سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب؛ --

صفحو :31

 

حاشيا

صفحو (11) (3): مراصد ان اطلاع علي اسماءَ الامڪنه والبقاع ۾ لکيل آهي”بلوص هڪ جهنگلي قوم جو نالو آهي، جيڪا سنڌ جي ڪنارن تي رهندي آهي، انهن ماڻهن جو ڪو دين ناهي، جهنگلي حياتي گذارين ٿا. بي رحمي ۽ فتني خوري ۾ مشهور آهن. مسافرن جو مال ڦرڻ تي ماٺ نٿا ڪن پر پٿرن سان سندن مٿو به ڪچري ڇڏيندا آهن. عضد الدوله بن بويه مٿن حملو ڪري مڃايو ۽ گهڻن کي قتل ڪيو.

صفحو 12 (1): اينخورداز ۾ بيان آهي ته نومنشور کان ديبل شهر تائين اٺن ڏينهن جي منزل هئي ۽ ديبل کان سنڌو درياءَ جي منڍ تائين ٻن ڏينهن جي واٽ هئي، جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌو دريا جي منڍ کان اولهه پاسي ڏهه ڏينهن جي منزل تائين سنڌ جي سلطنت هئي.

صفحو (50) (1): هي نالو جدا جدا بيهڪ ۾ اچي ٿو. مسعودي ”الروز“ لکي ٿو ۽ ٻي جاءِ ”الرور“ اشڪال البلاد جو مصنف هڪ هنڌ ”الدور“ ۽ ٻي هنڌ ”الرور“ ٻڌائي ٿو. ابن حوقل ”روز“ ۽ الروز لکيو آهي، ادريسي ”دور“ لکيو آهي. مراصد الاطلاع ۾ الرور لکيو آهي. ان شهر جا آثار بکر ۽ خيرپور جي وچ ۾ موجود آهن ۽ اروڙ جي نالي مشهور آهي.

صفحو 51 (1): جهڙي طرح اهو معلوم نٿي سگهيو ته سهيرس جو خاندان ڪهڙي دور کان حڪمران هو ۽ هو خود ڪير ۽ ڪهڙي خاندان جو هو، اهڙي طرح اهو به معلوم نٿي سگهيو ته نيمروز بادشاهه مان ڪهڙو تخت ڌڻي مراد آهي. جنهن طرف کان حملو ٿيو ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته عجم جو ساساني تاج ڌڻي مراد آهي.

سنڌيڪار: راءِ سهيرس ٻيون نيمروز جي جنگ ۾ ايرانين هٿان قتل ٿيو، سندس وفات جي تاريخ سن 4 هه 626ع آهي ۽ سندس تعلق راءِ گهراڻي جي حاڪمن سان هو، اندازو آهي ته راءِ وارا، سنڌ جي سمان قبيلن مان هئا، سندن حڪمراني جو سلسلو هن ريت بيهي ٿو.

راءِ ڏياچ(؟؟؟)

راءِ سهيرس اول(؟؟)

راءِ ساهسي اول (؟؟)

راءِ سهيرس ٻيون (؟ وفات 4 هه / 626ع)

راءِ ساهسي ٻيون 626 (ع کان 652ع)

حوالو: سنڌ جو تاريخي ۽ تحقيق جائزو از غلام محمد لاکو

صفحو 54 (1) : برهمڻن جي حڪومت جو سڄو زمانو 93 سال ٻڌايو وڃي ٿو ۽ جڏهن انهي سال محمد بن قاسم جي مقابلي ۾ راجا ڏاهر مارجي ويو تنهن ڪري مورخن چچ جي تخت نشيني جو سال 1 هه قرار ڏنو، پر ان سان اهو به چيو ويو آهي ته 40 سالن جي چچ 8 سال ان جي وارث چندر ۽ 33 سال ڏاهر حڪومت ڪئي جنهن جو سڄو زمانو 81 سال ٿئي ٿو. انهيءَ اهنجائي کي ڏسي مسٽر ايليٽ ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ اها راءِ قائم ڪئي آهي ته چچ 1 هه ۾ تخت نشين ٿيو.

سنڌيڪار: جديد دور جي مطالعي موجب سنڌ جي برهمڻ گهراڻي فقط سنڌ تي سٺ سال حڪومت ڪئي، جنهن جو وچور هن طرح آهي.

چچ (652 ع کان 691ع)

چندر (691 ع کان 699ع)

ڏاهر (699ع کان 712ع)

صفحو 54 (2): ان راجا کي مير معصوم جيپور جو تحفته الڪرام چتوڙ جو ۽ چچ نامه ۾ هڪ هنڌ جيتور ۽ ٻي جڳهه جيپور لکيل آهي، پر ان ۾ گمان آهي ته اهو ئي چتور ۽ جيپور آهن يا ڪو ٻيو. تن ڏينهن ۾ ان قاسم جا ڪجهه نالا سنڌ جي ڀرپاسي به ملن ٿا.

صفحو 56 (2) : چچ نامي جي مصنف جو اهو لکڻ ته چچ علاءَ الدوله نالي هڪ همراهه کي حاڪم مقرر ڪيو حيرت انگيز آهي، گهڻو ڪري هي ڪو هندو نالو آهي، جيڪو عربي آري تي چڙهي علاؤ الدوله ٿي ويو ورنه ان دور ۾ ان قاسم جو نالو هئڻ تي ٻي ڳالهه آهي هتي ڪو شايد اسلام جي نالي کان واقف به نه هجي.

صفحو 57 (1) : هتي پنجاب مان مراد جهلم دريا جو سرچشمو آهي، جتي پنج ند ڌار ڌار نڪري هڪ ۾ ملي ويو آهي.

صفحو 57 (2) : سنڌ جي راجا مان غالباً هتي ڪو سنڌي شهزادو (راڻو) مراد آهي جيڪو سنڌ جون فوجون وٺي ڪمڪ لاءِ ويو هوندو ورنه راءِ چچ ان زماني کان پوءِ پنهنجي تخت گاهه ۾ پنهنجي موت مري ويو.

صفحو 76 (1): بلاذري ان واقعي کي حضرت عثمان رضه جي دؤر ۾ لکي ٿو. سندس بيان آهي ته حضرت عثمان رضه جي حڪم سان جڏهن عبدالله بن عامر بن ڪريذي عراق جو والي ٿيو ته حضرت عثمان رضه کيس لکيو ته ڪنهن کي هندوستان روانو ڪري جيڪو اتي جي حالتن مان ڄاڻ حاصل ڪري اچي ۽ مون کي آگاهه ڪري. عبدالله بن عامر حڪيم بن جبله عبدي کي هندوستان جي ڪناري ڏانهن اماڻيو، جنهن اتان واپس اچي جناب  ذوالنورين جي خدمت بابرڪت ۾ اها ئي ڪٿا بيان ڪئي جيڪا هتان صحار عبدي جي واتان حضرت فاروق اڳيان بيان ڪئي ويئي. پر اندازو سمجهه ۾ نٿو اچي. اول ته بلاذري ان راويت جي بيان ڪرڻ ۾ اڪيلو آهي، ٻيو هي ته حڪيم بن جبله عبدي جو نالو عثماني خلافت جي مجاهدن ۾ تمام گهٽ اچي ٿو. هو ڪنهن هنڌ ڪو بهادري جو ڪارنامو ڪرڻ نه ويو پر سندس شمار حضرت عثمان رضه جي مخالفن ۽ دشمنن ۾ آهي، باغيانه طور بغاوت ڪري جڏهن ماڻهن حضرت عثمان کي شهيد ڪيو ته بغاوت ڪرڻ وارن ۾ اهو ئي حڪيم بن جبله عبدي به هو جيڪو بصري جي باغين ۾ هڪ سردار جي حييث رکندو هو.

