سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 6

صفحو :25

 

باب ڇهون

عربي نسل ۽ خودمختيار سلطنت سنڌ

270 هه ۾ اسان جي اڳوڻي بيان جي مطابق منصوره جي حڪومت عبدالله بن عمر بن عبدالعزيز جي هٿ ۾ هئي. ان کان ٽيٽيهه سال پوءِ يعني 303 هه ۾ اسان منصوره تي سندس پٽ عمر بن عبدالله بن عبدالعزيز هباري کي حڪمران ڏسون ٿا. جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته عبدالله بن عمر کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڪجهه گهٽ زماني تائين نه مليو ان جي وارث عمر بن عبدالله هباري جي ڪنيت ابو الهنذر هئي ۽ ان جي زماني ۾ معلوم ٿئي ٿو ته هندستان جي راجائن جي ڏيکا ڏيکي ۾ ان خاندان جي فرمانروائن پنهنجي ان ننڍي رياست ۾ شاهي ٺاٺ پيدا ڪري ورتا هئا. ڇو ته رياح نالي هڪ شخص ان جو وزير هو ۽ حمزو نالي هڪ ٻيو شخص به ان جي درٻار ۾ گهڻي هلندي پڄندي رکندو هو، جيڪو هڪ معزز ۽ شريف عرب هو ان جي طاقت ايتري قدر وڌيڪ هئي جو جيڪڏهن هن کي به منصوره جو اعليٰ سردار ۽ حاڪم چيو وڃي ته غلط نه ٿيندو. عمر بن عبدالله منصوره جي موجود فرمانروا جا ٻه پٽ هئا. هڪ محمد ۽ ٻيو علي ۽ جڏهن هتي گهڻائي ۾ حضرت علي مرتضيٰ رضه جي نسل جا ماڻهو موجود هئا. ۽ انهن علوي شيخن ۾ گهڻو شمار انهن ماڻهن جو هو جيڪي پنهنجو پاڻ کي عمر بن علي ۽ محمد بن علي جي خاندان مان ٻڌائين ٿا. ان لاءِ ضرور عمر بن عبدالله هباري جو نسل ان محترم نسل سان ملندو.

منصوره جي حڪومت جي ايراضي به گهٽ نه هئي ڇو ته ٽي لک ڳوٺ ان جي بادشاهت ۾ آباد هئا. ملڪي مناسبت سان منصوره جا فرمانروا ٻين هند جي راجائن وانگر پنهنجي فوج ۾ اسي 80 جنگي هاٿي گڏ ڪيا هئا. جن جي سونڊن تي هڪ قسم جون خمدار تلوارون جيڪي هتي جي اصطلاح ۾ ڪرتل سڏبيون هيون چڙهيل رهنديون هيون. ۽ ان جي سڄي جسم تي ڳريون ڳريون زرهون پيل هونديون هيون. ته جيئن جنگ ۾ دشمنن جي ملي کان هو محفوظ رهن. هندستان جي رواج مطابق انهن مان هرهڪ جنگي هاٿي جي آس پاس پنج سؤ سپاهين جو هجوم رهندو هو. ذڪر ڪيل اسي هاٿين ۾ ٻه اهڙا ڀلا ۽ وڏي ٺٺ وارا هاٿي هئا جو هندستان جي سڀني راجائن، مهاراجائن ۾ ان جي شان ۽ ڀلڀ جي هاڪ هوندي هئي ۽ هر ديسي راجا ان کي حسد جي نظر سان ڏسندو هو انهن ٻنهي ملڪن مان هڪ جو نالو منفرقلس ۽ ٻي جو حيدره هو. منفرقلس جا عجيب ۽ غريب احوال ۽ حيرت ۾ وجهندڙ قصا سڄي هندستان ۾ مشهور هئا. جڏهن ته چيو وڃي ٿو ته اتفاق سان ان جو فيلبان مري ويو ان کي ايتري قدر ڏک ٿيو جو ڪيترن ڏينهن تائين هن نه ڪجهه کاڌو ۽ نه پيتو. دردناڪ آواز سان روئيندو رهيو ۽ نه وري سندس لڙڪن جون لارون بند ٿيون. ان کان سواءِ اهو به مشهور آهي ته منصوره جي فرمانروا جا اهي سڀ جنگي هاٿي هڪ ڏينهن هاٿي گهر مان نڪري منصوره جي رستن تي اهڙي ترتيب سان لنگهي رهيا هئا جو سڀ کان اڳ منفرقلس ان کان پويان حيدره ۽ باقي ان يونان هاٿي هلي رهيا هئا. اتفاق سان واٽ تي هڪ عورت بي خبر بيٺي هئي جو هاٿين جو ولر ان جي مٿان ڪڙڪيو، عورت گهٻرائجي وئي نه  آفت کان ڀڄي پئي سگهي نه بيهي پئي سگهي ۽ هڪ دانهن ڪري زمين تي بيهوش ٿي ڪري پئي. گهٻراهٽ مان سندس ڪپڙا هر هنڌ کان ليڙون ليڙون ٿي ويا ۽ پردو نه رهيو. منفرقلس اهو ڏسندي ئي بيهي رهيو ۽ پوئتي وارن هاٿين کي به روڪڻ جي لاءِ اهري طرح آڏو اچي رڪجي ويو جو ڪنهن هاٿي کي وڌڻ جي همٿ نه ٿي. پوءِ منفرقلس سونڊ وڌائي ان عورت جا ڪپڙا ٺاهي ٺيڪ ڪيا ۽ ان جي جسم کي مڪمل ڍڪيو. ٿوري دير کان پوءِ جڏهن عورت کي هوش آيو ۽ سندس حوصلا ٺڪاني ٿيا ته هو اٿي ڀڳي، ان جي وڃڻ کان پوءِ منفرقلس سڀني هاٿين کي وٺي اڳتي وڌيو.

