سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي تاريخ

باب: 8

صفحو :27

 

باب اٺون

قرامطي

جيتوڻيڪ قرامطي فرقو مسلمانن جي ئي هڪ فرقو سمجهيو وڃي ٿو ۽ آهي به، پر اصل ۾ هي ماڻهو ڪجهه اهڙا عقيدا رکندا هئا ۽ سندن هٿان اهڙا حيرت انگيز واقعا پڌرا ٿيا جو مشڪل سان اهي ماڻهو ڪعبي ۽ قبلي ۾ داخل ڪري سگهجن ٿا. اسلامي عقيدن تي جنهن ڇڙواڳي سان هنن همراهن هٿ چراند ڪئي اهڙي ڇڙواڳي جي شايد ٻي ڪنهن کي جرئت نه ٿي هوندي. پر چالاڪي اها هئي ته انهن سدائين بني فاطمه جو پاسو ورتو ۽ پنهنجو پاڻ کي مصر جي فاطمين ۽ سڀني ساداتن جو نقيب قرار ڏنو. ان جو نتيجو هي ٿيو جو سڀئي اهي ماڻهو جيڪي بني عباس جا مخالف هئا ۽ امامت جي دعويٰ ڪري رهيا هئا سڀني جي گڏيل طاقت ان فرقي جي پٺي ٺپي، جو نيٺ اهي اهڙا چمڪيا جو بني عباس کي کانئن هيسڻو پيو، پر اصل ۾ اهي ماڻهو اسماعيلي نه هئا، فقط اسماعيلين جي سياسي طاقت مان کٽيو کائيندا هئا. گهڻا ماڻهو ڀل وچان اسماعيلين کي قرامطي چي ڇڏيندا آهن. حالانڪه قرامطين کي جڏهن وجهه مليو ته اسماعيلي امامن ۽ خليفن جي مقابلي ۾ قطارون ٺاهي بيٺا ۽ دشمني ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي.

قرامطين جو پڌرو ٿيڻ سڀ کان پهريان هيئن ٿيو ته هڪ گمنام شخص خجستان پاسي کان آيو ۽ عجيب تقدس سان نهرين جي مقام تي جيڪو ڪفي جي حوالي آهي، رهي پيو. هن هتي اچي بي انتها بزرگي پرهيزگاري ظاهر ڪئي. ايستائين جو جيڪي ماڻهو ڏسندا هئا اهي عقيدتمند ٿي ويندا هئا. پنهنجي ذاتي پورهئي مان کائيندو هو ۽ ڪنهن کان ڪجهه وٺندو نه هو ۽ حلال کاڌي پيتي سان رات ڏينهن نماز روزي ۾ گذاريندو هو. جڏهن ڪو ملڻ لاءِ ويندو هو ته اهو همراهه سواءِ خدا ۽ رسول جي ڳالهه جي ٻي ڪا وائي نه واريندو هو ۽ بهتر طريقي سان ان تي پنهنجي بزرگي ۽ پرهيزگاري ظاهر ڪري ڇڏيندو هو ۽ گهڻو چوندو هو ته انسان پنهنجي فرضن کان ناواقف آهي. ان تي پنجاهه وقت نمازون فرض ٿيون ۽ هو  غافل رهي ٿو. اهو شخص هڪ واڻئي جي هٽ تي گهڻو وڃي ويهندو هو ۽ اهو واڻيو ان جي نيڪ نفسي ۽ بزرگي ۽ پرهيزگاري جو معتقد هو. اتفاق سان ڪنهن دولتمند شخص ان وائڻي کي اچي چيو ”اسان جو هڪ باغ ميوو ڏيڻ وارو آهي ۽ اسان کي هڪ اهڙي ماڻهو جي ضرورت آهي جيڪو ان جي حفاظت ڪري پر خرابي اها آهي ته ڪو ايماندار ماڻهو نٿو ملي. جيڪو مقرر ڪيو ويندو. ممڪن ناهي جو فصل ڪنهن نموني سان ڦٻائي يا قبضو نه ڪري“ وائڻي ان همراهه جو ڏس ڏنو ۽ چيو اوهان ان کي چئو جيڪڏهن هو منظور ڪري ته اوهان جي خوشنصيبي اهي. ان کان وڌيڪ ديانتدار، ايماندار ۽ متقي ۽ پرهيزگار ماڻهو ملڻ محال آهي. باغ وارو ان همراهه وٽ ويو ۽ چيو اوهان جيڪڏهن منهنجي باغ جي حفاظت جو ڪم سنڀاليو ته وڏي مهرباني ٿيندي. هن همراهه هڪدم منظور ڪيو. وڃي باغ ۾ ديرو ڄمايو ۽ هر شيءِ جي نگهباني ڪرڻ لڳو. هاڻي اهو عابد ۽ پرهيزگار شخص ان باغ ۾ اطمينان سان رهندو، راتين جو نمازون پڙهندو ۽ ڏينهن جو روزو رکندو هو. کاڌي جي اها عادت هئي جو روزانو اڌ سير کجور وٺي جيئڻ ڪاڻ واپرائيندو هو ۽ ان جون ککڙيون احتياط سان جمع ڪري وائڻي کي ڏيئي ڇڏيندو هو. واڻيو انهن کي حفاظت سان رکندو  ويو. ايستائين جو آخر جڏهن حساب ٿيو ته انهن ککڙين مطابق جيتريون کجورون ثابت ٿيون انهن مان 7 ککڙين جي قيمت ڪٽي باغ جي پيداوار وائڻي وٽ جمع ڪرائي. ان لاءِ ته سڄي پيداوار گڏ ڪرڻ جو هو ئي ذميوار هو. وائڻي جڏهن سڄي باغ جون سڀ کجور گڏ ڪري باغ جي مالڪ وٽ موڪليون ته ان سان گڏ اهي ککڙيون به موڪليون. باغ جو مالڪ انهن ککڙين کي ڏسي بنا سوچي سمجهي مڇرجي پيو ته هي ککڙيون ڪيئن ۽ بي اختيار اچي وائڻي کي جهڻڪڻ لڳو ته هي کجورون ڪير کائي ويو ۽ وري مون کي چڙائڻ لاءِ تو هي ککڙيون مون ڏانهن موڪليون وائڻي کيس سمجهايو ۽ چيو اوهان چنتا نه ڪريو اهو بزرگ جيڪو باغ جي رکوالي ڪندو هو انهيءَ پنهنجي پورهئي ۾ جيتريون کجور کاڌيون هي انهيءَ جون ککڙيون آهن ۽ اوهان وٽ ان ڪري موڪليون ويون آهن جو اوهان اندازو ڪريو ته هن وڌيڪ ته نه کاڌيون آهن، پر هن ککڙين جي قيمت ڀري ڏني آهي، ان لاءِ اهي اوهان وٽ ئي اچي ويون. اهو ٻڌي باغ جو ڌني ڏاڍو حيران ٿيو ۽ ان شخص جي پرهيزگاري ۽ احتياط تي تعجب ڪرڻ لڳو. پنهنجي غلط فهمي تي وائڻي کان معذرت ڪئي.

