لا
تطلبن خولته من تغلب فالزنج اڪرم منهم اخوالا.
(تغلب قبيلي وارن کي خوله جو پيغام نه ڏيو ان لاءِ
ته ساهرا يا ناناڻا بنائڻ جي لاءِ شيدي به انهن
کان چڱا آهن.) جيڪڏهن هي شعر منهنجو ٻڌل نه هجي ها
ته ضرور ان جي ڀيڻ سان شادي ڪريان ها. پر خير
توهان ان کي چوائي موڪليو ته في الحال مون کي نڪاح
ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. تنهن ڪري تنهنجي ان مهرباني
جو شڪر گذار آهيان خدا توکي چڱو اجر ڏي. پر ان
مهرباني جو معاوضو مونکان في الحال سواءِ ان جي
ٻيو ڪجهه نٿو ٿي سگهي جو توکي سنڌ جو والي مقرر
ڪريان ٿو. بس هاڻي جلدي اوڏانهن جو ارادو ڪريو.
پوءِ سنڌ وڃڻ وقت هشام تغلبي خلافت جي بارگاهه ويو
ته مصنور تاڪيد ڪئي ته تنهنجو پهريون فرض هي آهي
ته اتي جي وڏي راجا سان لک پڙهه ڪري جنهن به طرح
ٿي سگهي عبدالله اشتر کي پنهنجي قبضي ۾ وٺي مون
ڏانهن روانو ڪجانءِ ۽ ان جي ملڪ کي تباهه ڪري
عبدالله کي سوگهو ڪجان. مطلب ته هشام ان حڪم جي
تعميل جو واعدو ڪري ڪري سنڌ ڌرتيءَ جي واٽ ورتي.
منصور هيڏانهن ته هشام کي سيکاري پڙهائي روانو ڪيو
۽ هوڏانهن عمر بن حفص کي لکيو ته تو پنهنجو عهدو
هشام جي هٿ ۾ ڏيئي قيروان وچ ۽ آفريڪا جي حڪومت
پنهنجي هٿ ۾ وٺ. هشام جڏهن سنڌ ۾ داخل ٿيو ته دل ۾
غور ڪيائين ته منصور جي حڪمن جي تعميل ڇو ڪري. هي
شخص جيڪو هاڻي هند جي سرزمين تي اچي هتي جو حڪمران
ٿيو آهي، اهو به عمر بن حفص جو هم مذهب ۽ نبوت جي
خاندان جو طرفدار هو. کيس اهو ڪنهن به طرح گوارا
نه هو ته جناب سيدت النساءِ فاطمت الزهرا جي هڪ
جيئري جاڳندي يادگار کي موت جي حوالي ڪري، پر
دنياداري سنڌ حڪومت تان به هٿ کڻڻ نه ٿي ڏنو. نيٺ
سوچي سمجهي هن هي ڪارروائي ڪئي ته سنڌ جي سڀني
بازارن ۽ فوجي حلقن ۾ مشهور ڪيو ته راجا سان لک
پڙهه هلي رهي آهي ۽ منصور کي به ان جي موافق اطلاع
ڪري ڇڏي. حضور جي حڪم جي تعميل هاڻي ٿي ويندي. پر
اصل ۾ ڪجهه به نه ڪيائين ۽ منصور جو هي حال هو ته
روز روز تاڪيدي حڪم ڏيندو رهيو ته عبدالله اشتر جي
معاملي ۾ تڪڙ ڪريو. انهيءَ حالت ۾ ڪجهه زمانو ٽري
ويو. هشام ته دراصل وڏي رعايت ڪئي ۽ ان جي وس ۾
ڪڏهن ممڪن نه هو ته عبدالله اشتر جو هڪ وار به
ونگو ٿئي، پر ان کي ڇا ڪجي سندس نصيب ئي ڦٽل هو ۽
زندگي پوري ٿي چڪي هئي. اتفاق سان سنڌ جي هڪ ضلعي
۾ فساد پيدا ٿيو. هشام هڪ ٿوري فوج کي پنهنجي ڀاءُ
سفيح کي سردار ڪري اوڏانهن روانو ڪيو هي فوج جنهن
پاسي وڃڻي هئي ان جو رستو ان راجا جي سرحد مان ٿي
گذرندو هو جنهن وٽ عبدالله اشتر پنهنجي ساٿين سان
پناهه وٺي ويٺل هو ۽ ڏينهن رات سير ۽ شڪار ۾ مشغول
رهندو هو. سفيح جي ساٿين ويندي ويندي پنڌ ۾ ڪجهه
دز ڏٺي جيڪا ڪنهن لشڪر جو ڌوڪو ڏيندڙ هئي، مسلمان
هوشيار ٿي اڳتي وڌيا. دز جو اثر ختم ٿيو ته يارهن
سوار نظر آيا. پڇيو ويو ته معلوم ٿيو ته عبدالله
اشتر وارا آهن جيڪي سنڌو درياءَ جي ڪنارن جي ساوڪ
۽ ٻيٽن جي تفريح لاءِ نڪتا آهن. سفيح جيڪو نبوت جي
اهل بيت جي محبت ۾ پنهنجي ڀاءُ هشام جي بلڪل ابتڙ
هو سڀني لشڪر وارن کي حڪم ڏيئي ڇڏيو ته گهيرو ڪري
گرفتار ڪريو. ساٿين ۾ جيڪي سنجيده ۽ ديندار ماڻهو
هئا انهن انهيءَ ارادي کان جهليو ۽ چيو ”هي رسول
