سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 11

صفحو :15

 

باب يارهون

محمد بن قاسم جون بي مثال ڪاميابيون

محمد بن قاسم جڏهن برهمڻ آباد ۽ سنڌ ملڪ جي اوڀارين ۽ اولهائين پاسن جو ڀروسي جوڳو انتظام ڪري ورتو ته 3 محرم 94 هه خميس جي ڏينهن روانو ٿيو، برهمڻ آباد کان هلي ڳچ پنڌ کان پوءِ هن هڪ ڳوٺ ۾ پڙاءُ ڪيو جيڪو منهل نالي مشهور ۽ ساوندي جي علائقي ۾ هو. هتي هڪ طلسماتي ڍنڍ هئي جنهن جي ڪنارن سان ساوڪ ۽ دلچسپ نظارا هڪ بهترين وڻندڙ ڪيفيت پيدا ڪري رهيا هئا. سنڌي انهي ڍنڍ کي ڊنڊا ۽ ان جي نظارن کي ڪرڀا چوندا هئا. ڊنڊا جا ڪناري عرب سپهه سالار پنهنجو خيمو کوڙيو انهن پرڳڻ جا رهاڪو سماني مذهب رکندڙ هئا. جنهن جي سردارن ۽ سوداگرن پيش پيئي تابعداري جو اظهار ڪيو. محمد بن قاسم حجاج جي حڪم پٽاندر انهن همراهن جي سام جهلي ۽ ڏڍ ڏيڻ خاطر چيو ”اوهان ماڻهو پنهنجي ڌرتي تي کل خوشي ۽ پنهنجي مرضيءَ سان رهو. بس ايترو ڪجو جو سرڪاري ڏوڪڙ وقت تي ادا ٿي وڃن.“ ان کان پوءِ عرب سردار انهن ماڻهن تي ڍل مقرر ڪئي ۽ انهيءَ پٽ ۾ جيتريون به قومون هيون سڀني مان هڪ هڪ همراهه کي چونڊي انهن تي پتيل مقرر ڪيو. انهن چڱن مڙسن مان هڪ همراهه سماني ڌرم جو هو جنهن جو نالو بوادو هو ۽ باقي پٽيلن جا نالا هي هئا. ٻڌو، ٻمو ڌاول، ٻني ٻارو عام طرح جاٽ ڪندا هئا. جاٽن به پيش پئي آڻ مڃي ۽ کين به سام ۾ شامل ڪيو ويو.

گذريل سڀني انتظامن جي آگاهي جڏهن حجاج کي ڏني ويئي ته هن محمد بن قاسم کي پنهنجي خوابي خط ۾ هي عام اصول لاڳو ڪرڻ لاءِ لکيو ته ”جيڪي ماڻهو جهڳڙالو ۽ ويڙهاڪ نظر اچن، تن جا ڪنڌ ڀڃڻ گهرجن يا گهٽ ۾ گهٽ ايتري ڪارروائي ضرور ڪجانءِ جو سندن پٽ ۽ ڌيئرون ضمانت طور پان وٽ رکجانءِ، ها جيڪي ماڻهو آڻ مڃين ۽ جن جي نڙيءَ سان سچائي ۽ وفاداري جو ڍڪ هيٺ لهي. انهن سان بيشڪ رحم ڪرڻ گهرجي ۽ اسان جو ذمو آهي ته انهن جون جائدادون سندن ئي حوالي ڪيون وڃن. هنرمندن ۽ واپارين تي گهڻو جزيو نه مقرر ڪيو وڃي. انهن مان جنهن تي اهڙي ڏکي مهل آئي هجي جو پنهنجي ڌنڌي يا ٻني ٻاري هلائڻ ۽ جاري رکڻ ۾ سخت ڏکاين ۽ هٿ منجهڻ ڪري متاثر ٿيندڙ هجي کيس ٽيڪو ڏنو وڃي ۽ جيڪڏهن نه ڀڄي سگهي ته سندس مدد ڪئي وڃي. جن ماڻهن اسلام قبول ڪيو آهي. انهن کان رڳو عشر ورتو وڃي پر جيڪي پنهنجي ئي ڌرم جا پوئلڳ آهن ته اهي پنهنجي ڌن يا پنهنجي ٻني ٻاري جي اپت مان اها ئي ڍل ادا ڪن جيڪا مٿن مقرر ڪيل آهي ۽ سندن فرض آهي ته انهيءَ سرڪاري رقم کي ساليانو اسان جي مقرر ڪيل عالمن وٽ جمع ڪرائين.“ سنڌ جو فاتح ايترو رحمدل هو ۽ پنهنجي رحم جي اظهار جي لاءِ اهڙي غريب ۽ تابعداري ڪندڙ رعيت ملي هئي جو سندس هٿان رحم ۽ مهرباني کان سواءِ ڪڏهن به ڏاڍ ۽ سختي جي ظاهر ٿيڻ جي نوبت ئي نه آئي هئي.

اها ڳالهه هئي جنهن تي حجاج کي حيرت ٿيندي هئي ۽ محمد بن قاسم کي پنهنجي پر ۾ ضرورت کان وڌيڪ نرم سمجهي بار بار لکندو هو ته سرڪشن تي ڪرڙي اک رکڻ گهرجي ۽ کين تباهه ۽ برباد ڪيو وڃي، پر محمد بن قاسم ڇا ڪري جڏهن ته سندس اڳيان اهڙا ماڻهو ايندا ئي نه هئا جيڪي ڏاڍ ۽ سختي جي لائق هجن. ان ڪري جو هندوستان جا رهواسي پهريان ته ڄائي ڄم کان وفادار ۽ تابعدار هئا. جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو قوم ۽ ڌرتي جو جوش رکندڙ به هئا ته انهن کي محمد بن قاسم جي عمدي اخلاق اهڙو پنهنجو ڪري ڇڏيو جو پنهنجي هم مذهب حڪمرانن کان وڌ سندس حاضري ڀرڻ لڳا ۽ سندن ڀيت ۾ حجاج سامهون عرب جا نه مڃيندڙ سرڪش ۽ ڪوفي جا فتني خور جعلساز هئا جنهن تي ڪيتريون ئي سختيون آزمايون وڃن، ڪنهن به حالت ۾ سڌا نه ٿيندا هئا. حجاج جيڪو دنيا ۾ سڀني کان وڏو ظالم حڪمران مشهور آهي. جيڪڏهن سندس اصليت ڇنڊڇاڻ سان معلوم ڪئي وڃي ته صرف ايتري نڪرندي ته ڪجهه سندس مزاج ۽ سخت گيري جو مادو ضرور هو پر وڌيڪ ظالم کيس خود عراق ۽ عرب جي رعيت ڪيو. سنڌ جي عوام بابت حجاج جي اهائي سوچ قائم هئي. جيڪا پنهنجي سامهون واري رعيت جي نسبت قائم هئي کيس ڪهڙي خبر ته دنيا ۾ هندستان جهڙي اشراف ۽ تابعدار رعيت به هوندي آهي. بن انهيءَ غلط فهمي مطابق هو هر هر محمد بن قاسم کي نرمي جو الزام ڏيندو هو. محمد بن قاسم جڏهن انهيءَ ڳوٺ مان خيما اکيڙيا ته بهراور جي هنڌ وڃي ترسيو. هتي رهي هن سيلمان بن بنهان ۽ ابو فضته القشعري کي گهرايو ۽ کيس قسم ڏيئي تاڪيد ڪئي ته پنهنجي ذميواري جو ڪم نيڪ نيتي ۽ ديانتداري سان پورو ڪرڻ جو واعدو ڪر. ٿوري فوج ساڻس گڏ ڪئي جيڪا حدير بن عمرو ۽ بني تميم سان تعلق رکندڙ هئي. ۽ بهرج پاسي روانو ڪيو ته اتي جو ڪار وهنوار سڌاريو. اهي همراهه اتي وڃي ترسيا ۽ عمرو بن حجاز العڪبري حنفي کي ان تي به سردار مقرر ڪيو جنهن جي حڪم هيٺ عرب جي مشهور جوانن جو مختصر ٽولو هو. انهيءَ پڙاءُ ۾ اهي ڪارروايون ڪري محمد بن قاسم اڳتي هليو ۽ سمان قوم جي شهر لوهاڻا طرف روانو ٿيو.

عرب سپهه سالار جيئن ئي سندن پهرين وسندي ويجهو پهتو ته هو سندس اچڻ جو ٻڌي آجيان لاءِ نڪتا، پر هو هڪ اهڙي عجيب ۽ غريب ٺٺ سان هئا جو سادا عرب سپاهي پنهنجي آفيسرن ۽ سپهه سالارن سوڌو کين حيرت سان ڏسڻ لڳا. انهي سان گڏ سنڀار وڄي رهيا هئا. طبلي تي ٿاپ هئي ۽ ناچ ٿيندڙ هو. محمد بن قاسم اهو رنگ ڏسي پڇيائين ته ”هي هل هنگامو ڇو آهي.“ ماڻهن وڌي عرض ڪيو”هي سندن پراڻو رواج آهي جو جڏهن ڪو نئون بادشاهه سندن شهر ۾ ايندو آهي ته هو وڏي خوشي ملهائيندا آهن ۽ کيل تماشا ۽ خوشيءَ جي اظهار سان هن جي آجيان لاءِ شهر کان ٻاهر ايندا آهن.“ اهو ٻڌندي ئي عربي جوان مرد جزيم بن عمر اڳتي وڌي محمد بن قاسم کي چيو ” هاڻي ته اسان تي فرض آهي ته الله سائينءَ جي تعريف ۽ واکاڻ ڪريون ۽ سندن رحمتن جا شڪر گذار ٿيون. ان لاءِ ته انهيءَ انهن ماڻهن جي دل ۾ اسان لاءِ تابعداري ۽ فرمانبرداري جو جوش پيدا ڪري ڇڏيو“ جذيم دراصل هڪ ذهين ۽ ڏاهو ماڻهو هو. ان کان سواءِ هن ۾ ديانت داري ۽ دينداري ٻئي گڻ گڏ هئا. ان وقت انهيءَ محمد بن قاسم جي اڳيان اچي سادگيءَ سان اهو جملو چيو ته کيس کل اچي ويئي. ۽ چوڻ لڳو ته مناسب رهندو اوهان انهن ماڻهن تي سردار مقرر ڪيا وڃو“ اهو چئي محمد بن قاسم انهن ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ”جذيم اڳيان نچو ۽ کيس پنهنجو کيل تماشو ڏيکاريو.“ جذيم انهن ماڻهن کي انعام طور سون جا ويهه دنيار ڏنا ۽ چيو ”بيشڪ سلطنت تي انهن جو حق آهي، ان لاءِ ته بادشاهه جي اچڻ تي سندن پاران خوشيءَ جو اظهار ڪيو ويندو آهي. انهن جي انهيءَ تابعداري تي اسان کي خدا جو شڪر گذار رهڻ گهرجي ۽ خدا ڪري هي نعمت برڪت انهن ماڻهن ۾ گهڻن ڏينهن تائين باقي رهي. انهي واقعي مان محمد بن قاسم جي مزاج جي خبر پوي ٿي. سندس ننڍي عمر ۽ سندس ڦوهه جواني ٻئي ڳالهيون ان جي نسبت هي راءِ قائم ڪرڻ جو موقعو ڏين ٿيون ته دنياوي دلچسپين ۽ مذاق ۽ مسخري جي صحبتن طرف سندس لاڙو وڌيڪ هوندو هو. جيڪو عام طرح انهيءَ ڄمار ۾ هوندو آهي. پر اصل ائين نه هو بلڪه محمد بن قاسم پنهنجي عمر جي پندرهين سورهين سال ۾ اهڙو ئي سنجيده ۽ سياڻو هو جهڙو وڏي عمر ۽ زماني جا سرد گرم آزمايل سردار هوندا آهن. سمن جي کيل تماشي کي هن جنهن سنجيدگي سان ڏٺو ان مان صاف ظاهر آهي ته هن ڪهڙي نموني وڏي عمر جي سوچ پنهنجي ننڍي عمر ۽ ننڍپڻ ۾ پيدا ڪري ڇڏي. ڪو انهيءَ ڳالهه جي مدار ناهي. محمد بن قاسم پنهنجي ڄمار ۽ پنهنجي اخلاق ۽ عادتن پٽاندر هر ڳالهه ۾ انوکو نظر ايندو آهي ۽ پوري طرح معلوم ٿئي ٿو ته سندس طبيعت ۾ جيتريون به ڳالهيون هيون سڀ ان جي عمر کان گهڻو وڌ ڄمار ۾ هئڻ جون هيون. جواني واري تپش کيس ڇهيو به نه هو. باغين ۽ سرڪشن جي حرڪتن تي به کيس ڪاوڙ نه ايندي هئي، جيتوڻيڪ حجاج سدائين تاڪيد ڪندو رهندو هو ته هر شهر کي فتح ڪندي ئي هو اڳتي وڌي وڃي، پر هو ان جي حڪم سان گڏ پنهنجي ڦوهه جواني جي تکاين کي به ڌار رکندو هو. ۽ جيستائين فتح ٿيل شهر جو پورو ڪاروهنوار نه ڪري وٺندو هو ايسيتائين ڪڏهن به اڳتي وک نه وڌائيندو هو. نوجوانن جو سڀ کان سخت امتحان عيش عشرت ۽ عياشين ۾ هوندو آهي. سنڌ ڌرتيءَ جو جيتوڻيڪ هو پورو حاڪم هو ۽ هر طرح جي عيش جو سامان سندس وس ۾ هو پر هن جي هندستاني زندگي ۾ هڪ رات به اهڙي نٿي ٻڌائي سگهجي جيڪا هن پنهنجي فوجي چڙهائي کان غافل ٿي عيش عشرت ۾ گذاري هجي.

هن ڏاهر جي راڻي لاڏيءَ کي پنهنجي نڪاح ۾ رکيو. پر ڪٿي به خبر نٿي پوي ته انهيءَ نڪاح تي کيس راڻي جي خوبصورتي يا سندس ڪنهن وڻندڙ ادا متاثر ڪيو هجي. ان ڪري جو راڻي جي ڄمار وڏي هئي. سندس ڪيتروئي اولاد موجود هو. محمد بن قاسم جي جواني جو جوش لاڏيءَ لاءِ ناز تي پليل شهزادين، دل کسيندڙ ڪنوارين ڇوڪرين تي هرگز ترجيح نٿي ڏيئي سگهيو. فقط ٻن ڳالهين جي ڪري محمد بن قاسم لاڏيءَ کي پنهنجي حرم ۾ داخل ڪيو. هڪ ته انهيءَ ڪري جو ڪالهه هو سنڌ راڻي هئي ۽ جيڪڏهن اڄ مون کيس پلو نه ڏنو ته سڀاڻي هو هڪ ڏکويل ٻانهي ٿي ويندي ۽ ٻيو انهي مذهبي همدردي جي ڪري جو هن مذهب اسلام قبول ڪيو هو ۽ پوءِ آخر ۾ ڏاڍي مظلوميءَ سان ساهه ڏيڻ وقت جنهن بردباريءَ سان هن زماني جي لاهن چاڙهڻ جو مقابلو ڪيو اهو به ان جي شان وٽان هو. لوهاڻا پرڳڻي جو انتظام سڌاري محمد بن قاسم وڌيڪ اڳتي وڌيو ۽ سهتا شهر ۾ وڃي ساهي پٽيائين. هتي جا وڏيرا ۽ سڀئي هاري ناري سندس اچڻ جو ٻڌندي ئي اگهاڙي مٿي ۽ پيرين اگهاڙا ڊوڙندا آيا ۽ رحم ڪرم جي درخواست ڪئي. محمد بن قاسم کين پنهنجي پاران پوري تسلي ڏياري ۽ سندن درخواست منظور ڪئي ۽ پهچ سارو ڏن مقرر ڪري کين ٻڌايو ته هي پئسا ساليانو اوهان تي ضروري آهن. اوڳاڙي جي ضمانت لاءِ منجهائن ضامن ورتو ۽ کيس چيو ته اروڙ شهر هتان ڪيتريون منزلون آهي ان لاءِ اوهان مان سونهو اسان جي رهبري ڪندو. انهن اهو منظور ڪيو ۽ محمد بن قاسم جي حڪم مطابق ڪجهه سونهان اروڙ ڏانهن اڳتي روانا ڪيا. سنڌ ۾ انهن ڏينهن ۾ وڏو شهر اروڙ هو ۽ اهو ئي شهر گاديءَ جو هنڌ هو ۽ سمنڊ کان وٺي ڪشمير جي جبلن تائين سڀني شهرن جي ڏوري انهيءَ اروڙ شهر جي جهنڊي اڳيان جهڪيل هئي. محمد بن قاسم هاڻي انهيءَ شهر ويجهو پهتو ۽ سرسري نظر سان اهو ئي وڏو مرحلو آهي جنهن کي پورو ڪرڻ اڃان باقي آهي. شهر جا رهواسي عام طرح واپاري، هنرمند ۽ هاري ناري هئا. في الحال هتي جو حاڪم راجا ڏاهر جو پٽ گوپي هو. معلوم ٿئي ٿو ته گوپي شهر وارن جا حوصلا وڌائڻ خاطر سڀني ماڻهن ۾ اهو مشهور ڪيو هو ته راجا ڏاهر مارجي ناهي پر جيئرو موجود آهي ۽ هو عربن جي چڙهائي ڏسي هندستان ويل آهي جتان ڏاڍي مضبوط فوج وٺي حملي ڪندڙن جو مقابلو ڪندو ۽ کين پنهنجي بادشاهت مان ڌڪي ٻاهر ڪندو. شهر وارا تن ڏينهن ۾ انهيءَ خيالي اميد ۾ ويٺا هئا ته راجا ڏاهر لشڪر وٺي اچي ته مسلمانن جي مقابلي لاءِ نڪرن. اروڙ وارا انهيءَ ڀل ۾ هئا ته محمد بن قاسم سهتن کان منزلون هڻي سندن مٿان اچي بيٺو ۽ چئني طرفن کان قلعي ۽ شهر جو گهيرو ڪيو. ڏاهر جي اچڻ جي آس ۾ شهر وارا ايتري قدر محو هئا جو محمد بن قاسم مهيني تائين گهيرو ڪري ويٺو رهيو ۽ کيس اصل معاملي جو پتو نه پيو.

مسلمان سپهه سالار پنهنجو خيمو قلعي جي فصيل کان هڪ ميل جي پنڌ تي هنيو ۽ ائين ئي ايتري ئي پنڌ تي شهر جي چئني طرفن کان مسلمان فوجن خيما کوڙيا. پر اروڙ جي لاپرواهي ڏسي محمد بن قاسم پنهنجو پاڻ کي به لاپرواهه بڻائي ڇڏيو. جيئن اروڙ وارن کي راجا ڏاهر جي اچڻ جو يقين هو اهڙي طرح کيس شهر فتح ڪرڻ جي پڪ هئي. هن شهر ٻاهران پنهنجي آرام گاهه ويجهو هڪ مسجد تعميرا ڪرائي. ان ۾ منبر رکرايو. هر جمعي تي سڀئي مسلمان ان ۾ گڏ ٿيندا هئا ۽ سندسن اڳواڻ منبر تي بيهي فصاحت ۽ بلاغت سان خطبو پڙهندو هو. جڏهن اروڙ وارن مسلمانن جو اهو رنگ ۽ همٿ ڏٺي ۽ راجا جي انتظام جي ڪابه چڻنگ پري تائين نظر نه آئي ته حد کان وڌيڪ پريشان ٿيا ۽ مسلمانن سان وڙهڻ ۽ مقابلو ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيا. ڇو ته اهڙي ئي حالت ڪجهه ڏينهن وڌيڪ رهي ته شهر وارا بک وگهي مرڻ لڳندا. تنهن ڪري انهن مسلمانن تي رعب وجهڻ لاءِ ۽ سندن حوصلا خطا ڪرڻ لاءِ اها ڪارروائي ڪئي جو سندن ڪجهه سردار برجن تي چڙهي وڏي واڪي عربن کي چيو ”هاڻي اوهان ماڻهو پنهنجي حياتي کان آسر پلي ڇڏيو“ اوهان جي بچڻ جي ڪابه اميد ناهي اسان جو مهاراج راجا ڏاهر تمام گهڻي فوج وٺي اچي ٿو. جيڪو جلد ئي اوهان کي پنهنجي پويان نظر ايندو. ساڻس گڏ ڪيترائي هاٿي گهوڙا ۽ پيادا آهن. اک ڇنڀ ۾ اوهان جو سڄو لشڪر ختم ٿي ويندو ۽ اوهان جي خيمن طنبيلن کي اسان جلدي اجاڙي ڇڏينداسين. هاڻي اوهان کي به مناسب آهي ته هي ڌن دولت جيڪا اوهان ڦرلٽ ڪري آندي آهي ۽ هي ٻڌل هڙون هتي ئي ڇڏيو ۽ پنهنجي جان جي فڪر ڪريو، اسان اوهان کي نصيحت ڪريون ٿا ته بس هاڻي جيتري قدر جلد ٿي سگهي هتان ڀڄو نه ته هڙئي مارجي ويندؤ.“

