سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 1

صفحو :17

 

ماڻهو شيعا آهن، اذان ۾ حي علي خير العمل چوندا آهن. تڪبير ٻه ٻه دفعا چوندا آهن.“ ۽ ان کان پوءِ هتي جي بادشاهه بات رڳو ايترو لکيو آهي ته ”هو هڪ زبردست بادشاهه آهي ڏکڻ هند جي فرمانروا منصوره وانگر ان اهو نه لکيو ته ”قريشي النسل آهي“ علامه بشاري جي بيان مان صاف معلوم ٿئي ٿو ته ان جو سنڌ اچڻ واري زماني ۾ قرامطين جو جادو ملتان تي پوري طرح هلي چڪو هو. ان لاءِ ته قرامطه ئي هئا جيڪي امامت جي مسئلي ۾ اصولي طور شيعن جا موافي هئا ۽ مصر جي فاطمي خليفن کي روحاني امام مڃيندا هئا خاص ڪري دروز مذهب جا پابند ته ان خدائي جهلڪ موجود هئڻ جا دعويدار آهن، اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته ملتان جا فرمانروا پاڻ ان مذهب جا پابند هئا ڇو ته ان کان سواءِ ايمان آڻڻ ممڪن نه هو ته خطبي ۾ به مصر جي فاطمي خليفن جو نالو ورتو وڃي ۽ نه اهو ممڪن هو ته سلطنت جي مهمن جو فيصلو مصر جا خليفا ڪندا. علامه بشاري مقدسي اها به وضاحت نٿو ڪري ته هتي جو بادشاهه قريشي الاصل يا اسامه بن لوي جي نسل مان آهي. جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ملتان حڪومت جو مذهب ئي نه بدليو هو پر شاهي خاندان به بدلجي ويو هو. ڇو ته جيڪڏهن بادشاهه قريشي هجي ته ممڪن نه هو ته هڪ مسلمان عربي سياح ان جي نالي ظاهر ڪرڻ کان قطع نظر ڪري، انهن سڀني واقعن کي ترتيب ڏيڻ سان پوري طرح اهو نتيجو نڪري اچي ٿو ته 358 هه (جڏهن ابن حوقل پنهنجي وطن ۾ واپس ويو آهي) 375 هه (جڏهن (علامه بشاري پنهنجو سفرنامو مڪمل ڪيو آهي) انهن ٻنهي سنن جي وچ ۾ جيڪو 17 سالن جو زمانو گذريو آهي انهي عرصي ۾ ملتان ۾ قرامطي مذهب جو به رواج هو ۽ حڪومت به بدلجي ويئي. ايترو دريافت ٿيڻ کان پوءِ هاڻي اسان چئي سگهون ٿا ته فارسي مؤرخ جيڪو چئي رهيا آهن ته سومرن گڏجي ڪري هڪ ماڻهو کي جنهن جو نالو سومره هو سردار بڻايو، اهو انهيءَ زماني جو واقعو هو. معلوم اهو ٿئي ٿو ته سومرا مذهب اختيار ڪرڻ کان پوءِ قرامطي ۽ دروزي فقيهن انهن ۾ اهڙو جوش پيدا ڪيو جو هڪدم هٿيار کڻي تيار ٿي پيا. ملتان جي شاهي خاندان کي جيڪو قريشي النسل هو تباهه ڪري بادشاهه ٿي پيا ۽ سندن حڪومت سان گڏ قرامطين جو وارو وريو. اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته سبڪتگين جي هم عصر شيخ حميد ۽ ان جو پٽ شيخ نصير ۽ ان جو پٽ شيخ ابوالفتح داؤد سڀ انهيءَ سومري نالي شخص جا وارث آهن، جيڪو ملتان جو پهريون قرامطي بادشاهه ۽ سومرا قوم جو پهريون بادشاهه هو.

