سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 3

صفحو :20

 

باب ٽيون

عباسي دور جي شروعات

خلافت جو تخت 132 هه ۾ ان بهادر ۽ نامور شخص سان سجايو ويو جيڪو حضرت محمد ﷺ جي چاچي جناب عباس بن عبدالمطلب جي يادگار ۽ ڇهه سؤ سالن تائين حڪومت ۽ شهنشاهي ڪرڻ واري خاندان جو باني هو ۽ سندس نالو ابو العباس سفاح آهي. سفاح جي خليفي ٿيندي ئي عباسي دور جي شروعاتي ڏينهن ۾ ابو مسلم خراساني جيڪو انهيءَ دولت عظميٰ جو باني ۽ نائب خليفو هو. ان پنهنجي پاران مفلس عبدي نالي هڪ سيستاني شخص کي سنڌ روانو ڪيو ته منصور کي گرفتار ڪري اتي جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ وٺي. مفلس جيتوڻيڪ پنهنجي جاءِ تي هڪ بهادر شخص هو پر ان دور جي اعليٰ جرنيلن کي ڏسجي ته هو بلڪل هڪ معمولي ماڻهو سمجهيو ويندو. ڇو ته ان کان اڳ هو ڪڏهن ڪنهن تاريخي ميدان جنگ ۾ نه ڏٺو ويو. ابو مسلم غالباً منصور جي چالاڪين ۽ بهادرين جو بلڪل اندازو نه ڪيو هو ته سندس مقابلي ۾ اهڙي هڪ معمولي شخص کي روانو ڪيو. حاصل ڪلام هي ته مفلس ابو مسلم جي حڪم تي هڪ لشڪر وٺي طخارستان رستي سنڌ روانو ٿيو. ديبل ويجهو جيڪو پهريون ميدان مفلس عبدي کي گرم ڪرڻو پيو اهو منصور بن جمهور جي ڀاءُ منظور جي مقابلي ۾ هو. ڇو ته منظور پنهنجي ڀاءُ طرفان ديبل جي حڪومت تي مقرر هو، لڙائيءَ ۾ ٻنهي پاسن جي جوان مردن وڏي همت ۽ ڦڙتيءَ سان ڪم ورتو پر لڙائيءَ جو اڃان ڪو فيصلو نه ٿيو هو ته منظور جنگ هلندي مارجي ويو. ان جي لشڪر هار کاڌي ۽ مفلس عبدي ڪامياب ۽ بامراد سوڀ جا جهنڊا جهولائيندو اڳتي وڌيو. منصور کي جڏهن پنهنجي ڀاءُ جي مارجي وڃڻ جي خبر پئي ته دنيا سندس اکين ۾ اوندهه ٿهي ويئي. ان لاءِ ته هي اهو ڀاءُ هو جنهن شروعاتي دور کان پڇاڙي تائين سدائين سندس ساٿ ڏنو ۽ هر معاملي ۾ پنهنجي قسمت ان جي قسمت سان گڏ رکي. منصور انهيءَ مصيبت ۽ تڪليف ۾ هو جو کيس مفلس جي شهري رکوالن منصوره ۾ اچي پهچڻ جي خبر ڏني. ايترو ٻڌندي ئي هو هڪ جان ڏيڻ واري شخص وانگر اٿي سڌو ٿيو ۽ دل ۾ پهه ڪيائين ته جيستائين ٿي سگهندو پنهنجي ڀاءُ جي خون جو بدلو وٺندو. کڻي ان ڪوشش ۾ سندس جان به ڇو نه هلي وڃي. مطلب ته هو وڏي جوش ۽ جذبي سان نڪري مفلس سامهون سينو تاڻي بيٺو. مفلس جي لاءِ دراصل هاڻي وڏي مصيبت ۾ منهن هو. ڇاڪاڻ ته منصور جهڙي هوشيار تجربي ڪار ۽ زماني جون ٺوڪرون کاڌل شخص جو هو هرگز مقابلو نٿي ڪري سگهيو. تڏهن به هن بهادري سان پنهنجون فوجون ترتيب ڏنيون ۽ لڙائي شروع ٿي. منصور جيتوڻيڪ پنهنجي ڀاءُ جي بدلي جي جوش ۾ ڀريل هو، تنهنڪري هن ان لڙائي ۾ هڪ آفيسر جي حيثيت سان صرف فوج وڙهائڻ طرف ڌيان نه ڏنو پر هڪ سورمي وانگر مفلس جي لشڪر ۾ گهڙي ڪيترن کي ئي رت ۽ مٽيءَ ۾ وهنجاري ڇڏيو. نيٺ منصور جي حملن شاهي فوج جي سپاهين جا پير اکيڙي ڇڏيا. سڄي فوج ڀڄي ويئي ۽ مفلس عبدي ۽ ان جي ٻين هم قسمتن کي گرفتار ڪري منصور اڳيان آندو ويو ته هو ڀاءُ جي ڏک ۾ ايتري قدر پيل هو جو بنا دير مفلس کي ۽ انهن سڀني ماڻهن کي جيڪي منظور جي قتل ۾ شريڪ ثابت ٿيا پنهنجي سامهون قتل ڪرايا. منصور جيتوڻيڪ بني اميه جي خليفن جو مقرر ڪيل سنڌ جو والي نه هو پر ان عهد جي هڪ يادگار ضرور هو ۽ سڇ پڇو ته هن ان مرحوم سلطنت جو ساٿ خوب ڏنو. اهو يقين ڪري سگهجي ٿو ته هندستان پنهنجي تباهه ٿيندڙ حڪمرانن جو حق ادا ڪرڻ ۾ هڪ ڀرندڙ طاقت جو آخري ڌڪو نهايت عمدگي سان ڏيکاريو. جڏهن ته ان ۾ شڪ ناهي ته هڪ ننڍو سنڌ جو والي عظيم الشان خليفن جي حڪومت جو مقابلو هرگز نٿي ڪري سگهيو. پر جيڪي ڪجهه ڪيائين اهو به دراصل پنهنجو حق ادا ڪرڻ لاءِ ڪافي هو. خلافت جي لشڪر جي شڪست کائڻ ۽ مفلس عبدي جي مارجڻ جي خبر جڏهن ابو مسلم