وري جنگ جمل ۾ هي حضرت علي رضه جي طرفان وڙهيو ۽ لڙائي ۾ بيبي عائشه کي اعلانيه گهٽ وڌ ڳالهايو، ايستائين جو حضرت طله جي ساٿين مان ڪنهن سندس ٽنگ ڀڃي ڇڏي ۽ انهيءَ زخم سبب مري ويو. هاڻي اهڙي ماڻهو جي هٿان حضرت عثمان رضه جي لاءِ هڪ اهڙي خدمت جو سرانجام ٿيڻ بلڪل سمجهه ۾ نٿو اچي. ۽ سڀ کان وڌيڪ ثابتي بلاذري جي بيان جي غلط هئڻ جو آهي ته جيڪي حالتون بيان ڪيل آهن اهي مڪران جي احوال کان وڌيڪ هڪجهڙيون ملن ٿيون، ان لاءِ ته ريگستان به آهي. پاڻي جي به کوٽ آهي تنهنڪري ته سنڌ بابت ڪو واقف ڪار اهڙا خيالات ظاهر نٿو ڪري سگهي. انهيءَ لاءِ اسان اهي واقعا ابن اثير جي مطابق لکيا آهن.

صفحو 86 (2) : ايليٽ چچ نامي جي حوالي سان 46 هه قائم ڪيو آهي، ابن اثير 43 هه ۽ ابن خلدون 42 هه ٻڌايو ٿو، پر 46 بلڪل غلط آهي ڇاڪاڻ ته عبدالله بن عامر جنهن بابت هي مقرر ٿي 43 هه ۾ بصري مان هٽايو ويو آهي.

صفحو 90 (2) : عباد بن زياد ۽ ابن مفرغ جو احوال ابن اثير ۾ موجود آهي. ان جو هتي بيان ڪرڻ دلچسپي کان خالي نه ٿيندو. عباد سان گڏ ان دور جو مشهور بامذاق شاعر يزيد بن مفرغ حميري به هو، اتفاق سان واٽ ۾ گاهه پٺي جي کوٽ ٿي ويئي ۽ گهوڙن کي ڏاڍي تڪليف ٿيڻ لڳي. بامذاق شاعر کي طبع آزمائي جو موقعو ملي ويو، هن هڪ شعر جوڙيو جيڪو هڪ دم سڄي لشڪر جي وات ۾ هو جيڪو هي آهي.

ال اليت اللحيٰ کانت حشيشاً فتحلقها دواب المسلمين

يعني ڪاش جو سونهاريون مرلڊ مانڌاڻي هجن ها ته مسلمانن جا ڪُميت کين کائي کائي ڀانسون ڪن ها.

شاعر جي بدنصيبي سان خود فوج جي سپهه سالار جي سونهاري دن تائين لڳل هئي، حاسدن کي بهتر موقعو مليو، انهن پوري طرح مرچ مصالا ملايا ته اهو شعر اوهان جي شان ۾ جوڙيل آهي. عباد مڇرجي ابن مفرغ جي گرفتاري جو حڪم ڏنو پر هو ان انجام کان اڳ ئي ڀڄي چڪو هو. عباد جڏهن سندس گرفتاري ۾ وڌيڪ زور ڀريو ته هن زياد ۽ سڄي خاندان جي هجو ۾ اهڙا شعر چيا جنهن مان فقط زياد ۽ ان جي نسل جي ئي توهين نه پئي ٿي پر ابو سفيان ۽ بنو اميه خاندان تي به سخت جهول هئي. ان هجو کي ڏاڍي مشهوري ملي ايستائين جو اهڙي ڪا گهٽ عربي تاريخ آهي جنهن جي ورقن تي اها هجو نه هجي.

صفحو 91 (1): بلا ذري توفان کي بوقان لکي ٿو ۽ بيان ڪري ٿو ته هتي جا ماڻهو في الحال مسلمان آهن ۽ چوي ٿو ته عمران بن موسيٰ بن يحيٰ بن خالد برمڪي هتي هڪ شهر آباد ڪيو آهي، جنهن جو نالو بيضاءَ رکيو آهي، هي شهر المعتصم بالله جي ڏينهن ۾ آباد ڪيو ويو هو. ٻين مورخن ان نالي کي توفان بيان ڪيو آهي. مسٽر ايليٿ مطابق اهو شهر ”ٻڌا“ آهي.

صفحو 94 (1) : ابن اثير جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته سعيد بن اسلم جي مقرري خود خليفي عبدالملڪ جي فرمان سان ٿي هئي، ها ان کان پوءِ مجاعه کي البته حجاج پاڻ مقرر ڪري روانو ڪيو.

صفحو 99 (1): هيڏانهن پوئين دور جي مؤرخن 17 سال جي عمر لکي آهي پر اسان فتوح البلدان جي پهرين روايت تي ڀروسو ڪيو ڇاڪاڻ ته يعقوبي پڻ ان روايت کي ترجيح ڏني آهي. سترهن سال عمر ٻڌائي آهي. انهيءَ فتوح البلدان جي آخري روايت کي ورتو آهي، جنهن ۾ هو منفرد آهي. ٻين مورخن غالباً ايتري قدر عمر کي قياس جي خلاف سمجهي فقط پنهنجي گمان سان ٻي روايت مڃي ورتي. تنهن ڪري اصل هي آهي ته 15 ۽ 17 ۾ ڪو فرق ناهي. جيڪڏهن 15 سال جي عمر اهڙي مهم جي لاءِ قياس خلاف آهي ته 17 سال به فرين قياس ناهي. حالانڪه سڀني کي تان جو انگريزي مورخن کي به صريح روايتن سبب محمد بن قاسم جي اها ئي عمر مڃڻي پئي.

صفحو 103 (2): غالباً مسٽر انفسٽن اهو خيال فرشتي جي بيان مان ورتو آهي جيڪو چوي ٿو ته ديبل جي گهيري جي زماني ۾ هڪ برهمڻ شهر مان نڪري محمد بن قاسم وٽ پيش ٿيو. ان شهر جي احوال ۾ بيان ڪيو ته مندر جي چوٽي ۾ هڪ طلسم آهي، جيستائين اهو نه ٽٽندو شهر فتح نه ٿيندو. جڏهن ته محمد بن قاسم حڪم ڏنو ته مندر جي چوٽي منجنيق سان ٽوڙي پٽ تي آندي وڃي. بس ان جي ٽٽندي ئي طلسم به ٽٽو ۽ شهر فتح ٿيو. مٿاڇري نظر سان اها به هڪ واهيات ڪهاڻي آهي پر ان مان مسٽر انفسٽن چڱو فائدو ورتو.

صفحو 104 (3) قتل ۽ تباهي جيڪا عربن هٿان ٿيندي هئي عوام ۾ ان جي ڏاڍي غلط معنيٰ مشهور آهي ۽ انهي سبب انگريز مؤرخن پنهنجي خيال ۾ اهو تمام وڏو الزام مسلمان فاتحن تي لڳايو آهي پر دراصل هو سمجهي نه سگهيا، مسلمانن جو عام قاعدو هو ته ٻارن ٻڍن، تارڪ الدنيا، هاري، ناري، واپاري، هنرمند ۽ قائفائن جي قتل کان قطعي پرهيز ڪندا هئا. هاڻي انهيءَ ڇانٽي کي ڪڍجي ته اهي ئي ماڻهو رهندا جيڪي لڙاڪو هئا ۽ سندن مقابلي ۾ سامهون ٿيندا هئا. عام قتل جن ماڻهن جو ٿيندو هو، هو اهي ئي هئا ۽ انهن جو قتل ڪرڻ هر فاتح وٽ ضروري هوندو آهي. تان جو ٻي هنڌ گڏ ٿي وري لڙائي لاءِ تيار نه ٿين، انهن ماڻهن ۽ انهن ۾ ڪو فرق ناهي جن کي برطانوي سرڪار مهينن تائين 1857ع کان پوءِ ڦاسين تي لٽڪايو.

