باب
اٺون
محمد
بن قاسم جُون باقي فتحُون
بجهري جي ڀڄي وڃڻ کان پوءِ سماني ماڻهن اطاعت قبول
ڪئي ۽ محمد بن قاسم سيوستان قلعي ۾ داخل ٿيو ۽
آرام ڪرڻ جي غرض سان ٿورن ڏينهن جي لاءِ اتي ئي
رهي پيو. هتي رهي هن رعيت جو انتظام شروع ڪيو.
ملڪي امن امان جي لاءِ پنهنجي طرفان عهديدار مقرر
ڪيا ۽ هتان ئي ويٺي ويٺي آسپاس جي هنڌن ۽ ڳوٺن کي
مطيع ۽ تابعدار بڻايو. چاندي نموني جي جيڪا ڪجهه
دولت هن جي هٿ لڳي ۽ جواهر ۽ ٻيون نقدري شيون جتي
دستياب ٿيون پنهنجي قبضي ۾ ڪيائين، پر اها هٿ
چراند رڳو مخالف ۽ سرڪش گروهن تائين محدود هئي.
ٻوڌين کان هن ڪا شيءِ نه ورتي ان لاءِ ته هو هنن
سان واعدو ڪري چڪو هو ۽ محمد بن قاسم سندن مال ۽
جان جي حفاظت جو زميوار هو. محمد بن قاسم جن ڏينهن
۾ سيوستان پاسي خيما کوڙيا ته چني نالي هڪ مقامي
همراه مسلمانن جو احوال معلوم ڪرڻ لاءِ جاسوس ٿي
آيو.
هند
وارا مسلمانن کي بلڪل هڪ نئين ۽ عجيب قوم سمجهندا
هئا ۽ انهن جو احوال معلوم ڪرڻ جا ڏاڍا شوقين هئا.
چنا وارن جو هي جاسوس اسلامي لشڪر گاهه ۾ ڦري رهيو
هو ته نماز جو وقت اچي ويو سڀني مسلمانن صفون
برابر ڪيون ۽ ننڍي عمر جي سپه سالار محمد بن قاسم
اڳتي وڌي امامت ڪئي. مسلمانن جو اصلي مذهب ۽ اڳئين
زماني جو معمول جو طريقو اهو ئي هو ته امام جهاد
رڳو ميدان جنگ ۾ ئي اڳواڻي نه ڪندو هو پر هو سڀني
ديني ۽ دنيوي معاملن ۾ سندن امام ۽ پيشوا هوندو
هو. مطلب ته محمد بن قاسم سڀني مسلمانن کي نماز
پڙهائي ته هي جاسوس انهيءَ عبادت جي طريقي کي ڏاڍي
حيرت سان ڏسڻ لڳو ته رڪوع، سجدا ۽ قيام و قعود
وغيره ۾ هر سپاهي پنهنجي اڳواڻ جي ڪيتري اطاعت ڪري
رهيو آهي. هن جي نظر ۾ اها بلڪل نئين شيءِ هئي. هي
مذهبي جماعت جيڪا بلڪل عجيب ۽ غريب اتفاق جو نمونو
نظر آئي ٿي ان جو جاسوس جي دل تي تمام گهڻو
حيبتناڪ اثر پيو. جيتوڻيڪ اهو حال ڏسي هو واپس
هليو ويو ۽ چنن کي چيائين: ”۽ چاهي ڪجهه ٿئي يا نه
پر مون انهن کي هڪ خاص ڪم اهڙي اتفاق سان ڪندي ڏٺو
آهي جو ان جي صورت ڏسي مون کي ڊپ ٿيڻ لڳو آهي ۽
منهنجي راءِ پختي آهي ته جيڪڏهن انهن ۾ اهڙو ئي
اتفاق آهي ته هو جنهن ڪم جو ارادو ڪندا پورو ڪري
ويندا. پوءِ هن جماعت ۽ نماز جي جيڪا حالت ڏٺي
هئي بيان ڪئي. اهو ٻڌندي ئي سڀئي چنا محمد قاسم جي
اطاعت تي آماده ٿيا ۽ سوکڙيون پاکڙيون کڻي سندس
خدمت ۾ هاضر ٿيا. پنهنجو پاڻ ئي ڍل مقرر ڪرائي ۽
پوري طرح سان اطاعت ۽ فرمانبرداري جو واعدو ڪري
روانا ٿيا. انهيءَ ڪري سنڌو درياءَ جي ڪناري جيڪا
زمين چنن جي قبضي ۾ هئي ان کي اسلام جي فقيهن
پنهنجي شرعي اصطلاح ۾ عشري زمين چوندا هئا.
سيوستان جي فتح ۽ ان جي ڀرپاسي جو انتظام ڪرڻ کان
پوءِ محمد بن قاسم غنيت جو مال جمع ڪيو، ان مان
خمس وٺڻ جو پنجون حصو ڪڍي حجاج ڏانهن موڪليو ته
خلافت جي خزاني ۾ جمع ڪيو وڃي ۽ گڏ هڪ خط به حجاج
کي موڪليو. جنهن ذريعي کيس آخري فتح ڪيل ملڪ جي
جديد انتظامن ۽ـ پنهنجي مفصل احوال کان باخبر ڪيو.