ڪتاب الدروز جي خط ۾ داؤد جي پٽ کي جيڪو ابن سومرا لکيو آهي ان مان اسان کي هي خيال نه ڪرڻ گهرجي ته هو سومري جو پٽ هو پر هي سمجهڻ گهرجي ته هو سومري جي نسل مان هو، جيئن سڀني اسلامي ملڪن ۾ رواج هو ته گهڻا ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ”ابن“ جي لفظ سان پنهنجي ڪنهن نامور وڏي ڏانهن نسبت ڪندا هئا. ان ۾ ڪو شڪ نٿو ڪري سگهجي ته سومرن جي شروعاتي حڪومت جو هيءُ ئي زمانو آهي. جيڪو اسان مڪمل تاريخي شاهدين سان ثابت ڪيو. پر افسوس ان پاسي ڪنهن جو ڌيان نه ويو هو، ان مشڪل جي حل ڪرڻ ۾ مسٽر ايليٽ اهڙي ڪوشش ڪئي آهي جو ان نتيجي تي يقين سان پهچي وڃي، پر افسوس ان کي علامه بشاري جي ڪتاب ” احن التقاسيم في معرفته الاقاليم“ هٿ نه آيو هو. جيڪڏهن هي ڪتاب ملي وڃي ها ته بيشڪ هو به اهو ئي نتيجو حاصل ڪري ها جيڪو هن وقت اسان کي حاصل ٿيو آهي. بهرحال وڏين دشوارين کان پوءِ سومرن جي حڪومت شروع ٿيڻ جو زمانو ته معلوم ٿيو. پر اڃان ان ڳالهه جو فيصلو باقي آهي ته انهن مان سڀ کان پهرين ڪهڙي شخص قرامطي مذهب اختيار ڪيو. اسان کي يقين ڪرڻ گهرجي ته سومرا خاندان جو پهريون تخت نشين جيڪو سومرو هو سڀ کان اڳ ان ئي شخص ان مذهب تي ايمان آندو هو ڇو ته علامه بشاري کان ٿورا ئي ڏينهن اڳ اين حوقل ملتان اچي ڏسي ويو هو ته هتي قرامطي مذهب جي حڪومت ناهي. باقي رهي اها ڳالهه ته هي ماڻهو اصل ۾ ڪير هئا سڀئي مؤرخ حيرت ۾ ئي پيا رهيا ته مسٽر انفسٽن جهٽ پٽ فيصلو ڪري ورتو ته هي ماڻهو اصل ۾ هندو ۽ سميرا قوم جا راجپوت هئا. سومره کي بغير ڪنهن دليل ۽ ڪنهن وڏي شاهدي کان سميرا ٺاهڻ بلڪل نئون اجتهاد آهي ۽ خاص ڪري جڏهن ته راجپوتن ۾ سميرا نالي جي ڪا قوم نظر به نٿي اچي پر اسان کي ان ۾ عذر ناهي ته سومرا دراصل مسلمان نه هئا. ان لاءِ ته سندن عادتن ۽ لڇڻن مان معلوم ٿئي ٿو ته هو ڪنهن ٻي قوم سان واسطو رکن ٿا. جيترا اندازا ۽ رايا آهن انهن مان جيتوڻيڪ ڪنهن ڳالهه متعلق اطمينان نٿو ٿئي پر سندن هندن جو گمان سرس ضرور ٿئي ٿو. انهيءَ خاص معاملي ۾ اسان کي پنهنجي ذاتي کوجنا سان هڪ بلڪل نئين ڳالهه معلوم ٿي آهي جنهن کي معلوم ڪري سڀني ماڻهن کي حيرت ٿيندي. ڇو ته جنهن ڳالهه تي هن وقت تائين گذريل سڀني مؤرخن ڏاڍيون محنتون ڪيون ۽ سدائين هٿ پير هڻندا رهيا. انهن جي اصليت ته گذريل فارسي مصنفن جي ڌيان ۾ آئي هئي ۽ نه ڪي موجوده يورپي دوربينيون دريافت ڪري سگهيون. سومرا اصل ۾ ته هندو هئا ۽ نه مسلمان پر هو يهودي هئا. علامه بشاري جيڪو 375 هه کان پهرين سنڌ جو سير ڪري رهيو هو پنهنجي ڪتاب جي ديپاچي ۾ لکي ٿو ” ۽ سامري ماڻهو يهودي آهن توهان نٿا ڏسون ته هو موسيٰ عليه السلام کي پنهنجو پيغمبر ٻڌائين ٿا؟