳ ۽ ناچ جي مجلس جو مزو وٺي، اسان سنگت کان موڪلايو ۽ اچي کاڌي جي ميز تي ويٺاسين. مون  علي رضا کي فون تي تمام سادي کاڌي لاءِ تاڪيد ڪيو هو، پر ان جي باوجود ميز تي پڪل گوشت، ڪيترن قسمن جا ٻوڙ،ڀاڄيون، پُلاءَ، مڇي، مٺاڻ ۽ ميوا موجود هئا.

ماني کائي اسان ڪلاڪ کن ڪچهري ڪئي، پوءِ سير لاءِ ٻاهر نڪتاسين. علي رضا ٻه تجويزون اڳيان رکيون: هڪ هيءَ ته شهر کان ٻاهر جبلن ۾ قديم زماني جون غارون آهن، سي هلي ڏسجن، ٻي هيءَ ته شيرين فرهاد جي قبر هلي ڏسجي. اسان پوئين تجويز پسند ڪئي، جو ان مان عشق جي خوشبوءِ ٿي آئي.

شام جي مهل هئي، ٿڌڙي هير پئي لڳي. اسان ٽي چار موٽرون ساڻ کنيو. ستت اسان لس ٻيلي جي ميداني  علائقي کي ڇڏي، تربت ۽ گوادر ويندڙ رستي سان، جبلن ۾ داخل ٿياسين.

جابلو علائقي جا سڀ کان سهڻا نظارا مون اترين علائقن ۾ گلگت ۽ هنزا کان به اتر ۾، چين ڏانهن ويندڙ شاهراه ريشم تي ڏٺا آهن. اتي قراقرم ۽ همالا جبل پاڻ ۾ اچي ملن ٿا. شاهراه ريشم جي هڪ طرف سنڌو درياءُ ڪڙڪا ڪندو وهي ٿو ته ٻئي طرف آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ سرسبز جبلن جون قطارون آهن، جن جون چوٽيون ٻارنهن ئي مهينا برف سان ڍڪيون پيون آهن. رستي تي قدرت جي عظمت جا اهڙا ته خوبصورت منظر آهن، جي ڪوبه انسان سڄي عمر وساري نه سگهندو. بلوچستان وارا جبل انهن جبلن کان هن طرح مختلف هئا ته هي صفا سڪل ۽ خشڪ هئا. وڻ ٽڻ ته ٺهيو پر گاهه جو هڪ پن به مٿن موجود ڪونه هو. سون هزارن سالن جي برساتن ۽ هوائن انهن جون عجيب شڪليون ٺاهي ڇڏيون هيون، جي اهڙيون ته پياريون ۽ دلاويز هيون جو مان سوچ ۾ پئجي ويس ته هي نظارا وڌيڪ سهڻا آهن يا قراقرم ۽ همالا جبل وارا. اسان هڪ اهڙي علائقي ۾ داخل ٿياسين، جتي سڄي جا سڄا جبل مٽيءَ مان ٺهيل هئا. حقيقت اها آهي ته ان خوبصورت منظر کي بيان ڪرڻ لاءِ لفظ ڪافي ناهن.اڌ مني ڪلاڪ جي سفر کان پوءِ موٽرون هلي شيرين فرهاد جي قبر وٽ بيٺيون. مجاور ٻڌايو ته ڀرپاسي سان هڪ تلاءُ به آهي، جنهن جو پاڻي کير وانگر اڇو آهي. مون کي ائين سمجهه ۾ آيو ته پراڻي دور ۾ ايران ۽ ڪيچ مڪران کان ايندڙ واپارن قافلن کان شيرين فرهاد جو قصو ٻڌي، ڪنهن شخص اها مصنوعي قبر ٺاهي آهي.

