باب
ستون
اسماعيلي شيعا
جڏهن
ته امامت جي جهڳڙن جو بنياد حضرت سرور عالم ﷺ جي
لاڏاڻي جي زماني کان پئجي چڪو هو پر خلافت راشده
جي ختم ٿيڻ کان پوءِ امامت جي شوق بني فاطمه ۾
عجيب عجيب گؤنچ ڪڍيا. بني فاطمه مان هر ماڻهو امام
حسن رضه نه هو. جيڪو اسلامي سلطنت کي ماڪوڙن سان
ڀريل ڪباب تصور ڪري ڌار اڇلائي ڇڏي. حضرت امام
حسين رضه کي ان جهڳڙي شهيد ڪرايو، ۽ بني اميه جي
خلاف جيڪو عام جوش خروش بني هاشم جي رڳن ۾ هلندڙ
هو، اهو به انهيءَ جو حيرت انگيز ڪرشمو هو. هي
امامت جيتوڻيڪ پاڻ ڪريم ﷺ جي جانشيني هئي، تنهن
ڪري ان ۾ تمام وڏو عنصر مذهب جو به شامل هو، جنهن
جو نتيجو هي هو ته هر شخص جي امامت جي دعويٰ سان
گڏ اسلام ۾ هڪ نئون فرقو پيدا ٿي ويندو هو. اهل
سنت جي عقيدن ۾ خلافت ۽ امامت فقط هڪ دنيوي سلطنت
آهي ۽ دين جيترو هو حضرت رسول ﷺ جي زندگيءَ ۾ مڪمل
ٿي ويو هو، خلافت جي ضرورت اسلامي حڪومت جو نظام
قائم رکڻ جي لاءِ آهي نه ديني مسئلن ۾ ڪنهن قسم جو
دخل ڏيڻ ۽ نه وري شريعت ۾ اختيار هلائڻ جي لاءِ.
بر خلاف ان جي گهڻن امامت جي دعويدارن پنهنجو
پاڻکي دين جو وارث ۽ حاڪم قرار ڏنو ۽ انهيءَ ڪارڻ
انهن دعوائن سان گڏ اسلام ۾ نوان نوان فرقا اڀرندا
رهيا. شيعن جي عام دعويٰ اها آهي ته امامت فقط
حضرت علي رضه ۽ سندس اولاد سان مخصوص آهي. جيڪڏهن
ڪو ڌاريو ماڻهو امام يا خليفو ٿي وڃي ته غاصب آهي،
ان جي خلافت ناجائز آهي. ظاهر آهي ته عملي ۽ واقعي
طور تي خلافت صرف حضرت رضه ۽ حضرت امام حسن رضه کي
ملي. حضرت امام حسن رضه کان پوءِ جڏهن بني اميه جو
دور شروع ٿيو ته رڳو ان بنياد تي ته فلاڻو ئي
حقدار يا امامت ۽ خلافت جو وارث آهي. امام جو اکر
حضرت علي جي اولاد ڏانهن منسوب ٿيڻ لڳو. حضرت امام
حسين
جيتوڻيڪ دنيوي حيثيت سان
ڪامياب نه ٿيو پر جڏهن ته پاڻ دعويٰ ڪئي هئائون ۽
يزيد جي فوج سان مقابلو ڪري شهيد ٿي ويا، ان لاءِ
حضرت امام حسن کان پوءِ پاڻ امام تسليم ڪيا ويا.
پر امام حسين جي شهادت کي ٿورائي ڏينهن ٿيا هوندا
جو مختيار دعويٰ ڪئي ته حضرت علي کانپوءِ اصلي
امام ان جو صاحبزادو محمد بن حنيفه آهي ۽ شيعن ۾
ئي مختياريه نالي فرقو پيدا ٿيو. ان کان پوءِ ٻيو
فرقو هاشميه پيدا ٿيو. جنهن جي دعويٰ هئي ته محمد
بن حنيفه کان پوءِ امام زمانه هاشم بن محمد بن
حنيفه آهن. ان سلسلي ۾ ٻيا به هڪ ٻه فرقا پيدا ٿيا
هئا. جيئن زيديه فرقو پيدا ٿيو، اهي ماڻهو قائل
هئا ته حضرت امام حسن رضه کان پوءِ امام زين
العابدين ۽ ان کان پوءِ ان جو صاحبزادو زيد بن علي
امام آهن. انهن ماڻهن جو عقيدو هو ته فاطمه جي
اولاد کانسواءِ ٻي خاندان ۾ امامت نٿي وڃي سگهي،
پر اهو ڪو ضروري ناهي ته هڪ وقت ۾ هڪ ئي امام رهي،
پر هر فاطمه ڄائو جيڪو عالم، زاهد، بهادر ۽ سخي
هجي ۽ امامت جي دعويٰ سان گڏ بغاوت ڪري اهو امام
جائز ۽ اتباع جوڳو آهي ۽ ممڪن آهي ته هڪ ئي وقت ۾
اهڙا ڪيئي امام موجود هجن. هي فرقو شروعات ۾ ڏاڍو
ترقي تي هو ۽ ان دور جي گهڻن شيعن جو عقيدو اهو ئي
هو، ۽ انهيءَ عقيدي جا ڪيترائي شيعا ڪڏهن ڪڏهن سنڌ
ڌرتي تي ايندا رهيا،
جيئن
