سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ابن بطوطه جو سفر

 

صفحو ؛ 11

 

فصل ٻيو

بادشاھھ جي ڦڦاٽ جي بغاوت

سلطان تغلق کي ڀاڻيجو بھاءَ الدين گشت اسپ نالي ھوندو ھو، جنھن کي ھن ڪنھن علائقي جو حاڪم مقرر ڪري موڪليو ھو. جڏھن ھن جو مامون وفات ڪري ويو تڏھن ھن بادشاھھ (محمد شاھھ تغلق) جي بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ھو ھڪ وڏو بھادر انسان ھوندو ھو، (تنھن ڪري) بادشاھھ ھڪ لشڪر جنھن ۾ ملڪ مجير ۽ خواجھ جھان امير عليءَ جھڙا وڏا وڏا امير شامل ھئا، ھن تي چاڙھي موڪليو. زبردست لڙائيءَ ۾ بھاءُ الدين شڪست کائي، راءِ ڪنبيلھ جي ملڪ ڏانھن ڀڄي ويو. راءِ جو لفظ ھت ائين آھي جيئن روم ۾ بادشاھھ لاءِ استعمال ڪندا آھن ۽ ڪنبيلھ ان ملڪ جو نالو ھو جنھن تي ھن بادشاھي ٿي ڪئي، ھن راجا جو ملڪ تمام ڏکين جبلن ۾ ھو ۽ اھو راجا سڀني ھندو راجائن ۾ وڏي ۾ وڏو ڪري ليکيو ويندو ھو.

جڏھن بھاءُ الدين انھيءَ راجا وٽ ڀڄي ويو، تڏھن شاھي لشڪر بھ ھن جي پٺيان وڃي شھر کي گھيرو ڪيو. جڏھن راجا جو اناج اچي کٽو تڏھن اچي خوف ٿيس تھ ڄاڻ تھ ھاڻي قيد ٿيو. ان وقت راجا بھاءُ الدين کي گھرائي چيو تھ ”اسان جو حال توکي معلوم آھي، جو تون خود ڏسي رھيو آھين. مون پنھنجي ۽ پنھنجي سڄي خاندان جي موت جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي، تنھن ڪري ھاڻي تون فلاڻي راجا وٽ ھليو وڃ“.ان بعد ھن کي انھيءَ راجا وٽ (سلامتيءَ سان) پھچائي ڇڏيائين. آخر راءِ ڪنبيلھ ھڪ وڏي باھھ ٻارائي ، پنھنجو سڀ مال ۽ متاع ان ۾ وجھائي، ساڙائي ڇڏيو ۽ پوءِ پنھنجين زالن ۽ ڌيئرن کي سڏائي چيائين تھ ”مون مرڻ جو پڪو ارادو ڪيو آھي، توھان مان جنھن کي بھ مون وانگر ڪرڻو ھجي سو (بيشڪ) ڪري.“  ان بعد ھر ھڪ عورت وھنجي ، مقاصري صندل بدن تي ملي ، سندس اڳيان اچي زمين چمي، پنھنجو پاڻ باھھ ۾ آڻيو ٿي اڇلايو ۽ موت ٿي حاصل ڪيو. پوءِ ھن جي اميرن، وزيرن ۽ عوام بھ جن چاھيو تن پاڻ کي باھھ ۾ اڇلائي ماريو. ان بعد راجا غسل ڪري، بدن تي صندل لائي، زرھھ کان سواءِ ٻيا سڀ ھٿيار ٻڌي پنھنجي ماڻھن کي وٺي، اچي شاھي لشڪر جي سامھون ٿيو ۽ وڙھندي وڙھندي سڀني سان گڏ مارجي ويو.

پوءِ بادشاھھ جي لشڪر شھر ۾ داخل ٿي، اتي جي سڀني رھواسين کي گرفتار ڪيو . انھن ۾ راجا جا يارنھن پٽ بھ پڪڙيا، جن کي بادشاھھ وٽ وٺي آيا. بادشاھھ سندن خاندان ۽ پيءُ جي بھادريءَ جو لحاظ ڪيو، ۽ ھنن اسلام بھ قبول ڪيو، تنھن ڪري انھن سڀني ڳالھين کي خيال ۾ رکي ، کين وڏا عھدا عطا ڪيا ويا. مون بھ انھن مان ٽن ڄڻن کي ڏٺو ھو، جن مان ھڪ جو نالو ناصر ھو، ٻئي جو بختيار ۽ ٽئين کي مھردار پئي سڏيائون. ھن (مھردار) عھديدار وٽ بادشاھھ جي مھر(منڊي) رھندي ھئي، جيڪا بادشاھھ جي انھيءَ پاڻيءَ تي لڳائي ويندي ھئي، جيڪو پاڻ بادشاھھ استعمال ڪندو ھو. ھن جي ڪنيت ابو مسلم ھئي ۽ منھنجي ھن سان خاصي دوستي بھ ٿي ويئي ھئي.