انهن ڏينهن يعني 303 هه ۾ ملتان جي حڪومت منصوره جي ماتحت هئي. منصوره جي هباري خاندان جي حڪومت فقط منصوره ۽ آس پاس جي ضلعن تائين محدود هئي. ملتان ۾ ان جي برابر رتبي ۽ طاقت ۾ هڪ ٻي حڪومت قائم ٿي ويئي هئي. جتي جو تخت ڌڻي به عربي نسل هو جيڪو پاڻ کي قريشي سڏائيندو هو. ان زماني ۾ ان رياست جو والي ابو منبه ابن اسد قريشي سامي انهي خاندان مان هو. اهو سامي خاندان ڳچ عرصي تائين ملتان تي قابض ۽ حاڪم رهيو پر مسعودي ته اهو لکيو آهي ته اسلام جي شروعات کان هي ملڪ انهيءَ شخص جي ابن ڏاڏن ۾ هلندو پيو اچي. اڪثر نسب جا ماهر عالم ان ڳالهه کي مڃين ٿا ته بني سامه بن لوي قريشي هو. پر ڪجهه ماڻهن ان جو انڪار به ڪيو آهي، جيڪي چون ٿا ته بني سامه شرارلوي بن غالب جي نسل مان ناهي، پر صحيح اهو ئي معلوم ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو قريش نسل مان هئا. انهن جو پهريون ٺڪاڻو عرب جو ملڪ عمان هو جيڪو جزيزه نما عرب جي اوڀرندين ڪناري تي ڏکڻ پاسي ڌڪيل آهي. ۽ جتي هندوستان تائين جهازن جي اچ وڃ رهندي هئي.

عمان ۾ شروعات ۾ خارجين جي گهڻائي هئي جنهن عباسي خلافت کان سرڪشي اختيار ڪئي ته انهي سامه بن لوي جي قبيلي جي هڪ ممتاز جوان مرد محمد بن قاسم سامي خلافت جي پاران فوجي چڙهائي ڪري خارجين کي اتان ڌڪي ڪڍيو. ۽ اهي ماڻهو عمان جي آبادي ڇڏي نزدي جي جبل ۾ پناهه گير ٿيا. ان وقت کان محمد بن قاسم سامي عمان ۾ عباسي خلافت جو سڪو جاري ڪيو ۽ ان کان پوءِ سندس اولاد عمان تي اختيار هلايو ۽ ان خاندان جي ڏينهن ۾ سدائين اتي عباسي خليفن جو خطبو جاري رهيو ايستائين جو 305 هه ۾ ان خاندان ۾ گهرو جنگ شروع ٿي ۽ ڪجهه ماڻهو پنهنجي همجد عمان جي والي کان ٽٽي قرمطين سان وڃي مليا. جنهن بحرين ۾ فساد مچائي رکيو هو انهن جي پاڻ ۾ لڙائين جو نتيجو هي نڪتو ته آخر ڪار ابو طاهر قرمطي 317 هه ۾ عمان جي حڪومت بني سامه جي هٿ مان کسي پنهنجي قبضي ۾ ڪئي ۽ عبدالله مهدي فاطمي مصر جي خليفي جو خطبو جاري ڪيو. ذڪر ڪيل واقعن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو ٻي صدي جي پڇاڙي ۾ سنڌ ۾ اچي ملتان تي قبضو ڪيائون.

