ربيع
پنهنجي فتحن جي سلسلي کي ان حد تائين پهچائي واپس
وريو ۽ زرنج ۾ اچي رهي پيو، هڪ سال ان شهر ۾ رهيو
۽ وري ابن عامر وٽ واپس ويو پر پنهنجي جاءِ تي هڪ
عامل کي مقرر ڪري ويو، هن جي ويندي ئي سيستان وارن
کي واري آزاديءَ جا مزا ياد آيا. فوراً هر پاسي
بغاوت شروع ٿي جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته انهن
ماڻهن ربيع جي مقرر ڪيل عامل کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ۽
حڪمرانن کي وري اها ئي لڙائي ۽ مقابلي جا ڏس ڏيڻ
لڳا. ابن عامر اهڙن ماڻهن جي ڪنڌ ڀڃڻ لاءِ خراسان
۾ تيار ويٺو هو، هن عبدالرحمان بن سمره بن حبيب کي
سيستان جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. عبدالرحمان هڪ
پراڻو تجربيڪار آفيسر هو ۽ هر هنڌ سندس عزت مڃي
ويندي هئي ان لاءِ ته هو ڀلي زماني جو تحفو ۽ نبي
ڪريم ﷺ جو اصحابي هو- عبدالرحمان بن سمره جلدي
اڳتي وڌي زرنج جو گهيرو ڪيو ۽ اهڙو سخت حملو
ڪيائين جو شهر وارن پناهه گهري ۽ پوءِ اطاعت جو
وچن ڪيو. انهيءَ بهادر رسول الله ﷺجن جي اصحابيءَ
زرنج کان اڳتي سنڌ جي سڄي ان علائقي تي قبضو ڪيو
جيڪو زرنج ۽ ڪڇ وچ ۾ واقع هو. خشڪي رستي جڏهن
اسلامي لشڪر هند جي حدن ۾ پهتا ته پهرين پهرين
هندستان جي ڌرتيءَ جو جيڪو حصو ملسمانن جي قبضي ۾
آيو اهو هيءُ سنڌ ئي آهي ۽ ابن سمره ئي اهو اصحابي
آهي جنهن سڀ کان اڳ پنهنجي تلوار جي ڇانو هند
ڌرتيءَ تي ڪئي. هي هنڌ هاڻي سنڌ ۾ نه آهي پر
بلوچستان سنڌ ۾ ڳڻبو هو ۽ سنڌ جي راجا جي هٿ هيٺ
هو. ان وقت جي جاگرافيءَ ۾ ڪو ملڪ بلوچستان نالي
مشهور ئي ڪونه هو پر مڪران ۽ سيستان سان سنڌ جا
دنگ دڙا مليل هئا.
عبدالرحمان بن سمره ان کان پوءِ ان زمين تي قبضو
ڪيو جيڪا زرنج ۽ دوان جي وچ ۾ واقع هئي - جڏهن هو
دوان شهر ۾ پهتو ته اتي جي ماڻهن وڃي ڪوهزور ۾
پناهه ورتي پر عبدالرحمان اُتي به انهن جو پيڇو نه
ڇڏيو ۽ ڪوهه زور جو گهيرو ڪيو. زور هڪ بت جو نالو
هو جنهن جو مندر انهي جبل تي ٺاهيو ويو هو ۽
انهيءَ ڪارڻ اُن جو نالو به ڪوهه زور پئجي ويو. هي
بت سون جو هو ۽ ياقوت جون اکيون ٺاهي هن جي مهانڊي
۾ کپائي ڇڏيون هئائون. آخر باغين ۽ سرڪشن آڻ مڃي.
عبدالرحمان ۽ سندس ساٿي اسلامي شان سان الله اڪبر
چوندا وسنديءَ ۾ داخل ٿيا ۽ بالڪل بتخاني ۾ وڃي
ساهه پٽيائون، مغرور مرزبان به هٿ ٻڌي حاضر ٿيو
ابن سمره ان کان اڳ جو هن کي سامهون ٿئي پهريون ڪم
اهو ڪيائين جو بت جو هڪ هٿ ڀڳائين ۽ پوءِ نيزي سان
هن جون ٻئي اکيون اکيڙي ڪڍيون، ان ڪارروائي کان
پوءِ مرزبان ڏانهن ڌيان ڏنائين ۽ چيائين ”هي
پنهنجو سون ۽ ياقوت وٺ منهنجو ان ۾ ڪو غرض ناهي
صرف توکي اهو ڏيکارڻ منظور هو ته بتن ۾ نفعي ۽
نقصان جي ذري برابر به طاقت ناهي.“ ابن سمره ڪوهه
زور مان واندو ٿي ڪابل ۽ زابلستان کي به فتح
ڪيائين- سيستان جي ماتحت غزني ضلع هو جيڪو علائقو
انهن ڏينهن مقامات ۾ شمار ٿيندو هو، سڄو ملڪ
سيستان نئين سر فتح ڪري ۽ هر شهر ۽ هر ڳوٺ تي
پنهنجو قبضو قائم ڪري عبدالرحمان بن سمره زرنج ۾
واپس اچي رهيو. هاڻي اهو زمانو آيو جو حضرت عثمان
رضه جي مخالفت جو هل ۽ هنگامو مصر ۽ عراق ۾ پيدا
ٿيڻ لڳو، هي هڪ اهڙو فتنو هو جنهن اسلامي طاقت کي
سخت صدمو پهچايو- فساد جي باهه ڪنهن به طرح جهڪي
نه ٿي ۽ نيٺ ناعاقبت انديش باغين ڏاڍي سختي ۽
بيرحميءَ سان هن مظلوم خليفي کي گهر ۾ گهڙي اڃايل
شهيد ڪيو، افسوس جو پاڻ ۾ خونريزي جي لاءِ ان وقت
جيڪا تلوار هلي هئي پوءِ نه رڪاڻي ۽ هزارين بلڪه
لکين پاڪ مقدس ۽ قيمتي حياتيون ان جي نذر ٿيون.
