هن
حڪم ڏنو ته اهي سڀ ماڻهو قتل ڪيا وڃن، جڏهن ته
ائين ڇهه هزار انسان تلوار جو کاڄ ٿيا. جن مان ڪن
کي معاف به ڪيو ويو. پر اڪثر راوين جو هي بيان آهي
ته قيدين مان شروعات ۾ ڏاهر جو ڪوبه عزيز نه هو
حالانڪه محمد بن قاسم کي انهن ماڻهن جي هٿ اچڻ جي
گهڻي آرزو هئي. هن شهر جي ماڻهن کان پڇيو ته راجا
ڏاهر جو ڪو عزيز هتي آهي. پر اڃان به ڪو پتو نه
پيو، هڪ هزار برهمڻن پنهنجي انهيءَ ناڪامي تي ٻي
ڏينهن مٿو، ڏاڙهي مڇون ۽ ڀرون ڪوڙائي ڇڏيا هئا. هن
جي سامهون پيش ڪيا ويا. عرب سپهه سالار کي انهن
ماڻهن جي انهيءَ حالت تي ڏاڍي حيرت ٿي. هن تعجب جي
لهجي ۾ پڇيو ”توهان ڪير ماڻهو آهيو ۽ هي حالت
توهان ڇو بڻائي آهي. ڇا توهان جو ڪنهن فوج سان
تعلق آهي برهمڻن هٿ ٻڌي عرض ڪيو:”اي ديانتدار
سردار! اسان جو راجا برهمڻ هو ۽ اسان اهي ماڻهو
آهيون جنهن ساڻس وفاداري جو وچن ڪيو هو. اسان مان
گهڻا ته اوهان جي هٿان مارجي ويا. بدقسمتي اسان کي
جيئرو ڇڏيو. تنهن ڪري اسان سڀني ارادو ڪيو آهي ته
جڏهن اسان جو راجا ئي ناهي ته اسان به دنيا کي ڇڏي
فقير ٿي وڃون. بس انهيءَ خيال سان گيڙو ڪفن پاتا ۽
چئني ڀروئن تان پاڪي ڦيري. هاڻي الله اوهان کي
ڪامياب ڪري هن ڌرتي جو مالڪ ڪيو آهي، اسان جو فرض
آهي ته اوهان جي فرمانبرداري ڪريون. بس انهيءَ غرض
سان درٻار ۾ حاضر ٿي غرض ڪريون ٿا ته اسان لاءِ
ڪهڙو حڪم آهي.“ انهن جي تقرير ٻڌي محمد بن قاسم
ٿورو ويچار ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ ڪنڌ کڻي چيائين” آءٌ
پنهنجي جان ۽ سر جو قسم کڻي چوان ٿو ته هي ماڻهو
سٺا ۽ وفادار اهن آءٌ انهن کي پناهه ڏيندس پر ان
شرط سان ته ڏاهر جي تعلق وارن کي جتي ملن منهنجي
سامهون حاضر ڪن“ اها تقرير ٻڌي اهي ماڻهو ويا ۽
راڻي لاڏي کي وٺي محمد بن قاسم جي اڳيان
بيهاريائون. انهيءَ ڳالهه ۾ اختلاف آهي ته راڻي
لاڏي محمد بن قاسم جي قبضي ۾ ڪيئن آئي. يعقوبي
غلطي سان ان واقعي يعني ڏاهر جي راڻي جو محمد بن
قاسم جي قبضي ۾ اچڻ کي راڻي ٻائي ڏانهن منسوب ڪيو
آهي جيڪا ڏاهر جي ڀيڻ مان راڻي ٿي هئي ۽ جيڪا راوڙ
۾ ستي ٿي هئي. يعقوبي کي پڪ سان غلط خبر پهتي ڇو
ته ٻائي لاڏي مسلمانن جي هٿ ۾ اچي ويئي، جيڪا راجا
ڏاهر جي ٻي راڻي هئي. رهيو اهو ته هوءَ مسلمانن کي
ڪيئن ملي ان باري ۾ ڪوبه فيصلو نٿو ڪري سگهجي. اهي
تفصيلي خبرون فقط چچ نامي ۾ نظر اچي سگهن ٿيون.
اهي ٻئي بيان خود هن مختلف روايتن مان نقل ڪيا
آهن. باقي ٻيا مؤرخ مختصر طريقي سان ايترو بيان ڪن
ٿا ته برهمڻ آباد جي فتح کان پوءِ ڏاهر جي راڻي به
مسلمانن جي قبضي ۾ اچي ويئي. برهمڻ آباد هڪ اهڙو
هنڌ هو جو ان قلعي جي فتح ڪرڻ کان پوءِ محمد بن
قاسم ملڪي ڪاروهنوار تي پورو ڌيان ڏيڻ لڳي ويو،
جڏهن هتي ترسي ڪافي انتظام ڪري ورتا ته اڳتي وڌيو.
پهرين ته نئين فتح ڪيل شهر ۽ ان جي آس پاس لاءِ
اهو ئي عام قاعدو جاري رکيو. جنهن کي مسلمانن
پنهنجي فتح ڪيل شهرن ۾ هر هنڌ روا رکيو هو. جن
ماڻهن دين اسلام قبول ڪيو اهي غلام، جزيو ۽ ڌن
سڀني شين کان آجا ڪيا ويا. جن ماڻهن مذهب جي
تبديلي کي پسند نه ڪيو انهن تي جزيو مقرر ڪيو ويو.