مطلب ته ان طريقي سان هن پنهنجي تقدس ۽ پرهيزگاري جو اثر سڄي شهر تي ۽ آس پاس ۾ پکيڙيو ۽ هر گهر ۽ هر صحبت ۾ ان جي چڱاين جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. ٿورن ڏينهن کان پوءِ اهو شخص بيمار ٿيو. ان وقت رستي تي اچي ليٽي پيو. ڪيترن ڏينهن تائين اتي پيو رهيو. واڻيو جيڪو ان جي بندگي جو معتقد هو جلدي ڊوڙندو ويو ۽ ارادو ڪيائين ته کيس کڻي پنهنجي گهر آڻي. ۽ جيترو ٿي سگهي سندس خدمت چاڪري ڪري آخر جو ثواب حاصل ڪري. اهو شخص ايترو چور هو جو پنهنجي پيرن تي هلڻ جهڙو نه هو، تڏهن واڻيو هڪ ڍڳي واري وٽ ڊوڙندو ويو جنهن جو نالو ڪرميته هو (نبطي زبان ۾ ان لفظ جي معنيٰ ڳاڙهين اکين وارو) ان همراهه وٽ لڏيندڙ ڍڳا هئا جيڪي ڀاڙي تي هلندا هئا، وائڻي ڪرمتيي کي چيو ادا ٿورو هلي هڪ صاحب کي جيڪو رستي تي پيو آهي منهنجي گهر پهچائي ڏي. ڪرمته ڍڳا وٺي ان همراهه کي سوار ڪيو ۽ وائڻي جي گهر پهچائي ڏنو. وائڻي پنهنجي گهر وٺي اهڙي خدمت چاڪري ڪئي ۽ اهڙي ڌيان ۽ سرگرمي سان علاج ڪرايو جو هو شخص ٿورن ڏينهن ۾ چاڪ چڱو ڀلو ٿي وري ماڻهن تي پنهنجي بزرگي ۽ پرهيزگاري جو ڦند وجهڻ لڳو. هاڻي ان همراهه پنهنجي غرض ظاهر ڪرڻ جو پورو موقعو تاڙيو، ڇاڪاڻ ته ان جي عبادت گذاري ۽ پرهيزگاري ۽ پاڪائي جو ماڻهن تي ايترو اثر ٿي چڪو هو جو ان جي ڳالهه تي هڪدم عوام ايمان آندو پئي ۽ ڪنهن کي ڪوڙ جي همٿ نه پئي ٿئي، اهڙي وقت ۾ ان شخص چيو آءٌ هڪ پوشيده امام جو نقيب آهيان، جيڪو رسول الله ﷺ جي اولاد مان آهي، انهي ڏانهن آءٌ سڀني کي سڏيان ٿو، ايترو ٻڌندي ئي ماڻهو سندس هٿ تي بيعت ڪرڻ لڳا ۽ سندس مريدن ۽ عقيدتمندن جو ٽولو ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو.

