باب ٻِيو
بنو
اميه جو باقي رهيل دور خلافت
حبيب
سنڌو درياءَ جي ڪناري تي خيمي ۾ ئي هو ته سليمان
بن عبدالملڪ وڃي قبر ڀيڙو ٿيو ۽ عمر بن عبدالعزيز
جي عالماڻي ۽ ديندار خلافت شروع ٿي. عمر بن
عبدالعزيز خلافت جي تخت تي ويهندي ئي يزيد بن مهلب
کي ان الزام تي ته هو ظالم آهي ۽ سندس مٽ مائٽ به
ظالم ۽ بي ترس آهن بصري ۽ خراسان جي حڪومت تان
هٽايو ۽ عراق جي والي عدي بن ارطاته کي لکيو ته
يزيد بن مهلب کي هڪدم گرفتار ڪري. عدي ان حڪم جي
تعميل جي لاءِ موسيٰ بن حليبه حميري کي روانو ڪيو.
جنهن پهچندي ئي يزيد کي گرفتار ڪري خليفي عمر بن
عبدالعزيز جي درٻار ۾ روانو ڪيو. عمر بن
عبدالعزيز، يزيد کان اها رقم گهري جنهن بابت هن
گذريل خليفي سليمان کي لکيو هو ته خمس جرجان مان
اڳاڙي ويئي آهي ۽ عنقريب رواني ڪرڻ وارو آهيان.
يزيد انڪار ڪيو ۽ چيو مون رڳو ظاهري طور مرحوم
خليفي کي لکيو هو نه ته آئون ڄاڻندو هوس ته نه مون
کي موڪلڻي پوندي ۽ نه خليفو مون کان گهر ڪندو.
عبدالعزيز چيو هي مسلمانن جو مال آهي ان ۾ سليمان
کي يا مونکي معاف ڪرڻ جو ڪو حق حاصل ناهي. پوءِ
يزيد بن مهلب سان عمر بن عبدالعزيز ذري گهٽ اهو ئي
سلوڪ ڪيو جيڪو محمد بن قاسم سان ڪيو ويو هو. قيد
گهر ۾ موڪليو ويو پوءِ هڪ ڏينهن ميرا ڪپڙا پارائي
۽ اٺ تي چاڙهي ساري شهر ۾ گمايو ويو. ماڻهن اچي
عمر بن عبدالعزيز کي چيو يزيد بن مهلب جي
گهٽتائيءَ سان سندس قوم وارا ڏاڍا مڇريل آهن،
ائينءَ نه ٿئي جو هلان ڪري ڇڏائي وٺن. چڱو ائين
آهي ته کيس قيد گهر ۾ ئي پيو رهڻ ڏجي. عمر بن
عبدالعزيز ان راءِ مطابق کيس قيد گهر ۾ وجهي ڇڏيو
۽ ان کي قيد ۾ ئي رهي رهي ايترو عرصو گذري ويو جو
يزيد بن عبدالملڪ جي خلافت شروع ٿي. ان وقت موقعو
ملندي هو قيد گهر مان نڪري ڀڄي ويو ۽ نيٺ وڏين
ڏکاين سان ڪيترين رتو ڇاڻن کان پوءِ 102 هه ۾
مارجي ويو. خليفي عمر بن عبدالعزيز پنهنجي زماني ۾
اها ٽين ۽ نهايت بهتر ڪارروائي ڪئي جنهن سان دراصل
حجت جو پورو ٿيڻ خاص مقصد هو ته 100 هه ۾ سڀني
هندستان جي راجائن نالي خط اماڻيا جنهن ۾ پهرين ته
دين اسلام ڏانهن دعوت ڏنل هئي ۽ انڪار جي صورت ۾
سڀني کي هدايت هئي ته اسلام جي جهنڊي اڳيان ڪنڌ
نمائين. ان سان گڏ ٻڌايو هو ته ان صورت ۾ انهن جا
به اهي حق ٿيندا جيڪي عام طرح مسلمانن جا آهن ۽
سندن فرض به مسلمانن وانگر هڪجهڙا هوندا. هند وارن
کي عمر بن عبدالعزيز جي بهترين خصلتن ۽ ان جي
دينداري ۽ سچي نيڪ نفسي جو حال به معلوم ٿي چڪو
هو. راجا ڏاهر جو پٽ جي سنگهه سياسي مصحلت سان
مسلمان ٿيو، جنهن سان خود پاڻ کي نقصان رسيو. ٻين
راجائن دل سان ايمان قبول ڪيو. هي ئي وقت آهي جڏهن
کان سنڌ وارن ۾ عربي اخلاق ۽ عادتون پيدا ٿيا ۽
انهن عربن جهڙا پنهنجا نالا به رکڻ شروع ڪيا. عمر
بن عبدالعزيز جتي يزيد بن مهلب کي مصر جي حڪومت
تان هٽايو اتي حبيب بن مهلب کي به سنڌ سرڪار مان
هٽايو ۽ ان جي جڳهه عمر بن مسلم باهلي کي سنڌ ڌرتي
جي حڪومت تي سرفراز ڪيو. اهو عمر بن مسلم قتيبه بن
مسلم جو ڀاءُ هو جنهن ترڪستان ۾ ڪاشغر تائين فتح
ڪري ۽ ڏاڍي وڏي ناموري حاصل ڪئي. سليمان بن
عبدالملڪ جي مڇريل طبيعت تي پنهنجي پاڻ قربان ڪيو
هو. جنهن جي تقدير جيئن اسين مٿي بيان ڪري آيا
آهيون. محمد بن قاسم جي تقدير سان عروج ۽ زوال
ملندڙ جلندڙ آهي. عمرو بن مسلم باهلي سنڌ ۾ داخل
ٿيندي ئي ڪجهه هندستان جي پرڳڻن تي حملي آور ٿيو ۽
فتح حاصل ڪئي. هو خلافت جي فرمان مطابق سنڌ جي حدن
۾ قصي علائقي تي حملي آور ٿيو. جيڪو جالنڌر لڳ هو