محمد بن قاسم کي جڏهن اهو پتو پيو ته هي ماڻهو راجا ڏاهر جي اچڻ جي اوسيئڙي ۾ آهن تڏهن کيس عجب ٿيو، ۽ يقين ٿيس ته هنن ماڻهن جي لاپرواهي ۽ جنگ ۾ سندن مضبوطي انهيءَ ڪارڻ آهي ته کين راجا جي حياتي جو آسرو وڏو ڏڍ آهي. تڏهن هن ويچار ڪري فقط انهيءَ اميد تي خلق جو خون نه ٿيندو ڏاهر جي راڻي لاڏي کي جيڪا هاڻي سندس ئي گهر ۾ هئي. انهيءَ ڳاڙهي اٺ تي ويهاريو جنهن تي هو ڏاهر جي ڏينهن ۾ گهڻو ڪري سوار ٿيندي هئي ۽ پنهنجي اعتماد وارن ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪري کيس قلعي جي ديوار هيٺ موڪليو. راڻي لاڏي قلعي جي برجن هيٺ پهچي وڏي سڏ چيو ”قلعي وارؤ! آئون ڪجهه ضروري ڳالهيون چوڻ گهران ٿي. ويجهو اچي ٻڌو ته چوان” شهر جي خاص ماڻهن جو هڪ ٽولو پناهه گاهه تي چڙهي آيو. انهن ماڻهن کي ڏسي راڻي پنهنجي منهن تان گهونگهٽ لاٿو ۽ چيو ”مون کي سڃاتؤ! آءُ لاڏي آهيان. راجا ڏاهر جي راڻي، راجا مارجي ويو سندس سسي عراق اماڻي ويئي. بادشاهي جهنڊو ۽ ڇٽ به خليفي وٽ پهتا. جڏهن ايستائين نوبت پهتي ۽ جيڪي ٿيڻو هو ٿي ويو ته پوءِ توهان ڇو اچي مصيبت ۾ ڦاٿا آهيو؟ پنهنجو پاڻ کي هلاڪ ڇو ٿا ڪريو الله جو حڪم آهي” ولا تلقوا بايديکم الا التهلکت“ پاڻ مرادو هلاڪت ۾ نه پئو ايترو چئي راڻي دانهن ڪري ڏاڍي رني ۽ هڪ حسرتناڪ مرثيو پڙهيو. راڻي جي صورت ڏسي ۽ سندس ڳالهيون ٻڌي قلعي وارا سمجهي ويا ته مسلمان ٿي ويئي آهي ۽ کائنس بدگمان ٿي چوڻ لڳا تون ڪوڙي آهين ۽ معلوم ٿئي ٿو ته انهن نڀاڳن ڳئون کائڻ وارن سان ملي ويئي آهين توتي ڪوبه ڀروسو ناهي. انهن ڌرتي دشمنن مان هڪ تون به آهين. اسان جو راجا زندهه آهي، هو جنگي هاٿي ۽ بهادر فوجون وٺي عربن کي ناس ڪرڻ لاءِ ايندو هوندو، تو انهن عربن سان ملي پنهنجو پاڻ کي ڇوت ڪيو ۽ شايد انهن جي حڪومت کي اسان جي حڪومت کان سٺو سمجهيو آهي. ان لاءِ اها ڀڄ ڊڪ ڪرڻ آئي آهين. شهر وارن لاڏي تي ايتري ڦٽڪار نه ڪئي پر ان کان به وڌيڪ گهٽ وڌ چيو ۽ سڄي ميڙ اڳيان سندس سخت توهين ڪئي. محمد بن قاسم جڏهن اهو رنگ ڏٺو کيس ڏاڍو خراب لڳو ان لاءِ ته هن مصلحت خاطر راڻي کي موڪليو هو. جيڪا سندس ئي ڪري ايتري قدر ذليل ڪئي وئي. پنهنجي ڪئي تي پڇتائي هن راڻي کي واپس گهرائي ورتو ۽ هڪ ڏک ڀري ڪاوڙيل لهجي ۾ هي جملو چيو”قمست ئي سلائج جي خاندان کان منهن موڙي ڇڏيو آهي” ۽ حڪم ڏنائين ته مسلمان خوب بهادري ۽ جانبازي سان لڙائي شروع ڪن. ڪجهه تاريخدانن جو بيان آهي ته اروڙ شهر ۾ هڪ جادوگرياڻي هئي جنهن کي اتي جي ٻوليءَ ۾ انهن ڏينهن ۾ ”جوڳڻ“ چوندا هئا، جڏهن مسلمانن جنگ ۽ گهيري ۾ سختي ڪئي ته شهر وارا وٽس ويا ۽ کيس چيائون ته ”توکان جيڪڏهن پڄي سگهي ته پنهنجي علم جي زور سان ٻڌائي ته راجا ڏاهر ڪٿي آهي؟“ جواب ڏينديس پر ان جي لاءِ مون کي هڪ ڏينهن جي مهلت ڏيو؟“

ماڻهن کيس مهلت ڏني ۽ هو کين روانو ڪري گهر ۾ هلي ويئي. پر اڃان ڏينهن جا ٽي پهر مس گذريا هوندا ته هوءَ هڪ ٽاري ڪاري مرچ جي وڻ جي ۽ هڪ جاسي ميوي جي کڻي پنهنجي ڪمري مان نڪتي. اهي وڻ سرانديپ ۾ ٿيندا آهن، ۽ جوڳڻ جي هٿ ۾ جيڪي ٽاميون هيون اهي ايتري قدر سايون هيون جو ان ۾ ميوا ۽ پن لڳل هئا جوڳڻ ٻاهر ايندي ئي ماڻهن کي گهرايو ۽ اهي ٽاريون ڏيکاري چيو قاف کان قاف تائين سڄي دنيا آئون ڳولي آئي آهيان، هر هنڌ جانچي ڏٺم پر راجا ڏاهر جو ڪٿي به پتو ناهي. نه هو سنڌ ۾ آهي ۽ نه هندستان ۾ ڪٿي به مون هن جو ذڪر نه ٻڌو. آئون پنهنجي سفر جي ثبوت جي لاءِ سرانديپ جي وڻن جون هي ٽاريون پٽي آنديون آهن. منهنجي صلاح آهي ته توهان هاڻي پنهنجو بندوبست ڪريو. ان لاءِ ته راجا جيڪڏهن جيئرو هجي ها ته ممڪن ناهي جو منهنجي اکين کان اوجهل رهي. مون کي يقين ٿي ويو آهي ته توهان جو راجا هاڻي دنيا جي تختي تي ناهي؟“ اها خبر مشهور ٿي. ماڻهن ۾ هرپاسي ان جو چؤٻول ٿيو ۽ ماڻهو عام طور تي ايتري قدر عقيدي جا ڪمزور هئا، جو سڀني کي يقين ٿي ويو. انهيءَ مايوسي کان پوءِ شهر جي ماڻهن پاڻ ۾ گڏجي چيو ته،”اسان محمد بن قاسم جي ديانتداري، دانائي، عدل پروري، انصاف ۽ سخاوت جو ذڪر ٻڌو آهي ۽ اهو آواز به ڪيترائي دفعا ڪنن ۾ ڏاڍي مضبوطي سان ٻڌو آهي ۽ هن جيڪا رحمدلي سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ظاهر ڪئي آهي ان جو حال به اسان کي معلوم آهي. هاڻي انهيءَ حالت ۾ اهو ئي مناسب لڳي ٿو ته اسان سڀ گڏجي ڪجهه معتبر ۽ لائق ماڻهن ذريعي هن وٽ سفير موڪليون. قلعو سندس حوالي ڪريون ۽ کانئس رحم ۽ ڪرم جي اپيل ڪريون. سڀني جو اتفاق ٿيو ۽ ڪوشش ٿيڻ لڳي ته ان راءِ تي عمل ڪيو وڃي، جڏهن گوپي کي معلوم ٿيو ته راجا ڏاهر جي مرڻ جي خبر هنڌين ماڳين ٻڌجي ويئي آهي ۽ سڀ ماڻهو عربن جي تابعداري لاءِ آماده آهن ته هن کان سواءِ ان جي ٻي ڪابه تدبير نه ٺهي جو رات جو جڏهن سڄي جڳ جهان تي اونداهي ڇانيل هئي، پنهنجي سڀني عزيزن ۽ واسطيدارن کي ساڻ ڪري ڏاڍي ماٺ ميٺ ۾ قلعي کان نڪتو ۽ جيئپور طرف ڀڳو. ان لاءِ ته جي سنگهه اڃان تائين اتي هو. پر جيتوڻيڪ مڪمل طور ايترو وڏو سفر نٿي ڪري سگهيو. تنهن ڪري اروڙ جي ڦاٽڪ مان نڪري هڪ منزل هي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃي ترسي پيو ۽ سفر جو سامان ٻڌڻ لڳو. اروڙ قلعي ۾ علافي قبيلي جو هڪ عربي شخص به هو جنهن کي گوپي جي درٻار ۽ طبيعت ۾ ڏاڍي حجت هئي.

هن جڏهن ڏٺو ته گوپي مون کي ڇڏي ڀڄي وڃي ٿو ته اها سڄي ماجرا هڪ ڪاغذ تي لکي ۽ هڪ تير ۾ ٻڌي ۽ ان تير کي موقعو ڏسي قلعي جي برجن تان اسلامي لشڪر گاهه ۾ اڇلايو. پر ان کان اڳ جو هن جو تير مسلمانن جي هٿ لڳي گوپي قلعو ڇڏي روانو ٿي چڪو هو. محمد بن قاسم کي جيئن ئي گوپي جي وڃڻ جو پتو پيو. هن پنهنجي بهادر جوان مردن کي حملي جو حڪم ڏيئي ڇڏيو، عربن ڏاڍي مضبوطي ۽ ڏاڍي بهادريءَ سان قلعي تي هلان ڪئي ۽ اهڙي مڙسيءَ سان وڙهيا جو شهر وارن تي دنيا تنگ ٿي ويئي. شهر تي جڏهن هڪ ئي وقت ائين آفت نازل ٿي ته سڀني واپارين، هنرمندن ۽ هارين نارين جي وڪيلن سفارت جو پيغام کڻي محمد بن قاسم اڳيان حاضر ٿيا ۽ عرض ڪيو. ”اسان پنهنجا واسطا برهمڻن کان ڇني ڇڏيا، اسان جو بادشاهه ڏاهر اسان جي هٿن مان ويو ان جو پٽ گوپي هو، ان به اسان کي ڇورو ڇنو ڪري ڇڏيو ۽ اڄ ئي اسان جو شهر ڇڏي ويو آهي. ڏاهر جي مرڻ جي پڪ اڄ کان اڳ اسان کي ڪنهن به طرح نه هئي. افسوس خدا جي مرضي ۾ ته اهو هو ته اهي سڀ معاملا پيش ايندا ۽ اسان تي ائين قيامت ڪڙڪندي، ڪابه مخلوق خدا جي مرضيءَ ۽ طاقت جو مقابلو نٿي ڪري سگهي. طاقت ۽ چالاڪي سان ڪابه ڪارروائي سندس مرضيءَ خلاف نٿي ڪري سگهجي.

هن دنيا جي بادشاهي ڪنهن جي ملڪيت ۾ ناهي. جڏهن الله جي رضا جون فوجون راز جو پردو اٿلائي اچي پهچنديون آهن ته ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي. ڪنهن بادشاهه کي هو تاج ۽ تخت کان ڌار ڪري ڇڏينديون آهن ۽ ڪنهن جي هٿ ۾ تخت ۽ تاج ۽ ماڻهن جون حياتيون ڏيئي ڇڏينديون آهن. نه قديم بادشاهت جو اعتبار آهي ۽ نه جديد عظمت جو ڀروسو ڪري سگهجي ٿو جيڪا قبضو حاصل ڪري رهي آهي. اوهان جي عدل پروري ۽ رحم تي ڀروسو ڪري اسان اطاعت ۽ فرمانبرداري سان اوهان اڳيان حاضر آهيون ۽ پنهنجو ڪنڌ امير جي قبضي ۾ ڏنو وڃي ٿو. اسان کي سام جهليو ۽ حڪم فرمايو ته اوهان جي زبردست فوج جي دهشت اسان جي دلين مان نڪري. ان جي قديم بادشاهت ۽ ڪشادي ڌرتي راجا ڏاهر جي هٿان اسان جي حوالي ڪئي ويئي هئي ۽ جيستائين هو جيئرو رهيو اسان سدائين سندس آڻ مڃي. هاڻي هو مارجي ويو ۽ هن جو پٽ گوپي ڀڄي ويو ته اسان لاءِ اهو ئي بهتر آهي ته اوهان جي تابعداري ۽ فرمانبرداري جو ڍڪ ڀريون ۽ اوهان جا ٿي رهون.“ محمد بن قاسم انهن ماڻهن جون اهي ڳالهيون ٻڌي چيو”مون اوهان ڏانهن پنهنجي پاران به ڪو قاصد اماڻيو ۽ نه ڪو ايلچي. پاڻ مرادو پنهنجي مطلب جي لاءِ سام گهرو ٿا ۽ هر طرح جا واعدا ڪريو ٿا. آئون اوهان کي چٽو چوان ٿو ته جيڪڏهن دراصل اوهان جي اها خواهش آهي ته منهنجي فرمانبرداري ۽ اطاعت ڪريو ته لڙائي کان هٿ کڻو ۽ دل جي خلوص سان اسان تي ڀروسو ڪري هيٺ لهي اچو. پر هاڻي جيڪڏهن توهان طرفان ٿورو به عذر ٿيو ته ان کان پوءِ توهان جي ڪابه درخواست نه منظور ڪئي ويندي، پوءِ آئون معافي بابت توهان جي واتان هڪ لفظ به نه ٻڌندس ۽ نه توهان بچي سگهندا. اهو ياد رکو ته منهنجي فوج کان توهان کي جان بچائڻ جو تمام گهٽ موقعو ملندو.“

اهو ٻڌي اهي ماڻهو شهر جي پناهه گاهه مان لٿا ۽ پاڻ ۾ متفق ٿي ويا ته سام ملڻ جي شرط تي اسان ڦاٽڪ کولينداسين ۽ محمد بن قاسم جي هتي اچڻ تائين ڦاٽڪ تي ئي ويٺا آهيون. جيڪڏهن هو پنهنجي بيان مطابق عمل ڪندو ۽ اسان سان سهڻو سلوڪ ڪندو ته بيشڪ اسان به سندس تابعداري ۽ اطاعت ڪنداسين ۽ سندس حڪم پورو ڪنداسين“ اهو چئي انهن چاٻيون پنهنجي هٿ ۾ ورتيون ۽ ڦاٽڪ اڳيان اچي بيهي رهيا. هو اوسيئڙي ۾ ئي هئا ته محمد بن قاسم جي پاران حجاج جي طرفان چونڊيل معزز سردار آيا جن جي هٿ ۾ انهن چاٻيون ڏنيون ۽ اطاعت جو ڪنڌ نمايو. هاڻي عرب سپهه سالار پنهنجي بهادرن ۽ سڄي لشڪر سميت سنڌ جي دارالسطنت جي ڦاٽڪ ۾ داخل ٿيو ۽ وڏي رستي کان ٿيندو بازار مان لنگهيو. رعيت جي دلين ۾ ڏاڍو ڊپ هو. سندن دليون هاريل هيون ته فاتح ڏسجي شهر ۾ داخل ٿي ڪهڙي ڪارروائي ڪن ٿا، پر عرب جوان مرد پنهنجي تلوارن کي مياڻن ۾ وجهي خلقت جي پريشاني ۽ تڙپ جو نظارو ڏسندا هلندا ويا. ويندي ويندي محمد بن قاسم نو وهار جي مند اڳيان گذريا.شهر جا سڀئي ماڻهو انهيءَ مندر اڳيان گڏ ٿيل هئا ۽ مورت اڳيان سجدي ۾ پيل هئا. ۽ ڏاڍي نرم دليءَ سان ٻاڏائي رهيا هئا. محمد بن قاسم پڇيو هي ڪهڙو هنڌ آهي جو شهر جا سڀ ماڻهو هن جي اڳيان ڪريا پيا آهن. ٻڌايو ويو ته هي نو وهار جو مندر آهي. محمد بن قاسم مندر جو دروازو کولرايو. بت خاني جو دروازو کلندي ئي کيس ٻاهران هڪ ئي هڪ مورت نظر آئي جيڪا گهوڙي تي سورا هئي. محمد بن قاسم پنهنجي ساٿين سميت اندر داخل ٿيو. مورت ويجهو ويو ته پتو پيس ته سوار ۽ گهوڙي جي مورت هڪ اڻ گهڙي پٿر مان ٺاهيل آهي ۽ سون جا ٺاهيل ڪنگڻ سندس ٻانهن ۾ آهن. محمد بن قاسم پنهنجي نوجواني جي شوخ مزاجيءَ سان هڪ ڪنگڻ هن جي ٻانهن مان لاهي ورتو ۽ مندر جي وڏي پنڊت ڏانهن ڏسندي چيو ”هي اوهان جو بت آهي.“ هن جواب ڏنو ”جي ها، پر هن جي ٻنهي هٿن ۾ ڪنگڻ هئا هاڻي هڪ ئي هٿ ۾ رهجي ويا.“ محمد بن قاسم چيو ”توهان ته چئو ٿا پر توهان جي ديوتا کي معلوم ناهي ته سندس ڪنگڻ ڪنهن لاٿو. ”اهو ٻڌي برهمڻ ڪنڌ هيٺ ڪيو. ان تي محمد بن قاسم مرڪيو ۽ ڪنگڻ کيس موٽائي ٻاهر آيو ۽ پوءِ ڪنگڻ مورت جي ٻانهن ۾ پارايو ويو.

مندر مان نڪري محمد بن قاسم فوجي انتظام طرف ڌيان ڏنو. هن عام حڪم ڏنو ته فوجين جيڪڏهن اطاعت ۽ فرمانبرداري خاطر ڪنڌ نمايو آهي ته کين نه ماريو وڃي. محمد بن قاسم کي اهو حڪم ڏيندي راڻي لاڏي ٻڌو ته چوڻ لڳي هن علائقي جا سڀئي ماڻهو هٿ جي هنر جا ڪاريگر ۽ ڪجهه واپار ڪندا آهن. سڄو شهر انهن ماڻهن سان آباد آهي. انهن مان ڪجهه هاري به آهن. جيڪڏهن سڀني تي ڏن مقرر ڪيو ويندو ته ان ڏن ۽ زراعت جي ڍل مان سرڪاري آمدني تمام گهڻي ٿيندي. انهيءَ جملي سان محمد بن قاسم کي خيال ٿيو ته راڻي نٿي گهري ته سندس ملڪي قتل ڪيا وڃن. انهيءَ راڻي جي ڳالهه رکڻ جي لاءِ هڪدم مشهور ڪيو ته ”راظي لاڏي سڀني ماڻهن جي حال تي رهم ڪندي کين پناهه ڏني.“ ان کان پوءِ به ڪجهه بدنصيب اهڙا به هئا جن کي راڻيءَ جي عام معافي ۽ همدردي به فائدو نه پهچائي سگهي. جيڪي گرفتار ڪري آندا ويا ۽ جلاد سندن زندگي ختم ڪرڻ لاءِ تلوار الاري بيٺو هو. چون ٿا ته جيڪي ماڻهو قتل ٿيڻ لاءِ جلادن حوالي ٿيا انهن مان هڪ شخص اڳتي وڌي چيو ”آئون هڪ عجيب ڪرتب ظاهر ڪرڻ گهران ٿو“ جلاد پڇيو ”اهو ڇا؟“ هن چيو ” نه آئون اهو تنهنجي اڳيان ظاهر نه ڪندس سپهه سالار ۽ سردار اچڻ تي البته ٿي سگهيو ته ظاهر ڪندس“ ان ڳالهه جي آگاهي محمد بن قاسم کي ڏني ويئي ته هن ان همراهه کي پنهنجي اڳيان گهرايو ۽ پڇيو ”ڪهڙي عجيب شيءِ اوهان ڏيکارڻ گهرو ٿا؟“ هن چيو اها اهڙي شيءِ آهي جيڪا اڃا تائين ڪنهن نه ڏٺي هوندي“ محمد بن قاسم چيو ”نيٺ ٻڌاءِ اها آهي ڇا؟“ تڏهن انهيءَ همراهه جيڪو ذات جو برهمڻ هو عرض ڪيو ”ان شرط سان ٻڌائيندس جو منهنجي عزيزن، منهنجي ٻارن ٻچن ۽ سڄي اهل عيال کي بخشيو وڃي.“ محمد بن قاسم چيو: ”مون معاف ڪيو“ برهمڻ چيو ”پنهنجي وعدي کي لکي صحيح ڪريو،“ انهي همراهه شروعات کان ئي اهڙي سنجيدگي ۽ نهٺائي سان گفتگو ڪئي هئي جو سڀني جو خيال اهو ئي قائم ٿيو ته ڪو قيمتي جوهر يا زيور پيش ڪندو. انهيءَ بنياد تي سندس سڀ درخواستون منظور ڪيو ويون. جڏهن اهڙي طرح واعدا وچن ٿي چڪا ۽ دستاويز لکي سندن هٿ ۾ ڏنا ويا ته هن پنهنجا وار کولي ڏاڙهي ۽ مڇن کي ڇڪي ڊگهو ڪري پيرن جي ٻنهي آڱوٺن سان ٻڌي ڇڏيو ۽ انهيءَ طريقي سان نچڻ لڳو نچندو رهيو ۽ چوڻ لڳو ”هي منهنجي عجيب ڳالهه ڪنهن نه ڏٺي ۽ ڏسو اهڙي طرح خم ٿيڻ ۾ منهنجي ڏاڙهي جا وار ڪهڙي مدد ڪن ٿا، سندس اهي حرڪتون ڏسي سڀ ماڻهو حيران ٿي ويا. گهڻن ڏسندڙن چيو ” هي ڪا عجب جي ڳالهه ناهي هن اسان سان فريب ڪيو.“ محمد بن قاسم چيو: ”اهو سڀ ٺيڪ آهي پر ان جو ڪهڙو علاج جو هن اٽڪل سان اسان کان اقرار ڪرايو. هڪ ماڻهو ڪوڙو ڪرڻ وڏي ڳالهه ناهي ۽ ياد رکو جيڪو پنهنجي قول تان ڦري وڃي اهو وڏو بيهودو ماڻهو آهي. آئون کيس قتل نه ٿو ڪري سگهان پر کيس قيد ۾ واڙيان ٿو ۽ ان جي معاملي جي آگاهي عراق اماڻيان ٿو. اتان کان جيڪو حڪم ايندو ان تي عمل ڪندس. اهو همراهه پنهنجي 22 عزيزن سميت حراست ۾ ورتو ويو ۽ معاملي جي صورتحال حجاج کي لکي ويئي.