پوءِ باقي بچيل غنيمت جي مال کي فوج ۾ ورهايو ۽ هر
سپاهي کي سندس حق ادا ڪيو. عهديدارن جي مقرري ۽
ٻين ڪاررواين کان پوءِ اڳتي وڌڻ جو ارادو ڪيو. هن
ٿوري فوج حفاظت لاءِ سيوستان ۾ ڇڏي ۽ پنهنجو خيمو
اکيڙي سيسم قلعي جي واٽ ورتي. هن جي احسانن جو
ايترو چڱو اثر سنڌ وارن تي پئجي چڪو هو جو ڌرتي
ڌڻي پاڻ مارادو اچي هن جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿيندا
رهيا، جڏهن ان مهم تي ٻڌيا جا ماڻهو ۽ سيوستان جو
سردار به هن سان گڏ روانو ٿيو. رستي ۾ نلهان نالي
هڪ هنڌ جو جيڪو کهڀ درياءَ جي ڪناري واقع هو. هن
علائقي جا سڀئي ماڻهو به ٻڌ مذهب جا پيروڪار هئا
جن منصوبو جوڙيو ته رات جو راتاهو هڻي محمد بن
قاسم جي فوج کي منتشر ڪريون. سڀئي ٻوڌي سردار
پنهنجي راجا ڪاڪا وت ويا ۽ چيو اسان عربن تي
راتاهو هڻڻ گهرون ٿا، پر جڏهن ته اوهان جا تابعدار
آهيون تنهن ڪري اوهان جي مشوري کان سواءِ ائين ڪرڻ
نٿا گهرون. ڪاڪا جواب ڏنو ”جيڪڏهن توهان ائين ڪرڻ
چاهيو ٿا ته آئون توهان جي همت جي قدر ڪريان ٿو.
دراصل هي ملڪ جي تمام وڏي خدمت آهي. مگر مون روشن
ضمير ۽ پاڪ صاف رشين کان ٻڌو آهي ۽ انهن پنهنجي
نجوم جي ڪتابن کي ڏسي چيو هو ته هن ملڪ کي مسلمان
ضرور فتح ڪندا، ان جي باوجود آئون توهان کي ان
بهتر ڪم کان نٿو روڪي سگهان پر توهان جي مدد لاءِ
موجود آهيان.“
ان
کان پوءِ ڪاڪا پهڻ نالي هڪ شخص کي انهن تي سردار
مقرر ڪيو ان سردار جي ماتحتي ۾ هڪ هزار جوان مرد
هئا ۽ سڀني وٽ ڍال، تلوار، بڙڇي ۽ ڪتارون هيون.
ڪاڪا انهن سڀني کي انعام ۽ اڪرام سان دل خوش ڪري
رخصت ڪيو. هاڻي رات هئي انڌيرو چئني طرفن کان
ڇانيل هو ۽ هي پرجوش سپاهي راتاهي جي ارادي سان
شهر ڇڏي نڪتا. رڻ ۾ رلندا رهيا کين رستو نه مليو.
هي چئن حصن ۾ ورهائجي هليا هئا ته هڪ ئي وقت
مسلمانن تي وڃي ڪڙڪنداسين. هڪ حصو اسلامي ڪئمپ جي
ويجهو پهچي ويو پر ٻين ٽولن جي انتظام ۾ کين حملي
جي جرئت نه ٿي. سواءِ هڪ ٽولي جي ٽيئي ٽولا سڄي
رات ڀٽڪندا رهيا صبح جو ڏٺائون ته سيسم قلعي هيٺان
بيٺا هئا جڏهن سج جون ڪرڻون اڀ تي پورب طرف کان
چٽيون ٿيون سڀ موٽي پنهنجي قلعي ۾ آيا ۽ راتوڪي
وهي واپري پنهنجي راجا ڪاڪا سان بيان ڪئي. ڪاڪا
سندن حال ٻڌي چيو : ”توهان چڱي طرح ڄاڻو ٿا ته
منهنجي جرئت ۽ بهادري مشهور آهي، پر مون کي ائين
معلوم ٿئي ٿو ته قسمت ئي ڦٽل آهي ۽ توهان جي هي
ناڪام ڏسي مون فيصلو ڪيو ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي،
نجوم جي ڪتابن مان چٽو معلوم ٿئي ٿو ته مسلمان
هندستان تي قبضو ڪري وٺندا ۽ مون کي يقين ٿي ويو
آهي ته اها ڳالهه ضرور ٿيندي.“ ان کان پوءِ ڪاڪا
پنهنجي سڀني فرمانبردارن ۽ دوستن کي گڏ وٺي عربي
لشڪر گاهه جي واٽ ورتي. قلعي کان ٿورو ئي پرتي ويو
ته واٽ ۾ کيس بنان بن حنظله نالي هڪ عربي شخص مليو
جنهن کي محمد بن قاسم دشمن جو احوال معلوم ڪرڻ
لاءِ روانو ڪيو هو. بنانه کي جڏهن ڪاڪا جي ارادي
جو اطلاع ٿيو ته پاڻ سان گڏ وٺي محمد بن قاسم جي
خدمت ۾ حاضر ٿيو. اڳيان وڃي آستان بوسي ڪئي ۽ عربي
سپه سالار کي پنهنجي وفاداري ۽ اطاعت جي نسبت
اطمينان ڏيارڻ لڳو. محمد بن قاسم هن سان عزت سان
پيش آيو. دوستي جا تعلق قائم ٿيڻ کان پوءِ ڪاڪا
محمد بن قاسم کي سنڌ جي مهمن متعلق ڪيتريون ئي نيڪ
صلاحون ڏنيون ۽ هن جي دل ۾ پنهنجي جڳهه پيدا ڪئي.
