سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 4

صفحو :6

 

باب چوٿون

سنڌ جو شهر اروڙ

ڇهين صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جو شهر اروڙ سنڌ ۾ سڀ کان وڏو ۽ نهايت ئي سڌريل شهر هو. جنهن ۾ عاليشان محل ۽ ماڙيون هئا ۽ سنڌو درياءَ جي ڪناري آباد هو. هن شهر جو راجا هڪ زبردست تاج ڌڻي راجا سهيرس هو، جنهن جي پيءُ جو نالو راءِ سهاسي هو. ملڪيت سان راجا جو خزانو ڀريل هو ۽ سندس عدل ۽ انصاف سبب سندس رعيت مٿانئس عاشق هئي. سندس سلطنت چئني طرفن کان پري پري تائين پکڙيل هئي. اوڀر طرف ڪشمير جي راجا سان سرحدون لڳل هيون، اولهه ۾ مڪران تائين، ڏکڻ ۾ سمنڊ دنگ هو ۽ اتر ۾ جبل ڪيروان ۽ قيقانان هئا.

هن راجا پنهنجي بادشاهيءَ کي چئن صوبن ۾ ورهائي ڇڏيو هو، جن مان هڪ صوبيدار برهمڻ آباد ۾ رهندو هو ۽ نيرون ڪوٽ جو قلعو، ديبل، لوهاڻا، لاکا ۽ سمان پرڳڻا سندس حصو هئا. ٻئي صوبيدار جو ماڳ سيوهڻ هو، جنهن جي هٿ هيٺ شهرٻڌاپور، جهنڪاڻ، ڪوهستان، روجهاڻ ۽ مڪران جي حدن تائين علائقو هو، ٽيون صوبيدار اسڪلنديءَ جي قلعي ۽ پابيا ۾ رهندو هو. جيڪو تلواريا ۽ چچ جي قلعن نالي مشهور هو. ٻودهه جي ڀرپاسي جي ايراضي هن صوبيدار جي هٿ هيٺ هئي. چوٿين صوبيدار جو قيام ملتان ۾ هو ۽ سڪا، برهمپور، ڪرور، اشهار، کنڀ سندس هٿ هيٺ هئا. ۽ سندس علائقو ڪشمير جي سرحد تائين هو. خود راجا جو مرڪزي شهر اروڙ هو ۽ ڪيروان، قيقانان ۽ نيراس جا شهر پنهنجي نگرانيءَ ۾ رکيائين. پنهنجي شهزادن کي ويڙهه جي فن کان چڱي طرح واقف ڪيائين. ويڙهه لاءِ کين هر وقت تيار رکندو هو ۽ هر قسم جو جنگي سامان، هٿيار ۽ گهوڙا انهن لاءِ تيار هوندا هئا. ڪوشش ڪندو هو ته ديسي ڪاهن ۾ پٽ سکيا خاطر سدائين ۽ ضرور گڏ هجن. کين تاڪيد ڪندو هو ته رعيت کي خوش رکن. ۽ هر هنڌ عاليشان عمارتون ٺهرائيندو هو. بادشاهت ۾ فتني باز ۽ باغي ماڻهو نه هئا، جو جهڳڙا پيدا ٿين ۽ رعيت جي امن امان ۾ خلل پوي، ۽ اهو امن امان ڳچ عرصي کان قائم رهندو آيو هو. پوءِ اوچتو بادشاهه نيمروز جي لشڪر حملو ڪيو ۽ سندس لشڪر فارس کان وڌي مڪران طرف وک وڌائي.

راءِ سهيرس کي دشمن جي ڪاهه جي خبر پئي ته تپي باهه ٿي ويو ۽ تمام بي پرواهيءَ سان فوج وٺي اروڙ کان روانو ٿيو. فوجن ۾ لڙائي ٿي ته ٻنهي پاسن جا جوڌا بهادريءَ سان وڙهيا پر ٻنهي ڌرين ڏاڍو نقصان پرايو. ميدان جو هي رنگ ڏسي ايراني لشڪر سر جو سوس پلي هڪ هڪ ڀرپور حملو ڪيو، جنهن جي سٽ سنڌي سپاهي سهي نه سگهيا. ۽ ڀڄي نڪتا، پر خود راءِ سهيرس دشمن جي سامهون ميدان ۾ بيهي بهادريءَ ڏيکاريندو رهيو، ويڙهه صبح کان شروع ٿي هئي ۽ هاڻي ٻنپهرن جو ٽاڻو هو. اوچتو تير موت جي پرواني وانگر راجا جي نڙيءَ مان پار ٿي ويو. سندس ڪرندي ئي باقي لشڪر پريشان ٿي ڀڳو ۽ ايرانين اهڙو پيڇو ڪيو جو رات تائين سنڌي لشڪرن کي ڳولي ڳولي ماريندا رهيا.

ايران جو بادشاهه ڪاميابي ۽ فتح مندي حاصل ڪري پنهنجي علائقي نيمروز ڏانهن واپس ويو ۽ هارائيندڙ سنڌي لڇندا هن قيامت جهڙي واقعي جي خبر کڻي شهر اروڙ ۾ داخل ٿيا. بادشاهه کين اهڙو پيارو هو جو هر پاسي ڏک جي لهر ڇائنجي ويئي. جڏهن روئڻ پٽڻ؛ کان واندا ٿيا ته وزيرن ۽ اميرن ويهي راجا جي پٽ راءِ سهاسي کي ڏاڏاڻي گاديءَ تي ويهاريو. بادشاهي رسم تاج پوشي سان گڏ خوشي جا بگل وڄڻ لڳا ۽ هر پاسي خوشي ئي خوشي پکڙجي ويئي. راءِ سهاسي تخت تي ويهڻ کان هڪ سال پوءِ سنڌ جي سنڌ جي سير تي نڪتو. کيس جتي به ڪو باغي ۽ سرڪش مليو ته سندس ڳاٽو ڀڳائين ۽ هر پاسي کان اطمينان ڪري اروڙ واپس پهتو. راءِ سهاسيءَ جي ساٿين مان رام نالي هڪ شخص هو، جيڪو وڏو هوشيار ۽ ڏاهو هو. سندس مرتبي ۽ ڏاهپ جو اثر بادشاهه جي سڄي حڪومت تي هو ۽ درٻار ۾ هو ايتري قدر ڇانيل هو جو سندس مرضيءَ کان سواءِ ڪو به ماڻهو نه راجا جي ملازمت ۾ داخل ٿي سگهندو هو ۽ نه سندس منظوريءَ کان سواءِ هٽايو ويندو هو. مطلب ته وزيراعظم ۽ چيف سيڪريٽريءَ جو اختيار سندس هٿ هيٺ هو. راءِ سهاسي کي هن جي قابليت تي ايترو ڀروسو هو جو هن جي ايمانداريءَ ۽ سچائيءَ تي ڪو به شڪ شبهو نه ڪندو هو. سندس ذهني سجاڳيءَ تي ڀروسو ڪري راجا سدائي محفلن ۾ مست رهندو هو ۽ جڏهن ڪو اهم معاملو ڪر کڻندو هو ته سجاڳ ذهن وزير رام، محل ۾ حاضر ٿي صلاح ڏيندو هو ۽ پوءِ احڪام جاري ٿيندا هئا.