ته اسان بيان ڪري چڪا آهيون، امام جي مسئلي ۾ خود
زيد بن علي جو به اهو ئي عقيدو هو. اصول دين ۾ هو
واصل بن عطاءَ معتزلي جو شاگرد هو. ۽ انهيءَ سبب
ان جا سڀئي پيرو امامت جي مسئلي ۾ شيعا هئڻ سان گڏ
عقيدن ۾ معتزلي هئا. ان جي ڀاءُ امام محمد باقر ۽
ان ۾ اختلاف هو. ڇو ته امام محمد باقر پهرين ته هي
چوندو هو ته هڪ وقت ۾ هڪ ئي امام رهڻ گهرجي. ٻيو
هو واصل بن عطاءَ جي عقيدن خلاف هو، جڏهن زيد بن
علي بني اميه جي هٿان ماري لٽڪايو ويو ته ان جي پٽ
يحيٰ بن زيد امامت جي دعويٰ ڪئي ۽ پنهنجي پيءُ
وانگر هو به قتل ٿيو ۽ ٽنگيو ويو. پوءِ انهيءَ
اصول تي محمد ۽ ابراهيم امامت جي دعويٰ سان گڏ
مديني ۾ بغاوت ڪئي ۽ ابو جعفر منصور عباسي جي حڪم
سان انهن جي زندگي ۽ دعوت جو خاتمو ٿيو. ان طرح
عباسي خلافت زيده فرقي جي طاقت بلڪل ٽوڙي ڇڏي.
جيتوڻيڪ عبر ۾ ڪجهه قبيلا اڄ تائين ان مذهب جا
پيروڪار موجود آهن، پر اهڙي گمنامي جي حالت ۾ آهن
جهڙوڪر نه هئڻ برابر. پر امامت جا دعويدار ۽ پڻ
انهن دعوائن ۾ پوليٽيڪل فائدو وٺڻ وارا اندر ئي
اندر تقيه جي برقعي ۾ لڪي لڪي نوان فرقا پيدا ڪندا
رهيا. پر انهن ۾ ٻه ڌڙا ڏاڍو چمڪيا ۽ پوءِ جي
ڏينهن ۾ انهن جون زبردست سلطنتون قائم ٿيون. هڪ
شيعه اثنا عشريه ۽ ٻيا اسماعيلي شيعا.
پهريان ذڪر ڪيل عقيدن ۾ شيعه سلسلو امامت کي ان
طريقي وٺي ايندا آهن جو پهريان حضرت علي رضه ان
کان پوءِ امام حسن، پوءِ امام حسين، پوءِ امام زين
العابدين، پوءِ امام محمد باقر، پوءِ امام جعفر
صادق، پوءِ امام موسيٰ ڪاظم، پوءِ امام علي رضا،
پوءِ امام محمد تقي، پوءِ امام محمد نقي، پوءِ
امام حسن عسڪري پوءِ سندن صاحبزادو محمد قائم جنهن
جو انتظار آهي مهدي ٿيڻ جو ۽ ٻيو ڌڙو يعني اسماعيل
شيعو. امام جعفر صادق عليه السلام تائين ته اثنا
عشريه شيعن جا هم خيال يا هم امام آهن، پر ان کان
پوءِ سواءِ امام موسيٰ ڪاظم جي اسماعيل بن جعفر کي
امام تسليم ڪندا آهن جڏهن ته مشهور آهي ته اسماعيل
پنهنجي والد صاحب جي زندگيءَ ۾ ئي هن دنيا فاني
مان کان رخصت ڪيو، تنهن ڪري ان باري ۾ سندن وچ ۾
اختلاف آهي. ڪجهه ته اهو ٿا چون ته دراصل هن
پنهنجي پيءُ جي حياتيءَ ۾ وفات نه ڪئي، فقط بني
عباس جي خوف کان پنهنجي موت جي خبر اڏائي ڇڏي ۽
لڪي ويٺو. ۽ ڪجهه اهو چون ٿا ته هو پنهنجي والد جي
زندگي ۾ لاڏاڻو ڪيو، پر جڏهن ته امام منصوص ٿي چڪي
هئي. يعني حضرت امام جعفر صادق چٽن اکرن ۾ ٻڌائي
ڇڏيو هو ته مون کان پوءِ منهنجو پtپٽ
اسماعيل امام آهي ۽ نص وقوع کان پوءِ رد نٿي ٿي
سگهي تنهن ڪري واجب هو ته جيڪڏهن اسماعيل زنده نه
رهيو ته امامت ان جي اولاد ۾ منتقل ٿئي. جڏهن ته
امام جعفر صادق کان پوءِ اسماعيل ۽ ان کان پوءِ
محمد بن اسماعيل امام ٿيو. هو عقيدو رکن ٿا ته
محمد بن اسماعيل سابع تام هو يعني سندس ذات سان
اسماعيل جي ئي امامت جو پورائو ٿيو. ۽ ان تي
شروعاتي ست امامن جو ظاهر دورو ختم ٿي مستورين
امامن جو دور شروع ٿيو. جيڪي پاڻ ته مخفي طور تي
شهرن ۾ ڦرندا هئا. پر انهن جي دعوت ظاهر ۽ آشڪار
رهندي هئي ۽ هو پنهنجي داعين کي اعلانيه طور تي
دعوت جي لاءِ موڪليندا هئا.