“ ان ڳالهه جي تصديق جي لاءِ هتي سامري ماڻهن مان سنڌ جا سومرا ئي مراد آهن. هي ڪافي آهي ته ان کان پوءِ علامه بشاري جو هي بيان ان ڳالهه جي به تصديق ٿو ڪري جيڪو ”تحفته الڪرام“ واري صاحب لکيو آهي ته ”سومرا قوم سامره جي عربن مان نڪتي آهي ۽ ماڻهو تميم انصاري سان گڏ عراق کان آيا هئا. ٻيا مورخ وضاحت ڪري رهيا آهن ته انهن ماڻهن جو نالو سومرا ان لاءِ ٿيو ته عراق عرب جي شهر سامره کان سنڌ آيا هئا. ڇو ته بغداد سامره ۽ سڀني عراق جي شهرن ۾ يهودي انهن ڏينهن ۾ گهڻائي ۾ هئا ۽ اڄ تائين موجود آهن. معلوم ٿئي ٿو ته جيڪي ماڻهو سامره کان هتي آيا اهي اصل ۾ يهودي هئا. قديم مصنفن پنهنجي اندازي سان کين مسلمان خيال ڪيو ۽ سومرن کي سامره چوڻ ڪا تعجب جي ڳالهه ناهي. ان ڪري ته هي ماڻهو ڳچ عرصي تائين سامري سڏبا هئا. جڏهن ته ابن بطوطه به سنڌ ۾ پهچي انهن کي سامره جي ئي لقب سان مشهور ٻڌو. جيئن سندن بيان مان ظاهر آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عراق جا هي سامري يهودي سنڌ ۾ پهچڻ جي ٿوري زماني کان پوءِ مسلمان ٿيا. دين اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ جيتوڻيڪ عربي نسل فاتحن ۾ پنهنجي وڌيڪ عزت نه ڏٺي ته سنڌ جي ديسي نون مسلمانن ۾ ملي جلي ويا ۽ ايتري قدر جلد جو ٿوري ئي عرصي ۾ سندن اصليت راز جي پردي ۾ اچي ويئي ۽ جڏهن انهيءَ هنڌان آيا هئا جتان عرب فاتح ايندا هئا تنهن ڪري ٿوري زماني کان پوءِ ان تي دعويٰ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ته ”اسان اصلي عرب آهيون ۽ سامره کان آيا آهيون.“ انهن جي اصليت  بابت علامه بشاري جي قول کان وڌيڪ ڪابه دليل نٿي ٿي سگهي، ڇو ته هو ان وقت سنڌ ۾ موجود هو. جڏهن قرامطين جا مولوي پنهنجي نئين مذهب جي تبليغ ڪري رهيا هئا ۽ جنهن وقت سومرا قوم نئون نئون اسلام قبول ڪري رهي هئي. ان زماني ۾ نوان مسلمان سومرا به موجود هئا ۽ اهي سومرا به موجود هئا جن اڃان پنهنجي مذهبن کي نه ڇڏيو هو ۽ جن ۾ پنهنجي قديم مذهب جون پراڻيون نشانيون اڃان باقي هيون، تنهنڪري اسان پوري اعتماد سان چئون ٿا ته ان وقتت ائين سڀني مورخن ان قوم بابت جيڪي ڪجهه بيان ڪيو آهي سڀ غلط ۽ بي بنياد آهي. حقيقت ۾ سومرا اصل ۾ يهودي آهن ۽ سنڌ ۾ بني اسرائيل جي بگڙيل صورت آهن. جڏهن ته ڪجهه انگريز سياحن کي به انهن ماڻهن جي صورت ڏسي تسليم ڪرڻو پيو آهي ته سنڌ جي ڪجهه بلوچ قومن جي عام اٿڻي پهڻي جيتوڻيڪ عربن سان ملندڙ آهي پر سندن صورت ۽ سندن هڏ ڪاٺ مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هو اصل ۾ يهودي آهن، رڳو صورت ئي نه انهن جو ڪجهه رسمون به ان ڳالهه جو ثبوت ڏين ٿيون. سومرن جي حڪومت جو زمانو قائم ڪرڻ سڀني مؤرخن کان ڀل ٿي آهي، جن ماڻهن کي انهن جو زمانو محمود غزنوي کان اڳ معلوم ٿيو. انهن محمد بن قاسم جي ٿوري ئي زماني کان پوءِ سومرن کي حڪمران مڃي ورتو ۽ جن کي انهن جي حڪومت جو ثبوت محمود غزنوي کان مليو انهن سندن بادشاهت جي عمر گهڻي گهٽائي بيان ڪئي. ان غلطي جو سڀ کان وڌيڪ جوابدار مسٽر