وزير رام هڪ ڏينهن درٻار هلائي رهيو هو. وڏا وڏا لائق ۽ چڱا مڙس اڳيان ادب سان ويٺا هئا ته هڪ تمام سهڻو ڇوڪرو درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ ڪجهه گهڙين ۾ هن فصاحت، بلاغت ۽ ذهني ڪاريگري جو اهڙو جوهر ڏيکاريو جو سڀني ويٺلن واهه واهه ڪئي. خود رام به هن جي ڪاريگريءَ تي فدا ٿي ويو ۽ سندس نالو پڇيائين. هن چيو ته آئون سيلاج پنڊت جو پٽ آهيان ۽ منهنجو نالو چچ اهي. هن جو پيءُ سيلاج وقت جي مشهور پنڊتن مان هڪ هو. ۽ اڪثر سنڌ وارا هن جي فضل ۽ ڪمال جا مڃيندڙ هئا. مطلب ته رام، چچ کي پنهنجي صحبت ۾ رکي ڇڏيو. هن جي ڏاهپ آهر کيس هڪ وڏي عهدي تي مقرر ڪيائين ۽ سندس ڏاهپ جي ڳالهين مان پرائيندو رهيو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ چچ رام جو نائب ۽ سيڪريٽري ٿي ويو.

چچ جي دلعزيزي ٿورن ڏينهن ۾ اتي وڃي پهتي جو سڄي ملڪ ۾ سڀئي ماڻهو مٿس مرڻ لڳا ۽ گويا رام وزير جو نالو ئي سندن دلين تان مٽجي ويو. ائين ئي چچ جو مرتبو ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو جو  اوچتو رام وزير ناچاڪ ٿي پيو ۽ هن جي بستري داخل هجڻ وقت ديبل کان ڪو ضروري خط آيو، جيئن ته وزير ڪم ڪرڻ جهڙو نه هو، ان ڪري اها چٺي خود راجا جي ڏسڻ لاءِ اڳيان رکي ويئي. راجا معمول موجب ڪنهن خوشيءَ جي محفل ۾ هو. ان خوشيءَ جي محفل کي ڇڏي اچڻ بار سمجهيائين ۽ حڪم ڏنائين ته چچ حاضر ٿئي. مان کيس فرمان لکائيندس، ۽ راڻيءَ کي پردي ۾ وڃڻ جو اشارو ڪيائين. راڻيءَ چيو ته ”چچ هڪ برهمڻ آهي هن کان ڪهڙو پردو“ چچ جي ساک هن جي دل ۾ ايتري هئي جو راجا سندس راءِ مڃي ورتي. ۽ چچ اجازت ملندي ئي راڻيءَ اڳيان اچي ادب سان بيهي رهيو. انهيءَ پهرين دفعي تي هن راجا جي حڪمن جي بجا آوري اهڙي ادب ۽ نوڙت سان ڪئي جو راجا ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس لونگي  اوڍائي روانو ڪيائين ۽ ڇوٽ ڇڏي ڏنائين ته کيس جڏهن به ضرورت پوي بنا جهل پل محل ۾ ايندو رهي.

هاڻي راڻيءَ اڳيان هو اچڻ وڃڻ لڳو ته هن جي شڪل ۽ چرپر جو اهو ئي جادو، جنهن پهريائين وزير رام ۽ خود راجا پر سڄي رعيت تي اثر ڪيو هو. راڻيءَ جي دل تي به اثر ڪيو. راڻي دل ئي دل ۾ هن تي عاشق ٿي پئي ۽ لڪ ۾ نياپو موڪلي ناجائز لاڳاپن جو اظهار ڪيائين. پر چچ چوائي موڪليس ته آئون برهمڻ آهيان ۽ برهمڻ کان اهڙي ڪا به غلطي نه ٿي سگهندي. انهيءَ ناڪار راڻيءَ جي عشق ۾ باهه تي تيل جو ڪم ڪيو ۽ هوءَ ڪيترن ئي ڏينهن تائين جدائيءَ جي باهه ۾ سڙندي ۽ ڦٿڪندي رهي. ايستائين جو راجا ساهسي بيمار ٿي پيو. وڏا وڌڏا حڪيم ۽ طبيب گڏ ٿيا پر سڀئي علاج مان مايوس ٿيا. جڏهن راجا جي حالت ويتر خراب ٿي ته راڻيءَ چچ کي اندر گهرايو ۽ چيو ته هاڻي راجا جا آخري پساهه آهن، جيڪڏهن  تون دلاسو ڏين ته منهنجي خواهش پوري ٿيندي ته تنهنجي لاءِ بادشاهي تخت جي ڪوشش ڪريان. ۽ اهو ئي منهنجي ۽ تنهنجي تعلق جو فيصلو آهي.“

