سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 10

باب ڇھون

فصل پھريون

ھن وقت تائين بادشاھ جي تواضع ، انصاف ۽ سخاوت جون ڳالھيون جيڪي غيرمعمولي ھيون، ٻئي بيان ڪيون اٿم. انھن سڀني چڱين عادتن کان سواءِ ھو خونخوار بھ انتھا درجي جو ھوندو ھو. ڪڏھن ڪو اتفاق ھوندو ھو، جو سندس دروازي تي ڪنھن کي قتل نھ ڪيو ويندو ھو. گھڻو ڪري دروازي تي ماڻھن جا لاش پيا ھوندا ھئا. ھڪ ڏينھن جي ڳالھھ آھي تھ مان محل ڏانھن ويس تھ اتي ڪنھن سفيد شيءِ کي ڏسي منھنجي گھوڙي وٺي ٽاه کاڌو. مون سان گڏ ھڪ ماڻھو ھو، جنھن ٻڌايو تھ اھو ھڪ شخص جو ڌڙ آھي، جنھن مان ٽي ٽڪرا ڪيا ويا آھن.

        ھي بادشاھھ ننڍي خواه وڏي ڏوھھ جي  ھڪجھڙي سزا ڏيندو ھو، جنھن ۾ علم وارن، شريفن يا صالحين سان بھ ڪنھن قسم جي رعايت نھ ڪئي ويندي ھئي. ديوان خاني ۾ ھر روز سوين مانھو ھٿڪڙين ۽ زنجير پيل حاضر ڪيا ويندا ھئا، جن مان ڪن کي قتل ڪيو ويندو ھو، ڪن کي عذاب ڏنا ويندا ھئا تھ ڪن کي وري مارون ڏنيون وينديون ھيون. ھن جو دستور ھوندو ھو تھ جمعي جي ڏينھن کان سواءِ ٻين ڏينھن تي سڀني قيدين کي ديوان خاني ۾ گھرائيندو ھو. جمعي جي ڏينھن ھو (قيدي) ٻاھر ڪو نھ نڪرندا ھئا، ڇو تھ ان ڏينھن ھو ھجامت وغيره ڪرائي آرام ڪندا ھئا. خدا انھيءَ مصيبت کان پناھھ ڏئي.

پنھنجي ڀاءُ کي قتل ڪرائڻ جو بيان

ھن جو ڀاءُ ھوندو ھو جنھن جو نالو ھو مسعود خان ھن جي ماءُ سلطان علاءُ الدين (خلجي) جي ڌيءَ ھئي. ھيءُ شھزادو اھڙو تھ سھڻو ھوندو ھو، جو سندس مٽ مون اڄ تائين ڪو نھ ڏٺو آھي. ھن ويچاري تي الزام لڳايو ويو ھو تھ ھو بغاوت ٿو ڪري. جڏھن ھن کان انھيءَ بابت پڇيو ويو تڏھن عذابن جي خوف کان کڻي مڃيائين. ڇاڪاڻ تھ کيس خبر ھئي تھ اھڙي ڏوھھ جي ملزمن جي انڪار تي کين ڪيترائي عذاب ڏنا ويندا ھئا، تنھن کان ھڪ دفعو مرڻ بلڪل آسان ھو. بادشاھھ حڪم ڏنو تھ مارڪيٽ جي وچ تي سندس سر جدا ڪيو وڃي. اھڙيءَ طرح سان قتل ٿيڻ کان پوءِ حسب دستور ٽي ڏينھن سندس لاش اتي ئي پيو ھو. ھن واقعي کان ٻھ سال اڳ ھن مسعود خان جي ماءُ انھيءَ ساڳئي جاءِ تي سنگسار ڪئي ويئي ھئي. ھن زنا جو اعتراف ڪيو ھو، تنھن ڪري قاضي ڪمال الدين ھن کي سنگسار ڪرايو ھو.

بادشاھھ جو ھڪ ئي وقت ساڍا ٽي سئو ماڻھو مارائڻ

ھڪ دفعي بادشاھھ، جابلو ڪافرن سان لڙائي ڪرڻ لاءِ، ملڪ يوسف بغرا جي سپھھ سالاريءَ ۾ ھڪ وڏو لشڪر موڪليو، يوسف جڏھن انھيءَ وڏي لشڪر سان ٻاھر نڪتو تڏھن واٽ تي انھن مان ڪيترا اختلاف ڪري لشڪر مان ڀڄي ويا ۽ اچي شھر ۾پنھنجن گھرن ۾ ويھي رھيا. ھيءُ سڄو واقعو يوسف بادشاھھ کي لکي موڪليو، جنھن حڪم ڪيو تھ سڄي شھر جي حصن ۾ سپاھي ڦري وڃن ۽ ڀڄندڙن مان جيڪو بھ ملي سگھي، تنھن کي گرفتار ڪيو وڃي. اھڙيءَ طرح سان ٽي سو پنجاھھ اھڙا ماڻھو پڪڙيا ويا جن کي ھڪ ئي ھنڌ مارايو ويو.

شيخ شھاب الدين کي عذاب ڏيئي قتل ڪرائڻ

ھيءُ شيخ شھاب الدين بن شيخ احمد جام خراساني، شھر جي وڏن مشائخن ، صالحن ۽ فاضلعن مان ھڪ ھوندو ھو ۽ چوڏھن ڏينھن جو روزو رکندڙ ھو. ھن جي زيارت لاءِ اڳين بادشاھن مان، سلطان قطب الدين ۽ تغلق شاھھ پڻ ويندا ھئا، سندس دعا جا خواھشمند رھندا ھئا ۽ کيس تمام گھڻي عزت ڏيندا ھئا.