جڏھن ڪنبيلھ جو راجا مارجي ويو، تڏھن شاھي لشڪر وري انھيءَ راجا جي علائقي ڏانھن روانو ٿيو، جتي بھاءُ الدين ڀڄي وڃي پناھھ ورتي ھئي ۽ وڃي اتي جو گھيرو ڪيائون. اھو حال ڏسي، اتي جي راجا بھاءُ الدين کي چيو تھ ”مان راءِ ڪنبيلھ وانگر ڪري ڪين سگھندس.“ تنھن ڪري ھن ڇا ڪيو، جو بھاءُ الدين کي ٻڌي، اچي شاھي لشڪر جي حوالي ڪيائين. لشڪر وارن ھڪدم ھن کي زنجير ۽ ھٿڪڙيون وجھي بادشاھھ ڏانھن ڏياري موڪليو. جڏھن ھو بادشاھھ جي سامھون پيش ٿيو تڏھن بادشاھھ حڪم ڏنو تھ ھن کي (حرم ۾) سندس عزيز عورتن ڏانھن موڪليو وڃي. اتي انھن عورتن کيس گھڻو ئي گھٽ وڌ ڳالھايو ۽ ڪن تھ کيس ٿڪون بھ ھنيون . ان بعد بادشاھھ حڪم ڪيو تھ ھن جي جيئري کل لاٿي وڃي. ان کان پوءِ ھن جي گوشت ۾ پلاءُ رڌائي، ان مان ڪجھھ ھن جي اھل ۽ اولاد کي موڪليو ويو ۽ باقي بچيل پلاءُ ٿالھيءَ ۾ وجھي، ھڪ ھاٿڻ کي کائڻ لاءِ ڏنو ويو، جو ھن نھ کاڌو. ازانسواءِ سندس لٿل کل ۾ بُھھ ڀرائي، بھادر ڀوري جي کل سان گڏ ساري ملڪ ۾ ان کي گھمايو ويو.

جڏھن ھي ٻيئي کلون سنڌ جي ملڪ ۾ پھتيون، تڏھن ان وقت سلطان تغلق جو دوست”ڪشلو خان“ سنڌ جو حاڪم ھو. بادشاھھ انھيءَ ڪري سندس تمام گھڻي عزت ڪندو ھو ۽ کيس چاچا ڪري سڏيندو ھو ۽ جڏھن ھو دارالخلافھ ڏانھن ايندو ھو تڏھن خود ھن جي استقبال لاءِ ويندو ھو. ڪشلو خان انھن کلن کي (ھڪدم) دفن ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏھن اھا خبر بادشاھھ کي پھتي تڏھن ھن کي ان تي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ ڪشلو خان کي قتل ڪرائڻ جو ارادو ڪيائين.

ڪشلو خان جي بغاوت ۽ سندس قتل

جڏھن کلن کي دفن ڪرائڻ جي واقعي جي خبر بادشاھھ کي ملي تڏھن بادشاھھ کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ ھڪدم ڪشلو خان کي گھرائڻ لاءِ ماڻھو موڪليائين، جنھن تي ڪشلو خان وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ، ڇو تھ کيس خبر ھئي تھ بادشاھھ جو ارادو  کيس سزا ڏيڻ جو آھي. ان بعد بادشاھھ جي خلاف کلي عام بغات جو جھنڊو بلند ڪري، گھڻا رپيا خرچ ڪري، وڏو لشڪر گڏ ڪيائين. نھ رڳو ايترو پر ترڪن، افغانن ۽ خراسان جي رھواسين کان پڻ مدد ورتائين. جڏھن کيس انھن جي مدد پھتي تڏھن سندس لشڪر بادشاھھ جي لشڪر جيترو بلڪ اڃا بھ وڌيڪ ٿي ويو.

بادشاھھ خود ھن لڙائيءَ لاءِ ويو ۽ ابوھر جي صحرا ۾ ملتان کان ٻھ منزلون اوري، ٻنھي جو مقابلو ٿيو، ان ڏينھن بادشاھھ ھڪ چالاڪي ڪئي، ڇا ڪيائين جو شاھي ڇٽ جي ھيٺان، پنھنجي بدران شيخ عماد الدين کي، جيڪو شيخ رڪن الدين ملتانيءَ جو ڀاءُ ھو ۽ بادشاھھ جي شڪل جھڙو ھو، کڻي بيھاريائين، ۽ جڏھن لڙائي زور شور سان ھلي رھي ھئي، تڏھن پاڻ پنھنجا چار ھزار ماڻھو وٺي، ھڪ پاسي ھليو ويو. ھوڏانھن ڪشلو خان جي لشڪر شاھي ڇٽ تائين پھچي، عماد الدين کي قتل ڪري ڇڏيو، پوءِ سڄي لشڪر ۾ مشھور ٿي ويو تھ بادشاھھ مارجي ويو. ھيءُ ٻڌي ڪشلو خان جو لشڪر وڃي لٽ مار ۽ مال گڏ ڪرڻ کي لڳو ۽ ڪشلو خان وٽ تمام ٿورا ماڻھو وڃي رھيا. بادشاھھ ھن موقعي جو فائدو وٺي يڪدم پنھنجن ماڻھن سان اچي ھن تي ڪڙڪيو ۽ کيس قتل ڪري ڇڏيائين. ڪشلو خان جي لشڪر ھيءَ خبر ٻڌي وٺي ڀاڄ کاڌي.