حضرت عثمان رضه جي شهادت کان پوءِ خلافت جي مسند
تي سنه 35 هجريءَ جي آخري ڏينهن ۾ نبي ڪريم ﷺ جن
جي چاچي جو پٽ حضرت علي المرتضيٰ رضه ويٺو، پاڻ
خليفو ٿيندي ئي حضرت عثمان رضه جو مقرر ڪيل سڀني
والين کي 36 هجري جي پهرئين ئي مهيني ۾ هٽايائين،
عامر جي هٽندي ئي سڀني خراسان، سيستان ۽ ڪرمان جي
ضلعن ۾ باغين سرڪشي شروع ڪري ڏني ۽ هڪ ئي وقت هر
پاسي فساد جي باهه ڀڙڪي اٿي، حضرت علي رضه آهستي
آهستي والي مقرر ڪري روانا ڪيا پر هي اهڙو فساد هو
جيڪو رڳو انتظامي ڪاررواين سان ئي ختم ٿي وڃي ها،
پر سڀني تي عجيب ڳالهه اها ٿي ته سنه 36 هجريءَ ۾
جمل واقعي کانپوءِ جڏهن حضرت عائشه صديقه رضه جا
طرفدار پريشان ۽ منتشر ٿيا ته انهن مان حسڪه بن
عتاب حبطي پنهنجي قسمت جي ڦرڻ جو تماشو ميدان جمل
۾ ڏسي فرار جي واٽ ورتي، حسڪه سان گڏ ڪجهه ٻيا به
سندس هم ذوق ۽ هم خيال عرب شريڪ ٿيا جن ۾ عمران بن
فضل برجمي جو نالو وڌيڪ نمايان هو.
انهن
سڀني گڏجي يورپي ملڪن جي واٽ ورتي ۽ هلندي هلندي
سيستان پهتا. هتي وارا باغي ٿي چڪا هئا ۽ اسلامي
سول وار ۽ مؤمنن جي پاڻ ۾ رتوڇاڻ جي زماني ۾ ڪنهن
جديد عربي فوج جي اچڻ جي اميد نه هئي. انهن جي
توقع خلاف جڏهن انهن فرارين جو ننڍو ٽولو انهن جي
سرزمين تي داخل ٿيو ته عربن سان مقابلي ڪرڻ جي
گذريل تڪليفن جي تصوير انهن جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي
۽ سڀني بنا سوچي سمجهي حسڪه جي اڳيان اطاعت جو ڪنڌ
جهڪايو. انهن عربي پناهه گيرن کي سٺو ميدان ملي
ويو، فوراً زرنج شهر تي قبضو ڪيائون ۽ سڄي سيستان
علائقي تي قبضو ڪري آزاديءَ سان هڪ ننڍي بادشاهيءَ
جا مزا ماڻڻ لڳا- حضرت علي رضه کي خبر پئي ته هن
عبدالرحمان بن جرد طائي کي روانو ڪيو ته حسڪه
وغيره کي سندن هٿ چراند تي سزا ڏي پر معاملو وڌي
ويو عبدالرحمان جيڪو ڏوهارين کي سزا ڏيڻ آيو هو
مقابلي ۾ پاڻ ئي مارجي ويو ۽ سندس فوج کي شڪست
ڏيئي حسڪه وڌيڪ طاقت سان سيستان تي حڪومت ڪرڻ شروع
ڪئي. حضرت علي رضه جڏهن اها خبر ٻڌي ته پريشان ٿيو
۽ عبدالله بن عباس کي جيڪو بصري جو گورنر هو کيس
لکيو ته ڪنهن بهادر آفيسر کي چار هزار فوج جو
اڳواڻ مقرر ڪري سيستان روانو ڪريو ته ڍسڪه ۽ ٻين
کي عبرتناڪ سزا ملي ۽ سيستان انهن ماڻهن جي چنبي
مان آزاد ٿئي. ابن عباس جن ربعي بن ڪاس عنبري کي
چار هزار ماڻهن سان روانو ڪيو ان سان گڏ حصين بن
الحر عنبري جن سيستان جي واٽ ورتي جيڪو هڪ زبردست
سپاهي هو. هي فوج پهتي ته حسڪي زرنج کان نڪري وري
مقابلو ڪيو پر هاڻي سندس حڪومت جو زمانو پڄاڻيءَ
تي پهتو، حسڪه پنهنجي جان حضرت علي المرتضيٰ رضه
جي بهادرن جي تلوارن جي نذر ڪئي ۽ ٻيا به گهڻا
ساٿي مارجي ويا ۽ جيڪي باقي بچيا منتشر ٿي ويا.
ان
عهد ۾ سنڌ تي هڪ مستقل ۽ سخت حملو ڪيو ويو ۽ هيءُ
ئي پهريون حملو آهي جيڪو خشڪيءَ رستي خاص سنڌ جي
سرزمين تي ٿيو ۽ دراصل هي هڪ اهڙو واقعو آهي جو
حضرت علي رضه جي زماني جي ان کوٽ کي بالڪل پورو
ڪري ڇڏيو هو ته سندس عهد ۾ ڪنهن ٻئي ملڪ تي جهاد
نه ٿيو. هي حملو اهڙي طريقي ٿيو جو تغار بن ضعير
هند جي حدن تي فوج چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو ان سان
گڏ نامور ۽ شريف عربن جي هڪ چونڊ ۽ ڪم جي جماعت گڏ
هئي جنهن ۾ حارث بن مره عبدي به هو. حارث ڏاڍو
تجربيڪار ۽ مک ماڻهن مان هو، انهيءَ فوج پنهنجو
ضروري سامان گڏ ڪري سنه 38 هجري جي پڇاڙيءَ ۾ بهرج
۽ ڪوهه پايا جي رستي هندستان طرف ڪوچ ڪيو.