جڏھن سلطان محمد شاھھ بادشاھھ ٿيو تڏھن ارادو ڪيائين تھ  شيخ شھاب الدين کي بھ پنھنجي نوڪريءَ ۾ رکان. ڇو تھ ھو عادت موجب سڀني مشائخن ۽ عالمن کي نوڪريءَ ۾ رکندو ويندو ھو ۽ اھا حجب اٿاريندو ھو تھ صدر الاول رضھ الله عنھ (خلفاءِ راشدين) اھل علم ۽ اھل صلاح کان سواءِ ٻئي ڪنھن کي بھ ڪا نوڪري ڪو نھ ڏيندا ھئا. شيخ شھاب الدين ھن جي آڇ تي انڪار ڪيو. جڏھن بادشاھھ ڀريءَ عام درٻار ۾ عرض ڪيس تڏھن بھ صاف جواب ڏيئي ڇڏيائينس. بادشاھھ کي تنھن تي ڏاڍا خار لڳا ۽ شيخ ضياءُ الدين سمناميءَ کي حڪم ڏنائين تھ شيخ شھاب الدين جي ڏاڙھي پٽ  ضياءُ الدين تنھن تي انڪار ڪندي چيو تھ اھڙو ڪم مون کان نھ ٿيندو. تنھن تي بادشاھھ حڪم ڏنو تھ ھن ٻنھي جي ڏاڙھي پٽي وڃي. جڏھن ٻنھي جي ڏاڙھي پٽي ويئي، تڏھن ضياءُ الدين کي تلنڪ (تلنگانھ) ڏانھن ڪڍي ڇڏيائين. جتان ڪجھھ وقت کان پوءِ کيس (وزو کل) وارنگل جو قاضي مقرر ڪري موڪليائين،جتي ئي ھو آخري دم تائين رھيو ۽  شھاب الدين کي وري دولت آباد موڪلي ڇڏيائين، جتي ھو ست سال کن رھيو، پوءِ ھن کي واپس گھرايو ويو ۽ گھڻي عزت ۽ آبروءَ سان ھن کي عاملن کان بقايائن وصول ڪرڻ جي ڪم تي مقرر ڪيائين. پوءِ وري ھن کي اتان بھ گھرائي تمام گھڻي عزت ڏيئي کيس عاملن کان بقايائن وصول ڪرڻ وارن جي شعبي تي ، ديوان مقرر ڪري، وري بھ کيس عزت ۽ مال ڏنائين ۽ اميرن کي حڪم ڪيائين تھ ھن جي سلاميءَ لاءِ ھن وٽ ويندا ڪن، ۽ جيئن ھو چوي تيئن ڪن. ايتري قدر، جو بادشاھھ جي گھر ۾ ھن کان وڌيڪ عھديدار ٻيو ڪو نھ ھو.

جڏھن بادشاھھ پنھنجي لاءِ گنگا نديءَ جي ڪناري تي ھڪ محل ٺھرايو جنھن جونالو رکيائين سرنڪ دوار(سرگ دوار) معنيٰ بھشت جو ٽڪرو(شبتھ الجنت) ۽ ٻين ماڻھن کي بھ حڪم ڏنائين تھ پنھنجا پنھنجا گھر اتي ٺاھيو، تڏھن شيخ شھاب الدين کي بھ اھڙو حڪم ڏنائين، پر ھن پنھنجيءَ جاءِ تي رھڻ جي اجازت گھري، جنھن تي بادشاھ کيس اجازت ڏني ۽ دھليءَ کان ڇھن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ غيرآباد زمين جي ايراضي بھ ھن کي ڏيئي  ڇڏي. شيخ شھاب الدين انھيءَ  زمين ۾ ھڪ وڏو غار کوٽايو، جنھن ۾گھر، گودام، تنور، حمام ۽ ٻيون ضروري جايون ٺھرايائين، ۽ جمنا نديءَ مان ھڪ واھھ ڪڍائي پنھنجي زمين آباد ڪرايائين.

انھن ڏينھين ملڪ ۾ ڏڪار ھو، تنھن ڪري ھن کي اناج جي واپار مان تمام گھڻو فائدو ٿيو. اڍائي سالن تائين، جيسين بادشاھھ دھلي کان ٻاھر رھيو، تيسين شھاب الدين اطمينان سان پنھنجي غار ۾ ويٺو رھيو. سندس نوڪر ڏينھن جو زمين تي ڪم ڪار ڪري، پنھنجن ڍورن ڍڳن سميت رات جو غار ۾ وڃي دروازو بند ڪري ڇڏيندا ھئا، ڇو  تھ آسپاس جي جبلن ۾ چور ۽ ڊاڪو رھندا ھئا ، جن مان ھر وقت کين خطرو ھوندو ھو.

بادشاھھ جڏھن دارالخلافھ ڏانھن واپس اچي رھيو ھو، تڏھن شيخ شھاب الدين ستن ميلن جي مفاصلي تي وڃي سندس استقبال ڪيو . بادشاھھ سندس تمام گھڻي عزت ڪئي. ساڻس ڏاڍا ڀاڪر پائي مليو، ان کان پوءِ شيخ پنھنجي غار ڏانھن ھليو آيو، ٿورن ڏينھن کان پوءِ، بادشاھھ شيخ کي گھرايو، جنھن تي شيخ وڃڻ کان انڪار ڪيو، بادشاھھ وري مخلص الملڪ الندر باريءِ کي جيڪو وڏن اميرن مان ھو، ھن وٽ موڪليو. جنھن اچي شيخ سان تمام نھٺائيءَ ۽ نرمي سان گفتگو ڪئي ۽ کيس سمجھائيندي بادشاھھ جي غصي کان بھ ڊيڄار ايائينس. شيخ جواب ڏنس تھ مان ھن ظالم بادشاھھ جي نوڪري وغيره اصل نھ ڪندس.

        مخلص الملڪ واپس بادشاھھ وٽ آيو ۽ جيڪو شيخ چيو ھو، سو اچي ٻڌايائينس، جنھن تي بادشاھھ حڪم ڪيو تھ شيخ کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي. شيخ کي جڏھن پڪڙي آندو ويو، تڏھن بادشاھھ پڇيس تھ ڇا تون مون کي ظالم ٿو چوين؟ شيخ ترڪي بترڪي جواب ڏنس تھ ھائو تون وڏو ظالم آھين ۽ تو فلاڻا فلاڻا ظلم ڪيا آھن. شيخ دھليءَ جو شھر ڦٽائن ۽ اتي جي رھواسين کي دولت آباد وٺي وڃڻ جو بھ بيان ڪري ٻڌايس. بادشاھھ يڪدم پنھنجي تلوار ڪڍي صدر الجھان قاضيءَ جي ھٿ ۾ ڏني تھ  مون کي ظالم ثابت ڪري ھن تلوار سان منھنجي سسي لاھي ڇڏ. تڏھن شھاب الدين چيس تھ جيڪو شخص توتي ظالم ھجڻ جي گواھي ڏيندو سو خود قتل ڪيو ويندو، تنھن ڪري تون ڪيئن ظالم ثابت ٿيندين، پر تون پاڻ ڄاڻين ٿو تھ تون ظالم آھين. ھي ٻڌي بادشاھھ کيس دويدارية (دوادار) جي سردار ملڪ نڪبھ جي حوالي ڪيو، جيڪوھن کي سندس ھٿ ٻڌي، پيرن  ۾ چار زنجيرون وجھي، وٺي ويو.