۽ ان کي فتح ڪري اسلامي شهرن ۾ شامل ڪيو. هتي جو
راجا ملهار سڏائيندو هو. هاڻي عمر بن عبدالعزيز
بيمار ٿيو ۽ مرض ڊيگهه ڪئي. يزيد بن مهلب قيد گهر
۾ ڊنو ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو خليفو انهي مرض ۾ مري
وڃي ۽ يزيد بن عبدالملڪ جو زمانو شروع ٿي. ان لاءِ
ته يزيد بن عبدالملڪ کان وڌيڪ ڪو دشمن يزيد بن
مهلب جو ان زماني ۾ نه هو ان جو ڪارڻ هي هو ته
سليمان بن عبدالملڪ جي عهد ۾ جڏهن يزيد بن مهلب
حجاج جي خاندان جي ماڻهن کي پڪڙيو ته ان ۾ يزيد بن
عبدالملڪ جي گهر واري به هئي، جيڪا حجاج جي ڀائٽي
هئي. يزيد بن عبدالملڪ جي عمر بن عبدالعزيز کان
پوءِ خليفي ٿيڻ جي لاءِ مسلمانن کان بيعت وٺجي چڪي
هئي. پنهنجي زال لاءِ پاڻ ڊوڙي وڃي يزيد بن مهلب
جي گهر ويو ۽ ان جي آزادي جي درخواست ڪيائين. يزيد
بن عبدالملڪ هزارين جتن ڪيا پر پٿر دل ابن مهلب
ذرو به خيال يا لحاظ نه ڪيو. نيٺ يزيد بن عبدالملڪ
هڪ لک دينار ڏيئي پنهنجي زال کي ته ڇڏائي آيو پر
يزيد بن مهلب ڏانهن ڏسي ايترو چيو ته ”ڀلو
ڀائيندس“ ان تي يزيد ابن مهلب مڇرجي چيو ”ڇا
ڀائيندين“ جيڪڏهن تون خليفو ٿي وئين ته خدا جو قسم
توتي هڪ لک تلوارن سان وار ڪندس“ يزيد ابن
عبدالملڪ دل ئي دل ۾ ڏند ڪرٽي هليو آيو ۽ ڪجهه نه
ٻوليائين. ان ڳالهه جو پورو کٽڪو يزيد ابن مهلب جي
دل ۾ موجود هو. جڏهن هن ڏٺو ته عمر بن عبدالعزيز
موت جي ويجهو آهي ته ڏاڍو ڊنو ۽ گهڻو ڪجهه پئسو
خرچ ڪري قيد گهر مان نڪري ڀڳو ۽ آزادي حاصل ڪرڻ
کان پوءِ عمر بن عبدالعزيز کي هڪ خط لکي موڪليو
جنهن جو مضمون هي هو ته جيڪڏهن اوهان جي صحت جو
آسرو هجي ها ته آءٌ قيد گهر مان نه نڪران ها، پر
هاڻي مون کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن يزيد بن عبدالملڪ جي
هٿ ۾ خلافت آئي ته هون مون کي ڏاڍو بري طرح سان
ماريندو. نيٺ زماني به عمر بن عبدالعزيز جي مقدس
خلافت جو پنو اٿلايو ۽ يزيد بن عبدالملڪ خليفو
ٿيو. ان جي خلافت ۾ آل مهلب تي ڏکيا ڏينهن آيا ۽
جهڙي طرح سليمان جي ڏينهن ۾ حجاج جي خاندان جو قتل
۽ پاڙ پٽيائين، اهڙي طرح هاڻ مهلب خاندان جو خاتمو
ٿيڻ لڳو. يزيد بن عبدالملڪ تخت تي ويهندي ئي عدي
بن ارطات کي تاڪيدي حڪم موڪليو ته يزيد بن مهلب
پنهنجي مٽن مائٽن سميت گرفتار ڪيو وڃي، پر يزيد بن
مهلب به ان کان غافل نه هو. هن ڪوشش ڪئي ته نتيجو
کڻي ڪهڙو به نڪري پر يزيد بن عبدالملڪ کي اهو ئي
ڪري ڏيکاري جنهن جو واعدو ڪيو هئائين. هن پنهنجي
طاقت ۽ پنهنجي اثر سان اوڀر جي سڀني شهرن ۽ حڪومتن
تي قبضو ڪري ورتو. هڪ پاسي ته اها ڪارروائي ڪيائين
جو پنهنجي طرفان والي ۽ حاڪم مقرر ڪري اهواز،
فارس، ڪرمان، مڪران ۽ سنڌ سڀني ملڪن ۾ جيڪي اٽڪ
درياءَ جي ڪنارن تي پکڙيل هئا، موڪلي ڇڏيا. سنڌ
جڏهن ته دارالخلافت کان تمام پري هو پنهنجو آخري
ٺڪاڻو ٺاهيو ۽ وداع بن حميد ازدي کي پنهنجي طرفان
روانو ڪيو ته سنڌ جي دنگائي شهر قندابيل کي مضبوط
ڪري ۽ وڏين وڏين فوجن جي مقابلي جي لاءِ تيار رکي
۽ ٻي طرف فوجون ترتيب ڏيئي خلافت جي لشڪر سامهون
سينو تاڻي بيٺو ۽ پنهنجي فوج ۽ مختلف قومن ۾ اها
گونج بلند ڪيائين ته سڀ کان اڳ اهو فرض آهي ته شام
وارن تي جهاد ڪيو وڃي. ان جهاد ۾ ڪافرن تي جهاد
ڪرڻ کان به وڌيڪ ثواب آهي. اها ڪوشش اهڙي هئي جو
شايد بني اميه جي قسمت مقرر ٿيل وقت کان اڳ تبديل
ڪري ڇڏيندو. پر ٿيو ائين جو سڀئي وڏا وڏا عالم هن
جي خلاف هئا ۽ سڀ خلافت جي ئي تاڪيد ڪري رهيا هئا.