حجاج ڪوفي ۽ بصري جي عالمن کي سڏي فتويٰ ورتي ۽ پڻ خليفي وليد بن عبدالملڪ کي لکيو. عام انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿيا ته اهڙو ئي معاملو نبي ﷺ جي ڏينهن ۾ ٿي گذريو آهي. الله تعاليٰ فرمائي ٿو ته ”اهو سچو ماڻهو آهي جيڪو خدا جي نالي تي پنهنجي واعدي کي پورو ڪري ٿو. تنهن ڪري اهو همراهه آزاد ڪيو وڃي ۽ واعدو نه ٽوڙيو وڃي” اهو ئي جواب خلافت جي درٻار مان آيو، محمد بن قاسم کي ان جو اطلاع ڏنو ويو ۽ ان همراهه کي پنهنجي عزيزن قريبن سميت آزاد ڪيو ويو. ڏاهر جو پٽ گوپي جيڪو اروڙ شهر کي ڇڏي ويو هو پري پري جي هنڌن کي لتاڙي جيپور جي واٽ ورتي. ست سؤ همدردن ۽ جانثارن جو جٿو ساڻس گڏ هو جنهن ۾ سوار ۽ پيادل به هئا. ان ننڍڙي لشڪر کي وٺي هو ڪيرج پهتو. هتي راءِ دروهر جي حڪومت هئي، جيڪو نهايت امن امان ۽ سڪون واندڪائي سان پنهنجي زندگي گهاري رهيو هو ۽ جنهن تي ڪنهن ٻاهرين حملي آور جي آفت نه ٽٽي هئي. راءِ دروهر، گوپي جي اچڻ جي خبر ٻڌي سندس آجيان لاءِ شهر کان ٻاهر نڪتو، ڪيرج جي بادشاهه انهي ڏکويل شهزادي جي حال تي اهڙو ڌيان ڏنو ۽ کيس پنهنجي اخلاق سان اهڙو ڪيائينس جو گوپي جون اميدون دل ئي دل ۾ پاڻمرادو زندهه ٿي ويون. ان کان پوءِ راءِ دروهر کيس چٽو چئي ڇڏيو ته توهان ڪنهن ڳالهه جي اوت نه ڪريو، مسلمانن جي مقابلي ۾ آئون تنهنجي مدد ڪندس اهڙي طرح ڏکن جي ماريل ۽ دل هاريل شهزادي جا لڙڪ اگهي ۽ پنهنجي وچن تي ڀروسو ڏياري کيس عزت ۽ احترام سان پنهنجو مهمان بڻايو ۽ ميزباني جو حق به ڏاڍي هوشياري ۽ ڌيان سان پورو ڪيو. راءِ دروهر جي ريت هئي ته سدائين ڇهين مهيني کان پوءِ هڪ شاهاڻو جشن ڪندو هو. دل کسيندڙ خوبصورت عورتن کي صحبت ۾ گڏ ڪندو هو. شراب جو دور هلندو هو- ناچ گانو هر وقت جاري رهندو هو ۽ ڏاڍي بي فڪري ۽ خوشي ۾ گذرندو هو ڪوبه اوپرو ماڻهو انهيءَ عيش جي صحبت ۾ شريڪ ٿيڻ جو حقدار نه هو. اتفاق سان جنهن ڏينهن گوپي ڪيرج ۾ داخل ٿيو ان رات اها صحبت گرم ٿيڻ واري هئي. جڏهن عيش عشرت جو سڀ سامان مڪمل ٿيو ۽ ناچ گانو شروع ٿيو تڏهن راءِ دروهر فقط وڌيڪ لطف ۽ ميزباني جو حق پورو ڪرڻ لاءِ گوپي کي ماڻهو موڪلي گهرايو ۽ اهو پيغام چوائي موڪليو ته اڄ رات آئون اڪيلائي ۾ آهيان ۽ جيتوڻيڪ ان صحبت ۾ ڪنهن ڌارئي کي اچڻ جي اجازت ناهي پر تون اهڙو پيارو مهمان آهين جو توکي آئون بلڪل پنهنجو پٽ ڀانيان ٿو تنهن ڪري توکي اجازت آهي ته هڪدم اچ ته تنهنجو به غم جهڪو ٿئي ۽ تنهنجي صحبت ڪارڻ منهنجي به دلچسپي ٿئي” گوپي راجا جي حڪم مطابق وڃڻ لاءِ ته هليو ويو پر ادب خاطر ڪنڌ جهڪائي ويٺو رهيو. هن جشن ۾ ويندي ئي نظر زمين ۾ کپائي ته پوءِ وري اک مٿي نه کنئي ۽ سڀني نرتڪين مان هڪ طرف به اک کڻي نه ڏٺو. دروهر ننڍي عمر جي مهمان جي اهڙي شرم ۽ اهڙي ادب کي ڏسي چيو ”گوپي تون اک کڻي ڇو نٿو ڏسين؟ هن صحبت ۾ ڪو ڌاريو ناهي ۽ هي جيتريون عورتون آهن اهي سڀ ته منهنجي رشتي ۾ تنهنجون مائون، ڀيڻون آهن پوءِ انهن جي ڏسڻ ۾ ڪهڙو هرج.” گوپي هٿ ٻڌي عرض ڪيو: مهاراج آئون ڀڳت ٿي ويو آهيان ۽ ڪنهن ڌاري عورت ڏانهن اک کڻي نٿو ڏسي سگهان.“ اهو جواب ملندي راءِ دروهر وري نه چيو ۽ سندس پرهيزگاري ۽ نفس تي ضابطي جي ڏاڍي تعريف ڪئي. انهيءَ صحبت ۾ جن فريبي دنيا دلريائن جو جهڳٽو گوپي جي چؤڦير جمع هو انهن ۾ راءِ دروهر جي لاڏ ڪوڏ تي پليل ڀيڻ جانڪي به هئي. سندس حسن ۽ جمال قيامت جو هو. سندس نازڪ بدني ۽ دلربائي پري پري تائين مشهور هئي ۽ وري ان حسن ۽ جمال سان گڏ اهڙي شوخ طبع هئي جو رڳو سندس ڳالهيون ئي ماڻهو کي چريو ڪرڻ لاءِ کوڙ هيون. ڳالهيون ڪندي ئي معلوم ٿيندو هو ته گل ڇٽي رهي آهي يا موتي پروئي رهي آهي. اکيون خوبصورت ۽ رسيليون هيون ۽ ڳل جهڙوڪ گل لالا جا ڦل يا بي بها لعل هئا. جانڪي گوپي جي ايترو قدر ويجهو ويٺل هئي جو سادي دل وارو شهزادو جيتوڻيڪ ڪنهن پاسي اک کڻي نه ڏسندو هو پر جانڪي جي صورت هڪ ٻه ڀيرا ڪنهن اک هن ڏسي ورتي. انهيءَ چور نگاهن جو اثر خود گوپي تي ته ڪجهه نه پيو پر جانڪي جي دل ۾ اهي هيٺاهيون نظرون بلڪل تير وانگر کپي ويون. لاڏ ڪوڏ تي پليل شهزادي جيڪا ناڪامي جي مزي کان اڃان اڻ ڄاڻ هئي، قريب هو جو سندس عصمت جو دامن بلڪل لٽجي پئي، پر هن پنهنجو پاڻ کي سنڀاليو ۽ جيتوڻيڪ ڏاڍي بدمزگي هئي پر جيئن ويٺي ئي رهي. پر ويهي ڇو، گوپي جي چور نگاهن جا تيز نڙيءَ ۾ کٽڪي رهيا هئا ۽ بي صبر عشق رهي رهي دل ۾ چهنڊڙيون هڻي رهيو هو. ويچاري جانڪي کي سڄو عيش عشرت وسري ويو، هر هر گوپي کي جيڪو سندس سامهون اکيون هيٺ ڪري ويٺو هو ڏسندي رهي ۽ لڪي لڪي دل ۾ آهه ڀريندي رهي. جانڪي انهيءَ ڍنگ سان ان وقت تائين جيستائين گوپي اکين اڳيان هو هڪ بي خودي جي دنيا ۾ ويٺي رهي پر جيئن ئي گوپي راجا کان موڪلائي پنهنجي رهائش گاهه ۾ آيو جانڪي به بهانو ڪري اٿي آئي. پر دل جي بيتابي ڪٿي ويهڻ ٿي ڏي. هن کان بلڪل رهيو نه ٿيو ۽ نيٺ مجبور دل ڇوڪري پنهنجي لڄ جي لوئي ليرون ليرون ڪري ڇڏي. راجا جي جشن مان ايندي ئي پنهنجي پالڪي ۾ سوار ٿي ۽ ڪاهيندڙن کي چيائين ”مون کي اتي وٺي هلو جتي سنڌ جو راڻو گوپي ترسيل آهي، ڪاهيندڙن پالڪي وٺي وڃي گوپي جي در تي ڇڏيو. اتي پهچندي پهچندي جانڪي ايتري قدر بي صبري ٿي چڪي هئي جو نه شرم کان ڪم ورتائين ۽ نه حيا کان. پر پالڪي کي پٽ رکندي ئي هوءَ لٿي ۽ گهر اندر هلي ويئي. گوپي جي ساٿين راجا جي ڀيڻ کي روڪڻ بي ادبي سمجهيو ۽ جانڪي بنا جهل پل سندس ڪمري ۾ وڃي پهتي، جيڪو گوپي جي سمهڻ جو هو. گوپي بي اونو ستو هو. شهزادي کي همٿ نه ٿي ته کيس جاڳائي. مات ۽ سندس ڀر ۾ پلنگ تي ويهي رهي ۽ گوپي جي بي خبر سمهڻ جي ادا کي ڌيان سان ڏسڻ لڳي.

راجا جي محفل ۾ جانڪي شراب پيئندي رهي. خمار سندس دل جذبات کي گهڙي گهڙي وڌيڪ اڀاري رهيا هئا. برخلاف ان جي گوپي شراب پيئڻ کان بلڪل ڪورو هو. جانڪي جي وات مان شراب جي ڌپ اچي رهي هئي، انهيءَ گوپي تي هڪدم هڪ اهڙو سخت اثر ڪيو جو بدمزگي سان جهٽ کڻي اک کوليائين. ڇاٿو ڏسي ته شهزادي جانڪي سندس ڀر ۾ ويٺي آهي. گهٻرائي اٿي ويٺو ۽ نهايت حيرت مان پڇڻ لڳو ”شهزادي تون هتي ڪيئن؟ هي ڪو اچڻ جو وقت آهي؟“ جانڪي ورندي ڏني.”مورک ڪيترو به خبر آهين اها به ڪا پڇڻ جي ڳالهه آهي؟ مون جهڙي حسين خوبصورت جنهن جو حسن ۽ جواني ڇلڪڻ تي هجي. رات جي اونداهي ۾ تو شهزادي سان ملڻ اچي، کيس ننڊ مان جاڳائي ۽ سندس ڀاڪر ۾ سمهڻ جي آرزمند هجي، انهن ڳالهين جي معنيٰ سواءِ ڪنهن خاص ڳالهه جي ٻيو به ڪجهه ٿي سگهي ٿي؟ ۽ اها حسين به ڪير، مون جهڙي چالاڪ دلربا جنهن پنهنجي ناز نخري سان هڪ جهان جي پرهيزگاري جو دامن ٽوڙيو هجي ۽ پنهنجي آرزو ۾ ڪيترن ئي شهزادن کي چريو ڪيو هجي. اهو ممڪن ئي ناهي جو منهنجو مطلب توهان سمجهي نه ويا هجو. اوهان چڱي طرح ڄاڻو ٿا پر هاڻي ڄاڻي ٻجهي ڪريو ٿا ۽ مونکي به. اهڙيون زندگيءَ جي لطف جون ڳالهيون ڀلا توهان کان لڪيل رهي سگهن ٿيون! هاڻي اچ ۽ پرهه ڦٽيءَ تائين هن ڀاڳڀري رات ۾ مزا وٺ“ گوپي سوچي جواب ڏنو”شهزادي! آئون لاچار آهيان،پنهنجي پرڻيل زال کانسواءِ ٻي ڪنهن عورت سان گڏ اهڙي صحبت نه ڪندس ۽ نه وري ڪنهن طرح اهو ٺيڪ آهي جو مون کان اهڙي حرڪت پڌري ٿئي، ڇوته آئون هڪ برهمڻ ڀڳت ۽ پرهيزگار ماڻهو آهيان. اهڙا ڪم ڪنهن مٿي درجي واري عالم ۽ فاضل ۽ پرهيزگار شخص جي شان وٽان ناهن. بس هاڻي شهزادي مون کان پري ٿي ويهه. ڪٿي ائين نه ٿئي جو تنهنجي ڪري آئون اهڙي وڏي پاپ ۾ مبتلا ٿي وڃان.” جانڪي ڪيترو ئي ليلايو پر گوپي سندس چيو نه مڃيو ۽ انڪار جو هٿ اهڙي سخت سنگ دلي سان سندس ڪليجي تي هنيو جو هو بلڪل نااميد ٿي ويئي. نيٺ دل هٿ ۾ کڻي ڏيندڙ شهزادي مايوس ٿي چيو”گوپي جن خوشين ۽ بي خودي ڪرڻ وارين عشرتن جو خيال ڪري مون شرم جو حجاب ٽوڙي ۽ ائين بي باڪي سان تو وٽ هلي آيس انهن سڀني کي تو مون کان محروم رکيو. افسوس آئون ڪنهن ڪم جي نه رهيس. خير هاڻي ٻڌ مون دل ۾ پڪو پهه  ڪيو آهي ته ان ناڪامي جي جوش ۾ توکي به هلاڪ ڪنديس ۽ پاڻ به توکان پوءِ جيئري جلي رک ٿي وينديس.“ ايترو چئي اٿي هلي ويئي، گهر پهچندي ئي پنهنجي ڪمري جا دروازا چئني طرفن کان ٻيڙي ڇڏيائين ۽ منهن ويڙهي پئي رهي، ننڊ ڪنهن کي آئي ٿي، سڄي رات پاسا ورائيندي رهي ۽ هر هر چوندي رهي ” عشق جي باهه سان تن بدن ۾ شعلا ٻري رهيا آهن، هاڻي ڪير انصاف ڪري، نه ته آئون دانهون ڪري روئنديس“ خدا خدا ڪري صبح ٿيو رات جو انڌيرو ختم ٿيو. سج نڪري آيو پر جانڪي اهڙي طرح لڇي رهي ۽ پاسا ورائي رهي هئي. فراق سان گڏ هاڻي منڌ جو خمار به گڏجي ويو. دل ڌڙڪي رهي آهي ۽ هٿ پير ڀڄي رهيا آهن. ڏينهن مٿي اچي ويو ۽ اڃان تائين ڪمرو اهڙي طرح بند آهي ۽ بي تابي جي عالم ۾ ڪنهن طرح سک نٿي وٺي، راءِ دروهر جي عادت آهي ته جيستائين پنهنجي لاڏلي ڀيڻ جانڪي جي شڪل نٿو ڏسي ايستائين کاڌو نٿو کائي ۽ نه شراب پيئي ٿو. پر اڄ جانڪي ڪٿي اڄ ته هو هڪ خوشنما ۽ آزاد پکيءَ وانگر نئين نئين عشق جي ڦند ۾ ڦاٿي آهي ۽ ڦٿڪي رهي آهي. دير ٿي ته دروهر جانڪي جي چڱڀلائي جو پڇيو. ٻانهن عرض ڪيو ”اڃان تائين آرام ۾ آهي. ڪمري جو در ٻيڪڙيل آهي ۽ خدا ڄاڻي  ڇاهي جو اڃان تائين ٻاهر نه نڪتي آهي، ”ايترو ٻڌندي ئي راءِ دروهر پاڻ ڊوڙي ويو. وڃي سڏ ڪيائين ته اٿي جانڪي دروازو کوليو. راجا ان وقت پنهنجي ڀيڻ جي صورت ڏٺي ته عجيب نقشو هو. وار وکريل آهن، زيور لٿل آهن. اکين جا دوڏا نڪتل آهن ۽ چهرو زرد آهي. گهٻرائي پڇيائين، هاڻي هي ڪهڙو حال آهي. ڇو خير ته آهي؟ نيٺ ڪهڙو ڏک پهتو هي ڳاڙها ڳل ڇو ڪوماڻا آهن. نراڙ ۾ گهنج ڇو آهن؟ ٻڌايو ته سهي. جانڪي کي پنهنجي دل جو غبار ڪڍڻ لاءِ هن کان بهتر موقعو ڪهڙو هو. چيائين ”راجا تنهنجي راڄ ۾ آئون بي عزت ٿيس. ڇا ڌوڙ ٻڌايان. ٻڌائڻ لائق ئي ڪٿي رهي آهيان. رات جو پنهنجي جشن ۾ اوهان سنڌ جي شهزادي کي گهرايو هو. افسوس ان وقت هو ڪهڙو اٻوجهه ۽ نادان ويٺو هو جو معلوم ٿيو پئي ته دنيا جي ڳالهين کان اڻڄاڻ آهي. شايد هي ڪهڙين اکين سان منهنجي صورت ڏسي ورتي ۽ اوهان جي جشن مان اٿندي ئي مون کي پاڻ وٽ گهرائي ۽ خواهش ڪرڻ لڳو ته منهنجي چهري جي عصمت تي بي عصمتي جو داغ لڳاءِ جنهن تي اڄ تائين ڪنهن بدڪاري جو چٽو نه لڳو آهي. گهريائين ٿي ته منهنجي پاڪ باز دل ۽ منهنجي اڻ ڇهيل جسم کي پنهنجي بدمعاشين جي پليتائيءَ سان آلو ڪري ۽ منهنجي ڪنوارپ جي ملاحت کي دنيا ۾ شرمناڪ بڻاءِ، مهاراج ان سان منهنجو انصاف ڪر ۽ اهڙي سزا ڏي جو وري ڪمبخت کي اهڙي نمڪ حرامي ۽ بدمعاشي جي همٿ نه ٿي.“ ان بيان تي راجا ڪاوڙ مان ڏڪڻ لڳو. ڪاوڙ ۽ غضب ۾ کيس ڪجهه به نٿي سمجهه ۾ آيو پر هڪدم ان ڳالهه جو اظهار مصلحت خلاف ڏسي پنهنجي ڀيڻ کي چوڻ لڳو”جانڪي ان جو بدلو آئون ضرور وٺندس پر ان کي ڇا ڪريان جو هن معاملي کي وڌيڪ وائکو نٿو ڪري سگهجي ڇو ته منهنجي ۽ تنهنجي وڌيڪ گهٽائي ٿيندي. ٻيو هن سان گڏ گهٽ ۾ گهٽ هڪ هزار جوان آهن جيڪي بنا ڪٽجڻ مرڻ جي مٿس آفت اچڻ نه ڏيندا. ۽ سڀ کان وڌ ڏکي اها ڳالهه آهي ته هو ڀڳت ۽ برهمڻ آهي، هتي جا سڀ ماڻهو به سندس ساٿ ڏيندا. ۽ مون تي برهمڻ جي بي عزتي جو الزام ڏيندا ۽ بڇڙائي اها ته جيڪڏهن اهو پاپ ٻڌايو به وڃي تڏهن به بي فائدي رهندو. ان لاءِ ته فقط ارادو ڪيو هئائين ڪو پاپ کانئس نه ٿيو. افسوس جڳ اهو چوندو ته مهمان هو ۽ مدد گهرڻ آيو هو. ايئن وڏي واڪ ته اسان کيس نٿا ماري سگهون. سندس جان وٺڻ سولو ڪم ناهي. پر هن جي قتل جي آءُ هڪ ٻي اٽڪل ڪريان ٿو جانڪي تون پريشان نه ٿي. آءُ تنهنجو چيو پورو ڪندس. هاڻي اٿ. منهن ڌوءَ ۽ کاڌو کاءُ.“ جانڪيءَ کي سمجهائي ڪري ۽ سندس لڙڪ اگهي راءِ دروهر پنهنجي محل ۾ آيو. ٻن ڪارن ڪپڙن وارن هٿياربندن کي گهرايائين جنهن مان هڪ جو نالو ڪبير ٻڌر هو ۽ ٻي جو ڀيو هو ۽ حڪم ڏنائين اڄ صبح جو کاڌي کائڻ وقت آءُ دعوت بهاني گوپي کي گهرائيندس. کاڌي کان پوءِ آءُ کيس اڪيلائي واري ڪمري ۾ وٺي ويندس ۽ شراب پي هن سان گڏ ويهي شطرنج کيڏندس. توهان ٻئي ڪنهن ڇپيل هنڌ تي هٿياربند ۽ اگهاڙيون تلوارون هٿ ۾ کڻي هيٺان رهجو ۽ مون طرف ڪن لڳائي رهجو. جيئن ئي منهنجي زبان مان ”مات“ اکر نڪري بس پوءِ توهان بنا جهل ٽپي کيس قتل ڪجو.“ اتفاق سان هتي هڪ سنڌي همراهه هو جيڪو گوپي جي وڏن خير خواهن مان هو. هي همراهه انهن ٻنهي جوانن مان هڪ جو دوست هو. جيڪي گوپي جي قتل لاءِ مقرر ڪيل هئا. ان جوان جي واتان ان ڪم جو اطلاع ملندي ئي ڊوڙندو گهوپي وٽ ويو ۽ کيس آگاهه ڪيائين ته اڄ هي سٽاءُ سٽي ويئي آهي. اوهان هوشيار رهندا. کاڌي کائڻ وقت راءِ دورهر جو ماڻهو جڏهن گوپي کي وٺن آيو ته هو هڪدم سمجهي ويو ته انهي خفيه تجويز جي لاءِ آءُ گهرايو ويو آهيان. پر اهو خيال هن پنهنجي ڪنهن رازادار سان نه اوريو. فقط ايترو ڪيائين ته پاڻ سان گڏ فوج جي ٻن آفيسرن گورسنگهه ۽ سور سنگهه کي گهرائي چيو ”آءُ راءِ دروهر وٽ کاڌو کائڻ وڃان ٿو. پر هڪ مصلحت سان لازمي آهي ته پنهنجا هٿيار لڳائي توهان به مون سان هلو. کاڌي کان پوءِ جڏهن آءُ راجا سان شطرنج کيڏان ته توهان منهنجي پويان ويجهو ئي بيهي رهجو ۽ هوشياري سان ڏسندا رهجو جو ڪنهن جي ميري اک مون تي نه پوي. يا مون سان ڪنهن قسم جي دغابازي نه ڪئي وڃي. اهو انتظام ڪري انهن جوانن کي گڏ وٺي گپپي راءِ دروهر وٽ پهتو. راءِ دروهر شروع ۾ ته ڏاڍي محبت ۽ عزت سان گوپي کي کاڌو کارايو. کاڌي کان واندڪائي بعد کيس اڪيلائي جي ڪمري طرف وٺي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته ٻيو ڪير به هيڏانهن نه اچي.پر دروهر جي اک جهلي هو ٻئي ڪمري ۾ هليا ويا ۽ جڏهن گوپي جي سامهان ٿيا ۽ خاموشي سان پاڻ دروهر جي ئي پويان بيهي رهيا. بازي پوري ٿي ۽ دروهر ڪنڌ کڻي اهو اکر زبان مان ڪڍيو ته ڪجهه چرپر محسوس ٿي. گهٻرائي هن پوئتي ڏٺو ته گوپي جا جوان نظر آيا. پنهنجي مايوسي ۽ ناڪامامي پنهنجي جاءِ تي الٽو کيس ڊپ ٿيو ته ڪٿي هي همراهه مون تي ئي نه حملو ڪن ۽ گهٻراهٽ ۾ هڪدم دانهن ڪيائين ”نه نه مات نه“ گوپي سندس چهري ۽ ان جملي مان سمجهي ويو ته قتل جي حڪم جي اها نشاني مقرر ڪيل هئي. هڪدم اٿي گهر هليو آيو ۽ حڪم ڏنائين ته گهوڙا تيار ڪيو ۽ سڀ ماڻهو سفر لاءِ سنبت ڪن. اهو حڪم ڏيئي هو وهنجيو. ڪپڙا پائي هٿيار کنيائين ۽ ٻاهر نڪري سڀني کي سوار ٿيڻ جو حڪم ڏنائين. دروهر جي دل ۾ گوپي جي بدمزگي سان اٿي وڃڻ سان اهڙو خوف ٿيس جو ان جي ويندي ئي پنهنجو هڪ ماڻهو ڀڄايو ته گوپي هتان کان وڃي ڇا ڪري رهيو آهي. هو همراهه گوپي جي لشڪر گاههه ۾ اچي ٻين ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪري واپس وريو ۽ پنهنجي راجا کي اطلاع ڏنائين ته ”گوپي ڏاڍو شريف طبيعت جو شهزادو آهي ۽ کانئس ڪو اهڙو ڪم نٿو ٿي سگهي جيڪو اوهان کي اڻوڻندڙ هجي. سندس مزاج وچٿرائيءَ سان سينگاريل آهي ۽ سدائين ان ڪوشش ۾ رهندو آهي ته خدا جي ڊپ کان پنهنجي پاڪبازي ۽ تقدس قائم رکي.