اسان پوئين ٽپهريءَ ڌاران سير ڪري، واپس ريسٽ هائوس تي پهتاسي. هنگلاج هلڻ جو شوق سڀني کي کنيو بيٺو هو، سو علي رضا کي چم ته شهر جي هنڌن کي سڏائي وٺ ته کانئن هنگلاج بابت ڪجهه خبر چار وٺون. ستت هڪ پنڊت لس ٻيلي جي هندن سان گڏ آيو. مون کانئن هنگلاج جي تاريخ بابت سوال ڪيا، پر کين ڏند ڪٿائن کان وڌيڪ ڪجهه به معلوم نه هو البت پنڊت کي سنسڪرت ۾ ڪي اهڙا ڀڄن ياد هئا، جي ياتري هنگلاج ۾ پڙهندا آهن. هن اهي ڏاچي سُر سان پڙهيا ۽ انهن جي معنيٰ ٻڌائي. هندو دسوت موڪلائي ويا ته ڀر واريءَ مسجد مان سانجهيءَ جي بانگ آئي. مان وضو ڪري نماز پڙهڻ هيلو ويس. نماز کانپوءِ جماعتين مان ڪنهن مسجد شريف جي مرمت جو ذڪر ڪيو ۽ چندي واسطي تڏي تي پوتڙو وڇايو. ڪنهن پنج رپيا ڏنا ته ڪنهن ڏهه ڏنا. مون سو رپيا ڏنا ۽ ڏاڍي خوشي ٿيم ته هن اجنبي شهر ۾ الله جي گهر جي تعمير ۾ شريڪ ٿيڻ جي سعادت نصيب ٿيم. مسجد مان موٽي ريسٽ هائوس پهتس ته ٻڌايائون ته ڪثرن ۽ شمل علي رضا سان گڏ هندن جي مندر ۾ ڀڄن ٻڌڻ ويون آهن. اهو ٻڌي،مان به اڏانهن ويس. مندر ۾ پنجاهه سٺ ماڻهو ويٺا هئا. ٽي ڄڻا سازن تي ڀڄن ڳائي رهيا هئا. ڳائڻن جو اڳواڻ ويهن ٻاويهن ورهين جو نوجوان هو، جنهن جو انداز البيلو، آواز سريلو ۽ نيڻ خماري هئا. مون کانئس پڇيو ته اوهان کي ڪنور جو ڪلام ياد آهي؟ هن چيو ته هائو سائين. پوءِ هن ڪنور کي ڳايو ۽ آخر ۾ ڪيرتن ڪئي. ايتري ۾ پاپڙ پاڻي اچي ويو ۽ پئنچات جي مُکيءَ مون چيو ته اسان شمل کي ڀڳوت گيتا جو انگريزي ترجمو ڏيڻ گهرون ٿا. جو هن خوشيءَ سان قبول ڪيو.

مندر مان موٽڻ مهل مون کي مولانا ابوالڪلام آزاد ياد آيو. ”غبار خاطر“ ۾ هڪ خط لکيو اٿس؛

”آسٽريليا جي جهنگلي قبيلن کان وٺي، تاريخي دور جي سڌريل انسانن تائين، ڪو به خدا جي تصور کان خالي نه رهيو آهي، رگ ويد جو فڪري مواد تڏهن اڻجي رهيو هو. جڏهن اڃا تاريخ جي پرهه ۾ ڪانه ڦٽي هئي ۽ حتين ۽ اعلامين جڏهن پنهنجن عبادتگاهن جا نقش ۽ نگار چٽيا هئا، تڏهن انساني تمدن جي طفوليت اڃا اکيون به ڪو نه پٽيون هيون. مصرين مسيح جي ڄمڻ کان هزارين ورهيه اڳ خدا کي طرح طرح جي نالن سان سڏڙا ڪيا هئا. ۽ ڪالڊ يا ڪاريگرن مٽيءَ جي پڪل سرن تي خدا جي حمد ۽ ثنا جا اهي گيت لکيا هئا، جيڪي کين اڳين قومن کان ورثي ۾ مليا هئا. ابو الفضل ڪشميري عبادتگاهن لاءِ ڪهڙو نه عمدو ڪتبو تجويز ڪيو هو:

الاهي به هر خانه که مي نگر ۾ جو يا ي تو اند،

 و به هر زبان که جي شنوم گوياي تو.“

اي تير غمت را دل عشاق نشانه

خلقي بتو مشغول و تو غائب زميانه

گہ معتکف ديرم وگہ ساکن کعبه

يعني که ترا مي طلبم خانه بخانه.