يزيد بن مهلب اهڙي بهادري سان وڙهيو جو ابتدائي
حملن ۾ هن عدي به ارطاته کي گرفتار ڪري ورتو، پوءِ
واسطه شهر کي پنهنجو ٺڪاڻو مقرر ڪيو. پنهنجي پت
معاويه کي پنهنجو جانشين ڪري واسطه ۾ ڇڏيو عدي بن
ارطاته ۽ سندس سڀني مٽن مائٽن کي گرفتار ڪيو. هتي
معاويه جي حراست ۾ ڇڏي پاڻ اڳتي وڌيو ته بصري جي
فوج سان مقابلو ڪري. لڙائي ڪيترائي پاسا بدليا پر
نيٺ نتيجو اهو ئي ٿيو ته يزيد بن مهلب جنگ هلندي
مارجي ويو ۽ ان جا سڀئي ساٿي ۽ مٽ ڪڻو ڪڻو ٿي ويا.
معاويه بن يزيد بن مهلب جيڪو واسطه شهر ۾ هو ان کي
پنهنجي پيءُ جي بدقسمتيءَ جي خبر پهتي ته مڇرجي
اٿيو. عدي بن ارطاته وغيره کي جيڪي سندس قيد ۾ هئا
اتان کان ڪڍي پنهنجي سامهون سڀني جا ڪنڌ ڀڳائين ۽
پيءُ جي دشمنن کي قتل ڪري پنهنجو ڪليجو خوب ٿڌو
ڪيائين. پوءِ سڀني مٽن مائٽن ۽ تعلق وارن کي گڏ
وٺي مخفي طور بصري ۾ آيو ۽ سندس چاچي مفضل هڪ ٻيڙو
مرتب ڪيو جنهن سان گڏ ئي معاويه پنهنجي سڀني مٽن
مائٽن ۽ سڀني تعلق وارن کي وٺي اوڀر جي واٽ ورتي ۽
مڪران جي ڪنارن تي پهچي ڪري لنگر هنيائين. هتي به
جيتوڻيڪ ڪيترائي مهاڏا پيش آيا، پر هو وڙهندو
جهڳڙندو پنهنجي خاندان ۽ مٽن مائٽن جي عورتن، مردن
۽ ٻارن ٻچن جي قافلي کي وٺي قندابيل تائين پهچي
ويو. وداع جنهن کي هن جي پيءُ پنهنجي پاران
قندابيل موڪليو هو ان جو ساٿ ڏيڻ ۾ ڪو فائدو نه
ڏٺو ۽ خلافت جي طرفداري اختيار ڪيائين. اتفاق هتي
ان زماني ۾ هلال بن احوز تميمي اچي پهتو جيڪو
خلافت جي طرف کان انهن ماڻهن جي پٺ ۾ بڇيل هو،
مطلب هي ماڻهو شاهي فوج ۾ ڦاسي پيا. لاچار سڀني
لڙائي لاءِ آمادگي ظاهر ڪئي. هلال پنهنجي پاران
خلافت جو جهنڊو مٿي ڪيو. مهلب جي خاندان وارن اها
غنيمت سمجهي هڪدم هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ هٿ ٻڌي حاضر
ٿيا. هلال انهن سڀني کي جن ۾ پنجاهه عورتون ۽
ڪيترائي ٻار هئا گرفتار ڪري قندابيل شهر اندر وٺي
وڃي سامهون گهرايو ۽ مهلب جي سڀني ويجهن مائٽن جا
ڪنڌ ڀڳائين. مهلب جي پٽن مغضل، عبدالملڪ زياد ۽
مروان ۽ معاويه بن يزيد بن عبدالملڪ وغيره نالي
وارن ماڻهن جا ڪنڌ ڪپي سڀئي سر عورتن ٻارن سميت
دمشق روانا ڪيا. يزيد بن عبدالملڪ انهن سڀني سرن ۽
قيدين کي حلب ۾ عباس بن وليد ڏانهن اماڻيا. انهن
سرن کي لنگهه جي هنڌن ۽ مٿاهن هنڌن تي ٽنگي ڇڏيو ۽
ارادو ڪيو ته عورتن ۽ ٻارن کي وڪڻي ڇڏي. حلب جي هڪ
رئيس جراح بن عبدالملڪ کي انهن ماڻهن جي بي وسي تي
ترس آيو. جنهن هن کي هڪ لک دينار جو واعدو ڪري
سڀني کي آزاد ڪرايو، پر پوءِ ايتري رعايت ڪئي ويئي
جراح کان پئسا نه ورتا ويا. هي واقعو 101 يا 102
هه جو آهي. مهلب جو خاندان جيتوڻيڪ ان زماني ۾
جهڙوڪ صفا ختم ٿي ويو پر جيڪي ٻار جيئرا رهيا هئا
انهن مان ڪن کي اڳتي هلي معزز عهدن تي ممتاز ڏسون
ٿا. ان زماني کان پنجاهه سال پوءِ اسان يزيد مهلبي
کي ڏسون ٿا. جيڪو آفريڪا ۾ حڪومت ڪري رهيو آهي ۽
سندس پٽ دائود اسنا سنڌ جو حاڪم نظر اچي ٿو. گهڻو
ڪري هامان بن احوز تميمي سان ئي گڏ هڪ نائب جي
حيثيت سان بڪير بن ماهان به سنڌ ويو هو. ڇو ته 105
هه ۾ هو سنڌ ڌرتي تان واپس اچي بني هاشم جي نقيبن
۾ شريڪ ٿيو. هي هڪ وڏو تاريخي ماڻهو آهي ۽ سچ پڇو
ته عباسي حڪومت جو پهريون باني هي آهي. جڏهن ته
بني هاشم جو حامي ٿيڻ هڪ وڏو ڏوهه هو تنهنڪري جيئن
ئي ان ڳالهه جي خبر بني اميه جي حاڪمن کي پئي ته
هنن ڪجهه ٻين بني هاشم جي طرفدارن سان گڏ هن کي
گهرائي ورتو. ٻيا سڀ ته ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ڇڏيا ويا
پر بڪير تي ڏوهه ثابت ٿيو، جنهن جي ڪري هو قيد گهر
موڪليو ويو. جنهن قيد گهر ۾ بڪير رکيو ويو ان ۾