ڪاميابيءَ جو جهنڊو جهولائيندا وڃي ڪوهستان قيقان
تي حملو ڪيائون، هتي دشمنن سان هڪ سخت مقابلي جي
نوبت پيدا ٿي ڇو ته تقريباً ويهه هزار قيقاني
ڪوهستانين جي فوج ساڻن مهاڏو اٽڪايو جنهن سڀني
گهاٽن ۽ رستن کي روڪي ڇڏيو، عربن پنهنجي حملي ۾
اهڙي زور سان الله اڪبر جا نعرا بلند ڪيا جو هي
غير معمولي ۽ هيبتناڪ آواز جبلن ۾ گونجڻ لڳا ۽
قيقانين جا ڪليجا ويهي رهيا.ڪجهه ته گهٻرائي
مسلمانن وٽ هلي آيا ۽ مسلمان ٿيا ۽ باقي بچيل
ماڻهن فرار جي وٽ ورتي. اهڙي طرح مسلمانن ڇانئجڻ
کان پوءِ کين چڱي نموني ماري مڃايو. بامراد ۽
ڪامياب واپس آيا، هندي رعيت مان ماڻهن کي انهن
ايتري گهڻائيءَ سان گرفتار ڪيو جو چون ٿا ته هڪ
ڏينهن هڪ هزار ٻانهيون ٻانها پنهنجي دوستن ۽
سپاهين ۾ ورهايائون. ان ڪاميابي ڪجهه اهڙو حوصلو
وڌايو جو حارث بن مره عبدي وري حملو ڪيو ۽ ان حملي
۾ قسمت کيس واپس اچڻ جي لاءِ نه پر هند جي مٽي
حوالي ڪرڻ جي لاءِ ثابت ٿي، ٻئي حملي ۾ جڏهن هو
ڪيڪان جي شهرن تي حملي آور ٿيو تڏهن خبر آئي ته
امير المؤمنين حضرت علي رضه شهادت جو شربت پيتو ۽
جناب سبط اڪبر جي رضامنديءَ سان معاويه بن ابي
سفيان خليفو ٿيو، ان امر حارث کي ائين ئي بي دلو
ڪري ڇڏيو هو جو هڪ ئي وقت 42 هجريءَ ۾ ڪجهه اهڙي
مصيبت پئي جو خراسان جي سرحد ويجهو هڪ سخت ۽
جانبازي جي لڙائي لڙندي پنهنجي ساٿين سان قيقان جي
مٽيءَ ۾ شهيد ٿيو، ساٿين مان به گهٽ ماڻهو بچيا نه
ته سڀ جا سڀ اجل جو شڪار ٿيا. هي واقعو حضرت
معاويه جي دؤر جو آهي پر اسان حارث جي حالتن جي
سلسلي ۾ بيان ڪيو ته وري اسان ان جو ذڪر ٻئي ڀيري
نه ڇيڙيون، سيستان تي جيتوڻيڪ حسڪه کي قتل ڪري
ربعي عنبري پورو قبضو ڪري ورتو هو پر ٿورن ڏينهن
کان پوءِ اتي جي ماڻهن پنهنجي عادت مطابق وري ڪنڌ
کنيو ۽ سيستان ته ڇا پر ڪرمان وغيره ۾ به بغاوت جا
جهنڊا بلند ٿيا. حضرت علي رضه ماڻهن سان مشورو ڪيو
ته انهن ملڪن جا ماڻهو پنهنجي شورش پسنديءَ کان
ڪنهن به طرح باز نٿا اچن انهن جو ڪهڙو انتظام ڪيو
وڃي، جاريه بن قدامه راءِ ڏني ته اوهان زياد کي هن
ڪم جي ذميواري سونپيو، هو گهڻو ئي هوشيار ۽ لائق
شخص آهي، جيڪڏهن اهي ملڪ سندس هٿ ۾ ڏنا ويا ته
اميد آهي ته سڀني معاملن جو انتظام بهتر ٿي ويندو.
حضرت علي ان راءِ تي عمل ڪري 39 هجريءَ ۾ زياد کي
خراسان جو والي مقرر ڪيو ۽ انهن سڀني ملڪن جي
حڪومت به سندس هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي زياد دراصل هڪ لائق
شخص هو ۽ سچ پڇو ته ان عهد جي علم سياست ۾ پهريون
نمبر رکندڙ هو. انهيءَ سڀئي انتظام ڏاڍي شائستگيءَ
۽ سليقي سان ڪيا. بغاوت ڪرڻ وارن گروهن ۾ پاڻ ۾
اختلاف پيدا ڪري انگريزي چوڻي مطابق ”ڊوئيڊ اينڊ
ڪانڪر“ وڙهايو ۽ حڪومت ڪريو، سڀني کي ڪمزور ڪري
پنهنجي هٿ هيٺ ڪيائين. انهي وقت سڀ کان اڳ حضرت
علي رضه زياد جي نالي کي اڀاريو ۽ انهيءَ زماني ۾
کيس موقعو مليو ته پنهنجو پاڻ کي هڪ منتظم ۽ لائق
ملڪ جو والي ثابت ڪري، پر افسوس جو سندس ترقي جو
بنياد خود حضرت علي رضه جي هٿان پيو. جنهن جي نسل
کي هن جي نسل جي هٿان وڏيون وڏيون مصيبتون سهڻيون
پيون ۽ اڪثر نبوت جي خاندان جي يادگارن جو خاتمو
زياد جي ئي اولاد هٿان ٿيو، هاڻي هن کان وڌ ڇا
ٿيندو جو سيد الشهداءِ حضرت امام حسين رضي الله
عنہ جو سرم مبارڪ ڪٽي انهيءَ زياد جي پٽ اڳيان
رکيو ويو.