الله ﷺ جي يادگار ۽ فاطمه جي نسل مان آهن. کين نه
ستايو. ڏسو باوجود خلافت جا حڪم هلندا اچن پر خود
اوهان جو ڀاءُ هشام اڄ تائين انهن حڪمن کي
خوبصورتي سان ٽاريو ۽ اوهان کي به اهو ئي جڳائي ٿو
ته پنهنجي ڀاءُ جي واٽ تي هلو. انهن ڳالهين تي
سفيح ڏاڍو ڏمريو ۽ چيو رسول الله ﷺ جي يادگار آهن
ته هجن آءُ ته ڪڏهن به نه ڇڏيندس. پر جيڪو به کيس
جهلڻ ۾ آنا ڪاني ڪندو ان جو به خير ناهي. رحمدل
مشير لاچار ٿي خاموش ٿي ويا ۽ سفيح انهن کي گهيرو
ڪرڻ ۽ حملو ڪرڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو. عبدالله جي
زندگي جيتوڻيڪ ڪجهه ڏينهن کان هڪ امن امان جي
خاموشي ۽ شاهاڻي عيش عشرت سان گذري رهي هئي پر آخر
سندس رڳن ۾ هاشمي رت ڊوڙي رهيو هو ۽ غيرت ۽ فاطمي
شجاعت ان جي طبيعت ۾ هو جڏهن ڏٺائين ته ماڻهو وڙهڻ
لاءِ تيار آهن ۽ جان وٺڻ جا گهورا آهن تڏهن پنهنجي
جانثار ساٿين کي للڪاريائين ۽ سفيح جي ساٿين تي هڪ
غضبانڪ شينهن وانگر ڪڙڪي پيا. پنهنجي بهادري وارن
حملن سان هن سفيح جي ڪجهه ساٿين کي ماري وڌو ۽ نيٺ
وڙهندي وڙهندي شهيد ٿي ويا ۽ سندس ڏهن ئي ساٿين به
آخرت جي سفر ۾ ان جو پورو ساٿ ڏنو. جڏهن سفيح ان
واقعي جي اطلاع هشام کي ڏني ته ڏاڍو غمگين ٿيو.
خلافت جو اهڙو ڊپ لڳو هئس جو ڀاءُ کان ڪنهن قسم جي
پڇا ڳاڇا نه ڪري سگهيو. هاڻي هشام دل ۾ خيال ڪيو
ته اهو ته الله بهتر ڄاڻي ٿو ته عبدالله اشتر جي
خون مان آءٌ ڇٽل آهيان پر جڏهن الله جي مرضي ئي
اهڙي هئي ۽ اها هڪ ٿيڻي ڳالهه هئي ته پوءِ ان مان
جيڪو فائدو ۽ خير خواهي سلطنت لاءِ حاصل ٿي سگهي
ٿي ان کي ڇو ڇڏيان. اهو خيال ڪري هن منصور کي
اطلاع ڪيو ته عبدالله اشتر کي اوهان جي حڪم جي
مطابق مون گرفتار ڪرڻ گهريو پر هو پنهنجي بهادري
سبب زندهه گرفتار نٿي سگهيو ۽ وڙهندي جهڳڙندي جنگ
جي ميدان ۾ مارجي ويو. منصور ان ڪاميابي جي
خوشخبري ٻڌندي ئي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هشام کي ورنديءَ
۾ پنهنجي بي انتها رضامنديءَ سان گڏ هي حڪم ڏنو ته
هاڻي ان راجا تي به حملو ڪريو ۽ کيس ختم ڪري ان جي
ملڪ تي قبضو ڪريو. هشام کي هاڻي ان حڪم جي تعميل ۾
سستي ڪرڻ جو ڪوبه سبب نه هو. ان راجا جو هو ان وقت
خيرخواهه ۽ دوست هو جيستائين هو هڪ رسالت جي گوهر
جو محافظ هو هن بنادير جي حملو ڪري ڏنو ۽ ٿورن ئي
حملن ۾ راجا مارجي ويو ۽ ان جي سڄي حڪومت مسلمانن
جي قبضي ۾ اچي ويئي. عبدالله اشتر جن ڏينهن ۾
هندستان جي سرزمين تي پناهگير هو تن ڏينهن ۾ سندس
حرم ۾ ڪيتريون ٻانهيون هيون جن مان هڪ جي پيٽ مان
اولاد به هو. هشام جڏهن راجا جي پوري ملڪ تي قبضو
ڪيو ته اهي ٻانهيون ۽ ٻار به انهن جي قبضي ۾ آيا
هن انهن سڀني کي عزت ۽ احترام سان منصور وٽ روانا
ڪيا. منصور انهن کي پنهنجي مديني جي عامل وٽ موڪلي
حڪم ڏنو ته کين اهل بيت جي تعلق وارن ۽ بني فاطمه
جي حوالي ڪريو ۽ خوب چڱي طرح يقين ڏياريو ته هي
ڇوڪرو هر طرح قدر لائق اهي ۽ ان جي نسب ۾ ڪنهن قسم
جو شڪ ناهي هي ڇوڪرو مديني جي گهٽين ۾ راند روند
ڪري وڏو ٿيو آهي. سندس نالو محمد بن عبدالله هو ۽
ابن اشتر جي نالي سان مشهور ٿيو. مطلب هي ڇوڪرو
نبوت جي خاندان جو اهو لال هو جيڪو هندوستان جي
جبلن مان مليو.