ان شخص اهو قاعدو رکيو هو ته جيڪو ايمان آڻيندو ۽ سندس هٿ تي بيعت ڪندو هو ان کان هڪ دينار وٺندو هو ۽ چوندو هو هي وقت جي امام لاءِ آهي، هاڻي ان پنهنجي نئين فرقي جي لاءِ نوان نوان عقيدا ۽ اصول مرتب ڪرڻ شروع ڪيا ۽ پنهنجي اعتماد وارن مريدن مان ٻارهن ماڻهو چونڊي کين حواري جو خطاب ڏنو ۽ چيو هاڻي توهان اهو ئي ڪم شروع ڪريو جيڪو حضرت عيسيٰ جي حوارين شروع ڪيو هو. اوهان دين جا مشنري ٿيو ۽ خلقت کي امام عليه السلام ڏانهن دعوت ڏيو. انهن داعين جي ڪوشش ڏاڍي جلد ڪامياب ٿي، عام ماڻهو ان جي مذهب ۾ داخل ٿيڻ لڳا ۽ ٿورن ڏينهن ۾ حالت اها ٿي جو عراقي ڪنارن جي گهڻن ماڻهن کان سڀ ڌنڌا وسري ويا، ان لاءِ ته هر شخص پنجاهه نماز فرض ادا ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو. انهن نمازن مان ڪنهن کي ايتري واندڪائي ئي نه ٿيندي هئي جو دنياوي ڪمن کي سرانجام ڏين.

اتفاق سان ان علائقي ۾ هيضم نالي هڪ عراقي رئيس جا چند ڳوٺ هئا، ان جو ڏٺو ته هارين نارين ۽ پورهيتن کان سڀ ڌنڌا ڇڏائجي ويا آهن ته ماڻهن کان انهن جو سبب پڇيو، خبر پئي ته اها ڪار گذاري هڪ نئين بزرگ جي آهي، جنهن هڪ نئون مذهب ايجاد ڪيو آهي ۽ ڪنهن فاطمي امام ڏانهن الله جي خلق کي سڏي ٿو. اهو ٻڌي رئيس هيضم کي ڪاوڙ آئي. هن پنهنجا ماڻهو موڪلي ان بزرگ کي جيڪو باني هو پڪڙي گهرايو ۽ اهو چئي ته صبح جو توکي قتل ڪنداسين، پنهنجي گهر بند ڪري قلف  ڏنو ۽ قلف  جي چاٻي پنهنجي بستري هيٺ رکي شراب پيئڻ ۾ مشغول ٿي ويو. هيضم جي هڪ ٻانهي هئي، جنهن ان خيال سان ته هي شخص بيڏوهه ماريو ويندو يا ان سبب ته سندس مريدياڻي هئي جڏهن ڏٺائين ته هيضم شراب ۾ ڌت آهي ۽ غافل ٿي ويو آهي، لڪي وڃي بستري جي ڪنڍ اٿلائي ۽ چاٻي ڪڍي قلف کولي ان شخص کي آزاد ڪيو ۽ وري پير جهلي وڃي چاٻي واپس رکي آئي، جيتوڻيڪ هوءَ رئيس کان ڊڄندي هئي ته جيڪڏهن اهو حال کيس معلوم ٿي ويو ته ماري وجهندو ان سبب ڪنهن اڳيان ان واقعي کي ظاهر نه ڪيائين. هيضم صبح جو اٿي قلف کولي ڏٺو ته اهو همراهه گم ٿو، هيضم ته خاموش ٿي ويو پر ماڻهن ۾ اها خبر مشهور ٿي ته اهو شخص هيضم جي قيد مان غائب ٿي ويو آهي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو معتقدن کي ان جي پاڪ باطني جو وڌيڪ يقين ٿيو ۽ ان جي اها گمشدگي هڪ عظيم الشان ڪرامت تصور ڪئي ويئي ۽ هر هنڌ واقعي ماڻهن جي دلين ۾ حسن عقيدت پيدا ٿيڻ لڳي.