مندر مان موٽي شمل ۽ ڪئرن پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ اچي آرامي ٿيون، ڇو ته هنگلاج لاءِ صبح جو سوير اٿڻو هو. مان پنهنجي ڪمري ۾ اچي دوستن کي خط لکڻ ويٺس. جڏهن چڱي چڱي رات گذري ته بستري تي وڃي ليٽيس ته اس ٻيلي جي آسمان تي چوڏهينءَ جو چنڊ اڀري سنئون ٿيو هو ۽ چانڊوڪي ڪمري جي دريءَ جي ڄاريءَ مان لنگهي منهنجي بستري تي گل ٺاهي رهي هئي.

هنگلاج هلڻ لاءِ هيليڪاپٽر صبح جو ستين بجي لس ٻيلي مان اڏاڻو. اڳور هيلي پئڊ کي ڳولي لهڻ پائلٽ انوار الحق نقشو کوليو. منجهس هر جبل، هر ٽڪري، هر ميدان ۽ هر ندي چٽي ڏيکاريل هئي. انوار الحق نقشي جي مدد سان جبلن جي مٿان پرواز ڪندو ڪلاڪ کن اندر اچي سامونڊي ڪناري تي پهتو. اتي هيليڪاپٽر کي ڪجهه هيٺڀرو آندائين ته وڻ،  ٽڻ، هنڌ ۽ ماڳ سڀ چٽا پٽا نظر اچڻ لڳا. اوچتو اسان جي نگاهه ٻن بسن تي پيئي، جمي ياترين سان ڀريل هيون ۽ هنگلاج وڃي رهيون هيون. مٿن لڳل گيڙو رنگ جا جهنڊا هوا ۾ ڦڙڪي رهيا هئا. هيليڪاپٽر اڃا ڪجهه اڳڀرو اڏاڻو ته سمنڊ جي ڪناري سان اگور هيلي پيڊ نظر آئي. انوار الحق هيليڪاپٽر کي زمين تي لاٿو، انجڻيون بند ٿيون ته دروازو کليو ۽ ڪوسٽل گارڊس جو ڪپتان اسان جي استقبال لاءِ اڳتي وڌيو ۽ سلامي ڏنائين.

اسان ساڻس گڏ جيپن ۾ سوار ٿي ڪوسٽل گارڊس جي هيڊ ڪوارٽر تي پهتاسين، جو ڀرسان سمنڊ جي ڪناري تي سيمنٽ سان ٺهيل هڪ نئين عمارت ۾ هو. ريسٽ هائوس جي ورانڊي ۾ آرام ڪرسيون پيون هيون. ڀرسان ٻه ڪمرا هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ کليا پيا هئا. منجهن غاليچا وڇايل هئا ۽ هڪ چڱي ريسٽ هائوس جو فرنيچر صوفا سيٽ، رائيٽنگ ۽ ڊريسنگ  ٽيبلون، سليقي سان رکيل هيون. اسان هٿ منهن ڏوئي اچي ورانڊي ۾ ڪرسين تي ويٺاسين ته سپاهي تريل ڪڪڙ، بسڪوٽ ۽ چاءِ کڻي آيا. ڪمانڊنگ آفيسر ڪچهري ڪندي ٻڌايو ته ڪوسٽل گارڊس جو مکيه ڪم سمگلرن تي اک رکڻ آهي. اگور ۾ هر وقت چاليهه سپاهي ڊيوٽيءَ تي رهن ٿا. هن چيو ته سمگلنگ ايران ۽ پاڪستان جي سرحد تي ٿئي ٿي ۽ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اڄڪلهه پاڪستان مان ايران ڏانهن پيٽرول سمگل ڪيو ٿو وڃي، جو جنگ جي ڪري شهرن ۾ عام ماڻهن کي تڪليف آهي.