هشام
عقيدن ۾ عمر بن حفص جو موافق هو ۽ انهيءَ سبب شيعت
سندس ڏينهن ۾ وڌيڪ ترقي ڪئي، پر انهيءَ دور جي
شيعيت اهڙي نه هئي جهڙي اڄ آهي، پهرين ته جيستائين
تاريخ مان پتو پوي ٿو ان ۾ سبيه فرقي جا ماڻهو
جيڪي شيخين کي گهٽ وڌ چوڻ ثواب سمجهندا هئا ۽ تمام
گهٽ هئا ۽ ٻيو اڃا تائين فقط هڪ خيال ۽ راءِ جو
اختلاف هو شيعن ۽ سنين ٻن جدا جدا ۽ اخلاقي فرقن
جي صورت نه پيدا ڪئي هئي نه مسجدون ڌار ڌار هيون،
نه جماعت ۾ ڦوٽ پيل هئي، نه ڌار ڌار فقهه جا ڪتاب
ترتيب ڏنل هئا، بس اختلاف ته ان وقت پيدا ٿيو جڏهن
هڪ پاسي سنين اشاعره جو عقيدو پنهنجي لاءِ چونڊيو
۽ ٻي پاسي شيعن معتزلين جي عقلي ۽ فلسفياڻا عقيدا
پنهنجي لاءِ پسند ڪيا، جنهن کان پوءِ فقهه حديث ۽
سڀني ننڍن کان ننڍن مسئلن ۾ ٻنهي پنهنجي لاءِ ڌار
ڌار ڪتاب لکڻ شروع ڪيا. هشام بن عمرو تغلبي
جيتوڻيڪ اسان جي هندستاني مذاق موجب هڪ شرمناڪ ۽
ذليل طريقي سان سنڌ جي حڪومت حاصل ڪئي پر ان ۾ شڪ
نٿو ڪري سگهجي ته هو وڏو بهادر ۽ نهايت مدبر
حڪمران هو. هن جهڙي سٺي حڪومت ڪئي ۽ جهڙيون سوڀون
۽ ڪاميابيون کيس نصيب ٿيون اهڙيون عباسي دور ۾ ٻي
ڪنهن کي نصيب نه ٿيون. هندستان ۾ فقط هيءُ ئي هو
جنهن پنهنجي فتحن جون لهرون ڪشمير تائين پهچايون ۽
پنهنجي الوالعزمي جا جهنڊا هماليه جي چوٽين تي
جهولايا، جڏهن کيس فتح مندي جو خيال آيو ته هن
پنهنجي هڪ بهادر آفيسر عمرو بن جمل کي ٿوري فوج
سان گڏ ننڍين ننڍين ٻيڙين ۾ سوار ڪري نارند ڏانهن
روانو ڪيو. عمرو بن جمل اوڏانهن وڃي چڪو هو ۽ خود
هشام منصوره ۾ هو ته ڪنهن حوصلي واري مشير صلاح
ڏني ته ”اوهان جي بهادري ۽ حوصلي لاءِ منصوره جو
ميدان ڏاڍو تنگ آهي اوهانک ي ملتان ۾ هلي رهڻ
گهرجي جتان هر پاسي جهاد جا رستا کليل آهن“ اهو
جملو هڪ همٿ واري شخص تي تمام وڏو اثر ڪري سگهيو
ٿي. هشام جي دل ۾ چڀي ويو. هڪدم هن پنهنجي ڀاءُ
بسطام کي کي جانشين ڪري منصوره ۾ ڇڏيو ۽ پاڻ فوج
ترتيب ڏيئي اتر طرف روانو ٿيو ۽ اترين ۽ اولهائين
هندوستان جي پري پري جي پرڳڻن تي حملي آور ٿيو. ان
فتحمندي جي رفتار ۾ هو برابر فتح ۽ ڪاميابي جا
جهنڊا جهولائيندو ڪشمير تائين پهچي ويو. هن ڪشمير
کي فتح ڪري ورتو ۽ اتي جي حسن اپائيندڙ زمين مان
ڪيتريون ئي ٻانهيون ۽ ڪيترائي غلام پنهنجي قبضي ۾
ڪيا. ملتان وارا گذريل فتحن کان پوءِ وري باغي ٿي
ويا هئا. ڪشمير ڏانهن وڌندي هن ملتان تي حملو ڪيو
۽ جلد ئي ان کي پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. ڪشمير مان
واپس اچي قندابيل ۾ پهتو هتي ڪجهه فتني خور عرب
هئا، جن جي هٿان سنڌ جي والين کي اڪثر پريشاني ۾