ڪاڪا هينئن به بيان ڪيو ته گذريل رات اسان جي
بهادر جاٽن خلافت جي لشڪر تي راتاهو هڻڻ گهريو ٿي،
پر رات ڀلجي ويا ۽ صبح جو بنان مقصد واپس ويا ۽
انهيءَ مان مون کي اوهان جي اقبال مندي جو يقين
ٿيو انهن ماڻهن کي خدا ئي راه کان بيراهه ڪيو جو
سڄي رات اونداهيءَ ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ اوهان جو وار
به ونگو نه ڪري سگهيا. اهو به ٻڌايو ته اسان جي
نجومين کي پنهنجي تارن جي حساب مان معلوم ٿيو آهي
ته هن ملڪ تي مسلمانن جو قبضو ٿيندو. مطلب انهن
سڀني ڳالهين مان مون کي ان ۾ ذرو به شڪ نه آهي ته
خدا جي به اها ئي مرضي آهي ۽ ڪو فريب ۽ چالاڪي
اسان جي ڪم نه اچي سگهندي. اوهان اطمينان رکو ۽
پنهنجي دل مضبوط ڪريو ان لاءِ ته اوهان کين هر طرح
شڪست ڏيندا. آئون اوهان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري
ڪندس. هر معاملي ۾ اوهان جو مشير رهندس، پنهنجي
طاقت آهر اوهان جي مدد لاءِ حاضر هوندس ۽ اوهان جي
دشمن کي شڪست ڏيڻ ۾ هر طرح اوهان جو مددگار ۽
معاون هوندس. هڪ اهڙو خالص وفادار ڏسي ۽ ان جي
زبان مان اهي گفتا ٻڌي محمد بن قاسم يج دل ۾ اهڙو
جوش پيدا ٿيو جو خدا جي حمد ۽ ثنا ڪيائين ۽ سجدي ۾
ڪري پيو. پاڻ ڪاڪا جي ساٿين ۽ فرمانبردارن کي هن
پوري دلداري ڏني ۽ حمايت ۽ حفاظت جو واعدو ڪيو.
وري پڇيائين: ”ٻڌايو اوهان وٽ ڪهڙو دستور آهي جو
ڪنهن سردار جي عزت ۽ قدر ڪرڻو هوندو آهي ته هن سان
ڇا ڇا ڪيو ويندو آهي!؟“ ڪاڪا چيو: درٻار ۾ ڪرسي
ڏني ويندي آهي. هڪ ريشمي ويس پهرائي مٿي تي پڳ
ٻڌائي ويندي آهي. اسان جي وڏن ۽ جاٽ قوم جي سمانين
جو اهو ئي دستور آهي. ايترو اشارو ملندي ئي محمد
بن قاسم هن کي خلعت سان سرفراز ڪيو. ڪاڪا جيئن ئي
محمد بن قاسم جو عطا ڪيل لباس پاتو ته سڀئي اهي
معزز ماڻهو جيڪي هن جي پاسي ۾ بيٺا هئا سڀني جي دل
۾ محمد بن قاسم جي اطاعت جو شوق پيدا ٿيو. هي خلعت
پائيندي ئي پنهنجي سڀني ساٿين جي دل مان عربن جو
ڊپ ڪڍي ڇڏيو.
جن
جي دل ۾ اڃا تائين بدخواهي جو جزو باقي هو تن کي
سمجهائي ڪري هن انهن کي به مطيع ڪري ڇڏيو. محمد بن
قاسم پنهنجي هڪ سردار عبدالملڪ بن قيس الداماني کي
هن سان گڏ ڪيو ته هن جي هٿان ملڪي انتظام ۾ اسلامي
شريعت خلاف ڪابه ڳالهه نه ٿئي ۽ کيس حڪم ڏنو ته
سڀني باغين ۽ دشمنن کي پنهنجي مرضي مطابق سزا ڏي.
ڪاڪا هي حڪم ملندي ئي دولت مند دشمنن کي لٽيائين.
سون، چاندي، ڪپڙو، غلام ۽ ڌن جيڪا شيءِ انهن ماڻهن
جي قبضي مان ملي اها هڙپ ڪيائين. ڌن جي ايستائين
گهڻائي هئي هو مسلمانن جي فوج ۾ ڍڳيءَ جو گوشت
ضرورت کان وڌيڪ موجود هو. ڪاڪا کي هن ڌرتيءَ جي
ڪار وهنوار تي چڱو مڙس مقرر ڪري محمد بن قاسم هتان
کان روانو ٿيو ۽ وڃي سيسم شهر تي حملي آور ٿيو جتي
بجهري ڀڄي وڃي پناهه ورتي هئي، هن شهر تي اسلامي
لشڪر کي رڳو ٻه ٽي ڏينهن دليري ڏيکارڻ جي نوبت آئي
جو دشمن ڀڄي نڪتو. جنگ جي مقابلي ۾ بجهرو جيڪو وڏي
حوصلي منديءَ سان مقابلي لاءِ آيو هو وڏي بهادري ۽
گڏ پنهنجي ڪيترن ئي سردارن ۽ بهادرن جيڪي هن جي
جهنڊي هيٺ هئا، پنهنجون حياتيون وطن جي حمايت ۾
قربان ڪيون. باقي بچيل ماڻهو جن جو شمارو فرارين ۾
هو پري پري جي شهرن ۾ ڀڄي ويا، ڪجهه ته هيڏانهن
هوڏانهن منتشر ٿيا ۽ ڪن ڀتيلسور شهر جي واٽ ورتي
جيڪو سالوج ۽ قندابيل جي وچ ۾ آهي جن اتي پهچي ڪري
محمد بن قاسم جي خدمت ۾ هڪ درخواست اماڻي امان طلب
ڪئي. هي سردار راجا ڏاهر جا دشمن هئا ۽ جيتوڻيڪ
مسلمانن کان شڪست کاڌائون پر کين اهو هرگز منظور
نه هو ته ڏاهر جو ساٿ ڏين يا هن جي درٻار ۾ وڃي
حاضر ٿين. انهن ماڻهن پنهنجو ايلچي محمد بن قاسم
جي خدمت ۾ موڪلي هڪ هزار رپيه ساليانو ڏن ادا ڪرڻ
جو واعدو ڪيو ۽ پنهنجي طرفان سيوستان ۾ ذميوار
موڪلي ڏنو، ان لاءِ ته سيوستان اسلامي لشڪر جي
ٺڪاڻي ويجهو ۽ مسلمانن جي قبضي ۾ هو، سيسم فتح ڪري
محمد بن قاسم اتي جي سردارن تي ڏن مقرر ڪيو ۽ ان
جي وڌيڪ تسلي جي لاءِ تحريري عهدناما لکي ڏنا حميد
بن دواع ۽ عبدالقيس جيڪو جارود جي نسل مان هو،
انهن ٻنهي کي سيسم جو والي مقرر ڪيائين.