جزيي جا ٽي درجا هئا. پهرين درجي وارن تي في فرد
48 درهم سالانو، ٻي درجي وارن تي 24 درهم ۽ سڀ کان
گهٽ درجي وارن تي 12 درهم سالانو مقرر ڪيو ويو.
حڪم عام ڏنو ويو ته جيڪي ماڻهو دين اسلام قبول ڪن
اهي جزيي جي ادائگي کان آجا آهن. پر اهي ماڻهو
جيڪي پنهنجي پراڻي مذهب جا پوڄاري آهن، انهن کي
لازمي طور جزيو ۽ ڏن ڀرڻو پوندو. ان اشتهار جو اهو
نتيجو ٿيو جو ڪجهه ماڻهو مسلمان ٿيا ۽ ڪجهه پنهنجي
ابن ڏاڏن جي دين تي قائم رهيا ۽ جزيو وغيره ادا
ڪرڻ گوارا ڪيائون، پر اهڙو ورتاءَ ڪنهن سان به نه
ڪيو ويو ته وري ڪنهن جي ايراضي يا جائيداد ڦري
ويئي هجي. قديم عام هندو سلطنتن وانگر سنڌ ۾ به
برهمڻن جا ڪي حق هئا جيڪي هاڻي حڪومت جي بدلجڻ کان
پوءِ منسوخ ٿي ويا ۽ برهمڻن تي سخت مصيبت آئي ٿي
پر محمد بن قاسم انهن ماڻهن جي حال تي به مهرباني
ڪئي. هن هر برهمڻ جي لاءِ ان جي مرتبي ۽ ان جي
دعوائن مطابق خاص سرڪاري ڍل مان هڪ سالياني رقم
مقرر ڪئي. هن قلعي جي هر ڦاٽڪ تي هڪ جٿو مقرر ڪيو.
۽ انهن سڀني فوجين جي اڳواڻي خاص پنڊتن جي هٿ ۾
ڏني. فقط ايتري قدرداني نه ڪئي پر انهن تي جنهن
قسم جو اعتماد ۽ اعتبار هن ڪيو هو ان جي ثبوت لاءِ
هر پنڊت کي هڪ هڪ گهوڙو سازن سوڌو ڏنو ۽ هندوستان
جي رسمن مطابق انهن جي هٿن ۽ پيرن ۾ ڪڙا پارايا
ويا ۽ عام درٻار ۾ ملڪي ماڻهن سامهون کين ڪرسي تي
ويهڻ جي عزت ڏني.
سڀئي
ماڻهو سوداگر، هنرمند، کيتي ٻاڙي ڪندڙ جزيو ادا
ڪرڻ جي لاءِ سڀ پنهنجي مناسب درجن ۾ ورهايا ويا.
سڀ ملائي (جنهن ۾ معزز ۽ ننڍا سڀ شامل هئا) ڏهه
هزار شمار ڪيا ويا. انهن ماڻهن جي ڳڻپ ڪرائي محمد
بن قاسم حڪم ڏنو ته انهن مان هرهڪ کي سرڪار طرفان
ٻارهن ٻارهن درهم ڏنا وڃن. ان لاءِ ته ڦرلٽ ۾ انهن
جي ملڪيت لٽي هوندي. خاص شهر وارن کي پنهنجي
رحمدلي جو ثبوت ڏيئي هن پرڳڻن ۽ ٻهراڙين جي ماڻهن
ڏانهن ڌيان ڏنو. انهن کان جزيو وصول ڪرڻ جي لاءِ
پاڻ انهن مان هڪ شخص چونڊيو، جيئن کين معلوم هجي
ته مسلمان پنهنجي طاقت تي ڪيتري قدر مطمئن آهن ۽
پڻ سندن دل ۾ اهو خيال پيدا ٿئي ته عرب فاتح هر
طرح سندن حمايت لاءِ تيار آهي. برهمڻن محمد بن
قاسم جي اهڙي دريا دلي ڏٺي ته پنهنجا معاملا ان جي
اڳيان آڻي پيش ڪيائون ۽ ٻڌايو ته گذريل حڪومت ۾
انهن جا ڪهڙا عهدا هئا ۽ ڪهڙي عزت هئي. شهر جي
مخصوص ۽ معزز ماڻهن ان جي عظمت ۽ شان جي شاهدي
ڏني. انهن شاهدين مان اطمينان حاصل ڪري عربي
سردار انهن تي مهرباني ڪئي. سندن سڀ گذريل مرتبا
بحال رکيائين ۽ حڪم جاري ڪيائين ته برهمڻن جا حق ۽
مرتبا جيڪي سدائين کان هلندا اچن اهي بدستور باقي
رهندا. انهن سان واعدو ڪيائين ته جيڪڏهن ڪو شخص
توهان تي ڪنهن قسم جو ظلم، ڏاڍ يا زيادتي ڪندو ته
سلطنت توهان جي حمايت ڪندي ۽ توهان جا حق نه
مٽندا. ان کان سواءِ اهي ماڻهو عزت وارن عهدن تي
مٿاهان ڪيا ويا ۽ محمد بن قاسم بلڪل پنهنجي
ڪارروائي سان ڏيکاريو ته کيس برهمڻن تي پورو
اعتماد آهي ۽ انهن کان بي وفائي جو بلڪل کٽڪو
ناهي. هن برهمڻن کي پنهنجي اڳيان سڏائي پنهنجي
واتان چيو ” راجا ڏاهر جي ڏينهن ۾ توهان ماڻهو وڏن
وڏن عزت وارن ۽ مٿاهن عهدن جي لاءِ مخصوص هئا تنهن
ڪري شهر ۽ آس پاس جي حالتن کان چڱي طر واقف آهيو،
جيڪڏهن توهان ڪا اهڙي ڪارروائي ٻڌائيندا، جنهن سان
عوام خوش هجي ۽ ملڪ جي ڀلائي جي اميد هجي ته آءٌ
غور ڪري ان تي عمل ڪندس. توهان سان مهرباني سان
پيش ايندس ۽ مون کي خدمت چاڪري ڪرڻ ۽ انعام ۽
اڪرام سان نوازڻ جو موقعو ملندو.“