40
چاليهه هجريءَ ۾ ابن ملجم جي خنجر حضرت علي
المرتضيٰ رضه جو ڪم پورو ڪيو. حضرت سبط اڪبر امام
حسن رضه خليفو ٿيو، پر جڏهن پاڻ ڏٺائين ته سڄي
اسلامي دنيا فتني ۽ فساد سان ڀري پئي آهي ۽ حضرت
معاويه پنهنجو پاڻ کي رسول الله ﷺ جن جو خليفو ۽
امير المؤمنين سڏائڻ شروع ڪيو آهي، پر شامي فوجون
مقابلي جي لاءِ به روانيون ٿيون آهن، تڏهن پاڻ
نهايت ئي نيڪ نفسيءَ سان انهيءَ خلافت تي جيڪا هڪ
دنياوي بادشاهت ٿي وئي هئي کي ٿڏي ڇڏيائين. حضرت
امير معاويه جي هٿ تي بيعت ڪري ۽ خود پاڻ وڃي خلوت
اختيار ڪيائين، حضرت معاويه خليفو ٿيو ۽ بنا ججهڪ
جي سڄي اسلامي دنيا جي واڳ سندن هٿ ۾ اچي ويئي. ان
دؤر ۾ سڀ کان اڳ اها ئي ڪوشش شروع ٿي ته جهڙي طرح
حضرت علي رضه جي دؤر ۾ مختلف ملڪن جي حڪومت کان
بني اميه وارن کي هٽائي بني هاشم وارا مقرر ڪيا
ويا هئا. اهڙي طرح هاڻي ان جي خلاف وري بنو اميه
هر هنڌ والي مقرر ڪيا ويا. بصره جو عهدو عبدالله
بن عباس جي هٿان ورتو ويو ۽ تجويز ٿيڻ لڳي ته ان
جي جاءِ تي ڪنهن کي مقرر ڪيو وڃي. حضرت امير
معاويه پنهنجي ڀاءُ عتبه بن ابي سفيان کي مقرر ڪرڻ
گهريو ٿي پر عبدالله بن عامر جيڪو حضرت عثمان ذي
النورين جي عهد ۾ هڪ زماني تائين بصره جو والي
رهيو هو، انهيءَ زور ڀريو ته مونکي مقرر ڪرڻ گهرجي
۽ جيڪڏهن مونکي مقرر نه ڪيو ويو ته منهنجو وڏو
نقصان ٿيندو. حضرت معاويه جن منظور ڪيو ۽ ابن عامر
کي ٻيو ڀيرو انهن سڀني ملڪن جي حڪومت حاصل ٿي وئي
جيڪا بصري کان وٺي دولت اسلام جي انتهائي اڀرندين
حدن تائين پکڙيل هئي. عبدالله بن عامر والي ٿيندي
ئي راشد بن عمر کي هند جي حدن ڏانهن روانو ڪيو،
جنهن هلائون ۽ برباديون ڪري سڀني شهرن ۾ هڪ زلزلو
پيدا ڪري ڇڏيو ۽ ڦرلٽ جو گهڻو ڪجهه مال ۽ ملڪيت
کڻي واپس موٽيو. معتبر ذريعن سان بيان ڪيو ويو آهي
ته 42 هجري ۾ عين انهيءَ سال جڏهن حارث بن مره
عبدي قيقان جي مٽيءَ ۾ شهيد ٿيو هو تڏهن هڪ ٻئي
عربي شهسوار عبدالرحمان سنڌ تي حملو ڪيو. پر
غالباً هي غلطي آهي ڇو ته ان کان ٻه سال پوءِ
عبدالرحمان بن حمزه جي فوج جي نالي واري آفيسر
مهلب ڪابل طرف وڃي جيڪي حملا اترين سنڌ جي پرڳڻن
تي ڪيا. هي انهيءَ مان مراد آهي غالباً سنه جي
قائم ڪرڻ ۾ غلطي ٿي آهي ۽ سال پهرين سمجهيو ويو.
هاڻي
وري عبدالله بن عامر جن جو ڏٺو ته سيستان ۾ بغاوت
جو جهنڊو بلند آهي، جنهن اڳ ۾ هوشياريءَ سان حضرت
عثمان رضه جي دؤر ۾ هتي جي باغين جو ڪنڌ ڀڳو هو.
اهڙي چالاڪيءَ سان هاڻي وري ڌيان ڏنائين، تنهنڪري
هاڻي جنهن سرگرمي ۽ جوش سان بصره جي واڳ هن ٻيهر
پنهنجي هٿ ۾ ورتي هئي اهڙي طرح عبدالرحمان بن سمره
کي به انهيءَ ٻيهر سيستان جو والي مقرر ڪري روانو
ڪيو. ابن سمره 44 هجريءَ ۾ سيستان جي واٽ ورتي.
پهرين لڙاين هن ملڪ جي حالتن کان کيس خود واقف ڪري
ڇڏيو هو، سيستان جي حدن ۾ داخل ٿيندي ئي اهڙي تيزي
سان وڌيو جو باغين ۽ مرتدن جو ڪنڌ ڀڃي برابر ڪابل
جي ديوارن هيٺ وڃي پهتو، رستي ۾ جيڪي شهر آيا
فوراً فتح ٿيا، ڪابل وارن جي پيشانيءَ تي جڏهن
گهنج نظر آيا ۽ فاتحن شهر جا ڦاٽڪ بند ڏٺا ته
گهيرو ڪيائون ۽ چئني طرفن کان منجنيقون قائم
ڪيائون، ان پراڻي زماني جي جنگ ۾ ڪم ايندڙ مشينن
شهر پناهه کي هڪ طرف ٽوڙي وڏو رخنو پيدا ڪيائون.
ان وقت شهر وارن ڏاڍي دليريءَ سان مقابلو ڪيو پر
مسلمان وڙهندي شهر ۾ داخل ٿي ويا تڏهن ڪابلين کڻي
آڻ مڃي. ڪابل جو انتظام ڪري عرب اڳتي وڌيا بست شهر
تي حملو ڪري فتح ڪيائون، وري رزان جو رخ ڪيائون.
هتي جا ماڻهو عربن جي اچڻ جو ٻڌندي ئي شهر ڇڏي ڀڄي
ويا. مجاهدن رازن کان اڳتي وڌي خشڪ تي حملو ڪيو ۽
خشڪ وارن بنا جنگ جي آڻ مڃي ورتي.
عبدالرحمان بن سمره خشڪ کان وڌي رخج وارن کي شڪست
ڏني ۽ انهن جي شهر تي قبضو ڪري اڳتي وک وڌائي.