مامون الرشيد جي ڏينهن ۾ اسان ٻڌائي آيا آهيون ته سڀ کان اڳ جنهن شخص والي عمران کان منهن موڙي هندار شهر تي قبضو ڪيو ۽ خود مامون جي درٻار مان آزادنه حڪومت جي اجازت حاصل ڪئي اهو فضل بن ماهان هو جيڪو بني سامان جو غلام هو. بني سامه اهو خاندان هو جيڪو پهرين عمان ۾ هو ۽ هاڻي ملتان جي حڪومت تي اختيار هلائيندي نظر اچي ٿو. انهي تعلق جي بنياد تي مسٽر ايليٽ لکيو ته ”ملتان تي بني سامه جي جيڪا حڪومت هئي، ان جو پرپٺ باني اهو ئي غالب فضل بن ماهان هو“ ان حساب سان اسان کي بني سامه جي ملتان حڪمران هئڻ جي شروعات مامون جي عهد کان قائم ڪرڻ گهرجي پر مسعودي جيڪو انهي عهد جي ويجهو هو ۽ خود ملتان جي سير لاءِ آيو هو لکي ٿو ته ” هي خاندان اسلام جي ابتدائي زماني کان هتي بادشاهت ڪري رهيو آهي“ ان کان سواءِ مسٽر ايليٽ ان ڳالهه جو به خيال نه ڪيو ته مامون جي ڏينهن ۾ جيڪو شخص قبضي ۾ ارادي سان آيو اهو بني سامه مان نه هو پر بني سامه جو غلام هو پوءِ ڪيئن ٿي سگهيو ٿي ته ستر اسي سالن جي ئي عرصي ۾ هڪ نمايان عربي خاندان رعيت جي اکين اڳيان پاڻمرادو غلام مان بادشاهه جو درجو حاصل ڪري ۽ بني سامه جي غلامي جو داغ مٽائي ۽ خود سامي ٿي وڃي تاريخ ۾ اسان کي هڪ ٻيو اهڙو واقعو ملي ٿو جنهن سان مسعودي جي بيان جي تصديق ٿئي ٿي. اهو هي ته محمد بن قاسم ملتان فتح ڪرڻ کان پوءِ جنهن شخص کي اتي جو والي مقرر ڪيو آهي. اهو امير دائود نصر بن وليد عماني هو. جڏهن ته بني سامه جو خاندان ڳچ عرصي کان عمان ۾ رهندڙ هو ان لاءِ ڪو تعجب ناهي ته اهو عماني شخص جنهن کي فاتح سنڌ محمد بن قاسم ثقفي ملتان جو والي مقرر ڪيو هو بني سامه مان ئي هو ۽ وڌيڪ اندازو اهو ئي آهي. ڇو ته گذريل واقعن جي ڏسڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ملتان جيتوڻيڪ سدائين ملت اسلاميه ۾ شامل رهيو پر منصوره جي والين مان ڪڏهن ڪنهن نه اتي جي والي کي تبديل ڪيو ۽ نه اتي پنهنجي پاران ڪو انتظام جاري ڪيو. جنهن جي بنياد تي جيڪڏهن اسان اهو چئون ته محمد بن قاسم جي زماني کان آخر تائين ملتان جي حڪومت انهيءَ والي جي خاندان ۾ رهي. جنهن کي محمد بن قاسم مقرر ڪيو هو ته ڪنهن کي انڪار ڪرڻ جو سبب نه هوندو. خاص ڪري جڏهن اسان اهو ڏسون ٿا ته اسلام جي قبضي ۾ ايندي ئي ملتان جنهن شخص جي هٿ ۾ ڏنو ويو اهو به عماني هو ۽ جيڪو آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ملتان تي حڪومت ڪندي نظر آيو اهو به عماني هو. فرض ڪريو جيڪڏهن مؤرخن جي انهيءَ خاموشي مان فائدو نه ورتو وڃي تڏهن به مسعودي جو اهو چئي ڏيڻ ڪافي آهي ته ”ملتان جي حڪومت فتح ٿيڻ جي شروعاتي زماني کان هن وقت تائين انهي هڪ خاندان جي اختيار هيٺ آهي.“ ڇاڪاڻ مسعودي جڏهن ملتان ۾ آيو آهي ته يقين سان ان خاندان جي ماڻهن ۽ پڻ شهر جي والي سان مليو هوندو ۽ جيڪي ڪجهه هن لکيو هوندو خود انهن کان پڇي لکي هوندو.

مطلب ته امبر ابواللباب المنبر بن اسد قريشي السامي جيڪو 303 هه ۾ ملتان تي حڪومت ڪري رهيو هو هڪ دولت مند فرمانروا هو ۽ هڪ وڏي فوج رکندو هو. هڪ لک ويهه هزار ڳوٺ ملتان جي تابعداري ۾ هئا. اسلامي ملڪن سان تعلق قائم هو خراساني قافلا اولهه جي ملڪن کان ماڻهن کي برابر هتي آڻي پهچائيندا هئا ۽ ملتان اسلامي حڪومت جي هڪ زبردست مضبوط سرحد تسليم ڪيو ويندو هو. ديسي هندو راجا ملتان جي امير کان وڌيڪ دٻدٻو ۽ رعب رکندا هئا. جيتوڻيڪ انهن جو ارادو هو ته ملتان کي مسلمانن کان کسي وٺن پر هڪ اهڙي قدرتي صورت پيدا ٿي ويئي جو ڪڏهن ڪنهن راجا کي ملتان ڏانهن رخ ڪرڻ جي همٿ نه ٿيندي هئي. اها هي ته هتي جو مشهور ۽ معروف ۽ عاليشان مندر جنهن جو ذڪر ملتان جي فتح جي وقت ڪري چڪا آهيون ۽ جيڪو سورج ديوتا جو مندر خيال ڪيو ويندو هو ان وقت تائين موجود هو ۽ قديم زماني وانگر اڄ به سڄي هندستان جي ماڻهن جو آماجگاهه هو، جتي ڏکڻ ساحل جي تمام پري کان ماڻهو ايندا هئا ۽ مختلف قسم جون قيمتون شيون نذر ڪندا هئا. انهي مندر جي آمدني مان ملتان جو امير پنهنجو خزانو پُر ڪندو هو ۽ انهيءَ جي ذريعي سان ان جي سلطنت جو دفاع ٿيندو هو. بچاءُ ائين ٿيندو هو ته جتي ڪو راجا فوجي چڙهائي جو ارادو ڪندو هو ملتان جو والي ڌمڪي ڏيندو هو ته ڪو شهر جي مخالف ويجهو ويندو ته آءٌ مورت کي ٽوڙي ڇڏيندس. هندو راجائن تي مذهبي خوف ايتري قدر ويٺل هو جو اهو گوارا هئن ته سندن مقدس ۽ عاليشان مندر مسلمانن جي قبضي ۾ رهي. پر اهو نٿي گوارا ڪري سگهيا ته مورت ٽوڙي وڃي ۽ مندر جي بي حرمتي ٿئي. ملتان جي امير جي حد اتر ۾ خراسان سان مليل هئي ۽ ڏکڻ طرف اروڙ شهر ملتان ۽ منصوره جي بادشاهت وچ ۾ دنگ هو، کڻي هو منصوره جي ماتحت هو. ان زماني جي تقريباً ٽيهه سالن کان پوءِ ٻيو عرب سياح ابو اسحاق اصطخري سنڌ آيو، جنهن 340 هه ۾ پنهنجو سفرنامو مرتب ڪيو آهي. هو جيتوڻيڪ منصوره ۽ ملتان جي بادشاهت بابت وڌيڪ واقعا نٿو ٻڌائي پر ايتري قدر ضرور لکي ٿو ته ملتان جو حاڪم قريشي آهي. اهو حاڪم منصوره جي ماتحت ناهي ۽ بغداد جي خليفي جو خطبو پڙهندو آهي. ان کان پوءِ گهڻو ڪري 350 هه ۾ مشهور زمانه جاگرافي ڪندڙ ابن حوقل سنڌ ۾ آيو. جنهن 358 هه ۾ پنهنجو سفرنامو ختم ڪيو. ان جي بيان معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت تائين هن ملڪ ۾ ڪا وڏي تبديلي  ۽ ڦيرو نه آيو هو. ڇو ته ان جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته منصوره تي اهو پهريون خاندان اختيار هلائيندو هو ۽ ملتان تي به اڳي وانگر سامه بن لوي جي نسل جو قبضو هو منصوره جي حڪومت هالا جبل جي هن ڀر يعني موجوده بلوچستان جي اندر تائين پکڙيل هئي. هاڻي هن وقت جي سياحن جي بيان ۾ معلوم ٿئي ٿو ته منصوره ۽ ملتان کان سواءِ هتي ٻيون به ڪيتريون ننڍيون ننڍيون رياستون مسلمانن جي قبضي ۾ هيون جڏهن ته توران ۾ جيڪو هاڻي بلوچستان ۾ آهي. بصري جي هڪ شخص جي حڪومت هئي. جيڪو ابو القاسم جي لقب سان مشهور هو. هي هتي جو حڪمران هو ۽ ڍل وصول ڪندو هو. فوجي مهمن جي جوڙجڪ به ان جي سامهون ٿينديون هيون ۽ خود ئي اڳواڻي ڪندو هو اهي سڀ ڪم ان جي ذمي هئڻ جي باوجود هو ايتري قدر جاهل هو جو ٻه ۽ ٽي ۾ فرق نه ڪري سگهندو هو.