اهو
چئي سڀئي ملڪي انتظام محمد بن قاسم انهن ماڻهن جي
هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا ۽ اهي خدمتون کين ان واعدي سان
ڏنيون ته صرف ان جي زندگي سان گڏ نه پر هميشه
هونديون ۽ سدائين نسل درنسل سندن خاندان ۾
رهنديون. انهن دريا دل ڪاررواين جو بهتر نتيجو
حاصل ٿيو جو برهمڻ جيڪي اسلامي حڪومت طرفان سرڪاري
عهديدار مقرر ڪيا ويا هئا اهي پرڳڻن ۽ ڀرپاسي ۾
ويا ۽ هر هنڌ ماڻهن کي چيائون ته ”اهو ته توهان
ٻڌي چڪا آهيو ته راجا ڏاهر مارجي ويو ۽ اسان جي
مذهب جي جيڪا طاقت هئي پوري ٿي، هاڻي سنڌ جي سڀني
پرڳڻ تي عربن جي حڪومت مضبوطي سان قائم آهي. ۽ هن
سرزمين جا ننڍا توڙي وڏا ماڻهو سڀ اڄ هڪجهڙي حيثيت
رکن ٿا. اهو ئي حال شهرن ۽ ڳوٺن ۾ آهي. دراصل اسان
مفتوح ۽ ذليل ٿي ويا هئاسين. پر عظيم الشان سلطان
اسان سان مهرباني جو سلوڪ ڪيو. اسان جون عزتون
اهڙي طرح قائم رکيون ۽ ٻڌو! هن اسان کي توهان وٽ
موڪليو آهي ته توهان کي جي اطاعت جي رغبت ڏياريون.
چڱي طرح تسلي ڪريو ته جيڪڏهن اسان عربن جي اطاعت
کان منهن موڙيون ها ته نه اسان وٽ جائداد رهي ها ۽
نه زندگي گذارڻ جا ذريعا اسان وٽ رهن ها. اسان ان
سبب اطاعت قبول ڪئي آهي. اسان جي نئين دريا دل
بادشاهه جو ٿورو ۽ مهرباني اسان جي حال تي وڌيڪ
آهي. ان جو نتيجو هي آهي ته اڃا تائين اسان پنهنجي
گهرن مان نه ڪڍيا ويا آهيون. اسان جون جائدادون ۽
مرتبا اسان وٽ آهن، پر جيڪڏهن توهان جي راءِ ۾ اهو
جزيي جو بار نٿو کڄي ته اچو مناسب موقعو ڏسي اسان
۽ اوهان هن ملڪ کي ڇڏي هندوستان جي ڪنهن ٻي هنڌ
هلي آباد ٿيون ۽ پنهنجي ٻارن ٻچن کي به وٺي هلي
اتي امن امان سان رهون. ان لاءِ ته دنيا ۾ جان کان
وڌ پياري ڪا ٻي شيءِ ناهي، جيستائين ٿي سگهي ان کي
بچائڻ گهرجي. پر اسان جو خيال آهي ته جيڪڏهن اسان
ٻارن ٻچن کي وٺي وياسين ته اسان جي جائداد هٿ مان
ويندي هلي. هاڻي توهان جي جيڪا راءِ هجي ٻڌايو.
اسان ان تي عمل ڪرڻ لاءِ موجود آهيون.“ سڀني جزيو
ادا ڪرڻ منظور ڪيو.
انهن
ڳالهين جو اهو اثر ٿيو ته سڄي رعيت طرفان ماڻهو
پاڻ محمد بن قاسم جي سامهون حاضر ٿيا ۽ جزيو ادا
ڪرڻ تي عام طرح رضامندي ظاهر ڪئي. انهن پڇيو ته
اسان رقم ادا ڪيئن ڪنداسون؟ محمد بن قاسم سڀني کي
ٻڌايو ته هن نموني رقم ادا ڪرڻي پوندي. پوءِ انهن
برهمڻن ڏانهن ڌيان ڏنو جيڪي سرڪاري رقم اوڳاڙڻ تي
مقرر هئا ۽ چيو ” ڏسو اوهان جو فرض آهي ته رعيت ۽
سلطنت ۾ ديانتداري پيدا ڪريو. جيڪڏهن ڪو جهڳڙو يا
فساد پيدا ٿئي ته انصاف سان ڪم وٺو. ڍل اوڳاڙڻ وقت
ان ڳالهه جو سدائين خيال رکو ته رعيت کي ڪيتري قدر
پئسا ادا ڪرڻ جي پهچ آهي. خبردار ڪنهن تي ان جي
حيثيت ۽ پهچ کان مٿي رقم نه مقرر ڪجو. پاڻ ۾
سدائين اتحاد ۽ اتفاق قائم رکجو. ان لاءِ ته توهان
جي نااتفاقي سان ملڪ تي قسم قسم جون آفتون نازل
ٿينديون. جوان مرد عرب ان کان پوءِ رعيت مان هڪ هڪ
کي الڳ ڪري گهرائي سمجهايو. انهن کي ڏڍ ۽ دلداري
ڏني ۽ هي قرب ۽ محبت وارا گفتا اچاريا. ”توهان هر
حال ۾ خوش هجو، پريشان نه ٿيو، توهان تي اسان
پاران ڪنهن ڳالهه جو خوف نه ايندو. آءٌ توهان کان
اقرار نامون وٺان ٿو ۽ نه ضامن وٺان ٿو. بس ايترو
ڪريو جيڪا رقم مقرر ڪئي ويئي آهي ۽ جيڪا ڍل اسان
جي طرفان مقرر ٿي آهي ان کي ادا ڪندا ڪريو، ان کان
سواءِ هميشه حڪومت طرفان هر معاملي ۾ توهان جي خبر
ورتي ويندي ۽ رحمدلي جا حڪم جاري ٿيندا. توهان جي
جيڪا خواهش هجي ان کي منهنجي اڳيان بيان ڪريو.