گذرڻو پوندو هو. هشام قندابيل ۾ داخل ٿي انهن
بغاوت ڪندڙ فسادين کي ڏيهه نيڪالي ڏني. انهن سڪيءَ
جي حملن کان روانو ڪيو هئائين، پر هاڻي خود جهازن
تي سوار ٿي سنڌو درياءَ جي وهڪري سان هليو ۽ عربي
سمنڊ ۾ سفر ڪري قنڌار جي شهرن تي حملو ڪيائين.
قنڌار تي قبضو ڪري اتي جو هڪ بت خانو ڊهرائي
ڇڏيائين ۽ ان جي هنڌ مسجد تعمير ڪيائين ۽ خوب چڱي
نموني فتحياب ٿي خوش ۽ محفوظ منصوره ۾ واپس آيو.
هشام جو زمانو سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڏاڍو برڪت وارو
زمانو هو. سڀني شهرن ۾ امن امان ۽ خوشحالي هئي.
انهن ڳالهين جو نتيجو هي نڪتو ته پڇاڙيءَ ۾ ماڻهو
ان جي نالي کي برڪت ڀريو سمجهندا هئا. ايستائين جو
عرب جي شاعر ان مان فيض وٺڻ جي لاءِ سنڌ ۾ ايندا
هئا. جڏهن ته عرب جي مشهور شاعر مطيع بن اياس سنڌ
ڌرتي تي اچي ان سان مليو هو، پوءِ ان جي عام
مقبوليت سان گڏ ان جي رعب ۽ داٻي جو هي حال هو جو
هر هنڌ ان جي طاقت جي ڌاڪ ويٺل هئي. هر دل ۾ ان جو
رعب ڄميل هو ۽ ڀرپاسي جا ماڻهو ان جي ڊپ کان ڏڪي
ويندا هئا، انهن سڀني خوبين جو گڏيل نتيجو هي نڪتو
ته سندس سڀ ڪم بهتر نموني سان هلي رهيا هئا ۽ آخري
ڏينهن تائين بنا جهجهڪ ۽ پريشاني هلندو رهيو. هشام
جون ڪار گذاريون ڏسي منصور ايتري قدر خوش ٿيو جو
نيٺ هن ڪرمان جي حڪومت به هن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي.
156هه ۾ هو سنڌ، هند ۽ ڪرمان جي ملڪن جي اڇي ڪاري
جو ڌڻي هو. جڏهن ته انهن سڀني ملڪن جو حدون مليل
هيون، تنهن ڪري هن سڀني جو انتظام اهڙي بهتري ۽
شائستگي سان ڪيو جو منصور کي پنهنجي چونڊ جي بهتري
تي پاڻ ئي حيرت ڪرڻي پئي هوندي. جڏهن انهن سڀني
ڪمن مان واندڪائي ٿي چڪي ته وطن جي سڪ ان کي پاڻ
ڏانهن ڇڪيو. هن خليفي منصور جي خدمت ۾ پيش ڪرڻ جي
هتان اهڙيون عمديون عمديون سوکڙيون پاکڙيون کڻي
ويو جو ان کان اڳ ڪڏهن ڪنهن زماني ۾ هندستان مان
نه ويون هيون، انهن سڀني کي پاڻ سان گڏ کڻي عراق
روانو ٿيو. بغداد ۾ پهچي هن نهايت سرخروئي سان
خليفي منصور جي اڳيان ڪنڌ نمايو. منصور انعام
اڪرام ذريعي هن کي ان جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني،
ان وقت کان هشام بغداد ۾ ئي رهيو. پر افسوس جو وطن
جي دلچسپين مان دل ڀري لطف نه ورتو هئائين جو موت
جو پيغام اچي ويو ۽ آخر 157هه ۾ بغداد پهچڻ کان
ٿورا ئي ڏينهن پوءِ هن داعي اجل کي لبيڪ چيو ۽ قبر
حوالي ڪيو ويو. هشام کان پوءِ منصور سنڌ جي حڪومت
تي معبد بن خليل تميمي کي موڪليو، جنهن بابت چيو
وڃي ٿو ته ان ڏاڍي نيڪ نامي سان حڪومت ڪئي.