ٿورن ڏينهن کان پوءِ اهو شخص پنهنجي ٽولي جي ڪجهه ماڻهن سان مليو ۽ چيائين ڪنهن ۾ اهڙي طاقت ڪٿي آهي جو مون کي نقصان پهچائي، دنيا ۾ ته ڪنهن جي مجال ناهي، ان جي زبان مان اهي گفتا ٻڌي معتقد وڌيڪ عقيدي ۾ پڪا ٿي ويا. اهو شخص مريدن ۾ اهو بيان ڪري دل ۾ ڊنو ته انهن ماڻهن سان ملڻ بعد اڃان به جيڪڏهن هن علائقي ۾ رهندس ته پڪڙيو ويندس ۽ جان جو کٽڪو آهي، ان خيال سان انهن ماڻهن کي ڇڏي وڃي شام جي سرزمين ۾ وڃي رهيو، ان فرقي جي پهرين باني جي داستان اتي ختم ٿي، ان لاءِ ته شام وڃڻ کان پوءِ وري سندس پتو نه پيو ته ڪيڏانهن ويو ۽ ڇا ٿيو.

ان شخص جي چالاڪي ۽ دور انديشي جو اندازو ڪرڻ جي لاءِ ايترو ڪافي آهي ته ايترن ڏينهن تائين ڪوفي جي ڀرپاسي ۾ رهيو ۽ ايترا مريد ۽ معتقد پيدا ڪري ورتا پر پنهنجو نالو آخر تائين چٽو نه ڪيائين ۽ انهيءَ مجبوري سان ماڻهو انهيءَ ڍڳي واري ڪرمتي ڏانهن منسوب ڪري ڪرميتي چوندا هئا. اهو ئي لفظ عوام جي گهڻي واهپي سبب بدلجي قرمطي ٿي ويو ۽ هو قرمي جي ئي نالي سان ياد ڪيو ويندو هو ۽ پڇاڙي ۾ ان فرقي جا ماڻهو ان نالي جي نسبت سان قرمطي جي اکر سان سڏجڻ لڳا، جنهن جي جمع قرامط آهي. ان شخص جا عقيدا عجيب هئا معلوم ٿئي ٿو ته ان شخص تناسخ جو مسئلو اختيار ڪيو هو ۽ ان مسئلي مان وڏو فائدو حاصل ڪندو هو، جڏهن ته ماڻهن کي چوندو هو ته آءٌ ئي عيسيٰ آهيان، آءٌ ڪلمت الله آهيان، آءُ ئي مهدي آهيان، آءُ ئي احمد بن محمد بن حنيفه آهيان، آءٌ ئي جبرئيل آهيان“ دعويٰ ڪندو هو ته مسيح انسانيت جي روپ ۾ مون وٽ آيو ۽ چيو ” تون ئي داعي آهين، تون ئي حجت آهين، تون نافقه صالح آهين تون ئي دابته الارض آهين تون ئي ذڪريا آهين، تون ئي روح القدس آهين“ ان شخص ماڻهن کي ٻڌايو ته ” هونئن ته ڪيتريون ئي نمازون فرض آهن پر اصل نماز چار رڪعتون آهن ٻه سج اڀرڻ کان اڳ ۽ ٻه لهڻ کان پوءِ ۽ هر نماز جي ٻانگ هيئن هئڻ گهرجي الله اڪبر ٽي دفعا، اشهد ان الااله الاالله ٻه ڀيرا اشهد ان آدم رسول الله اشهد ان نوحا رسول الله – اشهد ان ابراهيم رسول الله – اشهد ان موسيٰ رسول الله اشهد ان عيسيٰ رسول  اشهد ان محمد رسول الله- اشهد ان احمد بن محمد بن الحنيفه رسول الله هڪ هڪ دفعو. انهيءَ هڪ ڪتاب به پنهنجي حوارين ۽ معتقدن جي هٿ ۾ ڏنو جنهن جي ابتدا بسم الله کان ٿيندي هئي. خاص ڪري هن هڪ سورت تصنيف ڪري پنهنجي مريدن کي ڏني ۽ چيو ته هي سورت استفتاح آهي. جيڪا احمد بن محمد بن حنيفه تي نازل ٿي هئي. نماز جي شروعات ۾ سڀ کان پهرين هي سورت پڙهي وڃي ڇاڪاڻ ته ان جي پڙهڻ کانسواءِ نماز نه ٿيندي، اها سورت هي آهي الحمد الله بڪلمت وتعاليٰ باسمه التمخذلا ويعانه باولياه قل ان لاهله موقيت للنساءِ ظاهرها ليعلم عدوالسنين والحساب اولشهور والايام وباطنها اولياءَ الذين عرفو اعبادي سبيلي اتقوني يا اولي الالباب وانا الذي الااسئل عما افعل وانا العليم الحڪيم وانا الزي ابلو عبادي وامتحن خلقي فمن صبر علي بلائي و محنتي واختياري القيت في جنتي واخلدت في نعمتي و من زل عن اجري وڪذب رسلي اخته مهانا في عزابي واتممت اجلي اوظرت امري علي السنت رسلي وانا الذي لم يعل علي جبار الاضيعت وال عزيز الا اذليلت وليس الذي اصر علي امري دوام علي جهالته وقالو الن نبرح عليه عاڪفين، وبه موقنين اولئک هڪم الڪافرون.“ حڪم هو ته قيام ۾ جڏهن هي سورت پڙهي وٺو ته رڪوع ۾ وڃو ۽ چئو سبحان ربي العزت و تعاليٰ عما يصف الظالمون- پوءِ سجدو ڪريو ۽ چئو ”الله عليٰ الله اعظم، الله اعظم“ اها به تجويز هئي ته قبلو بيت المقدس ڏانهن هئڻ گهرجي ۽ جمعو ۽ آچر مسلمانن لاءِ عيد مقرر ڪئي وڃي ۽ ان ڏينهن ۾ ڪوبه ڪم نه ڪرڻ گهرجي. سڄي سال ۾ فقط ٻه روزا فرض هئا، مهرجان جي ڏينهن ۽ نوروز وارن ڏينهن ۾ بينڊ جنهن جو تن ڏينهن ۾ ڏاڍو رواج هو حرام ڪيو ويو ۽ شراب عام طور حلال هيو. ناپاڪائي جي لاءِ غسل ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي، بس وضو ڪرڻ ڪافي هو.