اتفاق سان ابو عاصم يونس ۽ عيسيٰ بن معقل عجلي به
قيد هو. عيسيٰ سان گڏ قيد گهر ۾ ابراهيم نالي هڪ
ننڍي عمر جو غلام هو. بڪير مجلس ۾ به پنهنجن فرضن
۽ مطلبن ۾ غفلت نه ڪئي ۽ انهن ذڪر ڪيل شخصن کي بني
هاشم جي طرفداري لاءِ دعوت ڏني. انهن همراهن هڪدم
قبول ڪيو. بڪير ٿورن ڏينهن ۾ انهن سان اتحاد جو
واسطو وڌايو ۽ پڇاڙيءَ ۾ عيسيٰ کي درخواست ڪئي ته
پنهنجو غلام ابراهيم مون کي وڪڻي ڏي. عيسيٰ چيو
اوهان ائين ئي وٺو ملهه جي ڪهڙي ضرورت آهي، پر
بڪير نه مڃيو ۽ زور ڀري چار سؤ درهم ڏيئي ابراهيم
ورتائين. ابراهيم پنهنجي ننڍپڻ جي ڏينهن ۾ ڏاڍو
هوشيار ۽ هر دل کي وڻندڙ شخص هو. ۽ قسمت جو ستارو
انهيءَ ئي وقت کان ان جي نراڙ تي چمڪي رهيو هو،
ٿورن ڏينهن کان پوءِ انهن قيدين کي ڇوٽ ملي. ۽
بڪير عقيدت سان پنهنجي ننڍي عمر جي غلام کي وٺي
وڃي ابراهيم امام جي نذر ڪيو. جيڪو سڀني بني هاشم
وارن مان اڳواڻي جي حيثيت رکندو هو ۽ جناب عباس
رسول اڪرم ﷺ جي چاچي جي نسل مان هو. ان سبب
ابراهيم کي عباسي خاندان سان تعلق ٿيو. ٿورن ڏينهن
کان پوءِ اهو ئي ننڍي عمر جو غلام ابراهيم نالو
مٽائي ابو مسلم خراساني ٿيو ۽ اهو عجيب غريب ۽
خوفناڪ شخص ٿي ويو جنهن خراسان ۾ عباسي جهنڊو بلند
ڪيو. بنو اميه جي طاقتور حڪومت کي اکيڙي اڇلائي
ڇڏيو ۽ اچي اهڙي هوا لڳي جو بني اميه خلافت جو
خاتمو ٿيو ۽ عباسي حڪومت شروع ٿي. يزيد جو دور
پڄاڻيءَ تي پهتو ۽ هشام بن عبدالملڪ جي مٿي تي
خلافت جو تاج رکيو ويو. ان جي خلافت جي ٻي سال ئي
خالد قسري جيڪو بصري ۽ عراق جو والي مقرر ٿي چڪو
هو عمر بن مسلم باهليءَ کي هٽائي جنيد بن
عبدالرحمان مريءَ کي 107 هه ۾ هندستان جي ڪنارن جو
حاڪم مقرر ڪري روانو ڪيو. جنيد هندستان جي زمين تي
پهچي اهڙيون ڪار گذاريون ڪري ڏيکاريون جو خاص شاهي
فرمان هشام بن عبدالملڪ طرفان سندس نالي نڪتا ۽
هاڻي هو خليفي جي حڪم سان سنڌ جو فرمانروا مڃيو
ويو. جڏهن ته خليفي لکيو هو ته سنڌ جي احوال ۽
معاملن بابت خالد سان لک پڙهه جاري رک. ان مطابق
جنيد خالد کان اڳواڻي ۽ حملي آوري جو حڪم حاصل ڪيو
۽ فوجي چڙهائي شروع ڪئي. جنيد پهريان ته ديبل ۾
داخل ٿيو. ۽ جڏهن کيس پنهنجي حوصلي ۽ همت جا نمونا
ڏيکارڻ جو شوق ٿيو ته مهراڻ درياءَ جي ڪناري وڃي
خيما کوڙيائين. راجا ڏاهر جي پٽ جي سنگهه صرف
سياسي ضرورت پٽاندر اسلام قبول ڪيو هو. پر دراصل
هو اڃان هندو ئي هو. شايد اهو راز نه کلي ها پر
جڏهن جنيد ان پاسي چرپر ڪئي ۽ سندس سرحد ويجهو
پهتو ته سڄو ڀانڊو کلي پيو ۽ ڪارڻ اهو ٿيو ته هن
براءِ احتياط جنيد کي پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ کان روڪي
ڇڏيو ۽ چوائي موڪليو ته آءٌ دين اسلام قبول ڪري
چڪو آهيان ۽ مون کي نيڪ مرد (عمر بن عبدالعزيز)
پنهنجي سڀني شهرن تي اختيار ۽ آزادي سان حڪومت ڪرڻ
جو حق ڏنو آهي، مون کي توکان پورو پورو ڀروسو ناهي
۽ ان جو ڪوبه سبب نٿو ڏسان ته جڏهن آءٌ خودمختيار
آهيان ته توکي مهراڻ درياءَ مان ڇو لهڻ ڏيان. توکي
آخر ڪهڙي پئي آهي جو منهنجي دنگن ۾ داخل ٿئين.
جنيد کي اهو جواب نه وڻيو، هن غور ڪيو ته صاف
معلوم ٿيو ته جي سنگهه جيتوڻيڪ اسلام جو اظهار ڪري
ٿو پر هن جي ورندي ۽ سلوڪ مان انڪار ۽ مرندي جي ڌپ
اچي ٿي. ڇو ته جيڪڏهن دراصل مسلمان ٿيو آهي ته کيس
اسان کان ڊڄڻ ۽ کٽڪو ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. پر
بجاءِ ان جي کيس خوشي ٿيڻ گهرجي. سندس سرحد کان
لنگهي ڌارين جي حڪومت تي اسان فوجي چڙهائي
ڪنداسون. ته هن کي به گهڻي ڪجهه فائدي ۽ طاقت جي
اميد ٿي سگهي ٿي. پر اهو کٽڪو جنيد دل ۾ رکيو.