ايستائين جو 158هه زماني پاسو ورايو. خليفو منصور
وڃي مٽيءَ ڀيڙو ٿيو ۽ خليفي مهدي جي گلي ۾ خلافت
جو هار پارايو ويو. خليفي مهدي خلافت جي تخت تي
ويهندي ئي عمر بن عبدالعزيز وانگر سڀني زمين جي
بادشاهن جي نالي خط لکيا جن ذريعي کين دين اسلام
ڏانهن مدعو ڪيل هو. ڪيترن بادشاهن ان جي فرمانن
اڳيان جلدي ڪنڌ جهڪايو. جيتوڻيڪ جن بادشاهن مهدي
جي صلاح مڃي ورتي انهن مان هڪ ته سنڌ جو بادشاهه
هو جيڪو ”راءِ“ جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو ۽
هندوستان ۾ هڪ ٻيو وڏو راجا هو جنهن جو نالو مهراج
ٻڌايو وڃي ٿو. چيو وڃي ٿو ته هو ان قديم پور مهدي
جي دولت جو وارث هو جنهن سڪندر رومي جي اڳيان
سامهون ٿيو هو. معبد بن خليل جي ڏينهن ۾ جاٽ ماڻهن
شورش ۽ فساد جو بازار گرم ڪيو هو. مهدي جي خلافت
جي ٻي سال ئي يعني 159هه ۾ سنڌ جو والي معبد بن
خليل قتاه موت جو جام پيتو ته مهدي ان جي جڳهه
پنهنجي وزير ابو عبدالله جي اشاري سان روح بن حاتم
کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو، روح پهتو ۽ چڱي طرح ملڪي
ڪار وهنوار پنهنجي هٿ ۾ به نه ورتو هئائين جو جاٽن
جيڪي سنڌ ۽ هند جي اولهندين پرڳڻن ۾ گهڻائي سان
آباد هئا هر پاسي کان اٿي پيا، انهن ۾ اهڙو جوش ۽
جذبو پيدا ٿيو جو روح کان ڪجهه ڪندي نه ٺهي سگهيو.
نيٺ مهدي کي سال به ٿيڻ نه ڏنو روح کي هٽائي ڇڏيو
۽ سنڌ حڪومت بسطام بن عمر جي هٿ ۾ ڏني. اهو بسطام
بن عمرو هشام بن عمرو جو ڀاءُ آهي جيڪو منصور جي
ڏينهن ۾ ڏاڍي ڌام ڌوم ۽ شان شوڪت سان سنڌ تي حڪومت
ڪري چڪو هو. ان جي ڏينهن ۾ ڪجهه عرصي تائين منصوره
جي حڪومت قائم مقام طور ان جي هٿ ۾ رهي چڪي هئي ۽
هشام جي بغداد واپس وڃڻ کان پوءِ به ڪجهه ڏينهن هي
ئي حڪمران رهي چڪو هو، جنهن سبب اميد هئي ته
پنهنجي گذريل تجربن جي مدد سان هي ڏاڍي بهتر حڪومت
ڪري سگهندو. پر مهدي جي تبديلي پسند طبيعت جلدي
ڪيو ۽ 161هه جي شروعاتي ڏينهن ۾ ان کي هٽائي حڪومت
جون واڳون وري روح جي هٿ ۾ ڏنيون جيڪو بسطام کان
پهرين ٿورن ئي ڏينهن ۾ نالائق ثابت ٿي ان عهدي تان
هٽايو ويو هو.ٻي سال وري روح جي مقدر وري اهو ئي
ناڪامي جو رنگ ڏيکاريو ۽ 161 هه ۾ ان جي جڳهه نصر
بن محمد بن اشعث خزاعي کي مقرر ڪيو. نصر اڃان والي
مقرر ٿي ويو ئي هو جو انهيءَ سال مهدي سنڌ جي
معاملن جو مسئلو محمد بن سليمان بن علي هاشمي جي
هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو. جنهن نصر کي جلدي هٽايو ۽
عبدالملڪ بن شهاب سمڪي کي مقرر ڪري روانو ڪيو.