آئون ٻڌندس ۽ انصاف سان تسلي واري ورندي ڏيندس،
آءٌ واعدو ڪريان ٿو ته هر شخص جي ضرورت پوري ڪندس.
محمد بن قاسم جي رحمدلي دراصل حيرت جي قابل هئي.
مذهبي جهاد ۾ شايد ڪنهن حاڪم کان اهڙي رحمدلي جو
اظهار نه ٿيو هوندو جهڙو هن سنڌ جي سرزمين تي
ڏيکاريو. اسلام ۾ هر ڳالهه جي اجازت ڏيئي سگهجي ٿي
پر اهو روا ناهي جو ڪنهن به طرح مشرڪ ۽ بت پرستي
جي رسمن جي اجازت ڏني وڃي. پر محمد بن قاسم پنهنجي
رحمدلي ۽ ان حد تائين ليڪو لنگهي ويو.
سنڌ
جڏهن فتح ٿيو ته اهو وڏو مندر جيڪو برهمڻ آباد ۾
هو، ان جي پوڄا پاٽ کان روڪيو ويو. برهمڻ جيڪي اتي
جا پوڄاري ۽ پڻ بت خاني جا سڀئي نوڪر ماني ڳڀي
لاءِ سڪڻ لڳا، سندن هٿن ۾ ڪوبه ڪمائي جو ذريعو نه
هو، مندرن ۾ جيڪي باسون باسيون وينديون هيون اهي
بند ٿي ويون. رعيت به سندن پر گهور نه لڌي، نيٺ
مجبور ٿي هُو سڀ ان گهر جي در تي اچي ڪٺا ٿيا جتي
عرب سپهه سالار رهندو هو ۽ هٿ کڻي کيس دعائون ڏيڻ
لڳا، محمد بن قاسم ان جو سبب پڇيو ته انهن سڀني
عرض ڪيو”اي عدل جا ڌڻي، تنهنجي ڄمار وڏي ٿئي اسان
کي زندگي گذارڻ لاءِ جيڪي ڪجهه ملندو هو هتي جي
مندر مان ملندو هو. ماڻهو روڪ ۽ هر طرح جون باسون
هتي اچي باسيندا هئا ۽ انهيءَ تي اسان جو گذر سفر
ٿيندو هو. سرڪار سوداگرن ۽ عام هندن تي رحم ڪيو،
انهن جون جائدادون انهن جي قبضي ۾ رکيون ۽ هر شخص
جو گذر سفر جو ذريعو اوهان جي رحم ۽ انصاف سان
بدستور باقي آهي، اسان اوهان جا غلام جيڪي فقط
اوهان جي فياضي تي گذارو ڪرڻ وارا آهيون، ڇا
ڪريون، آرزو مند آهيون ته سڀني ماڻهن کي پنهنجي
ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ مندر ڇڏيو
وڃي ته اسان هن کي اڳي وانگر آباد ڪريون.“ محمد بن
قاسم جي پڇڻ تي سڀني هندن عرض ڪيو ته دهتي جو مندر
خاص برهمڻن جي اصول تي ٺهيو آهي ۽ اهي ئي ماڻهو
اصل ۾ اسان جا مذهبي پيشوا ۽ اڳواڻ آهن. اسان جي
جيئن مرڻ جون ريتون رسمون انهن ماڻهن هٿان ٿينديون
آهن ۽ دراصل اسان جزيو ڏيڻ تي انهيءَ خيال سان
آماده ٿياسين ته اسان مان هرهڪ کي پنهنجي مذهب جي
پابندي جي اجازت هوندي. اسان جو هي مندر تباهه ۽
برباد ٿئي ٿو، ويران پيو آهي ۽ اسان ان جي پوڄا
کان روڪجي ويا آهيون. جيڪڏهن انصاف پرور سردار
اسان کي اجازت ڏي ته اسان هن کي وري آباد ڪريون ۽
اسان جي ديوتائن جي پوڄا جاري ٿي وڃي. بس انهيءَ
طريقي سان انهن برهمڻن ۽ پوڄارين کي به اطمينان ٿي
ويندو ۽ اسان جي ذريعي سان انهن برهمڻن ۽ پوڄارين
کي به اطمينان ٿي ويندو ۽ اسان جي ذريعي سان انهن
کي پنهنجي گذر سفر جو ذريعو ملي ويندو. هي هڪ اهڙو
نازڪ مسئلو هو جو محمد بن قاسم ٻڏتر ۾ اچي ويو.