صفحو 105 (4) : ”تاريخ فرشته“ بلڪل ان جي خلاف لکيو آهي. هو لکي ٿو ته نيرون تي ڏاهر جو پٽ والي هو، مسلمانن جي اچڻ تي نيرون وارن شهر جا ڦاٽڪ بند ڪري ڇڏيا، ڪجهه ڏينهن گهيري ۾ رهي هارائجي ويا، ڏاهر جو پٽ ڀڄي برهمڻ آباد هليو ويو ۽ شهر مسلمانن وڙهي فتح ڪيو، پر اهو غلط آهي ڇاڪاڻ ته ”بلا ذري“ ”چچ نامه“ ۽ سڀني مڃيل مؤرخن اهو ئي لکيو آهي ته نيرون وارن حجاج کي اڳ ئي ڏڻ ڏيڻ جو واعدو ڪري پنهنجو ڪري ڇڏيو هو ۽ محمد بن قاسم سان اطاعت سان پيش آيا.

صفحو 106 (2) غالباً هي سنڌ دريا جي پهرين شاخ آهي جيڪا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندي وقت اولهه طرف پري تائين هٽي ويئي آهي ۽ ديبل کان ايندي وقت ان شاخ مان بيشڪ لهڻو پيو هوندو.

صفحو (107) (1): ۽ هتان کان اڳتي به محمد ن قاسم جو سڄو احوال گهڻو ڪري چچ نامي مان ورتو آهي، تنهن ڪري هر هنڌ حوالي جي ضرورت ناهي سواءِ انهن خاص واقعن جي جيڪي ڪنهن ٻي تاريخ مان ورتا ويا آهن باقي سڄو احوال قاري چچ نامي ۾ پڙهندا.

صفحو 110 (2) هي سردار جنهن جو نالو ڪاڪو آهي  سندس لقب راڻو هو ۽ هتي جا سڀئي حاڪم انهي خطاب سان سڏيا ويندا هئا، هي خاندان شروعات ۾ گنگا جي ڪناري آودهار جي هنڌ آباد هو. آؤ (راءُ) جنهن جي نسل مان هي هئا انهيءَ سنڌو دريا جي ڪناري اچي سڪونت اختيار ڪئي هئي جڏهن کان هي خاندان سنڌ سرڪار جي ماتحتي ۾ عزت سان حڪومت ۽ هتي زندگي گهاريندو هو.

صفحو 117 (2): گهڻو ڪري هي واقعا چچ نامي ۾ موجود آهن پر راسل کي ”بلاذري“ قصه جو راجا لکيو آهي. غالباً قصه ڪڇ جي بگڙيل صورت آهي، جيڪا ان زماني ۾ سنڌي راڄ جو مطيع معلوم ٿئي ٿو.

صفحو (3): انهيءُ ديسي شهزادي جي نالي کي تاريخدان ڪٿي قوني لکن ٿا ۽ ڪٿي قوني قوني – وري خرابي هي ٿي ته پڇاڙي ۾ ڪوفي ٿي ويو پر عرب جن اصولن سان ٻين زبانن جي نالنکي پنهنجي زبان ۾ وٺندا آهن، ان اعتبار خان معلوم ٿئي ٿو ته هي نالو گوپي آهي جيڪو اڄ تائين هندن ۾ هلندڙ آهي، افسوس جو ان نالي جي پتو باوجود گهڻي ڇنڊڇاڻ جي هن وقت تائين ڪوبه لڳائي نه سگهيو.

صفحو 121 (1): جئه سنگهه جو مارجڻ يقيناً غلط آهي، ان لاءِ ته راءِ ڏاهر کان پوءِ هن برهمڻن آباد جي قلعي ۾ مسلمانن سان واهه جو مقابلو ڪيو، ها جيڪڏهن صحيح به هجي ته ڏاهر جو ڪو ٻيو پٽ هتي مارجي ويو هوندو. اهڙيون غلطيون اڪثر چچ نامي ۾ ٿيل آهن، جنهن جو ڪارڻ فقط اهو هو جو عرب هندي نالن کان بلڪل اڻڄاڻ هئا.

صفحو 132 (1): جيڪو همراهه ان سوڀ کان پوءِ حجاج وٽ غنيمت جو مال ۽ سوڀ جي وڌائي کڻي ويو ان جو نالو چچ نامي ۾ ته اهو ئي لکيل آهي، پير مير معصوم ان جو نالو قيس ٻڌائي ٿو.

صفحو 156 (1): ان ۾ شڪ ناهي ته اروڙ شهر جي ماڻهن کي ڏاهر جي مارجڻ جو بلڪل يقين نه ٿيو، پر اهو ممڪن ناهي جو خود گوپي کي به پتو نه هجي، ان لاءِ ته برهمڻ آباد کان جئه سنگهه کيس لکي چڪو هو ته ڏاهر مارجي ويو غالباً انهيءَ روايت ۾ ڀل ٿي آهي. چچ نامي جي ان بيان جو ڪنهن طرح يقين نٿو ڪري سگهجي ته خود گوپي کي پنهنجي پيءُ جي مارجڻ جي ايترو عرصو گذارڻ تي اطلاع نه ٿيو. اصل اهو ئي معلوم ٿئي ته کيس خبر هئي، پر ان سياسي مصلحت سبب لڪايو ۽ شهر ۾ راجا جي حياتي جو هل هلائي ڇڏيو.

صفحو 158 (1): چچ نامي ۾ جنهن مان هي نقل ڪيل آهي شهر وارن جي هنڌ خود گوپي جو نالو لکي آهي، پر ڪيئن اعتبار ڪجي ته کيس ڏاهر جي مارجڻ جي خبر نه هجي، ٺيڪ اهو ئي آهي ته گوپي عام ماڻهن ۾ ان خيال کي پيدا ڪيو هو ۽ اهي ئي ماڻهو جوڳڻ وٽ ويا هئا ۽ جيڪڏهن هو پاڻ به ويو ته ماڻهن کي ڏيکارڻ ۽ پنهنجي لاعلمي جو يقين ڏيارڻ لاءِ ويو هوندو.

صفحو 162 (1): انهيءَ واقعي کي به چچ نامي ڏاهر جي پٽ جئه سنگهه ڏانهن ڦيريو آهي، پر سمجهه ۾ ائين ٿو اچي ته هي واقعو گوپي جو آهي. ڇاڪاڻ ته پهرين ته جئه سنگهه جو حال پورو ٿيو ۽ سندس داستان پنهنجي موقعي تي پڄاڻي تي پهچائي ويئي ۽ هن موقعي تي ذڪر ڪرڻ جي ڪا ضرورت به ناهي. ان لاءِ ته گوپي جي احوال وچ ۾ هي واقعو بيان ڪيو ويو آهي. افسوس جو ڪنهن ٻي تاريخ ۾ هي احوال لکيل ناهي جو ان جي تائيد تي فيصلو ڪري سگهجي. پر اسان فقط قياس تي فيصلو ڪري ۽ ان مجبوري سان ته جئه سنگهه سان ان کي ڳنڍڻ ڏکيو آهي، ان کي گوپي ڏانهن منسوب ڪيو آهي.