اگور ۾ ڪلاڪ کن ساهي پٽي، اسان جيپن ۾ سوار ٿي هنگلاج روانا ٿياسين، رستي تي هنگلاج ويندڙ بسون مليون. اسان ڪجهه وقت جبل جي پاسي سان تربت ويندڙ رستي تي هلڻ کان پوءِ هنگول نديءَ جي پيٽ ۾ لٿاسين. نديءَ ۾ ايڏي ته واري هئي جو جيپ جو هلڻ به مشڪل ٿي لڳو. پر علي رضا سٺو ڊرائيور ثابت ٿيو. هنگول نديءَ جي پيٽ ۾ اڌ ڪلاڪ کن جي سفر کانپوءِ جيپون ٻاهر نڪتيون ۽ ڪجهه اڳڀرو هلي وڻن جي هڪ جهڳٽي وٽ بيٺيون، جتي ٽيهارو کن اٺ پلاڻيا بيٺا هئا. شمل ۽ ڪئرن لاءِ اِهو نظارو نئون هو، سي اٺ ڏسي ڏاڍيون خوش ٿيون.

ڪراچيءَ ۾ خالد اظهر اٺن جي سفر جو ذڪر ڪري، مون کي ڇرڪائي ڇڏيو هو. چيو هئاسين ته هنگلاج جو پنڌ اهڙو ته اڻائو آهي، جو مان جڏهن اٺ تي سوار ٿيس ۽ اٺ ٽڪريءَ جي وٽ سان اڀڪپري پيچري تي هلڻ لڳو ته ائين سمجهيم ته اڄ منهنجي حياتيءَ جو آخرين ڏينهن آهي. خالد اطهر، علي احمد بروهيءَ سان گڏ هنگلاج ويو هو، انڪري مون بروهيءَ سان صلاح ڪئي. هن مون کي تسلي ڏيندي چيو ته هروڀرو ڊڄ جي ڳالهه ڪانهي، پر احتياط طور زالن لاءِ اٺن تي پلڻ بدران پاکڙا هجن ته سٺو. مون انهيءَ مشوري موجب علي رضا کي پاکڙن لاءِ تاڪيد ڪيو هو. پر جتن ٻڌايو ته سائين وڏيءَ ڪوشش کانپوءِ به پاکڙا هٿ اچي نه سگهيا. اٺن جي پلڻ کي سينگارڻ لاءِ غريبن سهڻا کيس ۽ ڪمبل مٿن ٻڌا هئا. ڊاڪٽر شمل کي ته اٺ جي سواريءَ جو ڪو به ڀؤڀولو ڪو نه هو، پر ڪئرن ڏاڍا ڇرڪ پئي ڇڏيا. سڀ کان اول ڊاڪٽر شمل اٺ تي سوار ٿي، پوءِ ڪئرن، پوءِ علي رضا ۽ آخر ۾ مان ۽ انوار الحق. مون ويهه پنجويهه ورهيه اڳ ٿوري گهڻي اٺ جي سواري ڪئي هئي، پر صديءَ جي چوٿائي وڏو عرصو آهي. اٺ جيئن ئي لوڏو ڏيئي اٿيو ته پهرينءَ سٽ ۾ منهنجا پگهر ڪڍي ڇڏيائين.

جتن جيئن ئي مهارون هٿن ۾ ڪري الاتوهار ڪري اڳتي وک کنئي ته ڪرنل انوار الحق کلي چيو ته، ”رباني صاحب، ويهين صديءَ مان (هيليڪاپٽر مان) ڏهين صديءَ ۾ هي سفر (اٺ جو سفر) به عمر ڀر ياد رهندو.“

ايتري ۾ مون وارو اٺ اڀڪپري پيچري تي پير رکي ٽڪريءَ جي وٽ سان مٿي چڙهيو. پيچري جو ڇڙو نالو هو، رڳو ننڍا وڏا پهڻ ئي پهڻ هئا. مون ڀانيو ته جيڪڏهن ڪنهن به پهڻ کان اٺ جو پير ٿڙيو ته مان بولاٽيون کائيندو وڃي کڏ ۾ ڪرندس ۽ پوءِ به بچي ويس ته نئون ڄائس. هوڏانهن ڪئرن هئي، جا منهنجي اڳيان اهڙي ته مزي سان اٺ تي سوار هئي جو ڄڻ سڄي عمر ريگستان ۾ گذاري هئائين.