انفسٽن آهي جنهن اهڙي زماني ۾ تاريخ لکي جڏهن ته هر قسم جو تاريخي مواد موجود هو. قديم مصنفن جهڙيون مجبورين ان کي نه هيون. اسان جي مٿي ٿيل ڇنڊڇاڻ مطابق سومرن جي حڪومت 358 هه کان 375 هه تائين ڪنهن زماني ۾ شروع ٿي. ۽ 740 هه جي قريب زماني ۾ ختم ٿي. ان حساب سان کين وڌ کان وڌ ڪل 282 سال بادشاهت جو موقعو مليو. مسٽر انفسٽن جيڪو اهو لکي ڇڏيو آهي ته عربن جي حڪومت بني اميه جي خاندان سان گڏ ئي پوري ٿي. ان هندستان جي سڀني پوين مؤرخن کي ايڏي وڏي غلطيءَ ۾ مبتلا ڪيو آهي، جنهن کان وڌ شرمناڪ غلطي ٿي نٿي سگهي فقط ان غلطي کي کڻڻ جي لاءِ اسان وڏي ڇنڊڇاڻ ۽ کوجنا سان انهن سڀني والين جي نالن سان گڏ سندن احوال جو پتو لڳائي ورتو آهي، جيڪو محمد بن قاسم کان پوءِ بني اميه جي عهد ۾ ۽ پوءِ عباسي دور جي زماني ۾ مقرر ٿي آيا. انهن والين جي ترتيب ۽ انهن جي ڏينهن جا احوال سڀ ڳالهيون جيستائين معلوم ٿي سگهيون معتبر ۽ مستند تاريخن مان نقل ڪري اسان ثابت ڪري ڏيون ٿا ته عربن جو ان زماني کان ٿورا ڏينهن پوءِ ڪڍيو وڃڻ بلڪل غلط آهي، پر اصل هي آهي ته ان زماني کان اڄ تائين ڪوبه اهڙو دور نه آيو جڏهن سنڌ ۾ ڪنهن هندو شاهي خاندان کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو مليو هجي. خود محمود غزنوي سنڌ کي مسلمانن جي هٿن مان فتح ڪيو.جنهن وقت غزنوي فوج جي فوجين هندستان جي پري پري جي پرڳڻن کي لتاڙيو آهي، ان وقت به ملتان کان وٺي سمنڊ تائين سڄي سنڌ ملڪ ۾ مسلمان بادشاهه هئا ۽ هر هنڌ مسلمان رعيت پکڙيل هئي، سنڌ تي عباسي خلافت جو قبضو واثق باالله جي عهد 232 هه تائين پوري طرح ثابت ٿئي ٿو. جنهن وقت تائين عراق کان والي مقرر ٿي ايندا هئا ۽ هتي حڪومت ڪندا هئا. ان کان پوءِ سنڌ جا عربي نسل صاحب اثر مسلمانن آزادي جو پروانو حاصل ڪيو ۽ مختلف شهرن ۾ امير جي ڌار حڪومت قائم ٿي. جڏهن ته ٿوري ٿوري وڇوٽيءَ سان مٿي ذڪر ڪيل سياح ۽ جاگرافي جي تحقيق جا شائق سنڌ ۾ آيا ۽ سڀني هتي خودمختيار اسلامي حڪومت ڏٺي، جيئن سندن سفرنامن ۾ صاف لکيل آهي ۽ ان زماني جي پڄاڻي وقت جڏهن اسان محمود جي لشڪر چڙهڻ جي زماني تي غور ڪريون ٿا ته ان وقت به هتي جي حڪومت مسلمانن جي هٿ ۾ ڏسون ٿا ۽ هيءَ ته جڏهن سومرن جي هٿ ۾ واڳ آئي تڏهن هو به دين اسلام قبول ڪري چڪا هئا. مطلب ته معتبر ۽ تاريخي ثبوتن سان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عرب مسلمان سنڌ ۾ چوٿين صدي جي آخر تائين حڪومت ڪري رهيا هئا ۽ مسٽر انفسٽن خواه مخواه پهرين صدي کان چند ئي سال پوءِ کين ڪڍي ڇڏي ٿو. اسان کيس اطمينان ڏياريون ٿا ته اسان جا هندو دوست عيسائي نه هئا جو فرڊننڍا ۽ ازبيلا وانگر اسان کان پنهنجي ملڪ کي خالي ڪرائڻ گهرندا هجن. هاڻي اسان محمد بن قاسم جي زماني کان اڳتي وڌون ٿا ۽ چاهيون ٿا ته جنهن زماني ۾ سنڌ خلافت جي فرمانبرداري جو ڳٺ پنهنجي ڪنڌ تان