جيڪو هاڻي هلندڙ سال خود مهدي جي حڪم سان هندسان م
جهاد ڪري ۽ طوفان ۾ مبتلا ٿي واپس آيو هو ۽ جنهن
کي پنهنجي گذريل محنتن کان پوءِ اڃا سٺي نموني ٿڪ
ڀڃڻ ۽ ساهي پٽڻ جو به موقعو نه مليو هو. ابن شهاب
جي ايذائن جو قصو هي آهي ته 159هه ۾ مهدي هن کي هڪ
وڏي فوج تي سردار مقرر ڪيو. نامور بهادر ربيع بن
صبيح کي ان جو ٻانهن ٻيلي بنائي گڏ موڪليو ۽ حڪم
ڏنو ته سنڌ جي واليءَ سان عليحدگي ۾ خاص طور تي
وڃي سواحل هند تي جهاد ڪريو. ابن شهاب ۽ ان جا
ساٿي جهازن تي سوار ٿي سواحل تي لنگر انداز ٿيا ۽
ويندي ئي باربد شهر تي حملو ڪيو. شهر وارن پهرين
ته مقابلو ڪيو پر جڏهن عربي تلوارن سندن حوصلو
خطاب ڪيو تڏهن نوڙت سان ديوتائن جي مدد جي آسري تي
بت خاني ۾ وڃي پناهه ورتائون. عبدالملڪ جي جاهل
لشڪرن وارن شهر ۾ گهڙي بت خاني کي باهه ڏني جنهن
جو هي افسوس ناڪ نتيجو نڪتو جو ڪجهه شهر وارا مندر
۾ ئي سڙي رک ٿي ويا ۽ جيڪي نڪري ڀڳا اهي عربي
تلوارن جو بک بڻيا. ان حملي ۾ عبدالملڪ بن شهاب جي
لاپرواهي ۽ بي ڌياني جو هي نهايت ئي بڇڙو نتيجو
نڪتو جو مسلمان فاتحن جي پلاند تي تمام وڏي ظلم جو
ٽڪو لڳي ٿو. جيڪو خود مذهب اسلام جي حساب سان سخت
جهليل آهي ۽ نهايت ئي نفرت لائق آهي، خود حضرت نبي
سائين ﷺ جن فرمائن ٿا ته ”لا تعذبوا بالنار“ ڪنهن
کي باهه ۾ نه ساڙيو. جڏهن ته انهيءَ بنياد تي
اسلام ۾ هميشه هي عيب رهيو ته ڪوبه ڪنهن کي جلائڻ
جي سزا نه ڏي ۽ اهو ئي سبب هو ته مسلمانن پنهنجي
حملي آوري ۽ جهاد جي ڏينهن ۾ ٻين مهذب ۽ غير مهذب
ٻنهي قسم جي فاتحن وانگر ڪنهن شهر ۾ ڪڏهن باهه نه
لڳائي. ۽ جيڪڏهن ڪوبه اتفاق سان ائين ٿيو هوندو ته
انهي ابن شهاب جي واقعي وانگر الڳ ۽ مذهبي طور
نفرت جي قابل، چيو وڃي ٿو ته انهيءَ لڙائي ۾
مسلمانن جون تمام گهٽ زندگيون ضايع ٿيون. فقط ويهه
پنجويهه ماڻهن جي قرباني سان شهر فتح ٿي ويو. پر
ناجائز ظلم جو بدلو وٽائن خدا انهن مسلمانن کان
وٺي ڇڏيو ۽ فتحمندي وقت قتل ٿيلن جي جيڪا تذليل
هئي اها هڪ ٻي طرح پوري ٿي. تمام گهٽ اهڙا مسلمان
هئا جيڪي چڱا ڀلا ٿيا هجن. جڏهن باربد شهر فتح ٿي
چڪو ته مجاهد وڻندڙ آب هوا جي انتظار ۾ هئا ته
سمنڊ جي گجگوڙ ۽ طوفان جي گهٽن کان پوءِ واپسي جو
ارادو هئن، هڪدم هڪ وبا پيدا ٿي جنهن ۾ مسلمانن
جون گهٽ ۾ گهٽ هزار زندگيون ضايع ٿيون. انهن وبا
جي شهيدن ۾ ريبع به هو جنهن کي ابن شهاد خليفي جي
حڪم پٽاندر پنهنجو ٻانهن ٻيلي سمجهندو هو. انهيءَ
وبا کان مسلمان ايتري قدر بي حواس ٿيا جو گهٻرائي
موسم جو به خيال نه ڪيائون جهاز تي سوار ٿي روانا
ٿيا. ڪجهه پري تائين ته هوا ساٿ ڏنو پر نيٺ طوفان
اچي ويو هڪ آفت نصيب ٿي، رات جو حمران جي ساحل
تائين پهتا هوندا جو هوا جي جهوٽن زور ڀريو ۽ جهاز