چچ جي قدمن انهيءَ موقعي تي ٿيڙ کاڌو پر جلد ئي پاڻ سنڀالي منظور ڪيائين ۽ اتي ئي راڻيءَ پڙهو ڏياريو ته ”سڀاڻي مهاراجا درٻار ڪندو.“ ۽ انهيءَ وقت راجا جي منڊي هٿ مان لاهي چچ کي هٿ ۾ پارايائين ۽ پوءِ راجا کي محل اندر هڪ ڪمري ۾ لڪائي ڇڏيائين. ٻئي ڏينهن درٻار جي مقرر وقت تي جڏهن وزير وڙا حاضر ٿيا ته راڻيءَ درٻار وارن کي اطلاع ڏنو ته مهاراج ڪمزوريءَ سبب ٻاهر نٿو اچي سگهي ۽ حڪم ڪيو اٿس ته مون چچ کي پنهنجو جانشين مقرر ڪيو آهي، جنهن کي نشاني طور پنهنجي منڊي ڏني آهي. انهيءَ حڪم کي سڀني درٻار وارن بنا ڪنهن اعتراض جي تسليم ڪيو ۽ چچ اڳيان ڪنڌ جهڪايائون. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ راجا پساهه پورا ڪيا. پر راڻيءَ اڳ ئي انهيءَ خبر کي لڪائي چچ کي گهرائي چيو ”هاڻي اوهان ڇا ٿا چئو؟ وقت اچي ويو جو مون کي جدائيءَ جي عذاب کان ڇوٽڪارو ملي.“ چچ چيو ”جيڪا اوهان جي مرضي هجي مون کي ڪنهن به حڪم مڃڻ ۾ بهانو ناهي.“ راڻيءَ چيو راجا جو ڪو اولاد ته آهي ڪو نه، ها، عزيز قريب آهن، جيڪي پنهنجون مٽيون مائٽيون پيش ڪري تخت ۽ تاج جا دعويدار ٿيندا. انهيءَ جي تدبير آئون ڏاڍي سولائيءَ سان ڪريان ٿي.“ اهو چئي راڻيءَ پنجاهه رسا ۽ هٿ ڪڙيون گهرائي محل ۾ مختلف ڪوٺين ۾ اهڙي طرح ورهائي رکيون جو هر ڪوٺي ۾ هڪ جوڙو اچي، ان کان پوءِ بادشاهه جي هڪ هڪ مائٽ کي چوبدار موڪلي گهرايائين ته ”مهاراجا اوهان کي آخري وصيت لاءِ گهرايو آهي.“ اهڙيءَ طرح شاهي خاندان جو هر ميمبر اها اميد دل ۾ کڻي آيو ته آئون ئي جانشين مقرر ٿيندس، پر هتي ايندي ئي هڪ هڪ ڪوٺڙيءَ ۾ ٻڌي سڀئي سوگها ڪيا ويا اهڙي طرح ماٺ ميٺ ۾ راجا جا پنجاهه ئي مائٽ جيڪي سرنديءَ وارا هئا گرفتار ڪيا ويا. هاڻي فقط پري جا مڙئي عام ماڻهو وڃي بچيا، جيڪي غريب ۽ گهٽ طاقت رکندڙ هئا ۽ دولت مند ڀائرن سان حسد رکندا هئا. راڻيءَ انهن سڀن کي گهرائي چيو ته توهان جا سڀ دشمن گرفتار ڪيا ويا آهن  ۽ اوهان کي وقت ۽ اختيار ڏنو وڃي ٿو ته وڃي سندن گهر ڦريو. اهي ته اڳ ئي تيار ويٺا هئا. سو راڻيءَ جو اشارو ملندي ئي جهليل بادشاهي مائٽن جي گهرن ۾ ڪاهي پيا ۽ جيستائين کانئن پڄي سگهيو ڦريائون. اهڙي حالت ۾ جڏهن ڦرلٽ متل هئي راجا جو لاش ساڙيو ويو ۽ پوءِ چچ تخت تي ويهي رهيو. هن جي تخت نشينيءَ جو سال مختلف واقعن جي حساب سان ساڳيو ئي ٻڌايو ويو آهي جنهن سال حضرت سرور ڪائنات صلي الله عليه وسلم مڪي مان هجرت ڪري مديني آيا ۽ هجري سن شروع ٿيو.

تخت تي ويهندي ئي هن سڀ کان پهرين راڻيءَ سونهن جي ديوي سان شادي ڪئي، پوءِ راجا جا خزانا کولي فوج کي انعامن ۽ اڪرامن سان نوازيائين ۽ سڀني کي پنهنجو ڪيائين.

اها خبر مشهور ٿي ته شهر جئپور جو راجا مهرت جنهن کي راءِ ساهسيءَ سان ويجهڙائي هئي، وارثيءَ جو دعويدار ٿيو آهي. راجا مهرت هڪ وڏي فوج سان لشڪر چارهي آيو ۽ جيسلمير ۾ پهچي راءِ چچ کي لکيائين ”تون ذات جو برهمڻ آهين بادشاهي سان تنهنجو ڪهڙو واسطو؟ جنگي مهمن ۾ بيهڻ تنهنجو ڪم ناهي ۽ ان ڪري آئون تو کي صلاح ڏيان ٿو ته لڙائي کان بچ ۽ ڪنڊ پاسي ويهي پنهنجي ذاتي ڪمن سان لڳي وڃ.“ چچ اهو خط کڻي وڃي راڻيءَ سونهن جي ديويءَ جي اڳيان رکيو ۽ چيائين ته ”هاڻي ٻڌاءِ ته هن جو ڇا ڪجي“ راڻيءَ وراڻيس ته ” ان جو حل عورتن وٽ ناهي تو کان جيڪڏهن سچي پچي مقابلو نٿو ٿئي ته منهنجي چني تون ڍڪ ۽ پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي ته آءٌ مرد ٿي نڪران ۽ دشمن سان مقابلو ڪريان.“ پنهنجي اهڙن طعنن تي راءِ چچ کي پگهرجندو ڏسي راڻيءَ کيس سمجهايو ۽ سندس همٿ وڌائڻ شروع ڪئي ته ” هاڻي تو وٽ تمام گهڻي دولت موجود آهي، انهيءَ کي ڪڍ ۽ ماڻهن کي ڏي تو کان هي سخاوت ظاهر ٿيندي ته سڀئي ماڻهو تنهنجا خير خواهه ۽ قربان ٿيندڙ بڻبا.“ راڻيءَ جي انهيءَ مشوري مطابق چچ فوج جي اڳواڻن کي گهرائي پئسا ڏنا ته سڀئي آفيسر ۽ سپاهي سندس جهنڊي هيٺ وڙهڻ ۽ جان ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويا. اهڙيءَ طرح فوج گڏي راءِ چچ دشمن سان مقابلي لاءِ روانو ٿيو. اروڙ جي ڀرپاسي ۾ جڏهن ٻنهي لشڪرن جو مکاميل ٿيو ته راجا مهرت سنيهو اماڻيو ته خدا جي مخلوق مارائڻ مان ڪهڙو فائدو؟ آئون ۽ تون ميدان ۾ نڪري وڙهون، جيڪو پنهنجي مخالف کي ماري وجهي اهو ئي راجا ٿئي.“ چچ ڦڪائيءَ مان اها راءِ قبول ڪئي ۽ سر تان آسرو لاهي پيادل جنگ جي ميدان ۾ لهي آيو. هوڏانهن راجا مهرت به پيرين پيادو پنهنجي صفن مان نڪري آيو. پر چچ پنهنجي هڪ نوڪر کي وڃڻ وقت اشارو ڏيئي ويو هو ته آهستي آهستي منهنجو گهوڙو وٺي مون وٽ اچ.

هاڻي ٻئي بادشاهه فوجن کان وٿيرا هئا ۽ وڙهڻ جا سانباها ڪري رهيا هئا ته چچ جو گهوڙو اچي پهتو. گهوڙي جي ايندي ئي يڪدم ڦڙتيءَ سان گهوڙي جي پٺيءَ تي سوار ٿيو ۽ تيزيءَ سان راجا مهرت تي تلوار سان اهڙو ڀرپور وار ڪيائين جو هڪ ئي ڌڪ سان هن جو ڪم پورو ٿي ويو. راجا مهرت جي فوج وٺي ڀڳي، چچ پويان لڳو ۽ دشمن جا ڪيترائي ماڻهو ماريائين. هن فتح کان پوءِ اروڙ ۾ ڏاڍيون خوشيون ملهايون ويون. بازار کي سينگاريو ويو ۽ هر پاسي کان مبارڪون ۽ سلامتيءَ جا نعرا گونجڻ لڳا.