پندرهن ويهن منٽن جي سفر کانپوءِ اٺ اڀڪپريءَ تان لهي نديءَ جي وارياسي پيٽ ۾ هلڻ لڳا، تڏهن وڃي منهنجي پٽ ۾ ساهه پيو.

واٽ تي هڪ ڇپ پئي هئي. جتن چيو ته سائين هي گڻيش آهي. مون مٿس نگاهه ڪئي ۽ ائين محسوس ڪيم ته غالبا انساني ذهن جو هڪ مسئلو اهو به آهي ته هو بي معنيٰ شين ۾ معنيٰ ڳولي ٿو، ۽ مفروضن جي بنياد تي عقيدا قائم ڪري، پاڻ کي ڏچي ۾ وجهي ٿو.

اٺ هلندا هلندا اچي هڪ ڦٽل جاءِ تي بيٺا. ڪنهن زماني ۾ ڪنهن سخيءَ ياترين جي سهوليت لاءِ مسافر خانو ٺهرايو هو، جنهن جي ڇتين جو ته ڪو به نالو نيشان ڪو نه هو، البت ڀتيون اڃا بيٺيون هيون. چيائون ته ان جو نالو آهي آسا پوري. اتي جيڪا به آس ڪبي، سا پوري ٿي ته ان جي شڪرادائيءَ لاءِ ٻيهر هنگلاج ياترا ڪرڻي پوندي.

اها ڳالهه مون کي دل سان نه لڳي. ڀلا هن دنيا ۾ جيڪڏهن ڪو اهڙو هنڌ هجي، جتي آس ڪرڻ سان ماڻهوءَ جي من جون مرادون پوريون ٿين ته جيڪو ماڻهو ان جي شڪر ادائيءَ لاءِ هڪ ڀيرو ڇو، سڄي عمر ڇو نه هنگلاج ياترا ڪندو رهي!

اهو تصور ته فقط بهشت سان وابسته آهي ته اتي جيڪا خواهش ڪبي، سا ان مهل ئي پوري ٿي ويندي.

بهرحال مون پنهنجي پياري دوست حسين شاهه راشديءَ جي نيڪ نصيحت کي ياد ڪري هڪ مٺو نالو من ۾ رکي، آساپوريءَ تي آس ڪئي ۽ جهٽ پلڪ لاءِ ساهي پٽڻ واسطي هيڏي هوڏي ٽنگون ساهڻ لڳس.

علي رضا اتي به پنهنجو حسن انتظام ڏيکاريو. اسان جي پويان جيڪي اٺ هئا، تن تي پيتيون ٻڌل هيون. اٺن کي هشائي، هڪ پيتي کوليائون ته ان مان ڪمبل نڪتا. هڪ پٿر جي ڇپ تي وڇائي، ڊاڪٽر شمل ۽ ڪئرن کي سولو ڪري وهاريائون. ٻي پيتي کوليائون ته ان مان  ڪوڪا ڪولا جون بوتلون ۽ برف نڪتي. ائين کڻي چئجي ته علي رضا بسر ۾ بازارون لائي ڇڏيون. اسان ٺنڊا ٺار گلاس پي اڃ لاٿي. آساپوري کان اڳتي اٺن جي هلڻ جي واٽ ڪانه هئي. باقي سفر اسان کي پيادل ڪرڻو هو. علي رضا ٻه لڪڻ آندا هئا، هڪ ڊاڪٽر شمل کي ڏنائين، ٻيو ڪئرن کي. اسان پٿر جي ننڍين وڏين ڇپن تي پير رکندا، اڳتي وڌندا رهياسين. هڪ هنڌ ننڍيءَ غار جي منهن تي رت جا نشان هئا. چيائون ته ياتري اتي ٻڪر قربان ڪندا آهن. ان غار کي ڪالي ماتا جي غار ڪوٺبو آهي.