پوءِ بادشاھھ ملتان جي شھر ۾ وڃي، اتي جي قاضي ڪريم الدين کي پڪڙائي، سندس کل لھرائي، ۽ ڪشلو خان جو سر وڍائي شھر جي دروازي تي ٽنگائي ڇڏيو، جو مان جڏھن ملتان ۾ پھتس تڏھن ھن جو سر اتي لٽڪيل ڏٺو ھوم. بادشاھھ پوءِ عماد الدين جي ڀاءُ شيخ رڪن الدين ۽ سندس پٽ شيخ صدرالدين کي ھڪ سئو ڳوٺ انعام طور جاگير ۾ ڏنا تھ پنھنجو گذران ڪندا رھن ۽ پنھنجي ڏاڏي شيخ بھاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي خانقاه جو خرچ ھلائيندا رھن. ان بعد بادشاھھ پنھنجي وزير خواجھ جھان کي حڪم ڏنو تھ ڪمال پور(1)جي شھر ڏانھن وڃي ،جتي جي رھواسين بھ بغاوت مچائي ڏني ھئي.

ھيءُ شھر تمام وڏو آھي ۽ سمنڊ جي ڪناري تي ٻڌل آھي، ھڪ فقيھھ مون سان ڳالھھ ڪئي تھ ان وقت ھو ڪمال پور  جي شھر ۾ ھو. جڏھن وزير خواجھ جھان اتي پھتو ۽ شھر جو قاضي ۽ خطيب وزير جي سامھون پيش ڪيا ويا تڏھن ھن حڪم ڪيو تھ ھنن جي کل لاٿي وڃي . ھنن وزير کي چيو تھ اسان کي ڪنھن ٻئي طريقي سان ڇو نٿو ماريو وڃي. وزير جواب ڏنو تھ ڀلا توھان کي ڇو ٿو قتل ڪيو وڃي. تنھن تي ھنن چيو تھ بادشاھھ جي نافرمانيءَ ڪرڻ ڪري. ھيءُ ٻڌي وزير جواب ڏنو تھ پوءِ مان ڪيئن بادشاھھ جي حڪم جي نافرماني ڪريان، بادشاھھ جو حڪم آھي تھ توھان کي اھڙيءَ طرح سان بي جان ڪيو وڃي. پوءِ وزير کل لاھڻ وارن کي حڪم ڏنو  تھ ھنن جون کلون لاھين ۽ سندن منھن جي ھيٺان بھ کڏون کوٽين جيئن ھو ساھھ کڻي سگھن، ڇو تھ کل لاھڻ وقت ڏوھين کي منھن ڀر ليٽائي پيرن کان کل لاھڻ شروع  ڪندا آھن. ان کانپوءِ سنڌ ۾ بلڪل صلح سانت ٿي ويئي، ۽ بادشاھھ پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽي ويو.

قراجيل(2) جي جبل ۾ بادشاھھ جي لشڪر سان ھڪ واقعو

قراجيل جبل ھڪ وڏو جبل آھي، جنھن جي ڊيگھھ اٽڪل ٽن مھينن جي پنڌ جيتري ٿيندي ۽ دھليءَ کان ڏھن منزلن جي مفاصلي تي آھي. اتي جو ھندو راجا تمام وڏن راجائن مان ھڪ شمار ڪيو ويندو آھي. بادشاھھ ملڪ نڪبھ جي سرداريءَ ۾ ھڪ وڏو لشڪر ان جبل تي لڙائيءَ لاءِ ڏياري موڪليو. ان لشڪر ۾ ھڪ لک گھوڙي سوار ۽ ٻيا ڪيترائي پيادا ماڻھو شامل ھئا. ھنن وڃي جريھ جي شھر تي جيڪو جبل جي ھيٺان آھي. قبضو ڪيو ۽ ملڪ کي ساڙي برباد ڪري ڇڏيائون. ازانسواءِ  ڪيترن ھندن کي بھ گرفتار ڪيائون. ھيءُ ڏسي، ڪافر پنھنجي ملڪيت، مال ۽ خزانا ٻڌي مٿي جبل تي چڙھي ڀڄي ويا.

ھن جبل ۾ صرف ھڪ لڪ ھو، ھيٺ ھڪ ندي وھندي ھئي ۽ مٿي رڳا جبل ئي جبل لڳا پيا ھئا ۽ ھڪ دفعي سان ھڪ ماڻھوءَ کان وڌيڪ مٿي چڙھي نٿي سگھيو. بادشاھھ جي لشڪر اتان چڙھي وڃي شھر درلڪل(دارنگل) تي ، جيڪو جبل جي مٿان آھي، قبضو ڪيو ۽ بادشاھھ کي فتح جي مبارڪ لکي موڪلي. بادشاھھ وري ھڪ قاضيءَ ۽ ھڪ خطيب کي اتي ڏياري موڪليو ۽ انھن کي حڪم ڏنائين تھ انھن سان وڃي شامل ٿيو. ان کان پوءِ جڏھن برسات جي موسم شروع ٿي تڏھن لشڪر ۾ اچي بيماري پيئي، جنھن سپاھين کي ھيڻو ڪري ڇڏيو، گھوڙا مرڻ لڳا ۽ تيرن جون ڪمانون گھم جي ڪري بيڪار ٿي پيون، اتي اميرن بادشاھھ کي درخواست ڪئي تھ جيستائين برسات جي موسم آھي تيستائين اسان کي جبل تان ھيٺ لھي ترسڻ ۽ ان موسم جي ختم ٿيڻ تي وري مٿي چڙھي وڃڻ جي اجازت ملي.