هڪ حڪومت خضدار شهر ۾ قائم هئي ان جي واڳ به هڪ عربي شخص جي هٿ ۾ هئي. ان همراهه جو نالو معين بن احمد هو. هي فيقان جي هنڌ رهندو هو ۽ اتي جي جامع مسجد ۾ بغداد جي خليفن جو خطبو پڙهندو هو. مڪران جيڪو ان دور جي انتظامن مطابق اڪثر سنڌ جي والي جي حڪومت هيٺ رهندو هو اتي به هاڻي عيسيٰ بن سجدان انلي هڪ شخص جي حڪومت هئي. انهي شخص ڪيز شهر کي پنهنجو ٺڪاڻو مقرر ڪيو هو ڪرمان جي حدن ۾ هڪ ٻيو علائقو هو جيڪو مشڪي جي نالي سان مشهور هو هتي مطهر بن رجاءِ نالي هڪ ٻيو امير هو. انهن ڳالهين جو پتو پوي ٿو ته ملتان جو والي شهر اندر نه رهندو هو، پر هن ملتان کان ٻاهر ڪيترن ڪوهن جي پنڌ تي هڪ لشڪر گاهه ٺاهي رکي هئي جتي ڪجهه شاهي خاندان جا معزز، عربن جا واسطيدار ۽ ملازم رهندا هئا، ان هنڌ جو نالو جند روار رکيو ويو هو. پر جامع مسجد جيڪا محمد بن قاسم جي ڏينهن ۾ جوڙائي ويئي هئي خاص ملتان شهر اندر هئي. اٺين ڏينهن هر جمعي تي ملتان جو والي هاٿي تي سوار ٿي نوڪرن چاڪرن سوڌو ملتان ۾ داخل ٿيندو هو ۽ ان مسجد ۾ جماعت سان جمعي جي نماز پڙهندو هو. سنڌ جي حاڪمن ڪو خاص پنهنجو سڪو جاري نه ڪيو هو پر انهن پرڳڻن ۾ قنڌاري ۽ طاطري سڪو هلندو هو پر اسان کي پوءِ معلوم ٿيو ته سنڌ جي اڪثر مسلمان والين ۽ حاڪمن پنهنجي نالي جا سڪا جاري ڪيا هئا جيڪي سرڪاري سڪن جي ذخيري ۾ موجود آهن. ۽ جن کي ڏسي پتو پئجي وڃي ٿو ته سنڌ ۾ مسلمانن جي حڪومت ڪيتري قدر مضبوط ۽ مستقل هئي. انهن سڪن تي اسان ڪنهن ايندڙ موقعي تي بحث ڪنداسون.