جيڪي ماڻهو هن مذهب جي مڃڻ کان انڪار ڪن ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿين انهن جو قتل واجب هو ۽ جيڪي نه وڙهن انهن کان جزيو وصول ڪرڻ ڪافي هو ۽ جيترا جانور چيريندڙ ڏند ۽ چنبو رکن ٿا اهي حرام آهن. انهي پهرين قرمطي جو ظهور المتعضد خليفي جي دور ۾ 278 هه ۾ ٿيو هو، اها ئي پهرين تاريخ قرامطين جي ظهور جي آهي، پر معلوم ٿئي ٿو ته انهن ماڻهن جو مذهب تبديليون کائيندو رهيو. ڇاڪاڻ ته ان فرقي جو هر دور ۾ سرڪرده فقط هڪ امير يا پيشوا جي حيثيت رکندو هو پر کيس پوري طرح امام جو درجو حاصل هو ۽ مذهب ۾ جنهن نموني جي ڦيرپار چاهيندو هو ڪندو هو. پر انهن ماڻهن سڀ ڪجهه ڪيو پر اها دعويٰ ڪڏهن نه ڇڏي ته اسان وقت جي امام جا داعي آهيون ۽ ماڻهن کي ان طرف سڏيون ٿا، قرامطين جو اهو پهريون باغي اهڙو غائب ٿيو جو جيڪڏهن ان ڌڙي  تازو جوش پيدا ڪرڻ جي ٻيهر ڪوشش نه ڪئي ويئي ته يقيناً قرامطي مذهب به ان جي لڪڻ سان ئي ختم هو، پر ان کا اٺ سال پوءِ 286 هه ۾ انهي خليفي متعضد جو دور هو جو بحرين ۾ ابو سعيد جنابي نالي هڪ شخص پيدا ٿيو جنهن قرامطي مذهب ۾ پوري سياسي طاقت پيدا ڪئي، هي شخص جيتوڻيڪ پوءِ آخر ۾ قرامطي گروهه جو هيرو ٿي ويو پر اصل ۾ قرامطي دعوت جي بنياد ان کان نه پئي هئي.