بادشاھھ جي اجازت ملڻ تي ملڪ اڪبر سڄو خزانو جواھرات سميت ھيٺ کڻائڻ لاءِ ماڻھن کي ورھائي ڏنو. ھندن کي جو ھيءَ خبر پئي سو ڇا ڪيائون جو غارن ۽ سوڙھن لنگھن ۾ سندن گھٽ جھلي ويھي رھيا. تنھن کان سواءِ وڏا وڏا وڻ ڪپي جبل جي ھر طرف پکيڙي ڇڏيائون. نتيجو اھو نڪتو، جو جيڪو بھ ماڻھو انھيءَ ڪنھن وڻ جي لپيٽ ۾ ٿي آيو سو وڃي ٿي ھيٺ کڏن ۾ ڪريو، ۽ اھڙيءَ طرح سان ڪيترائي ماڻھو ائين مري ويا ۽ ٻيا وري انھن جي ھٿان گرفتار ٿيا. آخر سڄو خزانو ، ھٿيار ۽ گھوڙا انھن جي ھٿ لڳا ۽ سڄي لشڪر مان فقط ٽي ماڻھو وڃي بچيا، جن مان ھڪ ھو ملڪ نڪبھ، ٻيو ھو بدرالدين ملڪ دولت شاھھ باقي ٽئين جو نالو ھينئر ياد نھ اٿم.

        ھن واقعي جو شاھي لشڪر تي تمام گھڻو اثر پيو ۽ اھو تمام گھڻو ڪمزور ٿي ويو. آخر بادشاھھ انھن جبلن جي اڙانگائي خيال ۾ آڻي، اتي جي ماڻھن کان ڪجھھ ڏنڊ طور وٺي، ساڻن صلح ڪري، اتان ٽريو ۽ ھنن ماڻھن بھ ان کي غنيمت ڄاتو، ڇو تھ سندن زمينون وغيره بھ جبل جي ھيٺان ھيون، جن کي ھو بادشاھھ جي اجازت کان سواءِ آباد ڪري نٿي سگھيا.

شريف جلال الدين جي معبر جي ملڪ ۾ بغاوت ۽ وزير جو پنھنجي ڀاڻيجي کي جيڪو انھيءَ سان شامل ھو، قتل ڪرڻ جو بيان

        ھڪ دفعي بادشاھھ معبر جي ملڪ تي جيڪو دھليءَ کان ڇھن مھينن جو پنڌ تي آھي، شريف جلال الدين احسن شاھھ کي حاڪم ڪري موڪليو. ھو اتي وڃي، بادشاھھ کان باغي ٿي، بادشاھھ جي نائب ۽ ٻين عملدارن کي قتل ڪري خودمختيار حاڪم ٿي ويٺو ۽ ھن پنھنجا سڪا ۽ درھم جاري ڪيا، جن جي ھڪ پاسي ”سلالتھ طه و ياسر ابو الفقراءَ والمساڪين جلال الدين والدين“ ۽ ٻئي طرف ”الوائق بتائيد الرحمان احسن شاھھ السطان“ ڇپارايو. بادشاھھ ھن جي بغاوت جي خبر ٻڌي، ھن جي قتل جو ارادو ڪري، پاڻ ھن تي سون جو محل، اٺن ڏينھن تائين سامان ۽ ٻين ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ ترسي پيو. انھن ڏينھن وزير خواجھ جھان جي ڀاڻيجي ۽ ٻين چئن ڀائن اميرن کي گرفتار ڪري، بادشاھھ جي سامھون آندو ويو. بادشاھھ وزير کي پاڻ کان ڪجھھ اڳ ۾ روانو ڪري ڇڏيو ھو.  جڏھن ھو طھار (ڏار) جي شھر ۾ پھتو، جيڪو دھليءَ کان ڇويھن منزلن جي مفاصلي تي آھي، تڏھن اتي ڪجھھ وقت لاءِ ترسي پيو. اتي سندس ڀاڻيجي، جيڪو تمام ھمت ڀريو ۽ بھادر ھوندو ھو، ڪن اميرن سان سازش ڪئي تھ وزير کي قتل ڪري، سڀ خزانو ۽ مال کڻي ، شريف  جلال الدين ڏانھن معبر جي ملڪ ۾ ڀڄي ھلجي. ان صلاح ۾ ھڪ ماڻھو ملڪ نصرت نالي حاجب پڻ شريڪ ھو، جنھن اچي سڄي حقيقت وزير کي ٻڌائي ۽ ثابتيءَ لاءِ ٻڌايائين تھ ھينئر بھ ڪپڙن جي ھيٺان فولادي زرھون پھريل اٿن، جيڪا سندن ارادي جي پوري پوري ثابتي آھي. وزير يڪدم ھنن کي گھرايو ۽ جيئن ملڪ نصرت ٻڌايو ھئس تيئن سندن ڪپڙن جي اندران فولادي زرھون نڪري پيون، وزير پوءِ ھنن کي گرفتار ڪري بادشاھھ ڏانھن ڏياري موڪليو.