سنڌ وارن جو لباس عراق وارن سان ملندڙ جلندڙ هو. ماڻهو پنهنجا وار ڊگها رکندا هئا ۽ گرمي جي سختي ۾ ڪپڙا ڍرا پائيندا هئا. هندن ۽ مسلمانن جي ويس ۾ تمام گهٽ فرق هو خاص ڪري سنڌ جي اميرن جي بيهڪ ته بلڪل هندو راجائن جهڙي هئي. منصوره ۽ ملتان ۾ عام طرح عربي ۽ سنڌي زبانون ڳالهايون وينديون هيون. ان جي برخلاف مڪران وارن ۾ عربي جو تمام گهٽ رواج هو اتي فارسي ۽ مڪراني ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. خلاصو هي ته معلوم ٿئي ٿو ته ان وقت تائين هتي ڪو مذهبي جهڳڙو پيدا نه ٿيو هو ۽  نه عباسي خليفن جو نالو خطبن مان ڪڍيو ويو هو ان ۾ شڪ ناهي ته بني فاطمه کي ان سرزمين سان گهڻو ڪجهه تعلق هو جيڪو شروعات کان هلندڙ هو. هتي گهڻائي سان انهن جي اچ وڃ هئي. خاص ڪري زيدي مذهب جي ماڻهن جو هتي وڏو ميڙ هو جيڪي پهرين پهرين عبدالله اشتر سان گڏ آيا هئا. ان کان پوءِ به هتي مقيم رهيا. ان کان سواءِ اولهه جي ملڪن ۾ انهن ڏينهن ۾ رواج پئجي ويو هو ته جنهن علوي نسل کي پنهنجي دعويٰ ۾ ناڪامي ٿيندي هئي سنڌو سنڌ ڌرتي جي واٽ وٺندو هو ڇو ته ان جي لاءِ ان کان بهتر ڪا پناهه گاهه نه هئي، پر باوجود ان اچ وڃ جي اهي ماڻهو هتي فقط هڪ پناهه گير جي حيثيت سان رهندا هئا ۽ سنڌ جا موجوده حڪمران کڻي انهن کي پناهه ڏيندا هئا. پر حڪومت تي بني فاطمه جي دعوت جو ڪو اثر نه پيو هو.

320 هه ۾ هڪ ٻيو واقعو ٿيو جنهن جو سنڌ ۽ سنڌ جي تابعدارن تي گهڻو ڪجهه اثر پيو. انهن ڏينهن ۾ بني بويه خاندان وڏي ترقي حاصل ڪئي هئي. انهن جي ڌاڪ ۽ دهشت ۽ انهن جي سوڀن جي سڀني اسلامي پرڳڻن خاص ڪري اوڀرندين اسلامي ملڪن ۾ ڌوم مچيل هئي. 365 هه ۾ جڏهن عضد الدولا بن بويه تخت نشين ٿيو ته هن ايستائين پهچ حاصل ڪئي جو ان کان اڳ بغداد جي خليفي کان سواءِ ڪنهن مسلمان فرمانروا کي نصيب نه ٿي هُئي. بغداد جي خليفي کان پوءِ سندن نالو خطبن ۾ داخل ڪيو ويو. ۽ منبرن تي هر جمعي جو ان جي حڪومت ۽ مرتبي جي دعا گهر ويندي هئي. ان جي دروازي تي ڏينهن ۾ ٽي دفعا نوبت وڄندي هئي. خطبي ۾ ان جو نالو داخل ڪرڻ کان سواءِ نوبت به خاص ان لاءِ ايجاد ڪئي ويئي هئي  ڇو ته ان کان اڳ مسلمان فرمانروائن جي دروازن تي نوبت جو رواج نه هو. ان جي نياڻي جو نڪاح بغداد جي خليفي الطائع سان ٿيو، جنهن سبب ان دور جي رواج مطابق عضدالدولا کي تمام وڏي عزت ۽ اعليٰ درجو مليو، عضد الدولا 360 هه يعني پنهنجي ولي عهدي جي ڏينهن ۾ ڪرمان تي حملو ڪيو. ڪرمان فتح ڪرڻ کان پوءِ هن مڪران به فتح ڪيو. ان پاسي ٻه قومون آباد هيون.

قفص (1)۽ بلوص، اهي ٻئي قومن انتهائي درجي جي ڦرلٽ ڪنديون هيون خاص ڪري بلوص جن جي نالي کان واٽهڙو ڏڪي ويندا هئا.

عضد الدولا مڪران تي حملو ڪري انهن ماڻهن کي بلڪل تباهه ۽ برباد ۽ ختم ڪري ڇڏيو. قفص ته ڀڄي بچي ويا پر بلوص يعني بلوچ ماڻهن کي اهڙي سزا ملي جو وري کين ڪڏهن رهزني ۽ مسافرن کي ڦرڻ جي همٿ نه ٿي. انهي جي ڏينهن ۾ اهي مسلمان به ٿيا پر هاڻي انهن آبادي ڇڏي جبلن جي ٽڪرين تي رهائش اختيار ڪئي. عضدالدولا آباد وسندين ۾ انهن جي جاءِ تي هاري ناري ماڻهو آڻي وسايا. جڏهن ته مڪران کي سنڌ سان پراڻا لاڳاپا هئا ۽ موجوده بلوچستان جو گهڻو حصو سنڌ ۾ خاص ڪري منصوره جي حاڪم جي قبضي ۾ رهيو هو. ان سبب مڪران جي فتح ٿيندي ئي سنڌ وارن جي دلين تي عضدالدولا جي هيبت ويهي ويئي. جيتوڻيڪ عضدالدولا جي حملي کان ڏهه ٻارهن سال پوءِ اسان ڏسون ٿا ته جامع منصوره جي منبر تي بغداد جي خليفي نالي کان پوءِ عضد الدولا بن بويه جو نالو به ورتو ويندو آهي.