سنڌ جي ممتاز عالم دين مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ مون کي ٻڌايو ته هو ته اڄ کان هزارين ورهيه اڳ هنگلاج تي حج ٿيندو هو ۽ زالون ۽ مرد طواف ڪندا هئا.

مون کي هنگلاج جي ياترين کي گيڙو لباس ڏسي ياد آيو ته مير عبدالحسين سانگيءَ لطائف لطيفيءَ ۾ لکيو آهي ته ڪجهه وقت ڀٽائي صاحب پڻ سنياسين جي سنگت ڪري، گيڙو ڪفني پائيندو هو. حج جي موقعي تي اسان جا حاجي سڳورا پڻ حج جو مخصوص سفيد احرام ٻڌندا آهن.هاڻي ٻڪر جي قربانيءَ جو ٻڌي حج تي قربانيءَ جي رسم ياد آئي.

اڃا ڪجهه اڳڀرو وڌياسين ته پاڻيءَ جو ڇنڀ شروع ٿيو. معلوم ٿيو ته ڪو چشمو آهي جنهن مان سدائين صاف پاڻي وهندو رهي ٿو ۽ گڏ ٿي ڇنڀ يا تلاءَ جي صورت وٺي ٿو. پاڻيءَ جي وچ ۾ پيل پٿر جي ڇپن تي پير رکندا، اڳتي وڌياسين. اوچتو خوشبوءِ آئي پر اهڙي جهڙي ڪنهن اگربتيءَ جي هجي. پڇا تي خبر پئي ته هنگلاج جي آخرين  منزل اڳيان آهي. پنج پندرهن  ٻيون وکون کنيون هونديونسون جو پاڻيءَ جو هڪ ننڍو تلاءُ نظر آيو، جنهن جي پٺيان پٿر جي هڪ وڏي ڇپ ائين پئي هئي ڄڻ ته وهڻ لاءِ قدرتي ٿلهو هجي. ان جي پٺيان  هڪ چڱي وڏيٽڙي غار هئي، جنهن ۾ هڪ پوڄاري پلٿي ماريو ويٺو هو. هنگلاج ۾ ڪنهن به مندر يا مڙهيءَ جو نالو نشان ڪو نه هو!

پوڄاريءَ جي اڳيان غار جي منهن وٽ هڪ فراسي وڇايل هئي، جا علي رضا جي انتظام جي نشاندهي ڪري  رهي هئي. بعد ۾ معلوم ٿيو ته اهو پوڄاري (گورڌن) به علي رضا آڻايو  هو ته جيئن اسان کي هنگلاج بابت ڪا خبرچار ڏيئي سگهي. اصل ۾ ٿرپارڪر ضلعي ۾ چيلهار جو ويٺل هو.

ڪئرن، علي رضا ۽ مان اڳتي وڌي وڃي فراسيءَ  تي ويٺاسين. شمل پاسي  ۾ بيهي رهڻ پسند ڪيو.

پوڄاريءَ ترسول جي نموني ۾ هڪ ڇڙيءَ کي گيڙو رنگ مکي پاسي ۾ رکيو هو. سندس اڳيان ڪي پراڻا پستڪ رکيل هئا، جن لاءِ چيائين ته هنديءَ ۽ سنسڪرت ۾ آهن. انهن پستڪن ۾ هنگول ديويءَ جي ساراهه ۾ ڀڄن هئا، جن مان ڪي پڙهي، اسان کي انهن جو ارٿ سمجهايائين.

هنگلاج جو ذڪر ڪندي  چيائين ته هي متبرڪ مقام آهي. هتي سري رامچندر آيو هو، گرو گور کناٿ آيو هو، گرو نانڪ آيو هو، ڀلاري ڀٽائي به هت پنهنجا پاڪ پير گهمايا هئا.