چوڏھن ڏينھن تائين شيخ نھ ڪجھھ کاڌو نھ پيتو، بلڪ ائين ئي رھيو، ھر روز کيس ديوان خاني ۾ وٺي ايندا ھئا، جتي نقيھھ ۽ مشائخ گڏ ٿي کيس چوندا ھئا تھ پنھنجا لفظ واپس وٺي. پر ھو ھر وقت چوندو رھيو تھ مان پنھنجا لفظ واپس ڪڏھن ڪو نھ وٺندس ۽ مان شھيدن ۾ شامل ٿيڻ ٿو گھران. آخر چوڏھين ڏينھن بادشاھھ ھن کي مخلص الملڪ جي ھٿان کاڌو ڏياري موڪليو. پر شيخ کائڻ کان جواب ڏيندي چيس تھ اھو کاڌو بادشاھھ ڏانھن واپس کڻي وڃ، جو منھنجو رزق ھينئر ھن زمين تان کڄي ويو آھي.

بادشاھھ ھن خبر پھچڻ سان حڪم ڪيو تھ شيخ کي پنج استار پائخاني جا – جيڪو اڍائي رطل مغربي جيترو ٿيندو – کارايو وڃي. ھن حڪم تي جي ڪافر مقرر ٿيل ھوندا ھئا سي يڪدم اٿيا. ڇا ڪيائون، جو شيخ کي زمين تي سنئون سمھاري، سندس وات لوھھ جي ڪلين سان کولي، پائخانو پاڻيءَ ۾ ملائي، پياري ڇڏيائونس! ٻئي ڏينھن شيخ کي صدر جھان قاضيءَ وٽ وٺي ويا، جتي فقيھن ۽ مشائخن گھڻو ئي سمجھايس ۽ ھيٺيون مٿيون ڏنائونس تھ پنھنجا لفظ واپس وٺ پر ھن صفا انڪار ڪري ڇڏيو. آخر ۾ سندس سر ڪپو ويو، خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

مدرسي جي فقيھ عغيف الدين ڪاشانيءَ کي ۽ ٻن فقيھن  کي ھن سان گڏ قتل ڪرائڻ

ڏڪار جي زماني ۾ بادشاھھ حڪم ڪيو ھو تھ دارالملڪ (دارالخلافھ) کان ٻاھر کوھھ کوٽائي ان تي آبادي ڪرائي وڇي ۽ ماڻھن کان ان لاءِ ٻج ۽ پوک لاءِ ضرورت آھر مدد ورتي وڃي. ھي سڀ زبردستيءَ سان ، سرڪاري گودامن کي ڀرڻ لاءِ ڪيو ٿي ويو.  فقيھھ عفيف الدين کي جڏھن اھا خبر پيئي تڏھن ھو چوڻ لڳو تھ اھڙيءَ پوک مان عوام کي ڪو بھ فائدو ڪو نھ ٿيندو، وغيره.

ڪنھن بادشاھھ کي بھ ھيءَ خبر وڃي ڪئي، جنھن تي بادشاھھ ھن کي سلطنت جي ڪمن ۾ دست اندازي ڪرڻ جي ڏوھھ ۾ کڻي جيل ۾ رکيو، ۽ ڪجھھ ڏينھن کان پوءِ ڇڏي ڏنائينس. آزاديءَ ملڻ کان پوءِ جڏھن ھو گھر وڃي رھيو ھو، تڏھن واٽ تي ٻھ دوست، جي بھ فقيھھ ھئا مليس. انھن چيس تھ خدا جا لک شڪرانا جو تون آزاد ٿئين! تنھن تي فقيھھ (عفيف الدين) وراڻي ڏني تھ ھائو خدا جو شڪر آھي، جنھن مون کي ظالمن جي قوم کان بچايو. اڃا ھو ٽيئي ٽڙي پکڙي پنھنجي گھرن ۾ مس پھتا، تھ اھا خبر بادشاھھ تائين پھچي ويئي، جنھن ٽنھي کي حاضر ڪرڻ جو حڪم ڪيو.

        جڏھن ٽيئي ڄڻا حاضر ڪيا ويا تڏھن بادشاھھ جي حڪم موجب عفيف الدين جو سر ڌڙ سوڌو وڍي کيس ٻھ ٽڪر ڪيو ويو ۽ ٻن فقيھن لاءِ بادشاھھ حڪم ڪيو تھ ھنن جا سر وڍي ڦٽي ڪيا وڃن. ھنن ٻنھي التجا ڪئي تھ عفيف الدين کي سندس بدڪلاميءَ سبب اھا سزا ڏني وئي، پر اسان تھ نھ ڪجھھ چيو نھ آکيو، اسان کي آخري ڪھڙي گناھھ جي سزا ڏني ٿي وڃي! تنھن تي بادشاھھ چيو تھ توھان ھن جي ڳالھھ ٻڌي ان جي مخالفت نھ ڪئي ۽ کڻي ماٺ ڪيو، ڄڻ تھ توھان بھ ھن سان شامل راءِ ھئا. آخر ٽنھي کي اھڙي طرح قتل ڪيو ويو، خدا شل ھنن سڀني تي رحم ڪري.

بادشاھھ جو ٻن سنڌي فقيھن کي، جيڪي سندس نوڪري ۾ ھئا، قتل ڪرائڻ

ھنن ٻن سنڌي فقيھن کي بادشاھھ حڪم ڏنو تھ توھان فلاني امير سان، جنھن کي فلاني ملڪ جو والي مقرر ڪيو اٿم، گڏجي اتي وڃو. ۽ ائين بھ چيائين تھ مون ان ملڪ جي رعيت توھان جي سپرد ڪئي آھي، تنھن ڪري ھيءُ امير بھ جيئن توھان چوندا تيئن ڪندو رھندو. تنھن تي ھنن ٻنھي عرض ڪيو تھ اسان ھن امير تي شاھدن وانگر رھنداسين ۽ جيڪي ڪجھھ سچ ھوندو ، ھن کي چوندا رھنداسين. بادشاھھ ھي ٻڌي چيو تھ توھان جي نيت ٺيڪ نھ آھي ۽توھان جو خيال آھي تھ توھان منھنجو مال کائيندا رھو ۽ ھن بيوقوف ترڪي امير تي ان جو الزام لڳائيندا رھو! ھي ٻڌي ٻنھي سنڌي فقيھن ھٿ ٻڌي عرض ڪيو تھ اي اخوند عالم! خدا جو قسم ، اسان جي اھا نيت نھ آھي. بادشاھھ فرمايو تھ انھيءَ کان سواءِ توھان جي ٻي ڪا بھ نيت ڪا نھ آھي ۽ حڪم ڏنائين تھ ھنن ٻنھي کي شيخ زادھ نھاونديءَ وٽ وٺي وڃو.