هتان کان وڌي زابلستان ۾ داخل ٿيو، جنهن مان
غزنيءَ جو علائقو مراد آهي ان علائقي جي سڀني هنڌن
کي پنهنجو مطيع بنائي ڪابل واپس آيو. ڪابل وارا
ايترن ڏينهن ۾ سرڪشي تي آماده ٿي ويا انهن مقابلو
ڪيو ته مسلمانن وري بهادريءَ سان شڪست ڏني ۽ ڪابل
۾ پنهنجي حڪومت قائم رکڻ جو انتظام ڪري عبدالرحمان
بن سمره بصري ۾ واپس آيو، جتي ٿورن سالن تائين
پنهنجي زندگي پوڙهپ جي خاموشي ۾ گذاري 50 هجريءَ ۾
عبدالله بن عامر جن عبدالله بن سوار عبدي کي هند
جي ڪنارن تي موڪليو. ابن سوار اڳتي وڌي قيقان تي
حملو ڪيو ۽ ان سرزمين جي فسادن قومن کي شڪست ڏيئي
غنيمت جو مال هٿ ڪيو. قيقان ۾ پنهنجي سخت حملن سان
هڪ زلزلو پيدا ڪري هو حضرت امير معاويه جي درٻار ۾
واپس ويو ۽ بارگاهه خلافت ۾ قيقاني گهوڙا پيش ڪري
سرخرو ٿيو. دارلخلافت دمشق ۾ ٿورا ڏينهن رهي وري
قيقان جي ڌرتي جي واٽ ورتائين پر افسوس هاڻي کيس
حوصلا مندي نه پر موت وٺي آيو. ايندي ئي ترڪي ٽولن
سان مقابلو ڪيائين. جنهن جو نتيجو هي ٿيو ته
عبدالله بن سوار قيقان جي مٽيءَ جو پنوڙو ٿيو ۽ ان
سان گڏ ويجهو ويجهو سندس سڀني ساٿين به شهادت جو
شربت پيتو، چچ نامي جي مصنف لکيو آهي ته حضرت امير
معاويه عبدالله بن سوار کي چار هزار سوارن تي
سردار مقرر ڪري روانو ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته ”توهان وڃي
سنڌ جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ وٺو. اتي جيڪو ڪوهستان
قيقان جي نالي سان مشهور آهي ان ۾ نهايت ڀلا ۽
پوري قد ڪاٺ جا گهوڙا هوندا آهن، هن کان اڳ به ٻه
گهوڙا غنيمت جي مال مان مون وٽ اچي چڪا آهن پر اتي
جا ماڻهو ڏاڍا شرير آهن ۽ پنهنجي ڪوهستاني گهاٽين
جي ڪري سدائين سرڪشيءَ جي سزا کان بچي ويندا آهن.“
هي غالباً عبدالله بن سوار جي ٻئي سفر بابت آهي ڇو
ته امير معاويه جي بيان ۾ اهڙا لفظ آهن جن مان پتو
پوي ٿو ته جهڙوڪ هو عبدالله بن سوار کي پهريون
دفعو روانو ڪري رهيو آهي پر هي لفظ شايد اڻ ڄاڻ
مؤرخن جي ذاتي مرضي سان پيدا ٿيا، انهيءَ ئي ابن
سوار جي تعريف ۾ شاعر چوي ٿو ته:
وابن
سوار علي عداته،
موقد
النار وقتال السغب،
(۽
ابن سوار جيڪو فوجي ڪاهه وقت سدائين پنهنجو رڌڻو
گرم رکندو هو ۽ بکايلن کي ماريندو هو يعني پنهنجي
فوج کي ڍؤ ڪرائيندو هو ۽ دشمن بکايل هوندا هئا)
هي
شخص وڏو سخي هو، سندس لشڪر ۾ ڪنهن کي چلهه ٻارڻ جي
ضرورت نه هوندي هئي، هڪ ڏينهن اتفاقاً هن لشڪر
گاهه ۾ ڪٿي باهه ٻرندي ڏٺي ته پڇيائين هي ڪير
ٽانڊو ٻاري رهيو آهي؟ ماڻهن چيو هڪ عورت کي ويم
ٿيو آهي پنهنجي لاءِ خبيص (هڪ مزيدار کاڌو جيڪو
خرمي ۽ گيهه ۾ رڌبو آهي) تيار ڪري رهي آهي. حڪم
ڏنائين ته ٽن ڏينهن تائين سڀني ماڻهن کي اها خوراڪ
کارائي وڃي.
44
هجريءَ ۾ مهلب بن ابي صفره جيڪو عبدالرحمان بن
سمره جي فوج جو هڪ نالي وارو فوجي سردار هو،
هندستان جو جهاد ڪيائين، هي حملو نه درياءَ جي
پاسي کان ٿيو ۽ نه مڪران جي طرف کان. پر ڪو رستو
هو جنهن کي مسلمانن پهريون ڀيرو ڳولهي لڌو.
جيتوڻيڪ پوءِ غزنوي وغيره ۽ ٻين مسلمان بادشاهن
انهيءَ رستي کان اچي حملو ڪيائون. پر قديم عرب جي
مسلمان سپه سالارن مان ڪنهن به هن پاسي اچڻ جو
ارادو نه ڪيو هو. سدائين ڪابل تائين آيا پر اڳتي
جبلن جي خطرناڪ ورن وڪڙن اهڙو خوف ڏياريو جو اوڀر
طرف ڪنهن کي اڳتي وک وڌائڻ جي همٿ نه ٿي. مهلب
انهن جابلو طلسمن کي ٽوڙي پنجاب جي ميدانن ۾ قدم
رکيو جيڪو انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ ئي شامل سمجهيو
ويندو هو.