کيس ڪنهن طرح به همٿ نه ٿي جو خود پنهنجي راءِ سان
ان ڳالهه جو فيصلو ڪري. نيٺ لاچار ٿي هن ان مسئلي
جي صورتحال حجاج بن يوسف کي عراق ڏانهن لکي. ٿورن
ئي ڏينهن کان پوءِ عراق کان جواب اچي ويو.” منهنجا
پيارا سؤٽ محمد بن قاسم اوهان جو خط مون کي مليو
سماچارن مان پتو پيو ته برهمڻ آباد جا رهواسي گهر
ڪن ٿا ته کين مندر کي آباد ڪرڻ ۽ پنهنجي پراڻي
مذهب تي عمل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي جڏهن هو اسان جي
اطاعت قبول ڪري چڪا ۽ اسلام جي خليفي کي جزيو ڏيڻ
منظور اٿن ته هاڻي قاعدي موجب انهن کان ڪنهن ڳالهه
بابت پڇا ڳاڇا نه ٿي ڪري سگهجي انهن کي اسان
پنهنجي حمايت ۾ ورتو آهي، تنهن ڪري هاڻي ڪنهن
طريقي سان اسين انهن جي جان ۽ مال سان هٿ چراند
نٿا ڪري سگهون. کين پنهنجي ديوتائن جي پوڄا جي
اجازت ڏني وڃي ۽ ڪوبه ماڻهو پنهنجي مذهب جي پيروي
کان نه روڪيو وڃي ۽ نه کين ڪنهن ڳالهه جي روڪ ڪئي
وڃي هُو جنهن طرح گهرن پنهنجي گهرن ۾ رهن.
حجاج
جو هي حڪم محمد بن قاسم کي ان وقت مليو جڏهن هو
برهمڻ آباد مان روانو ٿي هڪ منزل وڃي چڪو هو. ان
خط ملندي ئي هن کي ڏاڍي خوشي ٿي ڇو ته سندس راءِ ۾
غريب هندو رعيت هر طرح همدرديءَ ۽ ڀلائي جي حقدار
هئي. هن هڪدم اتي ئي قيام ڪيو ۽ برهمڻ آباد جي
اشرافن، عزتدارن ۽ برهمڻن کي کي پنهنجي سامهون
گهرائي حڪم ڏنو ته ” پنهنجي مندر کي وڃي خوشيءَ
سان آباد ڪريو. بنا ڊپ جي آزادي سان رهو ۽ پنهنجي
ترقي ۽ ڀلائي جي ڪوشش کان باز نه اچو. هن اها به
هدايت ڪئي ته هاڻي توهان کي مسلمان رعيت سان ملي
جلي بي تعصبي سان رهڻ گهرجي. ڇو جو ڪنهن قسم جو
فساد پيدا نه ٿئي.“ پوءِ پاڻ عام رئيسن ڏانهن ڌيان
ڏنو ۽ اهي جملا چيائين جيڪي هن جي حد درجي جي بي
تعصبي تي دلالت ڪن ٿا. ”غريب برهمڻن سان قرب ۽
محبت سان پيش اچو، سدائين سندن خيال رکو، پنهنجي
ابن ڏاڏن جي رسمن تي پورا رهو ۽ قديم رواج مطابق
برهمڻن کي هميشه خير خيرات ڏيندا رهو.“ پوءِ انهن
ماڻهن کي جيڪي سرڪاري اوڳاڙي ڪرڻ تي مقرر هئا حڪم
ڏنو. ڏسو ان ڳالهه جو خيال رکو ته هر سال سرڪاري
پئسن جي في سيڪڙي مان ٽي درهم جدا ڪريو ان مان
برهمڻن کي ايتري قدر رقم ڏيو جيتري قدر انهن جي
حيثيت ۽ ضرورت جي مناسب هجي. سال جي پڇاڙي ۾ ان
رقم مان ڪجهه باقي رهي هجي ته ان کي سرڪاري خزاني
۾ داخل ڪريو.“
انهن
ماڻهن کي ان ڳالهه جي به هدايت ڪئي ويئي ته
عهديدارن ۽ معززن لاءِ به مدد طور سرڪاري خزاني
مان پگهار مقرر ڪئي وڃي. سمورين ڳالهين تي انهن
سڀني ماڻهن تميم بن زيد الفيسي ۽ حڪم بن عوانه
ڪلبي جي اڳيان رضامنديءَ جو اظهار ڪيو. ان کان
سواءِ ان زماني کان محمد بن قاسم برهمڻن جي لاءِ
هڪ ٻيو حق به مقرر ڪيو جيڪو سنڌ ۾ ڳچ عرصي تائين
جاري رهيو. اهو هي ته برهمڻن کي حق ڏنو ويو ته
فقيرن وانگر پنهنجا ڪشتا کڻي ماڻهن جي درن تي وڃو
۽ گهر وارن جو فرض هو ته اناج وغيره جيڪا لپ کن
چاهن، اها ان ۾ وجهن، اهو طريقو فقط ان ڪري جاري
ڪيو ويو ته برهمڻن ۾ جيڪڏهن ڪو بلڪل هٿن پيرن کان
جڏو هجي اهو به گذر سفر ڪري سگهي. برهمڻ آباد وارن
طرفان هڪ ٻي درخواست به محمد بن قاسم وٽ پيش ٿي ته
انهن جي حڪومت جو اختيار قطعي انهن جي هٿ ۾ ڏنو
وڃي. عرب سپهه سالار اها به درخواست منظور ڪئي. ان
کان علاوه اجازت ڏني ته يهودين، عيسائين ۽ شام
عراق جي زرتشتين وانگر پنهنجا ويل حق واپس وٺن، ان
لاءِ هن برهمڻ آباد ۾ خود اختياري انتظام مقرر ڪري
ان جي واڳ انهن ئي ماڻهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. اهو
انتظام ڪري محمد بن قاسم انهن ماڻهن کي هٽايو جيڪي
پهرين سرڪاري ڪارروهنوار تي مقرر ڪيا ويا هئا ۽ ان
طرح ملڪ کي خود ملڪ وارن جي هٿ ۾ ڏيئي هن ديسي
سرگروهن ۽ حاڪمن کي ”راڻي“ جي لقب سان مٿاهون ڪيو.
اهي انتظام ڪري محمد بن قاسم وزير سيساڪر ۽ موڪي
وسائي کي گهرائي پڇيو ته راءِ چچ ۽ راءِ ڏاهر جي
زماني ۾ لوهاڻن ۽ جاٽن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويندو
هو. لوهاڻا ۽ جاٽ ٻو قومون هيون. هڪ لاکا ۽ هڪ
سمان، اهي ٻئي جهنگلي ۽ وحشي قومون هيون، ڌاڙا هڻڻ
۽ لٽ ڦر ڪرڻ سندن ڌنڌو هو ۽ سدائين سرڪار جي چئي
کان ٻاهر هئا. اڳوڻن برهمڻ فرمانروائن انهن کي
دٻائي زبردستي مٿن حڪومت ڪئي. پر اڃان تائين اهي
ماڻهو اهڙي طرح حڪومت ۽ شهريت کان ڪورا آهن.
محمد
بن قاسم کي اهي ظلم پسند نه آيا جو اڳي کان کين
فرمانبردار بڻائڻ لاءِ جاري هئا. انڪري سندن احوال
معلوم ڪيو. سيساڪر چيو ته ”اهي وحشي ۽ جهنگلي
قومون آهن. سدائين آڻ مڃڻ کان لهرائيندا آهن ۽
ٿورو به موقعو ملندو آهي يا سرڪار طرفان نرمي
ٿيندي آهي ته ساڳيو ڌنڌو شروع ڪندا آهن. انهيءَ
ڪري گذريل قانونن مطابق انهن کي نه نرم ڪپڙا پائڻ
جي اجازت آهي ۽ نه مٿي تي بخمل جي ٽوپي پهرڻ جي،
هو پيرين اگهاڙا رهڻ تي مجبور هئا. انهن جو قاعدو
هو ته هڪ ڪارو ٿلهو ڪپڙو هيٺ ٻڌندا هئا ۽ ٿلهي
ميري ڪپڙي جي چادر ڪلهي تي کڻندا هئا. جيڪڏهن ڪڏهن
نرم ڪپڙا پائيندا هئا ته هڪدم ڏنڊ وڌو ويندو هو.
هڪ اهو به حڪم هو ته جڏهن گهر کان ٻاهر نڪرن ته
پنهنجي ڪتن کي گڏ رکن ڇو جو جيڪو ڏسي هڪدم سڃاڻي
وٺي. سندن سردار کي گهوڙي تي هود رکڻ جي اجازت نه
هوندي هئي. جڏهن ڪٿي انهن جو ڪو سردار گهوڙي تي
سوار ٿي نڪرندو هو ته گهوڙي جي پٺي تي هود هوندو
هو پر صرف هڪ ٿلهو تل پيل هوندو هو. انهن ٻنهي
قومن ۾ خدمت گارن جي ضرورت هوندي هئي ته هي ٻئي
پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي خدمتگارن جي ضرورت هوندي هئي ته
هي ٻئي پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي خدمتگار ڏينديون هيون.
مجال نه هئي جو ڪنهن غير قوم جو ماڻهو پنهنجي
خدمتگاري ۾ وٺن. رستن ۾ جيڪڏهن ڪنهن تي مصيبت اچي
ويندي ته ان بابت انهن قومن کي جواب ڏيڻو پوندو
هو. جيڪڏهن انهن مان ڪنهن شخص جي ذمي چوري ثابت ٿي
ويندي ته انهن جي چڱن مڙسن جو فرض هو ته ان کي
ٻارن ٻچن سوڌو باهه ۾ جيئري جلائين. انهن ماڻهن جي
رهبري سان رات ڏينهن قافلا هلندا هئا. ننڍي وڏي جو
انهن ۾ فرق نه هو هي حڪمرانن جي بغاوت تي هر وقت
تيار رهندا هئا.لٽ ڦر مان ڪڏهن هٿ نه جهليندا هئا.
۽ ديبل علائقي جا سڀئي ماڻهو لٽ ڦر ۾ ۽ رهزني ۾ در
پرده انهن سان گڏ ٿي ويندا آهن. اڳئين حڪومت اهي
ڳالهيون هنن جي ذمي فرض رکيون هيون ته راجا جي
رڌڻي جو ٻارڻ گڏ ڪن. ۽ گهٽ درجي جي خدمت گارن ۽
پهرو چوڪي شاهي خدمت ۾ انجام ڏين.“ اهو ٻڌي محمد
بن قاسم تعجب ڪرڻ لڳو ۽ حيرت جي لهجي ۾ چيو هي
ماڻهو ڪيتري قدر وحشي ۽ نفرت جي قابل آهن، بلڪل
ايران جي جهنگلين ۽ اتي جي جابلو ماڻهن جي مثال
آهن. ننڍي عمر جي جوان مرد عرب مصلحت خاطر انهن
ماڻهن متعلق اهي ئي حڪم جاري رهڻ ڏنا جيڪي اڳئين
حڪومت جي زماني کان مروج هئا.