ان کان پوءِ راجا چچ پنهنجي ڀاءُ چندر کي هڪ فرمان ذريعي گاديءَ جي هنڌ اروڙ جو حاڪم مقرر ڪيو. پوءِ انهيءَ عنوان جو هڪ ٻيو فرمان جاري ڪيائين ته منهنجو ڀاءُ چندر نائب آهي. هن جو وزير ۽ مشير ٻوڌيمن هو، جنهن کان هو ڪيترائي حڪمرانيءَ ۽ دنياداريءَ جا طريقا سکي ملڪ جي اصل صورتحال معلوم ڪئي. ٻوڌيمن ڪنڌ جهڪائي عرض ڪيو ”الله مهاراج کي سدائين زندهه سلامت رکي ۽ سڀئي اڳواڻ سندن فرمانبردار رهن، هي ملڪ سدائين هڪ وڏي بادشاهيءَ جي حيثيت رکندو آيو آهي، ان وقت به جڏهن دوائج جو پٽ سهيرس جي قبضي ۾ هو ۽ هن وقت به جڏهن ايرانين کان شڪست کائڻ بعد راجا ساهسي تخت نشين ٿيو آهي.“ چچ وزير ٻوڌيمن جي زباني اهي ادب وارا لفظ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. سندس ڏاهپ جي واکاڻ ڪيائين. پوءِ هر پاسي فوج گڏ ڪرڻ لاءِ فرمان جاري ڪيائين. مختلف هنڌن تان گورنرن کان سهارو گهريائين ۽ هڪ بهادر فوج تيار ڪري مشهور ڪيائين ته آئون هندوستان جي انهيءَ سرحد تائين ويندس جتي ترڪن جي سرحد ملي ٿي. نجومي پنڊتن چڱي مهل مقرر ڪئي ۽ انهيءَ مهل هو فوج کي پنهنجي جهنڊي هيٺ وٺي گاديءَ واري هنڌ کان روانو ٿيو. ڪيتريون منزلون طئي ڪري پابيا جي قلعدار ٻاهر نڪري مقابلو ڪيو. ويڙهه ۾ جڏهن ڏاڍي خونريزي ٿي گذري ته هن ڀڄي وڃي قلعي ۾ پناهه ورتي. انهيءَ فتح کان پوءِ راءِ چچ ڪجهه ڏينهن تائين جنگ جي ميدان ۾ خيما کوڙي ويٺو رهيو ۽ قلعي جو ڏاڍي سختيءَ سان گهيرو ڪيائين. گهيريلن کي جڏهن ڏاڍي سختيءَ سان منهن ڏيڻو پيو ۽ وٽن ڪجهه کاڌي پيتي لاءِ نه بچيو ته پوءِ هڪ رات جو جڏهن هر پاسي اوندهه ڇانيل هئي ته هن قلعو ڇڏي ڀڄي وڃي اسلڪنده جي قلعي ۾ جان بچائي.

اسڪلنده جو قلعو پابيا جي قلعي کان وڌيڪ مضبوط هو، جڏهن چچ جي جاسوسن اطلاع ڏنو ته دشمن اسڪلده جي قلعي ۾ آهن ته هو هڪ نائب کي پابيا ۾ ڇڏي پاڻ روانو ٿيو ۽ اسڪلنده جي سامهون ميدان م خيما کوڙيائين. هن قلعي ۾ هڪ شخص هلندي پڄنديءَ وارو هو جنهن کي قلعي جا معزز پنهنجو اڳواڻ مڃيندا هئا. چچ انهيءَ کي اطلاع ڏنو ته جيڪڏهن تو پابيا جي راجا جيتراءِ کي گرفتار ڪرين يا ماري ڇڏين ته آءُ توکي اسڪلنده جو حاڪم تسليم ڪندس ۽ پابيا جو قلعو به تنهنجي قبضي ۾ ڏنو ويندو. گڏ ئي اهڙو هڪ فرمان لشڪر ۾ به جاري ڪيائين. همراهه انهيءَ لالچ ۾ اچي راضي ٿي ويو ۽ ضمانت طور پنهنجي پٽ کي راءِ چچ جي خدمت ۾ موڪليائين، ۽ پاڻ راجا چيتراءِ جي درٻار ۾ وڃي اهڙيون چاپلوسيءَ جون ڳالهيون ڪيائين جو هن جو ڀروسي جوڳو ٿي ويو ۽ وٽس اڪيلائيءَ ۾ بنا جهل پل جي اچڻ وڃڻ لڳو، نيٺ هڪ ڏينهن موقعو ڏسي بي ڌڙڪ کيس ماري ۽ ڪنڌ لاهي راءِ چچ کي ڏياري موڪليائين. انهيءَ خدمت عيوض راءِ چچ هن جي ڏاڍي عزت ڪئي. ساڻس قرب ۽ مهربانيءَ سان پيش آيو. انعامن اڪرامن سان نوازيائين ۽ کيس قلعي جو حڪم مقرر ڪيائين.