ڪنهن جي اڳيان ٻڙڪ نه ٻوليائين. ها وڌيڪ اطمينان
جي لاءِ واعدي وچن جي توثيق جي نالي هن جي سنگهه
جا ڪجهه سردار ضمانت طور پاڻ وٽ رکيا ان ۾ به
ايتري قدر احتياط کان ڪم ورتو جو انهن سردارن بدلي
۾ ڪجهه پنهنجا ماڻهو به ان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا. اها
ڪارروائي ڪري جنيد اٽڪ درياءَ جي ڪناري تي ترسي
پيو ۽ جي سنگهه جي اٿي ويٺي کي ڏسڻ ۽ ان جي رويي
جو اندازو ڪرڻ لڳو. ٿورن ئي ڏينهن جي ڇنڊڇاڻ مان
معلوم ٿي ويو ته جي سنگهه دل ۾ مرتد آهي ۽ رڳو ان
مطلب جي لاءِ بظاهر مسلمان ٿيو ويٺو آهي جو پنهنجي
ملڪ کي عربن جي حملن کان محفوظ رکي. جنيد جي
هوشياري ۽ جي سنگهه جي چالاڪي ٻنهي پاسي بدگماني
پيدا ڪري ڇڏي ۽ نيٺ هڪٻئي پٺيان ڪجهه اهڙي بي
اطميناني ٿي جو گروي رکيل همراهه ٻنهي پاسن جا
بدلايا ويا ۽ ڪو تعجب ناهي جو ان ۾ جنيد جي ڪا
چالاڪي هجي. ان ڪري ته جي سنگهه کي جڏهن مسلمانن
مان ڪو آسرو نه رهيو ته هن پنهنجي مرندي وڏي واڪ
ظاهر ڪري ڇڏي ۽ صاف صاف ٻڌايو ته هو مسلمان نه
آهي. هڪ اسلامي فرمانروا ۽ جنرل وت هي ايڏو وڏو
ڏوهه هيو جو ان جي سزا صرف قتل هئي. جي سنگهه جي
ان هيرا ڦيريءَ تي جڏهن جنيد ناراضگي ظاهر ڪئي ته
ديسي شهزادي ذرو به پرواهه نه ڪئي ۽ بنا دير جي
خلافت جي لشڪر سامهون سينو تاڻي بيٺو، ڪن ماڻهن جو
خيال آهي ته ان معاملي ۾ اصل ۾ جنيد جي ئي زيادتي
هئي. انهن جو بيان آهي ته جي سنگهه کي ڪنهن ذاتي
دشمنيءَ سبب جنيد غلط مرتد مشهور ڪيو ۽ اهو ڏوهه
هڻي سندس قتل پويان ٿيو. پر هي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي
اچي، جنيد هندستان جي ٻين شهرن تي حملي آور ٿيڻ جي
لاءِ سندس حدن مان لنگهڻ ٿي گهريو. جي سنگهه کيس
زوري روڪيو ۽ پنهنجي پاران بدگمان ڪيو. جنيد کي ان
سان ڪو ٻيو تعلق به نه هو جو ان ڳالهه جي سمجهڻ جو
موقعو ملي. ته هن ڪنهن ذاتي دشمنيءَ جي بنياد تي
جي سنگهه کي نقصان ڏنو. جي سنگهه پاڻ ئي ڇيڙيو.
پنهنجي اٿي ويٺي مان ثابت ڪيو ته نه هو خليفن جي
حڪومت جو ساٿي آهي ۽ نه اسلام جو تابعدار. پر پردي
پويان پورو باغي آهي. مطب ته نتيجو هي ٿيو ته
جنيدجنهن طاقت کي ٻين هندو رياستن تي لڳائڻ چاهيو
ٿي ان کي خود جي سنگهه جي خلاف استعمال ڪرڻ تي
تيار ٿي ويو. هن فوجون ترتيب ڏنيون، عربي لشڪرن کي
آس پاس جي اسلامي پرڳڻن مان گهرائي گڏ کنيو درياءَ
پار ڪرائڻ جي لاءِ ٻيڙيون گڏ ڪيون ۽ لڙائي لاءِ
تيار ٿيو. اها تياري ڪري جنيد فوجن کي ٻيڙي تي
سوار ڪري هن ڀر پار ٿيو ۽ ذڪر ڪيل درياءَ جي
اوڀارين پٿريلي ڪناري تي لڙائي لڳي. لڙائي ۾ جي
سنگهه سخت شڪست کاڌي ۽ ان جي انتظامي مان پاڻ ڀڄي
به جان نه بچائي سگهيو ۽ جنيد وٽ گرفتار ٿي ويو.
جنيد کيس گرفتار ڪندي ئي قتل ڪري وڌو پر سندس ڀاءُ
راجا ڏاهر جو ٽيون پٽ جنهن جو نالو چچ هو ان ڀڄي
جنيد کان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو ۽ ارادو ڪيو ته عراق
وڃي جنيد جي بي وفائي ۽ واعدي ٽوڙڻ جي شڪايت ڪندس،
جنيد اهي احوال ٻڌا ته دل ۾ ڊنو ۽ ان ڳالهه جي
تدبير شروع ڪئي ته ڪنهن ويجهي رستي تان کيس گرفتار
ڪري، ان خيال سان هن دل جون ڳالهيون ڪري چچ کي ان
قدر پنهنجو ڪيو جو هو سندس ڳالهين ۾ اچي ويو ۽ پاڻ
ئي جنيد وٽ بيڊپو هليو آيو. جنيد کي جهڙوڪ منهن
گهري مراد ملي ويئي. پنهنجي قبضي ۾ ملندي ئي
گرفتار ڪري قتل ڪري وڌو ۽ ائين چڱي نموني اطمينان
حاصل ڪري هندستان تي فوجي چڙهائي شروع ڪئي. جنيد
جيتوڻيڪ فريب ۽ واعدي خلافي جو ڏوهاري ۽ مجرم ثابت
ٿيو، اهو جرم جو شايد ان کان اڳ ڪڏهن ڪنهن سپهه
سالار تي مڙهي نٿو سگهجي، تڏهن به هو هڪ بهادر
اڳواڻ هو ان پنهنجي ڏينهن ۾ جهڙيون بهادريون
ڏيکاريون ۽ جنهن جوش جذبي سان جهاد لاءِ تيار رهيو
اهو محمد بن قاسم کان پوءِ ڪنهن کي نصيب نه ٿيو
هو. هاڻي هن ڪيرج ڏانهن روانگي ڪئي، جتي ماڻهن
واعدي خلافي ڪئي هئي ۽ علي الاعلان بغاوت جو جهنڊو
بلند ڪيو هو. ان وقت جيڪو ماڻهو ڪيرج تي حڪمران هو
ان جو نالو راءِ هو، جنيد اوچتي آفت وانگر وڃي
ڪيرج تي ٽٽو، هاڻي ايتري عرصي ۾ اسلامي حڪومت اهو
رنگ پيدا ڪيو هو ته هتي جنگي جهڙپن ۾ جيڪڏهن مخالف
هندو راجائن سان لڙائي ٿيندي هئي ته گهڻا هندو
راجا مسلمانن جا ٻانهن ٻيلي هوندا هئا ۽ اسلام جي
جهنڊي هيٺ تلوار هلائڻ جا ڪرتب ڏيکاريندا هئا.