کي پهتي ته ڏاڍو مڇرجي پيو ۽ ڪاوڙ ۾ اچي هن ابو العباس سفاح جي اجازت سان هڪ ٻي ۽ هوشيار آفيسر کي سنڌ جي مهم تي روانو ڪيو، جنهن جو نالو موسيٰ بن ڪعب تميمي هو ۽ جيڪو سفاح جي پاران صاحب شرط (ڪوٽوال) جي خدمت سرانجام ڏيئي رهيو هو. هي عهدو ان زماني ۾ ڏاڍو عزت وارو ۽ مٿاهون هو ۽ ڪڏهن ملڪ جي والين جي درجي کان گهٽ نه سمجهيو ويندو هو. موسيٰ بن ڪعب خلافت جو حڪم ملندي ئي ويهه هزار فوج وٺي روانو ٿيو. هي آفيسر اهڙو تجربيڪار هو جو سڌو وڌي منصوره جي ديوارن تائين نه هليو ويو پر قندابيل شهر ۾ پهچي خيما کوڙيائين. موسيٰ منصور جي احوال ۽ ان جي ڪارنامن کان خوب واقف هو. هن پهرين کان ئي اندازو لڳائي ورتو ته منصور جهڙي شخص کي ائين سوگهو ڪرڻ ڏکيو آهي ۽ انهيءَ خيال سان خفيه سازش سان ڪم ڪڍڻ گهريو. قندابيل ۾ ترسي هن ۽ پڻ سندس سڀني ساٿين منصوره ۾ رهندڙ پنهنجي هم قوم ۽ هم قبيلي سان لڪ ڇپ ۾ لک پڙهه جاري ڪئي. جنهن جو نتيجو هي ٿيو جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڀني قبيلن  جا ٿورا گهڻا ماڻهو ٽوڙي پنهنجا ڪيا. مطلب ته اهڙي طرح سازش ڪامياب ٿي ۽ منصور جي فوج جي گهڻن ماڻهن کي لڪ ڇپ ۾ واعدا وچن ڪري جڏهن هن پوري پڪ ڪئي تڏهن لشڪر اڳتي وڌايو. منصور وڏي غلطي ڪئي جو موسيٰ جڏهن قندابيل ۾ رهي اندروني طرح سازشون ڪري رهيو هو ته ان تي ڪنهن قسم جو اعتراض نه ڪيائين ۽ ان وقت مقابلي لاءِ نڪتو جڏهن ٻڌائين ته موسيٰ هاڻي منصوره جي ديوارن هيٺان پهچڻ گهري ٿو. ٻنهي فوجن جو مقابلو ان هنڌ ٿيو جتي سنڌو درياءَ ٻنهي وچان وهي ٿو ۽ ٻئي فوجون ٻنهي ڪنارن تان پنهنجي مخالفن کي ڊپ ۽ خوف جي نگاهن سان گهوري رهيون هيون. نيٺ موسيٰ پنهنجي لشڪر کي پار ڪيو ۽ ٻنهي پاسي مقابلو ٿي ويو. ڏاڍي سخت ۽ فيصلو نبيريندڙ لڙائي لڳي. ڇاڪاڻ ته منصور پهرين وانگر هاڻي به ڏاڍي بهادري ۽ جانبازي سان وڙهيو. پر ٿوري ئي دير بعد فوج ۽ غالباً موسيٰ جي سازش پٽاندڙ هڪدم هار کاڌي ۽ منصور جڏهن اها حالت ڏٺي ته کانئس سوال پڇڻ جي ٻي ڪا تدبير نه ٿي. ابن جمهور جنگ جي رنگ مان پنهنجي فوج جو ارادو سمجهي ويو هو. منصوره وارن جو کيس ذرو به ڀروسو نه رهيو پر ڊڄي ويو ته ان جو ساٿ ڏيڻ ۾ جان جو خطرو آهي. ان خيال سان هن منصوره ۾ پناهه وٺڻ جو به ارادو نه ڪيو پر کيس پنهنجي ساٿين مان ان درجي خوف ٿيو جو هڪ کي به گڏ نه ورتو ۽ تن تنها هندوستان طرف ڀڳو. اڻڄاڻائي اهو ستم ڪيو جو بدنصيبيءَ سان راجپوتانه جي ريگستانن ۾ وڃي پيو جتي رڻن ۾ رلي ۽ رڃ ۾ ڦاسي بکيو اڃيو زمين جو پنوڙو ٿيو. منصور جي شڪست جي خبر جڏهن ان شخص کي پهتي جنهن کي هو منصوره ۾ پنهنجو جانشين ٺاهي ڇڏي آيو هو ته هن پنهنجي وڏي جي نعمت جو حق ادا ڪرڻ ۾ پوري هوشيياري کان ڪم ورتو، ان جي ته کيس هاڻي اميد ئي نه هئي ته منصور جي غير موجودگيءَ ۾ شهر ٻه ڏينهن به موسيٰ بن ڪعب جي اڳيان پنهنجا ڦاٽڪ بند رکي سگهندو ۽ انهيءَ سبب جڏهن هن ٻڌو ته موسيٰ هاڻي منصوره ۾ داخل ٿيڻ گهري ٿو ته هڪدم منصور جي گهر ويو ۽ ان جاءِ تي پنهنجي سڀني واسطيدارن ۽ اهل و عيال کي وٺي جهازن تي سوار ڪرايو ۽ سڌو گجرات جي سرزمين ۾ لنگر انداز ٿيو. ان طريقي سان پنهنجي ۽ منصور جي ٻارن ٻچن جي جان بچائي هو گجرات ۾ زندگي گذارڻ لڳو. منصور کي شڪست ڏيئي 134 هه ۾ موسيٰ حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون ۽ سڄي سنڌ جي بادشاهت تي قابض ٿي ويو. هن منصوره شهر جي مرمت ڪرائي ٻين گذريل والين وانگر هن ئي شهر کي پنهنجو ٺڪاڻو ڪيو. اتي جي مسجد ۾ ڪجهه واڌرو ڪيو ان جي رونق کي ترقي ڏني، دشمنن تي ڪيترائي حملا ڪيا لٽيو ماريو ۽ پنهنجي حڪومت جي سڄي دور ۾ ڪامران ۽ سوڀارو رهيو جنهن کان پوءِ وطن جي ياد آئي ۽ بمصداق.