صفحو 168 (3) : هي واقعو چچ نامي مان ورتل آهي. پر ان هنڌ ۾ قلعي جي نالي ۾ اختلاف آهي. خود چچ نامي جي ٻي نسخي ۾ باسه لکيل آهي.

صفحو 170 (1) : اڄ ڪلهه جي نقشي ڏسڻ وارن ۽ موجوده جاگرافي دانن کي هن هنڌ تي بياس درياءَ جو نالو ٻڌي حيرت ٿيندي ڇاڪاڻ ته موجوده نقشن پٽاندر بياس هتان کان گهڻو پري اتر م اچي ستلج درياءَ سان مليو آهي پر ڪا حيرت جي ڳالهه ناهي. جيڪڏهن ويچار ڪيو وڃي ته اها ڏکيائي آساني سان حل ٿي سگهي ٿي، جنهن هنڌ تي محمد بن قاسم لٿو آهي اتان موجوده درياءَ وهيو آهي ان کي دراصل ڪنهن نالي سان تعبير نٿو ڪري سگهجي. ان لاءِ ان موقعي تي پنجاب جا پنج ئي ستلج، بياس،راوي، چناب ۽ جهلم سڀ ملي هڪ ٿي ويا آهن ۽ ٿورو اڳتي وڌي مٺڻ ڪوٽ ويجهو سنڌو درياءَ ۾ مليا آهن. تنهن رڪي جتي محمد بن قاسم لٿو آهي اتي جي درياءَ کي پنجاب جي جنهن درياءَ جي نالي سان تعبير ڪجي جائز آهي ۽ ڪو تعجب ناهي ته ان  زماني ۾ کيس بياس ئي سڏيندا هجن.

صفحو 172 (1) : جيڪو شڪ بياس درياءَ بابت ٿيو هو اهو ئي ان موقعي تي راوي درياءَ بابت وارد ٿئي ٿو. ان لاءِ ته موجوده نقشن پٽاندر ان هنڌ تي جيڪو دريا وهيو آهي ان جو نالو چناب لکيو ويو آهي، حالانڪه هو چناه ئي نه پر مٿي چڙهي سندس تي شاخون آهن. راوي، چناب، جهلم، ملتان کان هيٺ جتي ٽئي درياءَ مليا آهن، جنهن نالي سان سڏجي دوا آهن ۽ جيتونيڪ اڄ ان کي چناب چوندا آهن پر ممڪن اهي ته تن ڏينهن ۾ راوي سڏيو هجي.

صفحو 173 (1): چچ نامه پر فتوح البلدان جيڪو چچ نامي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ گهڻو ڀروسي جوڳو آهي، ان جو بيان آهي ته ملتان کان ٻاهر هڪ ئي لڙائي ٿي ۽ ان ۾ ملتان وارن کي بري شڪست آئي. جڏهن ته مسلمانن گهڻو نقصان پرايو.

(2) بلاذري جو بيان آهي ته مسلمانن کي کاڌي جي ئي نه پاڻي جي به تڪليف هئي. نيٺ هڪ پناهه گير سنڌي اچي هڪ چشمي جو گهيڙ ٻڌايو جنهن تان ملتان وارا به پاڻي پيئندا هئا. اهو بسي ندي جو پاڻي هو جيڪو وهي هڪ ڍنڍ ۾ گڏ ٿيندو هو ۽ ملتان وارن جي اصطلاح ۾ نلاح (ناله) سڏيو هو. پر اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته راوي درياءَ موجود ئي هو جنهن مان مسلمانن خاص ملتان شهر کان هيٺ لٿا هئا ۽ اهڙي هڪ درياءَ جي هوندي ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته اسلامي لشڪر ۾ ماڻهو اُڃيا ٿيا.

صفحو 174 (3): بلاذري جو بيان به ان جي خلاف آهي، هو چوي ٿو ته ملتان جون ديوارون ڪيرايون نه ويون هيون پر پڇاڙي ۾ ملتان وارا وڙهڻ لاءِ قلعي مان ٻاهر نڪتا، مسلمانن بري شڪست ڏيئي ڀڄايو ۽ سنڌي ماڻهو اهڙي ڀيڙ ۾ ڀڳا جو وڃڻ وقت قلعي جا ڦاٽڪ بند ڪرڻ جو به هوش نه رهيو. مسلمان پيڇو ڪندي قلعي ۾ داخل ٿيا، انهن ٻنهي مختلف بيانن جو فيصلو اسان نٿا ڪري سگهون سواءِ ان جي جو بلاذري وقعت جو وڌيڪ خيال ڪيو وڃي، ٻيو ڪو سبب ترجيح جو نظر نٿو اچي.

صفحو 176 (1): سڀئي تاريخدان اهو لکن ٿا ته حجاج ٻيڻي رقم داخل ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو فقط چچ نامه جو مصنف ان ڳالهه ۾ اڪيلو آهي، ۽ چوي ٿو ته نه صرف ايتري رقم جي ذميواري هئي جيڪا خرچ ٿي، اسان اڪثريت جي راءِ کي ترجيح ڏني آهي.

صفحو 178 04): هندوستان جي هندوئن ۾ اهڙو شرمناڪ رواج بلڪل ناهي ۽ غالباً اتي جا تجربي ڪار نوجوان ان بيان کي غلط تصور ڪن. پر اها حيرت جي ڳالهه ناهي، دکن جي هندوئن ۾ اڄ تائين هي طريقو هلندڙ آهي، ڪو هنڌ اهڙين بي شرم ڇوڪرين کان خالي ناهي جيڪي ذڪر ڪيل طريقي سان ديوتائن جي نذر ڪيل آهن، اهي ئي مرليون سڏائينديون آهن.

رنڊين وانگر زناڪاري تي زندگي گذارينديون آهن ۽ ان ۾ ڪنهن قوم ۽ ذات جو لحاظ نه ڪنديون آهن، جنهن قوم ۽ جنهن ذات جو ماڻهو هجي ان لاءِ سندن ٻانهون کليل آهن.

صفحو 179 (3) مندرن بابت پوئين ۽ اڳئين بيان ۾ اختلاف نظر اچي ٿو، اصل هي آهي ته عربي سياح جيڪي سنڌ ۾ ايندا هئا ڪجهه ته تعصب سان ۽ ڪجهه ان خيال سان ته سندن عقيدي ۾ بت خاني جي زيارت به شرڪ آهي، اندر وڃڻ جو ارادو نه ڪندا هئا ۽ انهيءَ سبب هو هندوئن بابت جيڪي ڪجهه احوال ڏيندا هئا سنڌ جي مسلمان رهاڪن کان پڇندا هئا ۽ ان احوال ۾ کين ڪابه دلچسپي به نه هئي جو آزادانه طور پاڻ وڃي مندر اندر ڏسي اچن، تنهن ڪري اهو ڪو وڏو اختلاف به ناهي، مممڪن آهي ته گهڻا مندر هجن ۽ اهي ٻئي بيان ٻن الڳ بت خانن سان واسطو رکندا هجن.

صفحو 183(2): ڪيرج اهو شهر آهي جنهن کي چچ نامي جو مصنف ڪورج لکي ٿو جتي جو راجا دورهر يا دوهر پنهنجي ڀيڻ جانڪي جي تهمت لڳائڻ تي گوپي سان دغا ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، عربي (و) ۽ ي اکر اهڙا بدلجندڙ حرف آهن جو ڪڏهن اڻڄاڻائي سان نحوي قاعدا عجمي لفظن ۾ به ڦيرڦار ڪري کين بگاڙي ڇڏيندا آهن. ڪيرج ۽ ڪروج جي تبديلي گهڻو ڪري انهي ڪارڻ ٿي آهي.