جڏهن ته ان حملي ۾ به هڪ هندو راجا اشند رابيد
جنيد سان همرڪاب هو ۽ مسلمانن سان گڏ ڪيرج جي راجا
جو مقابلو ڪري رهيو هو. نيٺ ڪيرج جو راجا مقابلي
جي همٿ ساري نه سگهيو. پنهنجي نالي جي مناسبت سان
هن ڀڄڻ جي واٽ ورتي ۽ جنيد شهر ۾ گهڙي باغين کي
پنهنجي ڏوهه جي خوب سزا ڏني هئي جنيد جڏهن ڏٺو ته
شهر جون ديوارون مضبوط آهن ۽ جيڪڏهن شهر وارن جو
ٻاهر نڪرڻ جو انتظار ڪيو وڃي ته گهيرو ڊگهو ٿيندو.
تنهن ڪري خاص قسم جون منجنيقون جنهن کي ڪباش چوندا
هئا لڳايون ۽ انهن سان شهر جي ديوارن ٽوڙڻ جي واٽ
ٺاهي. جيتوڻيڪ هندن ان رستي تي هجوم ڪري گهڻو روڪڻ
چاهيو پر مسلمان وڙهي جهڳڙي شهر ۾ داخل ٿي ويا.
اندر پهچندي ئي مارا ماري شروع ڪري ڇڏي ۽ لٽيو
ڦريو. رعيت مان گهڻن کي ٻانهيون غلام ڪيو ۽ جنيد
اتي امن امان قائم ڪري ترسي پيو ۽ ان مهم کان پوءِ
هن پنهنجي طرفان ماڻهن کي عربي فوجن سان گڏ مرمد،
مندل دهنج، ڀڙوچ جي شهرن ڏانهن روانو ڪيو. ان کان
پوءِ هڪ لشڪر آزين تي اماڻيو ۽ حبيب نالي هڪ نامور
بهادر سردار کي ٿوري فوج ڏيئي مالوه ڏانهن روانو
ڪيو. انهن فوجن وڃي هر طرف فتحون حاصل ڪيون. دشمنن
کي هر هنڌ شڪست ڏني ڦرلٽ ۾ ڏاڍو مال ميڙيو.
ڪيترائي غلام ٻانهيون پنهنجي هٿ هيٺ ڪيا ۽ واپس
آيا، اهو لشڪر جيڪو آزين ڏانهن ويو هو ان آزين کي
لٽيو ماريو ۽ اتان وڌي هرمند تي حملو ڪيو. ان جي
شهر پناهه گاهه ۾ باهه ڏني ۽ ڪامياب بامراد جنيد
وٽ واپس آيا. جنهن زماني ۾ اهي فوجون ٻين پاسن
فتحن جو لهرون هڻي رهيون هيون ان وقت خود جنيد به
ٻين طرفن تي حملي آور هو. هن پهرين بيلمان تي حملو
ڪيو. ان کي فتح ڪري پوءِ جزر کي قبضي هيٺ آندو. ۽
برابر وڌندو رهيو. ايستائين جو اتر طرف چين جي
سرحد ۾ داخل ٿيو. پهرين ته هن چين جي بادشاهه کي
اسلام جي دعوت ڏني. ۽ جڏهن اتان انڪار ٻڌائين ته
بنا جهل جي تباهي ۽ بربادي جو سلسلو شروع ڪيو. چين
جي بادشاهه به لڙائي جي تياري ڪئي. مختلف هنڌن کان
هن جي فوجن جنيد سان مقابلو ڪري شڪست کاڌي، پر
ذڪيل بادشاهه همٿ نه هاري ۽ پڇاڙي تائين وڙهندو
رهيو. جنيد هاڻي وڌي چين جي هڪ قلعي جو گهيرو ڪيو
۽ جڏهن ڪاميابي جي ڪا صورت نظر نه آئي ته قلعي تي
باهه ۽ گاسليٽ وسائڻ شروع ڪيو، پر کيس اهو ڏسي
حيرت ٿي ته قلعي وارا ان باهه کي ڀڙڪڻ کان اڳ هڪدم
وسائي ڇڏيندا هئا. جڏهن ته ان جي ترڪيب عربن
کانسواءِ ٻي ڪنهن کي معلوم نه هئي. خاص ڪري جنيد
کي ان تي ايترو يقين هو جو هڪدم چئي ڇڏيائين ته
معلوم ٿئي ٿو ته قلعي ۾ ڪجهه عرب آهن. سواءِ ان جي
ٻيو ڪجهه به سمجهه ۾ نٿو اچي ته هي باهه انهن
اجهائي هوندي. ان ڌيان کي دل م رکي هو برابر گهيري
۾ سختي ڪندو رهيو ايستائين جو قلعي وارن نماڻو ٿي
ٺاهه جو نياپو موڪليو ۽ اطاعت قبول ڪئي. جنيد انهن
جي درخواست منظور ڪئي ۽ جڏهن صلح سان قلعي ۾ داخل
ٿي جستجو ڪئي ته واقعي ٻه عرب موجود هئا ۽ ڇنڊڇاڻ
سان ثابت ٿيو ته انهن جي حڪمت سان باهه اجهائي
ويئي هئي. جنيد انهن عربن کي قومي نمڪ حرامي جي
ڏوهه ۾ قتل ڪيو. انهن فتحن ۾ جنيد کي ايتري قدر
دولت هٿ آئي جو سواءِ ان جي جو ملڻ جلڻ وارن کي
ڏيئي ڇڏي چار ڪروڙ درهم خود پاڻ بچي ويا. جڏهن ته
ايتري ئي رقم دارالخلافت کي بيت المال ۾ داخل ڪرڻ
جي لاءِ رواني ڪري چڪو هو، انهيءَ بنياد تي جديد
شاعر چوي ٿو.