        ان وقت مان بھ بادشاھھ وٽ ويٺو ھئس. جڏھن ھو سڀ اتي پھتا تڏھن انھن مان ھڪ امير کي مون ڏٺو تھ ھن جي ڏاڙھي وڏي رکيل ھئي ۽ ڊپ ۾ڏڪندي سورة ياسين پڙھي رھيو ھو، بادشاھھ وزير جي ڀاڻيجي کي موٽائي وزير ڏانھن موڪليو تھ ھن کي قتل ڪرائي، باقي ٻين اميرن لاءِ حڪم ڪيائين تھ ھنن کي ھاٿين جي اڳيان ڦٽو ڪيو وڃي، انھن ھاٿين ، جن کان ماڻھن جي مارائڻ جوڪم ورتو ويندو آھي، تن جي ڏندن تي ڏندا لڳل پٽ چڙھيل ھوندا آھن. اھي ڏندا وري ھر جي چونيءَ وانگر ٻنھي پاسي تيز ھوندا آھن، ھاٿين جي مٿان وري فيل بان چڙھيل ھوندا آھن ۽ جنھن ماڻھو کي ھاٿيءَ جي ھيڍان ڦٽو ڪيو ويندو آھي، تنھن کي ھاٿي پنھنجيءَ سونڍ ۾ ويڙھي وٺي مٿي اڇلائيندو آھي ۽ پوءِ اتي جو اتي وري ان کي ڏندن تي جھٽي وٺندو آھي، پوءِ کيس زمين تي پنھنجي سامھون رکي، اڳيون پير ان جي سيني تي رکي وٺي زور ڏيندو آھي، اتي فيلبان جيڪڏھن کيس چوندو آھي تھ ھن جا ٻھ اڌ ڪر، تھ ھڪدم پنھنجن تيز ڏندن سان ھن جا ٻھ ٽڪر ڪري ڇڏيندو آھي، پر جي فيلبان چوندو اٿس تھ ان کي اتي ڇڏي ڏي تھ ڇڏي ڏيندو اٿس. جنھن کي ٻھ اڌ نھ ڪرائيندا آھن، ان جي وري جيئري کل لھرائي ويندي آھي.

ھنن اميرن جي بھ کل لھرائي ويئي ۽ مغرب کان پوءِ بادشاھھ جڏھن محل مان نڪتو ٿي تھ ان وقت ھنن جو گوشت ڪتن پئي کاڌو ۽ سندن کلن ۾ مٽي پئي ڀريائون، توبھ، خدا پناھھ ڏئي. ان کان پوءِ بادشاھھ معبر ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ مون کي دارالخلافھ ۾ رھڻ جو حڪم ڏنائين. اڃا بادشاھھ دولت آباد مس پھتو تھ وري امير حلاجون پنھنجي ملڪ ۾ بغاوت ڪئي ۽ وزير خواجھ جھان دارالخلافھ ۾ لشڪر  گڏ ڪرڻ لاءِ ترسي پيو. 

امير حلاجون جي بغاوت

جڏھن بادشاھھ دولت آباد ۾ پھتو ۽ پنھنجي ملڪ کان ڪافي پري نڪري ويو، تڏھن لاھور ۾ امير ھلاجون بغاوت ڪئي ۽ خودمختيار بادشاھت جي دعويٰ ڪيائين، امير قلجند، (ڪلچند) بھ ھن جي مدد ڪئي، تنھن ڪري حلاجون کڻي کيس پنھنجو وزير ڪيو. ھيءَ خبر خواجھ جھان کي پئجي ويئي جيڪو ان وقت دھليءَ ۾ ھو. ھن ماڻھو گڏ ڪرڻ شروع  ڪيا ۽ جيڪي خراساني اتي ھئا تن کان سواءِ ٻيو بھ جيڪو لشڪر دھليءَ ۾ موجود ھو، سو وٺي لاھور روانو ٿيو.  منھنجا ساٿي بھ ھن سان گڏجي ويا ھئا. بادشاھھ وري ھن جي مدد لاءِ ٻھ امير، ھڪ قيران ملڪ صفدار يعني لشڪر جون صفون درست ڪندڙ ۽ ٻيو ملڪ تحور شربدار يعني ساقي روانا ڪيا.

ھوڏانھن حلاجون بھ مقابلي لاءِ سنبري آيو ۽ ٻنھي جو مقابلو ھڪ وڏي درياءَ جي ڪناري تي ٿيو، جنھن ۾ حلاجون شڪست کائي ڀڄي ويو ۽ ھن جو ڪيترو ئي لشڪر درياءَ ۾  غرق ٿي ويو، وزير شھر ۾ اتي جي ڪن رھواسين جون جيئري کلون لھرايون، ۽ ڪن کي ٻيءَ طرح سان قتل ڪرايو ، ۽ باقي رھيل ڪم محمد بن نجيب، نائب وزير جي حوالي ڪيائين، ھن شخص کي اجر ملڪ بھ ڪري سڏيندا ھئا ۽ سندس خطاب ھو صڪ (سگ) السلطان ۽ صڪ(سگ) ھن ملڪ ۾ ڪتي کي چوندا آھن. ھو تمام ظالم ۽ سخت دل انسان ھوندو ھو. بادشاھھ ھن کي بازارين جو شينھن پڻ ڪري سڏيندو ھو، ھو ڇا ڪندو ھو، جو ڇتو ٿي، ڏوھين کي پنھنجن ڏندن سان چڪ پائي، زخمي ڪري ڇڏيندو ھو.