ڏهه پندرهن سال اڳتي وڌي 375 هه ۾ اسان کي آخري عرب سياح علامه مقدسي جي بيان مان سنڌ جون حالتون وڌيڪ تفصيل سان معلوم ٿين ٿيون. هو لکي ٿو ته مڪران جو ٺڪاڻو حڪومت سنجپور آهي. هتي هڪ مٽي جو قلعو جڙيل آهي جنهن جي آس پاس کڏ کوٽيل آهي ۽ ان کڏ جي ڪناري وڻ لڳل آهن. شهر جا ٻه دروازا آهن، باب توران ۽ باب تيز. جامع مسجد آباد بازارن جي وچ ۾ آهي، جيڪي ماڻهو بازارن ۾ هلندي ڦرندي نظر ايندا آهن فقط نالي جا مسلمان آهن، ڇو ته انهن ۾ مسلمان جهڙو ڪو لڇڻ ناهي ٻولي هتي جي ٻروچڪي آهي. مڪران جو شهر تيز سمنڊ جي ڪناري آهي، اتي وڻ گهاٽا آهن ڀلا ڀلا مسافر خانا آهن ۽ جامع مسجد به ڀلي آهي، پر علم ۽ فضيلت هتي جي ماڻهن ۾ به ناهي. خضدار توارن علائقو جو ٺڪاڻو آهي. هي شهر هڪ صحرا اندر آباد آهي. شهر مان هڪ ندي لنگهندي آهي جيڪا سڪي پئي آهي ۽ ان تي ڪو پل به تعمير ٿيل ناهي، پر ان ندي شهر جا ٻه حصا ڪيا آهن هڪ ۾ شهر جي حاڪم جو محل ٺهيل آهي ۽ ٻي ۾ واپارين جي آبادي آهي، هي حصو گهڻو ڪري پاڪ صاف رهندو آهي هي جيتوڻيڪ هڪ ننڍو شهر آهي پر فائدي وارو آهي. خراسان، فارس، ڪرمان ۽ سنڌ جي پرڳڻن کان قافلا هتي ايندا آهن پر هن جو پاڻي ڏاڍو خراب آهي، حڪمران عادل، انصاف پرور ۽ نوڙت مزاج رکندڙ آهي ۽ گهر ڪچي مٽي جا اڏيل آهن منصوره جيڪو سنڌ جو مرڪز آهي هڪ بهترين شهر آهي، گهر مٽي ۽ ڪاٺ جا آهن. جامع مسجد جيڪا عمان جي جامع مسجد وانگر اڏائي ويئي آهي ويڪري آهي. ۽ پٿر ۽ سرن سان ٺاهيل آهي ان جا ٿنڀا ساگوان جي ڪاٺي جا آهن. ۽ بازارن وچ ۾ آهي. منصوره جا چار دروازا آهن(1) باب البحر (2) باب سندان (3) باب توران (4) باب ملتان. دريا شهر کي چئني پاسن کان گهيريون بيٺو آهي. ماڻهو ڏاها ۽ لحاظي آهن . اسلام جي رونق آهي، علم ۽ علم وارن جي گهڻائي آهي. واپار ترقي تي آهي ۽ رهڻ وارا هوشيار ۽ دانشمند آهن. شريعت جي پابندي ڪئي ويندي آهي ۽ غريبن جي پرگهور لهبي آهي. رسم رواج عراق وارن جي رسم رواج جهڙا آهن. پر هتي گرمي جي سختي آهي مڇر جام آهن. ۽ ماڻهن جي مزاج ۾ بلغميت غالب آهي ۽ پاڻي سنڌو درياءَ جو پيتو ويندو آهي. ديبل درياءَ ڪناري تي آهي. ان جي ڀرپاسي ۾ تقريباً سؤ ڳوٺ آهن جيڪي ان جي اثر هيٺ آهن. آبادي گهڻو ڪري هندن جي آهي. سمنڊ شهر جي ديوارن کي لوڏي ڇڏيندو آهي. قريب قريب سڀئي شهر وارا واپاري آهن، ۽ سنڌي ۽ عربي ٻولين ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن. انهيءَ شهر هيٺ سنڌو دريا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو.

ديهنديا هڪ عظيم الشان شهر آهي جيڪو منصوره کان به وڌيڪ آهي، ان جي آس پاس ميون سان ڀرپور باغ آهن ۽ هر شيءِ سستي ملندي آهي. قنوج هڪ وڏو شهر آهي، ان جي چؤڦير شهر پناهه آهي جنهن جي ٻاهران چئني پاسي باغ لڳل آهن، هتي جا ماڻهو چانورن تي گذارو ڪندا آهن، پر مسلمانن جو کاڌو ڪڻڪ آهي. ان شهر ۾ گهڻا عالم فاضل رهندا آهن. ملتان منصوره جي ئي مثل آهي پر منصوره ان کان وڌيڪ آباد آهي. هتي ميوات جي کڻي گهڻائي ناهي پر اناج وغيره جو اگهه گهڻو سستو آهي، گهر ڀلا ٺهيل آهن. گهڻيون جايون ساگوان جي ڪاٺي جون ٺهيل آهن ۽ گهڻا گهر ڪيترائي ماڙ آهن انهن ماڻهن ۾ زنا ڪاري ناهي نه، شراب پيتو ويندو آهي، جيڪو زناڪاري ۽ شراب خوري ۾ نظر ايندو آهي ان تي شرعي حد لڳائي ويندي آهي. ڏيتي ليتي ۾ ماڻهو زٽ نه هڻندا آهن. وزن ۽ تور ۾ خريدار کي دوکو نه ڏنو ويندو آهي. پرديسين سان ماڻهن کي محبت آهي، گهڻي آبادي عربن جي آهي ۽ خيرات جاري آهي. واپار به بهتري سان هلي رهيو آهي، حاڪم عادل آهي. بازارن م ممڪن ناهي جو ڪابه زائفان ٺاهه ٺوهه ڪندي نظر اچي، نه اهو ممڪن آهي ته ڪو مرد ڪنهن عورت سان اعلانيه کلي بازار ڳالهه ٻولهه ڪري. پر هن شهر ۾ خرابي آهي ته اها جو هر هنڌ گندگي نظر ايندي آهي. گهر سوڙها آهن، هوا گرم ۽ خشڪ آهي، هتي جي ماڻهن جو رنگ ڪڻڪ رنگو ۽ ڪن جو ڪارو آهي. اهو ئي سياح اڳتي وڌي لکي ٿو ته هتي جا ذمي بت پرست ماڻهو آهن، مسلمانن ۾ گهڻا ئي اهل حديث (1) به آهن.