گوپي جڏهن پنهنجي ساٿين سان گڏ تيار ٿي ويو ته هن پنهنجو سامان اٺن تي پلاڻي روانو ٿيو. پر وڃڻ وقت دروهر جي محل کان ٿيندو ويو. هڪ ماڻهو ذريعي کيس روانگي جو پيغام ڏنو ۽ بنا ملڻ جي هليو ويو. گوپي هتان روانو ٿيو ته هلندو رهيو، ايستائين جو قصه علائقي ۾ وڃي داخل ٿيو. جيڪو جالنڌر جي حدن ۾ واقع هو. ۽ هتي جو راجا بلهرا جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو. بس ان کان وڌيڪ گوپي جو حال معلوم نٿو ٿي سگهي. گهڻو ڪري هو قصي ۾ ئي رهي پيو ۽ انهي سرزمين تي سندس زندگي جو داستان پورو ٿيو.

اروڙ جي معزز ۽ سرڪش ماڻهن کي جڏهن محمد بن قاسم شڪست ڏيئي تابعدار ۽ فرمانبردار بڻايو ۽ سنڌ جي درالسلطنت جو هر ماڻهو جڏهن سندس حڪمن اڳيان تابعداري جو ڪنڌ جهڪائي چڪو ته هو عوه بن آسد کي جيڪو احنف بن قيس جي ڏوهٽن مان هو اتي جو والي مقرر ڪيو ۽ ملڪ جي سڄي ڪاروهنوار جي واڳ سندس هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي. پر اهي سڀ معاملا جن جو تعلق قانون ۽ مذهب سان هو موسيٰ بن يعقوب بن محمد بن شيبان بن عثمان ثقفي جي حوالي ڪيا ويا. جنهن کي پڇاڙي ۾ پوربي بلند پرواز رعيت جي درٻار مان هيٺيون خطاب ڏنو ويو.”صدر الامام الاجيل العالم بدر الملته والدين سيف السند ونجم الشريعه ابن عثمان ثقفي“ هي سنڌ ۾ پڇاڙي واري دور تائين انهن خطابن سان ياد ڪيو ويندو هو. محمد بن قاسم انهن ٻنهي بزرگن کي مقرر ڪري حڪم ڏنو ته رعيت کي سدائين دلداري ڏجو ۽ خيال ڪجو ته ”امر بالمعروف و نهي عن المنڪر“ جا لفظ مرده نه ٿي وڃن. ان ڳالهه بابت گهڻيون هدايتون ڪيون ته سلطنت جو رعيت سان ڪهڙو ورتاءَ هئڻ گهرجي پوءِ انهن سان گڏ فوج ڇڏي ڏني ڇو ته ڪنهن کي خود سري ۽ مخالفت جي همٿ نه ٿي. اروڙ شهر ۽ ان جو قلعو هڪ مٿاهين جبل تي هو ۽ ايتري قدر مضبوط هو جو مسلمانن کي ان کي فتح ڪرڻ ۾ ڏاڍيون ڏکايون پيش آيون. محمد بن قاسم فتح کان پوءِ هتي هندوئن کي پنهنجا مندر آباد ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ڏن مقرر ڪيو. ان شهر ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جو عظيم الشان مرڪز ۽ شاهي خاندان جو دارالسطنت هو، خاص پنهنجي حڪم سان هڪ عاليشان مسجد تعمير ڪرائي ۽ روانو ٿي اڳتي هليو. ننڍي عمر جي سپهه سالار هتان روانو ٿي بابيه قلعي پهتو، هي قلعو بياس درياءَ جي ڏاکني ڪناري واقع هو ۽ ڏاڍو پراڻو قلعو هو. سنڌ جي شاهي خاندان جو هڪ معزز رڪن جنهن جو نالو ڪسڪو هو هن قلعي ۽ آس پاس جي اڇي ڪاري جو مالڪ هو. ڪسڪو راجا ڏاهر جو ڪاڪائي ڀاءُ چندر جو پٽ ۽ سيدائج جو پوٽو هو. هي ان يادگار جنگ ۾ موجود هو جنهن جي پڇاڙي ۾ ڏاهر ماريو ويو. جڏهن ان جنگ ۾ ڏاهر جا ساٿي پيرين پيادا ڀڳا ته هي به پنهنجي جان بچائي وٺي ڀڳو ۽ ڏاڍيون تڪليفون سهي هن قلعي ۾ پهتو ۽ هتي ئي رهي پيو. هاڻي مسلمانن جي فوج سندس علائقي ۾ اچي پهتي ته راوڙ جي ميدان جو نقشو هن جي اکين اڳيان ڦري ويو. هن کي مقابلي جي بلڪل همٿ نه ٿي، پر ان سان گڏ حميت ۽ شاهي رت به ان ڳالهه کي نه مڃيو ته مسلمانن اڳيان ڪنڌ نمائي بيهي رهي. تنهن ڪري هن سڀني سپاهين ۽ شهر وارن کي ڌونڄ ڏني جيئن گهرن ائينءَ ڪن ۽ پاڻ تخت کان ڌار ٿي پنهنجي گهر ۾ ويهي رهيو. قلعي وارن پنهنجي بادشاهه جي اها حالت ڏٺي ته سواءِ ان جي ٻي ڪابه ڳالهه نه ٺهي جو محمد بن قاسم جي اطاعت ڪن. ڪجهه ڏوڪڙ گڏ ڪري نذراني طور موڪليا. پنهنجي پاران ضامن موڪليا ۽ معززن ۽ شهر جي چڱن مڙسن پيش پئي اطاعت جو اظهار ڪيو.

محمد بن قاسم سندن حال تي ڏاڍو مهربان ٿيو. پنهنجي درٻار ۾ عزت سان جڳهه ڏيئي سڀني کي پنهنجي حيثيت مطابق خلعت ڏنا ۽ همدردي جو واعدو ڪيو. محمد بن قاسم انهن شريفن کان قلعي جي عزت افزائي ڪري پڇيو ”توهان جي حاڪم ڪسڪي بابت مون ٻڌو آهي ته هو هتي جي شاهي خاندان مان آهي. ڇا اهو صحيح آهي؟ جيڪڏهن سچ آهي ته مون کي سندن قدر ڪرڻ گهرجي. ڇو ته منهنجي خيال ۾ اروڙ جا شهزدا سنجيده ، اعتبار لائق ۽ ديانتدار هوندا آهن. سندن سچائي ۽ ديانتداري مشهور آهي. آئون ڪسڪي کي پناهه ڏيان ٿو. جيڪڏهن هو گهري ته اطمينان ۽ دل سان مون وٽ اچي سگهي ٿو ۽ آءُ ساڻس ملي خوش ٿيندس. جيڪڏهن هو هتي اچي ته مون کي پنهنجي حال تي مهربان ڏسندو. آءُ سندس پرگهور لهندس. سڀني مهمن ۽ ڪاروهنوارن ۾ کيس پنهنجو صلاحڪار ڪندس ۽ حڪومت جي ڪمن ۽ حڪومتي مهمن ۾ مٿس پورو اعتماد ڪندس” دراصل ڪسڪو- رڳو شهزادو نه هو پر هڪ عالم ماڻهو هو ۽ عالي دماغ ۽ فضل جي اعتبار کان سندس شمار هندوستان جي نامي گرامي فلسفين ۾ ٿيندو هو. هن جڏهن ٻڌو ته محمد بن قاسم ايتري قدر منهنجي حال تي مهربان آهي ته هڪدم اطلاع ڪري هن جي درٻار ۾ حاضر ٿيو. محمد بن قاسم سندس ڏاڍي عزت ۽ احترام ڪيو ۽ وزارت جي عهدي تي سرفراز ڪري کيس پنهنجو صلاحڪار بڻايو. ٻين درٻار وارن جي ڀيٽ  هن جي ايتري قدر عزت ڪندو هو جو محمد بن قاسم جي تخت اڳيان فقط کيس ئي ويهڻ جي اجازت هئي. ”مبارڪ مشير“ سندس خطاب مليو. سڀني آفيسرن ۽ سپهه سالارن تي کيس حڪومت ڏني ويئي ۽ سڀئي ملڪي ڪارروهنوار ۽ انتظام سندس هٿ هيٺ ڏنا ويا. خاص ڪري خزانو بنا واسطي هن جي هٿ ۾ هو. سندس منظوري کان سواءِ ڪا رقم نه داخل ٿيندي هئي ۽ نه ڏيئي سگهبي هئي . ملڪ تي ڍلن کي گڏ ڪرڻ ۽ ان بابت سڀئي ڪم به ڪسڪي جي هٿ ۾ هئا. اهڙي طرح محمد بن قاسم ڪسڪي کي پنهنجي پاڻ کان پوءِ سڀني معاملن ۾ ڌڻي ڪري کيس گڏ ورتو ۽ پاڻ اڳتي جي واٽ ورتائين.

محمد بن قاسم کي هتان اڳتي وڌندي ئي بياس درياءُ مليو، جنهن مان پار ٿيڻ کانسواءِ ملتان تي حملو نه ٿي ڪري سگهيو. حالانڪه ملتان ان زماني ۾ سنڌ سرڪار جو اتر پاسي وڏو ٺڪاڻو هو ۽ مٿس قبضو ڪرڻ جي سخت ضرورت هئي. هاڻي ان هنڌ تي ڪنهن کي همٿ ٿي سگهي ٿي جو وڏي حوصلي واري عرب فاتح سان مهاڏو اٽڪائي ۽ محمد بن قاسم سک ۽ آرام سان پار ٿي ويو ۽ بياس درياءُ پار ٿيندي ئي ان هنڌ جي مشهور قلعي اسڪلنده سامهون وڃي پهتو. اسڪلنده وارن کي جڏهن خبر پئي ته عرب حملي آور درياءَ مان لهي سندن ويجهو اچي پهتا آهن، تڏهن قلعي مان ٻاهر نڪري پنهنجي لشڪر جون صفون ٺاهي مقابلي لاءِ وڌيا. اسلامي لشڪر جي فوجي جٿي جي اڳواڻن ٻن بهادر ناليوارن جي هٿ ۾ هئي. رعوٽ بن عمير تدالطائي ۽ ڪسڪو جيڪو هاڻي محمد بن قاسم سان گڏ جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار هو. انهن ماڻهن جڏهن ڏٺو ته دشمن جي فوج سامهون اچي ويئي ته سواءِ ان جي جو محمد بن قاسم جي اچڻ جو انتظار ڪن بنا جهل جي حملو ڪري ڇڏيو. هڪ سخت جنگ لڳي ۽ ٻنهي پاسن کان رت جي ندي وهڻ لڳي. ٻپهريءَ جو ٽاڻو اچي ويو ۽ لڙائي اهڙي طرح سختيءَ سان هئي. ان وقت عربي فوج جي جوانن دل جهلي ارادو ڪيو ته جهڙي طرح ٿي سگهي هن وقت ئي فيصلو ٿي وڃي. هڪدم ٿوري دير الله اڪبر جو نعرو بلند ڪيو ۽ اهڙي جوش ۽ جذبي سان جهڙي طرح صبح تاني حملي آور ٿيا هئا، وري زبردست حملو ڪيائون. ان حملي جي دٻ جهلڻ دشمن لاءِ ڏاڍي ڏکي هئي. اسڪلنده وارن جا هنياءَ ڦاٽي پيا سندس آفيسرن هزارين جتن ڪيا پر سپاهين جا هر پاسي پير اکڙي پيا ۽ نيٺ سڀني ڀڄي قلعي ۾ پناهه ورتي.

مسلمانن هڪ دم وڌي اسڪلنده قلعي جو گهيرو ڪيو. قلعي وارن ڦاٽڪ ڏاڍي مضبوطي سان بند ڪيا ۽ برجن تي چڙهي تير وسائڻ شروع ڪيا ۽ پڻ هر هنڌ منجنيقون قائم ڪيون. جنهن مان پٿر اڇلائيندا هئا. ان قلعي جون واڳون ملتان جي صوبيدار جي ڀائٽي هٿ هيون، جيڪو راجا ڏاهر جي حڪومت ختم ٿيڻ کان پوءِ خود سر ٿي ويو هو. ملتان جي والي جي ڀائتي ڏاڍي مضبوطي ۽ دليري سان مقابلو ڪيو ۽ قلعو مضبوط ڪيو ۽ عربن کي ايذائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، پر کيس عربن جي لڳاتار حملن ۽ گهيرن جو پورو تجربو نه ٿيو هو، هن پنهنجي ساٿين کي لڳاتار ست ڏينهن ويڙهايو ۽ مسلمانن تي رات ڏينهن تير ۽ پٿر وسائيندو رهيو. پر گڏئي ان زماني ۾ عربن طرفان اهڙيون سخت هلائون ٿيون جو سندس هوش خطا ٿيندا رهيا. هڪ هفتي جي جنگ کان پوءِ کيس جنهن ڪارروائي ۾ سندس جان بچڻ ۽ زنده سلامت بچڻ جي ڪجهه اميد نظر آئي، اها هي هئي ته اٺين ڏينهن رات جي خاموشي ۾ اسڪلندي مان نڪري ويجهو ئي هڪ ٻي قلعي ۾ وڃي رهيو. جيڪو سڪي نالي مشهور هو. اسڪلنده جو بادشاهه جڏهن لڪي نڪري ويو تڏهن شهر جي عام ماڻهن گڏجي محمد بن قاسم کي پيغام موڪليو ته اسين اوهان جي رعيت آهيون ۽ هاڻي جڏهن ته اسان جو چڱو مڙس اسان کي ڇڏي ڀڄي ويو ته نهايت نماڻائيءَ سان اوهان وٽ پناهه وٺون ٿا ۽ اوهان جي سخاوتي رحمدلين مان اميد آهي ته اسان جي هي درخواست قبول ڪئي ويندي. رحمد عرب فاتح حجاج جي اجازت سان سڀني واپارين، هنرمندن ۽ هارين نارين کي پناهه ڏني ۽ چار هزار ڌرتي ڌڻين کي تلوار مان ڪڍيو، سندن ڄڻ ٻچو ٻانهيون غلام ڪري عراق اماڻيا ويا.

اها فوجي ڪارروائي ڪري محمد بن قاسم انتظامي معاملن ڏانهن ڌيان ڏنو. ڏن ۽ جزيو مقرر ڪيو ۽ پنهنجي پاران عتبه بن سلمه تميمي کي هن قلعي جو حاڪم مقرر ڪيو ۽ پاڻ فوج وٺي سڪي ڏانهن روانو ٿيو، جيڪو ملتان سان بلڪل لڳ هو ۽ جهڙوڪ ملتان ئي متعلق هڪ زبردست ننڍي قلعي جي حيثيت رکندو هو. سڪي شهر تي بجهري جو ڏوهٽو حڪمران هو. هي ڏاڍو بهادر ماڻهو هو سندس جي دل ۾ پنهنجي خاندان جي بادشاهي جي تباهي جو ايترو ڏک هو ۽ اهڙو بدلي جو جوش ان موقعي تي هن ڏيکاريو، جيڪو سڄي چچ خاندان مان ڪنهن به شهزادي نه ڏيکاريو، جيئن هن ٻڌو ته عرب فوجون سڪي ويجهو اچڻ گهرن ٿيون. پنهنجي فوج وٺي پاڻ ئي مقابلي لاءِ نڪتو، برابر شام تائين لڙائي لڳي ۽ ڪنهن جي حق ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو. پهرين لڙائيءَ ۾ اهڙي بهادري ڏيکاري هي شهزادو قلعي ۾ واپس ويو ته فوج جي همٿ وڌي ويئي ۽ هن ارادو ڪري ورتو ته جيستائين تقدير فيصلو نه ڪندي هرروز ائين ئي نڪري عربن کي سندن هٿ چراند تي سزا ڏيندس. تاريخدان چون ٿا ته هن سنڌي راڻي برابر سترهن ڏينهن تائين جنگ جو ميدان گرم رکيو. انهن لرائين ۾ سڪن وارن وانگر مسلمانن مان وڏا دلير ۽ بهادر سپاهين شهادت جو شربت پيتو. چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم جي ساٿين مان ٻه سؤ پندرهن اسلام جا بهادر ۽ پنجويهه چونڊ فوجي آفيسر هتي شهيد ٿيا. انهن لڙائين نيٺ بجهري جي ڏوهٽي جا حوصلا خطا ڪري ڇڏيا ۽ سندس دل ۾ هي خيال پيدا ٿي پيو ته هزارين بهادرن ۽ دليرن کان ڪم ورتو وڃي پر حقيقت هي آهي ته عربن سان وڙهڻ تقدير سان اٽڪڻ جي برابر آهي. لاچار ٿي هن به پنهنجي قليع کي فاتحن جي رحم تي ڇڏيو ۽ پاڻ رواي درياءَ مان پار ٿي ملتان وڃي رهيو. هن جي ويندي ئي مسلمانن سڪي قلعي تي قبضو ڪيو ۽ ماڻهن سان اهو ئي سلوڪ ڪيو جيڪو عام طرح شهرن جي فتح کان پوءِ رعيت سان ڪيو وڃي ٿو. عرب سپهه سالار کي پنهنجي ڪيترن ئي بهادر ۽ قيمتي جانبازن ۽ آفيسرن جي مارجي وڃڻ جو ڏاڍو ڏک هو. ڏک ڇا سندس دل ۾ ڪاوڙ جي باهه ڀڙڪي رهي هئي ۽ سڄي سنڌ جي ڪاهه ۾ شايد هيءَ ئي هڪ ميدان هو جتي سندس لوڻي ۾ سر نظر آيا. يا جتي هو ڪاوڙ جي شدت سان نه ٿي جهلاڻو ۽ سندس هٿان هڪ اهڙي سخت ڪارروائي گذري جيڪا دراصل سندس نيڪ نامي تي ٽڪو لڳائڻ واري هئي. اسلام جي شهيدن جي بدلي جي جوش ۾ هن بنا جهل جي حڪم ڏيئي ڇڏيو ته سڪي شهر کي برباد ۽ مسمار ڪيو وڃي. هي شهر اهڙو مسمار ڪيو ويو جو هن وقت به ان جي کنڊرن جي موجود هئڻ جي اميد تمام گهٽ آهي. ان لاءِ ته بلاذري جي بيان مطابق سندس ڏينهن ۾ هن ويران شهر جا اهڃاڻ باقي هئا. جنهن جو هڪ هزار سالن تائين زماني جي هٿ چراند کان محفوظ رهجي وڃڻ ۽ اڄ تائين موجود هئڻ بلڪل اندازي جي ابتڙ آهي.

محمد بن قاسم جي اها ڪاوڙ مٿاڇري نظر سان بلڪل سڪندر جي انهيءَ ڪاوڙ سان ملندڙ آهي جيڪا يونانين سپاهين هٿان ايران جو نامي گرامي درالسلطنت پولس ۽ اتي جو سهڻو قصر قباد جيڪو تن ڏينهن ۾ عجائب مڃيو ويندو هو. ان کي ساڙي رک جو ڍير ڪيو ويو. پر سچ هي آهي ته محمد بن قاسم جي ان زيادتي کي سڪندر اعظم جي ان زماني جي يادگار وحشي حرڪت سان ڪابه نسبت ناهي. محمد بن قاسم جي ڪاوڙ انهن دوستن تي هئي جيڪي ان وقت مارجي ويا هئا ۽ سڪندر جي ڪاوڙ انهن هزارين سال اڳ جي بيانن تي هئي ته انهن ڪڏهن يونانين تي ظلم ڪيو هو. ان کانسواءِ محمد بن قاسم اهو ڏاڍ خود پنهنجي ذاتي رنج جي جوش سبب ڪيو. سڪندر جي دل ۾ ڪو جوش نه هو. پر يونان جي دارالسلطنت ايٿنز جي هڪ مٿي اگهاڙي رنڊي جي نغمي اهو جوش پيدا ڪيو هو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سڪو شهر جيڪو ملتان جي هڪ ڪالوني کان وڌ حيثيت نه رکندو هو. ايران جو دارالسلطنت پرسي پولس نه هو جنهن ۾ قديم علمن ۽ فنن جا هزارين ذخيرا موجود هئا. هاڻي محمد بن قاسم راوي درياءَ مان لهي جيڪو ملتان ۽ سڪي وچان وهندو هو ۽ سڪي جي اتر طرف هو. عرب سپهه سالار عين انهيءَ گهيڙ وٽ وڃي لٿو جيڪو خاص ملتان شهر کان هيٺ واقع هوندو هو ۽ زمين تي قدم رکندي ئي پنهنجي فوج جون صفون درست ڪرڻ شروع ڪيون. ملتان وارن وٽان جيڪو پهريون سردار مسلمانن جي مقابلي لاءِ آيو اهو بجهري جو ڏوهٽو هو. جيڪو نااميد ٿي سڪي کان ملتان هليو ويو هو. جيتوڻيڪ عربن جي بهادري ۽ بنا جهل حملي آوري جو کيس امتحان ٿي چڪو ٿو، پر هن پنهنجي دل مضبوط ڪئي ۽ سڀ کان اڳ ملتان وارن کي وٺي عربي فوج اڳيان صفون ٻڌڻ لڳو. ان ڏينهن ورهانڊ تائين برابر جنگ جو ميدان گرم رهيو. ڌرتي ڌڻين ۽ حملي آورن مان ڪنهن به لڙائي کان منهن نه موڙيو. ايستايئن جو ورهانڊ ٻنهي ڌرين وچ ۾ پنهنجي ڪاري چادر اوڍائي ڇڏي. ۽ ٻئي لشڪر بنا نتيجي جي پنهنجن پنهنجن ٺڪاڻن تي واپس هليا ويا. ٻي ڏينهن پرهه ڦٽندي ئي وري لڙائي شروع ٿي ۽ برابر ورهانڊ تائين ٻنهي طرفن جي بهادرن بهادري ڏيکاري. مسلمانن ۽ سنڌين ٻنهي پاسن جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا. پر نبيرو اڄ به نه ٿيو ۽ ٻئي ڌريون فتح جي اميد دل ۾ کڻي واپس وريون.