انهن
ماڻهن جو ديني اصول هو ته دنيا زندهه امام ۽ قائم
کان ڪڏهن به خالي نٿي رهي سگهي. امام يا ته ظاهر
هوندو آهي يا مستور ۽ مخفي رهندو آهي. جڏهن امام
ظاهر هوندو آهي ته جائز آهي ته ان حجت ۽ دعوت
مستور رهي پر جڏهن امام مخفي هجي ته واجب آهي ته
ان جي حجت ۽ دعوت اعلانيه ۽ عالم آشڪار هجي. امامت
جا احڪام ست آهن، اهي سڀئي شيون جيڪي عالم پنهنجي
جهولي ۾ وٺي جزا جي ڏينهن تائين پهچائيندا سڀني جو
شمار ست ئي آهي. تنهن ڪري واجب آهي ته امام به ست
ئي هجن يا انهن جا داعي البته ٻارنهن رهندا آهن،
اهو جڏهن ته هو چوندا آهن ته اثنا عشري شيعن جيڪي
ٻارنهن امام مقرر ڪيا آهن اهو کين دوکو ٿيو آهي،
جيڪو عدد داعين لاءِ مخصوص هو ان کي خود معصوم
امامن جي ذات سان ٽنبي ڇڏيو. اسماعيلين جو هڪ
اعتقاد هي به هو ته ظاهر جو هڪ باطن آهي ۽ هر
تنزيل جي هڪ تاويل آهي. يعني قرآن جا جيترا احڪام
ظاهري آهن انهن جو هڪ باطن به ضرور موجود آهي جيڪو
راسخين في العلم ۽ مجتهدين کي معلوم آهي. جنهن مان
ان ڳالهه جي گنجائش نڪري سگهي ٿي ته دين جا مقتدي
جنهن قرآني حڪم کي جنهن وقت مناسب سمجهن جاري رکن
۽ جڏهن چاهين ان جي باطن مان فائدو وٺي ان جي
احڪام جي ظاهري تعميل کان پنهنجي پيروڪارن کي روڪي
ڇڏين. انهيءَ بنياد تي اسماعيلي ماڻهو باطني جي
لقب سان به ياد ڪيا وڃن ٿا.
پوءِ
جي زماني ۾ يوناني فلسفي مان به اسماعيلي عالمن بي
انتها فائدو ورتو. يونانين جو نظام خلق عقول و
افلاڪ مذهبي صورت اختيار ڪري انهن جي مذهبي اصولن
۾ شامل ٿيو. ۽ صفات باري تعاليٰ بابت انهن هي
طريقو اختيار ڪيو جو صفات کي عام ان ڪري جو ذاتي
صفات هجي يا صفاتي ان ذات وحده لا شريڪ ڏانهن
منسوب به ڪندا ۽ وري نفي به ڪن. مثال طور چوندا
موجود غير موجود قادر غير قادر ۽ هي چوندا ته انهن
صفات کي ان ڏانهن منسوب ڪرڻ مان مطلب هي آهي ته هو
صفت خدا پيدا ڪئي نه هي ته ان ۾ آهي. يعني موجود
مان مراد وجود کي پيدا ڪرڻ وارو قادر مان مقصد
قدرت عطا ڪرڻ وارو آهي، پر آهي سڀ عقيدا پوءِ پيدا
ٿيا. شروعاتي مرحلن ۾ فقط اسماعيل جي امامت سان
واسطو هو ۽ ان جي تبليغ ۽ دعوت خفيه طريقن سان ڪئي
ويندي هئي. کڻي اسماعيلين جي دعويٰ هجي ته انهن
ڏينهن ۾ دعوت اعلانيه طور تي ٿي رهي هئي، ايستائين
جو عبيدالله بن مهدي 296هه ۾ پنهنجي داعين ۽ نقيبن
جي ڪوششن سان تخت ۽ تاج تي قبضو وٺي پنهنجي دعويٰ
۾ طاقت پيدا ڪئي. عبيد الله مهدي جي نسبت ۾ وڏا
وڏا اختلاف پيا آهن. اهل سنت جي مؤرخن نه پر وڏن
اثنا عشري جي مشهور شيعا عالمن به عبيد الله مهدي
جي نسب تي اعتراض ڪيو. پر ان جو اصل ڪارڻ اهو
معلوم ٿئي ٿو ته بغداد جي عباسي خليفن پنهنجي اثر
سان عراق جي فاطمي الا اصل عالمن ۽ رئيسن کي به
انهن ڳالهه تي آماده ڪري ڇڏيو هو ته عبيد الله
مهدي کي پنهنجي نسبي سلسلي مان خارج ڪري ڇڏيو. نه
ته صاف طور تي ظاهئر ٿئي ٿو ته اهي ماڻهو قطعي بني
فاطمي هئا. جيڪو نسب نامون خود عبيد الله مهدي پيش
ڪيو هو، جيڪو هي هو ته عبيد الله مهدي بن الحسن
تقي، بن احمد الوفي، بن عبدالله الرضي، بن محمد بن
اسماعيل بن جعفر صادق عليه السلام مهدي جي ٽن ڏاڏن
تقي، وفي ۽ رضي جي نسبت اسماعيلين جي دعويٰ آهي ته
آئمه مستورين في ذات الله هئا، ڇو ته هو خود مخفي
رهندا هئا، پر انهن جا داعي اعلانيه ماڻهن ۾ انهن
جي دعوت ڏيندا هئا. پر اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته
جڏهن اسماعيلين وٽ امامت جا دور ست ٿيندا آهن انهن
آئمه مستورين جي تعداد ٽن کان ڇو نه وڌي. پر اهو
اعتراض ان صورت ۾ ٿي سگهي ٿو جڏهن ته مستوره امامت
کي فقط رضي، وفي ۽ تقي امامن تائين محدود ڪيو وڃي.