انهن مهربانين جو نتيجو هو جو ڪڏهن به سڄي حياتي خود سري نه ڪئي. اسڪلنده واري مهم ختم ڪري راءِ چچ سڪا ۽ ملتان ڏانهن وڌيو. هتي هڪ سردار هو جيڪو راجا ساهسيءَ جي مائٽن مان هو، هي ماڻهو وڏي بادشاهيءَ تي قابض هو ۽ هن جي طاقت ۽ قابليت به ڪنهن کان گهٽ نه هئي. جڏهن انهيءَ کي راءِ چچ جي حملي جي خبر پئي ته وڌي اڳيان آيو. ۽ رواي ندي جي ڪناري تي اچي خيما کوڙيائين. هن جو ڀائٽيو سوهيول سڪا جي قلعي تي خودمختيار هو، جيڪو ملتان کان اوڀر طرف هو. اهو ئي سوهيول هڪ وڏو لشڪر وٺي راءِ چچ جي مقابلي لاءِ آيو. هيڏانهن راءِ چچ درياءَ بياس جي ڪناري تي هڪ اهڙي هنڌ جتي گرمين ۾ درياءُ پائيندڙ هوندو هو اتي لٿو ۽ ٽن مهينن تائين درياءَ جي چاڙهه جي انتظار ۾ رهيو، جڏهن وقت آيو ته درياءَ پار ڪري سڪا جي قلعي تائين پهتو ۽ سوهيول سان جنگ جوٽيائين. چچ جي بخت سوهيول کي شڪست ڏني ته قلعي اندر پناهگير ٿي ويو ۽ چچ جي فوج گهيرو ڪيو. ٿورن ئي ڏينهن ۾ گهيري ۾ آيلن دل نه جهلي نيٺ سوهيول هن قلعي کي ڇڏي نڪري ويو. ۽ وڃي ملتان ۾ پناهه ورتائين. ان کان پوءِ راءِ چچ ڪيترائي ماڻهو قيد ڪري ٻانها ۽ غلام بڻايائين. پوءِ ملتان پهچي اهي سڀ ماڻهو راويءَ ڪناري گڏ ٿيا ۽ جنگ لاءِ تياري ڪيائون. (انهن ڏينهن ۾ راوي ملتان جي ڀر مان وهندي هئي) چچ علاؤُ الدوله کي سڪي قلعي جو سردار مقرر ڪيو ۽ پاڻ ملتان طرف روانو ٿيو. ملتان ۾ جيتوڻيڪ بجيراءِ زبردست لشڪر ۽ هاٿين جون قطارون ساڻ وٺي مقابلو ڪيو، پر انهيءَ ۾ هو ڇا ڪري پئي سگهيو جو چچ جي ڀاڳ جو ستارو اڀريل هو. انجام اهو ئي ٿيو ته هو شڪست کائي قلعي ۾ گهيرجي ويو. پر گهيري باوجود ڪشمير جي راجا کي خط لکيائين ته ”هڪ برهمڻ اروڙ تي قابض ٿي سنڌ جي بادشاهيءَ جو ڌڻي ٿي پيو آهي. مون ۾ مقابلي جي مڙسي ناهي ۽ ڪو ٻيو سردار اڄ تائين سامهون ٿي سگهيو آهي. هاڻي انهيءَ برهمڻ چچ اچي ملتان جو گهيرو ڪيو آهي، تنهن ڪري اوهان ئي ڪا واهر ڪريو ته هي مصيبت ٽري نه ته خير ڪونهي.“ بجيراءِ جي بدنصيبي،  جو انهن ڏينهن ۾ ڪشمير جو راجا هن پار جو سفر شروع ڪري چڪو هو. نابالغ ٻار سندس تخت تي ويهاريو ويو هو ۽ باغي ۽ سرڪش هر پاسي کان للڪارون ڪري رهيا هئا. هي خط جڏهن پهتو ته اميرن وزيرن گڏجي اها راءِ ڏني ته ”هن وقت جڏهن خود اسان کي پنهنجي سر جي لڳي آهي اسان ڪنهن جي به مدد نٿا ڪري سگهون.“

اهڙو خط جڏهن ڪشمير جي درٻار مان بجيراءِ کي مليو ته مايوس ٿي هن چچ کي پيغام موڪليو ته ”جيڪڏهن آءٌ پنهنجي همراهن ۽ ساٿين سوڌو هتان نڪري وڃان، ايستائين جو ڪو محفوظ مقام ملي ۽ آءٌ نه ڇيڙيو وڃان ته، قلعو خالي ڪرڻ لاءِ راضي آهيان.“ چچ انهيءَ درخواست کي قبول ڪيو. بجيراءِ پنهنجي ساٿين کي وٺي هليو ويو ۽ چچ ڪاميابيءَ سان ملتان ۾ داخل ٿيو. اهو صوبو بعد ۾ بادشاهت ۾ داخل ٿيو. چچ مندرن ۾ وڃي ديوتائن جي اڳيان ڪنڌ نمايو. نذرانو ڏنائين ۽ هڪ ٺاڪر کي شهر جو اڳواڻ مقرر ڪري اڳتي وڌڻ جون تياريون شروع ڪيائين. بجيراءِ جي هارائڻ ۽ ملتان جي فتح ٿيڻ سان چچ جو اهڙو ڌاڪو ويهي رهيو جو باغين جا حوصلا خطا ٿي ويا. برهماپور، ڪرور ۽ اشاهار جي حاڪمن سندس آڻ مڃي. هاڻي هو اڳتي ڪمبا ۽ ڪشمير جي حدن ڏانهن وڌيو. رستي ۾ ڪنهن راجا ڪا به اڏي ڪاٺي نه ڏني. جتي پهتو ماڻهو فرمانبردار ۽ تابعدار ٿيا. آخر ويندي شاڪلها جي قلعي تي پهتو جيڪو ڪمبا جي نالي سان مشهور هو ۽ هندوستان جي سرحد تي هو. هتي هڪ مهيني تائين ديرو ڄمائي ويٺو رهيو. آس پاس جي ڪجهه سردارن کي بدخواهيءَ ۽ سرڪشيءَ جي ڏوهه جون سزائون ڏنائين ۽ پنهنجي جهنڊي هيٺ هڪ وڏو لشڪر گڏ ڪيائين. پوءِ انهيءَ علائقي جي سردارن ۽ قومي اڳواڻن سان ٺاهه ڪري پنهنجي بادشاهيءَ جا بنياد مضبوط ڪيائين ۽ هڪ چشمي جي ڪناري جيڪو پنجاب سڏبو هو. پنهنجا بادشاهي ۽ ڪشمير جي حڪومت جي وچ ۾ سرحد قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻه وڏا وڻ هڻايا ۽ تيستائين اتي ترسي پيو جيستائين ٻئي وڻ وڌي وڏا ٿيا.

ڪشمير پاسي پنهنجي سرحد قائم ڪري چچ گاديءَ واري شهر اروڙ واپس آيو. سفر جي ٿڪ لاهڻ لاءِ هڪ سال اتيئي رهي پيو. انهيءَ زماني ۾ فوج ۽ سامان به گهڻو آندو ويو هو. گهر جي سهولتن مان پورو لطف وٺڻ بعد وري سندس بهادريءَ هرکر پيدا ڪئي. وزير تي اهو سبب ظاهر ڪيائين ته ڪشمير پاسي ته سرحد تائين پورو انتطام ٿي ويو ۽ ڪنهن کي سرڪشيءَ ۽ خودسريءَ جي مجال ناهي. هاڻي منهنجو ارادو آهي ته اولهه ۽ ڏکڻ طرف ڌيان ڏجي. وزير بادشاهه جي وڏي حوصلي ۽ تياريءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”بيشڪ هتي جا ماڻهو چوندا هوندا ته راءِ سهاسي جي زماني کان وٺي اڄ تائين اهڙي لاپرواهي آهي جو ڪنهن به اسان کان ڏن ناهي ورتو.“ مطلب ته وزير کان مشورو ملندي ئي هو سيوهڻ ۽ ٻڌاپور جي قلعن طرف روانو ٿيو. سيوهڻ ۾ مٽي نالي هڪ حاڪم هو. چچ سنڌو درياءَ مان لهي ٻڌيا ڏانهن روانو ٿيو، جتي جو حاڪم ڀندرگو ڀاگو نالي ڪنهن ناليواري شخص جو پوٽو هو ۽ شهر نانا راج سندس حڪومت جي رهڻ جو هنڌ هو. جنهن کي اتي جا رهاڪو سويس چوندا هئا. چچ سويس جي قلعي تي حملو ڪري قبضو ڪيو ۽ اتي جي بادشاهه جي طرفان ڪاڪا جو پٽ ڪبو خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ معافي ورتائين. انهن ماڻهن ڏن ڏيڻ جو واعدو ڪيو ۽ راءِ چچ جي آڻ مڃي. اها مهم پوري ڪري راءِ چچ سيوهڻ پهتو. سردار مٽو ڊڄندي مقابلي لاءِ نڪتو. وڙهيو هار کائي ڀڳو ۽ قلعي ۾ وڃي لڪيو. چچ گهيرو ڪيو ته قلعي وارن جون هڪ ئي هفتي اندر وايون بتال ٿي ويون ۽ پناهه لاءِ نيزاريون ڪرڻ لڳا. نيٺ آڻ مڃڻ ۽ قلعو حوالي ڪرڻ جو شرط طئي ٿيو. ۽ قلعي وارا قلعي جون چاٻيون چچ جي آفيسرن کي هٿ ۾ ڏيئي هليا ويا. پناهه ۾ اچڻ کان پوءِ راءِ چچ ساڻس مهربانيءَ سان پيش آيو ۽ کيس هتي جو بادشاهه مقرر ڪيائين ۽ پنهنجي هڪ آفيسر کي به سندس نگرانيءَ تي مقرر ڪيائين.