ان لڙائي ۾ مسلمانن جو هڪ ناليوارو آفيسر زائده بن عميرت التائي جيڪو محمد بن قاسم جي فوج طلبيعته جي نامور سردار رعوته بن عميره الطائي جو ڀاءُ هو، لاڏاڻو ڪري ويو. پر هي هڪ قيمتي جان وڃائي مسلمانن اهڙي بهادري ۽ جوش کان ڪم ورتو جو ملتان وارن کي وري شهر مان نڪري مقابلي جي همٿ نه ٿي. هاڻي هنن پنهنجي شهر جا ڦاٽڪ بند ڪري ورتا ۽ قلعي جي برجن تي چڙهي وڙهڻ شروع ڪيو. حملي آورن جڏهن اهو رنگ ڏٺو ته پنهنجي چئني پاسن کان پکڙجي ويا ۽ سڄي شهر جو گهيرو ڪري ورتو ۽ لڙائي جو اهو ئي رنگ ٿيو جيڪو اهڙن موقعن تي ٿيندو آهي. قلعي وارا برابر تير ۽ پٿر وسائيندا رهيا ۽ گهيرو ڪرڻ وارا جيستائين کانئن پڳو ٿي گاسليٽ ۽ تيرن سان جواب ڏنو ٿي. هي گهيرو ڏاڍو سخت هو جڏهن محمد بن قاسم ڪجهه قلعن جو گهيرو ڇهه ڇهه مهينن کان وڌ عرصي تائين ڪري چڪو هو. پر هتي هي ويڌن هئي جو عرب سڳورا گهڻو پري تائين وڌي آيا هئا. ۽ اهڙي هنڌ پهچي چڪا هئا جتي جا گهٽ گهيڙ تمام ٿورن کي معلوم هئا ۽ جيتوڻيڪ چئن ئي طرفن کان فتح ڪيل شهر نه هئا ان سبب رسد ۽ داڻو پاڻي جي جلد پهچڻ ۾ ڏاڍي ڏکيائي ٿيندي هئي. ٻڻ ئي مهينن جي گهيري ۾ کاڌي جي شين جو ڏڪار ٿي ويو. کاڌي جي تنگي جو هي نتيجو ٿيو ته اسلامي شريعت ۾ گڏهن جو گوشت حرام آهي ۽ فتح خيبر واري ڏينهن نبي ڪريم ﷺ جن ملسمانن ۾ عام اعلان ڪرايو هو ته ”الا ان لحوم الحمر الاهليه قد حرمت.“ بار ڍوئڻ جا گڏهه گهڻائي موجود هئا. فوجين هٿان وڪامجڻ لڳا ۽ نيٺ ايستائين نوبت پهتي جو گڏهن جو ملهه گهوڙن کان چڙهي ويو. گڏهه في ننگ پندرهن درهم کان وڌ به مشڪل سان ٿي مليو. ملتان شهر جي حڪومت به هڪ هندي شهزادي جي هٿ هيٺ هئي. جيڪو ڏاهر جي ڀاءُ چندر جو پٽ هو ۽ گور سنگهه جي نالي مشهور هو. گور سنگهه جڏهن ڏٺو ته عربن جي همٿ ۾ ڪنهن ريت گهٽتائي نٿي اچي ته ڏاڍو پريشان ٿيو. کيس ڪنهن پاسي کان واهر جي اميد نه هئي. نيٺ هن مجبور ٿي ارادو ڪيو ته ڪشمير جي مهاراجا کان مدد ۽ فوج جي پاڻ گهر ڪري. ڇو ته ملتان جي موجود فوج عربن کي ڪنهن ريت هٽائي نٿي سگهي. بس انهي اميد تي هن ملتان کي خيرباد چيو. رات تاڻي ماڻهن جي نظرن کان لڪي وٺي ڀڳو ۽ ڪشمير جي واٽ ورتائين. ٻي ڏينهن جڏهن عربن خيمن مان نڪري لڙائي شروع ڪئي ته شهر وارن توڻي جو سندن بادشاهه شهر ڇڏي ڀڄي ويو هو پوءِ به لڙائي کان منهن نه موڙيائون پر جهڙي طرح سدائين وڙهندا هئا قلعي جي برجن تان تير وسائڻ لڳا. گهيري کي ايتري قدر ڊيگهه ٿي چڪي هئي جو عرب سڳورا ڏاڍي سرگرمي سان قلعي جي ديوارن کي هرطرف وڃي ڏسندا هئا ته ڪنهن هنڌ کان اڀرو هجي ته اعلان ڪري ٽوڙيو وڃي پر ڪو اهڙو هنڌ نه مليو. گور سنگهه جي وڃڻ کان پوءِ اتفاق سان هڪ همراهه قلعي کان ٻاهر نڪتو ۽ مسلمانن وٽ پناهه گهرڻ لڳو. محمد بن قاسم کيس پناهه ڏني ۽ کانئس معلوم ڪيو ته تون هتي جي حالتن کان چڱي طرح واقف هوندين، ٻڌاءِ ته قلعي جي ديوار ڪهڙي پاسي کان اڀري آهي جو ڀڳي وڃي. ان شخص اتر طرف وٺي وڃي ٻڌايو ته هتي جيڪڏهن ڪوشش ڪئي ويئي ته ديوار سولائي سان ٽٽي سگهي ٿي. ايترو معلوم ٿيندي ئي ان پاسي منجنيقون لڳايون ويون ۽ هر طرح جي محنت کان ڪم ورتو ويو. ٻن يا ٽن ڏينهن جي مٿاڪٽ کان پوءِ ديوار ٽوڙي ڪيرائي ويئي ۽ پورو رستو ٺاهيو ويو. اهڙي طريقي سان ڪوشش ڪري مسلمان ملتان ۾ داخل ٿيا ۽ شهر وارن مٿان تلوار کنئي ويئي. ٿوري دير ۾ قلعي جي قسمت فاتحن جي هٿ ۾ هئي. ڇهه هزار سپاهي اجل جو شڪار ٿيا. جن جي اهل و عيال جي قسمت عربن جي غلامي ۾ لکيل هئي.

واپارين، هنرمندن ۽ ٻني ٻارو ڪندڙن کي اڳي وانگر پناهه ڏني ويئي. غنيمت جو مال آڻي گڏ ڪيو ويو ته ان جو مقدار ايتري قدر گهڻو هو جو فاتح فوج جو هر سپاهي خوشيءَ ۾ نه پئي ماپيو. محمد بن قاسم کي جيتوڻيڪ في الحال خلافت جي خزاني ۾ گهڻو ڪجهه سرمايو داخل ڪرڻو هو. پر سندس راءِ جڙي ته سپاهين ڏاڍي دليري، محنت ۽ جاکوڙ کان ڪم ورتو آهي. سندن حق هڪدم ورهايا وڃن، هن سڄي فوج کي گهرايو ۽ غنيمت جو پئسو ورهايو. ان غنيمت مان سپاهين جيتري قدر فائدو ورتو ان جو اندازو ان بيان مان ٿي سگهي ٿو ته هر سوار کي چار سؤ درهم مليا هئا. جنهن جي ڀيٽ ۾ پيادل ماڻهن کي فقط ان جون ٽيون حصو مليو هوندو. اهي پئسا ورهائڻ کان پوءِ محمد بن قاسم ان ڳڻتي ۾ هو ته دارالخلافت ۾ ڪٿان پئسا موڪليا وڃن. هو ان ڳڻتي ۾ هو ته اوچتو هڪ برهمڻ حاضر ٿيو ۽ محمد بن قاسم سان مخاطب ٿي چوڻ لڳو”بت پرستي جي هاڻي اوهان جي خواهش مطابق پڄاڻي ٿئي ٿي. مندر ۽ آستان ويران ۽ سنسان پيا آهن ۽ اسلام غالب ٿيندو وڃي. بت خانن جي هنڌ مسجدون تعمير ٿي رهيون آهن. جڏهن ته الله ئي اقبال مند سردار جي مدد ڪري رهيو آهي ته منهن جو به فرض آهي ته اوهان کي پنهنجو سرپرست تسليم ڪريان ۽ جيستائين منهنجي وس ۾ هجي اوهان جي مدد ڪريان. مون ٻڌو آهي ته اڳين ڏينهن ۾ هن پراڻي نامور شهر ۾ هڪ سردار هو جيڪو جيبادين نالي مشهور هو. کيس سنڌ جي راجائن سان ڪو تعلق نه هو ڇو ته هو دراصل ڪشمير جي شاهي خاندان جي بنياد مان هو. ذات جو برهمڻ هو ۽ آخري عمر ۾ کيس دنيا سان ڪجهه اهڙي نفرت ٿي ويئي هئي جو سڄي دولت ۽ دٻدٻو ڇڏي جوڳي ٿي ويو، پنهنجي مذهبي عقيدن ۽ حڪمن جو ڏاڍي مضبوطي سان پابند هو ۽ رات ڏينهن هن جي زندگي جو گهڻو حصو عبادت ۽ مورتين جي پوڄا ۾ گذرندو هو هاڻي هن ۾ دنياوي ۽ ديني ٻئي قوتون هيون ۽ ڪنهن راجا کي هن تي حملي ڪرڻ جي همٿ نه ٿي. ان جي بادشاهت امن امان ۽ واندڪائي سان جڏهن هڪ عرصو قائم رهي ته خدا هن جي خزاني ۾ برڪت ڏني ۽ ايتري دولت هن وٽ گڏ ٿي ويئي جو هندستان جي ٻي ڪنهن حاڪم وٽ نه هئي.

ان راجا جڏهن ڏٺو ته هاڻي ڌن دولت تمام گهڻي ٿي ويئي آهي ته هن شهر جي اوڀر پاسي هڪ حوض ٺهرايو جنهن جو ڪنارو سؤ گز هو پوءِ ان حوض اندر هڪ خوبصورت مندر تعمير ڪرايو جيڪو پنجاهه گز هو. ان مندر ۾ هن هڪ ڪمرو ٺهرايو ۽ ان ۾ سون جي مٽي جا چاليهه مٽڪا رکي ڇڏيا ۽ ان کان سواءِ ٻه سؤ ٽيهه مڻ سون رکي مٿان کان لنبائي ڇڏيو. ان خزاني تي هڪ مندر آهي ۽ ان ۾ هڪ سون جي مورت رکيل آهي ۽ حوض جي آسپاس ان راجا وڻ لڳايا هئا جيڪي اڄ تائين بيٺل آهن. برهمڻ واتان اهي اکر ٻڌندي ئي محمد بن قاسم جي سڄي ڳڻتي ختم ٿي ويئي. هو هڪدم اٿي بيٺو ۽ برهمڻ کي چيو ”ٺيڪ اهو هنڌ هلي ٻڌاءِ، برهمڻ رهبري ڪئي ۽ محمد بن قاسم پنهنجي مشيرن، جلوسي سوارن ۽ نوڪرن جي پويان پويان روانو ٿيو. عرب سپهه سالار بت خاني اندر داخل ٿيندي ئي اها سون جي مورت ڏٺي جنهن جو ذڪر برهمڻ اڳ ڪري چڪو هو. ان مورت ۾ اکين جي جڳهه ڳاڙها چمڪندڙ موتي لڳل هئا ۽ ان اونداهي هنڌ تي ڏاڍو چمڪندڙ نظر آيا ٿي. چيو وڃي ٿو ته محمد بن قاسم کي اونداهه ۾ ان صورت تي ڪنهن زندهه انسان جو دوکو ٿيو. جيتوڻيڪ هن تلوار مياڻ مان ڇڪي ڪڍي ۽ وار ڪرڻ وارو ئي هو ته برهمڻ جهلي ورتو ۽ عرض ڪيو ”حضور هيءُ ئي اهو بت آهي جنهن کي ملتان جي راجا جيبادين ٺهرائي پنهنجي خزاني جي ڇت تي هڻايو ۽ پاڻ دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. محمد بن قاسم برهمڻ جي واتان اهو ٻڌي حڪم ڏنو ته مورت پنهنجي هنڌان هٽائي وڃي، هڪدم حڪم جي تعميل ٿي، مورت جي هٽائيندي ئي ماڻهن کي خزاني جو دروازو نظر آيو. سڄو خزانو ڪڍايو ويو. ٻه سؤ ٽيهه مڻ سون ۽ جيڪا مٽي ٽامي جي مٽڪن مان هٿ آئي ان جو ڪاٿو ڪيو ويو ته تيرهن هزار ٻه سؤ مڻ سون  هٿ لڳو. اها سون جي صورت ۾ به ورتي ويئي جيڪا خزاني ۾ مندر مٿان رکيل هئي. مطلب اها دولت ۽ اهي سڀئي جواهر ۽ موتي جيڪي ملتان جي ڦرلٽ ۾ هٿ آيا ۽ فوج جا حق ورهائڻ وقت خلافت جي خزاني جي لاءِ ڌار ڪيا ويا هئا سڀني کي ملائي محمد بن قاسم ارادو ڪيو ته هڪدم خلافت جي بارگاهه ۾ اماڻي، اسان مٿي بيان ڪري آيا آهيون ته سنڌ جي ڪاهه وقت تياريون ڪرڻ وقت حجاج خليفي وليد بن عبدالملڪ سان واعدو ڪيو هو ت جيترو پئسو خزاني مان کڻي ان ڪاهه ۾ واپرايو ويندو. ان جي ٻيڻ آءُ داخل ڪندس ۽ ان ڪم کي مان پنهنجي ذميواري تي شروع ڪريان ٿو، تنهن ڪري حجاج ۽ پڻ محمد بن قاسم کي ان رقم کي خزاني ۾ جمع ڪرڻ جي هر وقت ڳڻتي رهندي هئي ۽ انهن سبب حجاج ان پئسي جو حساب به محمد بن قاسم کي لکندو رهندو هو. جيڪو هتان کان وڃي خزاني ۾ داخل ڪيو ويندو هو ۽ انهيءَ خيال سان غنيمت جو مال ورهائڻ وقت محمد بن قاسم کي ڳڻتي هئي ته خلافت جي خزاني ۾ ڪابه رقم نه موڪلي ويئي.

جڏهن اهو خزانو مسلمانن جي هٿ لڳو ته محمد بن قاسم کي اميد ٿي ته هي روڪ پئسا داخل ڪري حجاج ذميواري کان آجو ٿي ويندو. پر اڃان هي خزانو هتان روانو ئي نه ٿيو ته محمد بن قاسم جي نالي حجاج بن يوسف جو هي خط آيو.” منهنجا سؤٽ توکي ياد هوندو ته تنهنجي روانگي کان اڳ مون خليفي وليد بن عبدالملڪ سان واعدو ڪيو هو ۽ پنهنجو پاڻ کي ذميوار بڻايو هو ته بيت المال مان جيترو پئسو هن ڪاهه ۾ لڳائيندس ان جي ٻيڻ انهيءَ مهم مان وصول ڪري وري داخل ڪندس. ان واعدي جو پورو ڪرڻ مون تي فرض آهي.“ ان کان سواءِ حجاج محمد بن قاسم کي اڳتي وڌڻ ۽ پنهنجي فتحن جو سلسلو جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي ۽ ديني ترقي جي ڳالهه خاص تاڪيد سان پڻ ڪئي هئي ته ”جتي ڪو قديم هنڌ يا مشهور شهر هجي اتي مسجد ۽ منبر ضرور رکيا وڃن ۽ گهرجي ته وقت جي خليفي جو خطبو پڙهيو وڃي ۽ اسلام دارالسلطنت جو سڪو رائج ڪيو وڃي.“

اهو خط ملندي ئي محمد بن قاسم اهو خزانو ۽ جواهر عراق روانا ڪيا. ان رقم جي پهچڻ کان پوءِ حجاج ڏاڍو سرهو ٿيو ڇو ته پوري ٻيڻي رقم خزاني ۾ جمع ٿي ويئي. ان جو ثبوت ان مان ملي ٿو ته حساب مان پتو پيو ته ان فوج چاڙهڻ بابت محمد بن قاسم کي ڪل ڇهه ڪروڙ درهم ڏنا ويا ۽ محمد بن قاسم وٽان خزاني ۾ جيڪا رقم جمع ٿي اها پوري ٻارهن ڪروڙ درهم هئي. ان خوشيءَ وچان اهو جملو زبان مان ڪڍيو ته ”هاڻي اسان جي ڪاوڙ ختم ٿي ۽ اسان جي دل کي اطمينان ٿيو ان لاءِ ته ٽي ڪروڙ روپيا راجا ڏاهر جي سسي اسان جي نفعي ۾ مليا. ملتان جي بت خاني ۾ عربن کي جيڪو ڌن مليو ان جي جڳ ۾ ڏاڍي مشهوري ٿي. ايستائين جو عربن جي عام ٻوليءَ ۾ شهر جو اصلي نالو وسري ويو ۽ ”فرج بيت الزهب“ جي لقب سام مشهور ٿيو. ان خزاني ۾ جيڪو بت هو ان بابت چچ نامي جو بيان آهي ته فتح وقت محمد بن قاسم ان کي به عراق روانو ڪيو. پوءِ جي سياحن ۽ معتبر شاهدين مان معلوم ٿئي ٿو ته قديم مندر ڪيتروئي عرصو قائم رهيو ۽ ماڻهو پري پري کان ان جي درشن لاءِ ايندا هئا پر سون جي مورت جو ذڪر ڪنهن نه ڪيو جنهن سان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ٿي سگهي ٿو ان هنڌ ٻي ڪا مورت لڳائي وئي هجي. ملتان قديم هندو بادشاهت جو اتريون ٺڪاڻو ئي نه هو پر هند وارن جو هڪ وڏو پوڄا گهر به هو ان جي مندرن بابت عجيب عجيب قسم جا عقيدا هئا ۽ انهن اڳيان ڏاڍي خلوص نيت سان قربانيون ڪيون وينديون هيون. ماڻهو اوڀر ۽ ڏکڻ هندستان جي پرڳڻن مان وڏا وڏا سفر ڪاٽي ملتان ايندا هئا. هتي ٻه وڏا مندر هئا هڪ ته اهو ئي ترائي وارو جيڪو خاص شهر اندر وڏين وڏين بازارن وچ ۾ هو ۽ هڪ ٻيو جيڪو شهر ٻاهران جبل جي هنج ۾ هو. اهو ٻيو بت خانو اولهه هندستان جو مرڪز هو. سڄي ملڪ جي دلين ۾ ان لاءِ ڏاڍي عقيدت هئي ماڻهو پري پري کان ان لاءِ نذرانا کڻي ايندا هئا، گهرن ۾ ويهڻ واريون ان جي نالي جون نذرون ۽ مرادون مڃينديون هيون. سنڌ وارا ڏاڍي جوش ۽ جذبي سان ان جي درشن لاءِ ويندا هئا ۽ چؤڦير چڪر لڳائيندا هئا ۽ ان وٽ ويهي مٿو ۽ ڏاڙهيون ڪوڙائيندا هئا. ان جي ٺاٺ ۽ دٻدٻي ۽ شان شوڪت جو اندازو ان مان ٿي سگهي ٿو ته جنهن وقت مسلمانن ملتان تي قبضو ڪيو آهي، ڇهه هزار جانيون هن هٿان گرفتار ٿيون آهن، جيڪي ان بت خاني جي خدمت ۾ هر وقت حاضر رهنديون هيون. سنڌ ۽ هند وارا هر طرح جو قيمتي مال ملڪيت جواهر، عود ۽ ٻين  قسمن جون سرهاڻون آڻي ڏيندا هئا ۽ ان جي پوڄا جي زماني ۾ بي انتها خلق جو هجوم ٿيندو هو. ملتان جي بادشاهه لاءِ هي مندر وڏي آمدني جو ذريعو هو. ڏکڻ هند جا زيارتي تمام گهڻائي سان خالص عود قماري آڻيندا هئا ۽ پنهنجي ديوتا کي اچي ڏيندا هئا ۽ عود ايتري قيمتي شيءِ هو جو في مڻ ٻه سؤ دينار وڪامندو هو. ان مندر ۾ ٻه مورتيون رکيل هيون ۽ مشهور هو ته ان جي ٺاهڻ ۾ طلسمي طاقت کان به ڪم ورتو ويو هو. ان لاءِ ته عام عقيدي ۾ ڪوبه انهن مورتين کي ڇهي نٿي سگهيو. چوندا هئا جيڪڏهن ڪوبه انهيءَ تي هٿ به رکندو ته اهو به معلوم نه ٿيندو هو ته ان ڪهڙي شيءِ کي ڇهيو. مطلب ته ڇهڻ جي طاقت ختم ٿي ويندي هئي. مٿاڇري نظر سان انهن مورتين مان هڪ سون جي ۽ هڪ چاندي جي ٺهيل ڏسڻ ۾ ايندي هئي. هند وارن جو عقيدو هو ته انهن مورتين کان جيڪا دعا گهري وڃي هڪدم قبول ٿي ويندي هئي.

ان مندر لڳ هڪ ننڍو چشمو نظر ايندو هو جنهن مان سائي رنگ جو پاڻي وهندو هو ۽ اهو ڏاڍو ٿڌو هوندو هو ۽ جيڪي پٿر ان چشمي وٽ هئا انهن لاءِ چوندا هئا ته زخمن لاءِ اڪسير جي خاصيت رکن ٿا. هڪ وڏي شرم جهڙي ڳالهه هي هئي ته سنڌ جا عقيدتمند پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي ان ۾ عزت سمجهندا هئا. جو پنهنجون پياريون نياڻيون ديوتائن جي نذر ڪندا هئا. هزارين نياڻيون انهن بتن لاءِ وقف هيون جن جو ڌنڌو زناڪاري هو. انهن لاءِ زنا عيب نه هو پر فخر سمجهي ڪنديون هيون، انهن جي زناڪاري جي پورهي تي مندر جا گهڻا خادم گذارو ڪندا هئا ۽ دراصل مندر جي آمدني جو هي هڪ وڏو ذريعو هو ۽ سوين ماڻهو انهن جي زلفن جا اسير هوندا هئا. جڏهن ته ڪجهه سنڌ ۾ رهندڙ عرب سڳورن جي پاڪائي ۽ پيرهيزگاري ۾ به سندن هٿان تفاوت اچي ويو ۽ اهو بت خانو جنهن مان خزانو ڪڍيو هو، مندر ڇا هڪ عاليشان محل هو، ڏاڍي ڳچ آبادي هئي، اندر ان جي بلند منارو آسمان سان ڳالهيون ڪندو نظر ايندو هو. هي خوش نما منارو وچ ۾ هو ۽ ان جي آس پاس پوڄارين جي رهڻ جا گهر ٺهيل هئا. مورت ان وچواري مناري اندر هڪ پڪي چبوتري تي چئني پاسن کان ويٺل هئي، ان کي ڳاڙها ڪپڙا پارايل هئا ۽ ان گهڻائيءَ سان جو سواءِ اکين جي جسم جو ڪوبه حصو نظر نٿي آيو. اکين جي هنڌ ٻه موتي لڳل هئا. مٿي تي سون جو تاج هو. مٺيون ڀيڙيل هيون ۽ ٻئي هٿ کڙين تي رکيل هئا. محمد بن قاسم پنهنجي سخاوتي رحمدليءَ سان انهن مندرن ۾ ڪنهن قسم جي مداخلت نه ڪئي پر مسلمانن جي ڏينهن ۾ به انهن جي پوڄا جاري رهي، جيڪي ڪجهه حالتون لکيون ويون انهن ڏينهن جون آهن.