يوسف که به مصر بادشاهي مي کرد، مي گفت گدابودن کنجان خوشتر.

هندستان جي حڪومت ڇڏي عراق ۾ واپس وڃڻ جو ارادو ڪيو، جتي وڃي هن پنهنجي آخري عمر جا ڪجهه ڏينهن سک ۽ واندڪائي ۽ آزادي ۽ بي پرواهي سان گذاريا ۽ 141 هه ۾ ٻي جهان ڏانهن پنڌ پيو. موسيٰ جڏهن وطن جي ارادي سان هندستان کي ڇڏيو ته سنڌ حڪومت جي واڳ تنهنجي پٽ عينيه بن موسيٰ جي هٿ ۾ ڏني، جيڪو کانئس پوءِ خليفي منصور جي اجازت سان سنڌ جو والي ٿيو. عينيه هڪ ناتجربي ڪار نوجوان هو. جواني جي بي قابو حوصلا کيس احتياط جي ليڪي کان ٻاهر ڪڍي وٺي ويا. سندس اٿڻي ويهڻي تي يمن وارا ۽ ربيعه قبيلا جي انهن ماڻهن جيڪي سندس ساٿي هئا مخالفت ڪئي. جڏهن انهن ماڻهن جي مخالفت جو احوال عينيه کي معلوم ٿيو تڏهن ايتري قدر مڇرجي پيو ۽ عادت موجب ڪاوڙ جي جوش ۾ دورانديشي کان بلڪل ڪم نه ورتو نه انجام جو سوچيائين ۽ بنا سوچ جي انهن سڀني مخالفن کي جن نيڪ نيتي سان پنهنجي اڳواڻ تي نڪته چيني ڪئي هئي کين جهلائي پنهنجي اڳيان گهرايو ۽ بلاستشنا سڀني کي قتل ڪرائي ڇڏيو. ان ظالماڻي ڪارروائي جو هي نتيجو ٿيو جو اڃان تائين رڳو ٿورا نڪته چين ئي هئا پر هاڻي سڀني ماڻهن ۾ ناراضگي ڦهلجي ويئي. آزاد منش عرب سپاهين مان هرهڪ جي چهري تي ڪاوڙ جا نشان اڀرڻ لڳا ۽ هر پاسي کان شڪايت جون دانهون بلند ٿيون جيڪي ڪنهن طرح دٻائڻ سان نه دٻجي سگهيون. ان تي عجب اهو ته موسيٰ بن ڪعب هندستان اچڻ وقت پنهنجي پراڻي خدمت يعني ڪوتوالي تي مسيب بن زبير نالي هڪ شخص کي مقرر ڪري آيو هو. هاڻي موسيٰ جي مرڻ کان پوءِ مسيب جي دل ۾ کٽڪو پيدا ٿيو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو عينيه هتي اچي ۽ مون کي هتي عهدو ڇڏڻو پوي. ان لاءِ ته ان جي پيءُ جي حقن کان ڪڏهن به انڪار نه ڪري سگهبو. ان خيال سان هن هڪ گمنام خط لکي سنڌ عينيه ڏانهن موڪليو جنهن ۾ رڳو هي شعر لکيل هو.

فارضڪ ارضڪ ان تانتا تنم نومته ليس فيها حلم.