محمد
بن قاسم هڪ نئون اسلامي قاعدو برهمڻ آباد ۽ سڀني
فتح ٿيل شهرن ۾ جاري ڪيو. جنهن جي شروعات جناب
امير المؤمنين عمر فاروق رضي الله عنه جي عدل پرور
عهد ۾ ٿي هئي. اهو هيءَ ته هر شهر ۽ آبادي ۾ جڏهن
ڪو مهمان ايندو هو ته هڪ ڏينهن ۽ رات تائين سرڪار
جو مهمان هوندو هو ۽ شهر جي ذميوار حاڪم جو فرض
آهي ته هن جي ميزباني ڪري، پر جيڪڏهن هو مهمان
بيمار ٿي وڃي ته ٽن ڏينهن تائين سرڪار جو مهمان
هوندو هو، برهمڻ آباد ۽ لوهاڻا سرزمين جو انتظام
ڪري ۽ جاٽن تي ڏن مقرر ڪري محمد بن قاسم انهن سڀني
معاملن جي هڪ مڪمل رپورٽ حجاج جي خدمت ۾ رواني
ڪئي، هي رپورٽ محمد بن قاسم برهمڻ آباد کان هڪ
منزل ڪوچ ڪري جل واري ندي جي ڪناري تي خيمو هڻي
لکي هئي، جڏهن ته هو حجاج جي اها تحرير پڙهي چڪو
هو، جنهن مطابق مندر جي اجازت ڏنل هئي. هي خط جڏهن
عراق ۾ حجاج کي پهتو ته هن ڏاڍي خوشيءَ سان هيٺيون
جواب لکيو.
منهنجا سؤٽ محمد بن قاسم، پنهنجي مردانگي وارن ڪمن
سان ۽ ماڻهن جي حمايت ۾ انهن جي حالت جي اصلاح ڪرڻ
۽ انهن تي حڪمراني جو انتظام ٺاهڻ ۾ تو جيڪو بار
کنيو آهي ان ڪري تون لکن شابسن جو حقدار آهين، هر
ڳوٺ تي ڏن مقرر ڪري ۽ طبقي ماڻهن کي قانون جي
پابندي جي همٿ ڏياري ۽ انهن سان معاهدا ڪري تو
سلطنت کي مضبوط ڪيو ۽ ملڪ ۾ نهايت بهتر حڪمراني جو
طريقو جاري ٿيو. هاڻي توکي ان شهر ۾ رهڻ نه گهرجي
سنڌ ۽ هند ملڪ جا ٻه شهر آهن ملتان ۽ اروڙ. اهي
گادي جا هنڌ آهن. ۽ شاهي خاندان جا مرڪز آهن.
ضروري آهي انهن شهر ۾ وڏا وڏا ڌن ۽ گذريل راجائن
جا خزانا لڪيل هوندا. توکي گهرجي ته پنهنجو خيمو
هميشه سٺي ۽ مشهور چونڊ هنڌ تي لڳائيندو ڪر. اهڙي
طرح تنهنجي عظمت سڄي هند سنڌ جي ماڻهن جي دلين تي
قائم ٿي ويندي. جيڪو شخص اسلامي طاقت جي اطاعت کان
منهن موڙي ته انهن کي بنا دير جي قتل ڪري ڇڏ، آئون
الله جي در ۾ دعاگو آهيان ته فتح ۽ ڪاميابي توسان
گڏ رهي. تان جو هند ملڪ کي چين جي حدن تائين جهنڊي
جي ڇانو ڪندو رهين. آئون هتان کان امير قتنيه بن
ملم القريشي کي توڏانهن روانو ڪريان ٿو. جيڪي ضامن
تو وٽ آهن، اهي سڀ هن لائق امير جي حوالي ڪر. ان
جي ماتحتي ۾ هڪ فوج به رواني ڪئي وڃي ٿي. اي
منهنجي چاچي جا پٽ! توکي اهڙا نمايان ڪارناما ڪرڻ
گهرجن جو قاسم جو نالو تنهنجي هٿان روشن ٿئي ۽
توهان جا دشمن تنهنجي اڳيان ذليل ۽ خوار ٿين. اي
محمد! تون پنهنجي خطن ذريعي هر ڳالهه ۾ مونکان
مشورو وٺندو ڪر ان لاءِ ته دانائي جي اها ئي معنيٰ
آهي. توهان ۽ اسان ۾ بي انتها دوري ۽ پنڌ هجڻ هڪ
مشڪل ڳالهه آهي. پر هي عام قاعدو ياد رک ته توکي
عام رعيت سان گڏ مهرباني سان پيش اچڻ گهرجي، ان
لاءِ ته اهڙي طرح تنهنجا دشمن به اطاعت مڃڻ جا
خواهشمند ٿي وڃن، تنهن ڪري انهن کي هر وقت تسلي
ڏيندو رهه. والسلام
محمد
بن قاسم هي خط پڙهندي ئي اڳتي وڌڻ جي تياري ڪئي.