جيڪڏهن انهن سان گڏ اسماعيل بن جعفر صادق محمد بن
اسماعيل، عبدالله الرضي، احمد الوفي الحسن التقي،
عبيد الله مهدي ۽ القا بن مهدي کي شامل ڪيو وڃي ته
ستن جو دور پورو ٿي وڃي ٿو. آخري ذڪر ڪيل و دائمه
يعني عبيد الله مهدي ۽ القائم جيتوڻيڪ حڪومت جي
تخت تي ويهي چڪا هئا پر مصر ملڪ تي انهن جو قبضو
نه ٿيو، جنهن جو ڪارڻ چئي سگهجي ٿو ته ان جي امامت
پوري طرح ظاهر نه ٿي هئي. تقدير مطابق امامت ظاهر
هجي يا مخفي.
عبيد
الله مهدي 296 هه ۾ تخت تاج حاصل ڪري اسماعيليت کي
وڌائڻ شروع ڪيو. آفريڪا ۾ ان جي طاقت عروج تي هئي
پر مصر تي ڪيترين ڪوششن باوجود قبضو نه ڪري سگهيو.
ايستائين جو 322هه ۾ آخرت جو سفر ڪيو ۽ فاطمي
خلافت جي مسند تي ان جو پٽ ابو القاسم الملقب به
القائم بامرالله قدم رکيو. 334هه ۾ جڏهن القائم
دنيا کي الوداع ڪيو ته امامت اسماعيلي جو تاج
المنصور باالله جي مٿي تي رکيو ويو. پوءِ 341هه ۾
المنصور جي وفات ٿيڻ سان المخٌزالدين الله امام ۽
بادشاهه مقرر ٿيو. المعز جي زماني ۾ اسماعيلي
امامت جي دعوت پوري ظور تي ۽ ان جي سلطنت اعليٰ
عروج تي پهچي ويئي هئي. 358هه ۾ المعز اسڪندريه ۽
دمشق ۽ بيت المقدس ۽ حرمين شريفين تائين قبضو ڪيو.
۽ 361هه ۾ قاهره کي پنهنجو دار السلطنت مقرر ڪري
مصر ملڪ کي اسماعيلي حڪومت جو مرڪز بنايو، ۽ هاني
الجيريا کان وٺي شام ۽ عرب تائين انهن فاطمي امامن
جي بادشاهي هئي. 365هه ۾ المعز هن جهان جي واٽ
ورتي ۽ العزيز با الله سندس امامت ۽ سلطنت جو
جانشين ٿيو. 386هه ۾ ان جي وفات تي اسماعلي حڪومت
جي واڳ الحاڪم بامرالله جي هٿ ۾ آئي. 411هه ۾ ان
جي مارجي وڃڻ سان الظاهر العزاز دين الله جو زمانو
شروع ٿيو. 427هه ۾ ان به آخرت جي منزل اختيار ڪئي
۽ ان جو پت ابو تميم معد بن ظاهر المستصر بالله جو
لقب اختيار ڪري امامت ۽ خلافت جي تخت تي نمودار
ٿيو. المستنصر سٺ سال کان مٿي حڪومت ڪئي. ان جي
زماني ۾ اسماعيلن جا نقيب ۽ داعي سڄي جهان ۾ پکڙجي
ويا هئا. ۽ سندن اثر ايترو وڌي ويو هو جو 450هه ۾
انهيءَ المستنصر جو خطبو بغداد جي منبرن تي
جهونگاريو ويو جيڪو خاص بني عباس جو دار الخلافت
هو. شيخ الجبال حسن بن صباح به انهيءَ المستنصر جي
درگاهه ۾ اچي حاضري ڏني هئي. ۽ انهيءَ جو نقيب ۽
داعي هو. حسن بن صباح بيعت ڪندي وقت المستنصر کان
پڇيو هو ته سائين جن کان پوءِ اسان جو امام ڪير
هوندو. ان جي ورندي ۾ المستنصر پنهنجي پٽ ترارت جو
نالو ورتو. پر آسمان واري کي ترار جي حڪومت ۽
خلافت منظور نه هئي. ۽ انهيءَ الاهي ارادي جو ظهور
ائين ٿو جو ترار وليعهدي جي ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن
امامت جي ايوان جي هڪ انڌيري رستي وڃي رهيو هو ته
اڳيان المسنتصر جو وزيراعظم افضل گهوڙي تي سوار
اچي رهيو هو. افضل جڏهن ڏٺو ته هو منهنجي عزت ڪرڻ
لاءِ گهوڙي تان نٿو لهي ته ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي
جهڻڪيائين ۽ چيو ”بدتميز ارمني ڪتا گهوڙي تان لهه“
ان ٽاڻي جي ڳالهه افضل دل ۾ رکي ۽ دل ۾ پڪو پهه
ڪيائين ته کڻي ڇا به ٿئي ترار کي جانشين ٿيڻ نه
ڏيندس. جڏهن 487هه ۾ المستنصر فاني جهان کي الوداع
چيو ته افضل پنهنجي چالاڪين سان ترار کي محروم ڪري
المستنصر جي ٻي پٽ ابو القاسم احمد جي هٿ تي بيعت
ڪري ورتي. ۽ المسحلي سندس لقب مقرر ڪيو. ترار جڏهن
قاهره ۾ زماني جو رنگ ڏٺو ته ڀڄي اسڪندريه پهتو.