انهيءَ مهم جي ختم ٿيڻ بعد هن برهمڻ آباد جي بادشاهه اگهم لوهاڻي ڏي ڌيان ڏنو. اتفاق سان فوجين هڪ قاصد کي جهلي وڌو جيڪو اگهم جو خط کڻي سيوهڻ جي واليءَ مٽيءَ ڏانهن وڃي رهيو هو. جنهن ۾ انهيءَ راجا کي تسليم ڪري ٻڌيءَ جا تعلقات وڌائي مضبوط ڪرڻ جو وچن ٿيل هو ۽ کيس آڇ ڪئي هئائين ته اسان جي جوءِ ۾ اوهان جتي گهرو رهي سگهو ٿا. ۽ خط جي آخر مان معلوم ٿئي ٿو ته اگهم پنهنجو پاڻ کي بنيادي بادشاهه ۽ مستقل راجا تصور ڪندو هو. ان جي انهيءَ خط مان مٽو ته ڪو به فائدو حاصل ڪري نه سگهيو پر هو انهيءَ تي ڌرتيءَ کي دعائون ڏيئي هندوستان هڪ بادشاهه جي درٻار ۾ هليو ويو. جنهن جو نالو ڀٽي هو. پر اهو خط ڏسندي ئي راءِ چچ اگهم لوهاڻي کي خط لکيو ته ”اوهان پنهنجي رتبي، ٻانهن جي ٻل ۽ خانداني بڻ جي آڌار تي بادشاهيءَ جي هام هنئي آهي. مون کي هن بادشاهي ڌن دولت، عزت ۽ طاقت وڏن جي ورثي مان نه پر خدا جي مهربانيءَ سان ملي آهي. انهيءَ سيلائج تي ڪرم ڪيو ۽ مون کي دولت ۽ دٻدٻو عطا ڪيائين. ان ڪري آئون سڀني لڙاين ۾ ڪامياب ٿيس ۽ دشمنن تي سوڀارو ٿيس. پر تو کي جيتوڻيڪ خدا کانسواءِ پنهنجي خاندان ۽ پنهنجي طاقت تي ڀروسو آهي تنهن ڪري انهن سڀني شين کي وڃائي ويهندين ۽ انهيءَ بنياد تي آءٌ تو کي قتل ڪرڻ جائز سمجهان ٿو.“

اڳ ۾ اهو خط موڪليائين ۽ پوءِ پاڻ روانو ٿيو. برهمڻ آباد ويجهو جنگ لڳي ۽ ڪيتريون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ بعد اگهم لوهاڻي جي فوج پوئتي هٽڻ لڳي. تڏهن هن ڀڄي برهمڻ آباد ۾ وڃي پناهه ورتي ۽ چچ کيس هڪ سال تائين گهيري ويٺو رهيو. گهيري ۾ هوندي اگهم هندوستان جي راهستبان کان جيڪو راسل جو پٽ هو مدد گهري، پر انهيءَ خط جي موٽ اچڻ کان پوهرين اگهم مري ويو.

ٽن ڏينهن ۾ ٻڌ نو وهار نالي شهر ۾ ٻڌ مذهب جو هڪ عاليشان مندر هو. جنهن ۾ ٻوڌي ڪنوهار هڪ وڏو راهب ۽ صوفي هو جيڪو ٻڌ ڌرم جو پوئلڳ هو، هي شخص وڏو صوفي هو. آسپاس جي ماڻهن ۾ مشهور هو، ۽ ماڻهو هن جي زيارت ۽ حڪم تي هلڻ کي ثواب سمجهندا هئا.

اهو ئي راهب اگم لهاڻي جو گرو هو، اگهم لهاڻو جڏهن برهمڻ آباد جي قلعي ۾ گهيري هيٺ هو ته انهيءَ پنڊت ان جي لاءِ ورد شروع ڪيو ۽ پنهنجي عمل سان ڪم وٺڻ لڳو، پر انهيءَ دؤران جڏهن اگهم مري ويو ۽ سندس پٽ هن جو جانشين ٿيو ته انهيءَ صوفي راهب کي ڏاڍو ڏک رسيو. ۽ انهيءَ ڏک سان گڏ هن جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته لڳي ٿو ته الله ئي راءِ چچ جي مدد ۾ آهي. پوءِ پنهنجي لقائن کان ڪم ڪرتائين ته يقين ٿي ويس ته بيشڪ سڄي ملڪ ۽ دولت تي راءِ چچ قابض ٿي ويندو. اميدن جي ابتڙ نتيجي مان مايوس ٿي، هو هاڻي خاموش رهيو. انهيءَ خاموشيءَ اختيار ڪرڻ بعد مري ويل راجا جو پٽ هارائي ويو، ڇو ته سموري فوج ويڙهه تان هٿ کڻي چڪي هئي ۽ برهمڻ آباد جي برجن تي چچ جو جهنڊو جهولڻ لڳو.