پوءِ وزير باغين جي اٽڪل ٽي سئو کن عورتن کي ڪاليور(گواليار) جي قلعي ڏانھن قيد ڪري موڪليو. انھن زالن ۾ ھڪ فقيھھ جي زال پڻ ھئي، جيڪو ھن زال وٽ ايندو ويندو ھو، ايتري قدر جو ھن کي انھيءَ جيل خاني ۾ ٻار بھ ڄائو ھو.

بادشاھھ جي لشڪر ۾ وبا پوڻ

جڏھن بادشاھھ ملڪ تلنڪ(تلنگانھ) ۾ پھتو، جيڪو معبر جي رستي تي آھي، تڏھن بدر ڪوٽ جي شھر ۾ ترسي پيو. بادشاھھ معبر ڏانھن شريف جلال الدين جي بغاوت بند ڪرڻ لاءِ وڃي رھيو ھو. ھن شھر کان معبر جو ملڪ اڃان بھ ٽن مھينن جي پنڌ جيترو پري آھي. اوچتو اتي بادشاھھ جي لشڪر ۾ اچي وبا جو مرض پکڙيو، جنھن ۾ لشڪر جا ماڻھو، غلام ۽ امير جن مان ملڪ دولت شاھ جنھن کي بادشاھھ چاچا ڪري چوندو ھو، ۽ امير عبدالله ھروي جھڙا وڏا وڏا امير بھ ھئا، مري ويا. ھي امير عبدالله ھروي اھو آھي، جنھن جو بيان مان پھرئين سفر ۾ ڪري آيو آھيان تھ ڪيئن بادشاھھ چيو ھو تھ خزاني مان جيترو مال کڻي سگھين سو کڻي وڃ. ۽ ھو تيرنھن ناڻي جون ٿيلھيون پاڻ سان ٻڌي کڻي ويو ھو. ھيءُ حال ڏسي بادشاھھ دولت آباد ڏانھن موٽي ويو. ھن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ بغاوت ۽ بدانتظامي پکڙجي ويئي، ايتري قدر جو جيڪڏھن بادشاھھ جي قسمت چڱي نھ ھجي ھا تھ ھوند حڪومت سندس ھٿان ھميشھ لاءِ ھلي وڃي ھا.

بادشاھھ جي موت جو افواھھ ۽ ملڪ ھوشنج (ھوشنگ) جو ڀڄي وڃڻ

بادشاھھ جڏھن دولت آباد واپس اچي رھيو ھو تڏھن رستي تي بيمار ٿي پيو ۽ ماڻھن وٺي افواھھ اٿاريو تھ بادشاھھ مري ويو. ھيءَ خبر سڄي ملڪ ۾ پکڙجي ويئي ۽ ھر ھنڌ فتنو، فساد شروع ٿي ويو. ان وقت ملڪ ڪمال الدين کرلڪ(گرگ) جو پٽ ملڪ ھوشنگ دولت آباد ۾ ھو . ھن کان بادشاھھ انجام وٺي ڇڏيو ھو تھ بادشاھھ جي زندگيءَ  ۾ يا موت کان پوءِ، ٻنھي صورتن ۾، ھو ڪنھن جي بيعت نھ ڪندو. ھن، جو بادشاھھ جي موت جي خبر ٻڌي، سو ھڪ بربرڌ نالي ھندو بادشاھھ وٽ جبلن ۾ ڀڄي ويو. ھن ھندو بادشاھھ جو ملڪ، دولت آباد ۽ ڪوڪن تانھ (ڪوڪن ٿاڻي) جي وچ ۾ ھو.

        بادشاھھ ملڪ ھوشنگ جي ڀڄي وڃڻ جي خبر ٻڌي، انھيءَ خيال کان تھ ڪٿي فتنو وڌي نھ وڃي، تڪڙو تڪڙو ھلي اچي دولت آباد پھتو، جتان يڪدم ملڪ ھوشنگ جي پٺيان ويو ۽ وڃي ان ھنڌ راجا جي شھر کي گھيرو ڪيائين ۽ ان کي چوائي موڪليائين تھ ملڪ ھوشنگ کي منھنجي حوالي  ڪيو وڃي. ھن جواب ڏنو تھ ”مان پنھنجي پناھھ ۾ آيل ماڻھوءَ کي ھرگز تنھنجي حوالي نھ ڪندس، چاھي مون کي بھ راءِ ڪنبيلھ وانگر ڪرڻو پوي. ھنن ڳالھين ھلندي، ملڪ ھوشنگ کي جو اچي خوف کنيو سو بادشاھھ سان خط و ڪتابت شروع ڪري ڏنائين ، جنھن ۾ اھو فيصلو ڪيو ويو تھ بادشاھھ دولت آباد ڏانھن ھليو وڃي ۽ پٺيان  پنھنجي استاد قطلو خان کي ڇڏي وڃي، جنھن وٽ ملڪ ھوشنگ وڃي حاضر ٿئي، جنھن تي بادشاھھ روانو ٿي ويو ۽ ملڪ ھوشنگ قطلو خان وٽ اچي پيش پيو.