رواني ٿيڻ وقت هن خاص برهمڻ آباد شهر جي لاءِ
هيٺيان انتظام ڪيا. وداع بن حميد النجدي کي شهر جا
انتظام قائم رکڻ جي لاءِ مقرر ڪيو ۽ پنهنجي پاران
چوڪيدار ۽ پهريدار مقرر ڪيا. سڀئي اهي معاملا جيڪي
جائدادون متعلق هئا، انهن جي بندوبست جي لاءِ شهر
جي نامور واپارين مان چئن اثر رسوخ وارن هنڌن کي
مقرر ڪيو ۽ انهن ماڻهن کي تاڪيد ڪئي ته اهو خاص
اوهان جو فرض آهي ته هر وقت سڀني معاملن کان مون
کي آگاهه ڪندا رهو ۽ خبردار ڪوبه قدم منهنجي مشوري
۽ منهنجي اطلاع کان سواءِ فيصلو نه ٿئي. پوءِ دارس
جي پٽ نوبا کي گهرائي پنهنجي پاران راوڙ جو قلعي
دار ۽ والي مقرر ڪيو ۽ حڪم ڏنو ته هڪدم اتي پهچي
ان عهدي جو انتظام پنهنجي هٿن ۾ وٺ. ٻيڙيون تيار
ڪري پاڻ وٽ رک. ان ڪري جو ضرورت وقت اسلامي لشڪر
جي ڪم اچي سگهن.کيس ان ڳالهه جي ڇوٽ ڏنل هئي ته ان
جي قلعي اڳيان جيڪا اهڙي ٻيڙي گذري جنهن تي جنگي
ماڻهو يا جنگ جا هٿيار موجود هجن ان کي بنا دير جي
گرفتار ڪر ۽ راوڙ قلعي ۾ پاڻ وٽ حراست ۾ رک.
نوبي
انهيءَ ڪم جو انتظام پنهنجي طرفان زياد عبدي جي پٽ
جي هٿ ۾ ڏنو ۽ ندي جي مٿاهين حصي ۾ اهڙين ٻيڙين
رکڻ جي جڳهه مقرر ڪئي.انهن انتظامن جي سري ۾ محمد
بن قاسم حنظله بن سليمان ازدي کي انهن پرڳڻن تي
مقرر ڪيو جيڪي ڪيرج علائقي ۾ هئا. ان کان پوءِ
حنظله بن ابي نبانه ڪلبي دهليلا جو والي مقرر ڪيو
ويو ۽ انهن سڀني مٿي ڄاڻايل معزز عهديدارن کي حڪم
ڏنو ته آس پاس جي معاملن جي خوب سٺي نموني پوري
سرگرمي ۽ توجهه سان گڏ ڇنڊڇاڻ ڪندا رهو ۽ هر مهيني
۾ جيڪا ڪجهه ڇنڊڇاڻ ڪريو ۽ جن معاملن ۾ توهان کي
دخل ڏيڻ جو موقعو ملي ان جي ماهوار رپورٽ ڪندر
رهو. محمد بن قاسم اهي انتظام ڪرڻ وقت انهن سڀني
ماڻهن کي حڪم ڏنو ته خبردار سدائين توهان سڀ هڪ
ٻئي جا مددگار رهندا. ان ڪري جو دشمن جي حملن ۽
باغين جي فتنن کان توهان کي نقصان نه رسي. ۽ ان جو
به خيال رکو ته جيڪي ماڻهو امن امان ۾ خلل وجهن
انهن کي جلدي سزا ڏني وڃي.پوءِ هن قيس بن عبدالملڪ
بن قيس الامني ۽ خالد انصاري کي ٻه هزار پيادل فوج
تي سردار مقرر ڪري سيوهڻ تي مقرر ڪيو.جيئن اتي جا
معاملا ۽ سڀئي انتظامن کي بهتري سان هلائيندو
رهي. ان کان پوءِ هن مسعود تميمي. ابن شيبه حدودي،
فراستي عتڪي، صابر بشڪري، عبدالملڪ بن عبدالله
خزاعي، محرم بن عڪمه ۽ علوفه بن عبدالرحمان جهڙن
نامور ۽ مدبر عرب بهادرن کي ديبل ۽ نيرون ڏانهن
روانا ڪيو.جيئن انهن شهرن کي پنهنجي پنهنجي هٿ هيٺ
رکن. ۽ اتي سنجيدگي سان اسلامي سلطنت جو قانون
جاري ڪن.محمد بن قاسم جي يادگار مهمن ۾ مليڪ نالي
هڪ بهادر به دليري جو ثبوت ڏنو هو. هو شخص اصل ۾
هڪ غلام هو. محمد بن قاسم ان جي وڏي قدرداني ڪئي ۽
ان کي ڪروائل جو والي مقرر ڪيو.علوان بڪري ۽ قيس
بن ثعلبه جيڪي آزمودي ڪار عرب جا جوان مرد هئا اهي
به ٽن سئو ماڻهن جي ٽولي سان گڏ اتي ڪروائل ۾ مقرر
ڪيا ويا.انڪري جو ڪنهن کي خودسري جي همٿ نه ٿئي.
علوان بڪري ۽ قيس بن ثعلبه جا اهل و عيال به گڏ
هئا. جيڪي انهن سان گڏ سندن جا ٽن جي سڄي زمين جتي
فتني ۽ فساد جو وڌيڪ کٽڪو هو فاتحن جي هٿ هيٺ رکي
ويئي. |