مهلب
خلافت مان اجازت ملندي ئي پنهنجي گهوڙي جون واڳون
اوڀر طرف واريون ۽ ڪابل ۽ پشاور جي وچوارن گهاٽين
مان نمودار ٿي هند ۽ لاهور تي سخت حملو ڪيو. ملتان
۽ ڪابل جي وچ واري علائقي کي هن هڪ ئي ڪاهه ۾
پنهنجي پٿرن ۾ ڏار وجهندڙ تلوار جي ڊپ کان ڏڪائي
ڇڏيو. دشمن سان قندابيل شهر ويجهو مقابلو ٿيو ۽
مهلب ڏاڍي دليري سان ڪاهون ڪري شڪست ڏيئي ڇڏي ۽
ڏاڍو مال ملڪيت کڻي مشهوري ۽ سرخروئي سان واپس ملڻ
لڳو. هندستان جي موجوده انگريزي ۽ اردو تاريخن ۾
جن تي في الحال ڀروسو ڪيو ويو آهي، ان کي فقط
مسلمانن جي انهيءَ حملي بابت معلوم ٿي سگهيو آهي ۽
ان کان اڳ هند ۽ سنڌ تي جن لشڪرن ڪاهه ڪئي انهن
تائين ڪنهن جي به اک نه پهچي سگهي. افسوس جو عربي
ڪتابن تي ڪنهن جي به اک نه ٻڏي جيڪي اسلامي تاريخ
جي سڀني عهدن کي ۽ خاص ڪري شروعاتي صدين جي حالتن
کي چڱي وضاحت ۽ بهتر صحت سان ٻڌائي رهيا آهن. انهن
ڏينهن ۾ جڏهن مهلب هندوستان کان واپس وريو ته
قيقان جي سرزمين تي پهچندي ئي ارڙهن ترڪ سوارن سان
جهڙپ ٿي. اهي ترڪ ٿورا هوندي به وڙهڻ لاءِ تيار ٿي
ويا ۽ نيٺ سڀئي عرب سپاهين جي تلوارن جو گرهه ٿيا.
انهن ترڪن جي گهوڙن جا پڇ وڍيل هئا. مهلب کي اهو
نمونو پسند آيو ۽ چيائين ”اهي عجمي اسان کان وڌيڪ
ان ڳالهه جا حقدار نه آهن جو پنهنجي گهوڙن جا ٻر ۽
پڇ ڪتري ڇڏين، اهو چئي هن پنهنجو ۽ پنهنجي فوج جي
سڀني گهوڙن جا ٻر ۽ پڇ ڪترائي ڇڏيا، ان ڪري چوندا
آهن ته اسلام ۾ مهلب پهريون ماڻهو هو جنهن گهوڙن
لاءِ اهو نمونو اختيار ڪيو. انهيءَ مهم ۾ نبه جي
جنگ جو ڏيک ازدي پنهنجي هڪ شعر ۾ بهتر ڏيکاريو
آهي، چوي ٿو:
الم
تران الا زوليلت بيتوا،
به
نبته کانو جيش المهلب.
(ڇا
تو ازد قبيلي جي سپوتن کي ان رات نه ڏٺو جڏهن انهن
نبه شهر تي پڙاءُ وڌو جو مهلب جي لشڪر ۾ اهي ئي
ڀلا ڏساڻان ٿي)
مهلب
جو حملو ڪابل پاسي هو پر سنڌ جي واٽ بالڪل ڌار
هئي. اتي عبدالله بن سوار جي شهيد ٿيڻ کان پوءِ
جيڪو انتظام ڪيو ويو ان سان مهلب جو ڪوبه واسطو نه
هو. جڏهن عبدالله جي مارجڻ جو احوال معلوم ٿيو ته
ان جي جڳهه سنڌ تي زياد بن ابي سفيان جن سنان بن
سلمه بن مجبق هذلي کي روانو ڪيو. اهو شخص عالم
فاضل ۽ خداپرست هو، چون ٿا ته اهو پهريون شخص آهي،
جنهن فوجين کي طلاق جو قسم کڻايو. سنان ساحل تي
آيو. مڪان کي بهادريءَ سان فتح ڪيائين. ان جي
آبادي ۽ رونق ۾ واڌارو ڪيائين. ٿورا ڏينهن رهي اتي
جي شهرن جي ساوڪ جو بهتر بندوبست ڪيو. انهيءَ شخص
جي باري ۾ شاعر چوي ٿو:
رايت
هذيلا احدثت في يمنيها،
طلاق
نساءِ مايسوق بها مهرا،
لهان
عليٰ حلفته ابن محبق،
اذا
رفعت اعناقها حلفا صفراَ.
(مون
هذيل وارن کي ڏٺو جو هنن پنهنجي طريقي ۾ رکائي سان
زالن کي طلاق ڏيڻ واري نئين قسم جي بدعت ايجاد
ڪئي، پر مون کي ابن محبق جو قسم آسان آهي جڏهن ته
عورتون ڪنڌ کڻي کڻي سون جون واليون ڏيکاريون.)
ابن
ڪلبي جو بيان آهي ته مڪران کي ان کان اڳ حڪيم بن
جبله عبدي فتح ڪري چڪو هو. پر ٿي سگهي ٿو ته سنان
بن سلمه ان کي ٻيهر فتح ڪيو هجي. عرب جي فتحن جو
حال جن ماڻهن تفصيل سان ڏٺو آهي انهن وٽ اهو وڌيڪ
قياس جي ويجهو هوندو. ان لاءِ ته عربن سدائين اڪثر
شهرن کي ڪيترائي ڀيرا فتح ڪيو آهي. جنهن جو ڪارڻ
سواءِ انهن جي رحمدلي جي ٻيو ڪوبه ناهي. ان لاءِ
ته فتح ڪري ماڻهن تي هو ايترو تشدد ڪڏهن به نه
ڪندا هئا، جيتري تشدد جي ضرورت هڪ فاتح کي هوندي
آهي.