هتي مون کي قاضي ابو محمد منصوري سان ملڻ جو اتفاق ٿيو جيڪو دائود ظاهري جي مذهب جو پوئلڳ هو ۽ ان مذهب جو امام مڃيو وڃي ٿو. هن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن ۽ ان جي شخصيت سان درس تدريس جو سلسلو جاري آهي. ملتان وارا شيعا آهن. اذان ۾ حي علي خير العمل چوندا آهن ۽ تڪبير ٻه دفعا چوندا آهن.  امام ابو حنيفه عليه الرحمته جي مقلدن جي ايتري قدر ڪثرت آهي جو اهڙا ڳوٺ به گهٽ ملندا، جنهن ۾ حنفي فقيهه موجود نه هجي. مالڪين ۽ معتزلين جو هتي نالو نشان ناهي. ۽ نه ڪٿي خبلين جو ڏس آهي. اصل ۾ هي ماڻهو نهايت ئي صلاحيت سان رهندا آهن. انهن جا مذهب ڏاڍا ڀلا آهن، جنهن ڪري انهن ۾ صلاحيت ۽ پرهيزگاري پيدا ٿي آهي. الله کين تعصب ۽ وڌاءُ ۽ فتني فساد جي آفتن کان محفوظ رکيو آهي ۽ هتي قاهريه ۽ طاطري درهم جو واهپو آهي. ۽ ملتان وارن جو سڪو فاطمين جي سڪي جهڙو آهي. غزني جو سڪو جيڪو قنهري سڏبو آهي اهو به هتي هلندڙ آهي.

هتي ڪيتريون ئي ننڍيون ننڍيون حڪومتون آهن. امير مڪران ڌار آهي جيڪو ماٺيڻي طبيعت رکندڙ ۽ عادل آهي ۽ منصوري ۾ هڪ قريشي اصل فرمانروا آهي، اهي ٻئي بغداد جي خليفي جو خطبو پڙهندا آهن، هتي ٿورا ڏينهن ٿيا ته عضد الدولا جو نالو به خطبي ۾ گڏيو ويو هو ۽ مون پنهنجي شيراز جي دوري جي زماني ۾ ڏٺو ته منصوره وارن جو قاصد عضد الدولا جي پٽ وٽ آيو ۽ ملاقات ڪيائين. ملتان ۾ مصر جي فاطمي خليفن جو خطبو جاري آهي ۽ هتي ڪو به حڪم مصر جي فاطمي خليفن جي اجازت کانسواءِ جاري نه ٿيندو آهي. ملتان وارن جا تحفا ۽ قاصد مصر ۾ ايندا ويندا رهندا آهن ۽ مصر جي اسماعيلين جو هتي ايتري قدر اثر آهي جو انهن جي اجازت کان سواءِ هتي ڪوبه شخص ملتان جي تخت تي به ويهي نه سگهندو آهي. علامه مقدسي جي ان بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ هاڻي شيعيت جو وڏو زور ٿي ويو هو، ملتان ۽ سنڌ جي شيعن مصر بني خاطم خليفن سان پورا تعلقات پيدا ڪري ورتا هئا. جن خليفن جو تفصيل ۽ شرح سان احوال اسان ايندڙ باب ۾ بيان ڪنداسون.