جنهن ڌرتيءَ تي آهين خبردار اتيئي رهج. جيڪڏهن اسان وٽ اچڻ جو ارادو ڪيئي ته اهڙي ننڊ سمهندين جنهن مان ڪوبه نه جاڳيو آهي. اهو شعر پڙهندي ئي عينيه جي دل ۾ آزادي جو خيال پيدا ٿيو، جڏهن ته هن هڪدم خلافت جي حڪمن کان سرتابي ڪئي ۽ خود سري طور حڪومت ڪرڻ لڳو. سنڌ جا مسلمان جو کانئس حد کان وڌ ناراض ٿي رهيا هئا کين شڪايت جو ٻيو وڌيڪ موقعو مليو. مطلب ته هر پاسي کان ناراضگي ۽ ڪاوڙ جون دانهون بلند ٿيون. جنهن سان دارالخلافت گونجڻ لڳو خليفو حج جي ارادي سان بيت الله وڃي رهيو هو. بصري تائين ئي پهتو هوندو ته اهي دانهون سندس ڪنن ۾ پهتيون، خليفو منصور سجاڳ دماغ ماڻهو هو. انهيءَ وقت عينيه جي نافرماني جو ڪافي علاج ڪرڻ تي آماده ٿيو. هڪدم هو بصري ۾ رهي پيو ۽ ان خيال ۾ ايتري قدر گم ٿي ويو جو حج جو ارادو به ملتوي ڪري ڇڏيائين ۽ ابو جعفر عمر بن حمص بن ابي صغرا کي سنڌ حڪومت جي لاءِ منتخب ڪري عينيه جي مقابلي لاءِ روانو ڪيو. عمر بن حفص انهيءَ دور جي بهادرن مان هو ۽ پنهنجي دليري ۽ بهادري سبب سڀني اسلامي شهرن ۾ هزار مرد جي لقب سان مشهور هو ۽ جنهن ڪري عمر بن حفص پنهنجي بهادري جي سبب ان مهم جي لاءِ ڪافي سمجهيو ويو ٿي. پر مصنور احتياط سبب هڪ ٻي نامور بهادر کي به ساڻس گڏ ڪيو جنهن جو عقبه بن مسلم هو. هي ٻئي 142 هه ۾ سنڌ ۾ لٿا. عينيه کي جڏهن خبر پئي ته عمر بن حفص خلافت جي پاران مقابلي لاءِ اچي پهتو آهي ته اعمالن جي شامت سبب کيس سواءِ ان جي ته عمر جي مقابلي لاءِ آماده ٿي وڃي ٻي ڪا ڳالهه نه ٺهي سگهي. هڪدم اطاعت کان بغاوت ڪيائين ۽ عمر کي منصوره شهر کان ٻاهر روڪڻ جو سامان تيار ڪرڻ لڳو. عمر هڪ سنجيده ۽ سمجهدار شخص هو ۽ هر معاملي کي بهتري ۽ صلاحيت سان حل ڪندو هو. جڏهن کيس عينيه جي ان تياري جي خبر پهتي ته هو به اڳتي وڌڻ کان رڪجي پيو ۽ پنهنجي فوج سان گڏ ديبل شهر ۾ خيما کوڙيائين، عمر انهي ترسڻ جو وڏو فائدو ورتو. هيڏانهن ته ان جا ساٿي جيڪي مهينن جي مسافري سوين منزلن تان لڳاتار لڪ لتاڙي هلندا آيا ٿي ساهي پٽي تازا ٿي ويا ۽ هوڏانهن منصوره وارن مان معزز ۽ اثر و رسوخ وارا ۽ بهادر آفيسر جيڪي عينيه جي ظلمن کان هاڻي تنگ هئا وري وري عمر سان ملڻ لڳا. عينيه رعيت ۽ فوج جي رضامندي طرف جيڪا لاپرواهي ڪئي هئي ان جا برا نتيجا انهيءَ صورت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا جو جيڪي ماڻهو سندس طاقت ۽ بازو هئا ۽ قريب قريب ان جي فوج جا سڀئي جانباز سپاهي هئا سڀني کيس قسمت حوالي ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ عمر بن حفص جي خدمت ۾ حاضر ٿيا. عمر بن حفص اڃان ديبل ۾ هو ۽ منصوره ڏانهن روانگي جو ارادو به نه ڪيو ته عينيه کي پنهنجي بي سهارائي اکين سان نظر اچڻ لڳي. نيٺ هن کان اهو ئي ٿو جو لاچار ٿي عمر بن حفص سان نوڙت سان صلح جي درخواست ڪئي ۽ سندس ئي جهوليءَ ۾ پناهه وٺڻ جو آرزو مند ٿيو. عمر جلد ئي اها درخواست منظور ڪئي ۽ کيس پناهه ڏني. منصوره شهر تي وڌي قبضو ڪيو ۽ عينيه کي جيتوڻيڪ خلافت جو ڏوهاري هو پنهنجي قاصدن جي حراست ۾ فتح جي خوشخبري سان گڏ منصوره جي درٻار ۾ روانو ڪيو. عينيه کي منصور جي سامهون پهچي بچڻ جي تمام گهٽ اميد هئي. پهريدار فوج جيڪي کيس پنهنجي حراست ۾ عراق وٺي وڃي رهيا هئا، کي واٽ ۾ هڪ منزل تي غافل ڏسي ڀڄي ويو ۽ ايتري قدر هيسيل هو جو ڪٿي دم به نه پٽيائين ۽ ڀڄندو سڌو سيستان ۾ پهتو. پر الله پاڪ سچ چيو آهي ته ”اينما تکونوا يدرکم الموت“ موت کان ڪوبه ڀڄي نه سگهندو. رخج شهر جي ويجهو پهتو هو ته يمني عربن جي هڪ ٽولي جيڪي