هي
ماڻهو سندس ڀروسي جوڳا هئا ۽ کيس تسلي هئي ته هر
ڏکي معاملي کي سولائيءَ سان پورو ڪندا. انهيءَ سبب
هن اتي جي سڀني مهمن جو کين ذميوار بڻايو ۽ اڳتي
وڌيو ئي ٿي ته حجاج جو حڪم نامون مليو جنهن ۾ کيس
هدايت ڪيل هئي ته اها دير چڱي ناهي جلدي جلدي اڳتي
وڌو هاڻي مناسب آهي ته نيرون ۾ واپس اچو ۽ بنا دير
سنڌو درياءُ پار ڪري خود ڏاهر جي مقابلي ۾ صفون
ٻڌو. انهي تحرير ۾ حجاج نصيحت طور اها به هدايت
ڪئي ته فتح ۽ ڪاميابي ۾ هميشه خدا جي مدد تي نظر
رکجانءِ. جن قلعن ۽ شهرن تي قبضو ٿي وڃي ان جي
ڪمزور ڇڏي اڳتي ارادو نه ڪجانءِ. پر هر جڳهه ڏاڍي
مضبوطي جو سامان مهيا رهي، تان جو دشمنن کي موقعو
نه ملي. هي خط پڙهندي ئي محمد بن قاسم نيرون ۾
واپس آيو ۽ هيڏانهن هوڏانهن جي پرڳڻن کي مطيع
بڻائڻ جي لاءِ ٿوريون ٿوريون فوجون روانيون ڪيون.
نيرون ۾ اچي محمد بن قاسم شهر جي ويجهو هڪ جبل تي
خيمو کوڙيو. هي نظارو ڏاڍو وڻندڙ هو اکين اڳيان هڪ
فريب نظر آبشار وهندڙ هئي جنهن جو پاڻي ڏاڍو پاڪ ۽
صاف هو ۽ هن جي ترائي ۾ اهڙي ڀلي ساوڪ پري تائين
هلي وئي هئي جنهن کي ڏسي روح تازو ٿي ويندو هو ان
دلچسپ ۽ پرافزا هنڌ تي رهي هن حجاج بن يوسف نالي
هي خط روانو ڪيو ”بسم الله الرحمٰن الرحيم“ بي
اعليٰ ترين درٻار اشرف زمين تاج دين حامي عجم و
هند از جانب ادنيٰ ترين خادم محمد بن قاسم السلام
عليڪم.
بعد
السلام خدمت ۾ عرض آهي ته هي جانثار پنهنجي تمام
ساٿين سان گڏ خدام عساڪر اسلام ۾ تمام سازو سامان
جي خيريت سان آهي سڀ ڪارروائي نهايت بهتريءَ سان
هلي رهي آهي ۽ خوشي حاصل آهي راءِ پرتنوير تي واضح
هجي ته صحرائن کي لتاڙي ۽ خطرناڪ منزلن مان گذري
آءُ سرزمين سنڌ مان سيوهڻ نديءَ جي ڪناري جيڪا هتي
جي اصطلاح ۾ سنڌو درياءَ جي نالي سان مشهور آهي
پهتس. اهو ملڪ جو حصو جيڪو ٻڌيا مقام جي ويجهو ۽
بغرور قلعي جي سامهون سنڌو درياءَ جي ڪناري واقع
آهي سڀ ئي قبضو ڪري ورتو آهي. بغرور قلعو اهو ئي
آهي جنهن کي نيرون چوندا آهن هي قلعو الور جي
صوبيداري جي ماتحت ۽ راءِ ڏاهر جي بادشاهي ۾ هو،
ٿورائي ماڻهو هئا جن اسانجي مزاحمت جي جرئت ڪئي ۽
الحمدلله جو انهن مان گهڻا اسان جي هٿن ۾ گرفتار
ٿيا ۽ باقي اسان جي دهشت جي خوف کان ڀڄي ويا.
جيتوڻيڪ دارالامارات کان منهنجي نالي واپسي جو حڪم
صادر ٿيو آهي ۽ هدايت ڪئي وئي آهي ته جيڏانهن آئون
وڌي رهيو هئس اتان کان واپس اچي ٻئي طرف رخ ڪريان
تنهن ڪري آءُ واپس اچي ان پر فضا قلعي تي آيس جيڪو
نيرون جي جبل تي واقع آهي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن جي
مقابلي ۾ رهڻ جو هنڌ امارت کي گهڻو ويجهو آهي.