طوفاني لهرن سان ٽڪرائجڻ لڳو. قريباً گهڻو جهاز
ٻڏي ويو ۽ شايد ڪو اهڙو ئي خوش نصيب هوندو جيڪو
پنهنجي جان موت جي هٿان بچائي وٺي ويو هوندو ۽ اها
خوش نصيبي يقين سان فوج جي سالار ابن شهاب سمعي جي
قسمت ۾ هئي جيڪو ٽي اسل 161 هه ۾ مستقل طور تي سنڌ
جو والي مقرر ٿي سنڌ پهتو. خليفي مهدي کان وڌيڪ
غير مستقل مزاج ۽ تغير پسند بادشاهه شايد دنيا ۾
گهٽ ٿيا هوندا ۽ ڪنهن ملڪ جي ڪاروهنوار ۾ شايد ان
همٿ کان ڪم ورتو هجي. پر هندستان جي حڪومت سان
جيڪو سندس سلوڪ رهيو اهو ته هي ئي هو. هاڻي ان کان
وڌ ڇا هوندو جو پنهنجي يارهن سالن جي بادشاهت ۾ هن
سنڌ ۾ ٻارهن والي مقرر ڪيا ۽ ان بي اعتباري سان جو
ڪجهه هند جي سرزمين تي پهتا پر اڃان اتي جي ڪار
وهنوار کي هٿ ۾ وٺي سمجهي ئي نه سگهيا جو ايتري ۾
برطرف ڪيا ويا ۽ ڪن کي ته واٽ ۾ ئي هٽجڻ جو پروانو
ملي ويو ان کان اڳ جو سواءِ هند جي صورت به ڏسڻ
نصيب ٿي هجي اڌ ته پري وڃي واپس آيا . عبدالملڪ بن
شهاب سمعي جڏهن 161 هه ۾ سنڌ جو والي مقرر ڪيو ويو
ته هن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي سترهين ڏينهن معزولي جو
پروانو حاصل ڪيو. مهدي محمد بن علي هاشمي جي هٿان
هند جي حڪومت جو انتظام ڪڍي ورتو ۽ ابن شهاب جي
جاءِ تي نصر بن محمد بن اشعث کي ٻيهر مقرر ڪيو.
نصر سڀ کان وڌيڪ بدقسمت هو. اڃان واٽ ۾ ئي هو ۽
سنڌ ڌرتيءَ تي پير به نه رکيا هئائين جو هٽجڻ جو
حڪم مليو ۽ اڌ پنڌ تان موٽي آيو. هاڻي مهدي جڳ
جهان کان بدگمان ٿي سنڌ جي حڪومت خاص پنهنجي
خاندان وارن کي ڏني ۽ زبير بن عباس کي جيڪو قثم بن
عباس جي نسل مان هو سنڌ جو والي مقرر ڪيو پر
سولائيءَ سان سمجهي سگهجي ٿو ته شاهي خاندان وارن
جي نازڪ طبعي ۽ آرام پسندي ڀلا ايتري وڏي پنڌ ۽
پري پري ۽ اهڙين تڪليفن ۽ پريشانين کي ڪيئن گوارا
ڪري سگهي ٿي؟ انهن بغداد مان ئي ويٺي ويٺي حڪومت
ڪرڻ گهري پاڻ ته گهر ۾ رهيا ۽ اتان کان حڪم جاري
ڪرڻ شروع ڪيائون جيڪي ڳچ عرصي کانپوءِ رسندا هئا ۽
بي انتظامي ڏينهون ڏينهن وڌندي رهندي هئي. نيٺ
مهدي کي اهو معلوم ٿيو ته ان جي تغير پسند طبيعت
ڪنهن طرح گوارا نه ڪري سگهي ته هڪ وسيع ۽ پري جي
بادشاهت تي ايئن لاپرواهي سان حڪومت ڪئي وڃي. تڏهن
هن زبير بن عباس کي به هٽايو ۽ مصبيح بن عمرو
تغلبي کي جيڪو هشام بن عمرو جو ٽيون ڀاءُ هو سنڌ
جو والي مقرر ڪيو، مصبيح سنڌ ۾ پهچي سنڌ جي حڪومت
پنهنجي هٿ ۾ ورتي پر ان جي زماني ۾ اهڙي بدامني
رهي جو سنڌ ۾ رهندڙ عربن وچ ۾ يماني ۽ تراري تعصب
جو جهڳڙو پيدا ٿي پيو ۽ هي پهريون وقت آهي جو انهي
منحوس تعصب هن ڌرتي تي فتني ۽ فساد جي باهه
ڀڙڪائي، مصبيح کان ڪجهه نه ٿيو ۽ اهو فساد
ايستائين وڌيو جو ان جي شڪايت مهدي تائين پهتي.