صفحو 186 (2): ان قصي کي فارسي جي سڀني مؤرخن نقل ڪيو آهي، تنهن ڪري اسان به ان کي چچ نامي مان ئي پورو نقل ڪريون ٿا، ڇو جو ان جي صحت ۽ غلطي جو اندازو ڪرڻ چڱي نموني موقعو ملي.

(3)انهيءَ قصي جو من گهڙت هئڻ جو پهريون ثبوت اهو آهي ته جو لکيل آهي ته هو بغداد روانيو ڪيون ويون، حالانڪه بني اميه جي آخري دور تائين دمشق ئي دارالخلافت رهيو. بغداد جو داراخلافت هئڻ پري رهيو، ان وقت تائين ان نالي جو ڪو شهر ئي نه هو. بغداد کي بني عباس جي ٻي خليفي ابو جعفر منصور آباد ڪيو.

(4): ان خليفي نسبت مسٽر انفسٽن لکي ٿو ته هي بني اميه جي خاندان جو ڇهون خليفو وليد بن وليد هو، ان نالي جو ڪو خليفو وليد بن وليد بني اميه ۾ نه آهي. شايد ان مان مراد وليد بن عبدالملڪ آهي، جنهن بابت فرشتي ان کي منسوب ڪيو آهي، پر اهو به غلط آهي ڇاڪاڻ ته محمد بن قاسم جي معزولي قطعي طور تي ۽ ڀروسي جوڳن مؤرخن ويجهو سليمان عبدالملڪ جي عهد ۾ ٿي.

(5) ان دؤر کان اڄ تائين قريب قريب محال آهي ته ٻه ڀيڻون هڪ ئي مسلمان سان هم بستري لاءِ استعمال ٿين وليد بابت اهڙي تهمت ڪنهن صورت ۾ سمجهه نٿي اچي.

صفحو 187 (1) : اهو به غلط آهي ڇاڪاڻ ته خود چچ نامه جي ئي بيان سان محمد بن قاسم اوديپور نه ويو هو پر هو ملتان ۾ ئي رهيل هو. اوديپور ۾ صرف اهو سفير ويو هو جيڪو خليفي جو خط کڻي قنوج روانو ٿيو هو.

(2): قنوج ڪهڙو؟ محمد بن قاسم ته دراصل ملتان ۾ هو، خير ان روايت ۾ اوديپور بيان ڪيو ويو پر ايستائين بيان ڪري هو به ڀلجي ويو ۽ اوديپور مان قنوج ٿي ويو.

(3): هي به اختلاف بياني آهي ته پهرين ان ڇوڪري جو نالو سورج ديوي ٻڌايو ويو ۽ هاڻي جانڪي ٻڌايو ويو آهي.

صفحو 188 (1): هي بيان به  غلطي کان خالي ناهي ته هڪ ئي واقعي جي ٻن ڳالهين مان هڪ بغداد ۽ هڪ دمشق ۾ ٻڌايو وڃي ٿو.

صفحو 189 (1): مسٽر انفسٽن عربي مورخن جي ڇنڊڇاڻ جي نشان کان اڻڄاڻ هئڻ سبب پنهنجي تاريخ جي حاشيي ۾ بحواله ڪرنل ڪينيڊي لکن ٿا ته تاريخ طبري ۾ ڪيتريون ئي بي بنياد ڪهاڻيون ۽ ڪوڙا قصا پلٽيل آهن ۽ انهيءَ لاءِ گهڻا لکيل احوال مسلمانن وٽ ڀروسي جوڳا ناهن. پر کيس اهو معلوم ناهي ته تاريخ طبري مسلمانن وٽ ايتري ڀروسي جوڳو ڪتاب آهي جو پوءِ جي سڀني مورخن جو دارو مدار ان تي آهي، ها ضعيف روايتون ان ۾ آهن، پر مسلمانن جو فن رجال چڱي طرح ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي روايت ڪيئن آهي خود طبري جي ڪوشش اها رهندي هئي ته هر واقعي بابت جيتري قدر موافق ۽ مخالف احوال معلوم ٿي سگهن، اهي معتبر هجن يا غير معتبر سڀ کان انهن ماڻهن جي احوال سان گڏ نقل ڪري ڇڏيندو آهي، پر ڪاش مسٽر انفسٽن اهو ئي خيال ڪري ها ته طبري جيڪي اهڙا ڪوڙا قصا لکڻ جو شائق آهي هن به ان قصي کي پنهنجي تاريخ ۾ جڳهه ملڻ جي قابل نه سمجهيو.

صفحو 192 (3) يعقوبي اهي شعر زياد اعجم طرف منسوب ڪيا آهن پر بلاذري جو بيان آهي ته اهي شعر حمزي بن بيض حنفي جا آهن ۽ اصل شعرن ۾ به ڪجهه لفظ بدليل آهن، جنهن ۾ وڌيڪ توجهه طلب اها ڳالهه آهي ته ”خمس عشره“ جي هنڌ بلاذري ”ولسبعته عشره“ لکيو آهي. پر خود بلاذري ۾ ئي هڪ ٻي روايت آهي جيڪا يعقوبي جي تصديق ڪري ٿي ۽ ٻڌائي ٿي ته محمد بن قاسم جي عمر پندرهن سال هئي ۽ انهي ڪارڻ اسان ان روايت کي ترجيح ڏيون ٿا.

صفحو 197 (1): عبدالرشيد کي مير معصوم سلطان مسعود جو پٽ لکيو آهي پر صحيح اهو آهي جيڪو فرشتي ۾ لکيل آهي ته عبدالرشيد خود سلطان محمود غزنوي جو پٽ هو، محمود جي نسل جي پوءِ ڪيترن حڪمرانن کان پوءِ هن بغاوت ڪئي ۽ اباڻي تخت تاج تي قابض ٿيو، پر عشرت پسندي ڪارڻ تمام جلد تباهه ٿي ويو.

صفحو 201 (1): دروزي ماڻهو اڄ به شام ملڪ ۾ موجود آهن ۽ هڪ عجيب غريب مخفي اعمال ۽ عقيدن وارو مذهب رکن ٿا، جيتوڻيڪ مسلمانن جو هڪ فرقو آهي پر هو قرآن کان وڌيڪ قدر ڪتاب الدروز جو ڪندا آهن، جيڪو انهيءَ مقطنه بهاءُ الدين جي خطن ۽ ان جي لکڻين جو مجموعو آهي، ڪتاب الدروز کي دروزي همراهه ته لڪائيندا آهن پر اهو لنڊن ۾ ڇپيل آهي، جنهن جو هڪ نسخو حيدرآباد دکن ۾ نواب عماد الملڪ بهادر جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي ۽ اتي ئي منهنجي نظر مان گذريو.

صفحو 203 (1): قرامطي جيڪي تڪبيرون ٻه ٻه ڀيرا چوندا آهن. ان تي اسان جي زماني ۾ اهل سنت ۽ خاص ڪري امام ابو حنيفه عليه الرحمته 2 جا مقلد ڇرڪي پوندا. ڳالهه هي آهي ته محدثن ۽ امام شافعي ۽ احمد بن حنبل رحمت الله عليها وٽ تڪبير ۾ الله اڪبر چار بدران ٻه دفعا ۽ باقي ڪلما فقط هڪ ڀيرو چوڻ گهرجي، ها قدقامت الصلوات البته ٻه دفعا چيو وڃي، علامه بشاري بظاهر محدثن جي طرز تي عمل ڪندو هو ۽ سندن خيال ۾ هو ته تڪبير جا ڪلما ٻه ٻه دفعا چوڻ اماميه ماڻهن لاءِ مخصوص آهي. کين خبر نه هئي ته ان مسئلي ۾ شيعن ۽ حنفين ۾ اتحاد آهي.