هن هنڌ ٻنپاسن کان اڀڪپرو پهاڙ آهي، هت ڪو به پکي پسون نظر ڪو نه ايندو. ايڏو ته ايڪانت آهي جو هت ديوتائون عبادت ڪندا هئا. هڪ راڪشش اچي سندن عبادت ۾ رخنو وڌو. ديوتائن هنگول ديويءَ کي ٻاڏايو، جا راڪشش جي پٺيان ڪاهي پيئي ۽ نيٺ اچي هن غار ۾ سوڙهو گهٽي ساهه ڪڍيائينس.

غار ۾ ٻن ننڍن پٿرن کي گيڙو رنگ مکيل هو. پوڄاريءَ چيو ته هي پٿر آهي اهو راڪش ۽ هي ٻيو آهي هنگول ديوي.

مون ٻنهي پٿرن تي نگاهه ڪئي ته مون کي اهي نيڪيءَ بديءَ جون علامتون لڳا. بقول ابوالڪلام آزاد، انسان، ذات مطلق  جو تصور ڪرڻ کان عاري آهي، ان ڪري ذات کي صفت سان سينگارڻ سندس فطرت آهي. اسان جا حاجي سڳورا به حج جي موقعي تي ٽن پٿرن کي شيطان تصور  ڪري پٿريون هڻندا آهن.

مون جيئن ئي راڪشش نالي پٿر تي نگاهه ڪئي ته مون کي اهي راڪاس ياد آيا،  جن جي فتني ۽ فساد کان بچڻ لاءِ روزانو رب کان پناهه گهرندو آهيان.

جڏهن پوڄاريءَ اسان سان ڪالي ديويءَ واري قربانيءَ جو ذڪر ڪيو ته هن چيو ته اسان جي عقيدي موجب جيو هتيا حرام آهي، سڀ ساهه وارا خدا جا خلقيل آهن. جيڪو ياتري، هنگلاج جي ياترا کان پوءِ جوڳي بڻبو آهي، تنهن کي اهو قول قرار ڪرڻو پوندو آهي ته هو مڇي ۽ ماهه نه واپرائيندو، ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائيندو ۽ نفساني خواهشن کي ترڪ ڪندو. اهو ٻڌي مون کي گوتم ٻڌ جو چهرو اکين اڳيان آيو. مون هنگلاج جي غار کي چتائي ڏٺو، ان جي اڳيان وهندڙ  چشمي تي نظر ڪئي، اڀڪپري پهاڙ  جي وچان نيري آسمان کي ڏٺو جنهن ۾ واقعي پکي پکڻ جو نالو نشان ڪو نه هو. اوچتو مون کي اهو چيني مندر ياد آيو، جنهن جي دروازي جي مٿان لکيل هو: ”پاڻ سڃاڻ“

مون پوڄاريءَ کي چيو: ”هاڻي مون سمجهيو. هنگلاج اهو هنڌ آهي، جتي ايامن کان وٺي اهلِ دل انسان پنهنجي پاڻ کي سُڃاڻڻ لاءِ ايندا رهيا آهن. اها مراد منَ ۾ رکي، ڀلاري ڀٽائي به هت  پنهنجا پاڪ پير گهمايا هئا.“

علي رضا جو حسن انتظام اڃا پنهنجي انتها تي ڪو نه پهتو هو. اسان پوڄاريءَ سان گفتگو ڪري رهيا هئاسون جو ڪوپ ساسر جو کڙڪو ڪن تي پيو. نوڪر ٿرماس کڻي آيا ۽ ڪوپن ۾ گرم گرم  چاءِ اوتي اسان کي پيش  ڪيائون.

ڊاڪٽر شمل چاءِ جي چسڪي ڀريندي چيو: ”رباني، تون هنگلاج تي جيڪو مضمون  لکندين، ان جو عنوان ڇا رکندي”TEA AT HINGLAJ“ مون وراڻيو.