اتي جي اميرن، عالمن سندس هٿ تي بيعت ڪئي، ته افضل
فوج وٺي مقابلي لاءِ وڃي پهتو. پهرين جهڙپ ۾ ته
افضل هار کاڌي پر ٻي فوجي چڙهائيءَ ۾ افضل اهڙي
شڪست ڏني جو ترار ۽ ان جا گهڻا معزز طرفدار افضل
جي هٿ ۾ گرفتار ٿي ويا ۽ مستحلي نهايت بي رحمي سان
پنهنجي وڏي ڀاءُ ترار کي قاهره جي هڪ ڀت ۾ جيئرو
چونڊرائي دنيا کان سدائين جي لاءِ ناياب ڪري ڇڏيو.
مطلب 487هه کان المستحلي جي امامت ۽ سلطنت شروع
ٿي.505 هه ۾ اهو به هلي چريو. هائي الامر باحڪام
الله جو دؤر شروع ٿيو. جنهن 524 هه قبر ۾ آرام ڪري
مسند خلافت کي الحافظ دين الله جي لاءِ خالي ڪيو.
الحافظ 544هه ۾ وفات ڪئي ۽ اسماعيلي الظافر
باعداءِ الله امامت تي نمودار ٿيو. ان جي مارجڻ تي
549هه ۾ الفائز بنصر الله تخت نشين ٿيو، جنهن
555هه ۾ پنهنجي نابالغ پوٽي العاضد الدين الله جي
لاءِ مسند خالي ڪئي.
هيءُ
ئي خليفو بني فاطمه مصر جو آخري خليفو يا اسماعيلن
جو آخري امام آهي. ان جي عهد ۾ سواءِ عيش پرستي،
غفلت، راند روند ۽ کل مسخري جي ڪنهن انتظامي خوبي
جو پتو نٿو پيو. فاطمي سلطنت صبح جو اهو ڏيئو هئي
جنهن ۾ تيل گهٽ رهجي ويو هجي، ان جي ضلعن شام ۽
ارض مقدس تي صليبين جو قبضو ٿي چڪو هو ۽ صليبين جي
اتر طرف شام جي شهرن ۾ نور الدين زنگي جي عروج ۽
ڀخت جو تارو چمڪي رهيوهو. صليبين گهريو ٿي ته
پنهنجي مسيحي بادشاهت مضبوط ڪرڻ جي لاءِ مصر ملڪ
تي قبضو ڪن. مصر جي خلافت ۾ پنهنجي حفاظت جي ڌر
هئي پر نور الدين زنگي جيڪو صليبين جي پاڙ تي رنبو
رکڻ جي فڪر ۾ هو اهو ڪنهن حالت ۾ ان جو روادار نه
هو ته لاطيني حڪمران ارض مقدس جي طاقت تي ذرو به
وڌن ۽ انهيءَ سبب هو صليبين کي مصر طرف رخر ڪرڻ جو
موقعو نه ڏيندو هو. اها حالت هئي جو العاض ڪنهن
ڳالهه تان ڪاوڙجي پنهنجي وزير شادر کي هٽائي ڇڏيو
۽ ان جي جاءِ تي ضرتمام نالي هڪ معزز مصري آفيسر
کي وزارت عطا ڪيائين. شادر جو جڏهن هتي ڪو زور نه
هليو ته هن نور الدين زنگي جي درٻار ۾ حاضر ٿي
مددم گهري ۽ چيو جيڪڏهن اوهان مصر جي وزارت مون کي
واپس ڏياريو ته آءٌ مصر جي ڍل جو ٽيون حصو هر سال
اوهان کي ڏيندو رهندس. نور الدين کي ان معاملي اهو
فائدو به نظر آيو ته ان طرح صليبين جي بڇڙائي کان
مصر بچي ويندو. شادر جي درخواست منظور ڪئي ۽
پنهنجي پاران اسد الدين شيرڪوهه جيڪو ان دور جو
نامور سپاهي ۽ جنرل تسليم ڪيو ويو آهي کي شادر سان
گڏ مصر موڪليو. اسد الدين پنهنجي ڀائٽي صلاح الدين
سان گڏ جيڪو تن ڏينهن ۾ غير معروف شخص هو ۽ هڪ بي
فڪر ۽ بي اصول نوجوان سمجهيو ويندو هو. ٿوري فوج
وٺي 559هه ۾ مصر پهتو شادر کي ٻيهر وزارت ڏياري ۽
پاڻ مصر جي فاطمي درٻار ۾ نور الدين جي ريزيڊنٽ جي
حيثيت سان رهڻ لڳو. پر شادر وزارت ملڻ کان پوءِ
واعدي خلافي ڪئي ۽ واعدو ڪيل رقم ادا ڪرڻ کان
انڪار ڪيو. شير ڪوهه طرفان اصرار ٿيو ته هن صليبين
کي لکي پنهنجي مدد لاءِ گهرايو.