صفحو 205 (1): يهودين کي سامري (سرمن راڻي) جي رهاڪن سبب سامره سمجهڻ عرب مورخن جي غلطي آهي، بيت المقدس جي اتر طرف سامري علائقو موجود آهي جتي يهودين جا ڪيترائي قبيلا رهندا هئا ۽ انهن ۾ يروشلم جي يهودين ۾ لڙائي رهندي هئي. اهو سامري لفظ اڄ ڪلهه عربي توريت ۾ شومران لکيل آهي، پر عرف عام ۽ ٻين زبانن ۾ اهو سامري ئي سڏبو هو. اتي جي يهودين سامره يا سامري اصل ۾ هي انهن يهودين مان هوندا.

(2) شرعي اصطلاح ۾ ذمي ان غير مذهب رعيت کي چوندا آهن، جنهن جي جان ۽ مال جي حفاظت اسلامي خلافت تي واجب هجي، اصل هي آهي ته دين اسلام ۾ مشرڪ ذمي قرار نٿا ڏيئي سگهجن. اهو مسئلو فقط اهل ڪتاب جي لاءِ هو، پر سنڌ جي فتح وقت محمد بن قاسم لاچار هتي جي مشرڪن کي ذمي قرار ڏنو پر معلوم ٿئي ٿو ته ان کان پوءِ اهو عهد ٽوڙيو ويو ۽ هندو رعيت کان ذمي جو لقب ورتو ويو. پر ان مان هندو رعيت کي وڏو فائدو پهتو ڇو ته جزيو موقوف ڪيو ويو ۽ فقط خراج جي ادائگي جا هو پابند رهيا.

صفحو 210 (1) : چچ نامي جي بيان جئه سنگه بابت وڏو اختلاف پيدا ڪيو آهي. ٻين سڀني مؤرخن جي بيان مان معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌ ۾ موجود هو  مسلمانن ڪجهه پرڳڻڻ تي کيس پنهنجو مطيع بنائي حڪمران بنايو هو ۽ جڏهن ته ان تي سڀني مؤرخن جو اتفاق آهي، تنهن ڪري ان کي اسان ڪوڙو نٿا ڪري سگهون، شايد ائين هجي جو ڪشمير ۾ ڏاهر جو ٻيو پٽ گوپي وڃي رهيو هجي ۽ جئه سنگهه جيپور مان ڦري وري سنڌ ۾ آيو هجي اهو سمجهه جوڳو به آهي، ان لاءِ ته گوپي جي قصدي م جالنڌر تائين وڃڻ ثابت ٿي ويو، جتان هو ڪشمير هليو ويو ۽ جئه سنگهه ته جيپور ويو هو، هتان کان به ڪشمير جي واٽ ئي ڪونهي.

صفحو 212 (1) : ان مان معلوم ٿئي ٿو ته تن ڏينهن ۾ به ان قسم جا فوجي اشارا عربن ۾ مروج هئا، اها هلندڙ زماني جي ايجاد ناهي، ها ان ۾ ترقي بيشڪ ٿي آهي.

(2) هيءَ ئي اهو شخص آهي جنهن محمد بن قاسم کي زنجيرن ۾ جڪڙي قيد ۾ رکيو هو ۽ طرح طرح جون تڪليفون ڏنيون هيون.

صفحو 213 (4): بلاذري لکي ٿو ته جنيد کي عمر بن هيره قمراري سنڌ تي روانو ڪيو هو جيڪو اڳ ۾ بصري ۽ خراسان جو والي هو پر جڏهن هو هٽايو ويو ۽ ان جي جاءِ تي خالد بن عبدالله قسري بصري جو والي مقرر ٿيو ته هشام بن عبدالملڪ جنيد کي لکيو ته اوهان پنهنجي ڪاروهنوار ۾ ذڪر ڪيل خالد سان لک پڙهه ڪريو پر هي عالباً صحيح نه ٿيو ان لاءِ ته جنيد جي مقرري 107 هه ۾ ٿي ۽ 106 هه ۾ هبيره معزول ٿي چڪو هو ۽ ان وقت کان خالد قسري جي حڪومت شروع ٿي چڪي هئي جيئن ته ابن اثير وغيره معتبر ڪتابن مان ثابت آهي.

صفحو 216 (2): انهن شهرن جو ڏس پتو لڳائڻ مشڪل آهي، جيتوڻيڪ انهن مان ڪن جا نالا موجود زماني ۾ به ملن ٿا، مسٽر ايليٽ جي ڇنڊڇاڻ مان مرمد مان مرسٿل ٿي سگهي ٿو جيڪو هڪ وڏو مارواڙ ۽ ديگزار هو، منڊل جو ذڪر اسان قديم جاگرافي جي ضمن ۾ ڪنداسون، بيلمان هي غالباً اصل ۾ ورنلمه آهي، جيڪو عمرڪوٽ ۽ جيسلمير جي وچ ۾ آهي.

صفحو 217 (1): هندوستان ۽ چين سان ڪو واسطو ناهي، پڪ سان هتي چين مان مراد چنياپٽ آهي، اهو شهر جتي ڪنشڪا پنهنجي چيني ڪفيلن کي رکيو هو، هي بياس درياءَ کان اولهه طرف ڏهه ميل هو ۽ پڇاڙي واري دور تائين وچ ۽ اوڀر ايشيا جي ۽ اتر هندوستان جي سياسي لاڳاپن جو ثبوت ڏيندو رهيو. ان شهر کي چيني سياح هوئن ٽسانگ (645 کان 699 هه) تائين ڏٺو هو. هتي هو چوڏهن مهينا رهيو، جيئن سر ڊبليو ڊبليو هنٽر پنهنجي تاريخ ۾ لکيو آهي  جنيد جي زماني ۾ معلوم ٿئي ٿو ته هتي هڪ مستقل حڪومت قائم هئي جنهن جي قبضي ۾ ڪيترائي قلعا هئا ۽ هتي جي ئي راجا کي عرب ماڻهو چين جو بادشاهه چوندا هئا.

صفحو 219 (4) ان تلاءَ کي ماءُ الجواميش يعني مينهن جو تلاءَ ان ڪري چوندا هئا جو مهراڻ درياءَ جي ڪناري ڳاڙهن رڇن جي تمام گهڻائي هئي انهن کان ڀڄي انسان کي جان بچائڻ جي فقط اها اٽڪل ايندي هئي جو بي تحاشا مينهن وانگر ان تلاءَ ۾ ٽپي پوندا هئا.

صفحو 221 (5) : جڏهن خراسان لاءِ هڪ مستقل گورنر مقرر ڪيو ويو ۽ 109 هه ۾ اهو ملڪ خالد قسري جي حڪومت مان ڪڍيو ويو ته سڀ کان اڳ خراسان جي حڪومت انهي حڪم بن عوانه ڪلبي جي هٿ ۾ ڏني ويئي هئي، پر هن جهاد جي سلسلي کي ڇڏي اهڙي ٻڏل دل سان حڪومت ڪئي جو ٻي ئي سال 111 هه ۾ هٽايو ويو ۽ ان جي جاءِ تي جنيد بن عبدالرحمان سنڌ مان گهرائي مقرر ڪيو ويو پر خالد حڪم جو وڏو طرفدار هو، جڏهن سنڌ حڪومت تميم کان خالي ٿي ته ان شام جي درٻار ۾ سفارش ڪري حڪم کي هتي جو والي مقرر ڪيو.