ھيءُ شيخ زادو ماڻھن کي عذاب ڏيڻ تي مقرر ٿيل ھوندو ھو. جڏھن ھنن فقيھن کي ان وٽ آندو ويو تڏھن ھن کين سمجھائيندي چيو تھ بادشاھھ توھان ٻنھي کي قتل ڪرڻ ٿو چاھي، تنھن ڪري خيريت انھيءَ ۾ اٿو تھ کڻي پنھنجو ڏوھھ قبول ڪريو ۽  پاڻ کي عذابن کان بچايو. ھنن جواب ڏنو تھ اسان جي جيڪا نيت ھئي تنھن جو عرض بادشاھھ کي ڪري ڇڏيو اٿئون.ھي ٻڌي شيخ زاده نھاونديءَ پنھنجي نوڪرن کي حڪم ڪيو تھ ھنن کي عذاب جو مزو چکايو وڃي. جنھن تي ھنن ٻنھي فقيھن کي زمين تي سنئون سمھاري، سندن سينن تي تتل لوھھ جون سرون کڻي رکيون. ٿوري وقت کان پوءِ جڏھن گوشت انھن سرن سان گڏ ھليو آيو، پوءِ سندن انھن زخمن تي پيشاب سان مليل خاڪ رکي ويئي.

ھن عذاب کان پوءِ ھنن ڏوھھ قبول ڪندي چيو تھ اسان جي برابر اھائي نيت ھئي جيڪا بادشاھھ سمجھي ھئي ۽ اسان برابر قتل جا حقدار آھيون، ڇو تھ سچا پچا ڏوھاري آھيون ۽ اسان پنھنجي قتل لاءِ ٻنھي جھانن ۾ دعويٰ نھ ڪنداسين. ھيءَ سڄي خبر خط ذريعي بادشاھھ کي پھچائي ويئي. بادشاھھ سڄو ئي ڪيس وري قاضيءَ کي فتوا لاءِ موڪلي ڏنو، جنھن ان تي مھر ھڻي پنھنجي ھٿ سان نوٽ لکيو تھ ھي ٻيئي فقيھھ بنا ڪنھن عذاب ۽ سختيءَ جي پنھنجو ڏوھھ قبول ٿا ڪن.  – جيڪڏھن ھو کڻي ائين بھ لکائين ھا تھ اسان پنھنجو ڏوھھ عذابن جي تڪليفن کان پوءِ قبول ڪيو آھي تھ وري بھ کين نموني نموني جا عذاب ڏنا وڃن ھا، تنھن ڪري ھنن انھيءَ ڳالھھ کي سمجھي، ھڪ دفعي سر لھڻ انھن عذابن کان وڌيڪ آسان ٿي ڄاتو. آخر سندن سر لاٿا ويا. خدا ھنن ٻنھي تي شل رحمت ڪري.

شيخ ھود کي قتل ڪرائڻ

ھن جو اصل نالو شيخ زادھ ھود ھو ۽ الشيخ الصالح الولي رڪن الدين بن بھاءَ الدين بن ابي ذڪريا ملتانيءَ جو پوٽو ھو. بادشاھھ سندس ڏاڏي رڪن الدين ۽ ان جي ڀاءُ عمادالدين جي تمام گھڻي عزت ڪندو ھو. عماد الدين شڪل ۾ ھوبھو بادشاھھ جي شڪل جھڙو ھوندو ھو، تنھن ڪري ھن کي ڪشلو خان واريءَ لڙائي جي ڏينھن دشمنن خود بادشاھھ سمجھي ماري ڇڏيو ھو. ان جي بدلي ۾ بادشاھھ شيخ رڪن الدين کي ھڪ سئو ڳوٺ جاگير ۾ ڏنا ھئا تھ انھن جي آمدنيءَ مان خانقاھ جي لنگر جو خرچ ھلائيندو رھي.

        شيخ رڪن الدين جي وفات کان پوءِ شيخ ھود پنھنجي ڏاڏي جي وصيت موجب انھيءَ خانقاه جو سجاده نشين ٿيو، پر شيخ رڪن الدين جو ھڪ ڀائٽيو ھو جنھن پنھنجي چاچي جي ورثي لاءِ حقدار ھجڻ جي دعويٰ ڪئي . ٻيئي نبيري لاءِ بادشاھھ وٽ دولت آباد آيا. دولت آباد ملتان کان اسي منزلون پري آھي. بادشاھھ شيخ رڪن الدين جي وصيت موجب شيخ ھود کي سجاده نشين مقرر ڪيو. شيخ ھود عمر ۾ وڏو ۽ شيخ رڪن الدين جو ڀائيٽيو اڃا نوجوان ھو. بادشاھھ حڪم ڏنو تھ شيخ ھود جي گھڻي عزت ۽ آبرو ڪئي وڃي ۽ جنھن بھ منزل تي لھي تھ  اتي بادشاھھ جي طرفان سندس دعوت جو انتظام ڪيو وڃي. تنھن کان سواءِ شھر جي سڀني عملدارن کي حڪم ٿيو تھ ھن جي استقبال ڪرڻ لاءِ وڃن. تنھن ڪري ھو جڏھن دارالخلافھ ۾ پھتو تڏھن شھر جا سڀ فقيھھ ، قاضي ۽ مشائخ سندس استقبال لاءِ ٻاھر آيا، جن ۾ مان پڻ شامل ھوس.

شيخ ھڪ پالڪيءَ ۾ ويٺو ھو، جنھن کي ماڻھو کڻي ھلي رھيا ھئا ۽ سندس گھوڙا ڊڙڪي ھلي رھيا ھئا. اسان ھن کي ظاھري سلام ڪيو پر اسان کي سندس پالڪيءَ ۾ سواري ڪرڻ بلڪل ڪا نھ وڻي. مون ڪنھن شخص سان ڳالھھ پئي ڪئي تھ ھن کي گھوڙي تي سوار ٿي، قاضي ۽ مشائخ وغيره جيڪي سندس استقبال لاءِ آيا آھن، تن سان گڏ ھلڻ گھرجي. ھن کي بھ ڪنھن اھا ڳالھھ وڃي ٻڌائي؛ تنھن تي ھو گھوڙي تي سوار ٿي ھلڻ لڳو، ۽ پالڪيءَ جي سواري ڪرڻ جو سبب پئي ڏنائين تھ ڪنھن سور(درد) جي ڪري گھوڙي تي چڙھي نٿي سگھيو.