جنهن شخص پهرين قرمطي جي ياد هاڻي ٻيهر زندهه ڪئي اهو يحيٰ بن مهدي نالي هڪ شخص هو جيڪو 281 هه ۾ خدا ڄاڻي ڪٿان اچي بحرين جي شهر قطيف ۾ زياد خاندان جي غلام علي بن معليٰ بن حمدان جي گهر ۾ رهيو. ان شخص جڏهن ڏٺو ته علي هڪ متعصب ۽ غالي شيعو آهي. ته ان کي چيائين آئون صاحب الزمان امام مهدي جو قاصد آهيان ۽ هڪ خط ڪڍي ڏيکاريائين ۽ چيائين ته هي خط امام عليه السلام جي اهل بيت جي سڀني حبدارن جي نالي آهي، آءٌ فقط ان مطلب سان موڪليو ويو آهيان ته اهل بيت جي شيعن کي امام مهدي ڏانهن سڏيان، ڇاڪاڻ ته سندس ظاهر ٿيڻ جو زمانو اچي ويو آهي، علي بن معليٰ ايترو ٻڌندي ئي قطيف جي سڀني شيعن کي گڏ ڪيو ۽ اهو خط جيڪو امام صاحب الزمان جو ٻڌايو ويو ٿي سڀني کي پڙهي ٻڌايائين. امام جو نالو اهڙو هو جو سڀني بنا دير جي ڪنڌ نمايا. ان جي درخواست منظور ڪئي ۽ چيو ته امام صاحب الزمان ظهور فرمائين اسان سڀ ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، جڏهن قطيف جا سڀئي ماڻهو ان خط جي تعميل تي آماده ٿي ويا ته بحرين جي سڀني ڳوٺن ۾ عام مسلمانن وٽ اهو پيغام موڪليو ويو ته صاحب الزمان جو قاصد آيو آهي ۽ سڀني کان گهر ڪئي وڃي ٿي ته ان جي درخواست منظور ڪن. سڄي بحرين ۾ جتي هي پيغام ويو ماڻهن اطاعت ڪئي ۽ يحيٰ بن مهدي جي خواهش پوري ڪئي. بحرين ۾ انهن ايمان آڻيندڙن ۾ ابو سعيد جنابي به هو جيڪو هڪ معمولي ماڻهو هو ۽ ماڻهن جو اتي جيڪو اناج وغيره پيدا ٿيندو هو ان کي وڪڻندو هو. يحيٰ پنهنجي مطلب ۾ ايستائين ڪامياب ٿي هڪدم غائب ٿي ويو. يحيٰ بن مهدي ٿورا ڏينهن غائب رهي وري بحرين ۾ ظاهر ٿيو. هن دفعي به سندس هٿ ۾ هڪ خط هو جنهن کي پيش ڪري هن چيو امام عليه السلام اهو خط پنهنجي سڀني شيعن لاءِ ڏنو آهي.

ان خط جو هي مضمون هو ”مون کي پنهنجي قاصد يحيٰ بن مهدي جي واتان معلوم ٿيو آهي ته توهان سڀ منهنجو ساٿ ڏيڻ لاءِ آماده آهيو، هاڻي ضرورت آهي ته توهان سڀ ماڻهو منهنجي ان قاصد کي في ڪس 3/2، 6 دينا ڏيو“ ماڻهن خوشيءَ سان اهو ٽيڪس جمع ڪرائي يحيٰ جي حوالي ڪيو ۽ يحيٰ سڄي رقم وٺي هليو ويو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ يحيٰ بن مهدي وري هڪ خط کڻي ظاهر ٿيو جنهن جي اچڻ تي بحرين وارا ڏاڍا خوش ٿيا. امام صاحب الزمان جو خط اکين تي رکي پڙهيو ته ان ۾ لکيل هو توهان جي موڪليل رقم مون کي ملي. هاڻي اوهان کي درخواست ڪئي وڃي ٿي ته جيترا اهل بيت جا حبدار ۽ نبوت جي خاندان جا شيعا هجن پنهنجي ملڪيت جو پنجون حصو منهنجي ان قاصد جي حوالي ڪن، ان حڪم جي جلدي تعميل ڪئي ويئي ۽ ڳچ رقم جيڪا ان حساب سان سڀني شيعن امام صاحب العصر جي نذر ڪئي هئي گڏ ڪري يحيٰ جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏي ۽ يحيٰ پئسا وٺي وري پنهنجي مخفي گهر جي واٽ ورتائين. هاڻي يحيٰ پنهجو اهو قاعدو ڪري ڇڏيو ته معمول موجب امام عليه السلام جا فرضي خط وٺي ايندو هو ۽ قيس قبيلي ۾ جنهن سان بحرين آباد هو چڪر ڏيندو هو ۽ سدائين رقمون وصول ڪري وٺي ويندو هو، هاڻي يحيٰ ايتري قدر سچو امام جو قاصد تصور ڪيو ويو جو هر هنڌ اکين تي ويهاريو ويندو هو، کيس پئسا ڏيڻ ۾ ڪنهن کي عذر نه هوندو هو ۽ جائز ناجائز هر نموني سان خدمت ڪئي ويندي هئي، جڏهن ته ابراهيم بن صائغ نالي هڪ شخص اکين ڏٺو واقعو بيان ڪري ٿو ته آئون هڪ دفعي ابو سعيد جنابي وٽ هئس، اتفاق سان يحيٰ اچي ويو، ڏاڍي ڌام ڌوم سان سندس دعوت ٿي ۽ کاڌي کان پوءِ ابو سعيد پنهنجي بي بي کي اهو چئي ٻاهر نڪري آيو ته يحيٰ امام جو قاصد آهي ان جي هر طرح دل راضي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن هن جو ڪجهه ٻيو جيءَ گهري، فرض ڪر جيڪڏهن توسان قرب ونڊڻ گهري ته خبردار عذر نه ڪجان، ان لاءِ ته سندس چاڪري ڪرڻ ثواب آهي، بي بي کي اهو سمجهائي يحيٰ وٽ اڪيلي ڇڏيائين. هي هڪ اهڙو عبرت ناڪ واقعو هو جو ان جي خبر شهر جي والي کي پئجي وئي. ان دل ۾ خيال ڪيو ته يحيٰ بن مهدي هڪ فتنو آهي، کيس گرفتار ڪري ورتو ۽ مٿو ڏاڙهي ڪوڙي ڇڏي ڏنو. يحيٰ جي گرفتاري جو احوال ٻڌندي ئي ابو سعيد جنابي ڊڄي ويو ۽ هڪدم شهر ڇڏي پنهنجي وطن جنابا ڀڄي ويو.