اصبح
زوار الجنيد وصحبہ، يحيون صلت الوجہ جما مواهبہ.
جنيد
سان ملڻ وارن ۽ ان جي هم صحبتين جي حالت هي هئي جو
هر پاسي کان مبارڪباد ڏني پئي وئي. ڏاڍا خوش هئا ۽
جنيد جا گهڻائي انعام سندن هٿن م هئا.
۽ ان
باري ۾ ابو الحرير چوي ٿو.
لوکان يقعد قوق الشمس من ڪرم
قوم
باحسان او مجدهم قعدوا
سحسرون عليٰ مان کان من ڪرم
لاينز عم الله منهم ماله حسد.
جيڪڏهن آفتاب تي ويهي وڃي سگهجي ٿو ته فياضي ۽
سخاوت سان ماڻهو ويهي سگهن ٿا، هو پنهنجي فياضي جي
ڪري ماڻهن ۾ محمود رهندا. خدا انهن کان اها شيءِ
نه کسي جنهن سبب انهن تي حسد ڪيو ويو. جنيد جي
انهن فتحن جي ايتري قدر مشهوري ٿي جو فقط هي هڪ
عرب سپهه سالار آهي جنهن جي سوڀن ۽ دليري وارن
حملن جو اعتراف هندن ۽ چينين جون قديم داستانون به
ڪري رهيون آهن، جنيد جي احوال ۾ هي واقعو به بيان
ڪرڻ جهڙو آهي ته ان جي بنا جهل ۽ لڳاتار سوڀن جي
ڏينهن ۾ خليفي هشام کيس لکيو ته روم تي جيڪو حملو
ٿي رهيو آهي، ان ۾ مجاهدن کي ڪيتروئي ڌن ۽
گهڻائيءَ سان ٻانهيون غلام هٿ آيا. ان جي جواب ۾
هن خليفي جي درٻار ۾ ان مضمون جو عريضو لکيو ته
امير المومنين جو فرمان ملندي ئي مون پنهنجو ليکو
چوکو ڏٺو ته معلوم ٿيو ته جڏهن کان مون دارالخلافت
ڇڏيو آهي تڏهن کان هن وقت تائين مختلف سوڀن ۾ ساڍا
ڇهه لک قيدي گرفتار ڪري چڪو آهيان. ان کان سواءِ
مون اٺ ڪروڙ درهم خلافت جي خزاني ۾ جمع ڪيا آهن ۽
انهيءَ مقدار ۾ اهو مال ۽ اناج ڳڻيو وڃي جيڪو
منهنجي هٿان فوج ۽ اسلام جي مجاهدن ۾ ورهايو ويو.
جڏهن جنيد 111 هه ۾ سنڌ جي حڪومت کان واپس گهرايو
ويو ته کيس خراسان جي حڪومت ڏني ويئي. جيڪا گورنري
سنڌ کان وڌيڪ اهميت رکندي هئي ۽ ڪارڻ هي ٿيو ته
خليفي هشام 109 هه ۾ خراسان جي حڪومت جي لاءِ هڪڙو
مستقل عهديدار مقرر ڪيو ۽ خالد قسري جيڪو اڳ پاڻ
بصري ۽ خراسان ٻنهي ملڪن تي حڪومت ڪندو هو، ان جي
هٿ ۾ فقط بصري جي حڪومت ۽ اوڀر جي سڀني والين جي
بالادستي رهجي ويئي. ان زماني ۾ جڏهن ته خراسان جي
حڪومت جي لاءِ الڳ عهديدار مقرر ٿيو هو، جنيد کي
اهو عزت ڀريو عهدو ڏنو ويو. پر 117 هه ۾ وري
خراسان جي حڪومت خالد قسري جي هٿ ۾ ڏني ويئي، جنهن
کان پوءِ هو 120 هه ۾ هٽايو ويو. ان موقعي تي هڪ
ٻيو واقعو به بيان ڪرڻ جهڙو آهي. اهو هي ته جنيد
سنڌ جي شهرن ۽ هندستان جي ڪنگرن تي پنهنجي سوڀن جو
جهنڊو جهولائي رهيو هو.ان زماني ۾ اسد نالي هڪ
عربي جوان مرد جيڪو خالد قسري جو ڀاءُ هو، غور جبل
فتح ڪري هندستان جو اهو اولاهون ڦاٽڪ جيڪو
افغانستان طرف آهي کي کڙڪايو، اسد غور وارن کي
لڳاتار شڪستون ڏيئي گرفتار ڪيو. نيٺ اتي جو
فرمانروا نمرون ايمان آندو ۽ غور جي حڪومت کيس ڏني
ويئي ۽ اهو ئي سبب ٿيو ته اتان کان اڳتي عربن اوڀر
طرف وڌڻ جو ارادو نه ڪيو. غوريل کان اوڀر طرف کان
سڄي سنڌ جو علائقو هو جيڪو جنيد جي قبضي ۾ هو ۽
جيڪڏهن ڪنهن قدر حصو هن جي قبضي کان بچيل به هو ته
اهو قدرتي طور تي خود جنيد جي شڪار گاهه ۽ سنڌ جي
والي جي عربي گهوڙن جي چراگاهه خيال ڪيو ويندو هو
۽ سيستان جي والي کي ان تي هلان ڪرڻ جو ڪوبه حق نه
هو ۽ ٻيو هيءَ ته ٺيڪ ان وقت جڏهن اسد غور جبل کي
فتح ڪري اتي جي حڪمران کي اسلامي ڀائپيءَ جي دائري
۾ ورتو آهي. ان مهم مان واندو ٿي پنهنجي بهادريءَ
جي لاءِ ڪنهن ٻي ميدان جي کوجنا ۾ چئني پاسي خيال
ڊوڙائي رهيو هو. جو اوچتو هڪ ٻيو دشمن جيڪو دراصل