جڏهن ملتان مسلمانن جي قبضي ۾ هو ته مغربي سياح ۽ جغرافيه نويس سنڌ جي سير لاءِ ايندا رهندا هئا. جڏهن ته ملتان جي مسلمان بادشاهن کي عرب حڪومت جي آخري زماني ۾ هتي جي مندر مان ڏاڍو وڏو سياسي فائدو حاصل ٿيندو هو. جڏهن ڪٿي به زبردست هندو راجا حملو ڪري ملتان فتح ڪرڻ جو ارادو ڪندو هو ته مسلمان شهر جا ڦاٽڪ بند ڪري حملي آورن کي ڌمڪي ڏيندا هئا ته جيڪڏهن اوهان لڙائي کان هٿ نه جهليو ته اسان توهان جي ديوتا کي ٽوڙي ڇڏينداسين ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏينداسين. انهن ڳالهين جي ٻڌندي ئي هندو راجا ڏڪي ويندا هئا ۽ لاچار ٿي واپس هليا ويندا هئا. ملتان جي وڏي بت خاني بابت هڪ ٻيو پراڻي زماني جو معتبر تاريخدان لکي ٿو ته سڄي هندستان ۾ انهن ڏينهن ۾ ست عظيم الشان مندر هئا جتي سدائين عام ۽ خاص جو ميڙ رهندو هو. ملتان جو هڪ مندر به انهن ۾ ڳڻجي ٿو۔ هتي به عاليشان مندر هئا. هڪ مندر ڪنهن جبل جي وچ ۾ هو جنهن جي چوٽي جي سطح زمين کان هڪ سؤ اسي گز بلند هئي. ان جي وچ ۾ هڪ لوهه جي مورت رکيل هئي جنهن جو قد ۽ بيهڪ ست گز هو ان سان لڳ پوڄارين جي رهڻ لاءِ گهر ٺهيل هئا. ويجهو ئي نذر ڏيڻ لاءِ قربان گاهون ٺهيل هيون. ماڻهن جو بيان آهي ته هي مندر درشن ڪرڻ وارن کان ڪڏهن به خالي نه رهيو. ٻي مندر ۾ ٻه مورتيون هيون هڪ جو نالو جنڪبت هو ۽ ٻي رنڪيت. اهي ٻئي مورتيون جبل جي هنج مان جبل کي ٽڪي ڪڍيون ويون ۽ تمام مٿاهيون هيون تان جو تقريباً اسي اسي گز ڊگهيون هيون ۽ پري پري کان نظر اينديون هيون. درشن ڪرڻ وارا جڏهن ٻاهر ايندا هئا ته واٽ ۾ انهن کي ٻي صورت نظر ايندي هئي ۽ سجدي ۾ ڪري پوندا هئا. ان ڳالهه ۾ ايستائين اهتمام هو جو جيڪڏهن اتفاق سان ڪو سجدو ڪرڻ ڀلجي ويو ته واپس وڃي ۽ ان هنڌ تي پهچي جتان پهرين پهرين مورت نظر اچي ٿي سجدو ڪري ته اڳتي اچي. هڪ لائق مصنف ملتان جي وڏي مندر جي حالتن ۾ لکي ٿو ته جن ڏينهن ۾ آءُ سنڌ ۾ موجود هئس هندستان مان هڪ هندو هتي جي بت خاني جي زيارت لاءِ آيو. هي منهنجي اکين اڳيان جو واقعو آهي ته ان شخص تيل ۾ ٻوڙيل ڪپهه ورتي. ڪيتريون ئي ٽوپيون ٺاهي مٿي تي رکي ڇڏيون ۽ ان کي پنهنجي چوٽي ۾ ٻڌي ورتو ڪجهه هٿ جي آڱرين ۾ ٻڌي ورتيون ۽ مورت سامهون بيهي هر هنڌ کان ڪپهه کي باهه لڳائي باهه ٻرندي ئي ڏيئي وانگر ان جو سڄو بدن روشن ٿي ويو ۽ ٿوري دير ۾ سڙي مري ويو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو ان مندر ۾ وڃي خود پنهنجي قرباني به نون نون طريقن سان ڪندا هئا.

مطلب ته محمد بن قاسم ملتان کي فتح ڪري انتظام شروع ڪيا، جزيي ۽ ڍل جون رقمون مقرر ڪيون. رعيت کي ٻڌايو ته انهن جا ڪهڙا حق خلافت تسليم ڪندي. ۽ انهن کي سرڪاري رقم ادا ڪرڻ ۽ اطاعت سان رهڻ ۾ ڪيتري پابندي ڪرڻي هوندي. امي دائود نصير بن وليد يماني ملتان جو والي مقرر ڪيو ويو. پوءِ محمد بن قاسم خزيم بن عبدالملڪ تميمي کي برهماپور قلعي ۾ ترسڻ جو حڪم ڏنو تان جو اتي جو انتظام سنجيدگي سان ڪري ڇو ته هي قلعو جهلم درياءَ تي واقع هو. ملتان کان پوءِ پاڻمرادو مسلمانن جو اطاعت گذار ٿي ويو هو. ملتان جي ڀرپاسي ۾ عام حڪومت عڪرمه بن ريحان شامي جي هٿ ۾ ڏني ۽ احمد به خزيمه بن عتبه مدني کي قلعه جات اجتهاد ۽ ڪرور تي جيڪي ملتان جي هٿ هيٺ هئا حڪمران مقرر ڪيو ۽ پاڻ ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتان ئي رهي پيو. ان زماني ۾ هن سان گڏ تقريباً پنجاهه هزار سوار هئا جيڪي جنگي هٿيارن سان ليس هئا ۽ ڪنهن شيءِ جي گهٽتائي نه هئي. هاڻي سڄو سنڌ ملڪ فتح ٿي چڪو هو ۽ راجا ڏاهر جي سڄي قبضو ڪيل خلافت جي ڏور فوج جي قبضي ۾ هئي. پر انهن لڳاتار فتحن محمد بن قاسم ۾ اهڙي بي نظير بهادري پيدا ڪري ڇڏي هئي جو سندس دل کي اهو ڪنهن طرح پسند نه هو ته بس هن هڪ ملڪ کي ئي فتح ڪرڻ تي قناعت ڪري. ان جي رفتار اتر طرف ڪشمير جي حدن تائين پهچي ويئي ۽ هماليه جي ڊگهين چوٽين اڳتي وڌڻ کان روڪيو. هاڻي سواءِ ان جي ته اوڀر طرف رخ ڪيو وڃي ۽ ڪري سگهي ٿي، پر هتي هڪ وڏو وسيع جنگ جو ميدان نظر آيو ٿي، جنهن ۾ قدم رکندي ئي وڏين وڏين ڏکائين جي پيش اچڻ ۽ ڏاڍين وڏين وڏين طاقتن سان ٽڪر کائڻ جو کٽڪو هو محمد بن قاسم جي بلند حوصلي انهن سڀني ڏکاين کي سولو ڪيو ۽ دل ۾ پڪو پهه ڪيو ته جهڙي طرح ٿيو سڄو هندستان فتح ڪيو وڃي. پر سنڌ جي جنگ ختم ٿيندي ئي ايتري وڏي همٿ ڪري ويهڻ سندس وس کان مٿي هو. اهو ممڪن نه هو ته دارالخلافت کان اجازت حاصل ڪرڻ کانسواءِ هاڻي هو هڪ وک به وڌائي سگهي. انهن ڏينهن ۾ هندستان ۾ سڀ کان پراڻو شاهي خاندان ۽ سڀ کان زبردست ۽ عزت وارو تخت قنوج جي راجا جو هو. محمد بن قاسم پنهنجي حملن جو نشانو بنائڻ لاءِ هن کي چونڊيو. هڪ ته ان خيال سان ته قنوج کان پوءِ ٻي ڪا حڪومت اسان جي مقابلي لاءِ همت نه ڪري سگهندي ۽ ٻيو ان مطلب سان ته قنوج اوڀر ۾ ايترو پري آهي جو اتي پهچندي پهچندي سڄو هندستان اسان جي هٿ هيٺ اچي ويندو ۽ خلافت جي درٻار مان ٻيهر اجازت وٺڻ جي ضرورت نه پوندي. اها صلاح سوچي، ان پنهنجي ڪامل فتح جي حالتن سان گڏ قنوج جي حڪومت ۽ حشمت ۽ اتي جي راجا جي پهچ ۽ طاقت جو حال خلافت جي درٻار ۾ لکيو ۽ اوڀر طرف وڌڻ جي اجازت گهري. وليد بن عبدالملڪ هن جي مضبوط ارادي جو داد ڏنو ۽ بنا جهل جي حڪم ڏيئي ڇڏيو ته بيشڪ هاڻي توکي اڳتي وڌڻ گهرجي. خليفي ان خط سان گڏ هڪ ٻيو خط پنهنجي پاران قنوج جي راجا نالي لکي محمد بن قاسم وٽ موڪليو ۽ حڪم ڏنو ته هن خط کي پنهنجي ايلچي هٿان قنوج روانو ڪيو. اهو حڪم ملندي ئي محمد بن قاسم ان ذميواري جي نازڪ ڪم لاءِ ابو حڪيم شيباني کي چونڊيو، جيڪو بهادري ۽ لياقت ٻنهي حيثيتن کان چونڊ لائق هو. عرب سالار ان نامور آفيسر کي ڏههه هزار سوارن تي آفيسر مقرر ڪري قنوع طرف روانو ڪيو ۽ خليفي وليد بن عبدالملڪ جو خط سندس حوالي ڪيو ته پهرين هي خط ڏجانءِ جيڪو جواب ملي ان کي وٺي هڪدم مون وٽ حاضر ٿي وڃجان. زباني به سمجهايو ته تون پنهنجي طرفان به پهريان اسلام جو پرچار ڪج. مڃي ته سبحان الله ۽ نه مڃي ته جزيي ۽ اطاعت جي درخواست ڪجانءِ. ابو حڪيم شيباني پنهنجي فوج وٺي اودي پور تائين ويو پر ايستائين وڃڻ ۾ کيس تجربو ٿي ويو ته ايترو وڏو لشڪر وٺي قنوع وڃڻ ڏکيو آهي ۽ سپاهين کي بي انتها تڪليف ۽ ايذاءُ ٿيندو. ان خيال سان پاڻ ته اودي پور ۾ ترسي پيو ۽ پنهنجي طرفان زيد بن عمر ڪلابي کي روانو ڪيو ۽ ان کي چيو : آءُ توکي هڪ ديني سفير ڪري قنوج روانو ڪريان ٿو. اتي وڃي قنوج جي راجا کي اهو به چئجان ته سمنڊ کان وٺي ڪشمير تائين سڀني راجائن ۽ سردارن اسلام جي عظمت ۽ قوت اڳيان ڪنڌ نمايو ۽ سڀ محمد بن قاسم جي فرمان هيٺ آهن. اسلام قبول ڪيو ۽ ڪن خلافت جي درٻار کي ڏن ڏيڻو ڪيو آهي. زيد بن عمرو ڪلابي اودي پور کان قنوج جي واٽ ورتي ۽ جيستائين قنوج مان سفير واپس اچن محمد بن قاسم پنهنجي فوج وٺي اڳتي وڌائي ۽ خاص ڪشمير جي حدن وٽ ان هنڌ جو وڃي معائنو ڪيو جتي راجا ڏاهر ۽ ڪشمير جي راجا جون حدون ملنديون هيون. جهلم درياءَ جا ابتدائي پنج چشما ان هنڌ جاري ٿيا آهن. ۽ هتي ئي سيلائج جي پٽ چچ پنهنجي سرحد کي نروار ڪرڻ لاءِ وڻن جي هڪ قطار لڳائي هئي. اهو هنڌ في الحال ڪشمير جي سرحد تي ناهي پر ان اندر واقع آهي. محمد بن قاسم اتي پهچي انهن سرحد جي نشانن کي وري نئون ڪيو تان جو مسلمانن کي سدائين معلوم هجي ته سندن سلطنت هن هنڌ تي اچي کٽي آهي. اها ڪارروائي ڪري هو وري ملتان ۾ واپس آيو ۽ قنوج مان سفير واپس اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. قنوج ۾ تڏهن راءِ جٿل راءِ جي پٽ هرچند جي حڪومت هئي جيڪو هندستان جي سڀني راجائن ۾ مٿاهون ۽ زبردست هو، سڀئي هندو بادشاهتون سندس سامهون ڪنڌ جهڪائينديون هيون ۽ سندس عظمت کي مڃينديون هيون. صديون گذري ويون هيون جو ان ديسي زبردست سلطنت جي فرمانروائن جي خيال ۾ اها ڳالهه نه گذري هئي ته ڪا طاقت ان جي مقابلي يا ان تي فوجي چڙهائي جو نالو به وٺي سگهي ٿي. هي اسلامي سفير جڏهن راءِ هرچند جي درٻار ۾ پهتا ته هنن اسلام جي خليفي وليد بن عبدالملڪ جو خط کولي پڙهايو ته نهايت مڇرجي جواب ڏنو.”هي ملڪ تقريباً هڪ هزار ڇهه سؤ سال کان اسان جي فرمان هيٺ آهي. اسان جي حڪومت ڏاڍي قديم آهي ۽ ان قدامت سان اسان جي ڌاڪ ويٺل آهي. ڪڏهن ڪنهن دشمن کي ايتري همٿ نه ٿي ته اسان جي سرحد ۾ قدم رکي جڏهن اسان جي اهڙي قوت ۽ وقعت آهي ته توهان ماڻهو جيڪڏهن اهڙيون بيهودگيون ۽ اهڙا نه ٿيڻ جوڳا ارادا دل ۾ ڪندا ته مون کي ڪابه پرواهه ڪونهي. اها ڳالهه نامناسب آهي ته هڪ ايلچي قيدخاني ۾ موڪليو وڃي نه ته ان گفتگو ۽ ان اڻ ٿيڻي دعويٰ ۾ اوهان اهڙي سزا جا حقدار آهيو! هتي جا راجا ۽ حڪمران جيڪڏهن توهان جي ڳالهه ٻڌي وٺن ته ٻڌن، مگر آءٌ اهڙي ڳالهه نٿو ٻڌان. هاڻي اوهان پنهنجي آقا وٽ واپس وڃو ۽ چئو ان ۾ شڪ ناهي ته اسان پاڻ ۾ وڙهندا رهندا آهيون، جنهن جو مطلب رڳو اهو آهي ته پورب کان وڙهڻ نه وسري. ان مان اهو نه سمجهيو ته اسان جي پاڻ ۾ لڙائين مان توهان کي ڪو فائدو رسندو. بس هاڻي لڙائي ئي فيصلو ڪندي يا ته آءُ سوڀارو ٿيندس يا اوهان مون تي غالب ٿيندا، صلح ۽ جنگ جو ان وقت فيصلو ٿيندو، جڏهن لڙائي سان هڪ کي ٻي تي عظمت جو امتحان ٿيندو. راءِ هرچند جو هي پيغام جڏهن محمد بن قاسم کي پهتو ته هن پنهنجي سڀني آفيسرن، معزز ماڻهن، سپهه سالارن ۽ بهادرن کي گهرائي هڪ صحبت ۾ گڏ ڪيو ۽ سڀني طرف مخاطب ٿي چيو ”خدا جي مهرباني ۽ آسماني تائيد سان هيستائين برابر هندستان جي راجائن کي شڪت ڏني ويئي ۽ سدائين اسلام جي ئي فتح ٿي. هاڻي اسان کي هن ڪافر سان مقابلي جي نوبت آئي آهي. جيڪو پنهنجي فوج ۽ هاٿين جي گهمنڊ ۾ نٿو ماپي. توهان سڀني تي واجب آهي ته خدا جي تقويت ۽ تائيد تي ڀروسو ڪري آماده ۽ تيار ٿي وڃو اسان کي يقين آهي ته اسان کيس جلد ئي فتح ڪري وٺنداسين.“ جوان همٿ سردار جي اها تقرير ٻڌندي ئي سڀ ماڻهو مرڻ ۽ جان ڏيڻ  تي تيار ٿي ويا. حملي آور اڳتي لاءِ روانو ٿيڻ جو سامان ٻڌڻ لڳا ۽ محمد بن قاسم بنا تڪلف جي جنگ جو اشتهار ڏيئي ڇڏيو، محمد بن قاسم 95هه ۾ ملتان کي فتح ڪيو هو، فتح کان پوءِ اڃا هو ملتان ۾ ئي هو ته انهيءَ سال جي پڇاڙي ۾ کيس پنهنجي مهربان سؤٽ حجاج جي مرڻ جي خبر پهتي، جنهن 95هه ۾ فاني دنيا کي ڇڏيو، ان خبر کيس حد کان مٿي پريشان ڪيو ۽ ڏکاريو ٿيو. سدائين اهڙن موقعن تي جن سياسي تبديلين جو انديشو هوندو آهي انهن جي ڊپ کان محمد بن قاسم ڏاڍو بيدلو ٿي پيو. توڻي جو کيس وليد بن عبدالملڪ جي درٻار مان ڪنهن قسم جو جوکو ۽ نقصان جو کٽڪو نه هو، تڏهن به اهو انديشو ڏاڍو سخت هو ته ڏسجي بصري جي حڪومت ڪنهن جي هٿ ۾ ٿي اچي ۽ مون سان نئون ايندڙ بصري جو والي ڪهڙو سلوڪ ڪري ٿو. انهن ڳڻتين ايتري قدر ستايو جو هن اڳتي وڌڻ جو ارادو ملتوي ڪيو ۽ ملتان ڇڏي بغرور ۾ واپس آيو. ان شهر کي هو اڳ ئي فتح ڪري چڪو هو. هتي اچڻ جو سندس مطلب هي هو ته رهڻ وارو هنڌ خلافت کي ويجهو هجي. بغرور ۾ پهچي محمد بن قاسم هتي جي ڪيترن ئي ماڻهن کي انعام اڪرام ڏنا ۽ ترسي دارالخلافت جي حڪم جو انتظار ڪرڻ لڳو. حجاج جي موت جيتوڻيڪ محمد بن قاسم جو حوصلو خطا ڪري ڇڏيو هو، تڏهن به هي هڪ اهڙو بهادر ۽ مضبوط ارادن وارو شخص هو جو جن کان اڃان به بيڪار ويهڻ نه ٿيو. بغرور ۾ ويٺي ويٺي جڏهن دل گهٻرايو ته بيلمان شهر تي هڪ فوج رواني ڪئي. ڀاڳ اڃان پاسيرو نه هو جو فوج کي هٿيارن جي به ضرورت نه پئي ۽ بيلمان وارن بنا لڙڻ جهڳڙڻ جي اطاعت جو ڪنڌ جهڪايو ۽ اسلامي حڪومت جي تابع ٿي ويا. جڏهن بيلمان وارن اطاعت قبول ڪئي ته سرست جي شهر وارن حاضر ٿي اطاعت جو اظهار ڪيو. سرست شهر متوڪل باالله عباسي جي ڏينهن ۾ بحري فوج جو ٺڪاڻو هو ۽ انهن جي جهاد جو هڪ معمولي نشان رهندو هو. ڪارڻ اهو هو ته سرست جي رهڻ وارا ماڻهن کي ستائڻ وارا چور هئا ۽ پنهنجي ان عادت ۾ ايتري قدر سخت ۽ مضبوط هئا جو هزارين جتن ڪيا ويندا هئا پر سمنڊ جي رهزني جو سلسلو ڪنهن طرح ٽاريندا ئي نه هئا. جڏهن محمد بن قاسم ڏٺو ته هي شهر سولائي سان فتح ٿي ويا ته هن پنهنجي بلند حوصلي جو هڪ ٻيو زبردست نمونو ڏيکاريو هن دفعي ڪنهن ٻي آفيسر کي روانو نه ڪيو پر پاڻ ئي فوج وٺي ڪيرج شهر تي حملي آور ٿيو. هتي جو حاڪم راجا دوهر جنهن جو شمار به هندستان جي طاقتور حڪمرانن ۾ ٿيندو هو. اسلامي فوج جي مقابلي لاءِ اچي سامهون ٿيو. هڪ سخت ۽ قسمت بدلائڻ واري جنگ لڳي. محمد بن قاسم خوب بهادري ڏيکاري ۽ مردانگي جا جوهر ڏيکاري دوهر جي فوج کي شڪست ڏني ۽ هند وارا پوئتي هٽيا ۽ مسلمانن جو قبضو ٿي ويو. بهادر هندو سپاهي شهر ڇڏي نڪري ويا. خود راجا بابت معلوم ناهي ته سندس حشر ڪهڙو ٿيو، ڪي چون ٿا ته غيرتمند راجا عربن سان مقابلو ڪري جنگ جي ميدان ۾ مارجي ويو. جڏهن ته ان واقعي جي تصديق هن سعر سان ٿئي ٿي جيڪو ڪنهن اهڙي سپاهي جي بهادري جي جوش کي ظاهر ڪري ٿو جنهن پاڻ ان جهڙپ ۾ شريڪ ٿي بهادري جا جوهر ڏيکاريا هئا.