هن جي پوليٽيڪل ڏوهاري هئڻ کان آگاهه هئا گهيري پڪڙي وڌو. خليفي کي خوش ڪرڻ جي لاءِ انهن کيس هڪدم ماري وڌو ۽ سسي کڻي دارالخلافت بغداد ۾ پهتا ۽ عينيه جي سسي منصور اڳيان پيش ڪري انعام جا طالب ٿيا. مشهور آهي ته خليفو منصور بني عباس جي سڀني خليفن ۾ وڌيڪ بخيل ۽ ڪنجوس هو. ان خبر جو هڪ قصو عينيه سان به تعلق رکي ٿو. جنهن جو ان سلسلي ۾ بيان ڪرڻ بي موقع نه هوندو. اتفاق سان عطا خراساني جو هڪ غلام منصور جي اڳيان پيش ڪيو ويو جنهن تي ڏهن درهمن جي هار جي دعويٰ هئي. منصور دعويٰ ۾ سرڪاري فيصلو ڏنو ۽ پوءِ پئسا وصول ڪري پنهنجي قبضي ۾ ڪيا ۽ چيو هي ته منهنجو مال آهي. عطا ڏسندي رهجي ويو پر جڏهن کيس هيڏي وڏي رقم جو خواه مخواه ضبط ٿيڻ جو خيال آيو ته صبر نه ڪري سگهيو ۽ گستاخي جي لهجي ۾ منصور کي چيو ”ڇو؟ هي تنهنجو مال ڪيئن ٿيو؟ زبردستي؟“ منصور چيو ٻڌ ”توهان پنهنجي خاندان جي هڪ ڇوڪري عينيه بن موسيٰ کي پرڻائي ڏني هئي اها توهان جي مال جي وارث هئي عينيه کي مون سنڌ جو والي مقرر ڪيو هن نافرماني ڪئي ۽ منهنجو گهڻو ڪجهه پئسو هضم ڪري ويو. تنهن ڪري اهو مال جيڪو ان ڇوڪري جي ڪري انهيءَ جو آهي مون کي ملي ويو“ اهو چئي منصور اهو پئسو بيت المال ۾ داخل ڪيو. عينيه کان پوءِ عمر بن حفص بالاسقبلال سنڌ جو حڪمران ٿيو. سندس دور حڪومت ۾ سنڌ کي ڏاڍي ترقي ملي ۽ اڪثر سرحدي راجائن سان وڙهندي جهڳڙندي گذري تڏهن به ان جي حڪومت جي زماني ۾ معمولي حالت رهي ۽ ڪوبه ناموري جو ڪم سندس هٿان نه نبريو. تعجب آهي ته هو هڪ بهادر ۽ دلير شخص هو. جيستائين عراق وغيره ۾ هو سندس دليري ۽ سپاهه گيري جي هاڪ هئي. پر سنڌ جي آبهوا هن تي ڪجهه اهڙو اثر ڪيو جو هن جو زمانو فتحمندي ۽ ڪاميابي جو زمانو نٿو مڃيو وڃي. غالباً ان جو سبب هي هجي ته حڪومت جي ڏينهن ۾ هو علوين جي همدردي ۾ وڌيڪ مصروف رهيو، جيڪي عباسي هڪومت جا دشمن هئا ۽ جن جي دوستي کانپوءِ ڪو شخص خلافت جي حڪمن کي ڪڏهن چڱي نموني نه بجا آڻيندو هو. ان جو ڪارڻ هي ٿيو ته منصور جي ڏينهن ۾ علوين مان عبدالله بن حسن جي ٻنهي پٽن محمد ۽ ابراهيم مخالفت جو جهنڊو بلند ڪيو ته محمد پنهنجي طاقت کي وڌائڻ ۽ پنهنجو اثر پري جي شهرن تائين پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي پٽ عبدالله کي اشتر جي نالي سان مشهور هو، ڪجهه جانثارن سان گڏ بصري روانو ڪيو تان جو اتان درياءَ جو سفر ڪري سنڌ جي والي عمر بن حفص وٽ وڃن ۽ اتي ماڻهن کي بني فاطمه ڏانهن دعوت ڏين. ڇو ته عمر بن حفص جو شمار بني عباس جي انهن فوجي سردارن ۾ هو جيڪي ان حضرت جي هٿ تي بيعت ڪري چڪا هئا. عبدالله اشتر بصري مان عربي نسل جا ڪجهه ڀلا گهوڙا خريد ڪيا. تان جو تحفي طور عمر بن حفص جي خدمت ۾ پيش ڪيا وڃن. هو انهن گهوڙن کي وٺي جهاز ۾ سوار ٿيو ۽ سنڌ ڌرتي جي واٽ ورتائين. سنڌ ۾ عمر بن حفض کي اڃان ٿورائي ڏينهن ٿيا هئا ته عينيه کي گرفتار ڪري حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ورتي هئي. عبدالله اشتر فقط ان جي ڀروسي تي پورب جي طرف روانو ٿيو هو. ڇو ته هي شخص شيعبان علي ۽ اهل بيت جي حبدران مان هو. عبدالله کي يقين هو ته ان جي مدد سان سنڌ ۾ ضرور ڪاميابي ٿيندي ۽ هو به ان طبيعت جو ماڻهو ته غيرت فاطمي کيس اهو گوارا نه ڏنو ٿي ته والد صاحب وٽ مقصد حاصل ڪرڻ کان سواءِ واپس وڃي. مطلب ته عبدالله اشتر دريائي سفر ڪري هزارين مصيبتون طئي ڪري منصوره پهتو، کڻي عمر بن حفص تي پورو اعتماد هو پر اهو مناسب نه سمجهيو ته پنهنجي ارادي کي هڪدم ظاهر ڪري. مشهور ڪيائين ته اسان هتي گهوڙا خريد ڪرڻ آيا آهيون. عمر بن حفص جيڪو رسالت جي خاندان جي انهن يادگارن جي خدمت چاڪري ثواب سمجهندو هو. ان هڪدم پنهنجي حڪومت جي حدن ۾ سڀني واپارين کي حڪم ڏئي ڇڏيو ته ڀلا ڀلا گهوڙا آڻي هن جي خدمت ۾ حاضر ڪريو. جڏهن عمر بن حفص کان اهڙو خلوص جو اظهار ٿيو ته پوءِ عبدالله اشتر پاڻ اڃان به پنهنجو راز ظاهر ڪرڻ جو ارادو نه ڪيو پر سندس ساٿين مان ڪجهه همراهه عمر کي چئي ڇڏيو ته ”گهوڙن بابت اوهان جيڪي ڪجهه بندوبست ڪيو ان جا ته اسان شڪر گذار آهيون. پر دراصل اسان اوهان کان گهوڙا نٿا گهرون پر اها شيءِ گهرون ٿا جيڪا دنيا ۽ آخرت ۾ اوهان جي گهوڙن ۽ سڀني سخاوتن کان بهتر آهي. اسان کي ملڪ ۾ پناهه ڏيو ۽ موقعو ڏيو ته خلافت کي بني فاطمه جي خاندان ۾ پهچايون، عمر اها درخواست هڪدم اکين سان قبول ڪئي. عبدالله اشتر جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ انهن کي پنهنجي محل ۾ خفيه لڪائي سنڌ تي انهن جو اثر وجهڻ لڳو ۽ جڏهن ڏسي ورتو ته هاڻي گهڻا ماڻهو هم خيال ۽ هم زبان ٿي ويا آهن، ته اڳ ۾ ئي مقرر ڪيلن سڀني کي هڪ خميس ڏينهن جو گڏ ڪري عبدالله اشتر کي سڀني اڳيان آڻي پيش ڪيو. عبدالله پرجوش خطبو پڙهيو جنهن کان پوءِ سڀني سندس هٿ تي بيعت ڪئي. اها ڪارروائي هڪ حد تائين اعلانيه هئي پر ان ۾ به ايتري قدر احتياط ڪيو ويو هو جو دارالخلافت تائين ان جي خبر نه پهتي، هاڻي ان کان پوءِ عبدالله اشتر ۽ ان سان گڏ عمر بن حفص عام طور تي ماڻهن کي عباسين جي مخالفت تي اڀارڻ شروع ڪيو. هتي اهي ڪوششون ٿي رهيون هيون جو اتفاق سان انهيءَ زماني ۾ هڪ جهاز جيڪو بغداد کان اچي رهيو هو، منصوره جي ڪناري تي لنگر هنيو. انهن جهاز وارن جي ذريعي سان عمر بن حفص تائين هي خبر پهتي ته خلافت جي فوجن محمد ابراهيم جو ڪم پورو ڪري ڇڏيو، جيڪو عين جنگ جي جهڙپ ۾ مارجي ويو. ان خبر سان عبدالله اشتر تي وڏو خوفناڪ اثر پيو ۽ ڪجهه قدر ڊنل هو جو عمر بن حفص تعزيت جي رسم سان ان جي اڳيان ويو ته نهايت ئي حسرت ۽ مايوسي جي لهجي ۾ عبدالله چيو ”هاڻي منهنجي جان بچڻ ڏکي آهي“ ان ۾ شڪ ناهي ته عمر بن حفض ان خاندان جو وڏو دوست ۽ دلي خيرخواهه هو. هن چيو اوهان پريشان نه ٿيو آءٌ ان جو به بندوبست ڪري وٺندس. هتي هڪ هندو راجا آهي جيڪو طاقتور به آهي جنهن کي ڪنهن ڳالهه ۾ خلافت جي حڪمن جي تعميل تي مجبور به نٿو ڪري سگهجي، قطع نظر ٻين سڀني ڳالهين جي هو اڄ تائين پنهنجي قول جو پابند به ثابت ٿيو آهي ۽ هر امتحان ۾ ڳالهه جو پڪو نڪتو آهي، تنهن ڪري ان کان ڪڏهن بد عهدي جو کٽڪو به نٿي سگهندو. مون سان ان جا واسطا محبت وارا آهن آءٌ ان سان واعدا وچن وٺي توکي ان وٽ موڪليندس اوهان ان جي ملڪ ۾ وڃي رهجو ۽ خلافت پاران جيڪا پڇا ڳاڇا ٿيندي ان کي آءٌ منهن ڏيندس. عبدالله آمادگي ظاهر ڪئي ۽ عمر بن حفص ان هندو راجا سان قول ۽ قسم وٺي ان وٽ روانو ڪيو. جنهن هن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪئي ۽ ڏاڍي عزت ۽ احترام سان رکيائين ۽ آزادي ڏني ته اوهان ۽ اوهان جا ساٿي ۽ پڻ اهي ماڻهو جيڪي اوهان جي خدمت ۾ آئنده اچن سڀني کي اختيار آهي ته منهنجي بادشاهت ۾ جتي گهرن سک ۽ سلامتي سان رهن. عبدالله اشتر هن جي ملڪ ۾ ڏاڍي بي فڪري سان رهڻ لڳو ۽ زيديه فرقي جا ماڻهو جيڪي ان جا فرمانبردار ۽ تابعدار هئا، آهستي آهستي ان وٽ وڃي آباد ٿيڻ لڳا. ايستائين جو چار سؤ زيدي فرقي جا عقيدتمند سندس ڀرپاسي گڏ ٿي ويا. عبدالله اشتر کي هتي نه ڪنهن سان وڙهڻو جهڳڙڻو پيو ٿي ۽ نه عراق ۽ عرب جي سرزمين جي فڪرن ستايو ٿي. شاهاڻي ٺٺ سان رهندا هئا. رات ڏينهن