راءِ چچ کي گهيري هلندي جڏهن اها خبر پئي ته هن پنڊت اگهم ۽ سندس پٽ جي حمايت ڪئي آهي ۽ هي لڙائي انهيءَ جي عملن ۽ ان جي روحاني حمايتن سان هڪ سال تائين قائم رهي. تڏهن قسم کاڌائين ته قلعي تي قبضو ڪندي ئي انهيءَ راهب کي گرفتار ڪندس ۽ ان جي ابتي کل لاهيندس، ايتري قدر نه پر انهيءَ جي کل جا طبلا جوڙائيندس ۽ لاش جا ڳڀا ڳڀا ڪيا ويندا. چچ جو اهو وچن ٻڌي انهيءَ صوفي راهب کلي ڏنو ۽ چيو ”اها ڳالهه ته هن جي وس کان ٻاهر آهي.“ بهرحال چچ برهمڻ آباد کي فتح ڪري هارايل ڌر سان چڱائي ۽ بهتريءَ جو ورتاءُ ڪيو. اگهم جو پٽ سريند پنهنجي سڀني ساٿين سان گڏ سندس خدمت ۾ پيش پيو ۽ چچ کيس اتي ئي رهڻ جي اجازت ڏني. ٿورن ئي ڏينهن کان پوءِ سريند جي ماءُ کي پنهنجي حرم ۾ داخل ڪيائين ۽ پنهنجي ڀائٽي جي نياڻي ڌرسيا، سريند سان چونريءَ چڙهي ۽ هن خود سريند کي وڏن جيان رنگ برنگي ڪپڙا پارائي گهوٽ ڪيو، پوءِ هڪ سال تائين خاموشيءَ سان انهيءَ شهر ۾ رهي پيو ۽ ڏي وٺ جي انتظامن ۾ مصروف رهيو. ايترا ڏينهن ڄاڻي ٻجهي وسري ويل بابت ماڻهن کان پڇيائين ته اهو وڏو منتر پڙهڻ وارو پنڊت ڪٿي آهي؟ شهر جي رئيس ٻڌايو ته هو نوپوهار جي مندر جو ٻائو آهي، ۽ اتي جي سڀني راهبن ۽ پوڄا پاٺ ڪندڙن جو گرو آهي، انهن ماڻهن کي غالباً راءِ چچ جو مقصد به معلوم ٿي ويو هو، تنهن ڪري هنن انهيءَ ٻائي جي بزرگي ۽ وڏائي ظاهر ڪرڻ ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون به بيان ڪيون جيڪي انهيءَ زماني جي هڪ ديندار راجا جي ڊيڄارڻ لاءِ ڪافي هيون. جيتوڻيڪ هنن اهو به چٽو ڪيو ته ان جي منترن جو زور ايتري قدر وڌيل آهي جو سڄي دنيا کي پنهنجو مڃيندڙ ۽ تابعدار ٺاهيو ويٺو آهي، پنهنجي سڀني ضروري حاجتن کي فقط منترن ذريعي حاصل ڪري وٺندو آهي، پر چچ جي دل تي انهن ڳالهين جو ذرو به اثر نه ٿيو. هن ظاهر ۾ ته پنهنجي ارادي کي لڪايو پر دل ۾ پنهنجي قسم کي پوري ڪرڻ جو پهه ڪيائين. هڪ ڏينهن ڪجهه خاص ۽ اعتبار جوڳن نوجوانن سان گڏ گهوڙي تي سوار ٿي ٻڌ ڪنوهار ڏانهن روانو ٿيو ته پنهنجي هٿياربند جوانن کي سيکاري ڇڏيائين ته آءٌ تپسيا ڪندڙ برهمڻ سان ملندس، ان سان ملي ۽ ڳالهيون ڪري جڏهن اٿي بيهان، ۽ اوهان ڏانهن اکيون کڻي ڏسان ته توهان يڪدم تلوارون اڀيو ڪري ختم ڪجوس ۽ بنا جهل انهيءَ جو ڪنڌ لاهي وجهجوس. اهڙيءَ ريت هو مندر اندر ويو ۽ ڏٺائين ته اهو تپسي هڪ چوڪيءَ تي ويٺو آهي ۽ پوڄا ۾ مشغول آهي. ڳوهيل مٽي اڳيان رکيل اٿس ۽ کيس هٿ ۾ هڪ سانچو (قالب) آهي، جنهن جي ذريعي هو، ديوتائن جون مورتيون جوڙي هيٺ هڪ پاسي رکي رهيو آهي. راءِ چچ هن جي هڪڙي پاسي وڃي بيهي رهيو پر ان زبردست فاتح ۽ بهادر راجا ڏانهن اک کڻي به نه نهاريو. تپسيءَ کي جڏهن مورتين کي ٺاهڻ کان واندڪائي ٿي ته ڪنڌ کڻي راجا کي ڏسي، لاپرواهيءَ سان چيائين ته ”ڇا سلائج پينوءَ جو پٽ آيو آهي؟“ راجا چيو؛ ”جي ها!“ پڇيائين ”ڇو؟“ عرض ڪيائين ”اوهان جي درشن لاءِ!“ تڏهن پوڄاريءَ هڪ صاف ڪپڙو وڇايو ۽ چيس ”ويهه“. راءِ چچ ويهي رهيو ته هن کيس ساڻس گڏ برهمڻ آباد ۾ وڃي رهڻ، رعيت جي حال تي مهرباني ڪرڻ ۽ اگهم جي پٽ سريند جي مدد ڪرڻ جي درخواست ڪئي، هي پوڄاري سماني ٻڌ جي اصولن جو پوئلڳ هو، يعني ٻڌ مذهب جو پابند هو. راجا جي درخواست ٻڌي چيائين ”آئون تنهنجي دنيا سان واسطو نٿو رکان ۽ نه انسانن جي دنيوي ڪمن ۾ پوڻ گهران ٿو، منهنجي ويجهو ٻڌ جي پوڄا ڪرڻ ۽ آخرت جي ڇوٽڪاري جي خيال ۾ لڳو رهڻ دنيا جي سڀني عهدن ۽ ان جي سڀني ترقين کان افضل ۽ اعليٰ آهي. باوجود ان جي جو تون ملڪ جو راجا آهين، مون کي تنهنجي حڪم مڃڻ ۾ عار ناهي. سڄي سنگت ۽ ساٿ کي وٺي توسان گڏ هلان ٿو. تنهنجي قلعي جي ڀرپاسي ۾ رهندس پر مون کي کٽڪو آهي ته تنهنجا قلعي وارا، جيڪي ٻڌ مذهب جا مخالف آهن منهنجي اچڻ کي پسند نه ڪندا ۽ انهيءَ سبب جهڳڙو ۽ فساد پيدا ٿيندو. چچ چيوک ”اوهان جو مذهب ٺيڪ آهي، آءٌ ان جو مخالف ڪو نه آهيان ۽ جيڪڏهن اوهان ڪنهن شيءِ جي گهر ڪندا ته مان انهيءَ کي پنهنجو فرض سمجهي پورو ڪندس.“ ٻائي چيو؛ ”مان توهان کان هن دنيا جي ڪا به شيءِ نه گهرندس.“