جيتوڻيڪ علامه مقدسي جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته انهن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ وقت هتي اسلامي فرقن ۾ ڪوبه جهڳڙو يا فساد ۽ ڪنهن قسم جو تعصب نه ڏٺو جنهن جي ڪري هن ان سرزمين جي مسلمانن جي گهڻي واکاڻ ڪئي آهي، پر ان ۾ شڪ ناهي ته قرامطه جا داعي جنهن مذهبي حيثيت سان رڳو نالي جا مصري جي فاطمين جو پلو جهليون بيٺا هئا آهستي آهستي هتي جي ماڻهن جي دلين مان عباسين جو اثر مٽائي  رهيا هئا. خاص ڪري ملتان جي تخت تي قبضو وٺي انهن پنهنجو اثر وڌيڪ طاقتور ڪري ورتو هو. ابن حوقل جي ڏينهن تائين يعني تقريباً 350 هه ۾ جيتوڻيڪ مختلف حڪومتون موجود هيون پر سڀني هنڌن تي بني عباس جو خطبو جهونگاريو ويندو هو پر علامه مقدسي ان کان پنجويهه سال پوءِ اچي ڏٺو ته ملتان ۽ مڪران ۾ بني فاطمه جو خطبو جاري ٿي چڪو هو جڏهن ته منصوره اڃان تائين ان نئين فرقي جي اثر کان بچيل هو پر ان کان سٺ ستر سال پوءِ جڏهن سلطان محمود غزنوي ملتان ۽ سنڌ کي فتح ڪيو آهي ته سڄو سنڌ قرامطين ۽ اسماعيلين سان ڀريل هو. ملتان ۾ به قرامطين جي حڪومت هئي ۽ منصوره ۾ به انهي عظيم الشان مذهبي انقلاب وڏا وڏا فساد پيدا ڪيا هوندا ۽ خاطري سان سنڌ جي بادشاهين ۾ رتو ڇاڻ ٿي هوندي پر افسوس جو ان دور جو احوال ايتري قدر لاعلمي ۾ پئجي ويو آهي جو سواءِ انومانن جي اسان ڪا تاريخي شاهدي نٿا ڏيئي سگهون. سنڌ جي گهڻن احوالن جو تعلق جڏهن ته اسماعيلي فرقي سان آهي، تنهن ڪري ضرورت آهي ته اسان ان مشهور ۽ معروف فرقي ڏانهن ڌيان ڏيون، جنهن مان هندستان جا مسلمان گهڻو گهٽ واقف آهن.


(1) قفص مان افعان مراد آهن ۽ بلوص مان بلوچ، افغانن جي اصليت جو پتو لڳائڻ ۾ مورخن کي وڏيون ڏکايون پيش اچن ٿيون ۽ پوءِ ڪنهن کي اطمينان جوڳو ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو. انگريز ليکڪن عام طرح ۽ ڪجهه پراڻن فارسي مؤرخن به انهن ماڻهن کي اصل ۾ يهودي ڄاڻايو آهي، پر اهو اصل ۾ بي بنياد آهي. عرب جي قديم سياحن ۽ جاگرافي لکندڙن اهڙو واضح طور پتو ڏنو آهي  ته انهي قوم قفص مان افغان مراد هئڻ ۾ ڪو شڪ ناهي. علامه بشاري پنهنجي ڪتاب احسن التقاسم في معرفته الاقاليم ۾ لکي ٿو ته هندستان وڃڻ جا سڀ رستا قفص نالي هڪ قوم جي سبب خطرناڪ آهن، جيڪي مڪران جي جبلن مان نڪري هر پاسي وڃن ٿا. انهن ماڻهن ۾ ذرو به ڀلائي ناهي. مهانڊن مان وحشت بکندي آهي. پٿر دل آهن ۽ ان سان گڏ انهن ۾ بهادري آهي ۽ انسان  انهن کان ڊڄي ويندو آهي، ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيندا آهن جيڪو سندن هٿ ۾ ڦاٽو ان جي مال تي صرف قناعت نه ڪندا پر خومخواهه ماري به وجهندا آهن. ۽ قتل به اهڙي بي رحمي سان ڪندا آهن جو پٿرن سان ماڻهو جو مٿو چيچري ڇڏيندا آهن. جيئنءَ نانگ جو مٿو چچريو ويندو آهي. انهن جي قتل ڪرڻ جو طريقو اهو هوندو آهي ته انسان جي سسي جهلي ڪنهن ڍير تي رکي ٻين پٿرن سان چيچري ڇڏيو. مون ان قوم جي هڪ شخص کان پڇيو ميان اوهان تلوار سان قتل ڇو نٿا ڪريو ته هن جواب ڏنو پنهنجي تلوار ڪير خراب ڪري. هي ماڻهو جبل ۽ ٽڪرين تي رهندا آهن ۽ ڪنهن دشمن کي پاڻ تائين پهچڻ نٿا ڏين. بلوچ انهن کان وڌيڪ پٿر دل هئا پر عضدالدولا کين ڪٽي ماري سڌو ڪيو، هاڻي ڪير ٿو چوي ته هي افغان ناهن ۽ جڏهن اهو مڃي ورتو ته قفص انهن ڏينهن ۾ افغان سڏائيندا هئا ته هاڻي صرف معلوم ٿئي ٿو ته قفص جو اکر قيچ جو معرب آهي ۽ قيچ مان مراد دشت قيچان آهي. جيڪو ڪيپسن جي هن ڀر ترڪستان ۾ آهي. اهي مانهو اتان کان ايندا هئا ۽ ان وقت تائين پنهنجي وطن ڏانهن سڏجن ٿا. تنهن ڪري هي به اصل ۾ تاتاري آهن ڪو تعجب ڪونهي قفص جو لفظ زماني گذرڻ بعد افغ ٿيو ۽ ان ۾ جمع جو الف نون وڌائي ماڻهن افغان ڪري ڇڏيو هجي.

(1) هندستان جي امام ابو حنيفه رحمت الله عليه جي مقلدن کي علامه بشاري مقدسي جو هي بيان ڏسي شايد يقين اچي وڃي ته اهل حديث جو فرقو ڪو نئون فرقو ناهي. ان جو بنياد محمد بن عبدالوهاب نجدي جي ڏينهن کان پيو، ان کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي، ته قديم زماني ۾ اهڙا جليل القدر عالم گذريا آهن جيڪي ڪنهن خاص امام جا مقلد نه هئا. پر علامه مقدسي جي بيان مان ظاهر ٿئي ٿو ته چوٿين صدي هجري ۾ اهل حديث تمام وڏو گروهه هندستان م موجود هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org