قطلو خان ھن سان واعدو ڪيو تھ بادشاھھ ھن کي قتل ڪرائيندو، نھ ئي ھن جي مال ۽ مرتبي مان  ڪجھھ گھٽائيندو. ان کان پوءِ ملڪ ھوشنگ پنھنجو مال ، اھل و عيال ۽ ساٿي وغيرھ وٺي بادشاھھ وٽ ھليو آيو. بادشاھھ ھن جي واپس اچڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خلعت ڏيئي کيس راضي ڪري ڇڏيائين. ھيءُ قطلو خان وعدي جو ڏاڍو پڪو ھوندو ھو، تنھن ڪري ماڻھو ھن ۾ گھڻو ويساھھ رکندا ھئا. بادشاھھ بھ ڏاڍي عزت ڪندو ھوس ۽ جڏھن بھ ھو بادشاھھ وٽ ويندو ھو تڏھن بادشاھھ اٿي بيھي سندس آجيان ڪندو  ھو. ھو انھيءَ سبب جي ڪري بھ بادشاھھ وٽ گھڻو ڪو نھ ويندو ھو تھ متان بار بار اٿڻ جي تڪليف وٺي. ھو صدقو ۽ خيرات بھ تمام گھڻي ڪندو ھو ۽ فقيرن ۽ مسڪينن کي گھڻو ئي ڪجھھ ڏيندو ھو.

شريف ابراھيم جي بغاوت

ھيءُ شريف ابراھيم خريطھ دار جي لقب سان مشھور ھوندو ھو، يعني بادشاھھ جي لکڻ جو سامان ھن وٽ رھندو ھو. ازانسواءِ ھو سرستيءَ ھانسيءَ جو والي بھ بادشاھھ جي طرفان مقرر ٿيل ھو. ھن شريف ابراھيم جي پيءُ (شريف جلال الدين) جڏھن معبر ۾ بغاوت ڪئي، ۽ بادشاھھ معبر تي ڪاھي ويو ۽ جتي ان وقت بادشاھھ جي موت جي افواھھ جو ٻڌي شريف ابراھيم کي بھ اچي بادشاھت جو حرص لڳو. ھو ڏاڍو بھادر، سخي ۽ شڪل جو سھڻو ھوندو ھو. منھنجو نڪاح بھ ھن جي ڀيڻ حورنسب سان ٿيو ھو، جا ڏاڍي نيڪ ۽ پرھيزگار ھوندي ھئي. ھوءَ رات جو اٿي تھجد پڙھندي ھئي ۽ گھڻو ڪري خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ مشغول رھندي ھئي. ھن جي پيٽ مان مون کي ھڪ نياڻي بھ ٿي ھئي. پر ھاڻي خبر نھ آھي اتي ھنن ٻنھي جو ڪھڙو حال ٿيو! ھوءَ پڙھي سگھندي ھئي، باقي لکي ڪا نھ ڄاڻندي ھئي.

        جڏھن ابراھيم بغاوت جو ارادو ڪيو تڏھن ھڪ امير، جيڪو سنڌ مان بادشاھھ جو خزانو کنيو، ھن جي علائقي مان ٿي لنگھيو، تنھن کي ھن پاڻ وٽ ترسائي ڇڏيو ۽ چيائينس تھ”ھينئر رستي تي تمام گھڻو خوف ۽ خطرو آھي، تنھن ڪري ڪجھھ وقت ھتي ترس تھ امن امان قائم ٿئي، پوءِ ڀلي وڃجانءِ.“  اصل ۾ ھن جو ارادو ھو تھ ايتري ۾ ڀلي بادشاھھ جي موت جي حقيقت معلوم ٿئي، تھ پوءِ خزانو مان ڦٻائي وڃان. پر جلدي خبر پيس تھ بادشاھھ اڃا زندھ آھي، تنھن ڪري ان امير کي ڇڏي ڏنائين. ان امير جو نالو ضياءُ الملڪ بن شمس الملڪ ھو.ھن واقعي کان اڍائي سال پوءِ بادشاھھ جڏھن دارالخلافھ ۾ موٽي آيو تڏھن شريف ابراھيم سندس سلاميءَ لاءِ حاضر ٿيو. ھن جي ھڪ غلام وڃي بادشاھھ وٽ جوڻي کنئين ۽ سندس ارادي بابت بادشاھھ کي سڄي ڳالھھ ٻڌائي ڇڏيائين. جنھن تي بادشاھھ کيس مارائڻ چاھيو، پر ھن سان ڪجھھ پيار ھوندو ھئس تنھن ڪري پنھنجي ارادي کي في الحال درگذر ڪري ڇڏيائين.