صليبي سمجهي رهيا هئا ته مصر ۾ نور الدين جا پير
کپيا ته اسان لاءِ جنجال ٿي ويندو، ان ڪري هڪدم
مدد ڪيائون. شير ڪوهه وٽ فوج تمام گهٽ هئي. بلبيس
قلعي ۾ وڃي پناهگير ٿيو. صليبين ۽ مصرين ان جو
گهيرو ڪيو. اها خبر نور الدين کي پهتي ته هن پاڻ
صليبين جي علائقي شام تي حملو ڪيو. ۽ فرنگين کي
اتي اهڙي هڪ بري شڪست آئي جو ڏاڍو گهٻرائي مصر کان
پنهنجي فوج واپس گهرائي هڪدم شير ڪوهه کان مطالبو
ڪيائون ته جيڪڏهن اوهان مصر مان وڃڻ لاءِ راضي هجو
ته اسان حفاظت سان اوهان جي پهچائڻ جو واعدو ڪريون
ٿا ۽ ان جي به پڪ ڏياريون ٿا ته اسان کي مصر سان
ڪو واسطو نه رهندو“ شير ڪوهه کي اها خبر ڪونه هئي
ته سلطان نورالدين کين شڪست ڏيئي چڪو آهي. راضي ٿي
ويو ۽ پنهنجي سڀني ساٿين کي وٺي شام واپس هليو ويو
پر ان کان ڇهه سال پوءِ 564 هه ۾ هو وري مصر آيو ۽
انهي پهرين حيثيت سان وري مصر جي انتظامن جي
نگراني ڪرڻ لڳو ۽ ٽين حصي جي وصولي جو مطالبو ڪرڻ
لڳو. شاور جي دل ۾ بغض ڀريل هو پر ڪو زور نه ٿي
هليو. دل ۾ سوچيندو هو ته شير ڪوهه کي دعوت جي
بهاني گهرائي زهر ڏيئي ڇڏي. پر پٽ مخالف هو ۽
چوندو هو ته اوهان ائين ڪيو ته نور الدين مصر کي
تباهه ڪري ڇڏيندو. انهن ڳالهين جي خبر شير ڪوهه کي
ملندي رهي ۽ ٽاريندو رهيو، پر هن جا ساٿي ڏينهون
ڏينهن کروکر ٿيندا رهيا. نتيجو اهو نڪتو جو هڪ
ڏينهن نور الدين جي سپاهين موقعو ڏسي شاور کي پڪڙي
وڌو ۽ جلد ئي قتل ڪري ڇڏيو. شير ڪوهه هن جي سسي
العاضد کي موڪلي ڏني. جنهن کي ڏسي هو ڏاڍو خوش
ٿيو. ان لاءِ ته شاور کان هو به ناراض هو. هاڻي
مصر جي حڪومت جا ڪم ڪار هن جي هٿ ۾ هئا پر سندس
عمر وفا نه ڪئي ۽ جنهن سال مصر ۾ گهڙيو هو انهيءَ
سال يعني 564 هه ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان جي جانشيني
جي لاءِ ماڻهن صلاح الدين کي چونڊيو. جنهن جي بخت
۾ ٿورن ڏينهن کان پوءِ سلطان صلاح الدين اعظم ثابت
ٿيڻو هو. صلاح الدين کي ماڻهو بي پرواهه ۽ بي اصول
سمجهندا هئا، پر ذميواري جو ڪم هٿ ۾ کڻندي ئي هن
ڪجهه اهڙي ڦڙتي ڏيکاري جو سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا.