ان
کان پوءِ زياد هنن جي ساحلن تي راشد بن عمرو جديدي
ازادي کي روانو ڪيو. راشد بن عمرو جديدي عرب جي
وڏي اشراف خاندان مان هو ۽ ان سان گڏ ذاتي صلاحيت
۽ ڳڻن وارو پڻ، ننڍپڻ ۾ ئي هن شجاعت جا جوهر
ڏيکاريا هئا. جڏهن زياد جن، سنان بن سلمه کي هٽائڻ
چاهيو ٿي. انهن ڏينهن ۾ اتفاق سان هي شريف النفس
بهادر معاويه جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو ۽ هن جا سڀئي
ڳڻ ظاهر ڪيا ويا. معاويه ان جي انهن ڳڻن جو
ايستائين قدر ڪيو جو پنهنجي برابر خلافت جي گاديءَ
تي ويهاريو. ان کان پوءِ سڀني فوج جي اڳواڻن کي
مخاطب ٿي چيائين ته هي هڪ بيمثال شخص آهي. اوهان
سڀني ماڻهن کي گهرجي ته هن جي اطاعت ڪري ۽ جنگ جي
ميدان ۾ کيس اڪيلو نه ڇڏيو، اهو چئي راشد کي مڪران
ڏانهن روانو ڪيو ته سنڌ جي مهم جو ڪم سنان بن سلمه
جي جڳهه تي سرانجام ڏي. ان سان گڏ معاويه سنان کي
لکيو ته مون راشد کي ورانو ڪيو آهي هي پهچي ته
اوهان رستي تي اچي آجيان ڪندا ۽ هند ۽ سنڌ جي
حالتن کان پورو واقف ڪندا. راشد مڪران ويجهو پهتو
ته سنان حڪم جي پوئواري ڪندي سندس آجيان ڪئي ۽
پوءِ اطاعت ڪئي ۽ سڀني معاملات کان کيس آگاهه
ڪيائين. انهن سڀني حالتن کان واقف ٿي راشد سرحدي
شهرن تي فوجي ڪاهه ڪئي. زير ٿيندڙن کان ڏن وٺي
قيقان تي حملو ڪيو، اتان موجوده ۽ ايندڙ سال جو ڏن
وصول ڪري ڪيترو ئي غنيمت جو مال ۽ غلام ٻانهيون هٿ
ڪيا. هڪ سال جي قيام ۾ اهي ڪارروايون ڪري هو
سيستان رستي واپس روانو ٿيو. مندر ۽ ڀرج جبلن وٽ
پهتو ته ڪوهستاني ماڻهن جيڪي ميد سڏبا هئا. هڪڙو
پنجاهه هزار ماڻهن جي ٽولي سان اچي مقابلو ڪيائون.
صبح کان شام تائين جنگ رهي ۽ نيٺ راشد مارجي ويو.
تڏهن لاچار ٿي سنان بن سلمه فوج جي اڳواڻي پنهنجي
هٿ ۾ ڪئي. زياد کي جڏهن اها خبر پهتي ته هن پنهنجي
پاران به ساحل تي سنان کي ئي مقرر ڪيو. سنان ٻن
سالن تائين اتي ئي مقيم رهيو. انهيءَ زماني ۾
اعشيٰ همداني مڪران جي شان ۾ هي شعر چيا:
وانت
تيراهي مڪران فقط شخص الورود المصدر،
ولم
تک حاجتي مڪران والا اتعرو فيها لا المتجر.
(۽
تون (پاڻ سان مخاطب آهي) مڪران وڃين ٿو رهڻ جي هنڌ
۽ وطن ۾ ڳچ پنڌ ٿي ويو، اي مڪران مون کي تنهنجي
ضرورت نه هئي جنهن ۾ نه جهاد آهي ۽ نه واپار.
وحدثت عنها ولم اَها فما زلت من ذڪرها اوخر،
بان
الڪثير بها جامع وان القليل بها سعور.
(۽
مون هن جو احوال ٻڌو هو، هو آيو هو ۽ هميشه هن جي
ذڪر سان ڀڄندو هو. ان لاءِ ته اتي اڪثر ماڻهو بکيا
آهن ۽ ڪجهه هنڌ خوفناڪ آهن.)
هاڻي
مڪران ۽ سنڌ جي سرحدن جي حڪومت حاصل ڪري
خودمختاريءَ سان سنان پنهنجي ڪارگذارين جا بهترين
نمونا ڏيکاريا. قيقان تي حملو ڪري انهيءَ وڏي
فتحمندي حاصل ۽ ڪيترن نون پرڳڻن کي پنهنجي هٿ هيٺ
ڪيو ۽ آخر فتحون حاصل ڪندو ٻڌا جي هنڌ پهتو جتي
جنگ هلندي ڏاڍي بيدرديءَ سان ماريو ويو ۽ انهن
ماڻهن کي حسد ٿيو، جيڪي اهڙي موت کي سڀ کان اعليٰ
شهادت تسليم ڪندا هئا.
معاويه جي آخري عهد 59 هجريءَ م خود زياد جي پٽ
عباد سيستان رستي هند جي ڪنارن تي جهاد ڪيو. هلندي
سناروز پهتو پوءِ ردوبار علائقي مان لنگهي جو ارض
سيستان ۾ آهي هيلمند جي واٽ ورتي اتان کان اڳتي ڪش
۾ خيما کوڙيائين ۽ اتان کان ننڍو سفر ڪري قنڌار تي
وڃي ڪڙڪيو. قنڌار وارن دليريءَ سان مقابلو ڪيو پر
عباد کين شڪست ڏئي پنهنجي تلوار سان انهن جو منهن
ڦيري ڇڏيائين، ۽ ٿورن قيمتي مسلمانن جون حياتيون
نذر ڪري شهر تي قبضو ڪيو. ابن مغرغ شاعر جيڪو ان
سفر ۾ سندس ساٿي هو، قنڌار جي شهيدن بابت مرثيو ۽
پنهنجي دل جو درد هن طرح بيان ڪيو اٿس.