وڏو بهادر هو ۽ جنهن سڄي ترڪستان ۾ مسلمان سپهه
سالار جي همت ۽ سپاهه گيري جو تمام سٺو ۽ پورو
امتحان هڪ عرصي تائين ورتو. اسد جي سوڀن جو حال
ٻڌندي ئي غور جي جبلن ۾ اچي پهتو. هي ان زماني جو
مشهور ترڪي سپاهي خاقان هو. اسد هڪدم خاقان سامهون
قطارون ٺاهيون ۽ کيس سخت شڪست ڏئي غور کان ڪڍي
ٻاهر ڪيو ۽ جڏهن خاقان ڀڄي واپس ويو هن به ان جي
پيڇي ۾ پنهنجي رفتار جو رخ اتر اولهه طرف ڦيري
ڇڏيو. جنيد جڏهن 111 هه ۾ سنڌ کي خالي ڪري خراسان
ويو ته خالد قسري ان جي جڳهه تميم بن زيد عتبي کي
سنڌ جو والي مقرر ڪري روانو ڪيو. هيءَ ئي اهو تميم
آهي جنهن کي تاريخ فرشتي واري محمد بن قاسم جو
جانشين ٻڌايو آهي ۽ افسوس جو ان لاعلمي سبب
انگريزي منصفن کي جنيد جي دليري وارين ڪارنامن جو
احوال بلڪل معلوم نه ٿي سگهيو. تميم کان هندستان ۾
ڪمزوريون ظاهر ٿيون ۽ چيو وڃي ٿو ته هن سڀني
معاملن ۾ ڏاڍي سستي ڪئي. نيٺ سواءِ ان جي جو سندس
هٿان بهادري جو هڪ ڪم به پورو ٿئي هندستان مان ڀڄي
وڃڻ وقت ديبل ويجهو هڪ تلاءُ جي ڪناري جنهن کي
ماءُ الجواميش (مينهن جو تلاءُ) چوندا هئا. هن
جهان ڏانهن پنڌ پيو. تميم جيتوڻيڪ سنڌ حڪومت جي
فرضن ۾ سستي ڪئي پر سندس شمار عرب جي سخين ۾ آهي.
سندس سخاوت پري پري تائين مشهور هئي. فوج جي ماڻهن
کي هو جنهن قدر خوش رکندو هو ۽ انعام اڪرام سان
نوازيندو هو ايتري قدر ٻي ڪنهن کي گهٽ نصيب ٿيو
هوندو. سنڌ جي خزاني ۾ هن هڪ ڪروڙ اسي لک درهم
طاطري (هڪ برابر هوندو هو) مليا جن کي هن هڪدم
خلافت جي خزاني جي نذر ڪيا. ان سخي والي سان گڏ
فوج ۾ بني يريوع جو هڪ نوجوان خنيس نالي هو جيڪو
هندستان ۾ جهاد جي نيت سان آيو هو، ان نوجوان جي
ماءُ طي قبيلي جي هڪ عورت هئي جيڪا بلڪل ڪمزور
ڏکويل ۽ بيوس هئي ۽ پٽ جي جدائي ۾ سدائين ڏينهن
رات هنجون هاريندي هئي. جڏهن ان غم گهڻو ستايو ته
گهٻرائجي فرزوق شاعر وٽ ويئي ۽ درخواست ڪيائين ته
اوهان سردار تميم کي لکي موڪليو ته منهنجي پٽ کي
اچڻ جي اجازت ڏي. ٻڍڙي فرزوق کي لاچار ڪرڻ لاءِ ان
جي پيءُ غالب جي قبر جو واسطو وڌو. هي هڪ اهڙو
واسطو هو جو فرزوق کي انڪار ڪرڻ نه وڻيو، لاچار ٿي
هن هي شعر جوڙي تميم کي لکي موڪليا.
اتتني فعاذت ياتميم بغالب وباالحفرت السامي عليها
ترابها،
فهب
لي حنيساَ واتخذ فيه منسته لحوبته ب ام مايسوع
شرابها،
تميم
بن زين لاتکونن حاجتي بظهر والا يجفي عليڪ جوابها،
فلا
تکثر الترداد فهيا فانني ملول لحاجات بطي طلابها.
مون
وٽ آئي ۽ اي تميم غالب جو واسطو وڌائين ۽ ان کڏ
(قبر) جو جنهن جي ٿڌي هوا جي جهوٽن سان پرسڪون
آهيان، اهو خنيس مون کي ڏيئي ڇڏ ۽ ان باري ۾
منهنجي احسان مندي قبول ڪر. ان ضعيف ماءُ جي لاءِ
جنهن جي نڙيءَ مان پاڻي نٿو لهي. اي تميم بن زيد
منهنجو هي مطلب پوئتي نه ڌڪيو وڃي ۽ ان جو جواب
توتي ڳرو نه ٿئي. ان باري ۾ هر هر لکڻ جي ضرورت نه
پوي. ڇوته اهڙين آرزوئن کان آءٌ تنگ اچي ويو آهيان
جن جي پوري ٿيڻ ۾ دير ٿيندي آهي.
تميم
اهي شعر پڙهيا ۽ مطلب چڱي نموني سمجهي ويو پر
تحرير ۾ ڪجهه اهڙو مونجهارو هو جو گهربل همراهه جي
نالي ۾ شڪ پئجي ويو. هو گمان ۾ پئجي ويو ته حبيش
لکيل آهي يا خنيس تڏهن به هن سڄي لشڪر ۾ اعلان
ڪرايو ته جنهن جي نالي جو اچار خنيس سان ملندڙ هجي
ان کي هر وقت موڪل آهي ته پنهنجي ديس هليو وڃي.
آءٌ اهڙي نالي وارن کي عام طرح اجازت ڏيئي ڇڏيندو
آهيان. هاڻي وڃڻ نه وڃڻ سندس مرضي آهي. |