جڏھن  ھو دارالخلافھ ۾ پھتو، تڏھن بادشاھھ جي خرچ سان ھڪ دعوت جو انتظام يڪو ويو جنھن م قاضي، فقيھھ ۽ غير ملڪي ماڻھن کي بھ شامل ڪيو ويو. کاڌي کان پوءِ ھر ھڪ کي سندس درجي آھر انعام ۽ اڪرام ڏنا ويا. جيئن تھ قاضي القضات کي پنج سو دينار  مليا ۽ مون کي اڍائي سو دينار، وغيره. ھي ھن ملڪ جو رواج آھي تھ ھر ھڪ شاھي دعوت جي موقعي تي ھن قسم جا انعام ۽ اڪرام ڏنا ويندا آھن. ھن کان پوءِ شيخ ھود پنھنجي شھر ڏانھن روانو ٿيو. بادشاھھ ھن سان گڏ شيخ نورالدين شيرازيءَ کي بھ موڪليو تھ ھو اتي وڃي کيس پنھنجي ڏاڏي جو سجاده نشين بنائي. اتي پڻ بادشاھھ جي خرچ سان ھڪ وڏي دعوت ڪئي ويئي ھئي.

شيخ ھود ڪيترن ئي سالن تائين سجاده نشين رھيو. ھڪ دفعي سنڌ جي حاڪم عماد الملڪ بادشاھھ کي لکي موڪليو تھ شيخ ھود ۽ سندس عزيز دولت ۽ مال گڏ ڪندا ٿا وڃن ۽ اجاين ڪمن تي خرچ ڪندا ٿا رھن. باقي خالنقاه ۾ ڪنھن کي بھ ماني نٿا کارائين. جنھن تي بادشاھھ حڪم ڏنو تھ سندس مال ضبط ڪيو وڃي. عماد الملڪ ھنن سڀني کي گھرايو ۽ ڪن کي تھ جيل ۾ وجھي ڇڏيائين ۽ ڪن کي مار موچڙو ڪري، ھنن کان ويھھ ھزار دينار روزانا وصول ڪندو رھيو. ايتري قدر، جو ھنن وٽ آخر ڪجھھ نھ رھيو. ھنن جي گھرن مان تمام گھڻي دولت ۽ قيمتي سامان نڪتو، جن مان ھڪ جتيءَ جو جوڙو  اھڙو تھ عمدو ھو، جو ان تي ياقوت ۽ جواھرن جو ڪم ٿيل ھو ۽ انھن جي قيمت ست ھزار دينار چئي ٿي ويئي، ڪنھن ٿي چيو تھ اھو جتيءَ جو جوڙو شيخ ھود جي ڌيءَ جو ھو ۽ ڪنھن ٿي چيو تھ اھو سندس دلپسند ٻانھيءَ جو ھو.

جڏھن شيخ تي تمام گھڻي سختي ڪئي ويئي، تڏھن ھن ترڪستان ڀڄي وڃڻ جو ارادو ڪيو، پر ھي پڪڙجي پيو. عبدالملڪ بادشاھھ کي سمورو احوال لکي موڪليو، جنھن تي بادشاھھ حڪم ڪيو تھ شيخ ھود ۽ جنھن شخص کيس پڪڙيو آھي، ٻنھي کي مون ڏانھن موڪلي ڏي. ھو ٻيئي جڏھن دارالخلافھ ۾ پھتا، تڏھن جنھن شخص شيخ ھود کي پڪڙيو ھو، تنھن کي آزاد ڪيو ويو، باقي شيخ ھود کان بادشاھھ پڇيو تھ تون ڪيڏانھن ٿي ڀڄي وئين؟ تنھن تي شيخ لڳو عذر ۽ بھانا ڪرڻ ۽ نٽائڻ بادشاھھ آخر چيس تھ تو ارادو ڪيو ھو تھ ترڪستان ڀڄي وڃي اتي چئين تھ مان شيخ بھاءَ الدين ذڪريا جو پٽ آھيان ۽ اتي جي بادشاھھ مون سان ھيءُ سلوڪ ڪيو آھي ۽ پوءِ تون انھن کي پنھنجي مدد لاءِ وٺي اچي اسان کي قتل ڪرائين ھا. بادشاھھ ائين چئي، سندس سر لاھڻ جو حڪم ڏنو ۽ اھڙي طرح سان ھو قتل ڪيو ويو. خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

ابن تاج العارفين ۽ ان جي اولاد کي قيد ڪرائڻ ۽ مارائن

شيخ شمس الدين ابن تاج العارفين، ڪول جي شھر ۾ رھندو ھو، ۽ ھڪ وڏو تارڪ الدنيا عابد شخص ھوندو ھو. جڏھن بادشاھھ ڪول جي شھر ۾ ويو ھو، تڏھن شيخ شمس الدين کي پاڻ وٽ گھرايو ھئائين. پر ھو بادشاھھ جي سڏ تي نھ ويو. تنھن ڪري بادشاھھ پاڻ ھلي ھن جي ملاقات لاءِ ويو. بادشاھھ جڏھن ھن جي گھر جي ويجھو پھتو، تڏھن ھو ڪيڏانھن کسڪي نڪري ويو ۽  بادشاھھ سان ملاقات نھ ڪيائين.

ان واقعي کان پوءِ ڇا ٿيو، جو ھڪ امير بادشاھھ جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ ڪيترن ئي ماڻھن وڃي سندس بيعت ڪئي. بادشاھھ کي ڪن ھن وڃي خبر ڪئي تھ ھڪ دفعي جڏھن شيخ شمس الدين جي مجلس ۾، انھيءَ امير جي ڳالھھ نڪتي ھئي، تڏھن شيخ صاحب سندس گھڻي تعريف ڪندي چيو ھو تھ واقعي ھو بادشاھھ ٿيڻ جي لائق آھي. اھو ٻڌي بادشاھھ يڪدم ھڪ امير کي حڪم ڏنو تھ وڃي شيخ شمس الدين کي گرفتار ڪري اسان وٽ وٺي اچ. جنھن تي ھو وڃي شيخ، سندس پٽن، ڪول جي قاضيءَ ۽ محتسب کي ٻڌي وٺي آيو، ڇو تھ اھي سڀيئي انھيءَ مجلس ۾ شريڪ ھئا، جنھن ۾ شيخ صاھب انھيءَ باغي امير جي تعريف ڪئي ھئي. بادشاھھ حڪم ڏنو تھ انھن کي قيد ۾ رکيو وڃي.پوءِ  محتسب ۽ ڪول جي قاضيءَ کي انڌو ڪيو ويو ۽ شيخ شمس الدين قيد ۾ ئي وفات ڪئي، ان بعد قاضيءَ ۾ محتسب کي قيد خاني وارا ھر روز ماڻھن کان خيرات پنڻ لاءِ ٻاھر وٺي ويندا ھئا ۽ اھڙيءَ طرح وري کين وڃي قيد ۾ وجھندا ھئا.