مونکي اميد آهي ته الله جي تائيد سان امير
المؤمنين جي مهرباني ۽ اعليٰ صفات امير جي اقبال ۽
توجهه سان ڪافرن جا مضبوط کان مضبوط قلعا فتح ٿي
ويندا، شهرن تي قبضو ٿيندو ۽ اسانجي خزاني کي جيڪو
وزن کڻڻو پيو آهي انجو تمام جلد معاوضو ملي ويندو،
سيوستان ۽ سيسم جي قلعن تي به اسان جو قبضو آهي
ڏاهر جو ڀائيٽو انجا ويڙهاڪ ۽ وڏا فوجي سردار
اسانجي سورهيائي سان جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويا ۽
انهن ڪافرن کانسواءِ جن ايمان آندو باقي سڀئي
سرڪشن ماڻهو جيڪي سپاهين جو ڪم ڏيئي سگهيا ٿي
تباهه ڪيا ويا،بتخانن جي هنڌ مسجدون قائم آهن،
ممبر لڳايا ويا، خطبا پڙهجي رهيا آهن، اذانن جو
آواز بلند آهي، هر طرف توحيد جي صدا هوا ۾ گونجي
رهي آهي ۽ مسلمانن ان سرگرميءَ سان پنهنجو ديني
فرض ادا ڪرڻ ۾ مشغول آهن ۽ هر نماز مستحب وقتن ۾
ادا ڪئي وڃي ٿي هر صبح ۽ شام تڪبير جو گيت ٻڌو
ويندو آهي ۽ خدا جي حمد ۽ ثنا جو ترانو اهل اسلام
۾ جوش ۽ خروش پيدا ڪري رهيو آهي.“
هي
خط لکي محمد بن قاسم حجاج جي درٻار ۾ روانو ڪيو ۽
جواب اچڻ تائين انهيءَ هنڌ ترسي پيو. اتي رهڻ جي
زماني ۾ هن نيرون جي سماني سردار جي گهڻي عزت ڪئي
هن کي مرتبي ۾ ترقي ڏنائين ۽ بنانه بن حنظله کي گڏ
هڪ مترجم ۽ هن جي چند هم قوم ۽ هم قبيلائي بهادرن
کي بيٽ ضلعي جي طرف روانو ڪيو جنهن جي حڪومت ڏاهر
جي طرفان وسائي جي پٽ موڪي جي قبضي ۾ هئي. بنانه
بيٽ ۾ پهچندي ئي اهڙو سخت حملو ڪيو جو فوراً موڪو
پنهنجي خاندان جي ويهه معزز ۽ وڏي رتبي وارن ٺاڪرن
سوڌو گرفتار ٿيو. بنانه انهن ماڻهن کي گرفتار ڪري
واپس آيو ۽ سڀني کي ننڍي عمر جي عرب شير محمد بن
قاسم جي سامهون آڻي بيهاريو. موڪي جي معصوم صورت ۽
شريفاڻي بيهڪ محمد بن قاسم جي رحمدل دل تي اهڙو
اثر ڪيو جو کيس ترس آيو ۽ انهيءَ نبوي حديث جو
نقشو هن جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳو: ”اڪرموا عزيز قوم
ذذل“ هن فوراً موڪي کي پنهنجي سامهون ڪرسيءَ تي
ويهڻ جي اجازت ڏني، هڪ لک درهم انعام طور ڏنا،
خلعت سان سرفراز ۽ ممتاز ڪيو ۽ اعزازي رتبن ۾
ايستائين ترقي ڏنائين جو هن کي هڪ سائو شاميانو
ڏنائين جنهن جي چوٽيءَ تي مور ٺهيل هو. ان کان
پوءِ محمد بن قاسم موڪي جي خانداني ٺاڪرن کي خلعت
۽ سينگاريل گهوڙن سان نوازيائين ۽ بيٽ علائقي جي
حڪومت پنهنجي طرفان موڪي جي هٿ ۾ ڏنائين ۽
ايستائين هن جي حال تي مهربان ٿيو جو پنهنجي طرف
کان پروانو لکي ڏنائين ته بيٽ علائقي جي سڄي زمين
ان جا سڀئي شهر ميدان ۽ ان جي ماتحت سڀئي پرڳڻا
سدائين موڪي جي قبضي ۾ رهندا ۽ ان کان پوءِ به نسل
در نسل هميشه ان جو خاندان جي قبضي ۾ رهندو. رائگي
يعني ڪنهن کي رائي جي عزت ڏيڻ جو هي پهريون چتر
آهي جيڪو مسلمانن جي طرفان ڪنهن ديسي راجا کي ڏنو
ويو. هي اهڙي سخاوت ۽ قدرداني هئي جو محمد بن قاسم
موڪي جي دل تي پوري فتح حاصل ڪري ورتي جيڪا اهڙي
فتح هئي جو سڄي هندستان جي فتح کان وڌ ڪامياب ۽
نيڪنام ڪرڻ واري فتح هئي. مطلب ته محمد بن قاسم
موڪي کي پنهنجو پورو احسان مند ڪري ۽ هن جي زبان
سان عاجزانه لهجي ۾ اقرار ۽ وفادري وٺي پنهنجي
درٻار مان رخصت ڪيو. راجا ڏاهر کي جڏهن معلوم ٿيو
ته محمد بن قاسم هيستائين وڌي آيو آهي ۽ سنڌو
درياءَ جي ڪناري ان جي ترائي ۾ خيما کوڙيا آهن ته
ڏاڍو پريشان ٿيو. ديبل جهڙي عبادتگاهه هن جي قبضي
مان نڪري چڪي هئي نيرون ۽ ٻيا شهر ۽ ڪيترائي قلعا
مسلمانن جا فرمانبردار بڻجي چڪا هئا سڀ کان وڌ ڏک
۽ تعجب ڏاهر کي ان ڳالهه تي هو ته ان جا مقرر ڪيل
شهرن جا والي ۽ ضلعن جا حاڪم مسلمانن جي پوئلڳ به
ٿيندا وڃن ٿا بلڪه ان جي جهنڊي هيٺ جانبازي جي
لاءِ به تيار هئا تنهنڪري راجا ڏاهر، کان سواءِ ان
جي ٻي ڪا به تدبير نٿي ٺهي جو محمد بن قاسم جي
روڪڻ جو بندوبست ڪري.