هنگلاج ۾ چاءِ  پي اسان واپسيءَ جو سفر شروع ڪيو. علي رضا جو آندل پوڄاري  به اسان سان گڏ آيو. جڏهن هنگول نديءَ تي پهتاسين ته ياترين  واريون بسون اتي بيٺل ڏٺيوسين. هڪڙا ياتري جيوَ هتيا کان بچڻ لاءِ مٿي  جا وار ڪوڙائي رهيا هئا، ٻيا نديءَ جي پاڻيءَ ۾ غسل ڪري پاڻ کي پاڪ ڪري رهيا هئا.

اسان تقريباً چئن ڪلاڪن ۾ هنگلاج ڏسي واپس اگور هيلي پئڊ تي پهتاسين. ڊاڪٽر شمل ۽ ڪئرن هٿ منهن ڌوتو، مون وضو ڪري نماز پڙهي ته ڪرنل انوارالحق اچي اطلاع ڏنو ته ملائڪ پرواز لاءِ تيار آهي. اسان جيپن ۾ سوار ٿي اچي هيلي ڪاپٽر ۾ ويٺاسين ته ڪوسٽل گارڊس جي ڪمانڊنگ آفيسر سلامي ڏني.

هيلي ڪاپٽر سامونڊي ڪنارو ڏيئي اوڀر طرف اڏاڻو. رستي تي اسان چندر ڪوپن جي مٿان اڏاڻاسين، جن کي سائنسي اصطلاح ۾ DEAD MUD VOLCANOES ٿي ڪوٺيائون.

پوئين ٻپهري هئي جو هيلي ڪاپٽر ڪراچيءَ ۾ ايئرفورس جي اڏي تي اچي لٿو. موٽرون ۽ پوليس گارڊ اسان جي استقبال  لاءِ موجود هو.

ڪراچيءَ پهچڻ  کان ستت پوءِ ڊاڪٽر شمل جرمنيءَ رواني ٿي وئي ۽ مان اسلام آباد هليو آيس. پر هنگلاج پوءِ به  منهنجي من ۾ وسندو رهيو.

هڪ ڏينهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب سان ملاقات ٿي ۽ هنگلاج  جو ذڪر نڪتو. ڊاڪٽر صاحب ٻڌايو ته هنگلاج جي جن ياترين کي ڀٽائي صاحب پوربيا ڪوٺيو آهي، سي موحد انسان هئا. اسلام آباد ۾ هڪ رات انهن پوربي ياترين اچي منهنجو در کڙڪايو. ساڻن گڏيو هنگلاج هليو ويس. هو هنگلاج ڀيٽي پوئتي موٽيا، مان اڳتي وڌيس. منهنجي ڏاڏي يارهن حج ڪيا هئا. تن ڏينهن ۾ اڃا پاڻيءَ جا آگبوٽ ايجاد ڪو نه ٿيا هئا، ان ڪري شروعاتي  ست حج پيادل ڪيائين ۽ باقي چار آگبوٽن وسيلي ڪيائين. مان سندس نقشِ قدم تي ”هنگلاج جي غار“ کان هلندو هلندو وڃي ”غارِ حرا“ تي پهتس. غار ۾ اندر وڃڻ  جي همت مون ۾ ڪانه هئي. ٽمندڙ اکين سان غار جي چائنٺ کي چُميم ۽ سياڻي سعديءَ جي لفطن ۾ چيم: ”اي گل بتو خورسندم کي تو بوي کسي داري.“ چڱي چڱيءَ دير تائين غار جي چائنٺ وٽ ويٺو رهيس. اتي منهنجي بي قرار روح کي ڏاڍو قرار آيو. جڏهن موٽي اسلام آباد پهتس ته سفر جي ٿَڪَ سبب سمهي پيس. صبح جو ننڊ مان اٿيس ته ڀٽائي جو هي بيت زبان تي هو:

پڙاڏو سو سڏ، ور وائيءَ جو جي لهين

هئا اڳهم گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8  9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com