کم
بالجروم وارض الهند من قدم ومن سراينگ قتليٰ الهم
قبروا،
بقند
هار ون مکتب مبعيغ، بقند هاريرجم دونه انخبر،
ترجمو: ”گرم ملڪن ۾ ۽ هندوستان جي سرزمين ۾
ڪيترائي نقش قدم آهن ۽ ڪيترائي قومي پهلوان آهن
جيڪي شهيد ٿيا ۽ کين قبر به نصيب نه ٿي قنڌار ۾ ۽
جنهن جي موت قنڌار ۾ لکيل آهي وڏن وڏن پٿرن هيٺ
دٻجي ويندا آهن ۽ سندن خبر به نٿي ٻڌي سگهجي.“
پر
عباد بن زياد کي مڪران ولايت ۽ سنڌ تي چڙهائيءَ جو
ڪوبه خيال نه هو، جيتوڻيڪ پنهنجي حملي آوري جي
رفتار ۾ هن جا سوار هندستان جي ڌرتيءَ تي هڪ ئي
ٽائيم گهوڙا ڊوڙائيندا نڪري ويا، سنان بن سلمه جي
شهادت کان پوءِ جيڪو شخص مڪران جو والي مقرر ٿي
سنڌ تي فوجي چڙهائي جو ذميندار بڻايو ويو اهو منذر
بن جارود عبدي هو، جنهن جي ڪنيت ابو الاشعث هئي.
هي هڪ بهادر ۽ دلير شخص هو، ايندي ئي توقان ۽
قيقان تي چڙهائي ڪيائين، ان جنگ ۾ مسلمانن تمام
گهڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، غنيمت جو مال هٿ آيو ۽
گهڻي تعداد ۾ ٻانهيون ۽ غلام پنهنجي ملڪ ڏانهن
روانيون ڪيون، منذر بن جارود ان کان پوءِ وڌي
قصدار کي فتح ڪيو اتي به ڪيتريون ئي ٻانهيون ۽
غلام قبضي ۾ آيا. قصدار به انهن شهرن ۾ آهي جيڪي
ٻيهر فتح ڪيا ويا. سنان انهيءَ شهر کي فتح ڪري چڪو
هو پر شهر وارن اعمالن جي شامت سان ٻيهر بغاوت ڪئي
۽ خود پنهنجي هٿ سان انهيءَ آفت ۾ وري ٻيو ڀيرو
ڦاٿا، جنهن جو مزو هڪ دفعو چکي چڪا هئا، سنان فتح
کان پوءِ قصدار ۾ ئي رهي پيو، ايستائين جو هتي ئي
قبر نصيب ٿيس، تڏهن به شاعر هن جي مرثيي ۾ چوي ٿو:
حل
بقصدار فاتح ابهافي القبر لم يقفل مع القاتلين،
لله
قصدار واعنا بها اي فتي دنيا اجنت ودين.
(قصدار ۾ داخل ٿيس پوءِ جو ڏٺم ته قبر ۾ هو،
مجاهدن سان گڏ واپس نه آيو، هاءِ هاءِ قصدار ۽ ان
جي وادي ڪهڙي سپوت کي دنيا ۽ دين قبر حوالي ڪري
ڇڏيو).
منذر
بن جاروت کان پوءِ عبدالله بن زياد جيڪو هاڻي
پنهنجي پيءُ جي جڳهه بصري جو والي هو، منذر بن
حارث بن بشر کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو، منذر کي هڪ
سفر ۾ ڪجهه اهڙي بدشگوني پيش آئي جو عبيدالله بن
زياد پيشنگوئي ڪئي ته منذر سنڌ کان واپس زندهه نه
ايندو. باوجود ان جي هي اهڙو بهادر ۽ نامور آفيسر
هو جو ابن زياد کي کيس روانو ڪرڻو ئي پيو پر ابن
زياد جي پيشنگوئي سچي ثابت ٿي، ان لاءِ ته منذر
توران جي حدن تائين پهچندي ئي بيمار ٿيو ۽ ان مرض
مان ڪنهن به طرح ڇٽي نه سگهيو، نيٺ اتي ئي مٽيءَ
جو پنوڙو ٿيو. منذر جنهن وقت الله جو سڏ ڀريو ان
وقت سندس پٽ حڪم ڪرمان ۾ هو. عبيد الله بن زياد کي
جڏهن منذر جي مرڻ جي خبر پئي ته ڏاڍو ڏکارو ٿيو ۽
دل ۾ خيال ڪيائين ته هن بدشگوني باوجود منهنجي حڪم
تي عمل ڪري پنهنجو پاڻ کي قربان ڪيو. انهيءَ خيال
سان هن حڪم بن منذر سان ڏاڍو سهڻو سلوڪ ڪيو. خزاني
مان 3000 درهم موڪليائين ۽ کيس مرحوم منذر جي جڳهه
تي ڪرمان ۽ سنڌ جو والي مقرر ڪيائين. حڪم ڇهه
مهينا مڪران جو والي مقرر ٿيو، پر انهيءَ عرصي ۾
به هن پنهنجي لياقت ۽ بهادري چڱي نموني ظاهر ڪئي.
حڪم کان پوءِ ابن زياد هڪ ٻئي لائق ۽ بهادر سردار
ابن حري باهلي کي سنڌ جي ڪنارن تي والي مقرر ڪيو.
ابن حري جي هٿان الله سائين مسلمانن کي ڪيترن ئي
فتحن تي فخر ڪرڻ جو موقعو ڏنو. هن سنڌ ڌرتيءَ ۾
پهچندي ئي جنگ جو ميدان گرم ڪيو. ڏاڍيون جهڙپون
ٿيون. فتح ٿيس ۽ غنيمت جو مال هٿ ڪيائين. ڪجهه
مؤرخ چون ٿا ته عبيد الله بن زياد اصل ۾ ته سنان
بن سلمه کي ان خدمت تي مقرر ڪيو هو پر هن جي طرفان
جيڪي فوجون سنڌ طرف ويون هيون انهن تي ابن حري
باهلي سپه سالار هو، خير جيڪي ڪجهه فتوحات جون
چاٻيون ابن حري جي ئي هٿن ۾ هيون شاعر انهيءَ ابن
حري جي شان ۾ چوي ٿو:
لولا
طعاني بالبوتان ما رجعت منه سرايا ابن حري با
سلاب.
ترجمو: (جيڪڏهن بوقان ۾ آءٌ پنهنجي نيزي بازيءَ جا
جوهر نه ڏيکاريان ها ته ابن حري جون فوجون مقتولن
جا هٿيار ۽ سامان وٺي واپس نه اچن ها). |