صفحو 224 (3):حيرت آهي ته يعقوبي انهيءَ واقعي کي ٻي هنڌ ص 319 جلد ٻيو ۾ هن طر لکيو آهي ته هشام (عمرو بن محمد قاسم ۽ ابن اعرار جو پاڻ جهڳڙو ٻڌي) يوسف بن عمر جي نالي حڪنامو جاري ڪيو آهي، يوسف ثقفي هئڻ ناتي عمرو بن محمد ئي ڏانهن مائل ٿيو ۽ ان کي والي مقرر ڪيو.

صفحو 233(2): علامه ابن اثير ٻارهن هزار فوج لکي آهي، پر يعقوبي قدامت جي اعتبار کان ۽ اصلي سند هئڻ جي وڌيڪ معتبر آهي.

صفحو 241 (2): ايليٽ هشام جي مقرري 140 هه ۾ لکي آهي، پر اها غلط آهي ان لاءِ ته ابن اثير ۽ معتبر تاريخن مان پتو پوي ٿو ته عمر بن حفص جڏهن 151 هه ۾ قيروان ويو ته ان جي هنڌ هشام جي مقرري انهي سال ٿي. غالباً اها علطي بلاذري جي ڪري ٿي آهي، ڇو ته ان وٽ هشام کان پوءِ عمر بن حفص هندوستان روانو ڪيو ويو پر يعقوبي ۽ اڪثر مورخن ان بيان ۾ سندس مخالف آهن.

صفحو 243 (1): ڪجهه تاريخدانن هشام جي مقرري عمر بن حفص کان اڳ ڄاڻائي آهي، پر سڀني واقعن جي ترتيب ڏيڻ سان صاف معلوم ٿئي ٿو ته عمر بن حفص کان پوءِ هشام سنڌ جو والي مقرر ڪيو ويو.

صفحو 246 (1): ڪشمير کي فتح ڪرڻ مان اهو مطلب ناهي ته سڄو ملڪ فتح ڪيو پر ڪشمير جا ڪجهه ڏاکڻيان شهر سندس اختيار ۾ اچي ويا، مسٽر ايليٽ ان هنڌ تي فٽ نوٽ ۾ لکيو آهي ته پنجاب جا اُتر ضلعا ڪشمير ۾ هئا ۽ اهي ئي مراد آهن، ان لاءِ هو ان دور جي چيني مسافر هوئن ٽسانگ جي شهادت پيش ڪن ٿا. کڻي هوئن ٽسانگ جي ڏينهن ۾ ائين هجي پر ان دور ۾ پنجاب جو ڪو علائقو ڪشمير جي قبضي ۾ نه هو، ڇاڪاڻ ته خود چاچ پنهنجي زماني ۾ ڪشمير ۽ پنجاب جي سرحدن ان هنڌ قائم ڪئي هئي جتان درياءَ نڪتو آهي ۽ جتي سندس پنج ند آهن جيڪي ٿورو پوري وهي مليا آهن، پوءِ محمد بن قاسم پنهنجي ڏينهن ۾ وڃي انهن دنگن کي مضبوط ڪيو هو، ڪيئن سمجهه ۾ اچي ته ان کان پوءِ ايترو جلد جاگرافي بدلجي ويئي جو جنيد جي ڏينهن ۾ ڪشمير ۾ پنجاب جا ضلعا داخل ٿيا.

(2): بلاذري ۽ يعقوبي – ايليٽ لکي ڇڏيو آهي، ته هي ماڻهو گهڻو ڪري جناب امير جي بنياد مان هئا پر اهو بلڪل بي اصل آهي، ان لاءِ ته هشام بني فاطمه خاندان جو طرفدار هو، ان جي ڏينهن ۾ انهن ماڻهن کي ڪنهن قسم جو نقصان پهچي ئي نٿي سگهيو.

صفحو 246 (4): بلاذري مهدي جي اسلام جي تبليغ بابت خطن تي جيڪي حاڪم مسلمان ٿيا انهن ۾ ايترن نالن جي فهرست يعقوبي درج ڪئي آهي.(1) ڪابل جو فرمانروا جيڪو شاهه سڏائيندو هو(2) طبرستان جو حاڪم جيڪو شپهد جي لقب سان مشهو هو.(3) سعد جو فرمانروا جيڪو اخشيد سڏائيندو هو(4) طخارستان جو حاڪم جنهن جو لقب شردين هو(5) باميان جو بادشاهه جيڪو شير جي نالي سان مشهور هو. (7) اسروشنه جو فرمانروا جيڪو افشين جي لقب سان هو (8) خرلخيه جو فرمانروا جيڪو جيغوبه سڏائيندو هو(9) سيستان جو فرمانروا جيڪو رتبيل سڏبو هو (10) ترڪ جو حاڪم جيڪو طرخان جي لقب سان مشهور هو(11) تبت جو فرمانروا جيڪو جمهون سڏبو هو (12) سنڌ جو فرمانروا جيڪو راءِ جي نالي سڏبو هو(13) چين جو فرمانروا فففور سڏبو هو (14) هندو جو راجا جيڪو ماهراج جي لقب سان مشهور هو (15) تعزغز جو فرمانروا جيڪو خاقان سڏائيندو هو. ان فهرست کي ڏسي ڪري اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ت ان ۾ گهڻا فرمانروا اهي هئا جيڪي اسلام جا تابعدار ٿي چڪا هئا، انهن تي جزيو مقرر ڪيو ويو هو ۽ انهن جا شاهي حق باقي رهيل هئا، ڪابل سيستان طبرستان، سنڌ وغيره جي بادشاهن مان ائين ئي مراد آهي، فقط هڪ نالو فففور چين جو آهي، جيڪو ڪنهن حد تائين شڪ ۾ وجهي ٿو، پر ممڪن آهي ته چين جي حدن ۾ ڪو ننڍو بادشاهه ان نالي سان مشهور ٿيو ۽ مسلمان ٿيو ۽ ان کان به انڪار ڪرڻ جو سبب ناهي، فففور چين ان وقت زماني سازي يا دل سان ئي ايمان آندو هجي جڏهن يعقوبي جهري معتبر مورخ جي شاهدي موجود آهي.

صفحو 247 (9) ابن اثير – پر يعقوبي لکيو آهي ته معبد بن خليل مئو نه پر مهدي کيس هٽائي روح بن حاتم کي مقرر ڪيو.

صفحو 251 (1): يعقوبي – معلوم ٿئي ٿو ته نصر بن محمد بن اثعث وري مقرر ٿي آيو هو، ان لاءِ ته ابن اثير ۽ ابن خلدون ٻئي اتفاق سان چون ٿا ته 163 هه ۾ هو سنڌ جو والي هو، ڪهڙو عجب جو ليث بن ظريف کان اڳ ڪجهه ڏينهن هو ان عهدي تي رهيو هجي.

صفحو 264 (1): هي واقعو علامه ذهبي آثار الدوله ۾ لکيو آهي پر علامه ابن اثير لکن ٿا ته شفيق بلخي ترڪستان جي شهر ڪولان جي جهاد ۾ انهي سال شهيد ٿيو، تعجب آهي ته ابن خاڪان ابن جوزي جي حوالي سان لکيو آهي ته ان جو لاڏاڻو 153 هه ۾ ٿيو. پر انهن سڀني جي ڀيٽ ۾ ذهبي جي وقعت وڌيل آهي، ان لاءِ ته هو سڀني جي پڇاڙي ۾ ۽ سڀ کان وڏو روايتن جو ناقد رهيو آهي.