ساون ٻيٽن جو سير ۽ گهمڻ ڦرڻ ۽ شڪار ڪرڻ ۾ زندگي گذاريندا هئا. مطلب ته ڏاڍي لطف سان ڏينهن رات گذرندا هئا. عبدالله اشتر جڏهن ان هندو راجا جي ملڪ ۾ پهچي ويو ته اتفاق سان اها خبر خليفي منصور کي پهچي ويئي. خاص پنهنجي هڪ مقرر ڪيل والي جي هٿان اهڙي ڪم جو ٿيڻ ان جي گهٽ ڪاوڙ جو باعث نٿي ٿي سگهيو. پر تڏهن به هن متانت ۽ سنجيدگي کان ڪم ورتو ۽ عمر بن حفص ڏانهن هڪ تحرير اماڻي جنهن ۾ نهايت ئي تحمل ۽ بردباري جي لفظن ۾ هي مضمون لکيو ته توهان بابت اهڙا اميد جي خلاف واقعا ٻڌجن ٿا ۽ جڏهن ته اهو ضروري آهي ته اهڙو واقعو ٿيو پر ورندي ڏيو ته اهڙي ڏوهه جي سزا کان توهان پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ٿا بچائي سگهو ۽ ڪهڙو ڪارڻ آهي جو توکان پڇا ڳاڇا نه ڪئي وڃي. اهو خط ملندي ئي عمر بن حفص ڏاڍو گهٻرايائين ۽ سچ هي آهي ته پنهنجي حياتيءَ کان بيزار ٿي ويو. عمر بن حفص کان جڏهن ٻي ڪا تدبير نه ٺهي ته هن پاڻ وٽ مٽن مائٽن ۽ اعتماد وارن کي هڪ گڏجاڻي ۾ گڏ ڪيو ۽ اهو خلافت وارو حڪمنامو سڀني اڳيان پيش ڪيو ۽ پڇيائين ته ٻڌايو هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن اقرار ڪندس ته هٽايو ويندس ۽ جي هن جي سامهون پيش ڪيو ويندس ته بنا دير جي ماريو ويندس ۽ جيڪڏهن بالفرض انڪار ڪندس ته مون تي لشڪر چاڙهيو ويندو. باقي رهيو اهو ته انڪار ڪريان ان جي تصديق ڪيئن ٿيندي. جيڪو واقعو دراصل ٿيو آهي ان کان انڪار ڪرڻ جي جرئت ته مون کان نه ٿيندي. اهو ٻڌي سڀ ماڻهو خاموش ٿي ويا سڀني ويهي ويچار ڪيو پر ان جو علاج ئي ڪهڙو هو جو ڪنهن جي ذهن ۾ ڪا ڳالهه پيدا ٿئي. هڪ شخص عمر بن حفص جي جان نثارن مان هو انهيءَ ڀريل ميڙ ۾ نهايت ئي جوش مان اٿي بيٺو ۽ چيو ”اي امير اوهان ڪا پرواهه نه ڪريو سڄو الزام منهنجي مٿي تي ٿوڦيو. مون کي پڪڙي قيد ڪريو ۽ منهنجو نالو امير المومنين جي خدمت ۾ لکي موڪليو ۽ صاف صاف اطلاع ڪريو ته انهن سڀني ڳالهين جو جوبدار يا ڏوهاري هي آهي. گهڻو ڪري اتان کان حڪم ايندو ته کيس جلدي هيڏانهن روانو ڪريو ان وقت اوهان بنا دير جي مون کي بغداد موڪلي ڇڏجو. مون کي اميد آهي ته گهڻو ڪري امير المومنين ان خيال سان ته اوهان منهنجا ڀرجهلا آهيو ۽ اوهان جي هٿ ۾ سنڌ جي حڪومت ۽ زبردست طاقت آهي، منهنجي خون کان درگذر ڪندا“ عمر چيو ” پر آئون ڊڄان ٿو ته ان معاملي ۾ هو ڪڏهن به درگذر نه ڪندو ۽ توهان بيڏوهي قتل ڪيا ويندا“ اهو ٻڌي ان بهادر ۽ وفادار نهايت لاپرواهي ۽ جرائت سان چيو ”تڏهن به ڪا ڳالهه ناهي آءٌ توتي قربان ٿي ويندس ۽ منهنجي حياتي اوهان جي ڪم ايندي“ عمر بن حفص کي ڪنهن طرح اهو نٿي وڻيو ته هڪ اهڙي باوفا جانثار کي بي خطا ۽ بيقصور موت جي منهن ۾ ڏيئي ڇڏي، پر ان شخص اصرار ڪري عمر کي ايستائين مجبور ڪيو جو پنهنجو نالو لکرائي دارالخلافت ۾ موڪلي ڇڏيو. افسوس جو نيٺ نتيجو اهو ئي نڪتو جيڪو عمر بن حفص جي زبان مان پهرين ئي نڪري چڪو هو. منصور کيس گهرايو ۽ جڏهن هو سندس سامهون پيش ڪيو ويو ته اهڙي قابل شخص کي هن هڪدم قتل ڪرائي ڇڏيو. تڏهن به منصور جي دل ۾ عمر بن حفص جي لاءِ هڪ شڪ پيدا ٿي ويو، جنهن جو نتيجو هي ٿيو جو هن کي ان کان پوءِ عمر بن حفص جو سنڌ حڪومت تي رهڻ نامناسب ۽ مصلحت جي خلاف لڳو. جڏهن ته 151 هه ۾ هن عمر کي ان عهدي تان هٽائي آفريڪا جي گورنري تي موڪلي ڇڏيو، جيڪا عهدي جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي حڪومت کان تمام گهڻو عزت واري هئي. جنهن هڪ تمام وڏي ملڪ ۽ ڪشادي سرزمين جا پورا اختيار عمر بن حفص جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا. ابن حفص جي ئي زماني کان سنڌ جي شهرن ۾ شيعيت جو رواج پيو، ڇو ته پهرين ته خود عمر شيعيت جا خيالات رکندو هو ۽ عبدالله اشتر جي هٿ تي بيعت ڪرائي هن سنڌ جي اڪثر مسلمانن کي شيعو بڻايو ۽ خاص ڪري زيدي همراهه جيڪي عبدالله اشتر سان گڏ هئا انهن جي ذريعي سان هندستان ۾ شيعيت جو اهڙو عمدو ٻج ڇٽايو جيڪو اڳتي هلي هڪ وڏو ميويدار ۽ سدائين ڦٽڻ ۽ وڌڻ وارو وڻ ٿي ويو. پڇاڙي واري ڏينهن ۾ سنڌ جو تمام وڏو حصو خاص شيعن جي هٿ ۾ هو. ان جي شروعات انهيءَ وقت کان هئي يا کڻي ائين چوڻ گهرجي ته ايندڙ ملتان جي شيعه رياست جنهن جو احوال اڳتي ايندو ان جي پيڙهه جو پهريون پٿر خاص عمر بن حفص جي هٿان رکيو ويو. ان دور ۾ شيعان علي ۽ اهل بيت جي حبدارن جا مقابلو ڪندڙ ۽ اصلي حريف خارجين به سنڌ تي پنهنجو اثر وجهڻ گهريو پر عمر بن حفص سنڌ جو والي جڏهن خود شيعن جو طرفدار هو ته انهن همراهن جي ڪنهن ڪوشش جي اثر ڪرڻ جي ڪيئن ٿي اميد ڪري سگهجي. عمان وارا جيڪي گهڻا خارجي هئا شروعات ۾ عباسي حڪومت ۾ گهڻو سنڌ ۾ ايندا هئا ۽ ماڻهن کي عباسي حڪومت جي مخالفت ۾ اڀاريندا هئا. جڏهن 142 هه ۾ حسان بن مجالد همداني جيڪو خارجي المذهب هو خلافت جي مقابلي ۾ خروج ڪيائين ۽ رقه ۾ وڃي جهاز تي سوار ٿيو ۽ سنڌ جي واٽ ورتائين. هتي پهچي ڪري سڀني آسن پاسن ۾ ڦري گهمي هن وڏي ڪوشش ڪئي ته ماڻهن کي پنهنجو هم خيال ۽ هم مذاق ٺاهي هڪ فوج تيار ڪري ۽ خلافت جي مخالفت ۾ بغاوت جو جهنڊو بلند ڪري. پر عمر بن حفص جن عبدالله اشتر جو اهڙو اثر وجهي ڇڏيو هو ۽ خود رعيت جي دلين تي  ايتري قدر اختيار هو جو حسان جي هڪ به نه هلي. هن جي پاسي هڪ ڄڻي به ڌيان نه ڏنو ۽ نيٺ ناڪاميءَ سان هو موصل واپس ويو. منصور جڏهن عمر بن حفص جي آفريڪا موڪلڻ جو ارادو ڪيو ته دل ۾ جهجهڪ هئس ته ان جي جاءِ تي سنڌ جي حڪومت کي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏي. انهيءَ ٻڏتر ۾ هو گهوڙي تي چڙهي شهر جو سير ڪندي هليو. واٽ ۾ اتفاق سان ان جي نظر هشام بن عمرو تغلبي تي پئي جيڪو هڪ معمولي شخص هو ۽ ڪنهن واٽ ويندڙ وانگر هلندي هلندي خليفي جو اچڻ ٻڌي هڪ پاسي بيهي رهيو هو. منصور جي نظر جڏهن مٿس پئي ته هن کيس پيرن کان مٿي تائين ڏاڍي ڌيان سان ڏٺائين ۽ اڳتي هليو ويو. هشام دراصل هڪ نهايت ئي ديانتدار ۽ چالاڪ ماڻهو هو. هن دل ۾ هڪ منصوبو جوڙيو ۽ ٿوري دير کان پوءِ منصور جي دروازي تي پهچي پنهنجو اطلاع ڪرايو ۽ باريابي جي درخواست ڪئي. منصور ان کان اڳ ڪڏهن سندس نالو به نه ٻڌو هو. ٿورو سوچي ۽ هڪ وڏي ۽ نئين ڳالهه سوچي گهرائي ورتو. هشام خلافت جي بارگاهه ۾ داخل ٿي شاهي آداب پورا ڪيا. جڏهن منصور اچڻ جو سبب پڇيو ته چوڻ لڳو ”ان وقت خلافت جي سواري کان جدا ٿيڻ کان پوءِ آءٌ گهر ويس ته منهنجي ڪنواري ڀيڻ سامهون اچي ويئي، ان عقل ۽ دينداري ۽ ان جي خوبصورتي ۽ سونهن ۽ ان جي سڀني ڳڻن کي جڏهن مون خيال ۾ آندو ته هو مون کي سواءِ امير المومنين جي ٻي ڪنهن جي لائق نه ٿي جڳائي. بس انهي خيال سان حاضر ٿيو آهيان ته ان کي امير المومنين پنهنجي نڪاح ۾ وٺن ۽ غالباً حضور کيس ڏسي ڏاڍا خوش ٿيندا.“ هي هڪ اهڙي دل ۾ ڪتڪتائي پيدا ڪرڻ واري تقرير هئي جو منصور ڪنڌ هيٺ ڪيو ۽ سوچڻ لڳو ته اهڙي ڇوڪري سان ڇونه نڪاح ڪري. پوءِ ڪجهه خيال ڪري ڪنڌ کنيائين ۽ هشام کي چيو ”ٺيڪ تون وڃ ان جي ورندي آءٌ چوائي موڪليندس“ ۽ جڏهن هشام اکين کان اوجهل ٿيو ته منصور عرض بيگي ربيع ڏانهن منهن ڪري چيو، جرير شاعر چوي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org