نيٺ
هن هڪ دلير فوج ترتيب ڏني جنهن جو تعداد تمام گهڻو
ٻڌايو وڃي ٿو ۽ ان کي لائق ۽ بهادر سردارن سان گڏ
مسلمانن جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو. محمد بن قاسم
اڃان درياءَ مان لهڻ جون تدبيرون ئي ڪري رهيو هو
جو هي عظيم الشان لشڪر جلد جلد ڪوچ ڪندو اچي پهتو
۽ سنڌو درياءَ مان لهي ان جي اولهائين ڪناري تي
عربي فوجن سامهون صف ٺاهي بيٺو، محمد بن قاسم
فوراً لڙائي لاءِ آماده ٿي ويو ٻنهي طرفن جي جوان
مردن دل کولي بهادري ڏيکاري، ليڪن خاتمي تي ڏاهر
جي انهيءَ ڪوشش کي به ناڪامي ٿي، عربن جنگ جي
ميدان ۾ اهڙو حيرت انگيز استقلال ڏيکاريو جو ڌرتي
ڌڻين کي شڪست ٿي ۽ ڏاڍي بي سروپائي سان ڀڳا، اها
شڪست ڏيئي محمد بن قاسم پنهنجي طرفان ڏاهر جي
درٻار ۾ هڪ سفارت رواني ڪئي، هڪ لائق ۽ تجربيڪار
شامي مسلمان پيغام کڻي درياءَ مان لٿو. ان سفير
سان گڏ ترجمان مولانا اسلامي نالي هڪ ديسي نو مسلم
بزرگ به ويو جيڪو ديبل جي هندو شرفاءَ مان هو ۽
محمد بن قاسم جي هٿ تي ايمان آندو هئائين هي
سفارتڪار جڏهن ڏاهر جي درٻار ۾ پهتا ته ڏاهر جي
اميدن خلاف انهن ماڻهن کي سجدو نه ڪيو ۽ ڪنڌ نه
جهڪايو. انهن ماڻهن مان تعظيم جي علامتن جو نه
ظاهر ٿيڻ ڏاهر کي ڏاڍو ڏکيو لڳو خاص ڪري مولانا
اسلمي جو اهو رويو کيس ڏاڍو برو معلوم ٿيو جو هي
ديبل جي معزز رئيسن مان هو، ساري عمر هندو راڄ ۽
رعيت جي ديسي اخلاق ۽ عادتن کان واقف هو ۽ سڀ کان
وڌيڪ اهو ته راجا ڏاهر کيس سڃاڻندو هو. شامي شخص
کي ته هو ڇا چوي مگر مولانا اسلامي ڏانهن ڌيان
ڏنائين ۽ چيائين ته ”تو شاهي آداب ڇو نه ادا ڪيا؟
ڇا توکي ان جي منع ڪئي وئي آهي؟“ ديبل جي مولانا
جواب ڏنو: ”جيستائين آئون اوهان جي رعيت ۾ هئس ان
وقت تائين اطاعت ۽ آداب جي پابندي مون تي فرض هئي
پر هاڻي جڏهن مون دين اسلام قبول ڪيو ۽ اسلام جي
خليفي جي رعيت ۾ داخل ٿي چڪو آهيان مون مان اهڙي
اميد رکڻ بيڪار آهي جو ڪنهن ڪافر جي اڳيان
سرجهڪايان ان لاءِ جو اسلام ۾ سواءِ خدا جي ڪنهن
جي اڳيان سر جهڪائڻ جائز ناهي.“ انهيءَ جواب ڏاهر
جي دل تي وڏو اثر ڪيو هڪ بيوسيءَ جي حالت ۾ هن جي
زبان مان نڪتو”افسوس تون ايلچي آهين نه ته قتل کان
سواءِ تنهنجي ٻي ڪا به سزا نه هئي.“ ان تي مولانا
اسلامي چيو ”مسلمانن منهنجي خون جو پورو بدلو
وٺندا ۽ اوهان کي ڏاڍو صدمو پهچندو.“ انهي کان
پوءِ سفارت جو پيغام ڏنو ويو، ڏاهر پنهنجي وزير
سيساڪر سان مشورو ڪيو عرب علافي به جيڪو عمان کان
جلاوطن ٿي ڏاهر جي جهوليءَ ۾ پناهه ورتي هئي چڱي
طرح راءِ ڏيندو رهيو انهيءَ سڄي گفتگو جو نتيجو
ڪجهه نه نڪتو. محمد بن قاسم جا شرط قطعاً نامنظور
ڪيا ويا ۽ اسلامي سفير انڪاري جواب وٺي واپس روانو
ٿيو.
سفارت جي واپسي کان پوءِ راجا ڏاهر فوج جمع ڪرڻ
شروع ڪئي ۽ سنڌو درياءَ جي ويجهو اچي خيما کوڙيا.
محمد بن قاسم به اڳتي وڌڻ جي تدبير ۾ هو ته حجاج
جو خط ٻه هزار عربي سوارن سميت اچي ويو ان خط ۾
سنڌو درياهه پار ڪرڻ جو قطعي حڪم ڏنو ويو هو. ليڪن
محمد بن قاسم پار ٿيڻ کان اڳ ضروري خيال ڪيائين ته
سدوسان شهر تي به قبضو ڪيو وڃي ان لاءِ ته باغين ۽
سرڪشن جو هڪ گروه پوئتي ڇڏي درياءَ مان لهي وڃڻ
ڪنهن طرح به مناسب ناهي ان غرض جي لاءِ هن پنهنجي
فوج بلڪ پنهنجي قبيلي جي هڪ دلير سردار محمد بن
مصعب بن عبدالرحمان ثقفي کي ٿورن سوارن سان گڏ
سدوسان طرف روانو ڪيو. محمد بن مصعب جي اچڻ جي خبر
ٻڌندي ئي سدوسان وارا گهٻرائجي ويا ۽ محمد بن قاسم
۽ ڏاهر جي لڙائي جو مامرو اڃان تقدير جي پردي ۾ هو
پر انهن کي پنهنجي حق ۾ اهو ئي مناسب معلوم ٿيو ته
عربن جي اطاعت ڪري محمد بن قاسم جو پورو ساٿ ڏين.