ڪجهه ڀروسي جهڙن مورخن جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو
ته ان زماني ۾ يا ان کان ڪجهه ڏينهن پوءِ عمرو بن
هشام تغلبي جي پٽ عبدالله بن هشام جي هٿ ۾ به سنڌ
جي حڪومت جي واڳ ڏني ويئي، جيڪو وڏو سخي ۽ ڏاتار
مشهور هو ۽ ابوالنصر عرب جي مشهور شاعر ان جي شان
۾ ڪجهه شعر چيا هئا جن جي ڏاڍي مشهوري ٿي. خير
هاڻي مهدي مصبح کي به هٽائي ڇڏيو ۽ پنهنجي غلام
ليث بن ظريف کي حاڪم مقرر ڪري روانو ڪيو. هي ٻه
ڀاءُ هئا، ليليٰ بن ظريف ۽ ليث بن ظريف اصل ۾ ڪوفي
۾ ڄاوا هئا ۽ ڪنهن ڪوفي جي رهاڪو عرب جا غلام هئا.
علي بن سليمان انهن ٻنهي کي ان شخص کان خريد ڪري
خليفي ابو جعفر منصور جي نذر ڪيو هو. منصور اهي
ٻئي غلام مهدي کي ڏيئي ڇڏيا. مهدي کين آزاد ڪيو ۽
پنهنجي ڏينهن ۾ کين وڌايو. جڏهن ته ليليٰ بن ظريف
ترقي ڪري اهواز جو حاڪم مقرر ٿيو ۽ ليث جي قسمت ۾
سنڌ جي حاڪميت لکيل هئي. جيڪو حڪومت جو پروانو وٺي
هتي پهتو. هتي اچي منصوره ۾ رهي پيو ۽ فقط مهينو
ئي سک سان ويٺو هوندو ته هڪدم جاٽن گوڙ ۽ هنگامو
مچائي ڏنو، هر پاسي ان فتني خور گروهه جو زور ٿي
ويو ۽ سلطنت جي پاران هزارين جتن ڪيا ويا پر ان
بدنصيب ۽ شامت زده قوم ڪنهن طرح سرت کان ڪم نه
ورتو. جڏهن ڪو علاج ڪارگر نه ٿيو ته ليث ڪاوڙ ۾
اچي تلوار کنئي، جنهن ٿورن ئي ڏينهن ۾ جاٽن جو
نالو ئي ميساري ڇڏيو. گهڻا تلوار جو گرهه ٿيا ۽
جيڪي بچيا ڀڄي ڀڄي ٻين پرڳڻن ۾ وڃي پناهه ورتائون.
ان ۾ شڪ ناهي ته ليث وڏو خوش نصيب شخص هو جنهن کي
مهدي جي ڏينهن ۾ پڇاڙي تائين سنڌ جي حڪومت تي
اختيار هلائڻ جو موقعو مليو ۽ 165 هه ۾ جڏهن جاٽن
جو گوڙ شور ۽ هنگامو زورن تي هو ۽ ليث هر قسم جي
تدبير ڪري ٿڪجي پيو هو. ان فساد کي لڳاتار هڪ ٻه
سال جي ڊيگهه به ٿي چڪي هئي مهدي حج جي سفر جو
ارادو ڪيو. رستي ۾ خبر پئي ته اڳتي جي ريگستاني
منزلن ۾ پاڻي بلڪل ناهي. ان خيال سان هو هڪ منزل
تي ترسي پيو. اتي ئي رهيل هو ته خبر آيس ته سنڌ ۾
فتنو ۽ فساد چوٽ چڙهيل آهي. مهدي اهو ٻڌي اتان
ويٺي ويٺي فوج جو بندوبست ڪيو ۽ هڪ فوجي لشڪر
ترتيب ڏيئي بصري روانو ڪيو جتان جهاز ۾ سوار ٿي هو
سنڌ ويا. انهيءَ لشڪر جي مدد سان ليث جاٽن تي فوجي
قانون مڙهيو جنهن ۾ اڄ تائين ڇنڊڇاڻ کان تمام گهٽ
ڪم ورتو ويندو آهي. مهدي اهو لشڪر روانو ڪري بغداد
واپس آيو ان لاءِ ته پاڻي جي کوٽ کيس عرب جي رڻن ۾
قدم کڻڻ کان بلڪل روڪي ڇڏيو. بغداد ۾ پهچي چئن
سالن تائين هن وڏي صلاحيت کان ڪم ورتو جو سنڌ کي
خوش قسمتي سان ڪنهن نئين والي جي شڪل ڏسڻي نه پئي.
آخر هتي جي حڪومت ليث جي ئي هٿ ۾ هئي جو 169 هه ۾
مهدي آخرت جو سفر ڪيو ۽ خلافت جو تاج سندس پٽ هادي
جي مٿي تي رکيو ويو. هادي کي حڪمراني جي تمام گهٽ
مدت ملي. تخت ڌڻي ٿيڻ کان ٺيڪ هڪ سال ٽي مهينا
پوءِ کيس فنا جو پيالو پيئڻو پيو، انهن ڏينهن ۾
شايد کيس سنڌ جو خيال به ڪڏهن دل ۾ آيو هجي جتي
ليث بن ظريف بي کٽڪو حڪومت ڪندو رهيو.
|