لاهي اڇلائي ڇڏيو، ان وقت تائين جيترا والي ۽ عامل دارالخلافت کان مقرر ٿي هتي آيا انهن سڀني جو تفصيلي احوال سلسلي وار بيان ڪريون، تان جو زمانو ڏسي ته فارسي مورخ ڪيتري قدر اڻ ڄاڻ هئا ۽ هندستان جا موجوده يورپي ۽ ديسي مورخ ڪيتري وڏي غلطي ۾ پيا آهن. واقعي حيرت جي ڳالهه آهي ته هڪ ملڪ جي ڪيترين صدين جي تايرخ باوجود موجود هئڻ جي ايتري قدر مٽجي وڃي ته خود ان ڌرتي جي ماڻهن جي خيال ۾ به ڪڏهن به نه گذري هجي. بهرحال اسان واري هاڻي تاريخ جو سلسلو شروع ڪريون ٿا. محمد بن قاسم کي شام ڏانهن روانو ڪري يزيد بن ابي ڪبشه سنڌ حڪومت جي واڳ هٿ ۾ ورتي پر رڳو نالي ماتر. ان لاءِ ته محمد بن قاسم جي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ کيس به سک جي گهڙي نصيب نه ٿي. هند جي ڌرتي تي پير رکندي ئي هو اڻوڻندڙ آبهوا يا ڪنهن ٻي سبب بيمار ٿيو ۽ اهو مظلوم قيدي جنهن کي هن بنا گناهه جي زنجيرن ۾ جڪڙيو هو، اڃان عراق ۾ داخل به ٿيو هوندو ته يزيد بن ابي ڪبشه پنهنجي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي ارڙهين ڏينهن هن جهان ڏانهن پنڌ پيو. سنڌ ملڪ ۾ بدنظمي پيدا ٿيڻ ۽ اسلامي طاقت جي گهٽجڻ جي لاءِ محمد بن قاسم جي گرفتاري ۽ نئين والي يزيد بن ابي ڪبشه جي بي محل موت ئي ڇا گهٽ هئي، جو ان تي اهو واڌارو ٿيو ته محمد بن قاسم جهڙي دلير ۽ سخي سردار جي علحدگي ۽ بي قدري سان ماڻهن ۾ طرح طرح جون بدگمانيون پيدا ٿيون. فقط اهي ماڻهو سنڌ ڌرتي تي رهي پيا جيڪي هتي وطني ٿي ويا هئا ۽ جن کي جاگيرون ڏنيون ويون هيون، پر مجاهدن جو اهو زبردست لشڪر جيڪو فقط محمد بن قاسم جي چوڻ تي گهر ٻار کان ڌار پرديس ۾ جان جوکي ۾ وجهي رهيو هو سڀ جو سڀ ٽڙ پکڙ ٿي ويو. سڀ ماڻهو هند ڌرتيءَ کي ڇڏي پنهنجي پنهنجي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ واپس هليا ويا ۽ هندستان جو ميدان اسلامي مجاهدن کان بلڪل خالي ٿي ويو. انهن ڏينهن ۾ سليمان بن عبدالملڪ يزيد بن مهلب کي بصري جي حڪومت ڏني هئي ۽ جڏهن کيس معلوم ٿيو ته سندس طبيعت خراب ٿي بگڙجي رهي آهي. ته سندس ڀاءُ حبيب بن مهلب کي سنڌ جي جهاد ۽ اتي بادشاهت لاءِ روانو ڪيو. حبيب جا پير جڏهن هند ڌرتيءَ تي پهتا ته راجا ڏاهر جو پٽ جي سنگهه جيڪو گهڻو ڪري ڪشمير کان واپس آيو هو. برهمڻ آباد ۾ داخل ٿي ويو. حبيب سنڌ ۾ داخل ٿيندي سنڌو درياءَ جي ڪناري خيمو هڻي ويٺو، اروڙ وارن اطاعت جو ڪنڌ نمايو پر ڪجهه ماڻهو مٿي ڦريل هئا جن کي حبيب ڪنڌ کڻڻ جي ڏوهه ۾ پوري سزا ڏني. ان دور ۾ چيو وڃي ٿو ته ڪجهه ڏينهن لاءِ عامر بن عبدالله سنڌ جو والي رهيو. پر بلاذري ۽ يعقوبي جن تي ڀروسو وڌيڪ ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻيا تاريخدان به انهن لاءِ خاموش آهن. تنهن ڪري اسان وٽ اها ڳالهه جيتوڻيڪ ڀروسي جوڳي ناهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org