نحن قتلنا داهراً دوهراَ والخيل تردي منسراَ خمنساَ- اسان ڏاهر ۽ دوهر ٻنهي راجائن کي قتل ڪيو ۽ ان وقت ”ميدان جو حال هي هو ته گهوڙا جهڙوڪر نسر پکي هئا جيڪي پنهنجي ٽاپن سان برابر سنب کي سنب هڻي رهيا هئا.“ حجاج کي مئي تقريباً اٺ مهينا ٿيا هوندا ته جماد الثاني 96 هه ۾ وليد بن عبدالملڪ به لاڏاڻو ڪيو جيڪو حجاج ۽ پنهنجي سڄي خاندان جو سڄي دور ۾ وڏو ڀرجهلو رهيو هو. وليد پنهنجي آخري ڏينهن ۾ حجاج جي مرڻ کان اڳ ارادو ڪيو هو ته پنهنجي ڀاءُ سليمان کي تخت ۽ تاج کان محروم ڪري ڇڏي جنهن کي خود عبدالملڪ وليد کان پوءِ حڪمراني لاءِ مقرر ڪري ويو هو ۽ جنهن جي لاءِ وليد جي خلافت کان پهرين ئي بيعت ورتي ويئي هئي. وليد پنهنجي ڏينهن ۾ ڪوشش ڪئي ته هن کي محروم ڪري ولي عهد پنهنجو پٽ عبدالعزيز کي ڪري. ان باري ۾ سليمان کي لکيو ويو ته ولي عهديءَ تان هٿ کڻي پر هو پنهنجي هيڏي وڏي سلطنت تان ڇا جي ڪري هٿ کڻي سگهيو ٿي، صاف انڪار ڪري ڇڏيائين. جڏهن سيلمان وٽان انڪار ٿيو ته وليد ان ڳالهه جي ڪوشش شروع ڪئي ته ممتاز راءِ ڏيندڙن ۽ اثر رسوخ وارن ماڻهن جي اڪثريت حاصل ڪري سليمان کي هٽائي ڇڏي ۽ پنهنجي عبدالعزيز لاءِ خلافت جي گادي خالي ڪري. ان غرض جي لاءِ هن سڀني ملڪ جي والين ۽ اسلام جي معززن کان راءِ گهري، حجاج بن يوسف ۽ ان سان لاڳاپيل قتيبه ۽ محمد بن قاسم جن وليد جي راءِ سان اتفاق ڪيو پر ان ڳالهه جي پورائي نه ٿي هئي جو حجاج لاڏاڻو ڪري ويو ۽ حجاج کان پوءِ به وليد کي سليمان جي بيعت ٽوڙڻ جو موقعو نه مليو هو جو موت اچي سندس پلو جهليو ۽ وليعهدي جو خطاب سليمان جي ئي قبضي ۾ ڇڏي هو مري ويو.


 

باب ٻارهون

محمد بن قاسم جو انجام

سليمان بن عبدالملڪ جڏهن ڀاءُ جي مرڻ کان پوءِ خلافت جي تخت جو وارث ٿيو ته سندس خيال ۾ شايد حجاج کان وڌ ڪو شخص هن جي حقن ۽ سندس مطلبن جو دشمن نه هو. ان ڳالهه جو کيس حد کان وڌيڪ ڏک ٿيو ته هن جي تخت نشين ٿيڻ کان اٺ مهينا پهرين حجاج بن يوسف اجل جي نذر ٿي چڪو هو ۽ ان محفوظ ٺڪاڻي تي پهچي چڪو هو جتي هن جي هٿ ۽ ستم جي پهچ نٿي ٿي سگهي. سليمان جي مڇريل هانوَ جڏهن حجاج کي حاصل نه ڪيو تڏهن ارادو ڪيائين ته جيڪڏهن حجاج ناهي ته پنهنجو بدلو سندس عزيزن ۽ قريبن ۽ انهن سان لاڳاپيل ڌرين کان وٺان. خاص ڪري قتيبه ۽ محمد بن قاسم کان جيڪي حجاج جا هٿ پير ۽ سندس نامور تعلق وارن مان هئا ۽ انهن مان به وڌيڪ محمد بن قاسم کان جيڪو حجاج جو سؤٽ به هو ۽ نياڻو به هو. ان ظالماڻي مطلب حاصل ڪرڻ جي لاءِ سليمان تخت تي ويهندي ئي يزيد بن مهلب کي عراق جو والي مقرر ڪيو جيڪو حجاج جي ويرين مان هو ۽ سڀ کان وڌيڪ بي رحمي اها ڪئي ته هڪ خارجي مذهب واري همراهه صالح بن عبدالرحمان جي هٿ ۾ ڍل اوڳاڙڻ جو ڪم ڏنو، جنهن کان وڌ سخت بدلو وٺڻ وارو حجاج جي خاندان کان ٻيو ڪوبه نه هو. ڇو ته حجاج هر هنڌ خارجين کي شڪستون ڏيئي تباهه ۽ برباد ڪيو هو ۽ خاص ڪري صالح جو ڀاءُ آدم حجاج هٿان مارايو ويو هو. انهن ٻنهي ماڻهن جي هٿن ۾ اختيار ڏيئي سليمان حڪم ڏنو ته عقيل جي پيڙهي يعني حجاج جي ڪڙم جا ماڻهو چونڊي قتل ڪيا وڃن. يزيد مهلب جو ڀاءُ عبدالملڪ بن مهلب ان رتوڇاڻ جي ڪم تي مڙس ماڻهو ڪري مقرر ڪيو ويو، جيڪو حجاج جي عزيزن کي هر طرح جا عذاب رسائيدو هو. سليمان انهي خونريزي جو عام حڪم ڏيندي ئي محمد بن قاسم کي بنا ڏوهه جي بي قصور فقط ذاتي رنجش تي سنڌ جي حڪومت تان هٽائي ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي يزيد بن ابي ڪيشه سڪسڪي کي مقرر ڪري روانو ڪيو. يزيد هڪدم سفر جو سامان ٻڌو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ سنڌ ۾ داخل ٿيو. اتي پهچندي ئي هن محمد بن قاسم کي گرفتار ڪيو. ڏوهارين وانگر گوڻ جا ڪپڙا پارايا ويا. هٿن پيرن ۾ ڪڙيون لڳايون ويون ۽ معاويه بن مهلب جي حراست ۾ عراق ڏانهن روانو ڪيو ويو. ان وقت محمد بن قاسم کي زماني جي ناقدري جو خيال آيو ۽ بي اختيار سندس زبان تي هي شعر جاري ٿيو.

اضاعوني واري فتتي اضاعو ليوم که تيه وسداد ثغر.

”ماڻهن مون کي ضايع ڪيو ۽ ڪهڙي جوان کي ضايع ڪيو. اهو جوان جيڪو مصيبت جي ڏينهن ۾ ڪم اچي ۽ حدن جي مضبوطي لاءِ نهايت مناسب هو.“

فارسي ۽ انگريزي مؤرخن محمد بن قاسم جي معزولي جو بلڪل هڪ نئون قصو بيان ڪيو آهي. اهو هي ته راجا ڏاهر جڏهن مارجي ويو ته سندس ٻه حسين ۽ خوبصورت ڌيئرون مسلمانن جي هٿ ۾ اچي ويون، انهن مان هڪ جو نالو سورج ديوي ۽ ٻي جو نالو پرمل ديوي هو. محمد بن قاسم انهن ڇوڪرين کي مڪمل حفاظت سان حبشي غلام جي حراست ۾ بغداد روانو ڪيو. وقت جي خليفي کين ڪجهه ڏينهن لاءِ آرام ڪرڻ لاءِ پنهنجي محل ۾ موڪلي ڇڏيو. ان کان پوءِ خليفي کي پاڻ مرادو ئي اهي ڇوڪريون ياد آيون ۽ سندس حڪم سان سامهون آڻي پيش ڪيون ويون . خليفي وليد بن عبدالملڪ مترجم کي چيو انهن کان پڇ ته ”توهان ٻنهي ۾ وڏي ڪير آهي“ سورج ديوي چيو ”آءُ وڏي آهيان.“ خليفي وڏي ڀيڻ کي پنهنجي اڪيلائي ۾ گهرايو ۽ ننڍي کي ٻي ڀيري لاءِ ڇڏيو، هاڻي سورج ديوي جو پنهنجو گهونگهٽ کوليو ته خليفو مٿس عاشق ٿي پيو ۽ ان شهزادي جي فتحيابي نظر کيس مجنون بڻائي ڇڏيو. بي تابيءَ سان هن سورج ديوي کي پاڻ ڏانهن ڇڪيو ته هوءَ بيهي رهي ۽ باادب عرض ڪيو”آءُ بادشاهه جي بستري تي راحت جي قابل نه آهيان“ ان لاءِ ته محمد بن قاسم اسان ٻنهي کي ٽن ڏينهن تائين پنهنجي اڪيلائي ۾ رکي حضور جي عشرت گاهه ۾ موڪليو آهي. شايد هتي اهڙو دستور هجي. پر بادشاهن کي ته اهڙي رسوائي برداشت نه ڪرڻ گهرجي“ خليفو ته سندس سونهن تي چريو ٿي پيو هو. اهو جملو ٻڌندي هن ۾ ايتري سهپ نه رهي جو ٿوري ڇنڊڇاڻ به ڪري وٺي. هڪدم قلم ۽ مس گهرائي ۽ خاص پنهنجي هٿ سان لکي هي حڪمنامو جاري ڪيو ته ”محمد بن قاسم جتي به هجي پنهنجو پاڻ کي ڍڳي جي کل ۾ سبرائي دارالخلافت ۾ پهچائي.“ محمد بن قاسم اودي پور ۾ هو ته کيس هي خلافت جو منشور مليو. هن ڏاڍي فرمانبرداريءَ سان خلافت جي فرمان اڳيان ڪنڌ جهڪايو ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنو ته ”خليفي جي حڪم مطابق مون کي ڪچي کل ۾ سبي پيتيءَ ۾ بند ڪريو ۽ دارالخلافت ڏانهن روانو ڪريو.”سڀئي عهديدار جيڪي مختلف عهدن تي مقرر ڪيل هئا سڀ پنهنجي پنهنجي ٺڪاڻن تي رهيا ۽ محمد بن قاسم جي جسم جو پارسل خليفي جي درٻار ۾ پهتو. عرض ڪندڙ عرض ڪيو ته”محمد بن قاسم ان طريقي سان جهڙي طرح حڪم ٿيو هو حاضر ٿيو آهي“ خليفي پڇيو ”جيئرو آهي يا مري ويو.“ خليفي پيتي کولي ۽ ڇوڪرين کي پنهنجي اڳيان گهرايو. ان وقت هڪ سائي ٽامي سندس هٿ ۾ هئي جنهن سان لاش جي چهري ڏانهن اشارو ڪري خليفي ڏاهر جي ڌيئرن کي چيو ”ڇوڪريون ڏسو سڀئي ماڻهو منهنجي حڪم جي ڪيئن تعميل ڪن ٿا، اهي حڪم جڏهن قنوج پهتا ته محمد بن قاسم هڪدم پنهنجي قيمتي جان منهنجي حڪم تي قربان ڪري ڇڏي.“ ايترو ٻڌندي ئي اٽڪل ڪندڙ سورج ديوي چهري تان گهونگهٽ لاهي تعظيم خاطر خليفي سامهون ڌرتيءَ کي چميو ۽ عرض ڪرڻ لڳي”خدا خليفي کي سرت ڏي. مناسب هي آهي ته بادشاهه هر ڳالهه کي سبب جي پرک سان پرکي ۽ دوست دشمن جي واتان جيڪي ٻڌي ان کي سوچ جي ترازو ۾ توري، محمد بن قاسم اسان جي لڄ جي حفاظت ڪئي. اسان سان ڀاءُ ۽ پٽ وارو سلوڪ ڪيو ۽ ڪڏهن به اسان جي جسم کي نه ڇهيائين. پر هن سنڌ جي بادشاهه کي قتل ڪيو هو. اسان جي ابن ڏاڏن جي بادشاهت تباهه ۽ برباد ڪئي هئي ۽ اسان کي شاهي جي درجي مان ڇڪي ٻانهپ جي درجي تي رسايو هو. اسان جي دل ۾ بدلو وٺڻ جي باهه ڀڙڪي رهي هئي جنهن جي لاءِ هن کان بهتر ٻي ڪا اٽڪل نه هئي، جيڪو هڪ ڪوڙو واقعو اسان بادشاهه اڳيان بيان ڪيو ۽ پنهنجو مطلب پورو ڪيو. اها تهمت هڻي اسان محمد بن قاسم کان پنهنجو بدلو وٺي ورتو. جيڪڏهن خليفو اهڙو قطعي حڪم نافذ ڪرڻ ۾ ٿورو ويچار ڪري ها ۽ ڪاوڙ جي جوش ۾ ڇنڊڇاڻ کان منهن نه موڙي ها ته کيس هن وقت ان طرح پڇتائڻ نه گهرجي ها ۽ پنهنجي ڪئي تي ايترو وڏو پڇتاءُ نه ٿي ها ۽ جيڪڏهن محمد بن قاسم به ٿورو سرت کان ڪم وٺي ها ۽ سفر ڪري هتي هلي اچي ها ۽ هتي اچي پنهنجو پاڻ کي ڪچي کل ۾ سبرائي ها ته ڇنڊڇاڻ کان پوءِ ضرور ڇڏيو وڃي ها ۽ ائين بي خطا ۽ بي قصور پنهنجي جان نه ڏي ها.” اهو ٻڌي خليفي کي ڏاڍو ڏک ۽ افسوس ٿيو. ڪاوڙجي جوش ۾ هو پنهنجو هٿ وڍڻ لڳو. خليفي کي ايتري قدر ڪاوڙيل ڏسي سورج ديوي وري ڳالهايو ۽ چيو ” بادشاهه کان وڏي غلطي ٿي. رڳو ٻن ٻانهين جي چوڻ تي هن هڪ اهڙي شخص کي قتل ڪري وڌو جنهن اسان جهڙيون هڪ لک خوبصورت حسين ٻانهيون گرفتار ڪيون ۽ ستر راجائن کي جيڪي هندستان ۾ حڪمران هئا بادشاهت جي تخت تان قبر حوالي ڪيو. جنهن مندر ڊهرائي مسجدون جوڙايون، انهن ۾ منبر رکرايا ۽ مينار ٺهرايا. جيڪڏهن محمد بن قاسم ڪنهن ننڍي گناهه يا معمولي غفلت يا غلطيءَ جو قصور وارو هجي ها تڏهن به ان جو حقدار نه هو ته هڪ خود غرض دشمن جي چوڻ تي ائين ماريو وڃي.“ خليفو ايتري قدر مڇريل هو جو اهو بيان ٻڌي انهن ڇوڪرين کي پنهنجي سامهون بيٺي بيٺي ڀت ۾ چونڊرايو. ۽ هڪ پوئين دور جي محقق جو بيان آهي ته اهي ڇوڪريون گهوڙي جي پڇ ۾ ٻڌي ڊوڙايون ويون، جنهن جي تڪليف کان هنن ساهه ڏنو ۽ پڇاڙي ۾ سندن لاش دجله نديءَ ۾ لوڙهيا ويا ۽ محمد بن قاسم جو لاش دمشق جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. ان تي هڪ يورپي مصنف اهو واڌارو ڪيو آهي ته ”خليفي محمد بن قاسم جي قبر تي هڪ عاليشان مقبرو ٺهرايو جيڪو ڳچ عرصي دمشق ۾ ڏسبو هو. اهو قصو صرف چچ نامي جي بيان تي سڀني اوڀر جي ملڪن ۾ ۽ فارسي مؤرخن وٽ ايتري قدر مشهور ٿيو جو اڄ ڪو فارسي مصنف نه ملندو جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ ان کي درج نه ڪيو هجي، تان جو ”تاريخ فرشته“ ۾ به موجود آهي. جنهن جو مصنف ٻين جي ڀيٽ ۾ فارسي مؤرخن جي ڪجهه قدر تحقيق کان ڪم به وٺي ٿو. انگريزي مؤرخن مان جن همراهن جو هٿ فقط فارسي مواد تي پهتو آهي انهن به پوري يقين ۽ اعتماد سان ان کي نقل ڪري ڇڏيو. جنهن جو نتيجو آهي ته مسٽر الفنسٽن پنهنجي تاريخ ۾ لکي ٿو ته ”سڀئي مسلمان مؤرخ ان تي متفق آهن“ تاريخ الفنسٽن ڳچ عرصو هندستان جي نصاب ۾ رهي جنهن ڪارڻ ان قصي کي ان حد تائين مشهوري ملي جو هندستان جي هر ٻار جي زبان تي آهي. پر اولهه جا ملڪ ۽ عربي ليکڪ ان واقعي کان ايتري قدر اڻ ڄاڻ آهن جيتري قدر فارسي مؤرخ ۽ انگريزي حڪومت جي واسطي سان هندستان ۾ ان جي مشهوري آهي.

جڏهن ته جن ماڻهن جي نظر عربي تاريخن تائين رسي ٿي انهن کي ان واقعي کان قطعي انڪار ئي ڪرڻو پيو. سر هينري ايليٽ کان وڌ ڇنڊ ڇاڻ ان معاملي ۾ شايد ڪو انگريز مؤرخ به ڪري سگهيو. جڏهن ته معلوم ٿئي ٿو ته عربي جي انهن تاريخن تي انهن جي به پوري نظر نه پئي. جنهن ڪري خلافت جي زماني جي مفصل حالتن جو هو اندازو ڪري سگهن. تنهن ڪري سنڌ بابت حالتون جتي به ملي سگهيون آهن انهن فراهم ڪيون آهن ۽ ان سبب ان کي سنڌ جي سڀني مؤرخن تي ترجيح آهي. هو لکي ٿو ”محمد بن قاسم جي موت جي باري ۾ اختلاف آهي، پر کين ضرور تسليم ڪرڻو پوندو ته ”قنوج البلدان“ جو بيان ”چچ نامي“ جي ڀيٽ ۾ جنهن جي پوئواري سڀني پوين مؤرخن ڪئي آهي وڌيڪ وزنائتو آهي.“

اهو ئي لائق مصنف چچ نامي جو قصو نقل ڪري لکي ٿو ته ”ان سڄي ڪهاڻي  حقيقت جي نسبت کان وڌيڪ داستان جي بوءِ اچي ٿي.“ اسلامي تاريخ ۽ خاص ڪري خلافت جي دور جي حالت بابت جيڪا رسائي عربي مؤرخن کي حاصل آهي اها ڪنهن ٻي زبان جي مؤرخن کي حاصل نٿي ٿي سگهي. هو هر واقعي کي اهڙي معتبر روايت جي ذريعي سان وٺن ٿا ۽ ايتري ڇنڊڇاڻ ۽ تنقيد کان ڪم وٺن ٿا جو ڪنهن کي مشڪل سان همٿ ٿي سگهي ٿي جو انهن ماڻهن جي بيان تي حرف اچي سگهي. ان کان سواءِ خلافت جي زماني ۾ جيترا راوي ۽ رپورٽر هئا انهن کان ڪجهه وٺڻ ۽ نقل ڪرڻ جو اگر موقعو ملي سگهيو ٿي ته عرب جي قديم تحقيق جي مؤرخ صاحبن کي جيڪي پاڻ ان زماني ۾ تاريخ جا ڪتاب ترتيب ڏيئي رهيا هئا. ان جي ڀيٽ ۾ فارسي زبان ۾ ڪيتريون صديون پوءِ تصنيف ۽ تاليف جو سلسو شروع ٿيو. ان زبان جي مؤرخن جيڪڏهن ان دور جون حالتون لکيون ته ان حد تائين اعتبار جوڳيون مڃيون وينديون جسيستائين عرب جي قديم مؤرخن کان نقل ڪن يا ان جي موافق هجي. ان واقعي بابت هڪ به عربي شاهدي نٿي پيش ڪري سگهجي. ان دور جي واقعن جو سڀ کان وڏو ذخيرو تاريخ طبري آهي، جنهن ۾ هر نموني جون گهٽ وڌ روايتون گڏ ٿيل آهن، جهڙوڪ ان ڳالهه جي لاءِ هڪ پورو معيار آهي ته ان ۾ جيڪڏهن ڪو ضعيف قصو به فاتحن ۾ مشهور ٿيو ته ان ۾ ضرور موجود هوندو پر ان قصي کان هي به خالي آهي. ان زماني جي وڏن لائق ۽ معتبر ليکڪن مان بلاذري ۽ يعقوبي آهن، جنهن سنڌ جا گهڻو ڪري حالات تفصيل سان لکيا آهن. پر ان واقعي کي انهن به نه ٻڌو هو. يعقوبي محمد بن قاسم جي مصيبتن ۾ ايترو بيشڪ لکيو آهي ته  ”کيس کل پارائي ويئي“ پر ان کي به انهن سزائن ۽ تڪليفن جي گڏيل بيان ڪيو آهي. جيڪي ان کي وچ شهر جي قيد خاني ۾ ڏنيون ويون. تنهن ڪري ان بي بنياد ۽ واهيات قصي جو ڪوبه پتو نٿو پوي. وچ واري اسلامي مؤرخن ابن الاثر، ابوالفدا، ابن خلدون وغيره جن جي ڪتابن کان بهتر ۽ مستند تاريخون اسلامي ڪتب خانن کي نصيب نه ٿينديون. انهن ۾ به هي واقعو ڪٿي به بيان نه ڪيو ويو، حالانڪه ان ڳالهه تي سڀني کي اتفاق آهي ته سليمان بن عبدالملڪ پنهنجي ذاتي دشمني سبب محمد بن قاسم کي مارايو. سليمان بن عبدالملڪ رڳو محمد بن قاسم تي ئي ظلم نه ڪيو پر ان دور جا جيترا به نامور آفيسر هئا سڀ سندس ظالم هٿ سان اجل جي نذر ٿيا. قتيبه جيڪو فتح مندي ۾ محمد بن قاسم جو حريف هو ان کي به سيلمان جي رحم مان مايوسي ٿي ۽ خاص پنهنجي گهر ۾ اندر ئي جان ڏيڻي پئي. موسيٰ بن نصير جيڪو اندلس کي فتح ڪري چڪو هو ۽ جنهن جي ساک ۽ فتح مندي جي سڄي آفريقا ۽ يورپ ۾ هاڪ هئي ان کي به خليفي جي ظالم هٿن قبر حوالي ڪيو. محمد بن قاسم ته خير ڏاهر جي ڌيئرن جي فتني سبب ماريو ويو پر قتيبه ۽ موسيٰ ڪهڙو ڏوهه ڪيو هو. انهن سان به اهڙو ئي بي رحمي وارو سلوڪ ٿيو. جيڪڏهن اندازي کان ڪم ورتو وڃي تڏهن به اهو سمجهه ۾ نٿو اچي ته محمد بن قاسم جهڙو دلير لائق ۽ فاتح آفيسر جنهن جي اڳيان جان بچائڻ جي لاءِ هندستان جا سڀئي ڪنارا ۽ وچ هندستان جا پرڳڻا موجود هئا ۽ پڻ جنهن جي هٿ ۾ ايتري طاقت هئي جو جيڪڏهن مخالفت ڪري ها ته خلافت ڏاڍي ڏکيائيءَ سان ان تي ڪنٽرول ڪري ها. هن بنا سوچڻ جي ۽ سواءِ ان جي جو پنهنجو ڏوهه به معلوم ڪري پر خلافت جي پهرئين ئي حڪم تي پنهنجو پاڻ کي ڍڳي جي ڪچي کل ۾ سبرائي جان ڏيئي ڇڏي. اهڙي عقل ۾ نه ايندڙ تابعداري جو مثال شايد دنيا جي ڪنهن قوم ۾ ملي سگهي، خاص ڪري عربن ۾ جنهن کان وڌيڪ سرڪش ۽ آزاد قوم قديم تاريخ ۾ ڪٿي نظر نه نٿي اچي. ايئن معلوم ٿئي ٿو ته چچ نامي جي مصنف هي داستان ڪنهن ذريعي کان ٻڌي پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ڇڏي. پوءِ جي فارسي مؤرخن ڪڏهن به ڇنڊڇاڻ کان ڪم نه ورتو ۽ اکيون ٻوٽي نقل ڪندا رهيا. انهن سڀني ۾ وڌيڪ اعتبار جوڳو فرشتو آهي. هن پنهنجي ديباچي ۾ انهن سڀني تاريخن جو نالو ٻڌائي ڇڏيو آهي، جنهن جي مدد سان ”تاريخ فرشته“ لکي ويئي. انهن تاريخن ۾ اسان کي ڪنهن عربي تاريخ جو نالو نظر اچي ۽ ان ڪارڻ محمد بن قاسم جا حالات لکي هو صاف اقرار ڪري ٿو ته ان زماني کان پوءِ سنڌ جا حالات مون کي ڪنهن تاريخ ۾ نه مليا حالانڪه جيڪڏهن عربي تاريخن تي سندس نظر هجي ها ته کيس ائين پنهنجي لاچاري ظاهر نه ڪري ها. مطلب ته محمد بن قاسم گرفتار ڪري عراق روانو ڪيو ويو. حجاج واسط شهر لاءِ خدا ڄاڻي ڪهڙي منحوس گهڙي هئي جو صالح آل ابي عقيل يعني خود حجاج جي ڪڙم کي انهيءَ شهر جي قيد گهر ۾ واڙي نموني نموني جي سختين ۾ مبتلا ڪيو. سليمان بن عبدالملڪ خبر به نه ورتي ۽ محمد بن قاسم سنڌ مان پيرن ۾ زنجيرون هڻي ان قيد گهر ۾ واڙيو ويو، اهي ئي سختيون جيڪي سڀني تي ٿينديون هيون مٿس به ٿيڻ لڳيون. محمد بن قاسم ان قيد جي زماني ۾ جيتوڻيڪ هزارين سختيون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون پر ڪڏهن به همٿ نه هاريائين. ان مصيبت جي زماني ۾ هن ڪجهه شعر چيا جيڪي سڄي دنيا ۾ مشهور ٿيا ۽ ان جي دل جي مضبوطي تي شاهد آهن هو چوي ٿو.