هنن فوراً هڪ سفارت جي ذريعي محمد بن مصعب جي
اڳيان اطاعت جو ڪنڌ جهڪايو ۽ امان طلب ڪئي. ثقفي
جوان مرد کين امان ڏئي، شهر وارن تي جزيو يا ڏن
تجويز ڪيو ۽ ٿورا شهري اڳواڻ بطور ضامن جي پنهنجي
قبضي ۾ وٺي ديسين کي پنهنجي مهربانيءَ جو اهڙو
عاشق بڻايو جو جڏهن هو محمد بن قاسم وٽ واپس آيا
ته هن سان گڏ سدوسان جا چار هزار ٻڌ مذهب جا پوئلڳ
هئا جيڪي اسلام جي جهنڊي هيٺ مرڻ ۽ ڪٽجڻ تي تيار
هئا. انهن ماڻهن مان هڪ کي محمد بن قاسم سدوسان
شهر جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ اطمينان سان سنڌو درياءَ
مان لهڻ جي تدبير ڪرڻ لڳو ۽ موڪي کي ٻيڙيون ڏيڻ جو
حڪم ڏنو.
راجا
ڏاهر جو پٽ جئه سنگهه هن پار بيٽ قلعي تي اچي پهتو
ان لاءِ ته محمد بن قاسم هي سڄو ملڪ موڪي جي قبضي
۾ ڏيئي ڇڏيو هو پر جڏهن راجا ڏاهر کي معلوم ٿيو ته
محمد بن قاسم جي لاءِ وسائي جو پٽ موڪو ٻيڙيون
فراهم ڪري رهيو آهي ته هن کي موڪي جي نمڪ حرامي تي
ڏاڍي ڪاوڙ آئي. هن فوراً ڪاوڙجي بيٽ علائقي تي
پنهنجي طرفان راسل کي مقرر ڪيو ۽ موڪي کي نالي
ماتر هٽائي ڇڏيو. راسل تي مهربانيون ڪري ڏاهر حڪم
ڏنو ته محمد بن قاسم کي سنڌو درياءَ مان لهڻ نه
ڏنو وڃي. هاڻي محمد بن قاسم جو سڄو زور پار ڪرڻ جي
فڪر ۾ هو پر ان کان اڳ کيس ڪيتريون ئي تدبيرون
ڪرڻيون هيون. ڀرپاسي جا قلعا مضبوط ڪرڻا هئا،
مختلف گهٽ گهيڙ بند ڪرڻا هئا، پنهنجي رسد جو پورو
بندوبست ڪرڻو هو ۽ سڀ کان وڌيڪ اهو فڪر هو ته ڏاهر
سامهون اچي لهي ته مهاڏو نه ٿئي ڇو ته کيس وڏي دقت
پيش اچڻ جو انديشو هو. مطلب ته انهن سڀني ڪمن کي
پورو ڪرڻ جي لاءِ هن وڏا وڏا بندوبست ڪيا. سليمان
بن بنهان قريشي کي حڪم ڏنائين ته پنهنجو دستو وٺي
بهادري ۽ سرگرميءَ سان الور قلعي جي رستي وڃي ۽
600 سوار هن سان گڏ ڪيا، ان ڊپ کان ته ڪٿي ائين نه
ٿئي ته ڏاهر جو پٽ گوپي پنهنجي پيءُ سان اچي ملي
وڃي. سليمان کي هيڏانهن روانو ڪرڻ کان پوءِ هن
عطيه طفلي کي گهرائي حڪم ڏنو ته 500 ماڻهو پاڻ سان
گڏ وٺي وڃي ۽ ان رستي جي نگهباني ڪري جتان کان
کٽڪو آهي نه ته هندو فوجي سردار اکم اچي گنداداد
هنڌ جو رستو نه روڪي. پوءِ هن نيرون جي سماني
سردار کي حڪم ڏنو ته پنهنجي پاسي جو رستو کليو رکي
ته اتانکان مسلمانن جي لاءِ رسد ۽ داڻو پاڻي جو
اچڻ جو جاري رهي ۽ برابر عرب لشڪر گاهه ۾ هرقسم جو
ضروري سامان آسانيءَ سان پهچي وڃي. اهڙيءَ طرح هن
ذڪوان بن علوان بڪري کي 1500 سؤ سپاهين تي سردار
مقرر ڪري حڪم ڏنو ته بيٽ جي سردار موڪي جي نگراني
ڪندو رهي ان لاءِ ته جيتوڻيڪ هو اطاعت قبول ڪري
چڪو آهي ۽ عرب احسانن جو ٿورائتو اهي پر هن جي
پاسي کان بلڪل بيپرواهه ٿيڻ احتياط جي خلاف آهي،
پوءِ هن بيٽ جي ٺڪرن ۽ عزني جي جاٽن کي ساڱري ۽
بيٽ جزيري ڏانهن روانو ڪيو ته اتي جي حفاظت ڪندا
رهن. بيٽ درياءَ جي هن پار واقع هو ۽ جيتوڻيڪ اڃان
تائين محمد بن قاسم جو ان تي قبضو نه ٿيو هو پر
اتي جو سردار موتو حاضر ٿي مسلمان ٿيو هو ۽ محمد
بن قاسم هن جي حڪومت ان جي قبضي ۾ رکي هئي.