        بادشاھھ کي اھا بھ خبر پھتي ھئي تھ شيخ صاحب جي پٽن جو ھندن سان تمام گھڻو رستو ھوندو ھو ۽ ڪيترائي باغي ھندو ھنن وٽ ايندا ويندا رھندا ھئا. جڏھن شيخ صاحب وفات ڪري ويو، تڏھن سندس پٽن کي قيد خاني مان ڪڍي بادشاھھ جي سامھون وٺي آيا. بادشاھھ کين چيو تھ جيڪي ڪجھھ بھ توھان ڪيو سو ڪيو، پر ھن کان پوءِ وري ڪڏھن بھ نھ ڪجو. تنھن تي جواب ڏنائون تھ اسان اڳ ۾ بھ ڪجھھ نھ ڪيو آھي، بادشاھھ ھنن جي جواب تي ڏاڍو ڪاوڙيو ۽ حڪم ڏنائين تھ ھنن سڀني کي ھڪدم قتل ڪيو وڃي. ان بعد بادشاھھ قاضيءَ مذڪور کي گھرائي چيو تھ ھنن قتل ٿيل جوانن جي پوئلڳن ۽ دوستن جا نالا ٻڌاءِ، جنھن تي ھن ڪيترن ئي ماڻھن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا. جڏھن باشاھھ انھن ڏنل نالن جي فھرست ڏٺي تڏھن (غصي ۾ ڀرجي) چيائين تھ  ھيءُ شخص سڄي شھر کي برباد ڪرڻ ٿو گھري، تنھن ڪري ھن جو سر ڪپيو وڃي، پوءِ ان جو بھ سر لاٿو ويو، خدا ھن تي رحمت ڪري.

شيخ علي حيدريءَ کي قتل ڪرائڻ

شيخ علي حيدريءَ نالي ھڪ بزرگ شخص کنڀات جي شھر، جيڪو ھندستان جو ھڪ بندرگاھھ آھي، رھندو ھو. ھو ھڪ وڏو مشھور ۽ معروف درويش ڪري مڃيو ويندو ھو. ايتري قدر جو سمنڊ ۾ ڏکين وقتن تي، سوداگر ھن جي نالي جون باسون باسيندا ھئا ۽ جڏھن (صحيح سلامت) ھن بزرگ جي سلام لاءِ ايندا ھئا  تڏھن ھيءُ ڪشف جي زور تي کين سندن سڀ احوال ٻڌائي ڇڏيندو ھو. ڪنھن وقت جيڪڏھن ڪو سوداگر وڏي باس باسيندو ھو ۽ نيت ڦيرائي ڇڏيندو ھو تھ شيخ وٽ اچڻ وقت، شيخ کيس چوندو ھو تھ تو ھيتري باس باسي ھئي، تنھن ڪري ھاڻي پنھنجي ڳالھھ پوري ڪر. ڪيترا ئي دفعا جو اھڙا اتفاق ٿيا، سو شيخ پاڻ اڳي کان بھ وڌيڪ مشھور ٿيڻ لڳو.

جڏھن قاضي جلال الدين افغانيءَ ۽ ان جي قبيلي ھن ملڪ ۾ بغاوت ڪئي، تڏھن بادشاھھ کي معلوم ٿيو تھ شيخ حيدريءَ قاضي جلال الدين لاءِ دعا گھري آھي ۽ پنھنجي مٿي جي ٽوپي پڻ ھن کي ڏني اٿس، نھ رڳو ايترو پر ھن جي ھٿ تي بيعت بھ ڪري ڇڏي اٿس. جڏھن بادشاھھ پاڻ پنھنجي سر ان بغاوت کي بند ڪرڻ لاءِ آيو ۽ قاضي جلال الدين کي شڪست نصيب ٿي، تڏھن شرف الملڪ امير بخت کي کنڀات ۾ ڇڏي، پاڻ واپس موٽي ويو ۽ ھن کي حڪم ڏيئي ويو تھ باغين کي ڳولي ھٿ ڪري ، کين مناسب سزائون ڏيئي ڇڏي. ھن سان گڏ بادشاھھ ڪي فقيھھ بھ ڇڏي ويو، جن لاءِ کيس حڪم ڏنو ھئائين تھ ھنن جي صلاح موجب ھلندو رھي. شرف الملڪ ، شيخ علي حيدريءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ جڏھن اھو ثابت ٿيو تھ ھن قاضي جلال الدين کي پنھنجي ٽوپي ڏني ھئي ۽ ھن جي لاءِ دعا بھ گھري ھنائين، تڏھين فقيھن(يڪراءِ) ھن جي قتل جو حڪم ڏنو. پر جڏھن جلاد ھن تي تلوار ھلائي، تڏھن تلوار پنھنجو ڪم ڪري نھ سگھي. ان تي ماڻھن کي ڏاڍو عجب لڳو  ۽ سمجھيائون تھ ھاڻي ھن کي معاف ڪيو ويندو، پر شرف الملڪ وري ھڪ ٻئي جلاد کي حڪم ڪيو، جنھن ھن جو سر لاھي ڇڏيو. خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

طوغان ۽ ان جي ڀاءَ کي قتل ڪرائڻ

طوغان فرغاني ۽ ان جو ڀاءُ ، فرغانھ جي وڏن ماڻھن مان ليکيا ويندا ھئا. ھو جڏھن بادشاھھ وٽ لنگھي آيا ھئا، تڏھن ھنن جي تمام شاندار مرحبا ڪئي ويئي ھئي ۽ گھڻو ئي ڪجھھ کين عطا ڪيو ويو ھو. پوءِ ھو ڪيترو وقت بادشاھھ وٽ رھيا ۽ جڏھن کين ڪافي عرصو گذري ويو، تڏھن ھنن پنھنجي ملڪ ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. ھنن ڀڄڻ جو سڄو انتظام ڪري ڇڏيو ھو. پر سندن ڪنھن دوست وڃي بادشاھھ کي سڄي حقيقت ٻڌائي، جنھن تي بادشاھھ حڪم ڏنو تھ (ھنن کي پڪڙي) کين وچان وڍي، اڌو اڌ ڪيو وڃي. پوءِ ھنن جو سمورو مال انھيءَ ماڻھوءَ جي حوالي ڪيو ويو، جنھن سندن خلاف بادشاھھ کي خبر ڏني ھئي. ھن ملڪ ۾ اھو رواج آھي تھ جيڪڏھن ڪو ماڻھو ڪنھن ٻئي ماڻھوءَ جي خبر پھچائي ۽ اھا سچ ھجي تھ ان ماڻھوءَ کي قتل ڪري سندس سمورو مال خبر ڏيندڙ کي ڏنو ويندو آھي.