يحيٰ بن مهدي جيئن ئي والي هٿان ڇوٽڪارو حاصل ڪيو سڌو بني ڪلاب بن عقيل ۽ بني خويس جي قبيلن ۾ وڃي پهتو امام جي قاصد جي اها ويڌن ڏسي انهن ماڻهن ۾ ڏاڍي ڪاوڙ پيدا ٿي ۽ رياست جي مخالفت جو پڪو ارادو ڪري سڀ جا سڀ يحيٰ بن مهدي سان گڏ ٿي ويا، هتي پاڻمرادو ئي ۽ پرجوش فوج تيار ٿي ويئي. جو ابو سعيد چنابي به اچي پهتو ۽ ماڻهن ۾ وڌيڪ جوش پيدا ٿيڻ لڳو، مطلب ته هاڻي ماڻهن ايتري طاقت پيدا ڪئي جو بحرين جي والي کي به کين دٻائڻ ڏکيو ٿي پيو ۽ هي پهريون وقت آهي جو قرامطين رياست جي مقابلي ۾ هٿيار سڌا ڪرڻ جي جرائت ڪئي. هاڻي ان سڄي فوج جي اڳواڻي ابو سعيد جنابي جي هٿ ۾ هئي. ابو سعيد 286 هه ۾ هٿيار کنيا، هاڻي 287 ۾ کيس ايتري ڪاميابي ٿي جو هر پاسي تباهي ۽ بربادي شروع ٿي وئي، سڄي بحرين ۾ هلچل مچي ويئي، هر ڳوٺ ۾ قرامطين جو سڪو ويهي ويو. جنابي جي ڌاڪ ايتري قدر ويهي ويئي جو هو جنهن کي پنهنجو مخالف ڏسندا بنا دير جي قتل ڪري وجهندو ۽ بحرين جو والي ويٺي ويٺي اهو تماشو قطيف ۾ ڏسندو هو ۽ هو ڪجهه نه ڪري سگهندو هو. پر جنابي والي کي قطيف جي چار ديواري ۾ به سک سان ويهڻ نه ڏنو پنهنجي بدوين جي پرجوش فوج سان بحرين جي خاص هنڌ قطيف تي حملو ڪيو ۽ شهر تي قبضو ڪري جن ماڻهن کي پنهنجي خلاف ڏٺائين بنا جهل قتل ڪرائي وڌائين  ۽ مشهور ڪيائين ته هاڻي آءٌ بصري تي حملو ڪندس. ان خبر جي مشهور ٿيندي ئي بصري ۾ هلچل مچي ويئي ۽ اهو ڊپ ٿيو ته جيڪڏهن بصري تائين پهچي ويو ته خلافت جي مرڪز دارالسلام بغداد کي تمام ويجهو ٿي ويندو.

احمد بن محمد بن يحيٰ واثقي جيڪو ان زماني ۾ بصري جو والي هو سڄي صورتحال خليفي معتضد جي درٻار ۾ لکي موڪلي ۽ ماڻهن جي پريشاني ظاهر ڪئي. ۽ صاف صاف لکي موڪليو ته بصرو خطري ۾ آهي، معتضد باالله حڪم ڏنو ته ماڻهن جي اطمينان جي لاءِ بصري جي چؤڦيڙ شهر پناهه ٺاهي وڃي جڏهن ته هڪدم رڪاوٽ لڳائي ويئي جنهن ۾ چوڏهن هزار دينار خرچ ٿيو.