        ھڪ دفعي ڇا ٿيو، جو بادشاھھ وٽ ھڪ ڪٺل ھرڻ آندو ويو، جنھن کي بادشاھھ خود ڪسندي ڏٺو ھو. بادشاھھ چيو تھ ھيءُ پوريءَ طرح سان ذبح نھ ڪيو ويو آھي، جنھن ڪري ھن کي ڦٽو ڪيو وڃي. ابراھيم جڏھن انھيءَ ذبح ٿيل ھرڻ کي ڏٺو تڏھن چيائين تھ ھي صحيح طريقي سان ذبح ڪيو ويو آھي ، ۽ مان ھن کي کائڻ لاءِ تيار آھيان. ھيءَ خبر جڏھن بادشاھھ کي پيئي تڏھن ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس ۽ ھن کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنائين. پوءِ ھن تي الزام لڳايو ويو تھ ھن اھو شاھي خزانو جيڪو ضياءُ الملڪ سنڌ مان آڻي رھيو ھو، ڦٻائڻ ٿي چاھيو. اتي ابراھيم کي پتو پئجي ويو تھ منھنجي پيءُ جي بغاوت جي عيوض بادشاھھ مون کي قتل ڪرائڻ ٿو گھري. تنھن ڪري ڪو بھ حيلو بھانو ڪرڻ بيڪار آھي ۽ ناحق عذاب ۽ سختيون سھڻيون پونديون.

پوءِ ھن موت کي عذابن جي سختين کان آسان سمجھي کڻي پنھنجو ڏوھھ قبول ڪيو. بادشاھھ پوءِ ھن کي ٻھ اڌ ڪري مارڻ جو حڪم ڏنو. ھن ملڪ ۾ اھو رواج آھي تھ جنھن ماڻھوءَ کي بادشاھھ قتل ڪرائيندو آھي، ان جو لاش ٽن ڏينھن تائين انھيءَ جاءِ تي پيو ھوندو آھي ۽ ٽن ڏينھن کان پوءِ ڪافر جيڪي انھي ڪم تي مقرر ٿيل ھوندا آھن، سي انھيءَ لاش کي کڻي وڃي شھر جي ٻاھر خندق ۾ ڦٽو ڪندا آھن. اھي ماڻھو رات جو خندق جي نگھياني ڪندا رھندا آھن، جيئن مقتولن جا وارث انھن جا لاش کڻي نھ وڃن. پوءِ مقتولن جا وارث ڇا ڪندا آھن، جو انھن ماڻھن کي ڪجھھ رقم ڏيئي اھي لاش سڃاڻي کڻي ويندا آھن ۽ وڃي دفن ڪري ڇڏيندا آھن. اھڙيءَ طرح سان شريف ابراھيم جو لاش بھ حاصل ڪيو ويو ۽ ان کي دفن ڪيو ويو. خدا شل ھن تي رحمت ڪري.

تلنگانا ۾ بادشاھھ جي نائب جي بغاوت

جنھن وقت بادشاھھ تلنگانا کان واپس ٿي آيو تھ پٺيان تاج الملڪ نصرت خان ترڪ کي، جيڪو سندس ديرنيو خاص دوست بھ ھو، پنھنجو نائب مقرر ڪندو آيو. اڃا ھو واٽ تي ھو تھ سندس موت جو افواھھ اٿاريو ويو. نصرت خان کي جڏھن ھيءَ خبر پھتي تڏھن ھن رسم موجب بادشاھھ جو پٿر ڪيو ۽ پوءِ بادشاھت جي دعويٰ ڪيائين. ماڻھن اتي جي (تلنگانا جي) دارالخلافھ بدر ڪوٽ(بيدر جي قلعي) ۾ ھن جي بيعت ڪئي. بادشاھھ کي جڏھن ھيءَ خبر پھتي تڏھن ھن پنھنجي استاد قطلو خان کي ھڪ وڏو لشڪر ڏيئي ھن تي چاڙھي موڪليو.

قطلو خان سخت لڙائيءَ کان پوءِ(جنھن ۾ ڪيترائي ماڻھو مارجي ويا) اچي بدر ڪوٽ جو گھيرو ڪيو. ھي تمام مضبوط قلعو ھوندو ھو؛ تنھن ڪري وڃي ان جي پٺيان سرنگ کوٽائڻ شروع ڪيائين. ھيءُ حال ڏسي نصرت خان اچي امان گھريو، جنھن تي قطلو خان کيس امان ڏنو. پوءِ ھن کي بادشاھھ وٽ موڪليو ويو. اھڙي طرح سڀئي شھر واسي ۽ لشڪر جا ماڻھو بچي ويا.


(1) ڪمال پور – انگريز مورخ ھنٽر موجب ھي شايد اھو ڪمال پور شھر آھي، جيڪو ڪاٺياواڙ ۾ پائو ننگر ۽ ڪولڊن جي لمري ريلوي اسٽيشن کان سترھن ميل پري اڀرندي  پاسي ھڪ ڳوٺ آھي. انھيءَ وقت ھي سڄو سنڌ جو ملڪ ڪري ليکيو ويندو ھو.

(2) قراجيل جبل ”ابن بطوطھ“ ھن ھماليھ جبل جو بيان ٿو ڪري ڇو تھ ايترو ڊگھو جبل سواءِ ھماليھ جي ٻيو نٿو ٿي سگھي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6  7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org