صفحو 265 (1) يعقوبي – ابن اثير ۽ ابن خلدون جو بيان آهي ته بشير حاجب کي شڪست ڏيئي ڇڏي ۽ هو منصوره مان هار کائي مڪران ۾ واپس آيو ۽ اتان کان مامون کي آگاهه ڪيائين.

صفحو 266 (3): ابن اثير ۽ ابن خلدون لکن ٿا ته غسان پاڻ سان گڏ موسيٰ برمڪي کي نه عمران بن موسيٰ غنڪي کي وٺي ويو هو، عتڪي ته تسلي سان قلمي نسخن ۾ ڦيرڦار سان ٿي ويو، جيڪو اصل ۾ برمڪي هو، پر اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته عمران ۽ موسيٰ جو اختلاف ڪٿان پيدا ٿيو. يعقوبي ۽ بلاذري ۾ ٺيڪ واقعو لکيل آهي، ان م ان طريقي سان لکيل آهي ته جيڪو اسان بيان ڪيو آهي، انهن ڪتابن مان جيتوڻيڪ واقعا ابن اثير ۽ ابن خلدون مان ورتا ويا آهن، تنهن ڪير اسان ان هن بيان کي ترجيح ڏني آهي.

صفحو 271 (3) اهو حڪم نئون ناهي پر جاٽن جي لاءِ پراڻي زماني کان ۽ چچ جي ڏينهن کان هلندو اچي جنهن کي محمد بن قاسم به جائزو رکيو غالباً انهي سبب اڄ تائين بلوچستان پنهنجي ڪتن ڪري مشهور آهي، جيڪي ڪنهن اوپري کي پنهنجي ويجهو اچڻ نه ڏيندا آهن.

صفحو 274 (1) مسٽر ايليٽ لکي ٿو ته اهي ٻه ڪروڙ سنڌ جي ڍل مان ورتا ويا جيڪي اتان جي ٻن سالن جي ڏن برابر هئا، ابن اثير ۽ ٻين مورخن به ان واقعي کي بيان ڪيو آهي، پر اهو نه لکيو ته اهو پئسو سنڌ جي ڍل مان هو، ظاهر آهي ته اهو بلڪل غلط آهي، ڇو ته مامون جڏهن موسيٰ برمڪي کي سنڌ حڪومت تي مقرر ڪيو آهي ته ان کان سنڌ جو ڏن ڏهه لک درهم مقرر ڪيو هو. اسان نٿا سمجهون ته ٻه ڪروڙ درهم ٻن سالن ۾ ڪيئن خزاني کي وصول ٿيا. اصل هي آهي ته سنڌ جي زمين جاگير طور ڏني ويئي هئي ۽ انعام خاص خلافت جي خزاني مان ڏنو ويو.

276 (2): پر يعقوبي چوي ٿو ته نه عنبه جي مقرري واثق باالله جي ڏينهن ۾ ٿي، ان جو بيان آهي ته واثق پنهنجي زماني ۾ اوڀر جي سڀني ضلعن جي حڪومت دجلي جي ڪپرن کان وٺي سنڌ ۽ هند جي ساحلن تئين سڄي ايتاخ ترڪي جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي هئي، ايتاخ جڏهن ٻڌو ته سنڌ جو انتظامي وهنوار بگڙي رهيو  آهي ۽ بدنظمي ان حد تائين پهچي ويئي آهي جو طوائف الملوڪي سنڌ جو والي عمران جو به ڪم پورو ڪيو، ان پنهنجي پاران عنبه کي سنڌ جو والي مقرر ڪري رواني ٿيڻ جو حڪم ڏنائين، يعقوبي ان بيان ۾ اڪيلو آهي، پر بلاذري ۽ ٻيا مؤرخ اهو ئي چون ٿا ته جيڪو اسان مٿي بيان ڪيو ته عنبه بن اسحاق جي مقرري معتصم جي ڏينهن ۾ ٿي، جيتوڻيڪ هو واثق باالله جي ڏينهن ۾ به ان خدمت تي مقرر هو.

صفحو 284 (1): سنڌ جي مسلمانن ۾ هڪ وڏو طبقو ڳچ عرصي کان امير حمزي جي بڻ مان هئڻ جي دعويٰ ڪري ٿو، اهو نسل اتي گهڻائي ۾ موجود هو. پر امير حمزي جي اولاد مان هئڻ بي بنياد آهي، ان لاءِ ته رسول اڪرم صه جو چاچو سيد الشهدا جناب امير حمزو جي پٽ جو اولاد هئن تاريخ ۽ سيرت جي ڪتابن ما ثابت ناهي، پاڻ ﷺ جن جي البته هڪ نياڻي هئي جنهن جي اولاد به آفريڪا کان سواءِ اوڀر جي پرڳڻن ۾ هئڻ ثابت ناهي، فارسي مورخن ۽ حسب نسب وارن کي انهيءَ نسب ملائڻ ۾ ڏاڍيون دقتون پيش آيون. ۽ سواءِ ان جي جو من گهڙت ڳالهيون ٺاهين ٻيو ڪجهه به نه وَرين، جڏهن ته مير علي شير چوي ٿو ته محمد بن هارون جيڪو محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ جي مهم تي آيو هو، محمد بن ابان بن عبدالرحمان بن حمزه بن عبدالمطلب جو پوٽو هو. امير حمزو اتفاق سان ڪنهن شڪار پويان ويندي ويندي هڪ بيابان ۾ وڃي پهتو اتي هڪ پري ظاهر ٿي جنهن سان امير حمزي جو لاڳاپو ٿيو ڪجهه ڏينهن دل وندراني حمزو ته پنهنجي وطن هليو آيو پر اها پري حامله هئي جنهن جي پيٽ مان هڪ پٽ ٿيو ۽ ان جو نالو عبدالرحمان رکيو ويو. محمد بن ابان ان نسل جي ٽين پيڙهي مان آهي، ان جي پوٽي محمد بن هارون جي ست زالن مان پنجاهه ٻار ٿيا، هي هڪ شرمناڪ واهيات قصو جوڙي سنڌ جي ماڻهن جو نسل ملايو ويو آهي ۽ مزو اهو ته جنهن محمد بن هارون جي سرفرازي ڪئي ويئي آهي ان بابت نه قديم عرب جي مؤرخن صاف لکيو آهي نه اهو محمد بن هارون بن ذرع نمري هو، ان جو حمزي جي نسل مان نه هئڻ ته پنهنجي جاءِ تي، هو ته قريشي به نه هو، تنهن ڪري اها ڪهاڻي لغو آهي، ۽ معلوم  ٿئي ٿو ته پر تسلي اهي، ته اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي امير حمزي جو اولاد ٻڌائين ٿا، اهي سندس اولاد ناهن، پر انهيءَ حمزي جو اولاد آهن، جيڪي عمر بن عبدالله هباري جي ڏينهن ۾ منصوره جو حاڪم هو.

صفحو 289 (1) : قندهاري افغانستان جي قنڌار ڏانهن منسوب ناهي، هتي جنهن قنڌار مان مراد آهي، اهو هڪ شهر جيڪو ڪڇ جي ڪناري تي آباد هو ۽ طاطري سڪو سوماترا ۽ جاوا جهڙو ٺهيل هو، جيڪو سڄي هندستان ۾ هلندڙ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org