فلئن ثوبيت بواسط وبارضها،

دهن الحديد مکبلا مخلولاَ،

قلرب فتيته فارس قدر عثها،

دلرب قرن قدر ترڪت قتيلا.

جيڪڏهن آءٌ واسطه ۽ ان جي ڌرتيءَ تي ٻڌل جڪڙيل ۽ زنجيرن ۾ ڦاٿو رهيس ته ڪا پرواهه ناهي، ڇو ته ڪيترائي جوان شهسوار هئا جن جي دلين ۾ مون هيبت ويهاري ڇڏي ۽ ڪيترائي مخالف منهنجي مقابلي ۾ آيا ته مون کين ماري وڌو.

ان حالت ۾ هن اهي شعر چيا آهن جيڪي ٻڌائين ٿا ته، نه سهڻ جهڙين اذيتن جي هو پاڻ تي ظلم ڪرڻ وارن تي ڪهڙي حقارت جي نگاهه سان نظر وجهندو هو. چوي ٿو:

لو ڪنت اجمعت القرار لو طئت،

انات اعدت للوغيٰ وذکور،

وما دخلت خليل السکاسک ارضنا،

ولا کان من عله عل امير،

ولاکنت للعبد المزوني تابعاَ،

فيالڪ دهرا باالله ام عثور.

جيڪڏهن آءٌ ثابت قدمي کان ڪم وٺان ها ته اهي عورتون ۽ مرد جيڪي جنگ لاءِ فراهم ڪيا ويا هئا، پيڙهيا وڃن ها، سڪسڪي قبيلو (يزيد بن ابي ڪبشه جي قوم) جا سوار ڪڏهن به اسان جي زمين ۾ داخل نه ٿيا هئا ۽ نه ڪڏهن عڪه قبيلي جو ڪو شخص مون تي سردار مقرر ٿيو هو ۽ آءٌ مزوني (عماني) غلام جو ڪڏهن تابعدار ٿيس، افسوس اي زمانا جيڪو شريفن تي سخت آهي.”انهن شعرن جي ذريعي محمد بن قاسم پاڻ ئي ٻڌائي رهيو آهي ته هو سنڌ مان کل ۾ سبجي نه روانو ڪيو ويو هو، پر واسطه جي قيد گهر ۾ زندهه موڪليو ويو هو، جتي ڪجهه ڏينهن تڪليفن ۽ سختين ۾ مبتلا رهي لاڏاڻو ڪري ويو. اسان نٿا سمجهي سگهون ته هن کان وڌيڪ وزنائتو ثبوت چچ نامي جي بيان جي زٽ جي لاءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي. ان قيد گهر ۾ محمد بن قاسم وانگر سندس ٻيا ڪيترائي مٽ مائٽ به صالح جي سختين ۽ عذابن کان دم ٽوڙي ٽوڙي پساهه پورا ڪيا. هند وارا محمد بن قاسم جي حال تي ڏاڍو رنا ڇو ته ان نوجوان آفيسر سان هن جي بهادري، وفاداري ۽ ان جي بهتر اخلاق ڪارڻ عام ماڻهن کي به انتها محبت هئي. هندو بادشاهت کي وڏو صدمو رسيو ۽ سڄي رعيت مغموم ٿي، ڇو ته هندو بادشاهت کي وڏو صدمو رسيو ۽ سڄي رعيت مغموم ٿي. ڇو ته هندو هجن يا مسلمان ايتري قدر مهربان هو جو اهي هندو جيڪي سندس تابعداري جو مزو وٺي چڪا هئا اهي به ان تي جان گهوڙڻ لاءِ تيار هئا. ان هر دلعزيزي جو وڏو ڪارڻ هي هو ته رسول اڪرم ﷺ جي اصحابن جا منصفاڻه اصول جيتوڻيڪ هاڻي ماڻهن کان وسرندا پيا وڃن، پر هن سدائين انهن اصولن جي پاسداري ڪئي ۽ ڪڏهن به ان جو روادار نه ٿيو ته سندس فوج جا ماڻهو ڪارروائي ڪري وٺن ۽ فتح ٿيل شهر تي قبضو ٿئي ته اتي جي مذهبي ۽ ديني حقن جي اهڙي ئي نگهباني ڪندو هو جهڙي خود مسلمانن جي حقن جي نگهداشت ڪئي ويندي هئي. مسٽر انفسٽن لکي ٿو ”مفتوح قومن کي قديم دستور موجب پنهنجي مذهبي رسمن کي جاري ۽ ادا ڪرڻ جو اختيار حاصل هوندو هو ۽ جڏهن خود راجا به جزيي جي ادائيگي تي راضي ٿي ويندو هو ته سندس راڄ هن جي ئي قبضي ۾ رهندو هو ۽ صاف ان کي اهو ئي تعلق باقي رهندو هو جيڪو عام ڏن ڏيندڙ حاڪمن کي هوندو آهي.” گذريل واقعن مان معلوم ٿي چڪو آهي ته محمد بن قاسم پاڻ ڪوشش ڪري دارالخلافت مان هي حڪم حاصل ڪيو ته ماڻهن جڏهن جزيو قبول ڪيو ته ذمي رعيت پورن حقن جي حقدار ٿي ويئي. انهن کي مندرن جي اڏاوت ۽ پنهنجي مذهبي رسمن کي جاري ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي. برهمڻن جون جاگيرون جيڪي هڙپ ڪيون ويون آهن واپس موٽايون وڃن. رڳو ايتري قدر نه پر ملڪي ڍل مان ٽيون سيڪڙو جيڪو هندو حاڪم انهن کي ڏيندو هو اسلامي حڪومت کي ملندو ڪري. اهي ئي ڳالهيون هيون جن سبب محمد بن قاسم هندستان جي عوام ۾ نهايت هر دلعزيز هو. خود يورپي مؤرخن کي تسليم ڪرڻو پيو آهي ته جيتوڻيڪ هن جي ننڍي عمر ۽ جواني جو زمانو هو پر هن سدائي دلجوئي ۽ هوشياري سان حڪومت ڪئي. ڪيترن ئي راجائن کي پنهنجي اخلاق ۽ پنهنجي رحمدلي سان پنهنجو ڪري ايتري قدر موافق ڪيو جو هو سندس جهنڊي هيٺ پنهنجي قوم وارن تي هٿيار هلائيندا هئا ۽ جڏهن راجا ڏاهر جي سلطنت پڄاڻي تي پهتي ته هن انهي محل راجا جي وزير کي جيڪو هڪ پراڻو تجربيڪار ۽ مغرور هوندو هو پنهنجو وزير ڪيو، اهي ئي ڳالهيون آهن جنهن سبب هندستان جا سڀئي هندو، مسلمان محمد بن قاسم جي گرفتاري تي رت جا لڙڪ رنا. جنهن جو ثبوت ان کان وڌ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو جو ڪيرج شهر جنهن کي محمد بن قاسم پنهنجي آخري ڏينهن ۾ فتح ڪيو هو اتي جي ماڻهن اهڙي بهادر ۽ سخي حڪمران جي ياد سدائين قائم رکڻ جي لاءِ سندس مورت ٺاهي پنهنجي شهر ۾ هڻي ڇڏي، شاعرن ان جي تعريف ۾ قصيدا لکيا ۽ پنهنجي محبت جي جوش کي ظاهر ڪيو جڏهن ته زياد اعجم چوي ٿو.

ان الشجاعته، والسماحته والنديٰ،

حجته محمد بن القاسم بن محمد،

قاد الجيوش لخمس وعشره حجته،

يا قرب ذالڪ سوداَ من مولا.

بهادري، نرم دلي ۽ سخاوت محمد بن قاسم بن محمد جي حصي ۾ هيون، پندرهن ئي حج جا موسم سندس زندگي ۾ گذريا هئا جو فوجن جي سرداري ڪرڻ لڳو. هاڻي هي سرداري ولادت جي زماني کي ڪيتري ويجهي هئي. حجاج محمد بن قاسم ۽ قتيبه کي جيڪو ترڪستان ڏانهن اتر اوڀر ۾ حملي آور هو چين جي فتحن جي سلسلي تائين پهچائڻ ۾، اهڙي وقت لکيو هو جو ٻنهي تي هڪ ئي سال ۾ مصيبت آئي. هيڏانهن محمد بن قاسم جو ته هي حال ٿيو هوڏانهن قتيبه جيڪو پنهنجي فتحن ۾ ڊيگهه ويڪر جي اعتبار کان پنج ڇهه هزار درجا ٻيا اڳتي وڌي ڪاشغر جي برجن تي فتح ۽ ڪاميابي جا جهنڊا جهولائي چڪو هو ۽ چين جي شهنشاهه کان ڏن وصول ڪري چڪو هو. سليمان جي تخت نشيني جو حال ٻڌندي ئي دل ۾ ڊڄي ويو. ان لاءِ هن بدنصيب به سليمان جي وليعهدي خلاف راءِ ڏيڻ ۾ حجاج جو پاسو ورتو هو. تنهن ڪري سليمان جي تخت نشيني جي خبر ٻڌندي ئي هن خلافت جي درٻار ۾ عريضو اماڻيو، سليمان کي تخت نشيني تي مبارڪباد ڏني ۽ اهو به لکيو ته جيڪڏهن آءٌ پنهنجي عهدي تان هٽايو ويس ته بغاوت اختيار ڪندس. سليمان ماٺ ڪرڻ لاءِ تيار هو پر ماڻهن ڪجهه اهڙا فتنا فساد ڪيا جو قتيبي کي مخالفت تي آماده ٿيڻو پيو پر انهي مخالفت ۾ ڪنهن به سندس ساٿ نه ڏنو ۽ شاهي فوج هٿان پنهنجي مٽن مائٽن سوڌو گهر ۾ گهيرجي ڏاڍي دليري ۽ بهادري سان وڙهندي مارجي ويو. محمد بن قاسم جي ئي اها ڀلائي آهي جو سنڌ ۾ اڄ تائين نمايان آهي ته مردم شماري جي حساب سان هن ڌرتيءَ تي مسلمانن جو تعداد هندن کان ٽيڻو آهي ۽ جهڙوڪ ملڪ جا اصلي رهاڪو هيءَ ئي آهن، ان جي ڀلائيءَ سان سنڌ ملڪ عربن جو هڪ تمام وڏو ٺڪاڻو ٿي ويو هو ۽ هتي جا ماڻهو خلافت جي درٻار ۾ پهچي پنهنجي هلندي پڄندي پيدا ڪرڻ لڳا هئا، خود هتي سوين عرب جا بهادر قبيلا اچي ٽڪيا هئا، جنهن جو بنياد وڌيو ۽ پکڙيو ۽ کڻي پوءِ جي جهالت کين بلڪل وسارائي ڇڏيو ته هو ڪير آهن. ڪهڙي ملڪ مان آيا هئا ۽ ڪهڙي خاندان جي يادگار آهن، پر ان ۾ ٿورو به شڪ ناهي جو وڏن وڏن عرب جي نامورن جو بنياد انهن گمنام سنڌ جي مسلمانن ۾ مليل آهي، جيڪڏهن وليد بن عبدالملڪ جي حياتي چار ڏينهن وڌي پئي ها يا سليمان ئي عقل ۽ هوش کان ڪم وٺي ابن قاسم جي حال تي مهربان ٿي وڃي ها ۽ کين پنهنجي خواهش مطابق حملي آوري ۽ بادشاهي ۾ مشغول رهڻ ڏي ها ته شايد هندستان جي تاريخ اڄ ڪجهه ٻي هجي ها پر حالت به ڪجهه ٻي هجي ها. مردم شماري جيڪا نسبت مسلمانن کي ٻين قومن ۽ ذاتين کان سنڌ ۾ آهي، شايد اهائي نسبت سڄي هندستان ۾ ٿي ها. محمد بن قاسم جو احوال ٻڌائي رهيو آهي ته هو نهايت ئي رحم دل ۽ مصنف مزاج هو، لڙائي جي وقت جيڪي ڏاڍايون سندس هٿان ٿيون اهي سڀ فاتحن هٿان ٿينديون رهيون آهن. بيشڪ سندس لشڪر هزارن کي قتل ڪيو ۽ يقين سان ان جي حملي آورن هزارين گهر اونداها، هزارين ٻار يتيم ۽ هزارين سهاڳڻين کي بيوه ڪيو هوندو پر اهو فقط انهن ماڻهن سان هو جيڪي سندس مقابلي لاءِ وڙهڻ آيا ۽ سامهون قطارون ٺاهيون، پر فتح ۽ قبضو حاصل ٿيڻ کان پوءِ جهڙو رحمدل ۽ بني نوع انسان تي ترس کائڻ وارو هو شايد دنيا جي فاتحن ۾ ٻيو ڪونه ملندو. هن پوڄا گهر قائم رکيا، هندن کي پنهنجي مذهب جي پوري آزادي ڏني، رعيت مان ڪنهن کي اهو نه چيو ته جيڪڏهن مسلمان نه ٿيندا ته توهان کي ڪنهن قسم جو نقصان رسندو پر انهن جي قديم مذهبي ۽ قومي حق به کين عطا ڪيا. خود سلطنت جي آمدني جو هڪ حصو انهن لاءِ خاص ڪيو ۽ جيڪو ڪم ڪيو انهن جي ڏاهن ۽ سمجهو ماڻهن جي صلاح سان ڪيو. خلاصو هي ته لڙائي کان پوءِ ئي انهن کي اهڙي آزادي ڏيندو هو جو اهڙي آزادي شايد پوءِ جي زمانن ۾ ڪنهن بادشاهه جي زماني ۾ غير مذهب رعيت کي گهت نصيب ٿي هجي، پر ان تي به خدا جي خلق اسلام قبول ڪندي هئي ۽ ملڪ ۾ ايترا مسلمان ٿي ويا جو ڪنهن ٻي هنڌ طرح طرح جي لالچ ڏيڻ ۽ نموني نموني جون ڌمڪيون ڏيڻ سان به نه ٿيا هوندا.

ان معاملي مان پتو پوي ٿو ته دين جي تبليغ جهڙي سچي ۽ صحيح ڪوشش هن ٿورن ڏينهن ۾ ڪري ڏيکاري پوءِ جون وڏيون وڏيون بادشاهتون صدين ۾ به نه پوريون ڪري سگهيون. اسان پوءِ جي واقعن مان ڏيکاريندا سون ته جڏهن محمد بن قاسم جي قائم ڪيل اصولن مطابق سنڌ تي عربن جي حڪومت رهي، اهو ڪهڙو ملڪ ٺهيل هو ۽ ان ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون علمي صحبتون قائم ٿيون هيون. ان زماني ۾ جيڪڏهن اوهان تحقيق جي نگاهه سان جستجو ڪري ڏسندا ته نظر ايندو ته سنڌ ڪو هندستان جو حصو ناهي پر عراق ۽ شام جو هڪ حصو آهي، جتي محدثن ۽ فقيهن پنهنجون درسگاهون قائم ڪيون آهن، وڏا وڏا عالم خلق جي ميڙ ۾ آهن. سوين شاگرد سندن سامهون ويهي استادن جي ليڪچرن جا نوٽ وٺڻ لاءِ قلم ۽ مس کنيون ويٺا آهن. اعليٰ مرتبي جي عرب شريفن هتي پنهنجا گهر اڏيا آهن. ۽ رڳو ڪرفو ۽ بصرو ئي نه پر ملتان ۽ منصوره به عالي خاندان عرب جي اميرن جون ڪالونيون آهن. پر عربن جي لاءِ هي ڌرتي شام ۽ عراق کان وڌ امن ۽ آسائش جو هنڌ آهي، ڇو ته اتي خليفي جي درٻارين جي حڪمن جي سخت گيري جو کٽڪو آهي ۽ هتي ڪنهن ڳالهه جي اون ناهي. ڇو ته هي ملڪ ايترو پري آهي جتي اسلام جون خوبيون ته سگهو پهچي ويون، پر برائيون ڳچ دير ۾ پهچنديون آهن. سلام جي اولهه جي ملڪن ۾ جن ماڻهن کي حڪومت جي سياست يا مذهبي عقيدن سان اختلاف هوندو آهي، اهي واندڪائي ۽ سک سان هتي هليا ايندا آهن ۽ امن امان سان ويهي پنهنجي خيالن ۽ عقيدن جي اشاعت ڪندا آهن. عربن ۾ سندن اصلي مرڪز ۽ وطن ۾ جيڪو فيشن ۽ خيال يا ڪوبه جهڳڙو پيدا ٿيندو آهي اهو ڏاڍو جلد هتي اچي پهچندو آهي. اتي جيڪڏهن ترارين ۽ يمن وارن جو جهڳڙو پيدا ٿيو آهي ته هتي به موجود آهي. اتي زيدين اسماعيلين ۽ قرامطين وغيره جا مشنري داعي سڏائي هئا، جيڪي لڪي لڪي پنهنجا خيالات ڦهلائيندا هئا ته هتي علي الاعلان ۽ جوش خروش سان، مطلب ته جيڪي ڪجهه مسلمانن جي اصلي مرڪز ۾ ٿيندو آهي اهو هتي به ٿيندو آهي. اها ڪيفيت ڪجهه وڌيڪ زمانو گذرڻ کان پوءِ نه پيدا ٿي هئي پر سنڌ فتح ٿيڻ کان پوءِ هڪ صدي بعد. اسان خلافت جي ان اوڀارين صوبي جي اها حالت ڏسون ٿا. ۽ ان جو سبب فقط هي هو ته محمد بن قاسم فتح ڪندي ئي جنهن نظام ۽ جن حڪمراني جي قانونن جو بنياد وڌو هو، اهو ڏاڍو پسنديده ۽ رعيت لاءِ سک جو ساهه هو ۽ ان جو لازمي نتيجو هو ته تمام ٿوري وقت ۾ سنڌ ملڪ رڳو ريگستان جي ئي لحاظ کان نه پر دين ۽ مذهب، مذاق ۽ عادتون وضع قطع جي حيثيت سان به عرب سرزمين جي سچي تصوير ٿي وڃي. اڻ ڄاڻ مؤرخن غلط باور ڪرايو آهي ته سنڌ تي عرب حڪومت صرف محمد بن قاسم جي زماني ۾ شروع ٿي ۽ انهي تي ختم ٿي ۽ ان کان پوءِ ان جو ڪوبه اثر سنڌ ڌرتيءَ تي باقي نه رهيو، حالانڪه اصليت هي آهي ته محمد بن قاسم ٿوري عرصي جي حڪمرانيءَ ۾ جيڪو گهرو اثر ڇڏيو هو اهڙو اثر پٺاڻن ۽ مغلن جون سلطنتون پنج سؤ سالن ۾ به هندستان تي نه وجهي سگهيون. هندستان ۾ اڄ مسلمان ٿورا  آهن ۽ باوجود هتي رهڻ جي ملڪ تي هندن کان وڌ اثر نٿا رکن، پر ان جي برخلاف سنڌ ۾ سڀ کان وڏو غلبو مسلمانن کي حاصل آهي ۽ هي فقط عربن ۽ خاص ڪري محمد بن قاسم جي ڀلائي آهي. جيتوڻيڪ محمد بن قاسم جو زمانو پڄاڻي تي پهتو تنهنڪري هن تاريخ جي پهرين جلد کي اسان هتي ختم ڪريون ٿا پوءِ جو احوال ٻي جلد ۾ بيان ڪنداسون ۽ ان کي ڏسي ماڻهن کي نظر ايندو ته فارسي ۽ عام انگريزي مورخن سنڌ جي تاريخ بابت ڪهڙيون غلطيون ڪيون آهن ۽ ڪيتري تاريخ جي وڏي حصي کي انهن جي اڻڄاڻائي جي ڪٽ وڃائي ڇڏيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org