انهن
ماڻهن کي بيٽ جي محاذن تي هن ان لاءِ مقرر ڪيو ته
اتان کان دشمن جي فوج نه گذري سگهي يعني: نه هتان
کان هوڏانهن اچي سگهن ۽ نه هتان کان دشمن جو ڪو
لشڪر هوڏانهن وڃي سگهي، پوءِ فوجي ترتيب طرف توجهه
ڏنائين ته محمد بن مصعب بن عبدالرحمان کي فوج
تليعه جو سردار مقرر ڪيو ۽ بنانه بن حنظله کي هڪ
هزار سوارن تي آفيسر ڪري وچ ۾ رکيو. اهي سڀئي
انتظام ڪري پار ڪرڻ جي فڪر ڪرڻ لڳو هن هر هنڌ
ماڻهو موڪلي پاياب هنڌن جو امتحان ڪيو پر انهيءَ
تجويز ۾ ناڪامي ٿي. درياءَ ڪٿي به پاياب نه مليو
تڏهن هن انهن ٻيڙين جو پل ٺاهڻ شروع ڪيو جنهن کي
موڪي هن جي حڪم سان فراهم ڪيو هو پر جيئن ئي اهي
ٻيڙيون پل ٺاهڻ جي غرض سان مرتب ڪيون وڃڻ لڳيون
راءِ ڏاهر جي طرفان راسل هن پار جي ڪناري تي اچي
وارد ٿيو ۽ پنهنجي ساٿين کي حڪم ڏنائين ته پل ٻڌڻ
نه ڏيو، هي اهي ئي ڏکيائي هئي جنهن جو کٽڪو محمد
بن قاسم کي پهريائين هيو، خيال ڪري سگهجي ٿو ته
عرب فوجي سردار ان ڏکيائيءَ جي يپش اچڻ سان ڪيتري
قدر پريشان ۽ مايوس هوندو پر نه! هن راسل جي
مزاحمت جي ذرو به پرواهه نه ڪئي ۽ انهيءَ سرگرمي
سان پل ٺاهڻ ۾ مشغول رهيو. محمد بن قاسم ان موقعي
تي هڪ عجيب ۽ غريب حڪمت سان پل ٻڌو، جڏهن هن ڏٺو
ته مخالفن جا تير ڪنهن طرح ٻيڙيون سرکيون نٿا ڪرڻ
ڏين ته هن سڀني ٻيڙين کي هن پار گهرايو ۽ انهيءَ
پار درياءَ جي ڪناري ڪناري ڊيگهه سان ٻيڙين کي
ترتيب ڏيئي هڪ وڏي قطار ٺاهي ۽ انهن سڀني کي هڪ
ٻئي ۾ چڱي مضبوطي سان جوڙي اندازو ڪيو ته ٻيڙين جو
ٻيڙين جو قطار جو هڪ پاسو جيڪڏهن هٽائي هن طرف وٺي
وڃجي ته ٻئي پار جي ڪناري سان لڳي ويندو، ان جو
صحيح اندازو ڪري ملاحن ۽ فوج جي مدد سان هن انهيءَ
قطار کي درياءَ جي پيٽ ۾ وڌايو. ڪناري کان هٽندي
ئي وهڪري وڌيڪ مدد ڏني ۽ ٿوري دير ۾ ٻيڙين جي قطار
هڪ بهتر ۽ مضبوط پل وانگر هن پار کان هن پار تائين
ٺهي وئي.
راسل
۽ سندس ساٿي انهي ڪارروائي کي اڃان حيرت سان ڏسي
رهيا هئا ته عرب فوجي تيرن جو مينهن وسائيندي پل
تان گذرڻ لڳا. ٿوري دير ۾ راسل جي فوج جيڪا مزاحمت
جي لاءِ هن پار قطار ٺاهي بيٺي هئي تيرن جي وسڪاري
سان منتشر ٿي وئي ۽ اڃان سنڌي سپهه سالار پل لنگهي
هن پار لهي پيا ۽ ويندي ئي دشمنن تي ڪڙڪي پيا.
سنڌين کي سواءِ ڀڄڻ جي ٻي ڪا تدبير نه سڌي ۽ محمد
بن قاسم جا سپاهي پنهنجي انهي ڪاميابيءَ تي ايتري
قدر خوش هئا جو پار ٿيندي ئي هن دشمنن کي ڀڄايو ئي
نه پر کين ماريندا وڌندا برابر جهلم شهر جي ڦاٽڪن
تائين هليا ويا. ان ڳالهه جو پتو لڳائڻ ڏکيو آهي
ته محمد بن قاسم ڪهڙي هنڌ سنڌو درياءَ تي پل ٻڌي
پنهنجي فوج پار ڪئي. فتوح البلدارن مان رڳو ايتري
خبر پوي ٿي ته جنهن زمين تي هو لٿو اها قصه (ڪڇ)
جي راجا راسل جي سرحد ۾ هئي. غالباً هي اهو زمين
جو حصو هوندو جيڪو خليج ڪڇ ۽ سنڌو درياءَ جي وچ ۾
واقع آهي ان لاءِ ته قياس آهي ته ان وقت محمد بن
قاسم انهيءَ سنڌ جي ڏاکڻئين حصي ۾ هو ۽ پڻ ڪڇ جي
راجا راسل کي به ڏاهر اهو ئي علائقو ڏنو هوندو ڇو
ته سندس اصل ملڪ سان مليل آهي، وڌيڪ وضاحت ايئن
ڪري سگهجي ٿي ته مسلمان سپهه سالار حيدرآباد سنڌ
جي آسپاس لٿو، غالباً محمد بن قاسم مصلحت ڏسي رات
جي وقت درياءَ مان لٿو هو ان لاءِ ته صبح جو پڙهه
ڦٽي وقت جيئن ئي راءِ ڏاهر جي اک کلي ته سندس
بدنصيب نوڪر عرض ڪن ته محمد بن قاسم پار ڪري آيو ۽
راسل جي فوج کي سخت شڪست ٿي آهي. اک کلندي ئي جيڪا
پهرين خبر راجا ٻڌي اها اها ئي هئي جنهن کي ٻڌندي
هو گهڻو ڪاوڙيو ۽ ڪاوڙ ۾ ايتري قدر آپي کان ٻاهر
ٿيو جو ڪاوڙ ۾ اچي هن انهيءَ نوڪر کي فوراً قتل
ڪري وڌو. انهيءَ وقت ديسي رئيسن کي راجا طرفان
وڌيڪ بدگمان ڪيو جيڪي فوجي سردار ان وقت تائين
وفاداري ۽ جانبازي سان هن جو ساٿ ڏيئي رهيا هئا
انهن جي دل ۾ به اهو خيال يقيناً پيدا ٿيو هوندو
ته راجا کي ڇڏي محمد بن قاسم جو ساٿ ڏين جنهن جي
رحمدلي ۽ عدل پروري جي سڄي سنڌ ۾ هاڪ متل هئي. |