چچ چيس ته ”جيڪا ديني خدمت منهنجي لائق هجي ته فرمايو“ ٻائي کيس چيو ته ”ساوند سي ۾ جيڪو ٻڌ ۽ نو وهار جو مندر آهي اهو ڊهڻ تي آهي، اوهان ان جي مرمت ڪرائي ڏيو.“ انهيءَ ڪم کي چچ پنهنجي ذمي کنيو ۽ روانو ٿي هليو آيو. جڏهن گهوڙي تي سوار ٿي واپس هليو ته وزير حيرت مان چيو ”اوهان هت انهيءَ پنڊت کي مارڻ جي ارادي ۾ هئا پر ملندي ئي ان جا چيلا ٿي ويا ۽ سندس هر ڳالهه مڃي ورتي.“ چچ جواب ڏنو ”مون کي هتي هڪ اهڙي شيءِ نظر آئي جنهن کي نه جادو چئي سگهان ٿو ۽ نه طلسم. هن جي ڀرسان هڪ هيبت ناڪ ديو نظر آيو جيڪو پنهنجو آبدار ڀالو مون ڏانهن سڌو ڪيو ويٺو هو. ان کي ڏسي مان اهڙو ته هيسجي ويس جو ڳالهه ڪرڻ به ڏکيو هو. انهيءَ ٻائي تي حملو ڪرڻ ته پنهنجي جاءِ تي، مون کي ته پنهنجي ساهه جي اچي لڳي.

هتان برهمڻ آباد جي قلعي وڃي راءِ چچ ڏاڍا انتظام ڪيا. رعيت کي فرمانبردار ۽ مڃيندڙ بنايو ۽ سرڪاري رقمون تجويز ڪيائين. جتن ۽ لوهاڻن ۾ جيتوڻيڪ بغاوت ۽ سرڪشي جي هوا ڀريل هئي، تنهن ڪري انهن کي شڪست ڏئي ۽ هيسائي سندن هڪ هڪ چڱو مڙس حاضر ڪرائي برهمڻ آباد ۾ رکيو. ۽ انهن لاءِ هي قانون نافذ ڪيائين ته مصنوعي تلوار کانسواءِ اصلي تلوار ڪو به نه ٻڌي، شال، بخمل ۽ ريشم جا کيس هو نه پائين ۽ مٿي تي پائڻ جا ڪپڙا ريشمي پائڻ جي سگهه هوندي به مٿن پابندي هئي ته ڳاڙها يا ڪارا هجن. گهوڙي تي هنو نه رکن، بنا هني جي اگهاڙي پٺيءَ تي سواري ڪن. اگهاڙي مٿي ۽ پيرن اڀراڻا هلندا ڪن، ٻاهر نڪرن ته پنهنجا ڪتا به گڏ رکن. برهمڻ آباد جي سردارن جي رڌڻي جي لاءِ ٻارڻ جون ڪاٺيون جهنگ مان وڍي کڻي اچن. جاسوسي ۽ سونهي جي خدمت سرانجام ڏين ۽ جڏهن اهڙي ڪم تي مقرر هجن ته اها خدمت مڪمل ايمانداريءَ سان ڪن، سريند جي سدائين اطاعت ڪن ۽ ملڪ تي ڪو به دشمن حملو ڪري سريند جي جهنڊي هيٺ گڏ ٿي وڙهن.

اهي سڀ انتظام ڪري راءِ چچ ڪرمان جي حدن طرف ڌيان ڏنو. ڪرمان تي ايرانين جو قبضو هو. ۽ ان سان سڌ جي حڪومت جون حدون ملندڙ هيون. هاڻي هي اهو ئي زمانو آهي جڏهن هجرت ٿي يعني نبي صلي الله عليه وسلم کي مڪي مان هجرت ڪري مديني آئي ٻه سال ٿيا هئا.

ايران جي حالت ڪمزور ٿي رهي هئي، ڇو ته مشهور ساساني بادشاهه خسرو پرويز دنيا مان وڃي چڪو هو، ان کان پوءِ تخت نشيني جي معاملي ۾ اختلاف پيدا ٿيو ته اميرن هڪ ساساني شهزادي کي تخت تي ويهاري بادشاهيءَ جون واڳون سندس هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيون. اها خبر ٻڌي جڏهن راءِ چچ اطمينان ڪيو ته اڄ ڪلهه عجم جي حڪومت کيس آڏي ڪاٺي نه ٿي ڏيئي سگهي ته هڪ زبردست فوج ساڻ وٺي پنڊتن کان موچاري مهل پڇي ۽ انهيءَ وقت ارمابيل جي پاسي روانو ٿيو. ارمابيل جو بادشاهه جيڪو ٻوڌي هو ۽ امامت جو درجو رکندڙ هو. هن جي آجيان لاءِ آيو. ٻنهي ۾ پيار ۽ محبت جو وچن تازو ٿيو ۽ هن جي طرفان اطمينان ڪري چچ اڳتي وڌيو. واٽ تي جيڪي سردار مليا تن آڻ مڃي. جبلن مان لنگهي هو هڪ پراڻي قلعي ۾ پهتو جيڪو ڪنرپور جي نالي سان مشهور هو، هي اهو ئي هنڌ آهي جنهن کي اڪثر جاگرافي لکندڙن قنزپور لکيو آهي. چچ ان کي نئين سر اڏايو ۽ پراڻي هندستاني رسم مطابق ان تي نوبت رکائي جيڪا هر صبح ۽ شام وڄندي هئي. پوءِ اڳتي وڌي ان درياءَ جي ڪناري خيما کوڙيائين جيڪو ڪرمان ۽ مڪران جي وچ مان وهندو هو. ان هنڌ تي هن پنهنجي بادشاهيءَ جي آخري اولهندي سرحد قائم ڪئي ۽ نديءَ جي ڪناري ڪيترائي کجيءَ جا وڻ پوکائي ڇڏيا ته ايران ۽ سنڌ جي بادشاهين جو پتو پوندو رهي.

راءِ چچ انهيءَ ڪم کي به پورو ڪري ارمابيل واپس آيو ۽ توران واري علائقي مان لنگهي ريگستاني سرزمين ۾ پهتو. هاڻي ڪنهن ۾ به هن سان وڙهڻ يا سرڪشي جي همٿ نه هئي اهڙي طرح قنڌار کان ٿيندو سڀني درياءَ جي ڪناري خيما کوڙيائين. هتي جي ماڻهن لاچار ٿي آڻ مڃي ۽ چچ کانئن ساليانو هڪ لک درهم ڏن ۽ هڪ سؤ جابلو گهوڙا ڏيڻ جو واعدو ورتو ۽ پوءِ گاديءَ واري شهر ۾ واپس آيو. تنهن کان پوءِ کيس اروڙ مان ٻاهر نڪرڻ جي نوبت نه آئي، تانجو چاليهه سالن جي بادشاهي ڪري عزت سان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org