ملڪ التجار جي پٽ کي قتل ڪرائڻ

ملڪ التجار جو ھڪ پٽ، جيڪو اڃا ننڍڙو جوان ھو ۽ مڇن جي ساوڪ بھ ڪا نھ لٿي ھئس، سو عين الملڪ جي بعاوت وقت، (جنھن جو سڄو احوال اڳتي ايندو، ) ساڻس شامل ھو. جڏھن عين الملڪ کي شڪست آئي، تڏھن کيس ۽ ھن جي سڀني ھمراھن کي پڪڙي وٺي آيا، جن ۾ ملڪ التجار جو پٽ ۽ سندس ڀيڻيوئي قطب الملڪ جو پٽ بھ ھئا. بادشاھھ ھنن ٻنھي لاءِ حڪم ڏنو تھ سندن ھٿ ڪاٺ جي ٿنڀي سان ٻڌي کين مٿي ٽنگيو وڃي ۽ ان بعد اميرن جي پٽن کي حڪم ڏنو ويو تھ انھن تي تيرن جا ”نشان“ چٽين. اھڙيءَ طرح ٻنھي کي قتل ڪيو ويو.

        جڏھن ھو ٻيئي مري ويا، تڏھن خواجھ امير علي تبريزيءَ نالي ھڪ حاجب، قاضيءَ ڪمال الدين کي چيو تھ ھن ننڍڙي جوان تي قتل واجبي نھ ھو. بادشاھھ کي جڏھن اھا خبر پيئي، تڏھن کيس گھرائي چيائين تھ ھنن جي مرڻ کان اڳ ۾ تو اھا ڳالھھ ڇو نٿي ڪئي، ۽ حڪم ڏنائين تھ ھن کي بھ سو درا ھنيا وڃن. ان کان پوءِ کيس قيد ۾ رکيو ويو ۽ سندس سمورو مال جلادن جي سردار کي ڏنو ويو. ٻئي ڏينھن مون ان (جلاد) کي ڏٺو تھ ھو امير علي تبريزيءَ جا ڪپڙا ۽ پڳ پھريو، ھن جي گھوڙي تي چڙھيو پئي ويو، ۽ پري کان مون ڀانئيو تھ امير علي تبريزي آھي.

ان بعد امير علي تبريزي ڪيترائي مھينا جيل ۾ رھيو ۽ ڪجھھ عرصي گذرڻ بعد ھن کي آزاد ڪري وري کيس ساڳيو عھدو موٽائي ڏنو ويو. ان کان پوءِ وري ٻئي دفعي بادشاھھ ھن تي ڪاوڙجي، ھن کي خراسان جي طرف ڪڍي ڇڏيو. تنھن ڪري ھو وڃي ھرات ۾ رھيو. اتان ھن بادشاھھ ڏانھن ھڪ درخواست لکي موڪلي، جنھن ۾ رحم ۽ نظر عنايت جي تمام گھڻي عاجزيءَ سان گھر ڪيائين. بادشاھھ سندس انھيءَ ئي درخواست جي پٺيان لکي موڪليس تھ ”اگر بار آسدي بار (آ)“ يعني جيڪڏھن توبھھ ٿو ڪرين تھ ڀلي موٽي اچ، جنھن تي ھو موٽي آيو.

خطيب الخطباءِ کي موت جي مار ڏيارڻ

ھڪ دفعي سفر ۾ دھليءَ جي خطيب الخطباءِ کي بادشاھھ حڪم ڏنو تھ ”جواھرات واري خزاني جي تون سنڀال ڪر.“ اتفاق سان ھڪ رات ڪي ھندو ڊاڪو آيا ۽ اچي خزاني کي ڌاڙو ھڻي، ان مان ڪجھھ مال کڻي ويندا رھيا. (ٻئي صبح جو) بادشاھھ (غصي مان) حڪم ڏنو تھ خطيب کي ڏاڍي مار ڏني وڃي، جنھن تي ھن کي ايترو ماريو ويو، جو آخر ھو مري ويو. خدا ھن تي رحمت ڪري.

دھليءَ جي شھر کي برباد ڪرڻ ۽ انڌي ۽ منڊي کي مارائڻ جو عجيب واقعو

بادشاھھ سڀ کان وڏي ڳالھھ اھا ڪئي ھئي، جنھن لاءِ اڪثر کيس ذميدار ٺھرايو ويندو آھي، تھ ھن دھليءَ جي سڀني رھواسين کي شھر نيڪالي ڏيئي شھر کي برباد ڪري ڇڏيو ھو. انھيءَ جو خاص سبب ھيءُ ھو، جو ڪو ماڻھو بادشاھھ جي لاءِ خط لکي، سيل مھر ڪري ، مٿان لکندا تھ ”بادشاھھ جي شر جو قسم، ھيءُ خط خود بادشاھھ کان سواءِ ٻيو ڪو بھ شخص نھ کولي.“ پوءِ ھو اھي خط رات جو وڃي، ديوان خاني ۾ رکي ايندا ھئا، بادشاھھ وري جڏھن اھي خط کولي پڙھندو ھو تڏھن انھن ۾ سواءِ گارين جي ٻيو ڪجھھ بھ لکيل ڪين ھوندو ھو.