نورا
لدين کين حڪم ڏنو ته هاڻي اوهان مصر ۾ بني عباس جو
خطبو جاري ڪرايو پر صلاح کي ان جي همت نه ٿي، دل ۾
خيال ڪندو هو ته سڄو مصر اسماعيل شيعن جي مذهب سان
ڀريو پيو آهي.جيڪڏهن اهري جرائت ڪئي ويئي ته هر
ننڍو وڏو اٿي بيهندو ۽ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي. پر نور
الدين ڪو عذر نه ٻڌو ۽ بار بار انهي ڳالهه تي زور
ڏيندو رهيو. نيٺ 567 هه آيو جيڪو مصر جي فاطمي
اسماعيلين جي لاءِ ڏاڍو ئي منحوس سال هو. محرم 567
هه جو العاضد بيمار ٿيو ۽ مرض اهڙي ترت ترقي ڪرڻ
لڳو جو ٻن چئن ڏينهن ۾ وڃي کٽ ڀيڙو ٿيو ان کان
پوءِ محرم ۾ جيڪو پهريون جمعو آيو هن ارادو ڪيو ته
قاهره جي جامع مسجد جي منبر تي بغداد واري خليفي
المستضي عباسي جو خطبو پڙهيو وڃي، پر عوام جي ڊپ
کان ڪنهن خطيب کي جرائت نه ٿي، اهو ڏسي امير عالم
نالي هڪ عجمي همراهه اها جرائت ڪئي ۽ منبر تي بيهي
عباسي خليفي جو نالو خطبي ۾ پڙهي ڇڏيو. ٻڌندي ئي
هر پاسي ماٺ ڇائنجي ويئي ۽ ڪنهن ٻڙڪ به ٻاهر نه
ڪڍي. ان کان پوءِ شهر ۾ به اهڙي ماٺ رهي جو ڪنهن
ان جي خبر العاضد کي به نه ڪئي. ۽ سواءِ ان جي جو
هو پنهنجي خطبي جي ڪٽجڻ جي خبر ٻڌي. 10 محرام
الحرام 567 هه جو ٺيڪ عاشوري واري ڏينهن دنيا مان
هليو ويو ۽ ان جي ذات سان اسماعيلي سلطنت جو خاتمو
ٿيو ۽ سلطان صلاح الدين جو دور شروع ٿيو.
اهي
هئا اسماعيلين جا اصلي امام ۽ خليفا. اسان نٿا
ڄاڻون ته ان کان پوءِ اسماعيلين جا خيال ۽ عقيدا
امامت جي باري ۾ ڇا آهن. اهو ته ڏکيو آهي ته هر
امامت بابت اهو خيال ڪن ٿا ته ختم ٿي ويئي. ڇو ته
انهن وٽ امامت کان سواءِ جهان جو نظام قائم نٿو
رهي سگهي. ها اهو ممڪن آهي ته ان کان پوءِ وري
امامت مخفي ۽ باطني مڃي ويندي هجي. ۽ انهن امامن
جي نالي کان هو واقف هجن. کڻي دنيا انهن جي مخفي
رهڻ جي باعث انهن جي نالن کان بي خبر هجي. پر ها
اسماعيلين جي گروهه جي امامت البته اڄ تائين موجود
آهي. ۽ اهو حسن بن صباح وارو ڌڙو آهي.
اسان
بيان ڪري آيا آهيون ته حسن بن صباح کي المستنصربا
لله پنهنجو جانشين ۽ پاڻ کان پوءِ جو امام ترار
ٻڌايو. امامت جي سلسلي ۾ مصر ۽ خراسان جي
اسماعيلين ۾ اهو ئي اختلاف هو. ترار کي جيتوڻيڪ
مصر جي سلطنت وزير افضل جي بيوفائي سان نه ملي ۽
مصر جي اسماعيلين جي اصلي گروهه وٽ سندس نالو
امامت جي فهرست مان نڪري ويو پر ابن صباح خراسان ۽
التموت ۾ ترار کي ئي امام تسليم ڪندو رهيو ۽
پنهنجو پاڻ کي نائب امام يا امام جو نقيب يا داعي
ظاهر ڪندو رهيو ۽ فدائين جي ذريعي اسماعيليت ۽
باطنيت کي ترقي ڏيندو رهيو. ترار جي سلطنت کان
محروم رهڻ ۽ سخت مظلومي سان مارجڻ تي کيس ايتري
قدر ڪاوڙ آئي جو بدلي لاءِ سنبريو. جڏهن ته ڏهون
فاطمي خليفو المنصور الملقب به آمر باحکام الله
انهي بدلي م خراسان جي باطنين جي هڪ فدائي هٿان
مارجي ويو. حسن بن صباح کان پوءِ ان جو جانشين
ڪيا، بزرگ التموت جو حڪمران ۽ باطنين جو نقيب ۽
داعي مقرر ٿيو ۽ ان کان پوءِ سندس پٽ محمد علي
جانشين ٿيو. پوءِ حسن بن محمد جنهن علي ذڪره اسلام
جو لقب ڪري دعويٰ ڪئي ته آئون محمد بن ڪيا بزرگ جو