هاڻي ابو سعيد قطيف تي قابض ٿيڻ کان پوءِ هجر جي آس پاس ڦرلٽ شروع ڪئي. ۽ قرامطين جا ڪجهه ٽولا بصري جي ڀرپاسي اچي پهتا، تڏهن بصري جي والي احمد واثقي گهٻرائي دارالخلافت بغداد کان مدد طلبي ڪئي، معتضد ڪجهه ٻيڙيون دجلي رستي روانيون ڪيون، جنهن تي ٽي سؤ سپاهي هئا، ان سان گڏ ئي معتضد مناسب سمجهي عباس بن عمرو بن غنويٰ کي جيڪو ان دور جي بهادرن مان هو فارس جي حڪومت کان الڳ ڪري يمامه ۽ بحرين ڏانهن روانو ڪيو. ۽ ٻه هزار فوج ان کي ڏيئي حڪم ڏنو ته توهان وڃي قرامطين جي پاڙ پٽيو. عباس بن عمرو اهو حڪم ملندي ئي فارس مان نڪري بصري ۾ داخل ٿيو ۽ ان سان گڏ ڪيتري ئي رضاڪار فوج ۽ سرڪاري لشڪر جا ڪيترائي ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ انهن سڀني ماڻهن کي گڏ وٺي هو ابو سعيد جنابي جي مقابلي لاءِ هليو. شام جو وقت هو جو ٻئي لشڪر سامهون ٿيا، ٻئي اڳواڻ پنهنجي سپاهين کي وٺي وڌيا ته جنگ شروع ڪن، لڙائي شروع ٿيڻ واري هئي جو رات پئجي ويئي ۽ اونداهي وچ ۾ پئي ٻنهي ڌڙن کي جهلي ڇڏيو. رات ٿيڻ سان ئي ڪجهه ماڻهو عباس جو ساٿ ڇڏي واپس ويا، جنهن مان ٽي جوان بني صباجا ۽ بصري جا رضاڪار هئا، پر عباس انهي جي ڪا پرواهه نه ڪئي ۽ صبح ٿيندي ئي دشمن تي حملو ڪيو. ڏاڍي سخت لڙائي لڳي هڪ پاسي خلافت جي حمايت ۽ بهادر جي هام هئي ۽ ٻي پاسي تازو مذهبي جوش هو. اوچتو عباس جي فوج ميسره جا هڪ سؤ ماڻهو وٺي احمد بن عيسيٰ جي غلام نجاح ابو سيد جي ميمنه فوج تي حملو ڪيو. اهي ماڻهو اهڙي شدت سان ابو سعيد جنابي جي فوج ۾ گهڙي پيا جو هڪڙي پل ۾ سڀني کي وڍي ڇڏيو، انهيءَ وقت خود جنابي عباس ۽ ان جي ساٿين تي اهڙو حملو ڪيو جو عباس کي پنهنجي لشڪر سميت هٽڻو پيو ۽ انيهءَ وٺ پڪڙ ۾ ڪجهه اهڙو اتفاق ٿيو جو خود عباس جنابي جي هٿ گرفتار ٿيو پوءِ ڇا ٿيو خلافت جي فوج بي اختيار ڀڳي.

ابو سعيد سڀني قيدين کي گرفتار ڪري رکيو ۽ صبح جو اٿندي ئي سڀني کي قتل ڪري باهه ۾ ساڙائي رک ڪيو. هڪ صرف عباس هو جنهن کي جنابي زندهه قيد رکيو. هاڻي ابو سعيد جنابي ان لڙائيءَ ۾ فتح حاصل ڪندي ئي هجر شهر تي چڙهائي ڪئي اتي ڪنهن مهاڏي اٽڪائڻ جو جهلو نه هو هڪدم شهر جا ڦاٽڪ کلي ويا، ابو سعيد هجر داخل ٿي ماڻهن کي پناهه ڏني ۽ عباس جي هٿ ۾ هڪ لفافي ۾ خط ڏنو ۽ چيائين وڃي پنهنجي بغداد جي خليفي کي هي خط ڏي ۽ جيڪي ڪجهه تو هتي ڏٺو آهي ان جو احوال تفصيل سان بيان ڪجانءِ. عباس جڏهن بغداد پهچي المعتضد جي درٻار ۾ ويو، معتضد زماني جي رواج مطابق عباس کي خلعت سان سرفراز ڪيو پر پنهنجو رنج ظاهر ڪيو. عباس جڏهن خط ڏيڻ جو ارادو ڪيو ته معتضد چيو خدا جو قسم ان خط ۾ ڪجهه لکيل نه هوندو جنابي جو مقصد هن ساري ويڙهيل ڪاعذ مان هي آهي ته تو مون وٽ تمام گهڻي فوج موڪلي هئي جنهن ۾ فقط هڪ شخص زندهه واپس اچيئي ٿو. اهو چئي هن خط وٺي کوليو ۽ ڏٺو ته واقعي سادو ڪاغذ هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org