تنھن تي بادشاھھ غصي ۾ ڀرجي دھلي جي سڄي شھر کي برباد ڪرڻ جو ارادو ڪيو. تنھن ڪري ڇا ڪيائين جو اتي جي رھواسين کي سندن رھڻ جي جاين جي اصل قيمت ادا ڪري، شھر جون سڀ جايون خريد ڪري، ماڻھن کي حڪم ڏنائين تھ وڃي دولت آباد ۾ رھن. ماڻھن وڃڻ کان انڪار ڪيو تھ ھڪدم ڍنڍورو گمھارايائين تھ پورن ٽن ڏينھن کان پوءِ شھر ۾ ڪو بھ ماڻھو ڏسڻ ۾ اچڻ نھ گھرجي! جنھن تي ڪيترا ئي ماڻھو ھليا ويا، پر اڃا بھ ڪي ماڻھو اتي لڪي ويھي رھيا. بادشاھھ پنھنجن غلامن کي حڪم ڏنو تھ وڃي ڏسو تھ شھر ۾ ڪو ماڻھو اڃا بھ رھيو تھ ڪو نھ پيوآھي. ھو ويا ٻن ماڻھن کي ، جيڪي ھڪ گھٽيءَ ۾ لڪا ويٺا ھئا، پڪڙي بادشاھھ وٽ وٺي آيا. انھن مان ھڪ انڌو ھو، ٻيو منڊو.

        بادشاھھ انھيءَ منڊي کي تھ منجنيق ۾ ويھاري کيس ھوا ڪري ڇڏيو، باقي انڌي لاءِ حڪم ڏنائين تھ ھن کي دھليءَ کان دولت آباد تائين(جيڪو چاليھن ڏينھن جو پنڌ آھي، ) گھلي  پھچايو ويو، تڏھن ھن جو صرف ھڪ عدد پير سلامت پھتو، باقي ٻيو سڄو جسم واٽ تي ئي گسي ويس. شھر ۾ باقي ترسيل ماڻھن، جواھو واقعو ٻڌو، سو ڊپ ۾ پنھنجا مال ۽ متاع اتي ئي ڇڏي وٺي ڀڳا، اھڙيءَ طرح سڄو شھر بلڪل ويران ٿي ويو. ھڪ معتبر شخص مون سان ڳالھھ ڪئي تھ ھڪ رات بادشاھھ پنھنجي محل جي ڇت تي چڙھي، شھر جي طرف ڏٺو تھ اتي ھن کي نھ ڪو دونھون نظر آيو ۽ نھ ئي وري ڪٿي ڪو ڏيو ٻرندو ڏسڻ ۾ آيس اھو حال ڏسي ، بادشاھھ چوڻ لڳو تھ ھاڻي منھنجي دل تي ڇنڊو پيو آھي. ان بعد بادشاھھ ٻين شھرن جي ماڻھن کي حڪم ڏنو تھ اچي دھلي ۾ رھن. اھڙي طرح سان وري ٻيا شھر بھ برباد ٿي ويا، ۽ دھلي اڳئين وانگر آباد  ٿي نھ سگھي. جنھن وقت اسان دھلي جي شھر ۾ داخل ٿيا ھئاسين ان وقت تائين ھيءُ شھر بلڪل غيرآباد لڳو پيو ھو  ۽  رڳو ڪٿي ڪٿي ڪنھن گھر ۾ ڪي ماڻھو پئي رھيا ، باقي پوءِ جا واقعا ۽ حادثا جيڪي انھيءَ وقت ۾ ٿيا ھئا، (جن جو تعلق بادشاھھ سان آھي،) تن جو بيان اڳتي ھلي ڪنداسين.

غيات الدين بھادر (ڀوري ) جو قتل

جڏھن ھيءُ بادشاھھ ( محمد شاھھ تغلق ) پنھنجي پيءُ جي موت کان پوءِ تخت تي ويٺو ۽ ماڻھن سندس بيعت ڪئي، تڏھن غيات الدين بھادر* (ڀوري) کي سندس اڳيان حاضر ڪيو ويو، سلطان تغلق ھن کي ان وقت تائين قيد ۾ رکيو ھو، بادشاھھ ھن تي احسان ڪري، قيد مان ڪڍي، کيس ھاٿي، گھوڙا ۽ ٻيو سامان ڏيئي، پنھنجي ملڪ ڏانھن وڃڻ جي اجازت ڏني، ھن سان گڏ بادشاھھ پنھنجي ڀائيٽي ابراھيم خان کي بھ موڪليو ۽ کانئس انجام ورتائين تھ ٻيئي گڏجي حڪومت ڪندا، ٻنھي جا نالا سڪن تي لکارايا ويندا ۽ ٻنھي جي نالي جو  خطبو پڙھايو ويندو. ازانسواءِ بادشاھھ، غياث الدين کان اھو بھ وعدو ورتو تھ ھو پنھنجو پٽ محمد ، جيڪو برباط جي نالي سان مشھور ھوندو ھو، بادشاھھ ڏانھن ضمانت طور موڪلي ڏيندو.

غياث الدين پنھنجي ملڪ ۾ پھچي، ٻيا سڀ شرط پورا ڪيا، باقي پنھنجي پٽ کي بادشاھھ ڏانھن ڪين موڪليائين ۽ بھانو ڪيائين تھ ھو منھنجو چيو نٿو مڃي ۽ ڳالھائڻ ۾ بھ گستاخيءَ سان ٿو پيش اچي . بادشاھھ يڪدم ابراھيم خان ڏانھن دلجلي تتريءَ جي سرداريءَ ھيٺ ھڪ لشڪر ڏياري موڪليو، جنھن وڃي غياث الدين جو مقابلو ڪيو ۽ ان کي قتل ڪري، سندس (لاش جي) کل لھرائي، ان ۾ بَھھ ڀرائي، ساري ملڪ گھمارايو.


* ھيءُ اھو ئي غياث الدين آھي، جنھن جي باري ۾ ابن بطوطھ اڳ ۾ سلطان تغلق شاھھ واري دور حڪومت ۾ لکي آيو آھي تھ ڪيئن ھو پنھنجو ھڪ ڀاءُ کي ماري ، پاڻ تخت تي ويٺو ھو، ۽ سندس ٻيا ڀائر ڪيئن سلطان تغليق شاھھ وٽ  مدد لاءِ ڀڄي آيا ھئا، ۽ ان بعد ڪيئن سلطان تغلق شاھھ مدد لاءِ ڀڄي آيا ھئا ۽ ان بعد ڪيئن سلطان تغلق شاھھ وٽ مدد لاءِ ڀڄي  آيا ھئا ۽ ان بعد ڪيئن سلطان تغلق شاھھ لکنوتيءَ تي ڪاھي ويو ھو ۽ ھن کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي اچي . دھلي جو قيدخاني ۾ رکيو ھئائين. مترجم

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org