پٽ ۽ امام ترار بن مستنصر جو پوٽو آهيان. ۽ دراصل
آءٌ نقيب ياداعي نه پر خود زماني جو امام آهيان،
جنهن جي وضاحٽ ائين ڪيائين ته حسن بن صباح جي
زماني ۾ ئي امام ترار شهيد جو هڪ پٽ التموت ۾ اچي
رهيو هو جيڪو امامت جو سچو جانشين ۽ زماني جو امام
هو. پر امامت جي باطني هئڻ سبب مخفي هو ۽ سواءِ
اصلي نقيب ۽ داعي حسن بن صباح جي کيس ٻيو ڪير به
نه سڃاڻندو هو، اتفاق سان جنهن ڏينهن محمد بن ڪيا
بزرگ جي گهر ٻار پيدا ٿيو انهي ڏينهن فاطمي امام
مستور جي گهر ۾ به بار پيدا ٿيو. اهي ٻئي ٻار خفيا
طور تي مٽايا ويا ۽ آئون جيڪو فاطمي امامت جو پٽ
آهيان ۽ ترار جو پوٽو آهيان محمد بن ڪيا بزرگ جو
پٽ مشهور ڪري ان جي گهر ۾ نياپو ويس. انهي علي
ذڪرت اسلام امامت جي دعويٰ ڪندي ئي شرعي تڪليفون
کڻي ڇڏيون ۽ پنهنجي پيروڪارن جي لاءِ فقط هڪ تڪليف
باقي رکي جنهن مان امام جي پيروي مراد آهي ۽
انهيءَ وقت کان عام مسلمانن انهن ماڻهن کي
اسماعيلي يا باطني چوڻ جي عيوض ملاحده جي نالي سان
سڏڻ شروع ڪيو. انهن ماڻهن جي امامت التموت ۾ ڳچ
عرصو قائم رهي. ۽ ان جي تباهي کان پوءِ به آذر
بائيجان وغيره ۾ موجود رهي. جڏهن ته ان جو سلسلو
اڄ تائين هلندو پيو اچي.
ان
سلسلي جو موجوده وارث ۽ جانشين ۽ مظهر نبوت ۽
امامت ۽ هن عهد جو امام واجب الاحترام هزهائينس
آغا خان آهي جيڪي پنهنجي فريق جا امام آهن. ان
سلسلي جا اٺيتاليهان امام ۽ هندستان جي عام
مسلمانن جا تمام وڏي ليڊر محسن ۽ اسٽيٽمين آهن ۽
اسان باوجود ان جي جو سندس پوئلڳ ناهيون پر کيس
پنهنجو افتخار ۽ سرمايو سمجهون ٿا.
حاصل
مطلب ته اسماعيلين جا ٻه ڌڙا ٿي ويا، هڪ پراڻا ۽
اصلي مصر وارا اسماعيلي جيڪي ترار کي امام نٿا
مڃين. خراسان جي اسماعيلين جا مخالف آهن ۽
المستنصر کان پوءِ المستحلي، الامر باحکام الله
الحافظ لدين الله الطافر باعداءِ الله الفائز
بنصرالله ۽ العاضد الدين الله کي آئمه برحق ۽
تعظيم جي واجب تسليم ڪن ٿا ۽ اهي ئي اصلي اسماعيلي
آهن. ٻيو اهو ڌڙو آهي جيڪو حسن بن صباح جي ڪوشش
سان شروع ٿيو. ۽ جيڪي ماڻهو المستنصر کان پوءِ
ترار کي پوءِ علي ذڪرت اسلام کي ان کان پوءِ
التمونت جي سڀني حاڪمن کي ۽ ان کان پوءِ ٻين
مقتدين کي جيڪي وقتاً فوقتاً ترتيب سان امام ٿيندا
رهيا ۽ واجب الاحترام امام تسليم ڪن ٿا. هندوستان
۾ اهي ٻئي امام موجود آهن، پهريان ذڪر ڪيل يعني
مصر وارا اسماعيلي بوهرا آهن ۽ ٻيا ذڪر ڪيل يعني
حسن بن صباح وارا خراساني اسماعيلي جيڪي ترار کي
مڃين ٿا. ۽ جن کي ماڻهن ملاحده جو خطاب ڏنو هو،
خوجا آهن.
پوءِ
جي گهڻن تاريخدانن ۽ اهل سنت جي عوام ان غلطي ۾
آهن ته ملاحده اسماعيلي ۽ قرامطي سڀ هڪ ئي عقيدي
جا ماڻهو هئا. ۽ هڪ ئي ماڻهو جا لقب آهن. يعني سڀ
مترادف لفظ آهن، حالانڪه اهي سڀ الڳ الڳ فرقا آهن.
۽ اسماعيل بن جعفر صادق رضي الله عنه جي امام مڃڻ
۾ پاڻ ۾ متحد آهن، پر پوري امامت جي سلسلي بابت
وڏا وڏا اختلاف رکن ٿا.
اسماعيلين ۽ ملاحده جو فرق وضاحت سان اسان ٻڌايئ
ڇڏيو، هاڻي اسان ايندڙ بابت ۾ قرامطين ڏانهن ڌيان
ڏينداسين ۽ انهن جي پوري تفصيل ۽ کليل تاريخ ٻڌائڻ
کان پوءِ سنڌ ڏانهن وڌنداسون. |